(9)
پنهنجي سانگيئڙن کي ساريان ٿي،
ڏکيا گوندر ۾ ڏينهن گهاريان ٿي.
بيوس آهيان هت بندياڻي،
سَيَدَ بِنا ٻيو ڪونهي ساڻي،
هَنجهُون حال پنهنجي تي هاريان ٿي.
پاڻ اچن يا قاصد ڪوئي،
راه تڪيان پئي روئي روئي،
آلا نيڻ کڻي مان نهاريان ٿي.
رات لڳي اَکِ پرهه ڦٽڻ سان،
ٿر ۾ ڌنار ڏٺا مون ڌڻ سان،
پنهنجي کيتَ کي ڄڻ کيڪاريان ٿي.
ياد اچن ٿيون روح رهاڻيون،
ڳالهيون ٻاجهه ڀريون ٻاٻاڻيون،
اهي سک جا ڏينهن سنڀاريان ٿي.
”سردار علي“ چوري سانگي ايندا،
ڏور ڏکيءَ جا سڀ ڏک ٿيندا،
انهي آس ۾ عمر گذريان ٿي،
پنهنجي سانگيئڙن کي ساريان ٿي.
(10)
ڪالهه هيا هت ڪاپڙي،
اڄ جوڳي ڇڏي ويا جوءِ،
جوڳي ڇڏي ويا جوءِ،
هتي بره جي باس نه بوءِ.
چَڳُون وڪوڙيل چيڙهه سان،
هئا ميرا جن جا موءِ.....
موٽي ڏسن ڪئن ماڳ کي،
جن جي روپ نگر ڏي روءِ.....
ويراڳين ڇَڏي واٽ تي،
سڀ خام خُودي جي خوءِ......
سَاميئڙَنِ جي ساههَ ۾،
مون کي هور هِنيئن ۾ هوءِ.....
”سردار علي“ چوي سيگَهه مان،
وَڃان ڪاپَڙِين جي ڪوءِ....
ڪالهه هيا هتي ڪاپڙي،
اڄ جوڳي ڇڏي ويا جوءِ.
(11)
موٽ مران ٿي مينڌرا اَچُ راڻا رحم ڪري،
راڻا رحم ڪري ـــ الا ـــ تو ري سوڍا ڪين سري.
راڻا حَرَفُ رکِي وئين، ڪنهن ٽَل سان ڪين ٽري.
موٽ مران ٿي مينڌرا.....
ڪَر ڪو توههُ تَتِيءَ تي، منهنجو ٺاڪر هانءَ ٺري،
موٽ مران ٿي مينڌرا.....
جانا هڻن ٿيون جيڏيون، مون کي ٻهڳڻ ٻاڻَ ڀري.
موٽ مران ٿي مينڌرا.....
ڪنول ڦٽا منهنجي ڪاڪ تي، تنهنجو چانگو شال چري.
موٽ مران ٿي مينڌرا.....
”سردار علي“ چوي سپرين، مونکي پانهون ڪر نه پري.
موٽ مران ٿي مينڌرا،
اچ راڻا رحم ڪري.
(12)
ٿيندو دلبر مون کان دور، مون کي معلوم نه هئو.
ڪندو ايڏو ڪِيس ڪلور، مون کي معلوم نه هئو.
گهور هڻي هر دل کي گهائن،
ڪجليون ڏاڍا ڪيس ڪرائن،
اهو دِيدُنِ جو دَستُورُ، مون کي معلوم نه هئو.
سونهن ٻڌي ساجن جي آيم،
حسن ڏسي سڀ هوش وڃايم،
هتي عقل رهي نه شعور، مون کي معلوم نه هئو.
عشق کي سمجهيم سهج سکن جو،
بره ڏنو پر ڏاج ڏکن جو،
ڇاکي سوز سڏن ڇاکي سور، مون کي معلوم نه هئو.
ننڊ نڀاڳي سان لنءُ لايم،
هوت هٿن مان پاڻ وڃايم،
پنهنجي قسمت جو هي قُصور، مون کي معلوم نه هئو.
”سردار علي“ آهي رنج اجايو،
لايو ٿيندو نيٺ سجايو،
ڪَڍي ٻاجهاري ٻاٻُورَ، مون کي معلوم نه هئو.
