سيڪشن؛ دينيات

ڪتاب: حضور پاڪ ﷺجا فيصلا

باب: 9

صفحو :6

 

باب نائون

الديات والقصاص متعلق فيصلا

قرآن مجيد ۾ آهي ته ”مسلمانو! جيڪي ماڻهو قتل ڪيا وڃن، انهن لاءِ توهان کي قصاص جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن آزاد ماڻهوءَ کي قتل ڪيو وڃي ته انهيءَ جي عيوض اهو ئي قتل ڪيو ويندو، جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته انهيءَ غلام کي ئي قتل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن عورت قتل ڪيو آهي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي.“

(سورت البقر آيت 179)

”ڪنهن به شخص کي ناحق قتل نه ڪريو، جنهن کي قتل ڪرڻ الله تعاليٰ حرام قرار ڏنو آهي، جيڪو ظلم سان ماريو وڃي ته اسان انهيءَ جي وارث کي قصاص جي مطالبي جو اختيار ڏنو آهي. بس خونريزيءَ ۾ زيادتي نه ڪري.“

(سورت بني اسرائيل آيت 33)

حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته ”سڀ کان وڏا ٽي گناهه آهن، (1) الله تعاليٰ سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ، (2) ڪنهن شخص کي ناحق قتل ڪرڻ (3) والدين جي نافرماني ڪرڻ ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ.

(بخاري شريف جلد ٻيو)

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته

”هڪ انسان جو قتل ڪرڻ سموري انسانيت جي قتل برابر آهي.“

قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريائين ناحق قتل جو فيصلو ڪيو ويندو.“

(صحيح بخاري جلد ڇهون)

(1)

(84) عرينه قبيلي جا ڪجهه ماڻهو حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ۽ اسلام آندائون. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي صفه جي جڳهه ۾ ترسايو. مديني جي آبهوا انهن کي راس نه آئي، بيماري انهن کي اهڙو هيڻو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو جو سڃاڻپ کان ئي ٻاهر ٿي ويا، ائين سمجهيو ته مرڻ جي ڪنڌيءَ تائين پهچي ويا، جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي اهڙي حالت  ڏٺي ته پوءِ کين ڪجهه اُٺ زڪوات ۾ ڏنائين ۽ کين حڪم فرمايائون ته ”اهي شهر کان ٻاهر وٺي وڃن ۽ اتي رهائش اختيار ڪن. انهن اُٺن جو کير کاڌي طور ۽ پيشاب کي دوا طور استعمال ڪن.“

انهن ماڻهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي فرمان مطابق کير کي کاڌي طور ۽ پيشاب کي دوا طور استعمال ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي صحتياب ٿي ويا، ليڪن هو تندرست هجڻ کانپوءِ مرتد ٿي ويا ۽ ڌنار کي وڏين تڪليفن سان قتل ڪيائون ۽ بيت المال جي اُٺن کي کڻي اتان ڀڄي ويا.

مٿين خبر حضور اڪرم  صلي الله عليھ وسلم جن کي منهن انڌيري ۾ ملي ته پوءِ ڪجهه سوارن کي حڪم ڏٺائون ته انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري اچو. انهن سوارن رات گذرڻ کانپوءِ ڏينهن جو انهن مرتدن کي پڪڙي ورتو ۽ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي لاءِ هيٺيون فيصلو فرمايو.

1.      انهن جا هٿ ۽ پير وڍيا وڃن.

2.     انهن جي اکين ۾ گرم سيخون ڪري وڌيون وڃن.

3.      انهي کانپوءِ انهن کي گرم پٿريلي زمين تي ليٽايو وڃي. تنهن کان بعد کين مٿيون سزائون ڏنيون وڃن.

(صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب المحاربين)

 

(2)

(85) هڪ ڇوڪري مديني شريف ۾ پنهنجي گهر کان نڪتي، هن کي چانديءَ جا زيور پهريل هئا، هڪ يهوديءَ جي نظر انهيءَ جي مٿان پئجي وٺي ۽ زيورن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي به روانو ٿيو، جڏهن هي انهيءَ ڇوڪري وٽ پهتو ته ڇوڪري زيورن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ يهودي جي وارثن انهيءَ ڇوڪريءَ جو مٿو پٿرن سان چٿي ڇڏيو. ڇوڪريءَ جي وارثن کي خبر پئي ته پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي کڻي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا، جيتوڻيڪ اها ڇوڪري زخمي تمام گهڻي هئي، تڏهن به هن ۾ ڪجهه ساهه هو، سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”ڇا توکي فلاڻي ماڻهو ماريو آهي؟“

انهيءَ ڇوڪري مٿي جي اشاري سان انڪار ڪيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن وري ٻئي شخص جو نالو کڻي چيو ته ڇا توکي انهيءَ قتل ڪيو آهي؟“

تڏهن به انهيءَ ڇوڪري اشاري سان انڪار ڪيو، تنهن کانپوءِ ٽيون دفعو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن دريافت فرمايو ته ڇا توکي فلاڻي يهوديءَ ماريو آهي؟“ ته پوءِ انهيءَ ڇوڪري اشاري سان هائو ڪئي.

تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم تي انهيءَ يهوديءَ کي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مٿان مسلسل جرح فرمائي، ايستائين جو انهيءَ پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪيو. انهيءَ جي اقرار ڪرڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”قاتل جي مٿي کي به پٿرن سان چٿيو وڃي، جيستائين انهيءَ جو ساهه نه نڪري وڃي.“

تنهن کانپو انهيءَ يهوديءَ جومٿوپٿرن سان ڪچليو ويو.

(صحيح مسلم، صحيح بخاري)

 

(3)

(86) عبدالله بن سهيل ۽ محيصه رضي الله عنھ جن کي ڪنهن هنگامي حالت ۾ ۽ مجبوريءَ جي بنياد تي خيبر وڃڻو پيو، سنن ابن ماجه جي چوڻ مطابق اهي ٻئي رزق جي ڳولا ۾ خيبر ڏانهن ويا. عبدالله ڪجهه پهريائين گهر کان نڪتو هو، تنهن ڪري هن جي اڳيان هو، جڏهن خيمه رضه اتي پهتو ته ڏسي ته عبدالله بن سهيل رضه کي ڪنهن قتل ڪري هڪ وڏي کڏي ۾ اڇلايو آهي، محيصه رضه جلد ئي يهودين وٽ ويو ۽ چيائين ته ”الله جو قسم! توهان ئي عبدالله جا قاتل آهيو“، ليڪن يهودين مڃڻ کان انڪار ڪيو. محيصه رضه پنهنجي قوم جي طرف واپس وريو ۽ انهن کي ساري صورتحال کان آگاهه ڪيو.

اهڙي طرح محيصه رضه انهيءَ جو وڏو ڀاءُ حويصه ۽ عبدالرحمان بن سهيل حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا. محيصه گفتگو ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم ارشاد فرمايو ته ”تون خاموش رَهُه، مجلس جي ادب جو لحاظ رکُ ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ کي ڳالهه ڪرڻ ڏي“

انهيءَ کانپوءِ حويصه سڄو واقعو حضور صلي الله عليھ وسلم جن کي ٻڌايو، تنهن کانپوءِ محيصه سڄي روئداد بيان ڪئي.

اهو واقعو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”يهودي يا ته خون بها ادا ڪن يا جنگ لاءِ تيار ٿين.“

تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ سلسلي ۾ يهودين ڏانهن هڪ فرمان جاري ڪيو، فرمان ٻڌڻ کانپوءِ يهودين وراڻيو ته

”الله جو قسم! اسان قتل ڪونه ڪيو آهي.“

انهيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حويصه، محيصه ۽ عبدالرحمان ڏانهن مخاطب ٿيا ۽ فرمايائون ته

”ڇا توهان انهيءَ ڳالهه تي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيو ته عبدالله کي يهودين ئي قتل ڪيو آهي ۽ توهان ئي خون جي قصاص (ديت) جا حقدار آهيو.“

انهن ٽنهي جواب ڏنو ته

”اسين ڪهڙو قسم کڻي سگهون ٿا ته اي الله جا نبي صلي الله عليھ وسلم! جڏهن ته قتل  اسان جي اڳيان نه ٿيو.؟“

تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”پوءِ توهان يهودين جي قسم تي اعتبار ڪريو.“

انهيءَ کان پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اهو خيال ڪيو ته مقتول جو خون رائيگان نه وڃي، تنهن ڪري مقتول جي پٽ کي ”خون بها“ بيت المال منجهان ادا فرمائي ۽ انهيءَ ڏانهن هڪ سئو ڏاچيون موڪلي ڇڏيون.

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو-صحيح بخاري، جلد ڇهون)

 

(4)

(87) علقمه جو والد بيان ڪري ٿو ته ”آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر هيس ته هڪ شخص ٻئي شخص کي وارن کان گهليندو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته

”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن شخص منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي.“

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کان دريافت فرمايو ته ”واقعي تون هن جي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي؟“ ۽ انهيءَ سان گڏ مدعيءَ کي مخاطب ٿي فرمايائون ته

”اي شخص! جيڪڏهن تو قتل جو اقرار نه ڪيو ته توکي شاهد پيش ڪرڻ پوندا.“ مگر جوابدار ڏوهه جو اقرار ڪندي چيو ته ”هائو يارسول الله صلي الله عليھ وسلم!“

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پڇا ڪئي ته ”ڇا جي لاءِ تو انهيءَ کي قتل  ڪيو؟“

اهو شخص چوڻ لڳو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ ۽ هن جو ڀاءُ ڪاٺيون وڍي رهيا هئاسون ته هن جي ڀاءُ مون کي گار ڏني، مون کي سخت غصو لڳو ۽ انهيءَ جي مٿي ۾ ڪهاڙي وهائي ڪڍي، حالانڪه الله جو قسم! منهنجو ارادو انهيءَ کي قتل ڪرڻ جو ڪونه هو ۽ ڪهاڙيءَ جي ڌڪ سان هن جو ڀاءُ مري ويو.“

اهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون خون بها ادا ڪري سگهندين؟“

