سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نعتيه ڪلام

باب: --

صفحو :5

(رباعيات)

عارض کي ڏٺم صبح طَرَبّ جي صورتم

زلفن کي سِيَہُ رنگيءَ شب جي صورت.

انداز صنم، سحر ــ نظر، هوش ربا،

گل فاميءَ اندام غضب جي صورت.

جيڏهن به ڏسو نور جي برسات آهي،

هر شيءِ ۾ رچيل رنگ ڪمالات آهي.

ٻهڪي ٿو ڀلا ڪهڙي سبب کان ڪونين،

معراج مبارڪ جي ڀلي رات آهي.

ڇا لئه هي سڄي رونق افلاڪ آهي؟

هي ڪنهن جي سر عرش برين هاڪ آهي؟

تسبيح رقم آه ڇو اڄ لوح و قلم؟

مهمانِ خدا، صاحبِ لولاڪ آهي.

دلسوز جڏهن حشر جو منظر هوندو،

خورشيد بسرِ عرصهء محشر هوندو.

اندوه مڪافات جي ان عالم ۾،

پيمانه بڪف ساقيءَ ڪوثر هوندو.

دڙڪا ٿي ڏئين مونکي، اڏين دام ته پوءِ؟

محشر جو مچائي ڇڏيان ڪهرام ته پوءِ؟

اي گردشِ دوران، گهڻو گوڙ نه ڪر!

سردارِ دو عالم جي پوان سام ته پوءِ؟

 

نعتيه غزل

محبوب ذاتِ ڪبريا،

ختم الرسل، خير الوريٰ،

معراج جنهن جي متها،

بلغ العليٰ بڪمالہٖ.

دنيا، نه ڪي دستور هئو،

ان دم به حسنِ حضور هئو،

سهڻو سراپا، نور هئو،

”ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ

لطف و ڪرم مهر و عطا،

شفقت شفاعت ۽ شفا،

حلم و حميت ۽ حيا،

”حَسُنت جميع خصالہٖ

لولاڪ جنهن جو شان آ،

تعريف ڪل قرآن آ،

مولا به مدحت خوان آ،

”صلوا عليہ و آلہٖ

 

(2)

ڪيو آگي اعليٰ شان، محمد صه عربي جو،

مخلوق مٿاهون مان، محمد صه عربي جو.

رحمت رب جي بڻجي آيو،

سهڻل جو سڀني تي سايو،

دارين مٿان دامان ــ محمد صه عربي جو.

خجل ٿيو خورشيد درخشان،

حسن ڏسي ٿيون حورون حيران،

رخ روشن نور نشان ـــ محمد صه عربي جو.

شان شفاعت شاهنشاهي،

عاصين لئه هُو رحم الاهي،

ساري اُمت تي احسان ــ محمد صه عربي جو.

بات سڄڻ جي بات خدا جي،

راه پرين جي راهه هديٰ جي،

هر قول عمل قرآن ـــ محمد صه عربي جو.

علم زمين جو سرت سماوي،

هر حڪمت تي هردم حاوي،

آهي عشق عقل عرفان ـــ محمد صه عربي جو.

ارض و سما آيات پڙهن ٿا،

صَلّ عَليٰ صلوات پڙهن ٿا،

خود موليٰ مدحت خوان ـــ محمد صه عربي جو.

سردار علي سلطان هُجي ڪو،

خسرو يا خاقان هُجي ڪو،

آهي دايو يا دربان ـــ محمد صه عربي جو.

 

(3)

تنهنجي چشمن ڪيو بي چين پرين،

تنهنجا آهُوءَ وارا عين پرين.

تنهنجون پنبڻيون ٿيون پيڪان هڻن،

تنهنجون ڪجليون ٻيڻا ڪان هڻن،

بي پرواهيءَ سان بان هڻن،

تنهنجا ڪج آبرُو قَوسَيُنِ پرين.

تنهنجو پرور ڏي پرواز ٿيو،

توتي رب جو ڪيڏو راز ٿيو،

مٿان عرش منجهان آواز ٿيو،

هتي لاه نه تون نعلين پرين.

