سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 9

مٿئين حُڪمن سان وڏي ڏچي جنم ورتو، ڇوته ڀُٽو صاحب انھن ڳالھين تي عملَ لاءِ تيار نه ھو. بھرحال، حُڪمن تي عملَ ته ٿيڻو ئي ھو، تنھنڪري جيل اختيارين ھڪدم عمل شروع ڪيو. نِوهار جي کَٽُ کي ھُن جي ڪوٺيءَ مان ٻاھر ڪڍيو ويو، پر ڀُٽي صاحب لوھ جي کَٽُ اندر وجھڻ نه ڏني ۽ وِھاڻو ڪوٺيءَ جي فرش تي وڇائي ڇڏيائين. ھُن پنھنجيون دوائون ۽ سَنوارت جو سامان به ڪوٺيءَ مان ٻيھر نڪرڻ نه ڏنو. جيل اختيارين فيصلو ڪيو، ته جنھن مھل ھو ڪاڪُوس ۾ ويندو، ته اُھي شيون سندس ڪوٺيءَ مان ڪڍيون وينديون. ھُن اُھا ڳالھ پاڻُ ٻُڌي يا وري ڪنھن کيس ڪنھن طريقي سان اُھا ٻُڌائي، تنھنڪري ھُو ڪاڪُوس مان ڪَموڊ، جيڪو ڪاٺ جو ڏَٻو ئي ھو، وڃي پاڻُ کڻي آيو ۽ اُن کي ڪوٺيءَ جي ھڪڙيءَ ڪُنڊ ۾ رکي ڇڏيائين؛ ۽ پوءِ ڪوٺيءَ مان ٻاھر نڪرڻ تي راضي نه ٿيو. جڏھن جيل اختيارين اِھو ڏٺو، ته ڪجھ رکوالا گڏ ڪيا ويا ۽ سيڪيورٽي وارڊ ۾ وڃي کين دالان ۾ حُڪم ڏنو ويو، ته اُھا ڪارروائي ھر حالت ۾ ڪئي ويندي. ڀُٽي صاحب جڏھن اُھا حالت ڏٺي، ته ڪنھن بيوس ماڻھوءَ جيان ماٺ رھيو ۽ ايئن جيل اختيارين ھُن جي ڪوٺيءَ مان سندس دوائون ۽ سَنوارت جو سامان ڪڍي ورتو. تنھن وقت بجليءَ جا سوئچ به ٻاھر منتقل ڪيا ويا. ھُو اُن ڪارروائيءَ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر بيوس بڻيل ھو. ’مِٺي به ماٺ، ته مُٺي به ماٺ واريءَ ڳالھ ھئي. جڏھن ھُو ٻيو ڪجھ ڪري نه سگھيو، ته ھُن 24 مارچ واري ڏينھن بُک ھڙتال ڪئي. ھُن 23 مارچ تي شام جو ماني کاڌي ھئي، پر پوءِ ھُن ڪجھ به نه کاڌو، ۽ نه ئي پيتو. ھُن نَونَ ڏينھن تائين بُک ھڙتال ڪئي، ۽ ايئن 24 مارچ کان پھرين اپريل 1979ع جي شام تائين ھُن نه ڪجھ کاڌو ۽ نه ئي وري ڪجھ پيتو. اُن دؤران آئون وڃي کيس ڏسي نه سگھيس، ڇوته مونکي حُڪم مليو ھو، ته آئون ھُن سان اڪيلو ملي نٿو سگھان؛ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ آئون رُڳو گڏجي خاص حُڪم تي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي سگھون ٿا. نه ته جيڪڏھن آئون ھُن سان انھن ڏينھن ۾ اڪيلائيءَ ۾ ملي سگھان ھا، ته شايد کيس ڪجھ کائڻ پيئڻ تي راضي ڪري سگھان ھا. ھُن جيڪا ايتري ڊگھي بُک ھڙتال ڪئي ھئي، تنھن سبب گھڻو ڪمزور به ٿي ويو ھو، پر آئون اُن جو ڪوبه اُپاءُ ڪري نه پئي سگھيس. 29 مارچ 1979ع تي محترم پيرزادو، جيڪو ھُن جو وڪيل به ھو، ساڻس ملڻ لاءِ جيل جي آفيس ۾ آيو. مونکي ٻُڌايو ويو، ته ڀُٽو صاحب رُڳو ھڪ ٽُوال پنھنجي سَرير تي ويڙھيو ويٺو آھي، ڇوته ھُن پنھنجا ڪپڙا پاڻُ ڌوتا آھن ۽ اُھي سُڪن پيا. ھُن کي جيل اختيارين جڏھن ٻُڌايو، ته محترم پيرزادو سندس اوسيئڙي ۾ ويٺل آھي، تڏھن ھُن پنھنجا ڌوتل ڪپڙا اِستريءَ لاءِ ڏنا، جيڪي به اڌ سُڪل ۽ ڪجھ پُسيل ھئا، اُھي پائي محترم پيرزادي سان وڃي مليو. مونکي اُن ڏينھن ٻُڌايو ويو، ته ھُن جي حالت ڏاڍي خراب ۽ ڪمزور آھي، پر آئون جيل جي آفيس مان ھُن جي ڪوٺيءَ تائين وڃي نه پيو سگھان، ڇوته آئون سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حُڪمن جي پابنديءَ تي مجبور ھوس.

