سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نعتيه ڪلام

باب: --

صفحو :1

نعتيه ڪلام

سيد سردار علي شاه ذاڪر

مقدمو

سردار علي شاهه ذاڪر (مرحوم) جي ڪلام جو مطالعو ٿي ڪيم ته زبان جي تفاوت جي باوجود حافظ شيرازيءَ جي ڪلام جي سِڪَ پئي لٿي ۽ دل ائين ٿي گهُريو ته جيڪر مون کي به اهڙو شعر چوڻ اچي ها. مان سمجهان ٿو ته هن جي ڪلام ۾ اهو تاثير ٻين شاعرانه خ`بين کان علاوه، اظهار خيال ۾ هڪ منفرد اسلوب اختيار ڪرڻ جو ڪرشمو آهي. جو دل ۽ دماغ کي ايتريقدر متاثر ڪري ٿو.

شاهه صاحب سان 1949ع کان وٺي منهنجا دوستانه تعلقات رهيا آهن. شروع ۾ ڪجهه عرصو گڏ به رهيا آهيون. انهيءَ ڪري مون کي سندس علم ۽ فهم جي چڱي ڄاڻ آهي. موجوده دؤر جي صحافين ۾ هڪ ڪامياب صحافي هجڻ جي حيثيت ۾ سندس لياقتن جو قائل رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته مون ڏٺو آهي ته کيس نه فقط قومي ۽ بين الاقوامي مسائل کان آگاهِي آهي، پر مشاهده ۾ گهرائي ۽ فڪر ۾ پُختگي به اٿس، جنهنڪري ڪنهن به مسئلي جي تجزيي ڪرڻ بعد صحيح نتيجه اخذ ڪرڻ ۾ ناڪام نه رهندو آهي. مون کي هن جي اندازِ بيان ۾ نُدرت ۽ مافي الضمير جي ادائيگيءَ تي قدرت جي به خبر آهي. پر هن جي جنهن خوبيءَ مون کي سڀ کان زياده موهيو آهي، سا آهي هن جو حق جي حمايت ۾ سِينه سپر رهڻ ۽ ڪنهن به مشڪل مرحلي پيش اچڻ تي ”بسم الله مَجرٖيها و مُرساها“ چئي، ميدانِ ڪارزار ۾ ٽپي پوڻ.

صحافت وانگر شعر و ادب سان سردار علي شاهه (مرحوم) جي دلچسپيءَ جو علم به مون کي شروع کان ئي هو. مان سندس شاعرانه طبيعت کان ۽ سندس تخلص ”ذاڪر“ کان به واقف هوس. پر مون کي اهو پتو نه هو ته ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪري ٿو ۽ ڪهڙي معيار جو شعر ٿو چوي. ان جو سبب اهوئي ٿي سگهي ٿو ته ايتري قربت هوندي به، نه مون ڪڏهن سندس شعر ٻڌڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ نه پاڻ ئي ٻڌائڻ ضروري سمجهيائين.

1967ع ۾ کيس نظر جي ڪَميءَ جي شڪايت ٿي پئي، جنهنڪري روزمره جا مشاغل تَرَڪ ڪري ڪجهه عرصي جي لاءِ گهر ۾ رهڻ تي مجبور ٿيڻو پيس. گهر ۾ ٻارن جي چهچٽي ۽ ڊاڪٽرن جي آمد و رفت جي باوجود ڪنهن حد تائين يڪسوئي نصيب ٿيس. انهيءَ يڪسوئيءَ جي عالم ۾ قصيده بُرده جي مصنف امام بوصيري رحمة الله عليہ وانگر خيال ڪيائين ته شفايابيءَ لاءِ ظاهري علاج سان گڏ روحاني علاج جي به ضرورت آهي. آقائي دو عالم رسول اڪرم جن جي دامن ۾ پناهه وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه آهي. اهو خيال ڪندي ئي سندس توجه، جو اڳ ۾ زيادهه تر صحافت ڏانهن هوندو هو، هاڻي شاعريءَ ڏانهن منعطف ٿي ويو ۽ نعت جي رنگ ۾ درد ڀريون دانهون مديني جي مِير جي حضور ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيائين. آقا پنهنجي غلام جون دانهون ورنايون ۽ ڪمال شفقت سان انهن جو ترت تدارڪ ڪيائين. جڏهن شفاياب ٿيو ۽ مون سان مليو، ته مون کي هڪ نعتيه غزل ٻڌايائين، جنهن جو هي بيت ٻڌم ته حيرت ۾ پئجي ويس!