وه، وصل جو حال حسينُ هيو،

جنهن جو آگو پاڻ امين هيو،

اُتي پردو هو يا ڪين هيو،

تنهنجي مولا جي مابين پرين.

جن جا ڏيل ڏڪيا ٿي ڏوه ڏسي،

پنهنجي عصيان جا انبوهه ڏسي،

آيا تو در تنهنجو توه ڏسي،

تنهنجي سام پيا ثقلين پرين.

جيڪي غرق گناهن منجهه گندا،

اهي حشر جي عالم ڪيئن ڪندا،

تنهنجي لوئي ۾ آخر لِڪندا،

تنهنجي دامن ۾ دارين پرين.

لولاڪ لما تنهنجو شان سڄڻ،

توکي مولا بخشيو مان سڄڻ،

تنهنجي هٿ ۾ محل مڪان سڄڻ،

تنهنجي قدمن ۾ ڪونين پرين.

تنهنجو عشق کپي احسان کپي،

پنهنجي دردن جو درمان کپي،

مون کي داتا توکان دان کپي،

”سردار علي“ هنئين سين پرين.

 

(4)

متاعِ عشق کي جيڪي مدام ٿا سمجهن،

حقيقتاً سي محبت جي مام ٿا سمجهن.

مزيد ڪهڙو ڏيون پنهنجي بندگي جو ثبوت،

اسان کي غير به تنهنجو غلام ٿا سمجهن.

پيار پنهنجي هٿن سان ڪو جام اي ساقي،

هي رند خود کي اڃا تشنه ڪام ٿا سمجهن.

حريم ناز ڏي جيڪي ويا، وري نه وريا،

ديارٖ حسن کي دارُ السَلام ٿا سمجهن.

جنون کي ڪيئن نه بنائن سي پيشوا پنهنجو،

جي راهِ عشق کي مشڪل مقام ٿا سمجهن.

رهي ٿو باده پرستن کي بي خودي ۾ شعور،

هو تنهنجي بزم کي بيت الحرام ٿا سمجهن.

هي طالبانِ حقيقت، هي ساجدانِ جمال،

ازل کان عشق کي پنهنجو امام ٿا سمجهن.

عطائي عشق جي صدقي تمام اهلٖ نظر،

اسان کي لائق صَد احترام ٿا سمجهن.

انهن جي ذره نوازي جو ذڪر ڪر ”ذاڪر“،

جي توکي پنهنجي سيادت ۾ سامَ ٿا سمجهن.

ڪافي رنگ

تنهنجي حسن ڪيا حيران پرين،

سڀ جن ملڪ انسان پرين.

ڪٿي حسن حجابي حور سندو،

ڪٿي شعلو تابان طور سندو،

ڪٿي عرش تي جلوو نور سندو،

تون ته هر جلوي جي جان پرين.

تنهنجي سونهن اڳيان سنسار جهڪن،

مہ و انجم جا انوار جهڪن،

هڪ وار نه پر سؤ وار جهڪن،

تون ته صورت جو سلطان پرين.

سردار هجن، سلطان هجن،

پنهنجي ليکي خاني خان هجن،

ڪي خسرو يا خاقان هجن،

تنهنجي در جا سڀ دربان پرين.

توکي محبوبي معراج مليو،

”لولاڪ لما“ جو تاج مليو،

پنهنجي ڏاتر کان جيڪو ڏاج مليو،

سو ته شاهنشاهي شان پرين.

توسان نسبت، تنهنجو نام سڄڻ،

هر عاصي لئي آرام سڄڻ،

”سردار علي“ تنهنجي سام سڄڻ،

ڪر عاجز تي احسان پرين.

 

(2)

تنهنجي سونهن بنان سرڪار،

جڳ ۾ اونده انڌوڪار.

سج چنڊ ڪتيون ٽيڙو تارا،

سونهن سنواريا تنهنجي سارا.

جيڪي چمڪن ٿا چوڌار،

آندئون توکان رُوپ اُڌار.....

حسن تنهنجي خيرات ورهائي،

ساري جڳ جي سونهن وڌائي.

توکان آئي بوءِ بهار،

جنهن کان هنڌ هنڌ ٿي هٻڪار......

چوڏس چمڪيا، نور نظارا،

من موهيندڙ، پيارا پيارا.