جوابدار وراڻيو ته ”يارسول الله  صلي الله عليھ وسلم! مون وٽ هن ڪهاڙيءَ ۾ چادر کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، آءُ ديت (ڏنڊ) ڪٿان ڏيندس؟“

رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تنهنجي قبيلي وارا ديت ادا ڪري توکي ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿيندا.“ جوابدار عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي قوم ۾ مون کي ايترو مقام حاصل نه آهي جو اهي منهنجي طرف کان ديت (ڏنڊ) ادا ڪرڻ لاءِ تيار ٿين“

انهيءَ کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن رسي مدعيءَ ڏانهن اڇلائي فرمايو ته ”هاڻي توهان ڄاڻو ۽ هي توهان جو ساٿي.“

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو فرمان ٻڌندي ئي مدعي (دعويدار) قاتل (جوابدار) کي وٺي هلڻ لاءِ مڙيو، جيئن ئي پٺي ڦيريائين ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو.

”جيڪڏهن هن شخص مدعي انهيءَ قاتل کي قتل ڪيو ته پوءِ هي به انهيءَ وانگر قتل جو حقدار ٿيندو.“

انهيءَ شخص جڏهن ڳالهه ٻڌي ته جلد ئي پلٽو کاڌائين ۽ عرض ڪيائين ته

”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون توهان جو فرمان ٻڌي ورتو آهي، جيڪڏهن مون هن کي قتل ڪيو ته هن (قاتل) وانگر آءٌ به قاتل سمجهيو ويندس. حالانڪه مون توهان جي حڪم مطابق انهيءَ کي پڪڙيو آهي.“

رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”توکي اها ڳالهه پسند نه آهي ته هيءَ قاتل پنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي گناهن جو ٻوجهه روزانو، پنهنجي سِرَ جي مٿان کڻي گهمندو وتي؟“

انهيءَ شخص عرض ڪيو ته ”يارسول الله! مون کي منظور آهي.“

رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو تنهنجي مٿان آهي ته جڏهن تون انهيءَ کي آزاد ڪرين.“

تنهن کانپوءِ مدعي (دعويدار) رسي اڇلائي ۽ انهيءَ قاتل کي آزاد ڪري ڇڏيائين.

(صحيح مسلم-جلد چوٿون ص 311)

 

(5)

(88) حمل بن مالڪ جو تعلق بني هذيل جي قيبيلي سان هو،  هن کي ٻه گهر واريون هيون. هڪ جو نالو ام حفيف بنت سروح هو ۽ ٻيءَ جو نالو مليڪه  بنت عويمر هو. انهن ٻنهي جو ڪنهن ڳالهه ته پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو، جهڳڙي جي نوبت ايستائين پهتي جو ام حفيف خيمي جي لڪڙي جي چهنب هٿ ۾ کنئين ۽ مليڪه کي ايتري زور سان ماريائين، جو ويچاريءَ جو پيٽ ۾ ٻار به ڪري پيو ۽ پاڻ به فوت ٿي ويئي.

مٿين معاملي جو فيصلو حضور انور صلي الله عليھ وسلم  جن جي درٻار ۾ آندو ويو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻار جي بدلي هڪ ٻانهون يا ٻانهي ادا ڪئي وڃي ۽ مقتوله جي قصاص ۾ قاتله کي قتل ڪيو وڃي.“

(صحيح مسلم-صحيح بخاري)

 

(6)

(89) برا بن عازب بيان ڪري ٿو ته

”مون پنهنجي مامي ابو برده کي ڏٺو ته هڪ هٿيار کڻي تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. مون انهيءَ کان پڇا ڪئي ته ”ڪيڏانهن جو ارادو ڪيو اٿو؟“

انهي شخص وراڻيو ته ”مون کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص ڏانهن موڪليو آهي. جنهن پنهنجي والد جي نڪاح ڪيل عورت سان شادي ڪئي آهي، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن مون کي حڪم ڏنو آهي ته آءٌ انهيءَ جو سر ڌڙ کان جدا ڪريان ۽ سر کي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو پيش ڪريان.“ تنهن کانپوءِ  منهنجو مامو تڪڙو تڪڙو ويو ۽ انهيءَ شخص کي قتل ڪيائين ۽ انهيءَ جو سر وڍي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آندائين.“

(سنن نسائي جلد ٻيو ص 404)

(7)

(90) هڪ شخص ٻئي شخص جي ٻانهن تي تلوار جو وار ڪيو، جنهن سان انهيءَ جي ڪارائي کي سخت  ڌڪ رسيو، ليڪن جوڙ سلامت رهيو. اهو ڌڪ لڳل شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ پوري حقيقت کين ٻڌايائين.

