سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نعتيه ڪلام

باب: --

صفحو :2

هن دور ۾ نعمت گوئيءَ جي رجحان ۾ ڪجهه تبديلي اچي وئي آهي. اڳئين دور جا شعراءِ ڪرام حضور جن جي ڪمالاتِ نبوت کان علاوه سندس ذاتي اوصاف ۽ خاص طور تي سندن حسن و جمال جو ذڪر به تفصيل سان ڪندا آهن، مگر هاڻي گهڻو توجه سندن اولوالعزامي، استقامت، خود اعتمادي ۽ هڪ ڪامل ۽ مثالي انسان هجڻ تي ڏنو وڃي ٿو. اهو رجحان ذهني ترقيءَ جي موجوده دور ۾ انسان جي فڪر ۽ شعور ۾ پيدا ٿيل تبديليءَ جو نتيجو آهي، ۽ ان جو مقصد حضور جن جي امتيازي عظمت ۽ فضائل کي زياده کان زياده اُجاگر ڪرڻ آهي.

خبر نه آهي ته ڪڏهن، هن ڳالهه تي به غور ڪيو ويو آهي يا نه، ته ان ڏينهن کان وٺي جڏهن زمين آدم جا قدم چميا آهن،. اڄ تائين ڪنهن به انسان جي ايڏي ثنا گوئي ۽ ستايش گري نه ڪئي وئي آهي،جيتري گذريل چوڏهن سؤ ورهين ۾ محمّد عربي جي ڪئي وئي آهي، مگر ايڏي ثنا ۽ ستايش جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن اهل سخن کي اهو اطمينان نه ٿيو آهي ته هن کي جيڪي چوڻ گهربو هو، سو هن چيو، ۽ هاڻي نعمت گوئي جي ذوق جي سيرابيءَ لاءِ وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه آهي. ان جي برعڪس اهو ذوق، ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو. نعمت گو حضرات جون زندگيون نعمت چوندي ختم ٿي ويون ۽ هنن جي دلين ۾ نعمت گوئيءَ جي حق ادا ڪري نه سگهڻ جو افسوس رهجي ويو.

مون مٿي ”چوڏهن سؤ ورهين“ جي حد بندي حضور جن جي ظهور پُرنور جي پيش نظر ڪئي آهي، ورنه اڳيان انبياء ڪرام حضور جن جي باري ۾ جيڪي چوندا ويا آهن، ان کي ڏسي ٿو ته هن چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نظر نٿو اچي ته اهو سلسلو ازل کان جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهندو. ان جو سبب ظاهر آهي، ۽ انساني تاريخ ۾ انسان ذات کي حضور جن جهڙو بهتر ۽ برتر، بلڪ هر پهلوءَ کان ڪامل ۽ مڪمل انسان نظر ڪو نه آيو آهي.

حضرت حسّان بن ثابت، جو اکين ڏٺو شاهد آهي انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪندي، چوي ٿو:

وَ اَجُمَلَ مِنُڪَ لَم تَرَ قَطّ عَيَب

وَ اَڪمَلَ مِنُڪَ لَم تَلِہِ النَّساء

خُلقتَ مُبَرَّاءٰ  مِن ڪُلّ عَيب

ڪَانَّڪَ قَدُ خُلقتَ ڪَمَا تَشَاء

(تو کان وڌيڪ سڻهو انسان ڪنهن به اک، ڪڏهن ڪِين ڏٺو ۽ تو کان وڌيڪ ڪامل ۽ مڪمل پٽ ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو آهي. تو کي سڀني عيبن کان پاڪ پيدا ڪيو ويو آهي. ائين ٿو ڀانئجي ته توکي بالڪل اَو نين پيدا ڪيو ويو آهي. جيئن تو پاڻ چاهيو آهي).