رحم جي اپيل

سُپريم ڪورٽ ۾ نظرثانيءَ واريءَ اپيل جي نامنظوريءَ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وقتي جنرل سيڪريٽري محترم وَٽو عدالت ۾ رحم واريءَ اپيل جي درخواست ڏني، پر اُن سان به ساڳي جُٺُ ٿي، جيڪا پھرين ڪوششن سان ٿي ھئي. پر ڏُک جي ڳالھ اھا آھي، ته رحم جي ڏنل اپيل جو اخبارن ۾ ڪو خاص ذڪر به نه ٿيو. ھيڏانھن ڀُٽي صاحب جي حالت جيل ۾ لڳاتار خراب ٿيندي ٿي وئي، پر ھُن ماڻھوءَ ٿورڙي به پرواھ نه ڪئي، ۽ سموريون تڪليفون سَھندو ۽ پنھنجي طريقي سان ويڙھ وڙھندو رھيو.

ڀٽي صاحب کي اپيل جي منظوريءَ باوجود نه ڇڏڻ جو فيصلو!

5 فيبروري 1979ع تي ڏھين وڳي صبح جو مونکي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ گھُرايو ويو، جتي اسان کي ٻُڌايو ويو، ته شايد سُڀاڻي 6 فيبروري تي سُپريم ڪورٽ، ڀُٽي صاحب جي اپيل منطور ٿيڻ کانپوءِ حُڪم ڏئي، ته ھُن کي آزاد ڪيو وڃي، پر اھڙي حُڪم باوجود ھُن کي جيل کان ٻاھر وڃڻ نه ڏنو ويندو، ڇوته ھُو مارشل لا پٽاندر ڪيئي ٻين مُقدمن ۾ به گھُربل آھي، جن موجب مٿس الڳ مقدمو ھلايو ويندو. مونکي سختيءَ سان ٻُڌايو ويو، ته جيڪڏھن سُپريم ڪورٽ، ڀُٽي صاحب جي آزاديءَ لاءِ حُڪم ڏئي، ته کيس جيل مان ڪڍيو وڃي، تڏھن به ھُن کي جيل کان ٻاھر ھرگز وڃڻ نه ڏنو ويندو. مونکي تنھن وقت چِٽو پتو پئجي ويو ھو، ته ڀُٽي صاحب کي اختياريون ڪنھن به حالت ۾ آزاد ٿيڻ نه ڏينديون ۽ ھُن کي ھرحالت ۾ سزا ملڻي آھي، جنھن ڳالھ تي مونکي ڏاڍو ڏُک ۽ پڇتاءُ ٿيو. رُڳو مارشل لا جھڙي سرشتي ۾ ئي اھڙو حُڪم ڏيئي سگھجي ٿو، ته جيڪڏھن مُلڪ جي وڏيءَ عدالت ڪنھن مقدمي جو فيصلو ڏيئي، تڏھن به اُن کي نه مڃڻ جو حُڪم ڏئي سگھجي ٿو! مونکي ٻين ذريعن وٽان پتو پيو، ته ھڪ خاص فوجي عدالت به جوڙي وئي ھئي، ته جيئن جيڪڏھن سُپريم ڪورٽ جو فيصلو مرضيءَ موجب نه اچي، ته پوءِ اُن فوجي عدالت ۾ ڀُٽي صاحب جي مُقدمن جي ٻُڌڻي ھلائي وڃي.

پنڊي جيل ۾ ڀُٽي صاحب جي قيد وارن ڏينھن ۾ مون کان دوستن، ساٿي آفيسرن ۽ ھر عھدي جي سينيئر آفيسرن ھُن بابت ڪا خاص ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ته نه ڪئي، پر ھُن جي ڦاھيءَ چڙھڻ کان پوءِ ھر ملندڙ اُن مامري تي ھر ڀيري پُڇيو. ۽ جيئن ته ڀُٽي صاحب بابت مختلف افواھ پئي ڦھليا، تنھنڪري مون کان خاص ۽ عام ماڻھن سچائيءَ ٻُڌڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اھڙين ملاقاتن دؤران ڪيئي ذميدار عملدارن اُن مقدمي جي ڪيئي پاسن ۽ اصلي واقعن، جيڪي مٿئين سطح تي نروار ٿيندا رھيا، تِن جي ڳجھي ڄاڻُ به مونکي ڏني، جيڪا ڄاڻ منھنجي لاءِ ڏاڍي ڇرڪائيندڙ ھئي. جيڪڏھن اُنھن ڳالھين کي ويھي لکان، ته ھڪ نئين تڪرار جو مَمڻ مچندو. بھرحال، ھن ڪتاب ۾، آئون اُھو ڪجھ لکان پيو، جيڪو مون پنھنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪَنن سان ٻُڌو. ھونئن نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل بابت، پنجاب ھاءِ ڪورٽ ۽ سندس فيصلي تي اثرانداز ٿيڻ، سلطاني گواھ توڙي ٻين گواھن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالھين بابت مونکي ڀروسي وارن ذريعن وٽان گھڻو ڪجھ پتو پيو آھي، جنھن تي مونکي ڪنھن شڪ توڙي شبھي جي گُنجائش ئي نه آھي. پر جيئن ته اھڙيون ڳالھيون ٻُڌل ڳالھين جي دائري ۾ اچن ٿيون، تنھنڪري آئون اھڙين ڀروسي وارين ذريعن وٽان ٻُڌل سچائين کي به انھن صفحن تي نه پيو لکان.

