(11)
هر طرف حسن جي سيمين بدني کي ته ڏسو!
جلوهء يار جي ظلمت شِڪِنِي کي ته ڏسو!
غنچهء و گل وري صد رنگ جا چوغا پاتا،
سادي گلشن جي گل پير هڻي کي ته ڏسو!
سِر تي سهرن کي ٻڌي آئي بادِ صبا،
باد صرصر جي وري بي ڪفني کي ته ڏسو!
رقصِ طائوس، عنادل جي خوش الحاني،
رنگِ فنڪاري وشرين سخني کي ته ڏسو!
قابلِ ديد ٿي شبنم جي گُهرَ افشاني،
صحن گلشن تي عقيق يمني کي ته ڏسو!
گلبدن آيو بانداز نسيم سحري،
ان جي نازڪ بدني سيم تني کي ته ڏسو!
گلشن دهر جي دامن تي عجيب نقش ونگار،
رنگ اعجاز رسولِ مدني صه کي ته ڏسو!
فصل گل ۾ رهيو دور اوهان کان اي دوست،
پنهجي ”ذاڪر“ جي غريب الوطني کي ته ڏسو!
(12)
تنهنجي عظمت، تنهنجو اعليٰ شان ختم المرسلين صه،
مدح خوان جِن وملڪ انسان ختم المرسلين صه.
وجہ
تخليقات، تمهيد وجودِ ڪائنات،
تنهنجي دم سان عالم امڪان ختم المرسلين صه.
پاسبان عشقِ حق، حسن ازل جي آبرو،
تون جمالِ اولين جِي جان ختم المرسلين صه.
ڪهڪشان ٽيڙو، ڪتيون، سج چنڊ اسبابِ جمال،
حسن تنهنجي تي همه حيران ختم المرسلين صه.
بي سهارن جو سهارو، بيقرار لئه قرار،
تون سڪون قلب جو سامان ختم المرسلين صه.
تون وصي وارث وسيلو، بيڪسن جو ڀرجهلو،
تنهنجا امت تي وڏا احسان ختم المرسلين صه.
تنهنجو نالو وِرّدُ بڻجي ويو زبانِ خلق تي،
پيو پڙهي صلواعليٰ سبحان ختم المرسلين صه.
ڇو ستائي ان کي خورشيدِ قيامت جو خيال،
جنهن تي تنهنجو سايهء دامان ختم المرسلين صه.
مال وزر اولاد ”ذاڪر“ جي اڳيان سڀ هيچ آه،
تو تان قربان، دين ۽ ايمان ختم المرسلين صه.
(13)
پيار پنهنجي رندن کي مئي عرفان اي ساقي!
سڃاڻي جيئن سگهن تنهنجو، خدا جو شان اي ساقي!
هجي گردش ۾ خم تي خم ۽ پيماني تي پيمانو،
ته مٽجي گردِش ايام جو امڪان اي ساقي!
ڪڏهن ڪو تشنه لب موٽي نه آيو تنهنجي محفل مان،
هي تنهنجو هر اُڃايل تي وڏو احسان اي ساقي!
پيارين جام ٿو جنهن دم، نظر مئي سان ملائين ٿو،
ملي ٿو تنهنجي ميخوارن کي دهرو دان اي ساقي!
وڌي دست طلب کان اڳ ۾ ٿو دستِ سخا تنهنجو،
هي تنهنجو شان اي ساقي، هي تنهنجو شان اي ساقي!
هي تنهنجو مئي ڪدو منهنجي متاعِ زندگي آهي،
درِ ميخانه تي قربان منهجي جان اي ساقي!
اسان ۽ ترڪ ميخواري، اها پڻ تشنه لب هوندي؟
هي تنهنجي باده مستين تي وڏو بهتان اي ساقي!
هي ويچارا، انهن جي تنهنجي هٿ ۾ آبرو آهي،
اچي پيا سام تنهنجي بي سرو سامان اي ساقي!
عطائي عام جي دوران ملي ڪجهه تنهنجي ”ذاڪر“ کي،
جو آهي گردش ايام ۾ غلطان اي ساقي!
(14)
ٿئي نه ختم ڪڏهن دور جام اي ساقي!
اسان جو حسن طلب، ناتمام اي ساقي!
پيار پنهنجي هٿن سان تون باده مستن کي،
ملي جي غيرَ کان باده، حرام اي ساقي!
وڃن ته ڪهڙي طرف، تنهنجي ميڪدي کي ڇڏي؟
ڪٿي ڪو امن جو اهڙو مقام اي ساقي؟
وري به باده ڪشن جي طرف نگاه ڪرم،
رهن ٿا رند اڃا تشنه ڪام اي ساقي!