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن ڌڪ هڻڻ واري کي حڪم فرمايو ته ”هي ديت ادا ڪري.“ انهيءَ تي هن شخص عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي ديت (ڏنڊ) نه گهرجي، مون کي قصاص (بدلو) ڏنو وڃي.“

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”الله تنهنجي مٿان رحم فرمائي ديت (ڏنڊ) کي ئي ڪافي سمجهو.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو)

 

(8)

(91) يعلڪي بن اميه ۽ سلعته بن اميه روايت ڪن ٿا ته ”اسين  غزوه تبوڪ ۾ سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هئاسون، اسان سان گڏ اسان جو هڪ ساٿي به هو. هن جو هڪ ٻئي شخص سان جهڳڙو ٿي پيو. جهڳڙي جي دوران انهيءَ ٻئي شخص انهيءَ جي ساٿيءَ کي ٻانهه ۾ چڪ وڌو، چڪ به اهڙو وڌو جو ٻانهن ۾ ڏند گهڙي ويس. انهيءَ شخص ٻانهن کي ڇڏائڻ لاءِ زور سان جهٽڪو ڏنو ته جهٽڪي سان هنجو هڪ ڏند نڪري آيو، يعني ڀڄي پيو. انهيءَ تي اهو شخص (جنهن جو ڏند ڀڄي پيو) حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي انهيءَ جو ديت ڏياريو.“

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي مطالبي جو ٻڌي فرمايو ته

”تون هي به چاهين ٿو ته تون پنهنجي ڀاءُ جي بازو (ٻانهن) کي اهڙو چٻاڙي ڇڏين، جهڙو اٺ چٻاڙيندو آهي ۽ وري ديت جو مطالبو به ڪرين ٿو، يعني قصاص به وٺڻ چاهين ٿو ۽ ديت به وٺڻ چاهين ٿو.“

اهڙي طرح سان پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي ديت کي رد فرمايو.

(صحيح بخاري جلد ڇهون)

 

 

(9)

(92) هڪ شخص جو قتل ٿي ويو، انهيءَ جو لاش ٻن ڳوٺن جي وچ ۾ پيو رهيو.، قاتل جي خبر نه پيئي پوي. انهيءَ جي قتل جو فيصلو  حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو.

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي جڏهن سڄي حقيقت ٻڌائي ويئي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته ”جتي مقتول جو لاش پيو آهي، انهي جڳهه کان ٻنهي ڳوٺن جي ماپ ڪئي وڃي“، اهڙي طرح سان پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي حڪم سان ماپ ڪئي ويئي، جنهن ڳوٺ جو پنڌ انهيءَ لاش جي ويجهو نڪتو ته پوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ ڳوٺ وارن کي قتل جو ذميوار ٺهرايو ۽ فرمايو ته ”انهيءَ ڳوٺ جا ماڻهو قتل جا ذميوار آهن.“

(10)

(93) حضرت انس رضه جي پڦي ربيع هڪ ڇوڪريءَ کي اهڙي ته زور سان ٿڦڙ هنئي جو انهيءَ جو ڏند ڀڄي پيو، ربيع جا مائٽ انهيءَ ڇوڪري جي قبيلي وارن ڏانهن بخشرائڻ لاءِ ميڙ جي نموني ويا، ليڪن ڇوڪريءَ جي مائٽن کين معاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

تنهن کانپوءِ اهي ٻيئي ڌريون حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيون ۽ کين سموري حقيقت ٻڌايائون. ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن قصاص جو حڪم فرمايو. اِهو فيصلو ٻڌي انس بن نصر رضه عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ڇا ربيع جو ڏند به ڀڳو ويندو؟ انهي الله جو قسم! جنهن توهان کي حق سان گڏ مبعوث فرمايو آهي، ائين هرگز نه ٿيندو.“

انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انس! هي الله تعاليٰ جي ڪتاب جو فيصلو آهي، قصاص ڏيڻو پوندو.“

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو اهو فرمان جڏهن ڇوڪريءَ جي مائٽن ٻڌو ته انهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان قصاص جي مطالبي کان دستبردار ٿيا آهيون، اسان ديت ڏيڻ بعد راضي آهيون.“

اهڙي طرح سان رسول الله صلي الله عليھ وسلم ديت (ڏنڊ) ڏيڻ جو فيصلو فرمايو.

(صحيح بخاري جلد ڇهون ڪتاب الديات)

 

(11)

(94) هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو، هن جو لاش ڪجهه گهرن جي آڏو پيل لڌو ويو. گهڻي ڪوشش هوندي به قاتل جي خبر پئجي نه سگهي. اِهو ڏسي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم  جن فرمايو ته ”جيڪڏهن دعويدار قسم کڻي ته پوءِ ٻي ڌُر خون جي بها ڀري ڏي ۽ جيڪڏهن ٻيئي ڌريون قسم کڻڻ کان انڪاري ڪن ٿيون ته پوءِ ديت جو اڌ حصو جوابدارن جي مٿان هوندو ۽  اڌ حصو  انهن کي معاف ڪيو ويندو.“

(12)

(95) رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته

”جيڪڏهن ڪائي پيٽ ڀري عورت ڄاڻي ٻجهي ڪنهن کي قتل ڪري ٿي ته انهي وقت تائين انهي کي قصاص ۾ قتل نه ڪيو ويندو، جيستائين اها ٻار نه ٿي ڄڻي ۽ انهي کان پوءِ ڪوئي شخص انهي نئين ڄاول ٻار جي ذميواري قبول نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪائي پيٽ ڀري عورت زنا ڪري ويهي ته انهيءَ کي ان وقت تائين سنگسار نه ڪيو ويندو، جيستائين اها ٻار نه ڄڻي ۽ ڪوئي شخص انهي ڄاول ٻار جي ڪفالت (سنڀال) جو ذمو نه کڻي.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو باب الديات)