موت جو پروانو

پنجاب ھاءِ ڪورٽ، محترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي 18 مارچ 1978ع تي موت جي سزا ٻُڌائي ھئي. اُن فيصلي تي سُپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ اپيل داخل ڪئي وئي ۽ ھُن کي 17 مئي 1978ع تي لاھور کان پنڊي جيل منتقل ڪيو ويو. 6 فيبروري 1979ع تي سُپريم ڪورٽ ھُن جي اپيل رد ڪئي. پوءِ نظرثاني اپيل به سُپريم ڪورٽ 24 مارچ 1979ع تي رد ڪئي. نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل مُقدمي ۾ ھيٺ ڄاڻايل پنجن ڏوھارين جي موت جو پروانو سينٽرل جيل راولپنڊي ۾ 30 مارچ 1979ع تي پھتو.

محترم ذوالفقار علي ڀُٽو

ميان غلام عباس

صوفي غلام مصطفيٰ

راڻا افتخار

محترم ارشد اقبال

جيئن ته نظرثانيءَ جي اپيل کي خارج ڪرڻ سان اُن 30 مارچ 1979ع واري ڏينھن کي اڃا سَت ڏينھن به نه ٿيا ھئا، تنھنڪري موت جو پروانو پنجاب حڪومت واپس گھُرائي ورتو ھو. (اھو وقت ٻئي ڏينھن يعني 31 مارچ 1979ع تي پورو ٿيڻو ھو.)

پنجاب جي گورنر اُن مُقدمي ۾ هٿ چُراند نه ڪندي پھرين اپريل 1979ع تي صبح ڏھين وڳي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي صدر به دخل نه ڏيندي ساڳئي ڏينھن يعني پھرين اپريل 1979ع تي صحيح ڪري سزا ۾ واڌ ڪئي ھئي. حڪومت فيصلو ڪيو، ته محترم ڀُٽي کي باقي چئن ڏوھارين سميت 2 اپريل تي صبح جو پنجين وڳي ڦاھي ڏني ويندي. ڪنھن سبب اُن فيصلي تي نظرثاني به ٿي، تنھنڪري اھو فيصلو ڪيو ويو، ته رُڳو ڀُٽي صاحب کي اڪيلي ڦاھي ڏني ويندي ۽ باقي چئن ڏوھارين کي اڃا اھا سزا نه ڏني ويندي. تنھنڪري ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ واري 2 اپريل جي وقت کي ملتوي ڪيو ويو ۽ پنجن ڏوھارين جي موت جو گڏيل پروانو ٻئي ڀيري به راولپنڊي جيل جي اسپيشل ڪوريئر ذريعي لاھور واپس گھُرايو ويو، ته جيئن اڪيلي ڀُٽي صاحب لاءِ موت جو پروانو لکيو وڃي. مونکي ٻُڌايو ويو، ته پنجاب ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مُشتاق صاحب، رُڳو ڀُٽي صاحب جي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ھو، جنھن موجب ھُن کي 3 اپريل رات جو ٻين وڳي ڦاھي ڏيڻي ھئي. ۽ چيف جسٽس صاحب اِھو چيو ھو، ته سپرنٽينڊنٽ جيل پنھنجو اختياري حق واپرائي ۽ ڏوھارين کي الڳ الڳ وقت ۾ ڦاھي ڏئي. پر اختيارين جڏھن ھُن کي اُھو ياد ڏياريو، ته اھو فيصلو ته ھُن جو پنھنجو آھي ۽ اصلي ڏوھاريءَ کي اڳ ۾ ڦاھي ڏني پئي وڃي، ته ھُن مجبوريءَ ھيٺ رڳو ڀُٽي صاحب جي موت واري پرواني تي صحيح ڪئي. اھڙيءَ طرح رڳو ڀُٽي صاحب جي موت جو پروانو راولپنڊي جيل ۾ 2 اپريل تي ھڪ بجي کان پوءِ ٻنپھرن جو پھتو ۽ ڀُٽي صاحب کي 3 اپريل 1979ع تي رات جو ٻه وڳي ڦاھي ڏيڻ جون سموريون ڪارروايون شروع ڪيون ويون. بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀُٽي کي پڇاڙڪي ملاقات لاءِ گھُرايو ويو. (اصل ۾ ھنن کي پڇاڙڪي ملاقات جو نه ٻُڌايو ويو ھو، بلڪ ڀُٽي صاحب سان ملڻ لاءِ جيل اچڻ لاءِ چيو ويو ھو.) محترمه بينظير ڀٽو، جيڪا سھالا ريسٽ ھائوس ۾ گرفتار ھئي، تنھن اِھو نياپو موڪليو، ته ھُن جي طبيعت خراب آھي، تنھنڪري ھوءَ ھينئر (2 اپريل تي ٻنپھرن کان پوءِ) نٿي اچي سگھي. اُن دؤران پنجاب جو گھرو سيڪريٽري، ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس مان ٿيندو پنڊي جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آيو ۽ منھنجي موجودگيءَ ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ انسپيڪٽر جنرل جيل کي ٻُڌايو، ته قانون پٽاندر جيئن ته پاڪستان جي صدر جي صحيح کي اٺيتاليھ ڪلاڪ اڃا نه ٿيا آھن، تنھنڪري ڀُٽي صاحب کي 3 اپريل جي رات جو ٻه وڳي ڦاھي نٿي ڏئي سگھجي. اُھو نُڪتو پنجاب حڪومت اُٿاريو ھو، تنھنڪري ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ کي ھڪ ڏينھن وڌيڪ روڪيو ويو. ھوڏانھن بيگم نصرت ڀُٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي سُڌ ڏني وئي، ته جيڪڏھن ھنن جي طبيعت خراب آھي، ته سندن اچڻ جي گھُرج نه آھي. سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر 2 اپريل تي مونکي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي ھيٺيان حُڪم ڏنا ھئا:

ڀُٽي صاحب کي ھُن جي ڦاھيءَ جو آخري نوٽيس راولپنڊي جيل سپرنٽينڊنٽ محترم يارمحمد، ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع الدين جي موجودگيءَ ۾ ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ ڏيندو. پوءِ 3 اپريل تي ٻُڌايو ويو، ته نوٽيس ڏيڻ مھل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ بشير احمد خان ۽ پنڊي جيل جو ڊاڪٽر صغير حُسين شاھ به ڪوٺيءَ ۾ موجود ھوندا.

مونکي الڳ ٻُڌايو ويو: ڀُٽي صاحب کي آخري نوٽيس ڏيڻ کان پوءِ ھُن جي ڦاھي ڏيڻ تائين سندس تاثر ۽ ڳالھ ٻولھ ريڪارڊ ڪرڻي پوندي. (اُن ڪم لاءِ مون صوبيدار عجائب خان 27 پنجاب ريجمينٽ کي مقرر ڪيو.)

آخري نوٽيس کان ھڪدم پوءِ پنھنجي ھڪڙي فوجيءَ کي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ تي مقرر ڪيان، جيڪو ڦاھي ڏيڻ تائين ڊائري ريڪارڊ ڪندو. (صوبيدار عجائب خان اُھو ڪم ڪيو.)

آخري نوٽيس تي فوجي گارڊ به جيل گارڊ مٿان سيڪيورٽي ڪوٺيءَ تي مقرر ڪيا ويندا.

سج لھڻ سان جيل جا سمورا ٽيليفون ڪَٽيا ويندا، ته جيئن جيل جو ناتو ٻاھرين دنيا سان ڪَٽجي وڃي. رُڳو فوجي ٽيليفون، جيڪو رڳو ھڪ آفيسر ٻُڌندو، ڪم ڪندو رھندو. گڏوگڏ خاص وائرليس سيٽ به ڪم ڪندو رھندو.

سج لھڻ تي جيل جو مُک دروازو فوجي گارڊ پٽاندر ڪم ڪندو، جيڪي 4 اپريل جي صبح تائين اُن تي ضابطو رکندا.

حتمي نوٽيس کان پوءِ ڪوبه ماڻھو 4 اپريل جي صبح تائين جيل ۾ داخل ٿي نه سگھندو ۽ نه ٻاھر وڃي سگھندو.

صوبيدار ميجر 27 پنجاب خاموشيءَ سان تابُوت، گُل، گلاب جي عرق ۽ عطر جو بندوبست ڪندو.

ٻه گاڏيون، ھڪ ڀُٽي صاحب جي لاش لاءِ ۽ ٻي گارڊ لاءِ، ڦاھي ڏيڻ کان پوءِ حُڪم ملڻ تي جيل ۾ داخل ٿينديون. ھٿيارن جون خالي ٽي پيتيون به، جيڪي تابوت سان ٺھڪجندڙ ھونديون، اُنھن گاڏين ۾ رکيون وينديون، ته جيئن ايئربيس تي ڏسندڙ اِھو ڀانئين، ته فوجي ڪيڏانھن ھٿيار کڻي پيا وڃن.

ھڪ فيلڊ آفيسر ماتحت ھڪ سيڪشن پوري فوج تياريءَ سان گڏ ڀُٽي صاحب جي لاش سان گڏ ويندي. ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع، ڀُٽي صاحب جي ميت سان گڏ پنڊي کان نؤديرو ويندو، جتي قبر ۽ دفن جو بندوبست ٿيل ھوندو.

ليفٽيننٽ ڪرنل رفيع سان گڏ ھڪ وائرليس سيٽ ھوندو ۽ ڀُٽي صاحب کي ڦاھي ملڻ کانپوءِ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي، جنھن جو ھيڊڪوارٽر جيل کان ٻاھر ايس ايس پي جي آفيس ۾ ھوندو، ڪوڊورڊ ’بليڪ ھارس سان ڄاڻُ ڏيندو.