جيئن الله پاڪ جي ذات اطهر جي حمد بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪري نٿو سگهجي، تيئن حضور جن جي ذات جامع الڪمالات جي مدح وثنا جو حق به ڪو شاعر يا دانشور ادا ڪري نٿو سگهي:

لاَ بمڪِل الثَّنَاءُ ڪَمَا ڪَانَ حَقُه

الله تعاليٰ حضور جن کي انتها درجي جي عظمت ۽ بلندي بخشي آهي. ايتريقدر جو حضور جن جو ذڪر الله جي ذڪر سان گڏ ڪيو وڃي ٿو، بلڪ الله تعاليٰ خود حضور جن جي ذڪر ۾ رطُبُ اُلّلسِان رهي ٿو. انهيءَ ڪري حضور جن جي ماهيت الله ئي سمجهي ٿو. انسان جو علم ۽ فهم حضور جن جي فضائل ۽ محاسن جو ا‎حاطو ڪرڻ کان قاصر آهي. امام بُوصيِريِ رحمة الله عليه چيو آهي:

فَانَّ فَضلَ رَسُولِ الله لَيس لَه

حَدّ، فَيعُرِبَ عَنُه نَاطِقُ بِغَمِ

(حضور جن جي فضل ۽ ڪمال جي ڪا انتها آهيئي ڪانه، جو ڪو شخص ان کي بيان ڪري سگهي).

جڏهن صورتحال اها آهي ته هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته حضور جن جي ثنا گوئي ۽ ستايش گريءَ هو حق ادا ڪرڻ ناممڪن آهي، مگر نعت انهيءَ هوندي به چئي وڃي ٿي. حضور جن جي ذات والاصفات سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ، ايمان جي تڪميل ۽ تازگيءَ لاءِ، ۽ قلب ۽ روح جي تسڪين لاءِ هڪ عرب شاعر چيو آهي ته:

مَا اِن مَدَ حُتُ مُحَّداَ بِمَقَالَتِي

لا ڪِنُ مَدِ حُتُ مَقَالَتِي بِمُحَمَّدِ

(يعني مان پنهنجي ڪلام ۾ حضور جن جو نالو سندن تعريف ۽ توصيف لاءِ نٿو کڻان، پر پنهنجي ڪلام جي زيب ۽ زينت لاءِ استعمال ٿو ڪريان).

هر شاعر تعريف ۽ توصيف جو حق ادا ڪرڻ کي ناممڪن سمجهڻ جي باوجود، يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حضور جن جي تعريف ۽ توصيف ڪرڻ بعد مقطع ۾ هيئن چوڻ تي مجبور ٿيو آهي:

غالب ثنائٻي خواجه به يردان گذاشتيم

کان ذاتِ پاک مرتبه دان محمّد است

سڀني شاعرن مدح سرائيءَ جي باوجود گهڻو ڪري پنهنجي علم ۽ ادراڪ جي ڪوتاهي ۽ فڪر ۽ خيال جي ٻي پَروبالِيءَ جو اعتراف ڪيو آهي، مگر سڀ کان سهڻي ڳالهه، جا اختصار جي باوجود پنهنجي اندر جامعيت رکي ٿي، شاهه عبدالعزيز دهلويءَ چئي آهي:

بعد از خدا بزرگ توئي، قصد مختصر

ها، ته حمد کان پوءِ نعت آندي وئي آهي، هڪ نعتيه غزل هن طرح آهي:

تصوّرات جي حد کان مٿي، گمان کان مٿي

مقام صاحب، لولاڪ لامڪان کان مٿي

حضور جن جي ارفع ۽ اعليٰ مقام کي هن مطع جي اندر جنهن صحيح ۽ بهترين طريقي تي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کان وڌيڪ بهترين طريقي تي بيان ڪرڻ مشڪل هو. الفاظ به سهڻا آهن. انهن جي بندش به چُست ۽ دلڪش آهي ۽ معنوي اعتبار کان به جا ڳالهه چئي وئي آهي، اها حرف بحرف درست آهي. مگر انهيءَ اظهار حقيقت جي اندر انساني فڪر جي ڪوتاهيءَ جو راز به پوشيده نظر اچي ٿو، جو شاعر حضور جن جي مقام جي ”مٿانهينءَ“ جو تعين ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ ”مٿٻي“ جو اکر استعمال ڪري، پنهنجي فڪر جي ڪوتاهيءَ تي پرده وجهڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي.

