سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل
نواب محمد احمد خان جي قتل جي ڏوھ ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ 18 مارچ
1978ع تي محترم ذوالفقار علي ڀُٽي کي موت جي سزا
ٻُڌائي ھئي. اُن فيصلي خلاف جڏھن سُپريم ڪورٽ ۾
اپيل داخل ڪئي وئي، ته انتظاميا فيصلو ڪيو، ته
ٻُڌڻيءَ دؤران ڀُٽي صاحب کي جيل ڪوٽ لکپت لاھور
کان سينٽرل جيل راولپنڊي منتقل ڪيو وڃي، ته جيئن
سُپريم ڪورٽ ۾ ھُن جي پيشيءَ جو عمل حڪومت لاءِ
ڪنھن قدر سولو بڻجي. سُپريم ڪورٽ ۾ ڀُٽي صاحب کي
آڻڻ ۽ وٺي وڃڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو ھو. اُن تي
انتظاميا چڱو سوچ ويچاريو، ڇوته عوامي رنڊڪُ سان
اَمن جو مسئلو جنم وٺي سگھيو پئي. تنھنڪري اھو
فيصلو ڪيو ويو، ته ڀُٽي صاحب کي قيدين جي وڏي
گاڏيءَ ۾ پوليس جي گھڻن گارڊن سان جيل کان سُپريم
ڪورٽ وٺي وڃبو. اُن گاڏيءَ جي اڳيان ۽ پويان ٻه
ننڍيون گاڏيون ھونديون. انھن گاڏين لاءِ ھيٺيان
رستا مقرر ڪيا ويا، جن طرف ھر پاسي کان ايندڙ رستي
تي پوليس ۽ ٻين ايجنسين جا وڏا ڊَنب ۽ اٽالا
بيھاريا ويا.
سِڌو رستو
سينٽرل جيل راولپنڊي (پراڻي ڊاٿل جيل) کان گرينڊ ٽرنڪ روڊ يعني
مال روڊ ذريعي سُپريم ڪورٽ ويندڙ رستو، جيئن ته سڀ
کان ننڍو ۽ ڪنھن رُڪاوٽ بغير ھو، تنھنڪري اُن کي
پھريون رستو چونڊيو ويو. گڏوگڏ اُھو رستو جيئن ته
ڇانوڻيءَ جي علائقي ۾ واقع ھو، تنھنڪري اُن تي
عوام جو ميڙاڪو گڏجڻ ممڪن نه ھو.
2. جيل کان لالڪڙتيءَ وارو رستو
اُن رستي تي جيتوڻيڪ ڪجھ موڙ آھن، پر پوءِ به ڇانوڻيءَ مان
لنگھڻ سبب گھڻو محفوظ ھو. اُھو رستو جيل دروازي
کان چيف آف آرمي اسٽاف ھائوس (آرمي ھائوس) پوءِ
سي. او. ڊي جي مرڪزي دروازي سامھون لالڪڙتي ۽ جنرل
ھيڊڪوارٽر جي سامھون ٿيندو مليٽري اسپتال کان
سُپريم ڪورٽ تائين ڦھليل آھي. ڀُٽي صاحب کي ٻه
ڀيرا سُپريم ڪورٽ آندو ويو، ۽ ھر ڀيري وڃڻ لاءِ
اُھو ئي رستو واپرايو ويو، جڏھن ھر ڀيري واپسيءَ
تي پھريون رستو يعني مال روڊ جو رستو واپرايو ويو.
ٽيون رستو
اُھو رستو گھڻو ڊگھو ھو، پر ٻين ٻنھي رستن جي غيرمحفوظ ھئڻ سبب
اُن کي واپرائڻو ھو. جيل کان ايئرپورٽ چڪلالا، فيض
آباد، پيرڏھائي، پشاور روڊ کان سُپريم ڪورٽ جي
رستي تي ليول ڪراسنگ تان لنگھڻ لاءِ خاص انتظام
ڪيو ويو ھو.
سُپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ جي حاضريءَ دؤران پوليس جا ڪافي اٽالا
ٽنھي رستن جي سارسنڀال لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا.