ٿيندو دلبر مون کان ڌار، مون کي معلوم نه هئو.
ويندو لُٽجي چين قرار، مون کي معلوم نه هئو.
سور سهي ويٺي نيهن نڀايان،
لوڪ سڄي کان لڙڪ لڪايان،
اهو بره جو ٻيڻو بار، مون کي معلوم نه هئو.
لوڪ سڄو مِهڻن سان ماري،
ساجن پوءِ ڀي ڪين سنڀاري،
اَڻَ پَوَندِيءَ جو هيءُ پار، مون کي معلوم نه
هئو.
بحث نه آهي جائز جن سان،
حُجَتَ ڪيئن هلي هوتن سان،
سڀ مون ڏي آه ميار، مون کي معلوم نه هئو.
”سردار علي“ چئي ساجن ايندو،
ڇوريءَ کي هت ڪين ڇڏيندو،
ڪندو پاڻ پرين پوئوار، مون کي معلوم نه هئو.
(13)
ڪر مون ڏي محب مهاڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
آس ۾ گذري ويو اونهارو،
سڪ ۾ تنهنجي سرءُ سيارو،
چيٽ ڪَتي آکاڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
ڇوري کي هت يار ڇڏي وئين،
من جي اندر منٺار اڏي وئين،
سورن جي ست ماڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
لوءَ لَقَماءُ خجالت خواري،
طعنن مهڻن تُنڪن ماري،
بره جي هي بوڇاڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
پرت نه ڪنهن پر آه پسڻ جي،
ڇڏ تون ساجن ريت رسڻ جي،
موٽُ اچِيِ ڪَرِ ماڙِ، جاني اجاڙ اجائي آ.
اڻ هوندي مون عمر گذاري،
ساجن ڪر تون پاڻ ستارِي،
عيبن کي نه آگهاڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
”سردار علي“ چئي ٿي تون ساڻي،
وره ڪئي آهيان ويگاڻي،
پرت اچي تون پاڙ، جاني جاڙ اجائي آ.
(14)
جيڏيون ڏسيو جادو يا مون کي راءِ ريجهائي ڏيو،
پاڻهي مڃائينديس پرين، هڪوار پرچائي ڏيو.
هو راءُ، مان راڻي هيس، هو سر هيو، سينگار مان،
ڪونرو جي ڪوڙي هار تي ڀلجي ڇڏيو ڀوتار مان،
اڄ ٿي چوان هي ڪچ ڪڻيون اُن مُنڌ کي موٽائي ڏيو...
پردو پيل آهي اڃا ڪونرو جي ڪاري ڪار تي،
پڪ آه پنهنجي ڪانڌ کي، هن کي وڪيو مون هار تي،
هونءَ هو مڃيندو ڪينڪي، ڪنهن ڏانءَ سان ڏائي
ڏيو...
هڪ لوڪ کان آهيان لڄي، ٻيو ڪانڌ جي آڏو ڪچي،
جي ور اچي موٽي ته مهڻن کان پوان جيڪر بچي،
ڪونرو جي ڪڇ مان ڪانڌ کي چپ چاپ چورائي ڏيو...
تون ڇا رسي وئين راءُ منهنجي رات ڪاري ٿي وئي،
وائي وڻي ڪنهن جي نه، هر هڪ بات باري ٿي وئي،
هي سب سينهو سور جو منهنجي ور کي ورجائي ڏيو...
سچ ٿيون پڇو سرتيون، چنيسر کان سواءِ آهيان چري،
راجا نه ٿيو راضي ته مِهڻي هابُ ٿي وينديس مري،
”سردار علي“ چئي سرُ گهُرو پَر سيڻُ سرچائي ڏيو...
(14)
سڪ سوز اندر جو سور، وڃي ناسور ٿيو،
اهو دردن جو دستور، مون کي منظور ٿيو.
عشق سان هر ڪا هام اجائي،
هوش هٽيو هڪ ٺوڪر کائي،
سڄو عقل جو شان شعور، چڪنا چور ٿيو.