 

(13)

(96) هڪ شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ دانهين ٿي آيو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن دانهن ۽ رڙين جو سبب دريافت فرمايو ته انهي شخص عرض ڪيو ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن مان مالڪ جي ٻانهيءَ کي چُمي ڏيئي رهيو هيس، منهنجي آقا مون کي ڏسي ورتو، انهيءَ سزا جي حساب سان منهنجي پيشاب ڪرڻ واري عضوي کي وڍي ڇڏيو. آءُ اها ئي فرياد کڻي آيو آهيان.“

حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ وقت انهيءَ غلام جي آقا کي پاڻ وٽ طلب فرمايو، انهيءَ شخص جي گهڻي ڳولا ڪئي ويئي ليڪن اهو ڪين مليو، انهيءَ ڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ غلام جي حق ۾ فيصلو صادر فرمايو ۽ انهيءَ غلام کي آزاد فرمايو. هي فيصلو ٻڌي غلام حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن اهو شخص مون کي وري غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ منهنجي مدد ڪير ڪندو؟“

حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”هر مومن ۽ مسلمان جي مٿان فرض آهي ته اهو تنهنجي مدد ڪري ۽ تنهنجي آزاديءَ جي حفاظت ڪري.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو)

(14)

(97) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ شخص قتل ڪري وڌو، انهيءَ جو مقدمو حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قاتل کي مقتول جي حوالي ڪيو. انهيءَ تي قاتل عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي الله جو قسم آهي ته منهنجو قتل ڪرڻ جو ارادو هرگز ڪونه هو.“

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مقتول جي وارثن کي مخاطب ٿيندي فرمايو.

”جيڪڏهن هي شخص (قاتل) پنهنجي قول ۾ سچو آهي، ته انهيءَ جو قتل تنهنجي لاءِ دوزخ ۾ وڃڻ جو سبب بڻجندو.“ اهو ٻڌندي ئي مقتول جي وارثن قاتل کي بخشي ڇڏيو.؟ آزاد ڪري ڇڏيو.

(سنن ابن ماجھ جلد ٻيو ابو اب الديات)

 

 

(15)

(98) مقداد بن عمر و ڪندي رضه غزوه بدر ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو. هن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن جنگ ۾ منهنجو مقابلو ڪنهن ڪافر سان ٿئي ۽  اهو پنهنجي تلوار جي ڌڪ سان منهنجو هٿ وڍي ڇڏي ۽ پوءِ وڻ جي اوٽ ڪري پڪاري اٿي ته مان اسلام ۾ داخل ٿيو آهيان ته پوءِ منهنجي لاءِ انهيءَ جو قتل ڪرڻ لاءِ جائز آهي يا نه؟“

حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي مقداد!  انهيءَ شخص جو قتل ڪرڻ تنهنجي لاءِ جائز نه آهي، تون انهيءَ کي اسلام آڻڻ کان بعد قتل ڪندين ته اهو انهيءَ مقام تي هوندو، جنهن مقام  تي تون قتل ڪرڻ کان پهريائين هئين. انهيءَ کي قتل ڪرڻ تنهنجي لاءِ ڪفر جي مثال هوندو.“

(صحيح بخاري جلد ٻيو ڪتاب الديات ص 5)

 

(16)

(99) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ هڪ نابين شخص هو، هن کي هڪ ٻانهي هئي، جنهن کي وري ٻه ٻار هئا، اها جڏهن به حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو ذڪر ڪندي هئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪندي هئي، جيتوڻيڪ اهو نابين شخص کيس روڪيندو ۽ ٽوڪيندو هو، تڏهن به هن تي ڪو به اثر ڪونه ٿيندو هو.

هڪ رات ڇا ٿيو جو انهيءَ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي عادت موجب ذڪر ڪندي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. اهو نابين شخص بيان ٿوڪري ته ”آءٌ جوش ۾ اچي ويس، مون هڪ تيز هٿيار کنيو ۽ انهيءَ جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيو، جنهن سان اها عورت مري پيئي.“ صبح جي وقت پاڙيوارن هن کي مئل ڏٺو ۽ انهيءَ موت جو ذڪر حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيو. حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جڏهن ماڻهو گڏ ٿيا ته پوءِ موجود ماڻهن کي خطاب فرمايائون.