ڪنھن جاءِ تي به ميڙاڪي جي ڄاڻُ نه ملي، پر رُڳو
سُپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا
ڪجھ ماڻھو ۽ اخباري نمائندا آيا ھئا. پھرين ڏينھن
جڏھن ڀُٽي صاحب کي جيل مان وٺي وڃڻ لاءِ قيدين جي
وڏي گاڏيءَ ۾ ويھاريو ويو، ته ھُن ڪجھ ڪاوڙ
ڏيکاري، پر ٻئي ڏينھن خاموشيءَ سان اُن گاڏيءَ ۾
سُوار ٿيو ھو.
سُپريم ڪورٽ ۾ ڀُٽي صاحب ڏاڍي سُٺي تقرير ڪري پنھنجا دليلَ ڏنا،
پر اُنھن تي آئون پنھنجو ڪو ويچار پڌرو نه ڪندس، ۽
نه ئي پنجاب ھاءِ ڪورٽ ۾ ھُن جي مقدمي تي ڪجھ
لکندس، ڇوته اُھي مقدما کُلي عام ھليا ۽ انھن تي
پريس به گھڻو ڪجھ لکيو ھو. ساڳئي طرح ڀُٽي صاحب جي
ڦاھيءَ جو فيصلو جيئن ته مُلڪ جي ٻن مشھور عدالتن
ڪيو ھو، جيڪو پريس ۾ پوريءَ طرح ڇپيو به ھو،
تنھنڪري آئون اُن تي پنھنجو ڪو رايو نٿو ڏيئي
سگھان. البت سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل جي ٻُڌڻي دؤران
انتظاميا جيڪو ڪجھ ڪيو يا مونکي جيڪي حُڪم ڏنا
ويا، تنھن بابت آئون لکان پيو.
سُپريم ڪورٽ جو ڀُٽي صاحب جي اپيل تي فيصلو 6 فيبروري 1979ع تي
اچڻ جي اُميد ھئي، تنھنڪري 5 فيبروريءَ تي مونکي
چيو ويو، ته آئون صبح اٺين لڳي پنجيتاليھن منٽن تي
ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ اچان. رٿيل
وقت تي جڏھن آئون جنرل شاھ رفيع عالم (ڊپٽي مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر) جي آفيس ۾ پھتس، ته ھُو اندر
موجود نه ھو، تنھنڪري آئون ھُن جي اي ڊي سيءَ سان
آڌرڀاءُ واري ڪمري ۾ ويھي رھيس. ڪجھ گھڙين کان
پوءِ جنرل صاحب ايندي ڏسڻ ۾ آيو، پر ھُو ٿورڙو
ڳڻتيءَ ۾ ھو. ھُو اڃا اندر گھِڙيو ئي پئي، ته وري
ڪجھ ساري، موٽ کائي پنھنجي رھائش گاھ ڏانھن روانو
ٿي ويو. ڪجھ قدم وڃڻ کان پوءِ ھُن مُڙي مونکي
گھُرايو. جيئن آئون ھُن وٽ پھتس ته ھُن چيو: رفيع،
ھڪڙو حرامي، جيڪو سپاھيءَ جي ورديءَ ۾ (لانس
نائيڪ) ھو، سُپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيو، ۽ وڏي سڏ
چيائين، ته جيڪڏھن ڀُٽي صاحب کي ڪجھ ٿيو، ته ھُو
سمورن ججن ۽ جرنيلن کي ختم ڪندو. ھُن حُڪم ڏنو:
آئون ھڪدم سُپريم ڪورٽ وڃي سب مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر يا ايس ايس پي سان ملان ۽ کيس چوان،
ته ڀُڻڪن ۾ ھُو ماڻھن کي عدالت ۾ اِھو ٻُڌائي، ته
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ھڪڙو ماڻھو فوجي جوان جي
وردي پائي اندر آيو ھو، جنھن اِھا حرڪت ڪئي آھي.
مون جنرل شاھ رفيع عالم کي سلام ڪيو ۽ ھڪدم ٻاھر بيٺل جيپ ڏانھن
وڌيس ۽ اُھا پاڻ ھلائي سُپريم ڪورٽ ڏانھن روانو
ٿيس. ڏاڍي تيزيءَ سان جيپ ڊوڙائيندو، ٽريفڪ سگنل
جي پرواھ بغير ڪجھ ئي منٽن ۾ سُپريم ڪورٽ آڏو وڃي
پھتس، جتي ڪافي صحافي، خاص ڪري پرڏيھي ملڪن جا
نمائندا بيٺل ھئا. مون جيپ کي رستي جي ھڪڙي پاسي
روڪيو ۽ ڊرائيور کي چيم، ته ھُو اُن کي پارڪ ۾
بيھاري ۽ آئون سِڌو عدالت جي احاطي ۾ ھليو ويس.