هن خوبصورت غزل جي اندر لفظي ۽ مغوي دلشڪي، فڪر جي صحت ۽ اندازِ بيان جي ندرت جي لحاظ کان هيٺيون مصراعون شاهڪار جي حيثيت رکن ٿيون ۽ سنڌي شاعري انهن تي فخر ڪري سگهي ٿي:

1.                رسول پاڪ جو رتبو اڃا مٿان کان مٿي

2.                عطائي عشق محمد متاع جان کان مٿي

3.                قدم ۾ قيصرو ڪسريٰ، هٿن ۾ هفت اقليم

”مٿان کان مٿي“ واري فقري ۾ جو بي ساختگيءَ جو انداز ۽ قدرتي ترنم ۽ نغمگي آهي، اهو حافظ شيرازيءَ جي مشهور مطع:

اکر آن ترک شيرازي بدست آرد دِل مارا

جي مصرعہ ثاني جي آخري فقر.

....................... سمرقند و بخارا را

جي يادگيري ٿو ڏياري. حافظ جي انهيءَ غزل مان بيت الغزل جي طور تي اگرچه ٻيا بيت منتخب ڪيا ويا آهن، مگر انهيءَ هوندي به اهو فقره پنهنجين بي پايان لفظي ۽ معنوي لطافتن جي ڪري غزل جي جان آهي، ۽ تعجب آهي ته اهل ذوق انهيءَ فقره ڏانهن اهو توجه ڇو نه ڏنو آهي، جنهن جو هو مستحق آهي.

سردار علي شاهه جي غزل ۾ ”مٿان کان مٿي“ واري فقري ۾ اهو ئي ”سمرقند و بخارا را“ وارو زيرو بَمّ، شيريني ۽ شگفتگي موجود آهي. اهي الفاظ هڪ طرف انسان جي ادارڪ کي حضور جن جي بي انتها بلندين ۽ وسعتن ڏانهن متوجه ڪن ٿا، ۽ ٻئي طرف انهن جي نغمگي، ذوق سليم کي تسڪين ٿي بخشي، هڪ ناقابل بيان حَظ ۽ لذت سان آشنا ٿي ڪري ۽ بقول عرفيءَ جي:

فِتاد سامعه درمَوجِ کوثر وتسنيم

جهڙي سرمدي ڪيفيت سان همڪنار ڪري ٿي ڇڏي.

مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جنهن کي ”تصورات جي حد کان مٿي“ واري غزل جي تخليق جو سبب چئي ٿو سگهجي. شيخ سعدي جي مشهور نعتيه بيت ”بلغ العليٰ بڪمالہٰ“ جون گهڻيون ئي تضمينون چيون ويون آهن. فارسيءَ ۾ به ۽ اردوءَ ۾ به. اردوءَ جي هڪ تضمين قواليءَ جي طرز تي ريڊيو تان به نشر ڪئي ويندي آهي. هڪ دفعي سردارعلي شاهه اها تضمين ٻڌي رهيو هو. جڏهن قوال اصلي بيت جي پهرئين فقر بلغ العليٰ بڪاله تي تضمين جو هيءَ فقره دهرائڻ لڳو.

کوئي حد هه آن که عروج کي؟

ته عروج جي تصور ۾ هن جا هٿ بي اختيار مٿي کڄڻ لڳا، ۽ کڄندا رهيا، تان جو اضطراري حالت ۾ اٿي بيٺو، ۽ ”هيترو مٿي، هيترو مٿي؟!!“ جڏهن سندس قد ۾ هٿن جي حد پوري ٿي، تڏهن کيس ڪجهه ڪجهه هوش اچڻ لڳو ۽ نيم مدهوشيءَ جهڙي ڪيفيت ۾ چوڻ لڳو:

تصورات جي حد کان مٿي، گُمان کان مٿي،

مقامِ صاحبِ نولاڪ لامڪان کان مٿي.

اها عشق جي واردات آهي ۽ اهل بصيرت جي سمجهڻ جي ڳالهه.

هڪ ٻئي غزل جو مطع آهي:

لطف و ڪرم جو گنج محمّدصه جي ذات آ،

ڪاسه بدست جنهن جي اڳيان ڪائنات آ.

هن شعر ۾ لفظن جو صحيح انتخاب، انهن جي سهڻي بندش، حقيقت بياني ۽ بي ساختگيءَ جو انداز تحسين جي لائق آهي. هي شعر صُوري اعتبار کان ”سهل ممتنع“ آهي ۽ معنوي لحاظ کان اِنمَا اَنَا قَاسِمُ وَ الله يُعطِي جي مڪمل تشريح، اگرچه اهو اعطاءُ ۽ اها تقسيم علم جي متعلق آهن، مگر مان انهن جي تَعِمُيُمَ جو قائل آهيان.