جلوو تنهنجو نور نشاني،
سونهن ۾ ڪونهي تنهنجو ثاني،
ڏٺو جنهن ڀي حسن حضور، اُهو وهلور ٿيو.
پختو پيچ پرين سان پاتم،
ساجن پنهنجو صحيح سڃاتم،
اهو محبت جو مذڪور، گهڻو مشهور ٿيو.
محب ڏنو اچي ڏاڻ ڏکي کي،
پنهنجي هٿن سان پاڻ ڏکي کي،
ٿيا ڪَرُب مڙيئي ڪافور، سڄو دک دور ٿيو.
”سردار علي“ آهي ان جو گولو،
جنهن جي چڱاين جو چوٻول،
مٽٻي مُنهن نه اُنهيءَ کان مورُ، جنهن جو مزدور
ٿيو.
(15)
ٿئي محب اچي مهمان، اهڙو احسان نه ڪو،
وڃي هر هڪ وهم گمان، رهي حرمان نه ڪو.
مُحب بنا دل بيحد ماندي،
ساجن کي آهي ٻانهن سيراندي،
هِتي دَردَن جو دهمان، هُتي ارمان نه ڪو.
عَينَ-سيه، صدفين جي صورت،
ڪج ابرو قوسين جي صورت،
هر پنبڻي ڄڻ پيڪان، اهڙو ٻيو ڪان نه ڪو.
طلب اندر ۾ تات پرين جي،
هردم وائي وات پرين جي،
اهو ضبط وڏو خفقان، جنهن جو درمان نه ڪو.
محبت جو ملهه آه مهانگو،
سر سان سوڌڻ عين سهانگو،
جيڪو مرد ڇڏي مَيدان، اهڙو نادان نه ڪو.
”سردار علي“ چئي ساهه پرين لئه،
تن من ڌن هڏ ماهه پرين لئه،
ڪريان جو ڪجهه ڀي قربان، منهنجو نقصان نه ڪو.
(16)
ڊگهي ڪيچ جي منزل ڪاري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
روهه سُجهَنِ ٿا راهه ۾،
ٻي واٽ سڃي، ٽِين واري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
اوکي واٽ وندر جي،
مون کي ڏيرن اڄ ڏيکاري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
قسمت مون سان قهر ڪيو،
منهنجو محب نه آهي مياري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
ٿڪ نه ڀڳئون ڪنهن ٿاڪ تي،
نڪي باهه ٻروچن ٻاري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
حجت ناهي هوت سان،
مان ته آڀري ذات هُو آري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
”سردار علي“ چئي سيگهه مان،
ڪندو پاڻ پنهون پوئواري،
پهچان ڪهڙي ريت پنهون کي.
(17)
اڃا ڪالهه وريا وڻجارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
حاڪم منهنجي هانءَ جا،
منهنجي دل جا راج دُلارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
روئان رهن ٿا ڪينڪي،
توڙي نيڻ بڻيا نيسارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
ساٿ ڇڏن پيا سپرين،
جيڪي منهنجا سور سهارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
قسمت ڪاري آهيان،
وٺان ڪنهن کان ڀاڳ ڀلارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
اٿم آس الله ۾،
من ميڙ مَڃين موچارا- وري سنڀريا پورب پار ڏي.
”سردار علي“ چوي سپرين،
مون تي ٻاجهه ڪندا ٻاجهارا- وري سنڀريا پورب پار
ڏي.
(18)
دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڌم لائي- آئي مند يار ملڻ جي.
گل ڦل ٻوٽا باغ بهاريون،
وڻن ٽڻن جون ٽهڪن ٽاريون،
ٿي ساوڪ ۽ سرهائي- آئي مند يار ملڻ جي.
چيٽ ڦٽڻ جو ٿيو چوٻولو،
اُسريو آهنج لهي ويو اولو،
هاڻي ڳڻتي آهه اجائي- آئي مند يار ملڻ جي.
ٿڌڙي هير هنئين کي ٺاريو،
سور مٽيا ڳڻتين کي ڳاريو،
اچي مونجهه اندر جي مٽائي- آئي مند يار ملڻ جي.
ڪوئل ڳيچ خوشي جا ڳائي،
بلبل سڪ جا ساز سڻائي،
ڏني وڻ وڻ کي واڌائي- آئي مند يار ملڻ جي.