جيئن ته آئون ورديءَ ۾ ھوس ۽ ٻه ڏينھن اڳ سب مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ايس ايس پيءَ سان سُپريم ڪورٽ ۾
ڀُٽي صاحب جي پيشيءَ جي سلسلي ۾ حفاظتي انتظام ڏسڻ
ويو ھوس، تنھنڪري دروازي تي سپاھين منھنجي لاءِ
روڪ ٽوڪ بنا دروازو کولي ڇڏيو ۽ مونکي اندر وڃڻ
ڏنو. مون ڊيوٽيءَ تي بيٺل پوليس انسپيڪٽر کي چيو،
ته اندران ايس ايس پي محترم برڪي يا اي ايس پي
اسلام آباد محترم آصف کي ٻاھر گھُراءِ. ڪجھ گھڙين
۾ محترم آصف ٻاھر آيو. ھُن کي مون جنرل شاھ رفيع
عالم جي خواھش ٻُڌائي، جنھن مونکي ڀروسو ڏياريو،
ته ھر ممڪن طريقي سان اندر ماڻھن کي اُھا تنھنجي
ٻُڌايل ڳالھ ئي ٻُڌائي ويندي.
آئون واپس ٻاھر بيٺل جيپ کي ھلائي ساڳيءَ رفتار ۽ تيزيءَ سان
ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ پھتس ۽ کيس
ٻُڌايم، ته مون سندس حُڪم پھچائي ڇڏيو آھي. مونکي
شايد وڌ ۾ وڌ ڏھ منٽ لڳا ھوندا، تنھنڪري جنرل صاحب
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي شاباش ڏني. آئون ھُن سان گڏ
سندس آفيس ۾ ئي ويھي رھيس ۽ چاءِ ۽ ڪچھري ھلي پئي،
ته جنرل صاحب جو ٽيليفون وڄڻ لڳو. ھُن کي ٻُڌايو
ويو، ته سُپريم ڪورٽ، محترم ڀُٽي جي اپيل نامنظور
ڪئي آھي ۽ ڀُٽي صاحب سان گڏ ٻين قيدين جون اپيلون
به اتفاق راءِ سان نامنظور ڪيون ويون آھن. آئون
اُن ٽيليفون جي ڳالھ مان اِھو سمجھيس، ته شايد
ڀُٽو صاحب جي اپيل به سُپريم ڪورٽ اتفاق راءِ سان
نامنظور ڪئي آھي. جنرل صاحب ٽيليفون بند ڪري مونکي
ٻُڌايو، ته اپيل نامنظور ٿي چُڪي آھي، ۽ مونکي
گُذريل ڏينھن ٻُڌايل حُڪمن تي ھڪدم عمل ڪرڻ
گھُرجي.
آئون اُتان جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ويس، جتي ھُو منھنجي
اوسيئڙي ۾ ويٺو ھو. ھُن وڃڻ سان ئي مونکان پُڇيو:
ڇا خبر آھي؟ مون ھُن کي ٻُڌايو، ته سُپريم ڪورٽ،
ڀُٽي صاحب ۽ ٻين قيدين جي اپيل نامنظور ڪئي آھي.
جيل اختيارين جيئن اُھا خبر ٻُڌي، ته منجھن زندگي
موٽي آئي، ڇوته جيڪڏھن ڀُٽي صاحب جي اپيل منظور ٿي
وڃي ھا، ته شايد کين ڏُکيا ڏينھن ڏسڻا پون ھا.
يارمحمد صاحب چاءِ لاءِ چيو، ۽ اسان ايندڙ ڏينھن
بابت سوچڻ لڳاسين. اٽڪل يارھين وڳي ڌاري يارمحمد
صاحب مونکي چيو، ته ڇونه وڃي ڀُٽي صاحب کي ڄاڻ ڏني
وڃي. اسان ٻئي ڄڻا سيڪيورٽي وارڊ ۾ وياسين، جتي
ڀُٽو صاحب اسان کي ڪنھن خاص سوچ ۾ ويٺل ڏسڻ ۾ آيو.