 

جانِ جمالِ اوّلين، يا نغمهء سازِ اَلَست،

هر زاويه کان هُوبَهوُ، صَلُوا عليه و آلِہٖ.

 

اها حيرت ڳچ عرصي تائين قائم رهي ۽ رکي رکي اهو سوچيندو رهيس ته ”هر زاويه کان هوبَهو“ جو راز هن تي ڪيئن منڪشف ٿيو، ۽ حقيقتٖ محمّديءَ جي هن اهم نُڪتي کي ايڏي اختصار ۽ سولائيءَ سان ادا ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪيائين.

انهيءَ بيت جي پوئين مصرع مون کي مسحور ڪري ڇڏيو. منهنجي دل ۽ دماغ جي مٿان حاوي ٿِي وئِي ۽ مان نه صرف تنهائيءَ ۾ ان کي جهونگاريندو رهيس، پر ڪنهن ڪنهن وقت اُٿندي ويهندي اضطراري حالت ۾ خودبخود زبان تي جاري ٿيڻ لڳي.

ان کان پوءِ جڏهن به ملڻ ٿيو، ته مون کي سندس نعتيه ڪلام ٻڌڻ جو موقعو ملندو رهيو. هر دفعي اڳي کان وڌيڪ محظوظ ٿيس ۽ غير معمولي ڪَيف ۽ سُرُور محسوس ڪيم. رڳو انهيءَ ڪري نه، ته مون کي انهن نعتن ۾ پنهنجي جذبا جي عڪاسي نظر ٿي آئي ۽ پنهنجي آقا ۽ موليٰ جي ثناگوئي ۽ ستايش گَري ٻُڌي، ايمان ۾ تازگي ۽ باليدگي پيدا پئي ٿي، پر هنن نعتن جو رنگ ئي اور هو. نئون اسلوب، نئون لهجو، نوان نڪتا، نيون تشبهيون، نوان استعارا، زبان ۾ شهد ۽ شَڪَر جو ميٺاج ۽ ادائگيءَ ۾ آبشارن جي رواني. انهن نعتن طبيعت ۾ نئون طلاطم برپا ڪيو ۽ وري ڪجهه عرصي کان بعد هڪ نعتيه غزل جو هيءُ مطلع ذهن جي مٿان حاوي ٿي ويو؛

 

تصورات جي حد کان مٿي، گُمان کان مٿي،

مقام صاحبِ لولاڪ، لامڪان کان مٿي.

 

سنڌيءَ ۾ نعت جو چڱو ذخيرو موجود آهي. هر شاعر پنهنجي علم ۽ فهم آهر خوب نعت چئي آهي اسان جي پيش و شعراءِ ڪرام مان جيڪي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، انهن نعت گوئيءَ جي حق ادا ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. مگر جيستائين لب و لهج ۽ رنگ ڍنگ جو تعلق آهي، منهنجي خيال ۾ سردار علي شاهه مرحوم جو ڪلام پنهنجو مثال پاڻ آهي.