سردار علي چئي ساجن ايندو،
مرڪي ڏيهه مبارڪ ڏيندو،
ٿيندي ڀوريءَ ساڻ ڀلائي- آئي مند يار ملڻ جي.
(19)
تنهنجو محب مراثي آهيان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
رخ روشن پُر نور پيشاني،
جلوو تنهنجو جڳ مڳ جاني،
تنهنجي حسن جي هاڪ هلايان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
وار تنهنجا وَاللّيلِ جي صورت،
منهن مهتاب مثالي مورت،
ڪهڙو سونهن جو حال سڻايان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
تنهنجي پڌر پينار اچن ٿا،
ننگ ڇڏي فروار اچن ٿا،
مان ڀي پڳين ڇمڪايان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
جلوا تنهنجا هر جا ظاهر،
اُتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر،
توکي لوڪئون ڪيئن لڪايان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
”سردار علي“ توتان اولِي گهولي،
ٻانهپ واري توسان ٻولي،
تنهنجو چاڪَرُ ڇونه چوايان،
ڳايان تنهنجي يار ڳُڻن کي.
(20)
منهنجا هوت هلي هت ايندا،
ٿيندا اچي حامي منهنجي حال ۾.
محب ايندا منهنجي ماڳ تي،
مون کي ڏيهه مبارڪ ڏيندا،
ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾.
دارون ڪندا منهنجي درد جو،
اچي ڏاڻ ڏکي کي ڏسيندا،
ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾.
اٿم آس الله ۾،
هِتي ڇورِي ڪِينَ ڇڏيندا،
ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾.
مهر ڪندا معذور تي،
اچي ٻاجهه ڀريو ٻوليندا،
ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾.
”سردار علي“ چئي سپرين،
وٺي نالِ نماڻي نيندا،
ٿيدا اچي حامي منهنجي حال ۾.
(21)
مون سان مولا محب ملايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
حجت جن سان ناهه ڪا،
تن پنهنجا ڀال ڀلايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
محب مليا، مانڊاڻ ٿيا،
رت رم جهم جي رنگ لايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
دوست ڏنيون اچي دلبريون،
مان ته ڳيچ خوشي جا ڳايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
سڄڻ رسيا اچي سيگهه ۾،
منهنجا آگي عرض اگهايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
قرب قريبن جا ڏسي،
ويا اُڏري وهم اجايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
”سردار علي“ چوي سپرين،
مون سان پيچ نوان اچي پايا،
آيا پنهنجي مِهرَ ڪري معذور ڏي.
(22)
پنهنجي ويڙهيچن جا وٿاڻ ڏسي،
رئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي.
منهنجا مارو ويا مون کان منهڙو مٽي،
سُکيو ساههُ، سَقَرَ ۾ سيڻَ سَٽي.
هتي عمرِ اڀاگي ڪيئن ڪَٽي؟
پنهنجي ڀر ۾ ڀڪوڙيل ڀاڻ ڏسي.
رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي.
ڪٽي قيد اچي هت ڪال ڏٺم،
نڪور مارو ڏٺم، نڪي مال ڏٺم.
جهُڳا جهُورُ پکا پامال ڏٺم،
ڏڪي ڏيل ٿو سڃ کي ساڻ ڏسي،
رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي.
جن کي سڪندي ڪيئي سال ٿيا،
وڃي کائر ۾ خوشحال ٿيا،
هتي ههڙا منهنجا حال ٿيا،
وڃن پرت وندي کي پاڻَ ڏسي،
رُئان رت ٿي اُجَڙَ اهڃاڻ ڏسي.
مان ته ٻاٻاڻن جي ٻول ٻَڌِي،
ويا ويڙهيچا مون کان ڏُورِ وَڌِي،
موٽي سانگيئڙن نه ڪا سارَ لَڌِي.
منهنجي قرب ۾ ڪهڙي ڪاڻ ڏسي،
رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي.
مون کي ويڙهيچا نه وساريندا،
سگهو واڳ وطن ڏي واريندا،
منهنجي پاپن کي نه پچاريندا،
مون کي عاجز ۽ اڻ ڄاڻ ڏسي،
رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي.