”آءٌ هن شخص (قاتل) کي قسم ڏيان ٿو ته هن شخص پنهنجي ٻانهيءَ کي ڇو قتل ڪيو، هاڻي هو اٿي بيهي اقرار ڪري ۽ صفائي پيش ڪري.“

انهيءَ نابين شخص جڏهن ٻڌو ته ڊپ کان ڏڪڻ لڳو ۽ رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي بارگاهه ۾ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اِهو قتل مون ڪيو آهي. مقتوله منهنجي ٻانهي هئي، هن جي مون سان حد کان وڌيڪ محبت هئي، انهيءَ کي مون منجهان ٻه ٻار آهن. مگر حضور سائين صلي الله عليھ وسلم! هن ۾ هڪ اهڙي خراب عادت هئي ته توهان جي مٿان هر وقت ڏمريل هوندي هئي ۽ توهان جي شان ۾ گستاخي ڪندي هئي، مون کيس ڪافي سمجهايو، ليڪن هيءَ نه مڙي، گذريل رات هوءَ توهان کي جيئن گهٽ وڌ ڳالهائي رهي هئي ته مون کي ايماني جذبو اچي ويو ۽ تيز هٿيار سان هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. هاڻي توهان جيئن فيصلو ڪريو، مون کي قبول آهي“ نابين شخص جي بيان کانپوءِ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”اي ماڻهو! شاهد رهجو، هن ٻانهيءَ جو خون جائز آهي. هن جو ڪو به قصا ص ڪونه ورتو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن ٻانهيءَ ٻه وڏا ڏوهه ڪيا آهن.

1.      رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي.

2.     پنهنجي مالڪ جي نافرماني.

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 108)

 

(17)

(100) حميد طويل کان هڪ روايت آهي ته

”هڪ شخص حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي گهر ۾ دروازي جي سوراخ کان ليئو پاتو، پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهي جي اک مارڻ لاءِ پنهنجو تير سڌو ڪيو، ليڪن هو بچي ويو. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪوئي شخص اجازت کانسواءِ ڪنهن جي گهر ۾ ليئو پائي ته پوءِ انهيءَ کي پٿري هڻو، پوءِ چاهي انهيءَ ليئي پائڻ واري جي اک نڪري پيئي، انهي پٿري مارڻ واري کي ڪو به گناهه نه آهي، نه ديت آهي نه وري قصاص آهي.“

(18)

(101) غزوه حنين جا ڏينهن هئا، هڪ ڏينهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻپهريءَ جي نماز ادا فرمائي ۽ پوءِ آرام فرمائڻ جي مقصد سان هڪ وڻ جي هيٺان ويهي رهيا، انهيءَ وقت اقرءِ بن حالس حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ اچڻ سان ئي محلمه بن حثامه جي قصاص جو مطالبو پيش ڪيائين.

عينيه بن حصن به انهيءَ وقت اتي موجود هو ۽ اهو ٻڌي اٿي کڙو ٿيو ۽ عامر بن الاضبط اشجعيءَ جي قصاص جو مطالبو پيش  ڪيائين.

رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن ٻنهي جو مطالبو ٻڌي ارشاد فرمايو ”توهان ديت قبول ڪيو.“

”مگر انهن ديت وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ قصاص لاءِ چيو تنهن کان پوءِ هڪ شخص يڪتل نالي اٿيو، جنهن جو تعلق بنو ليث سان هو ۽ بارگاهه ۾ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! اهي قتل اسلام جي دور کان اڳ جا ٿيل آهن، انهيءَ جي نوعيت ائين آهي، جيئن ٻڪرين جو هڪ ڌڻ ايندو هجي، انهن منجهان ڪجهه ٻڪريون ماريون ويون ۽ ڌڻ منجهان ٻيون ٻڪريون به وٺي ڀڄن“ يعني اهي قتل مجبوري کان ڪيا ويا هئا.“

انهيءَ تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي فرمايو ته توهان ڀاءُ جي ديت لاءِ پنجاهه اُٺ هتان مون کان وٺو ۽ باقي پنجاهه مديني پهچڻ وقت توهان کي ڏنا ويندا.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو)

(19)

(102) هڪ شخص ٻئي شخص جي پير کي جانور جي سڱ جي ڌڪ سان زخمي ڪري وڌو. زخمي انهيءَ حالت ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي درٻار ۾ آيو ۽ قصاص جو مطالبو ڪرڻ لڳو.

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”جيستائين تنهنجي زخم جو پورو پتو نه پوي تيستائين قصاص جي مطالبي کان باز رهو.“ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي سمجهائڻ کانپوءِ به هي شخص قصاص وٺڻ لاءِ ضد ڪري بيهي رهيو. تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ شخص کان قصاص ورتو، يعني جوابدار جي پير تي سڱ سان ايترو زخم ڪيو ويو، جيترو دعويدار جو هو.

اتفاق جي ڳالهه آهي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملزم جو پير ته ٺيڪ ٿي ويو ۽ اهو چاق ۽ چڱو ڀلو ٿي ويو، ليڪن قصاص جو مطالبو ڪرڻ وارو لولو لنگڙو ٿي ويو، انهيءَ کانپوءِ مدعي (لولو لنگڙو) وري حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ شڪايت ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! دشمن ته چڱو ڀلو ٿي ويو، ليڪن آءٌ لولو لنگڙو ٿي ويو آهيان.“

انهيءَ تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! مون ته پهريائين توکي چيو هو ته جيستائين تنهنجو زخم نه مڙي، خبر نه پوي، تيستائين انتظار ڪر ۽ قصاص جي مطالبي کان پري رهه، نتيجو ڏٺئي، الله جي رحمت کان پري رهين ۽ هميشھ لاءِ لولو لنگڙو بنجي وئين.“