عربي، فارسي ۽ اردو ۾ نعتيه ڪلام ايتري مقدار ۾ موجود آهي. جو ان جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي. قارئين ڪرام مان جن صاحبن جو انهن زبان سان تعلق رهيو هوندو، انهن جي نظر کان عربيءَ جا نعتيه قصيدا، قطعا ۽ مفرد اشعار، ۽ فارسي ۽ اردو جا نعتيه قصيدا، نعتيه غزل، مثنوين جي ابتدا ۽ حمد کان بعد نعتيه ابيات ۽ ڪن غير نعتيه غزلن جي اندر تَغَزلُ جي رنگ ۾ نعتيه گذريا هوندا. اهي صاحب جڏهن سردار علي شاهه هو سنڌيءَ ۾ چيل نعتيه ڪلام پڙهندا، ته کين گهڻي ڪمي محسوس نه ٿيندي. هي مجموعه هونءَ ئي سندن هٿن ۾ آهي ۽ هو پاڻ ئي سندس نعتيه ڪلام پڙهي منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪري سگهن ٿا.

هي نعتيه ڪلام جو مجموعو، جو ”وارداتِ عشق ‏“ (عرف زادِ ذاڪر) جي نالي سان منظرعام تي اچي رهيو آهي، سي حَرفي، حمد، نعت، غزل، ڪافي، گيت، نظم، رباعي ۽ قطعه جي صنفن تي مشتمل آهي.

مجموعي جي ابتدا ۾، خالقِ ڪائنات، مالڪِ ارض وسَماوات الله تبارڪ و تعاليٰ جي حمد و ثنا ۾ هڪ ٽيهه اکري (سِي حرفي)، ۽ ٽي غزل آهن.

فرشتا، جِن ۽ انسان، بلڪ ساري مخلوق، الله تعاليٰ جو حمد و ثنا ڪري ٿي. مگر ڪوبه سندس حمد و ثنا جو حق ادا ڪري نٿو سگهي. اسين جيڪڏهن حمد ڪريون ٿا ته پنهنجي مخلوق هجڻ جو اقرار ڪرڻ، پنهنجي بندگيءَ جو اظهار ڪرڻ ۽ ٻنهي جهانن ۾ سعادت ڪرڻ لاءِ ٿا ڪريون، ورنه، الله تعاليٰ بي نياز نه آهي. هن کي اسان جي حمد ڪرڻ سان يا نه ڪرڻ جي پرواهه نه آهي. اسان جي حمد ڪرڻ سان هن جي عظمت، تقدس ۽ ڪبريائيءَ ۾ اضافو نٿو ٿئي ۽ حمد نه ڪرڻ سان سندس شان ۾ ڪمي ڪانه ٿي ٿئي. فردوسيءَ حمد بيان ڪندي، پنهنجي عاجزيءَ جو اعتراف ڪيو ته:

ندانم چهِ ئي، هر چه هستي توئي.

(مون کي خبر نه آهي ته تون ڇا آهين، پر جيڪي به آهين، تون ئي آهين).

خود حضور انور رسول اڪرم جن کي چوڻو پيو ته ”لاَ اُحصِي ثَنَاءُ عَليِڪَ آنتَ ڪَمَا اَثّنيتَ عَلي نَفسَڪَ“ (جيئن تو پاڻ پنهنجي تعريف ڪئي آهي، تيئن مان ان جو احاطو ڪري نه ٿو سگهان). جڏهن حضور جن جهڙو عقل ڪُل، افصح العرب والعجم ۽ مظهم آتَم يعني ”هر رازويه کان هُوبَهو“ پنهنجي عجز جو اعتراف ٿو ڪري ته فردوسي غريب ڪير آهي جو پنهنجي بي مايگيءَ جو اقرار نه ڪري، ۽ وري فردوسيءَ ڪي شاعرانه ڪمالات جي اڳيان سردار علي شاهه جي شاعري ڇا آهي، جنهن جي آڌار تي حمد جي حق ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪري سگهجي. تاهم هر شاعر پنهنجي علم ۽ فهم آهر حمد بيان ڪري ٿو ۽ ان ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جي اظهار جي پوري پوري ڪوشش ٿو ڪري. سردار علي شاهه به ڪوشش ڪئي آهي، جا هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. مان سمجهان ٿو ته پڙهندڙ سندس انوکي اسلوب کي پسند ڪندا ۽ ان کان مطمئن ٿيندا.