وڄون نيٺ وريون سارنگ ساٺ ڪيو،
اجهو ڏوٿيئڙن جو ڏرت ويو،
”سردار علي“ کي ڀي ساهه پيو.
وري مِينُهَنِ جا مانڊاڻَ ڏسي،
رُئان رت ٿي اُجَڙُ اهڃاڻ ڏسي.
(23)
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين،
چڪي چاڪ ٿيا ناسُورَ پرين.
تنهنجا ارڏا نيڻ اُچائِنَ ٿا،
هڻي گهُورَ دِلينِ کي گهائِنِ ٿا،
تکا ابرو تيغ وَهائِن ٿا،
ڪن ڏاڍا ڪيس ڪلور پرين،
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين.
تنهنجا وار سڄڻ وَاللَّيل عجب،
جن ۾ تازا تيل ڦليل عجب،
اهي نانگ هڻن ٿا نيل عجب،
تنهنجي دام جو هي دستور پرين،
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين.
تنهنجا ڏند سڄڻ دلبند چوان،
لب لعل شهد ۽ قند چوان،
تنهنجا عارض صاف سُڳَندِ چوان،
تنهنجي پيشاني پُر نُورُ پرين.
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين.
تنهنجو جوڀن حسن جمال بلي،
رخ روشن مِهر مثال بلي،
تنهنجي انگ انگ جو احوال بلي،
تنهنجو مُک مُک تي مذڪور پرين،
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين.
تنهنجي سونهن ٻڌي ”سردار علي“،
آيو در تنهنجي دلدار هلي،
ڪر ان سان اچي ڀوتار ڀَلِي،
جيڪو وِک وِک تي وهلور پرين،
مون کي گهايو تنهنجي گهُور پرين.
(24)
پنهنجي لالڻ وٽ ليلائي منگتا مانُ وٺي ويا،
ٻڌي ٻانهون سر نِوڙائي در تان وٺي ويا.
هستي هوڏ حرام ڪري- ويٺا هٺ کي هيسائي،
نئڙت منجهه نهال ٿيا- ويا ساجَنُ سَرچائي،
پڪو پيمان وٺي ويا...
ڪين ڏسي وڻڪار ڏي- ڪا وسندي واجهائي،
ڇانو ڇپر ٻيو ڇا ڪندا- جيڪي ساجن جي سائي،
تنبو طولان وٺي ويا...
مرض سڃاتو ڪينڪي- ڇڏيو ويڄن وچڙائي،
دارون دردمندن جو- ڪيو هاديءَ هَٿ لائي،
دُکي درمان وٺي ويا...
راضي ٿيندو راءُ- مگر ڪو ٻانهپ ٻولائي،
ڪين ڇڏيندو ڪارڻي- ويو ستگر سمجهائي،
گُر کان گيان وٺي ويا...
سام پيو ”سردار علي“- شل محب نه موٽائي،
واٽ اويڙيءَ مان ڪڍي- شل دلبر دڳ لائي،
جهڙو ڪي جوان وٺي ويا...
(25)
تنهنجا عين وجهن آنبُورَ،
دل ۾ دام دخل سان.
ڪن ڪيڏا ڪيِس ڪلور،
ڪارا نين ڪجل سان.
رخ تنهنجو رحمان جي صورت،
پيشاني پُر نوُر،
آهي نسبت هوت حضور،
تنهنجي حسنِ ازل سان.
تنهنجي عين اشاري سان ٿيو،
غين جو ختم غرور،
ٿيا موذي سڀ مفرور،
تنهنجي ٻانهن اڇل سان.
ڪن فيڪون جا قصد ڪروڙين،
جنت، طيبا، طور،
ٿيا ماٺ مڙيئي مشهور،
تنهنجي رنگ محل سان.
سام پيو ”سردار علي“،
ڪئي مُحب مِٺي منظور،
ٿيا درد مڙيئي دور،
ديدن جي درمل سان.
(26)
سڻ بي واهي جي بات- راڻا، رات رهي وڃ.
تنهنجي طلب اندر ۾ تات- راڻا، رات رهي وڃ.