يارمحمد صاحب ڏُک ڏيکاريندي ھُن کي ٻُڌايو، ته
سُپريم ڪورٽ سندس اپيل نامنظور ڪئي آھي. ڀُٽي صاحب
ھُن جي اُھا ڳالھ ٻُڌي ڪو خاص ردعمل نه ڏيکاريو،
بلڪ چوڻ لڳو: ھا، اِھو مونکي به اندازو ٿي چُڪو
ھو، ته اپيل نامنظور ٿي چُڪي آھي، نه ته ڪو ڀڄندو
ضرور اچي ھا، ۽ مونکي ساڍي نَائين ۽ ڏھين وڳي وچ ۾
اھا ڳالھ ٻُڌائي ھا.
البت جڏھن يارمحمد صاحب، ڀُٽي صاحب کي اپيل جي رد ٿيڻ جي خبر
ڏني، ته ھُن جي چھري تي مون ھڪ خاص اندروني پيڙا
ڏٺي. ھُن وري ھڪدم پُڇيو: ڇا اُھو عدالت جو متفق
فيصلو ھو؟ جيئن ته مون جنرل شاھ رفيع عالم صاحب جي
آفيس ۾ ٽيليفون تي ٿيل ڳالھ ٻولھ مان اھو ئي
اندازو لڳايو ھو، ته اُھو سُپريم ڪورٽ جو متفق
فيصلو ھو. (اصل ۾ ٻين قيدين بابت ڪورٽ جو متفق
فيصلو ٿيو ھو، ۽ ڀُٽي صاحب بابت ٽي/ چار جو فيصلو
ٿيو ھو) ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾، مون کين ائين
ئي ٻُڌايو ھو، تنھنڪري انھن ڀُٽو صاحب کي به ايئن
ٻُڌايو، ته اُھو جج صاحبن جو متفق فيصلو ھو. جنھن
تي ھُن ٿوررو اچرج پڌرو ڪيو، پر ماٺ ۾ رھيو. پوءِ
ھُن مونکي ڏسندي چيو: ٻاھر ڏاڍي سُٺي موسم آھي،
تنھنڪري ٻاھر اڱڻ ۾ ڇو نه ويھجي. ٻاھر ڪُرسيون
لڳايون ويون ۽ اسان ٽئي ڄڻا اُس ۾ ويھي رھياسين.
ڀُٽي صاحب مونکي ڪافي يا چاءِ لاءِ پُڇيو. مون اھو
ئي جواب ڏنو، ته سائين جيڪو توھان پيئڻ چاھيو. ھُن
مُشقتي عبدالرحمان کي چيو، ته ڪافي کڻي اچ. اسان
ٽئي ڄڻا خاموشيءَ سان ويھي رھياسين، ڇوته حالت ئي
ڪجھ اھڙي ھئي، پر ڀُٽي صاحب پنھنجي پاڻُ تي ڪمال
جو ضابطو ڏيکاريو ۽ ايئن ڏيکاءُ ڏنائين، ڄڻ اُن
خراب خبر جو مٿس ڪو اثر ئي نه ٿيو ھُجي ۽ بلڪل مؤج
واري انداز ۾ پنھنجو ڏيکاءُ ڏنائين، ڄڻ ته ھُن کي
تِر جيتري به ڪا پرواھ نه ھُجي. انھيءَ ڳالھ کان
آئون ڏاڍو متاثر ٿيس. بلڪ ڀُٽو صاحب ويتر وڌيڪ
ڀوڳائي انداز ۾ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو ۽ جڏھن يارمحمد سندس
ڀوڳائپ کي واکاڻيو، ته چوڻ لڳو: يارمحمد اسان ھن
وات کي وڏن طريقن سان واپرايو آھي. ھُو ڪجھ وڌيڪ
ھلڪي سانت ۾ ڏسڻ ۾ آيو. آئون اھڙي سڀاءَ سبب اُن
سوچ ۾ ھوس، ته ڄڻ ھُن کي سُپريم ڪورٽ طرفان ٿيل
اپيل جي منظوريءَ جي خبر ڏني وئي ھُجي. ڪچھريءَ ۾
ھُن چوڌري يارمحمد کي چيو: ھُو ھُن کي ڪڏھن ٿو
ڦاھي ڏيئي. ۽ پوءِ چوڻ لڳو: اسان ته اللھ تعاليٰ
وٽ وڃون پيا. اسان دنيا ۾ گھڻو عيش ڪيو آھي. ھاڻي
ڪابه پرواھ نه آھي. اسان جيڪو به گھُريو، تنھن کي
ماڻيوسين. پر ھُن اُھي سڀ ڳالھيون ٽوڪ طور پئي
چيون.