انهن کي گرميءَ محشر جو ڇو رهي خطرو،
جي تنهنجي سايه گيسو ۾ سام اي ساقي!
اوهان جي بزم ته سرچشمهء حيات بڻي،
خوشا، هي سلسلهء فيض عام اي ساقي!
انهن کي گرميء محشر جو ڇو رهي خطرو،
جي تنهنجي سايهء گيسو ۾ سام اي ساقي!
جو تنهنجي مدح ۾ نڪتو زبان ”ذاڪر“ مان،
اهوئي فخر جي قابل ڪلام اي ساقي!
(15)
لطف وڪرم جو گنج محمّد جي ذات آ،
ڪاسه بدست جنهن جي اڳيان ڪائنات آ.
اعجاز ڏس ته ساقيء ڪوثر جو هر گدا،
بزمِ جهان ۾ قاسمِ آبِ حيات آ.
ايڏو ته آهه شافعِ محشر ۾ ڀروسو،
عاصين جي ڄڻ هٿن ۾ ڪليدِ نجات آ.
شمس و قمر نجومِ فلڪ برق کي ملي،
نورالوريٰ جي حسن وضيا مان زڪوات آ.
حُجّت دليل کان مٿي معراج جو مقام،
هي وردات عشق و محبت جي بات آ.
ذوق طلب کي سنگِ در مصطفيٰ ملي،
هي مقصدِ حيات، اها حاصلات آ.
مرده دلين جي جان ۽ هر درد جي دوا،
عشق رسول وجه همه التفات آ.
صَلُو اعليٰ جو ورد زبان تي رهي ته بس،
هر شام غم، بشارت صبح برات آ.
اي بيڪسن جا يار! مدد گار! المدد،
ذاڪر اسير فتنہ
لات و منات آ.
(16)
روزِ ازل جي گفتگو، صلوا عليہ
و آلہٖ،
پوشيده رخ يا روبرو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
خلاق اڪبر کان مليو جنهن کي لقب ”لولاڪ“ جو،
وجہٖ
وجود هاؤ هو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
عشق و محبت کي مليو اعجاز جنهن جي ذات کان،
حسن ازل کي آبرو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
جن و بشر جي مدعا بحرو بيان جي طلب،
ارض وسما جي آرزو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
ظلمات کي پهتي ضيا، جنهن شمع تابان جي طفيل،
چمڪاٽ جنهن جو چارسو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
هر جنس جو جوهر هجي، يا پڻ هجي ان جو عرض،
هر هڪ کي جنهنجي جستجو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
جنهن جي آڏو رهن سج چنڊ تارا شرمسار،
جنهن کان خجل هرخوبرو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
جان جمال اوّليّن، يا نغمهء ساز آلست،
هر زاويه کان هُوبَهُو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
مرَهُون منّت آه جنهن ڪلمي کان ”ذاڪر“ جي زبان،
محروم آ جنهن کان عدو، صلوا عليہ
و آلہٖ.
(17)
دلِ بيقرار جي آرزو، نه ته سيم و زر نه سڪندري،
جا سڪون قلب ڪري عطا، درِ مصطفيٰ جي گداگري.
شہِ
دوسريٰ جي حضور مان ٿئي فيضياب ٿو هر گدا،
جي ڪَڻو ملي ته گهڻو، مگر، جي گهڻو ته آه تونگري.
اها وضع پيرِ مغان سندي، اهو ميڪدي جو مزاج آ،
جي ڪري ڪو عرض اڃا اڃا، ملي جام جلد وري وري.
ڪفِ پائي يار جي خاڪ جو ڇا مقام آه ڇا مرتبو،
جي مٿي کي لاءِ ته مشڪ پر، جي اکين ۾ پاءِ
اُجاگَري.
بحُضُورٖ
قَلبُ ٿِجي فِدا، اچي بارگاهِ جمال ۾،
اها آه عشق جي ارتقا، اها آه ڪار قلندري.
بتِ بي جمال جي نقش ۾ نه ته منهنجي يار جو ڪو
نشان،
نڪا زندگي، نڪا دلڪشي، نڪا دلبري، نه دلاوري.
هي شعاعِ شمس و قمبر نه آ، نه ڪو نور آه نجوم جو،
جا ضِياءٖ
هر دوجهان آ، اها شمعِ حسنٖ
پَيَمبَري.
سرِدار صبر جميل ڀي، تَہٖ
تيغٖ
سَربَسُجُود ڀي،
هِي مقام آلٖ
رسول صه آ، ڪري ڪير ان سان برابري.