هي گل ڦل ۽ هي گلزار،

تنهنجي روپ جا رنگ هزار.....

رحمت تنهنجي رنگ رَچايو،

سانوڻ جو سڀني تي سايو.

لڌي سارنگ جڳ جي سار،

ٿي ويا برپٽ باغ بهار.......

جلوا جڳ مڳ نور نشاني،

ساٺ سڄڻ تنهنجا سلطاني.

هڪ صورت ٻيو سينگار،

جنهن تان ٻيئي جڳ ٻلهار......

ٻول تنهنجا اڻ مول وڻن ٿا،

مُک مان ڄڻ پکراج ڇڻن ٿا.

تنهنجي گنجينو گفتار،

جنهن ۾ هيرا لعل هزار.......

”ذاڪر“ تو در آه سوالي،

راحم ڪر ان جي رکوالي.

هي لاغر ۽ لاچار،

تنهنجي سام پيو سردار......

تنهنجي سونهن بنان سرڪار،

جڳ ۾ اونده انڌوڪار.

 

(3)

مان ته سيد تنهنجي سام،

اچي ڪر مِهّرَ محمد ڄام.

روئندي رات ڪٽيان ٿو ڪاري، گوندر ڏينهن گذاريان،

وره وڇوڙي جي هڪ ساعت سال برابر ساريان،

دل بيتاب اُداسي اکيون، نيڻين ننڊ حرام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

پنڌ پراهون منزل مشڪل ويتر ڪوسي واري،

بار گناهن جو سر باري سونهون ناه، سواري،

واٽ اڻانگي ۾ ڪر واهر، اوکي ويل امام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

هِجِر جو حال هَنجُنِ جي مسُ سان رات لکيو مون روئي،

هڪڙي سِٽَ ۾ يارَ! سَمهويُم پنهنجو سُور سڀوئي،

تنهنجي ماڙِ بنان اي مُرسلِ، منهنجي مَن اندر ماتام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

دور رهين ٿو دلبر دل جو ڪيئن مان سور سڻايان،

درد جي هيءَ روئداد مان تو وٽ ڪهڙي ريت رسايان،

قاصد ڪونه پڄائي ڪاغذ پانڌي ڪو پيغام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

بات ڪيم بيداد نگر جي همت سان حق گوئي،

جَبرَ جي طرفان جيل مليو، ڪر دوست اچي دلجوئي،

تنهنجي ڏَڍَ تي، ڏاڍ جي آڏو هوت هنيئن مون هام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

قيد جي قهر مصيبت سان گڏ، مرضن آه مُنجهايو،

حال غريبي هيڻو پنهنجو ساٿ نه ڪو سرمايو،

دارون درد بچيو بس مون لئه نافع تنهنجو نام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

ڏاڍا پنهنجو ڏاڍُ ڪري مون هِيڻي کي هِيسائِنِ،

هڪڙي ڪيس ختم ٿيڻ تي ٻيو ٿا ڪيس بنائن،

اهڙي ريت مچايو مون لئه ڪم ظرفن ڪهرام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

مولا توکي پاڻ عطا ڪئي محشر جي مختاري،

درمندن کي تنهنجي ڪافي، دنيا ۾ دلداري،

هُتِ پڻ شاه شفاعت گهرجي، رهبر روز قيام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

تون صاحب ثقلين جو سائين تو وٽ سڀ سرمايو،

مان محتاج مراثي منگتو، تنهنجي در جو دايو،

دان گهران ٿو دانا، ڏي ڪو عاجز کي انعام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

”ذاڪر“ پيو زندان ۾ تنهنجي مدح محمّد ڳائي،

بند ۾ هي بي واهو، تنهنجي واهر ڏي واجهائي،

ظلم جا ڪڍ زنجير پَڳَن مان، دوست سمورا دام،

اچي ڪر مِهرَ محمّد ڄام.

 

(4)

مان ته پاند ڳچي ڳل پايان ڙي،

پنهنجي پريتم کي پرچايان ڙي.

کِلندي کِلندي راءُ رسي ويو،

راءَ کي ڪيئن ريجهايان ڙي.....