بھرحال تنھن وقت ڀُٽي جي رَويي مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. پوءِ چوڻ
لڳو: ڀائي، ھاڻي منھنجا ڪجھ ڏينھن رھجي ويا آھن،
تنھنڪري مونکي آرام سان رھڻ ڏنو وڃي، ۽ ھروڀرو
ايئن نه چيو وڃي، ته ھي ڪريو ۽ اُھو نه ڪريو، ڇوته
اُن سان منھنجي بيعزتي ٿئي ٿي. پوءِ ويجھو اچي
منھنجي ڪَن ۾ ڀُڻڪندي چيائين: مھرباني ڪري ھر
تبديليءَ بابت کيس ٻُڌايو وڃي، خاص ڪري جڏھن ھُن
کي ڪنھن ٻي جاءِ ڏانھن منتقل ڪيو وڃي. مون واعدي
طور پنھنجو ڪنڌُ لوڏيو.
اٽڪل پوڻين ٻارھين وڳي اڱڻ جي ھڪ ڪُنڊ جي تنبوءَ ۾ لڳل ٽيليفون
وڄڻ لڳو. جيل سپرنٽينڊنٽ وڃي اُھو کنيو. موٽي ھُن
مونکي چيو: ڊيوٽي آفيسر چوي ٿو، ته بيگم نُصرت
ڀُٽو جيل جي دروازي تي بيٺل آھي، ڇا ھُن کي اندر
اچڻ جي اجازت ڏيون؟ آئون پريشان ٿي ويس، ڇوته
پراڻي پروگرام موجب بيگم نصرت ڀُٽو کي 6 فيبروريءَ
تي جيل ۾ ڀُٽي صاحب سان ملڻ لاءِ اچڻو ھو. پر 5
فيبروريءَ تي مونکي سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر حُڪم
ڏنو ھو، ته بيگم ڀُٽي کي 5 ۽ 6 فيبروريءَ جي رات
جو نظربند ڪيو ويندو، تنھنڪري ھُن کي پراچا ھائوس
اسلام کان ٻاھر اچڻ نه ڏنو ويندو ۽ ھُن جي 6
فيبروريءَ تي ڀُٽي صاحب سان ملاقات نه ڪرائي
ويندي. آئون ٻُڏتر ۾ ھئس، پر جيئن مون ڀُٽي صاحب
ڏانھن نھاريو، ته ھُن جي اکين ۾ ھڪ خاص ڪيفيت ڏٺي،
جيئن ته اُن ڏينھن ھُن جي اپيل نامنظور ٿي چُڪي
ھئي، ۽ حالتن عجيب پلٽو پئي کاڌو، تنھنڪري مون
چوڌري يارمحمد کي چيو، ته ھُن کي اندر اچڻ ڏيو.
ڪجھ گھڙين ۾ بيگم نُصرت ڀُٽو سڄيءَ دُنيا کي
گاريون ڏيندي نروار ٿي. مون اُٿي ھُن کي سلام ڪيو
۽ کيس پنھنجي ڪُرسيءَ تي ويھڻ لاءِ چيم. جڏھن ته
ھڪدم مُشقتي ٻي ڪُرسي به کڻي آيو. محترم ڀُٽي صاحب
ھُن کي صبر جي تلقين ڪئي، پر ھوءَ گھڻي ڪاوڙ ۾
ھئي.
نُصرت ڀُٽو، ڀُٽي صاحب کي اپيل جي نامنظوريءَ جي خبر ٻُڌائي ۽
ڀُٽي صاحب کي ٻُڌايائين، ته فلاڻي فلاڻي جج
(اَڻوڻندڙ لفظ واپرائيندي) ھُن خلاف فيصلو ڏنو.