(20)

(103) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”جيڪو شخص پنهنجي غلام (ٻانهي)کي قتل ڪندو، آءٌ انهيءَ کي قتل ڪندس ۽ جيڪو شخص غلام جو ڪن، نڪ يا ٻيو ڪوئي عضوو ڪپيندو ته آءٌ به سندس اهوئي عضوو ڪپيندس ۽ جيڪو شخص پنهنجي غلام کي خصي ڪندو ته آءٌ انهي کي، خصي ڪندس.“

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 304)

(21)

(104) ڪنهن نادار (مسڪين) شخص جو غلام هو، انهيءَ ڪنهن مالدار شخص جي غلام جو ڪَنُ ڪپي وڌو. اهو مالدار شخص پنهنجو مقدمو کڻي  حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو.

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم  جن سموري حقيقت ٻڌي انهيءَ شخص کي ديت نه ڏياريو.

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 307)

(22)

(105) هڪ دفعي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن ڪائي شيءَ تقسيم ڪري رهيا هئا ته ايتري ۾ هڪ شخص سامهون آيو ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي مٿان اهو شخص ايترو جهُڪي ويو، جو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سخت تڪليف محسوس ڪئي. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي هٿ ۾ جيڪو لڪڻ هو، انهيءَ سان انهي شخص کي ٿورو آهستي وهائي ڪڍيو. اهو شخص جڏهن هلڻ لڳو ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ فرمايو ته

”اي شخص! اچ پنهنجو بدلو وٺ“

انهي شخص عرض ڪيو ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون توکي سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏيو.“

(سن نسائي جلد ٽيون ص 314)

(23)

(106) هڪ ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن مسجد جي منبر تي بيٺا هئا ته هڪ اعرابي  (ڳوٺاڻو) تڪڙو تڪڙو پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ گفتگوءَ جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ۾ هن اعرابي (ڳوٺاڻي) پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي چادر کي زور سان ڇڪيو، جيڪا پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي ڪلهن مبارڪن تي پيل هئي، چادر جي زور سان ڇڪڻ تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي ڪلهن مبارڪن تي ڳاڙهائڻ اچي ويئي، ڇاڪاڻ ته چادر مبارڪ سوٽي هئي ۽ پوءِ اهو اعرابي چوڻ لڳو.

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجن اٺن کي اناج سان ڀري ڇڏ، اِهو اناج نه توهان جو آهي ۽ نه وري توهان جي ابي ڏاڏي جو آهي.“

حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! آءٌ انهيءَ وقت تائين اناج نه ڏيندس، جيستائين تون مون کي جيڪا تڪليف ڏني آهي، انهيءَ جي معافي نه وٺين يا توکان آءٌ انهيءَ جو بدلو نه وٺان.“

اعرابي وراڻيو ته ”خدا جو قسم! آءٌ بدلي ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان.“

رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بدلي جي ڳالهه ٽي دفعا دُهرائي، ليڪن اعرابيءَ انهيءَ جو مثبت جواب به ڏنو. اِهو ٻڌي اصحاب سڳورا جيڪي مسجد نبويءَ ۾ موجود هئا، اعرابي ڏانهن وڌيا تان ته اهي هن کي سزا ڏين، ليڪن سرور ڪائنات صلي الله عليھ وسلم جن کين منع فرمائي ته ”ڪو به منهنجي اجازت کانسواءِ حرڪت نه ڪري.“

تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن هڪ شخص کي حڪم فرمايو ته ”اعرابيءَ کي هڪ اٺ جون جو هڪ اُٺ کارڪن جو ڀري ڏي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن قصاص (بدلو) انهيءَ اعرابي کي ڏيڻ معاف فرمايو.

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 315)

(24)

(107) هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حضرت ابي جهمه بن خديفه رضه ڪنهن جاءِ تي صدقات وصول ڪرڻ لاءِ موڪليو هن اتان صدقات وصول ڪرڻ شروع ڪئي ته هڪ شخص نه فقط صدقو ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، مگر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو.ا هو ڏسي ابي جهم هن جي سخت مذمت ڪئي، تنهن کانپوءِ اهو شخص ۽ انهيءَ جي قبيلي وارا حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ دانهين ٿيا ۽ قصاص جو مطالبو ڪيائون.

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ”چڱو! هيترو مال وٺو“ تنهن تي به اهي راضي نه ٿيا، وري پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڀلا! اُن کان وڌيڪ ٻيڻو“ تنهن تي اهي ماڻهو راضي ٿيا، تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن چيو ته ”آءُ ماڻهن کي گڏ ڪري آگاهه ڪندس ته توهان ديت تي راضي ٿيا آهيو.“ انهن وراڻيو ته ”بهتر“ تنهن کانپوءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو حڪم فرمايو. ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو.