تون اي ذات پاڪ پڄاءِ ”ذاڪر“ ڪم نظر کي حجاز ۾،
ته اکين جو نور وڌي وڃي، ٿئي دور ديد جي ڪَمتري.
(18)
وري بزمِ ناز ۾ حسنِ يار جي ڌوم ڌام بلي بلي،
ڪيو جشن عام جو عاشقن اچي اهتمام بلي بلي.
ڪيو آه اهلِ سما کي ابروئي ناز قيد ڪمند سان،
هِتي ساڪنانِ زمين کي زلفِ سِيہَ
جي دام بلي بلي.
رخ بي نقاب کان بهره ياب ٿي آفتاب جي انجمن،
ڏسو بي مثال جمالِ يار جو فيض عام بلي بلي.
ڪئي بو ته ڪنهنجي بدن عطا، اهو لون ڪنهنجي لبن
ڏنو،
گل و لاله جي رخ، احمرين کي عام جام بلي بلي.
ٿئي دست فيض دراز، ان کان اڳي نگاهِ ڪرم وڌي،
ڪئي باده خوار جي دور، تشنه لبي تمام بلي بلي.
بَهَزار غمزهء و ناز آئي سڄڻ کان بادِ صبا کڻي،
غمِ دوجهان کي غلط ڪرڻ جو پڪو پيام بلي بلي.
درِ ميڪده تي اچي مڙيا ڪئين رند دير و حرم ڇڏي،
ڏسي بي حساب عطائي عام جو انتظام بلي بلي.
اها ڪنهنجي ذات کان ڏات ”ذاڪر“ جي زبان کي نصيب
ٿي،
مِليو بات بات کي معجزه کان مٿي مقام بلي بلي.
(19)
نظامِ شمس ڏسو، حسن جي برات ڏسو!
رخِ حبيب کان روشن هي ڪائنات ڏسو!
ظهورِ نور کان اڳ ۾، ظهورِ نور کان پوءِ،
جمالِ يار جي صورت ۾ حسنِ ذات ڏسو!
ملي جا سونهه ثريا کي، ڪهڪشان کي جمال،
ضيائي روئي محمد صه منجهان زڪوات ڏسو!
سڪون قلب جو، وسعت نظر جي، دل جو قرار،
تمام مدح محمد صه جا معجزات ڏسو!
مقام بنده و آقا ڪٿي، وصال ڪٿي؟
نياز و ناز جي وچ ۾ تعلقات ڏسو!
هي ڪنهنجو عرضِ تمنا هو، ڪنهنجو لطف و ڪرم،
جي دل جا دل سان رهن ٿا معاملات ڏسو!
نگاه اهلِ سما منتظر، دليون بي تاب،
لقائي حسن جي خاطر لوازمات ڏسو!
مقام طور تي ڇا ڇا ادب جون تلقينون،
فراز عرش تي ترڪِ تڪلفات ڏسو!
ملي جا گردشِ دوران جي غم کان ”ذاڪر“ کي،
نبي صه جي نعمت سرائي سبب نجات ڏسو!
(20)
زمين مين، آسمانون مين، فضا مين، بحر مين بر مين،
نه تيرا مثل مظهر مين نه تيرا مثل منظر مين.
عطا کي خلعت، لولاک تجهه کو ربّ اکبر ني،
ملي دارين کي ”دولت“ تيري دامانِ اطهر مين.
وقارِ حسن تو، حسنِ ازل کي آبرو تو هي،
جمالِ اولين کي ضو هي پنهان تيري جوهر مين.
تيري رخسار و لب سي پيرهن سي مستعار آئي،
يه رنگت لاله و گل مين يه خوشبو مشک و عنبر مين.
تيري ميخانه کي اعجاز کا احسان هي مجهه پر،
که حورِ بادهء، عرفان هي رقصان ميري ساغر مين.
مجهي جب ياد آتي هي تيري بنده نوازي کي،
خوشي بن کر سما جاتي هي ميري قلب مضطر مين.
هوئي جب پرشسِ احوال هم سي شافع محشر،
تيري دامن کو بڙه کر تهام لين گي روزِ محشر مين.
خوشا، ميري فضيلت کاتبِ تقدير ني لکهه دي،
سعادت امتِ مرحوم هوني کي مقدر مين.
ملي هي حق سي هر صنف سخن پر برتري اسکو،
جو ”ذاکر“ کي زبان ني کچهه کها نعت پيمبر مين.
(وڌيڪ پڙهو) |