هن غزل جا سمورا اشعار هڪجھڙا لطيف، دلڪش، بامعنيٰ ۽ روان دوان آهن ۽ ان جي حرف حرف مان محبت ۽ عقيدت جا جذبا جلهڪي رهيا آهن، مگر اها تخصيص رڳو هن غزل جي نه آهي، سمورو ڪلام اهڙوئي لطيف ۽ دلڪش آهي. مان اختصار جي خاطر چند نعتيه غزلن مان نموني طور فقط هڪ هڪ شعر پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو. پر اهو انتخاب نه آهي، صرف نمونو آهي. انتخاب اتي ڪبو آهي، جتي حشو جو احتمال هوندو آهي. حشو گهٽ هجي ته انتخاب جي گهڻي ضرورت نٿي پوي.

 

رسي راحت، مِٽيا رنج والم سڀ،

شَہِ لولاڪ جا لطف وڪرم سڀ.

 

نگاهه ناز جو آهي اثر سڀ،

سُڪونِ قلب ٿيو زيرو زبر سڀ.

 

شفيح المذنبين جي سام آهيون،

انهيءَ جي هٿ اسان جي آبرو سڀ.

هن شعر مان رڳو شاعر جي دل جون ڌڙڪڻون ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن، پر اهو، رسول عربيءَ جي سڀني غلامن جي ضمير جو آواز آهي ۽ منهنجي دل شاهدي ڏئي رهي آهي ته هيءُ شعر جي شفاعت جوسبب ٿي سگهي ٿو. فني لحاظ کان هي شعر سهل ممتنع جو ايڏو اعليٰ شاهڪار آهي، جو موجوده دور جي سنڌي شاعرن ان جو نظير پيش ڪرڻ کان معذور نظر اچي ٿي.

مٿين غزلن ۾ رديف ساڳيو آهي ۽ قافيو الڳ الڳ. هن مجموعي ۾ اهڙا غزل ٻيا به آهن، جن ۾ رڳو قافيه جي ردوبدل ڪري، ساڳي زمين ۾ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي ۽ گهڻو ڪري سڀني شاعرن ائين ئي ڪيو آهي. شعراءِ ڪرام کي ائين ڇو ته ڪرڻو پوي، ان جو سبب غالباً اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته شاعر جي طبيعت ۾ البيلائي ۽ جذبات ۾ تلاطم پيدا ڪري جڏهن مَتَنَوع مضامين جي بي پناهه آمد شروع ٿئي ٿي، ۽ مستي ۽ مخموريءَ جي عالم ۾ هو انهيءَ ڪيفيت کي الهامي واردات سمجهڻ لڳي ٿو، تڏهن هن جي دل گُهري ٿي ته اهو اهي سمورا نادر ۽ نازڪ خيالات غزل جي ذريعي منظرِ عام تي آڻي. پر غزل هڪ ۽ خيالات بيشار قَلَّ وَ دَل تي عمل ڪندي غير معمولي بلاغت جو مظاهرو ٿو ڪري ته غزل جي نفاست ۽ نزاڪت متاثر ٿي ٿئي ۽ خيالات جي سيلاپ کي روڪڻ به هن جي وس ۾ نٿو رهي، جنهنڪري انهن کي رواني سان جاري رکڻ لاءِ کيس راهه هموار ڪرڻي ٿي پوي ۽ ساڳي زمين ۾ قافيه ۽ رديف جي معمولي تبديليءَ سان هڪ کان وڌيڪ غزل چوڻ شروع ڪري ٿو.