روئندي روئندي رات وهاڻي،
پرهه ڦٽي پرڀات- راڻا، رات رهي وڃ.
پل پل تنهنجا پور پون ٿا،
وَلِ وَلِ وائي وات- راڻا، رات رهي وڃ.
پانڌي آندي پر هيڪاندي،
سُورن جي سوغات- راڻا، رات رهي وڃ.
آءُ اڪيلو ٻانهن نه ٻيلي،
هَوُلَ ڀريا حالات- راڻا، رات رهي وڃ.
ڏيهه سڏي شل ڪين ڏها ڳڻ،
هُوندي شال حيات- راڻا، رات رهي وڃ.
نيڻ بنجي ويا نيسارا،
بند نه ٿئي برسات- راڻا، رات رهي وڃ.
تو بِنَ راڻا ٿيا ويڳاڻا،
مومل جي محلات- راڻا، رات رهي وڃ.
سام پيو ”سردار علي“،
ڪو مرض اچي سڀ مات- راڻا، رات رهي وڃ.
(27)
توکي ساري منهنجو ساهه- راڻا، رات رهي وڃ.
ڪر نرمل نيڪ نگاهه- راڻا، رات رهي وڃ.
تنهنجي اچڻ جي آس اندر ۾،
روز تڪيان ٿي راهه- راڻا، رات رهي وڃ.
پاند ڳچي پائي پرچايان،
گنديءَ منجهه گُناهه- راڻا، رات رهي وڃ.
سهڻا، لوڪ ڪري ٿو مون کي،
طعنن ساڻ تباهه- راڻا، رات رهي وڃ،
آههِ مَدَدَ ۾ مينڌرا،
تنهنجي واهر ۾ ويساهه- راڻا، رات رهي وڃ،
مان لڄ تنهنجي، شال لڪائين،
سوڍا ڪر ساڃاهه- راڻا، رات رهي وڃ،
رحم وجهي تنهنجي روح ۾،
توکي آڻي شال الله- راڻا، رات رهي وڃ،
سام پيس ”سردار علي“ چئي،
تنهنجو پاندُ پناهه- راڻا، رات رهي وڃ.
(28)
خدا جي دين جي دولت، حسين ابن عليؑ،
متاعِ عشق و محبت، حسين ابن عليؑ،
نصابِ حق جي عبارت، حسين ابن عليؑ،
رديف نظم رسالت، حسين ابن عليؑ،
حصار شهرِ شريعت، حسين ابن عليؑ،
حفيظ تاج طريقت، حسين ابن عليؑ،
نشان راهِ حقيقت، حسين ابن عليؑ،
عطائه عشق جي رفعت، حسين ابن عليؑ،
درود صبح جي دعوت، حسين ابن عليؑ،
نمازِ عشق جي نوبت، حسين ابن عليؑ،
نفس نفس جي نصيحت، حسين ابن عليؑ،
قدم قدم جي قيادت، حسين ابن عليؑ،
شَهه اُمَم جي امانت، حسين ابن عليؑ،
عظيم تحفہِ
اُمّت، حسين ابن عليؑ،
شهيدِ حق وصداقت، حسين ابن عليؑ،
بقائي دِين جي بشارت، حسين ابن عليؑ،
تمنا آهه اها زندگي ۾ ذاڪر جي،
ڪرائي پنهنجي زيارت، حسين ابن عليؑ.
(رباعيات)
سلطان شهيدن جو، ولين جو ولي،
عالي نسبي آقا، اصلي نسلي،
ايثار ۾ يڪتائي زمان لم يزلي،
سو ابن علي آهه حسين ابن علي.
جنهن اذن شهادت جي ٻڌي بات ڀلي،
لبيڪ چئي ان جي اڳيان جهولي جهلي،
سر ڏيئي ڪئي پنهنجي حياتي سڦلي،
سو ابن علي آهه حسين ابن علي.
هڪ انگ شهادت جو لکيل هئو ازلي،
ناقابلِ تسنيخ اهو لفظ جلي،
جنهن ان جي پروڙي سڄي حڪمت عملي،
سو ابن علي آهه حسين ابن علي. |