”اي ماڻهو! هي شخص مون وٽ قصاص جو مطالبو کڻي آيا هئا، مون انهن کي ايتري مال جي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته هو انهيءَ تي راضي ٿي ويا آهن، يعني قصاص تان هٿ کنيو اٿئون ۽ ديت منظور ڪيو اٿئون.“ اِهو ٻڌي اهي شخص اٿي کڙا ٿيا ۽ چيائون ته

”اسين انهيءَ تي راضي نه آهيون.“

اِهو ٻڌي اصحابن سڳورن انهن شخصن کي قول تان ڦرڻ جي ڪري سزا ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي. ليڪن پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي منع فرمائي. تنهن کانپوءِ وري انهن کي فرمايائون ته.

”ڇا توهان ديت کان راضي نه  آهيو.“

انهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسين راضي آهيون.“

تنهن کانپوءِ موجود ماڻهن جي سامهون حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن انهن کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته

”ڇا توهان کي اسان جو مقرر ڪيل ديت قبول آهي ۽ توهان راضي آهيو.“

انهن عرض ڪيو ته

”هائو  يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان کي ڪابه شڪايت نه آهي.“

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 316)

(25)

(108) حضرت ثعلبه بن زيد روايت ڪري ٿو ته ”ثعلبه قبيلي جا ڪجهه شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ انهيءَ وقت دانهين آيا، جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن خطبو ارشاد فرمائي رهيا هئا. پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي خطبي جي دوران هڪ شخص عرض ڪيو ته

”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! بنو ثعلبه جي ڪجهه شخصن توهان جي فلاڻن فلاڻن اصحابن کي قتل ڪيو هو، هاڻي توهان انهن کان قتل ٿيلن جو قصاص (بدلو) وٺو.“

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! هڪ شخص جي غلطي ۽ قصور جي عيوض ۾ ٻئي شخص جي مٿان گرفت ڪرڻ جائز نه آهي.“

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 320)

(26)

(109) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته

”جيڪا اک بي نور آهي، مگر پنهنجي جڳهه تي قائم آهي، جيڪڏهن ڪوئي به شخص انهيءَ کي ڪڍي ٿو ته پوءِ انهيءَ کي ٽيون حصو ديت ادا ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ طرح سان جيڪڏهن ڪنهن شخص جو هٿ رونڊو يا سڪل آهي ۽ ڪوئي شخص انهيءَ جو سڪل هٿ ڪپي ته انهيءَ ڪپڻ جي مٿان هٿ جو ٽيون حصو ديت پوندو ۽ بيمار ڏند جو به اهو ئي قصاص آهي، يعني جيڪڏهن ڪوئي ڏند ڪيڙي (جيت) لڳڻ سان کاڄي وڃي ۽ ڪوئي شخص انهي کي ڀڃي ته ڏند ڀڃڻ واري جي مٿان ٽيون حصو ديت پوندو.“

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 332)

 

(27)

(110) عمر و بن خرم روايت ٿو ڪري ته هڪ دفعي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن يمن وارن ڏانهن هڪ خط تحرير فرمايو. انهيءَ خط ۾ فرض ۽ سنت سان گڏ ديت جا احڪام به درج ٿيل هئا، هي خط (حڪمناما) عمرو کڻي ويو.

مٿيون خط عبدڪلال جي ٽن پٽن شر جيل بن عبدڪلال، يغيد بن عبدڪلال ۽ حارث بن عبدڪلال جي نالي هو. اهي شخص قبيلي ڏي (عين) معافر ۽ همدان جا رئيس هئا. هي خط انهن کي پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ لکيل هو ته

”جيڪو شخص ڪنهن مسلمان کي بغير ڪنهن جواز (سبب) جي قتل ڪري ته انهيءَ جي مٿان قتل ثابت ٿئي ته انهيءَ کان قصاص (بدلو) ورتو ويندو، جيڪڏهن مقتول جا وارث معاف ڪن ته پوءِ ڪوبه حرج نه آهي.“

ديت جي تشريح هي آهي.

”جان جي ديت هڪ سئو اُٺ. جيڪڏهن سڄو نڪ ڪٽيو وڃي ته پوءَ به ديت هڪ سئو اُٺ آهي. اهڙيءَ طرح سان زبان، چپ، پيٽ ۽ هڏي وغيره جي به پوري ديت آهي، ٻنهي اکين جي ضايع ٿيڻ جي به پوري ديت آهي، جڏهن ته هڪ پير جي ضايع ٿيڻ جي اڌ ديت، جيڪڏهن ٻه پير ضايع آهن ته پوري ديت ٿيندي، جيڪو زخم دماغ ۽ مغز تائين گهرو هجي ته انهيءَ جي ديت اڌ آهي، جيڪڏهن ڪنهن جو هڏ ڀڳل هجي ته  انهيءَ جي ديت پندرهن اُٺ آهي، جڏهن هٿن ۽ پيرن جي هر هڪ آڱر جي ديت ڏهه اُٺ ۽ هڪ ڏند جي ديت پنج اُٺ آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرد ڪنهن عورت کي قتل ڪيو ته انهيءَ مرد کي عورت جي بدلي (قصاص) ۾ قتل ڪيو ويندو. جيڪو شخص مالدار ۽ دولتمند آهي ۽ انهيءَ وٽ سون  ۽ چاندي جهجهو آهي ته پوءِ انهي جي مٿان ديت هڪ هزار دينار آهي.“

(سنن نسائي جلد ٽيون ص 334)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org