ڀُٽي صاحب جي لاش کي غُسل ڏيڻ لاءِ 27 پنجاب ھڪ مولويءَ جو بندوبست ڪندي. (اھو ڪم پوءِ 3 اپريل تي ايس ايس پي راولپنڊيءَ کي سونپيو ويو ھو.)

ھڪ فوٽوگرافر، جيڪو اينٽيليجنس ايجنسيءَ جو ھو، پنھنجي سامان سان گڏ 3 اپريل تي شام جو پنجين وڳي جيل ۾ رپورٽ ڪندو. ھو ڀُٽي صاحب جي لاش جا فوٽو ڪڍندو. (ته جيئن پتو پئجي سگھي، ته ھُن جو طُھر ٿيل آھي يا نه؟) (مونکي سرڪاري طور ٻُڌايو ويو ھو، ته محترم ڀُٽي جي ماءُ ھندو عورت ھئي، جنھن سان ھُن جي والد زبردستي شادي ڪئي ھئي ۽ محترم ڀُٽي جو پيدائشي نالو نٿورام ھو، تنھنڪري شايد ھُن جو طُھر نه ڪرايو ويو ھو.) ڦاھي ۽ غُسل کان پوءِ اُن فوٽوگرافر ڀُٽي صاحب جي جسم جي وچئين حصي جا ويجھڙائيءَ کان فوٽو ڪڍيا ھئا. پڙھندڙن کي آئون ٻُڌايان، ته ڀُٽي صاحب جو اسلامي طريقي سان باقاعدي طُھر ٿيل ھو.

مونکي اُھو به حُڪم ڏنو ويو، ته 3 اپريل تي صبح جو يارھين وڳي پڪ ڪئي وڃي، ته جلاد تارا مسيح پنڊي جيل ۾ موجود آھي ۽ ھُن کي پنڊي جيل جي ھڪ ڪمري ۾ تالو ھڻي بند ڪيو وڃي. اھو ڪم جيل سپرنٽينڊنٽ پُورو ڪيو ھو.

ڀُٽي صاحب سان ملڻ تي پابندي

6 فيبروري 1979ع تي سُپريم ڪورٽ، ڀُٽي صاحب جي اپيل رد ڪئي ھئي. اُن ڏينھن کان ڀُٽي صاحب بابت جيل اسٽاف جو ورتاءُ بدلجڻ لڳو ھو. جڏھن رحم جي اپيل به رد ڪئي وئي، ته ھر ماڻھو جو ورتاءُ بلڪل بدلجي ويو. پوءِ آئون جڏھن به ڀُٽي صاحب سان مليس، ته ھُن اھا ميار ڏني، ته ھُن جي بيعزتي ٿئي پئي، ۽ عام سپاھي به سندس ٿورڙي پرواھ نٿو ڪري. مون ڪوشش ڪئي، ته جيل اختياريون ايڏي سختي نه ڪن، پر سڀني اُن وقت اکيون ڦيري ڇڏيون ھيون. مون اشارن ۾ ڀُٽي صاحب کي ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھُو سدائين اھو ئي چوندو ھو، ته اِھو ھُن جي عزت جو مامرو آھي. ھُو موٽ ۾ چوندو ھو: ھُن جي مقدمي بابت فيصلو جيڪو به ٿئي، پر گھٽ ۾ گھٽ جيل اسٽاف ته ساڻس ايئن ورتاءُ نه ڪري. مارچ 1979ع جي مھيني ۾ ھُن ڪوٺيءَ مان ٻاھر نڪرڻ به گھٽائي ڇڏيو ھو. مارچ جي چوٿين ھفتي ۾ مونکي ۽ چوڌري يارمحمد کي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پنھنجي مُک آفيس ۾ گھُرايو، جتي سپرنٽينڊنٽ جيل کيس نويڪلائيءَ ۾ ٻُڌايو: ڪرنل رفيع، ڀُٽي صاحب سان الائي ڪھڙيون ڳالھيون ڪندو رھي ٿو ۽ انھن وچ ۾ ڪھڙي کِچڻي پئي پچي، ڇوته ڪرنل رات جو ڪيئي ڪلاڪن تائين ھُن جي ڪوٺيءَ ۾ وٽس رھي ٿو ۽ عام طور ٻنپھرن کان پوءِ به ٻاھر اڱڻ ۾ ساڻس ملاقات ڪري ٿو. سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مونکان پُڇيو، ته مون ھُن کي ٻُڌايو: جيئن ته ڀُٽو صاحب منھنجي نگرانيءَ ۾ آھي ۽ جڏھن آئون ھُن وٽ ھُجان ٿو، ته آئون سمجھان ٿو، ته اھا ذميداري سُٺي طريقي سان پوري ڪئي پئي وڃي. اصل ۾ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صاحب کي منھنجو ڀُٽي صاحب سان گڏ ايترو وقت گھارڻ جي ڄاڻ ئي نه ھئي. ھُن مونکي چيو: ڪرنل رفيع، توھان کي ڪنھن حُڪم ڏنو آھي، ته توھان ڀُٽي صاحب سان ملاقاتون ڪريو. مون ھُن کي ٻُڌايو: گُذريل سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر (بريگيڊيئر ايم ممتاز مَلڪ) مونکي چيو، ته آئون ڪڏھن ڪڏھن اندر وڃي ڀُٽي سان ضرور ملندو رھان، تنھنڪري اُن ڏينھن کان آئون ڀُٽي صاحب سان سدائين ملندو رھان ٿو. اِھا ڳالھ ٻُڌي ھُو اچرج ۾ پئجي ويو. 6 فيبروري جي واقعي (جڏھن بيگم ڀُٽو صاحب کي جيل ۾ اندر اچڻ جي اجازت ڏني ھئي) کان پوءِ مون تي کيس ٿورڙو شڪ ته ٿي ويو ھو، تنھنڪري ھُن اُن وقت مونکي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي سختيءَ سان روڪيو، ته اسان ٻنھي مان ڪوبه ڀُٽي صاحب سان اڪيلو ملي نٿو سگھي ۽ جيڪڏھن گھُرج پوي، ته پوءِ ھُن جي حُڪم اسان ٻئي ڄڻا وڃي ڀُٽي صاحب سان ملنداسين ۽ گھُربل ڪارروائيءَ کان پوءِ سيڪيورٽي وارڊ کان ٻاھر نڪري اينداسين. اُن ڏينھن کان پوءِ منھنجو ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو وڃڻ بند ٿي ويو. مونکي ان حُڪم تي ڏُک ٿيو، ڇوته جيل اختيارين جو ويچار ھو، ته آئون شايد مارشل لا حڪومت جو خاص نمائندو ھوس، جيڪو اٽڪل سڄو سال ڀُٽي صاحب سان کُليو ملندو رھيس. مونکي پڇتاءُ اُن ڳالھ تي ٿيو، ته آئون ڀُٽي صاحب جي پڇاڙڪن ڪجھ ڏينھن ۾ ھُن سان اڪيلو نه ملي سگھيس؛ تنھنڪري شايد ھُو سوچيندو ھوندو، ته آئون به ٻين جيان لالچي ۽ ٺوڳي ئي نڪتس. بھرحال، ھڪ ھفتي ۾ ھُن کي ڦاھي ڏني وئي، ۽ ايئن منھنجي اُھا تاريخي ڊيوٽي جيل ۾ ختم ٿي.