شايد اهڙي ئي صورتحال پيش اچڻ سبب غالب کي چوڻو پيو هو ته:

بقدر ذوق نبين ظرف تنگنائه غزل

کچهه اور چاهه وسعت ميري بيان کي لئه

نعت جو نمونو:

جانِ جمالِ اَوّلين، يا نغمه سازِ الست

هر زاويه کان هُو بَهُو، صَلّواعليه وآلہٰ

 

انهيءَ کان وڌ نه ڪا تعريف ان جي

خدا خود آ ثنا خوانِ محمدّ

 

خدا بخشي ڇڏي ان کي خدائي

محمدّ ٿيو جڏهن مهمان اُن جو

 

اها وضح پير مُغان سِندي، اهو ميڪدي جو مزاج آ جي ڪري ڪو عرض ”اَڃا، اَڃا“، ملي جام جلد وري وري سخن شناس سمجهي سگهن ٿا ته هن ڪيف اور ۽ نشاط بخش شعر جي اندر لفظي ۽ معنوي محاسن جا ڪيترائي مئخانا پوشيده آهن. خاص طور تي ”ميڪده جو مِزاج“ واري معنيٰ خيز ترڪيب ۾ جا رعنائي ۽ دل آوبزي آهي، ان کي صرف وجدان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. الفاظن ۾ ايڏي وسعت ۽ همه گيري ڪٿي آهي جو ان جي گَهَرائيءَ ۽ نُڪته آفريني جو احاطو ڪري سگهن.

عرشِ بَر يِن تي خاڪ نشين جي خوش آمديد

اهلِ سَما ۾ عظمتِ انسان جي ڌُوم آ

 

تنهنجي اغجازِ همه دانيء فطرت تان نثار

اهلِ دانش جي سڄي فلسفه داني- جاني!!

 

گلشن دهر جي دامن تي عجيب نقش ونگار

رنگِ اعجازِ رسولِ مَدنِي کي ته ڏسو.

ڪي ڪي نعتيه اشعار طبيعت کي ايڏو ته محور ۽ متاثر ڪري ٿا وجهن جو اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو ته هيءَ معافي ۽ بيان جي سدا بهار گلشن جا رنگ برنگي گل آهن، جي اکين کي طراوت ۽ روح کي راحت ٿا بخشين يا خضر جهڙي ساقيءَ جي هٿان عطا ٿيل آب حيات جون لذت بخش ۽ سُرُور انگيز سُرڪيون آهن، جي عشق محمدي جي مخموريءَ ۾ سرمست ڪري ٿيون ڇڏين. سردار علي شاهه جي نعتن پڙهڻ سان انهيءَ تاثر ۾ وڌيڪ پختگي پيداٿي ٿئي ۽ اضطراري حالت ۾ انهن کي جهونگاريندو رهڻ لاءِ دل بيتاب ٿي رهي.

بهرحال، هنن نعتن اها حقيقت واضح ڪري ڇڏي آهي ته شاعر، محمديءَ کي سرمايهء حيات، بلڪ سرمايهء ۽ ايمان بنايو آهي ۽ هيءُ سڄي نغمه سنجي هن جي جذبهء عشق جي آئينه دار آهي. شاعر خوش نصيب معلوم ٿئي ٿو، ۽ هن جي خوش نصيبيءَ تي رشڪ ٿو اچي، جو آقا ۽ موليٰ هن کي پنهنجي مداحيءَ جو شرف بخشيو آهي.

غزل کان علاوه ڪيئي نعتون برنگ ڪافي پڻ مجموعي ۾ موجود آهن، هن جي جيتري تعريف ڪجي ٿوري آهي. ڇا ته سندن الفاظ جي پوچ آهي، ڇا ته منجهن ترنم ريزي آهي ۽ ڇا ته اثر انگيزي آهي. بس پڙهڻ سان ئي تعلق رکن ٿيون.

آخر ۾ صنف منقبت تي به خوب طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، ۽ امام عالي مقام سيّدنا و سيّد الشهدآء، حضرت حسين عليه السلام جي حضور ۾ نذرانهء عقيدت پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي وئي آهي:

خدا جي دين جي دولت، حسين ابن، علي،

متاعِ عشق و محبت حسين ابن، علي،

نصابِ حق جي عبارت حسين ابن، علي،

رديف نظم رسالت حسين ابن، علي،

هي سڄي منقبت اهڙي ئي رنگين ۽ دلپذير آهي، شهد ۽ شڪر کان مٺي ۽ ڪوثر ۽ تسنيم کان وڌيڪ لذت ڀري، جنهن جي ملاحظه ڪرڻ سان رڳو شاعر جي شاعرانه ڪمالات جو پتو نٿو پوي، پر آلِ رسول سان سندس عشق و محبت ۽ شهيدِ ڪربلا جي عظمت ۽ منزلت جو اظهار به ٿئي ٿو.