ڪجھ گھڙيون ئي مس گُذريون ھيون، ته تنبوءَ ۾ رکيل
ٽيليفون وري وڄڻ لڳو. چوڌري يارمحمد اُٿي ٽيليفون
ٻُڌو ۽ اچي مونکي ٻُڌايائين، ته آئون سب مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر صاحب سان ڳالھايان. مون بريگيڊيئر
خواجا راحت لطيف صاحب کي پَڌر جي مٿئين چوڪيءَ مان
ٽيليفون ڪندي ڏسي ورتو ھو ۽ جيئن ته ھوائي فاصلو
پنجن گُزن کان به گھٽ ھو، تنھنڪري ھُن جو وڏو آواز
به ڪنھن قدر ٻُڌڻ ۾ پئي آيو. ھُو ڏاڍو ڪاوڙيل ھو ۽
مونکي چوڻ لڳو: تون منھنجي حُڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي
۽ پڌرن حُڪمن ھوندي به بيگم نصرت ڀُٽي کي جيل ۾ ڇو
اچڻ ڏنو آھي. مون ھُن کي ٻُڌايو: جيل جي دروازي ۽
عام رستي تي تماشو بنائڻ بجاءِ مون بيگم نصرت ڀُٽي
کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني آھي. ھُن مونکي حُڪم
ڏنو: ھڪدم بيگم نصرت ڀُٽي کي ٻاھر ڪڍيو وڃي. آئون
جي سائين چئي موٽي آيس ۽ خاموشيءَ سان محترم ڀُٽي،
بيگم ڀُٽي ۽ يارمحمد سان گڏجي ويھي رھيس. جيئن ته
ڀُٽي صاحب اسان جي وچ ۾ ٿيل سڄي ڳالھ ٻُڌي ورتي
ھئي، تنھنڪري ھُن مون سان افسوس ڪيو، ته ھُن مونکي
اَڻوڻندڙ حالت ۾ ڦاسايو آھي. موٽ ۾ مون ھُن کي
چيو، ته ڪا ڳالھ نه آھي ۽ بيگم نُصرت ڀُٽي کي چيم،
ته ھوءَ موٽي وڃي. پر بيگم نصرت ڀُٽي جواب ڏنو، ته
ھوءَ ايترو تڪڙو موٽي نه ويندي. اٽڪل ٻن ٽن منٽن ۾
مونکي وري ٽيليفيون تي گھُرايو ويو ۽ پُڇيو ويو،
ته بيگم نصرت ڀُٽو اڃا تائين ٻاھر ڇو نه آئي آھي.
مون جواب ڏنو، ته ھوءَ چاءِ پي تُرت ٻاھر اچي پئي.
بريگيڊيئر صاحب ڏاڍي ڪاوڙ ۾ ھو ۽ ھُن مونکي حُڪم
ڏنو، ته بيگم نصرت ڀُٽي کي ھڪدم ٻاھر ڪڍيو وڃي ۽
گڏوگڏ اھو به چيائين، ته ليڊي پوليس سيڪيورٽي وارڊ
۾ اندر اچي پئي، جيڪا بيگم نصرت ڀُٽي کي زبردستي
ٻانھُن ۽ ٽنگن مان جھلي ٻاھر آڻيندي. مون ھُن کي
چيو ته بيگم ڀُٽو پاڻُ ٻاھر اچي پئي، تنھنڪري ليڊي
پوليس جي گھُرج نه آھي. پوءِ تنبوءَ مان ٻاھر اچي
مون ھيڊ وارڊر کي چيو، ته ڪوبه سيڪيورٽي وارڊ وارو
لوڙهي ۾ نٿو اچي سگھي ۽ اُن دروازي جو تالو نه
کوليو ويندو. اُن دؤران بيگم نصرت ڀُٽو ۽ ڀُٽو
صاحب اندر ڪوٺيءَ ۾ ھليا ويا. آئون ھيڊ وارڊر کي
ھدايت ڏئي اڱڻ مان اندر ڪوٺيءَ ۾ ويس. بيگم نصرت
ڀُٽو جي ھٿ ۾ چاءِ جو پيالو ھو، جنھن کي ھُن پيتو
پئي. ڀُٽي صاحب ھُن کي چيو پئي، ته ھوءَ موٽي وڃي.