مُقدمي جا ساٿي

نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل جي مقدمي ۾ ڀُٽي صاحب جي پنڊي جيل ۾ منتقليءَ جي ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ھُن جي ھيٺ ڄاڻايل ساٿي قيدين کي به راولپنڊي جيل ۾ آندو ويو ۽ اُتي ئي قيد رکيو ويو.

ميان غلام عباس؛ اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل سيڪيورٽي فورس

صوفي غلام مصطفيٰ

راڻا افتخار

ارشد اقبال

انھن سڀني جو ناتو فيڊرل سيڪيورٽي فورس سان ھو

اُنھن قيدين کي سيڪيورٽي وارڊ سان لڳولڳ ڏکڻ طرف، پر ڪجھ وِٿيءَ تي قيدين جي ھڪ ڌار بيرڪ ۾ الڳ الڳ ڪوٺڙين ۾ رکيو ويو ھو. اُن بيرڪ کي به باقي جيل جيان سيڪيورٽي وارڊ سان ڪنڊيدار تارن ذريعي جُدا ڪيو ويو ھو. ميان غلام عباس پراڻو پوليس عملدار ھو. ھُن اُن مقدمي ۾ محترم قربان صادق اڪرام کي پنھنجو وڪيل ڪيو ھو. ميان عباس دل جو مريض ھو. ھُو ھِيڻو ۽ ڪمزور ھو ۽ روزانو دل جي بيماريءَ جون دوائون کائيندو ھو. مون ھُن کي ماٺيڻو ۽ سٻاجھو ماڻھو ڄاتو. منھنجو ويچار ھو، ته جيڪڏھن سُپريم ڪورٽ جو آخري فيصلو ھُن کي ڦاھي ڏيڻ جو ٿيو، ته ھُو شايد اُن کي سَھي نه سگھندو. ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ کان پوءِ جڏھن انھن قيدين کي به ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڦاھي ڏني ويئي، ته ھڪڙي ڏينھن منھنجي جيل جي چڪر لڳائڻ مھل جيل اختيارين مونکي ٻُڌايو، ته ميان غلام عباس جسماني ھيڻائي ۽ دل جي بيماريءَ ھوندي به ڦاھي ڏيڻ مھل سانت ۽ حوصلي ۾ ھو. ڦاھي جو ڦَندو ھُن جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ کان اڳ ھُن پُڇيو، ته مونکي ڪٿي بيھڻو آھي. ڦَٽي تي بيھي ھُن شھادت جو ڪلمو پڙھيو. قيد وارن ڏينھن ۾ ھُو باقاعدگيءَ سان نماز پڙھندو رھيو ۽ ھُن جو ورتاءُ ڏاڍو سُٺو ھو.