آل رسول سان شاعر جي والهانه جذبات جو، ۽ بحيثيت شاعر جي سندس صحيح فڪر ۽ پاڪيزه زبان جو اندازو هن ”منقبتي غزل“ جي مطلع مان ۽ خاص طور تي ”حسين مطلغ“ جي ابتدائي فقرن:

نصابِ حق هي عبارت ............................

۽

رديف نظمِ رسالت .................................

مان لڳائي سگهجي ٿو. انهن فقرن مان ائين محسوس ٿو ٿئي، ته اهو آلِ رسول سان عشق جو فيضان آهي، جنهن شاعر کي آلِ رسول جي ارفع ۽ اعليٰ مقام جي ادراڪ ۽ عرفان جي توفيق بخشي ۽ کيس ان جي اظهار تي ايڏي قدرت عطا ٿي، جو هو پنهنجي احساسات کي انتها درجي جي سهڻن لفظن ۽ سهڻي لهجي ۾ ادا ڪري سگهيو.

مان سمجهان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي ته اهو شعر ادب عاليه جو اهڙو حسين و جميل شهپارو آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي حسن و جمال ۾ غير معمولي اضافو ڪيو آهي، ايتريقدر جو هوءَ جيڏين سرتين جي سٿَ ۾ يعني ٻين مشرقي زبانن جي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ فخر سان منهن مٿي ڪري سگهي ٿي.

حضرت امام عالي مقام جي شهادت عظميٰ ڏانهن هڪ نعتيه غزل ۾ به اشارو ڪيو ويو آهي:

سردار صبر جميل ڀي، تَہِ تيغ سَرّ بَسجُود ڀي،

هي مقام آل رسول آ. ڪري ڪير اُن سان برابري.

 

ــــ   حافظ خير محمد اوحدي (مرحوم)

 

 

شهرت جو گُهري خير ته ڪوشان جو خير،

زرمال جو، اولاد جو، ڪو جان جو خير،

هرڪو ٿو گهري توکان باندازهء فڪر،

يارب! مان گهران دولتِ ايمانَ جو خير.

 

(ٽيهه اکري)

حمد باري تعاليٰ

 

الف_ اول آخر ذات الاهي،

ٻي سڀ مخلوقات الاهي،

تو هٿ موت حيات الاهي،

عزّت ذلّت، ساهه پساهه_ لاالــٰـہ الاّ الله.

ب_ باري برحق بات الاهي،

قرآن ۾ ڪلمات الاهي،

ارض و سما آيات الاهي،

وڻ ٽڻ ٻوٽا گل ڦل گاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ت_ تن ۾ تنهنجي تات الاهي،

هر ڪنهن وائي وات الاهي،

حمد پڙهن حَشرَاتِ الاهي،

سائين، ڪن تنهنجي سارهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ث_ ثابت پاڪ صفات الاهي،

هَمَہ صِفَتِ حَسَنَات الاهي،

بندن تي برڪات الاهي،

امنُ امانُ ۽ رحمُ رفاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ج_ جلوا تنهنجا جڳمڳ جاني،

طور رجلي، نور نشاني،

تارن ڪَتيِّنَ جي تاباني،

شمسُ قمرُ يا مهر وماهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ح_ حمد جڳائي توکي جاني،

لاشڪ ذات صفت لاثاني،

ناهه شريڪ ٻيو تنهنجو شاني،

واحَد تُنهنِجي وحدت واهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

خ_ خادم تنهنجي خلق سموري،

آبي خاڪي ناري نُوري،

ان لئه تنهنجو ذڪر ضروري،

شڪر ادائي شاهنشاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

د_ دائم قائم تنهنجي قدرت،

دهشت، همت، هيبت، حشمت،

ليڪن جبر قدر جي نسبت،

رحمت تنهنجي عين اٿاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ذ_ ذڪر سمورو تنهنجو ذاتي،

ڪلمو پاڪ نفي اثباتي،

تنهنجي سڀ ساراهه صفائي،

ازلئون عين عبادت آهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ر_ رحمت تنهنجي رنگ رچايو،

سارنگ جو سڀني تي سايو،

وحدت جي وسڪار وهايو،

دين جي دولت جو درياهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ز_ زينت بخشي تو عالم کي،