هڪ حمديه غزل ۾ چوي ٿو:

خورشيد بَڪفَ آهه تنهنجي حسن جي تاباني،

هڪ جلوو جلائي ٿو ڇڏي طور جي پيشاني.

تخليق دو عالم تنهنجي قدرت جو ڪرشمو آ،

تنظيمِ مڪمل تنهنجو اعجازِ همه داني.

 

طورسينا واري واقعي تي ڪيترن ئي شاعرن خيال آرائي ڪئي آهي ۽ ان جي هر پهلوءَ تي عجيب و غريب نڪته آقريني رنگ آميزي ڪئي اٿن. خاص طور تي تجليات الاهيءَ جي بي پناهه تاباني ۽ ان جي تابش کان حضرت موسيٰ ۽ طورسينا جو متاثر ٿيڻ گهڻن شاعرن جي غور ۽ بحث جو موضوع رهيو آهي. پر الله تعاليٰ جي جمال ۽ جلال جي ذڪر لاءِ ههڙو منفرد اسلوب اختيار ڪرڻ  ۽ فَلَما تَجلّي وَ بعه لِلُجَبَلِ جَعَلَه دَڪّا وّ خَرّ مُوسيٰ صَعِقَا جي سر گذشت تي هن انداز ۾ روشني وجهڻ ته تنهنجي حسن جي تاباني هر وقت ”خورشيد بڪف“ رهي ٿي ۽ ان جو فقط هڪڙو ئي جلوو طور جي ”پيشاني“ کي جلائي ٿو ڇڏي، شايد ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيو هجي، بلڪ هيئن چوڻ زياده صحيح آهي ته اهو اعزاز سردار علي شاهه جي حصي ۾ آيو آهي، جنهن جي وجدانَ، الله جي جمال ۽ جلال جي بَيَڪ وقت اثراندازيءَ کي محسوس ڪيو ۽ ان کي بيان ڪرڻ ۾ انتهائي سحر طرازيءَ کان ڪم ورتائين.

جمال ۽ جلال جي، بَبَڪ وقت اثراندازيءَ جي اظهار لاءِ ”خورشيد“ جو لفظ منتخب ڪرڻ شاعر جي ندرت خيال جو اهڙو مثال آهي، جو سؤ فيصد درست آهي، ڇاڪاڻ ته مجازي طور تي خورشيد خود بَبَڪ وقت جمال جو مظهر به آهي ۽ جلال جو مظهر پڻ.

اهڙيءَ ريت الله تعاليٰ هن ڪائنات جي نظام ۾ جا باقاعدگي، هم آهنگي ۽ ربط ۽ تسلسل پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي پنهنجي تدبير، ۽ ڪمال قدرت سان هلائي رهيو آهي، ان جو اعتراف رڳو شاعرن نه، پر سڀني دانشورن به ڪيو آهي ۽ هر شاعر ۽ دانشور، الله تعاليٰ جي حضور ۾ سندس انهيءَ تدبير ۽ تدبر تي خراج عقيدت پيش ڪندو رهيو آهي، پر سردار علي شاهه الله تعاليٰ جي انهن صفتن کي سندس ”هَمَہ دانِيءَ جو اعجاز“ سڏي، جنهن نازڪ خياليءَ جو ثبوت ڏنو آهي، ان جو ڪو جواب ٿي نه ٿو سگهي.

”خورشيد بڪف“ ۽ ”اعجاز همہ داني“ منهنجي خيال ۾ اسان جي ادب جي اندرِ نيون ترڪيبون آهن ۽ انتها درجي جون خوبصورت، لطيف ۽ مَن موهيندڙ ۽ انهن کان به وڌيڪ من موهيندڙ آهي. شاعر جو اهو وِجدان ۽ عرفان، جنهن انهيءَ ازلي ۽ ابدي حقيقت کي محسوس ڪيو ۽ ان کي سهڻن الفاظن ۽ سهڻي انداز ۾ پيش ڪيائين. منهنجي سخن فهمي ۽ نڪته رسي، شاعر جي انهيءَ پاڪيزه احساس کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي ۽ منهنجي توحيد پرستي ۽ ذات آحَدِيَتَ سان غلامانه عقيدتمندي انهيءَ مقدس قلم کي چمڻ ٿي گُهري، جنهن سان حو حمديه غزل لکيو ويو.