صوفي غلام مصطفيٰ اسپيشل سروس گروپ جو جوانَ ھو، جنھن منھنجي موجودگيءَ ۾ چراٽ ۾ نوڪري ڪئي ھئي. جڏھن مونکي انھن قيدين جي بيرڪن ۾ پھريون ڀيرو معائني لاءِ موڪليو ويو، ته صوفي غلام مصطفيٰ مونکي پري کان ئي سُڃاڻي ورتو ۽ منھنجو نالو وٺي مونکي ڀليڪار چيائين؛ ۽ پوءِ پُڇيائين: آئون ھتي ڪيئن آيو آھيان. مون ھُن کي ٻُڌايو: آئون فوج مان بدلي ٿي جيل جي نوڪريءَ ۾ آيو آھيان، ۽ اسپيشل سيڪيورٽي سپرنٽينڊنٽ جو ڪم پيو ڪريان. ھُو پنھنجي انداز ۾ مُرڪيو ۽ چيائين: سائين، ھڪ اسپيشل سروس گروپ جي ميجر کي اڄ ليفٽيننٽ ڪرنل ھئڻ گھُرجي، پر اڃا جيل جي کاتي ۾ ھن عھدي تي! پوءِ چوڻ لڳو: توھان جي ڪورَ ايتري سُٺي نه آھي، جيترو اَمريڪين اسان کي سِکيا مھل پڙھايو ھو. صوفي مصطفيٰ جي جسماني حالت ايتري سُٺي نه ھئي. ھُو مثاني جي بيماريءَ ۾ ورتل ھو، تنھنڪري ھُن کي ھر ڀيري ڪاڪُوس ۾ وڃڻو پوندو ھو. سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل مھل به ھُن سان اِھو ڏَچو ھو. ھو جسم پٽاندر گھڻو ھِيڻو ٿي چُڪو ھو، پر دماغي طور ڏاڍو ڦُڙت ھو.

محترم ارشد احمد قريشيءَ کي صوفي غلام مصطفيٰ، راڻا افتخار ۽ ارشد اقبال وارن گڏيل وَڪيل ڪيو ھو. آئون جڏھن به اُن بيرڪ ۾ ويندو ھوس، ته غلام مصطفيٰ سان ضرور ملندو ھوس. اسان ھڪ ٻئي کي گھڻي چڱيءَ طرح نه ڄاڻندا ھئاسين، ڇوته ھُو منھنجي ڪمپنيءَ ۾ نه ھو، بلڪ ابراھيم ڪمپني ۾ ھو، پر اسپيشل سروس گروپ ناتي اسان جو رشتو ضرور ھو. ھڪڙي ڏينھن مون صوفي غلام مصطفيٰ کان پُڇيو، ته ھُو قتل جي مقدمي ۾ ڪيستائين ملوث آھي. چوڻ لڳو: مونکي ڀُٽي صاحب جي ھِن مقدمي شامل ھجڻ جي بلڪل ڄاڻُ نه آھي. اسان کي چيو ويو، ته ھُن کي مُقدمي ۾ ڦاسائڻ سان اسان بچي وينداسين. بھرحال، کاتي جي وڏن عملدارن جي حُڪم تي ھُن ھٿيار ۽ گوليون قاتلن کي ڏنيون ھيون، ته جيئن محترم قصوريءَ کي قتل ڪيو وڃي، پر فائرنگ ۾ ھُن جو والد نواب محمد احمد خان مارجي ويو. مونکي ھُن ٻُڌايو: ھُو اِن مقدمي ۾ بلڪل بيگناھ آھي، ڇوته وڏن عملدارن جي حُڪم تي ھُن ھٿيار ۽ بارود ڪُوت (سرڪاري مالَ- گھر) مان ڏنا ھئا. بھرحال چوڻ لڳو: ھُن کي پتو آھي، ته اللھ تعاليٰ کيس ڇو پيو سزا ڏئي، ڇوته ھُن وڏن عملدارن جي حُڪم تي انيڪ بيگناھ، نيڪ ۽ اللھ لوڪ ماڻھن تي ڏاڍُ ۽ ڏمرُ ڪيا ھئا، جن تي کيس پڇتاءُ آھي، ۽ ھُن جو ضمير کيس اَٿاھ پِٽيندو رھي ٿو. ھُن پنھنجي اکين ۾ جوت جرڪائيندي مونکي ڌيرج سان چيو: ھُن سان وچن ڪيو ويو آھي، ته کيس اِن مقدمي مان بچايو ويندو.

پوءِ جيل اختيارين مونکي ٻُڌايو، ته صوفي غلام مصطفيٰ ڦاھيءَ جي ڦندي تائين ڏاڍي دليري ۽ بھادريءَ سان ويو. ھُو پڇاڙيءَ تائين مُرڪندو رھيو ۽ ڪلمو طيب ۽ دُرود شريف پڙھندو رھيو.

راڻا افتخار ۽ ارشد اقبال به اُن مقدمي ۾ ساٿي قيدي ھئا. ھي ٻئي ڄڻا ڄمار ۾ ٿورڙو ننڍا ھئڻ سبب جسماني طور گھڻو چُست ۽ چالاڪ ھئا. پھرين ڏينھن انھن کي ڏسڻ کان پوءِ مون جيل سپرنٽينڊنٽ کي چيو، ته اِھي گھڻو جوکائتو ٿي سگھن ٿا، تنھنڪري ھنن ٻنھي کي گڏ پَسار لاءِ ڪوٺين مان ٻاھر نه ڪڍيو وڃي. اُھي ايترو قابل ھئا، جو سپاھيءَ کان رائيفل ڦُري وٺن ھا ۽ ڪو اَڻوڻندڙ واقعو ڪري وجھن ھا. گڏوگڏ اُھي ٻئي ڄڻا ايڏو چُست ۽ ڦُڙتيلا ھئا، جو گڏجي جيل جي ديوار کي، جنھن تي پوءِ مون ڪنڊيدار تار ھڻايون ھيون، تي به چڙھڻ جي قابل ھئا. اُن ڏينھن کان انھن قيدين جي پَسار مھل مٿئين چوڪيءَ تي ھڪ سپاھيءَ کي خاص مٿن نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو. ڪجھ مھينن کان پوءِ منجھانئن ھڪ ڄڻي کي سندن گُذارش تي فيصل آباد جيل منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ڦاھي ڏني وئي.