حسن حياتي هر هڪ دم کي،

ڪامل ڇو نه چئون هر ڪم کي،

تنهنجو ٺاهوڪو هر ٺاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

س_ سائين سڀ جو آهين سهارو،

جو نه مڃي ان جو منهن ڪارو،

خُمُ بُکّمُ عُمّي سارو،

ٻوڙو، گونگو انڌو آهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ش_ شاهنشاهي شان آ تنهنجو،

قادر ڪُوّنُ مَڪان آ تنهنجو،

جَبّرُ قَدَرَ جولان آ تنهنجو،

باري آهين بي پرواهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ص_ صدق سچائي ڏي تون سائين،

بندي جو ايمان بچائين،

من ۾ منهنجي مَچُ مچائين،

الفت پنهنجي جو آڙاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ض_ ضُعّفُ بدن جو ۽ بيماري،

لاغر حالت ۽ لاچاري،

دل جي هر ڪُنڊ آهي ڪاري،

قلب جي ڪارنهن قادر لاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ط_ طاقت آهه نه مون ۾ تِرَ جي،

زورآوَرَ زاري ذاڪر جي،

شامت هر شيطاني شَرَ جي،

پرور ان کان ڏيئن پناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ظ_ ظاهر باطن ڄاڻ آ تو کي،

پرور پنهنجو پاڻ آ تو کي،

سڀ جي ڄاڻ سڃاڻ آ توکي،

ڏاتر هر هڪ شئي جي ڏاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ع_ عاصي پابند پليد رکي ٿو،

تنهنجي در ۾ ديد رکي ٿو،

رحمت جي اميد رکي ٿو،

واهَرَ تنهنجي ۾ ويساهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

غ_ غيرت ڏي ايمان جي مونکي،

دولت پنهنجي ڌيان جي مونکي،

آگا امن امان جي مونکي،

جُودَ ون ڏي نون جاءِ پناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ف_ فرق سڃاڻڻ نيڪ ۽ بد جو،

طَورُ تغاوت، حد لا حد جو،

حڪم مڃڻ تنهنجو، احمد، جو،

راسخ آهه اهائي راهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ق_ قدرت منجهه ڪمال آ تنهنجو،

جڳ جڳ جاه جلال آ تنهنجو،

موليٰ ڪو نه مثال آ تنهنجو،

جاني حاصل توکي جاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ڪ_ ڪانِهي پنهنجي ڪِرت ڪمائي،

پاند ۾ ناهي پئسو پائي،

هئه هئه پنهنجي پاڻ گنوائي،

عمر اجائي گاهه بگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ل_ لاشڪ وهم وجود نه تنهنجو،

والد يا مولود نه تنهنجو،

مائٽ ڪو موجود نه تنهنجو،

شرڪ نه گهرجي توکي شاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

م_ مالڪ ۽ مختيار مِڙِن جو،

پرور، پالڻهار مِڙنِ جو،

اوکي ۾ آڌار مڙِنِ جو،

هيڻن جو آهين همراهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

ن_ ناهه شريڪ ڪو تنهنجو شاني،

تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جاني،

ڪير سڏائي تنهنجو ثاني،

هر ڪو قدرت ۾ ڪوتاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

و_ واحد! تون هر شئي جو والي،

تنهنجي خوءِ خطا کان خالي،

نعمت تنهنجي آهه نرالي،

جنهن کي چاهين، تنهن سان چاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

هه_ هيڻو حال اسان جو هادي،

قول عمل سڀ وائي بادي،

امر نواهي کان آزادي،

نا صبحَ! ڪر ڪا نيڪ نگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

لا_ لاشڪ خلق سڄي جو خالق،

فرضي مَسّجُوّ دَنِ کان فائق،

تون ئي حمد وثنا جو لائق،

غير کي سجدو آهه گناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

عه[1]_ ”اللٰهُمّ سَترّ عوراتي“،

ان سان گڏ ”آمِن روعَاتي“،

سهنجي ڪر تون حال حياتي،

جرم و سزا جي جولانگاهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

 

ي_  ياور پنهنجي يار جي صدقي،

محشر جي مهندار جي صدقي،

ان سان پنهنجي پيار جي صدقي،

بخش اسان جا ڏوهه گناهه __ لاالــٰـہ الاّ الله.

 


[1]  اي الله پاڪ، منهنجي اوگهڙ ڍڪ.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org