ڳلي ڳلي ۾ ڳوليان ان کي،

واٽن تي واجهايان ڙي .....

ڪفني پايان، تلڪ لڳايان،

ڇير پَڳَنِ ڇمڪايان ڙي ......

ٻاجهه ڪري شل ٻيهر پنهنجي،

ٻيجل کي ٻاڏايان ڙي.....

ڪِرتِ ڪَچِيءَ جو ڪيتو لوڙيان،

پنهنجي منهن پڇتايان ڙي.....

ساجن کي ”سردار علي“ چئي،

سڪ سان سيس نوايان ڙي.

پنهنجي پريت کي پرچايان ڙي.

 

(5)

پکي پيغام پرين جو عجب انداز سان آندو،

کنڀن جي اوٽ ۾ کنياتي رکي ڪنهن راز سان آندو.

سموئي کنڀ سرمائي،

لٿو لامن تان ٽپ کائي،

کلي خوش ٿي، نچي ڳائي، نياپو ناز سان آندو.

نمائي سر ٻڌي ٻانهون،

سڻائي درد جون دانهون،

عجيبن جي اڳيان آهون، ڪري ايلاز سان آندو.

ڪڍي خط قرب جو ڪانگل،

ڏنو اهڙي ڪري اٽڪل،

ٻئي ڪنهن کي نه ڪائي ڪل، دٻيل آواز سان آندو.

چوي ”سردار علي“ سَٿ جو،

مليو انعام اُلفَتَ جو،

شرف نامو شفاعت جو، پکي پرواز سان آندو.

 

(6)

توکي ساجن ٻانهن سيراندي،

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

گوندر ۾ سڄي عمر گذاريم، وار نه غم کان واندي،

سورن جي سوغات مون کي تو هوت ڏني هيڪاندي،

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

ديس ڇڏي پرديس پيس مان ته امر لکئي هت آندي،

قسمت مون کي قيد ڪيو هت بيوس آهيان باندي،

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

وڇڙي آهيان يار وڳر کان دوست ڦران درماندي،

سار لهين شل ساٿ ڌڻي مان ته راه سنئين کان راندي.

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

چرخو چوري سوڌيو سرتين سون رپو ۽ چاندي،

هئه هئه منهنجو حال اهو جو پوري آه نه پاندي،

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

جيئري جي ”سردار علي“۾ چئي دور رهيس درماندي،

مرڻ پڄاڻان مانَ مِلي ڪا تنهنجي يار پيراندي،

ماندي آهيان يار سڄڻ، مان تو لئه آهيان ماندي.

 

(7)

ڇڏي ويا جوءِ کي جوڳي،

اچن شل ماڳ تي موٽي.

ڪڙولا پرت جا پائن،

لڱن تي لوهه لڙڪائن،

سناسي ڌوڙ ۾ ڌانئن،

چڳون سر چيڙه سان چوٽي.

دلق مان نفس جي نوڙي،

سڄي سامِنِ ڇڪي ڇوڙي،

گندي پنهنجيءَ کي گاروڙي،

ڏين ٿا عشق جي اوٽِي.

توڪل جا ڪشي توڏا،

سهي لاحد سندا لوڏا،

ٿيا اثبات کي اوڏا،

ٻڌي جن ”لا“ جي لانگوٽي.

چوري ”سردار علي“ سامي،

آهن اڳ پو جا انجامي،

ٿيندا هر حال ۾ حامي،

کري آهيان توڙي کوٽي.

 

(8)

لهي ساٿ ڌڻي شل سار،

مان ٻلهار ـــ پنهنجي ٻاروچل تان.

وَرَ کي ڏير وٺي ويا،

ڪري ڌوٻياڻي کان ڌار،

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان.

ڪاهي وڃان ٿي ڪيچ ڏي،

منهنجي اديون الله توهار،

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان.

اولو پنڌ پهاڙ جو،

مان ته لاغر ۽ لاچار،

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان.

ياد رهان شل يار کي،

ڪري پَرپُٺ مانَ پَچَار،

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان.

”سردار علي“ چئي سيگهه مان،

ڪندو پاڻ پنهون پوئوار،

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان.

(وڌيڪ پڙهو) 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org