مان سمجهان ٿو ته اهو نامناسب نه ٿيندو، جيڪڏهن مان هن حمديه غزل جي تخليق جو پس منظر بيان ڪريان.

سردار علي شاهه، ڳچ عرصي کان نعت زياده چوندو رهيو آهي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته هڪ دفعي کيس خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجو آقا و موليٰ حضور انور رسول اڪرم مون کان بازپرس ڪري ته ”فقط منهنجي مدح سرائي ڪندو رهين ٿو ۽ ”منهنجي الله“ جو حمد ڇو نه ٿو چوين؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس.“ انهيءَ خيال مٿس هيبت طاري ڪري ڇڏي ۽ ان کي هڪ قسم جو القاءُ يا فرمان سمجهي انتهائي خشوع ۽ خضوع سان پنهنجن احساسن کي الفاظن جي شڪل ڏنائين:

خورشيد بڪف آهه تنهنجي حسن جي تاباني،

هڪ جلوو جلائي ٿو ڇڏي طُور جي پيشاني.

 

حمد واري حصي جي شروعات سي حرفيءَ سان ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ ڪيئي ”ٽيهه اکريون“ لکيون ويون آهن، جن مان ڳچ جيتريون ”سنڌي ادبي بورڊ“ ڇپائي پڌريون پڻ ڪيون آهن، پر سردار علي شاهه ”ذاڪر“ جي سِي حرفي جو انداز بالڪل منفرد آهي. الفاظ جي پوچَ ۽ بيهڪ پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. مضمون آفريني، سلاست ۽ رواني لاجواب آهي خصوصاً ”الف“ ۽ ”ي“ وارا بَندَ (يعني پهريون ۽ آخري) ته پنهجي اندر لطافت ۽ معنيٰ جو سمنڊ سمايو بيٺا آهن.

وري حمديه غزلن مان پهريون هن مطع سان شروع ٿو ٿئي.

جڳائي صرف واحد کي وڏائي،

ازل کان جنهن جي قائم ڪبريائي.

 

هيءُ سڄو غزل اول کان آخر تائين مجيد جي انهن آيتن جو تفسير معلوم ٿئي ٿو، جن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جو ذڪر آهي ۽ موليٰ سائين پاڻ پنهنجي الوهيت، رَبُوبيت، وحدت، عظمت ۽ شان ڪبريائيءَ کي اهڙي منفرد ۽ دلنشين پيرايه ۾ بيان فرمايو آهي، جو انسان جي امڪان کان ٻاهر آهي.

حمد جي ٽئين غزل چوڻ وقت شاعر جو جمالياتي حِس پوريءَ طرح بيدار نظر اچي ٿو ۽ هو پهرئين ۽ ٻئي غزل چوڻ وقت جيتري قدر الله جي جلال کان متاثر ڏسڻ ۾ ٿي آيو، اوتري قدر ئي هن غزل ۾ سندس جمال کان متاثر ٿو ڏسجي، چوي ٿو:

تخليقِ ڪائنات جا نقش و نگار سڀ،

تنهنجي ڪمال شوق جا هي شاهڪار سڀ.

 

حمد کان پوءِ نعت شروع ٿئي ٿي ۽ هر نعتيه غزل محبت ۽ عقيدت جو مظهر ۽ ايمان ڪامل جو آئينه دار نظر اچي ٿو.

حضور جن جي ذات بابرڪات سان جذبئه خلوص جي اظهار لاءِ نعت گوئيءَ جو سلسلو سندن بعثت کان پوءِ ۽ هجرت کان اڳ ۾ شروع ٿيو آهي، جنهن لاءِ حضرت ابوطالب سائين جا نعتيه اشعار، حضرت حسان بن ثابت جا قصائد، حضرت ڪعب بن زهير جو قصيدو ”بانَت سُعَاد“ ۽ ڪن اهل بيتن ۽ اصحابن رضوان الله عليهم اجمعين جا اشعار شاهد آهن.