ڪورَ ڪمانڊر جي ڳڻتي

جُون مھيني جي پڇاڙي يا جولاءِ جي اوائل ۾ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مونکي گھُرايو، ۽ چيائين: ڪورَ ڪمانڊر صاحب گھڻو ڳڻتيءَ ۾ آھي، ته متان ساٿي قيدي ھاءِ ڪورٽ ۾ ڀُٽي صاحب خلاف ڏنل بيانن تان ڦِري نه وڃن. تنھنڪري جنرل صاحب چاھي ٿو، ته تون اُنھن قيدين سان جيل ۾ مِل ۽ سندس ويچارن جو پتو لڳاءِ، ۽ کين ڏَڍُ ڏي، ته اُھي پنھنجن اوائلي بيانن تي اَٽل رھن. ۽ اُنھن کي اِھو به ڀروسو ڏيار، ته جيڪڏھن اُھي پنھنجي ڏنل گواھيءَ تي اَٽل رھندا، ته کين ڦاھي ھرگز نه ڏني ويندي. گڏوگڏ مونکي اِھو به چيو ويو، ته ڪورَ ڪمانڊر صاحب چاھي ٿو، ته انھن قيدين جو خاص خيال رکيو وڃي، ته جيئن کين ڪا تڪليف نه ٿئي.

مون سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صاحب کي ٻُڌايو: جيئن ته اُھي سيڪيورٽي وارڊ ۾ نه آھن، تنھنڪري آئون انھن جي ڪنھن به طريقي سان سار سنڀال نٿو لھي سگھان. مون اُن مامري ۾ جيل اختيارين سان ڪنھن به قسم جي ڪا ڳالھ نه ڪئي ھئي، پوءِ آئون ساڻن ڪنھن اختياريءَ سان اُھا ڳالھ ڪري کين ڀروسو ڏياري پئي سگھيس، ته انھن جي جانَ بخش ڪئي ويندي، پر شرط اِھو آھي، ته اُھي پنھنجي ڏنل گواھيءَ تان ھرگز نه ڦِرن. مون ھُن کي لارنس آف عربيا جو قصو ٻُڌايو، ته اُن عربن سان گڏجي پھرين مھاڀاري جنگ ۾ ساڻن ڪيترائي واعدا ڪيا ھئا. پر جنگ کان پوءِ برطانيا وارن منجھانئن ڪو واعدو به پُورو نه ڪيو ۽ لارنس نيٺ گُمنام موت مُئو. جنھن ماڻھو اتحادي مُلڪن لاءِ پُوريءَ جنگ جو پاسو پَلٽايو ھو، تنھن سان ڪيل وچن ۽ واعدا ڪيڏانھن ويا؟ جيئن ته بريگيڊيئر ممتاز مَلڪ نيڪدل انسان ھو، تنھنڪري ھُن مون تي زور نه وڌو. پر پوءِ اِھو ضرور چيائين، ته گھٽ ۾ گھٽ انھن جا ويچار ۽ ھِمت جو پتو لڳائي ٻُڌاءِ، ته جيئن ڪورَ ڪمانڊر صاحب کي ڪجھ ته ٻُڌايو وڃي. ايئن مون تي اُھي ڳُجھ پڌرا ٿيندا ويا، جيڪي گھرائيءَ ۾ لِڪل ھئا.

جڏھن ڀُٽي صاحب کي اڪيلو ڦاھي ڏيڻ جو حُڪم آيو، ۽ ھُن جي ساٿي قيدين جي گڏيل موت جي پروانن کي بدلايو ويو، ته مونکي مُلڪ ۾ انصاف ڪندڙن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. مون پنھنجي پاڻُ کي چيو، ته رفيع تو پنھنجي ضمير کي ته خوش ڪيو ھو، ته آئون ڇو غلط واعدو ڪريان، پر مُلڪ ۾ حڪومت وٽ ڪم ڪرائڻ جا پنھنجا انيڪ ذريعا به ٿين ٿا. بھرحال، منھنجي يونٽ جي آفيسرن کي ساٿي قيدين کي ڦاھي نه ڏيڻ تي ڏاڍو ڏُک ٿيو، ۽ انھن پنھنجا ويچار مون تائين پھچايا، جنھن تي مون مٿئين اختيارين کي لکيو، پر ڪجھ ڏينھن کان پوءِ عقل جي سوڀُ ٿي ۽ سمورا قيدي سُپريم ڪورٽ جي فيصلي پٽاندر پنھنجي انجام تي پھتا.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org