گذشته چوڏهن سؤ ورهين ۾ امتِ محمديءَ جي اندر لکها افراد پيدا ٿيا آهن، جن حضور جن جي مدح سرائيءَ جي سعادت حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ شاعر به آهن ۽ غير شاعر به، شاعرن منظوم ڪلام چيو آهي ۽ غير شاعرن منثور ڪلام. پر هت چئن ته شعر و شاعريءَ جو ذڪر هلي رهيو آهي، تنهنڪري هن بحث کي، جو اڳ ۾ ئي مختصر آهي، صرف منظوم ڪلام جي سرسري ذڪر تائين محدود رکيو وڃي ٿو.

رسول عربيءَ صه جي امت ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين هر دور، هر ملڪ، هر رنگ ۽ هر نسل سان تعلق رکندڙ شعراء ڪرام حضور جن سان غلاميءَ جي نسبت کي قائم رکڻ لاءِ نعت ضرور چئي آهي ۽ نعت گوئيءَ کي پنهنجي نجات ۽ فلاح جو وسيلو سمهجيو اٿن. اڪثر شاعرن کي سندن فني ۽ فطري محاسن جي ڪري خوب شهرت ملي ۽ سندن محبت ۽ عقيدت جي جذبي جي صدقي غير معمولي مقبوليت نصيب ٿي، پر عربي زبان ۾ حضرت حسان جي قصائد کان پوءِ جيڪا شهرت ۽ مقبوليت قصيده برده کي نصيب ٿي، اها ٻئي ڪنهن جي حصي ۾ اچي نه سگهي ۽ فارسي زبان جي بيشمار شعراء ڪرام مان جا سعادت جامِيءَ جي مقدر ۾ لکي وئي، ان تي فارسي شاعري قيامت تائين ناز ڪندي رهندي.

نعت گوئيءَ لاءِ عشق رسول جي نعمت سان مالا مال هجڻ ضروري آهي. شاعر جي دل ۾ ايڏو درد هجڻ گهرجي، جو ان جو منور شمع جي شعاعن وانگر ڪلام مان جهلڪيون ڏئي نڪرندو رهي ۽ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي مٿان وجد طاري ڪري ڇڏي. اندر ۾ آنڌ مانڌ، طبيعت ۾ بيتابي، دل ۾ ماهيت محمديءَ کي سمجهڻ جو ولولو ۽ آخرڪار نتيجو اهو نڪري، جو ان کي به عشق رسول جي لذت ۽ سُرور سان سرشار ڪري وجهي.

عشق رسول ۽ دردِ دل سان گڏ نعت گوئيءَ ۾ انتها درجي جي احتياط جي ضرورت آهي ۽ حضور جن جي ادب ۽ احترام کي پوريءَ طرح ملحوظ رکڻو آهي. عرفي هڪ نعتيه قصيد ۾ پاڻ کي تنبيهه ٿو ڪري ته:

آهسته، که ره بَرَدم تيغ است قلم را.

۽ ساڳي وقت شريعت جي حدن کان تجاوز به نه ڪرڻو آهي، نه ته ٻنهي صورتن ۾ اعمال، بلڪ خود ايمان جي ضايع ٿيڻ جو به خطرو آهي.

دراصل حمد ۽ نعت چوڻ عبادت آهي، ۽ ايمان ڪامل ۽ صحتمد ذهن جي علامت، هڪ ضعيف الايمان ۽ بيمار ذهن رکندڙ شاعر حمد ۽ نعت چوڻ کان محروم رهي ٿو ۽ انهيءَ نعمتِ عظميٰ کان محروميءَ سبب صرف ڪفرانِ نعمت جو مرتڪب نٿو ٿئي. پر شاعرن جي قطار ۾ شمار ٿيڻ جي لائق به نٿو رهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org