مون بيگم نصرت ڀُٽي جي ويجھو ويھندي کيس چيو: اللھ
تعاليٰ وڏو ۽ رحيم ڪريم آھي. توھان رب العزت کان
معافي گھُرو ۽ رحم جي دُعا ڪريو. بيگم نُصرت ڀُٽو
مڇرجي پيئي، ۽ چوڻ لڳي: ڇا اسان وڏا نه آھيون.
مونکي ھُن جي جواب تي ڏاڍو اچرج ۽ ڏُک به ٿيو،
تنھنڪري مون ھُن کي چيو: محترمه توھان پنھنجي پاڻُ
کي ايئن مقابلي ۾ نه آڻيو. آئون ڀانيان ٿو، ته
بيگم نصرت ڀُٽو ايتري ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ھئي، جو اُھي
مٿيان لفظ پاڻمرادو ھُن جي وات مان نڪري ويا ھئا.
بھرحال، ھُن پھرين آڱر پنھنجي ڪَن پٽي ڏانھن کڻندي
چيو: اللھ تعاليٰ اسان کي وڏو دماغ ڏنو آھي. مون
ھُن کي چيو: محترمه توھان ھتان ھليو وڃو. ھوءَ
ويتر مڇرجي پيئي. جيئن ته سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
گھڻو ناراض ٿيو پئي، ۽ زناني پوليس اندر موڪلڻ جو
چيائين پئي، ۽ ھيڏانھن بيگم ڀُٽو به ڪاوڙ کان ٻاھر
پئي ٿي، تنھنڪري شايد مون وڏي سڏ ھُن کي چيو:
مھرباني ڪري منھنجي مجبوريءَ کي ڏسو ۽ توھان ھڪدم
ٻاھر نڪرو. ڀُٽو صاحب به ڌيرج سان ھُن کي ھر ڀيري
چيو، ته ھوءَ موٽي وڃي. تڏھن ھُن چيو: آئون وڃان
ٿي، پر چاءِ ختم ٿيڻ کانپوءِ. آئون ڪوٺيءَ ۽ پوءِ
سيڪيورٽي وارڊ مان ٻاھر آيس، ته ڏٺم ته بريگيڊيئر
راحت لطيف صاحب ڪجھ زناني پوليس وارين سميت تار
واريءَ لوڙهي جي دروازي تي بيٺل ھو. ھُن مونکي ڏسڻ
سان ئي زور سان سڏيو ۽ دروازي جو تالو کولڻ جو
حُڪم ڏنائين. آئون ھُن ڏانھن وڌي ويس ۽ کيس چيم،
ته بيگم ڀُٽو ٻاھر اچي پئي. ھُن پنھنجي ڳاڙھي
پَٽيءَ واري ٽوپي مٿي تان لاھي بغل ۾ دٻائي ڀڄي
پَڌر جو رُخ ڪيو ۽ آئون جيئن سيڪيورٽي وارڊ مان
اندر وڃڻ تي موٽيس، ته بيگم نصرت ڀُٽو به ٻاھر پئي
آئي. پَڌر ۾ بيٺل گاڏيءَ تي زناني پوليس ھُن کي
گاڏيءَ ۾ وڌو ۽ کيس جيل کان ٻاھر وٺي ويا.
پوءِ مون لکين ڪوششون ڪيون ۽ حالتون ٻُڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سب
مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو ڀروسو مون تان کڄي چُڪو
ھو. اُن شام ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پنھنجي
آفيس ۾ مونکي گھُرايو، جتي سب مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر، ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن، ڊپٽي ڪمشنر
راولپنڊي، ڊي آءِ جي پوليس راولپنڊي رينج، ايس ايس
پي راولپنڊي ۽ ايس پي اسلام آباد به ڪانفرنس لاءِ
آيل ھئا. ڪانفرنس جي شروع ۾ ڊي آءِ جي پوليس سُوال
ڪيو، ته بيگم ڀُٽو جيل ۾ ڪيئن وئي. مونکي جواب ڏيڻ
لاءِ چوڻ کان اڳ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل
شاھ رفيع عالم کين ڪاوڙ ۾ ڏسندي چيو، ته اھو فيصلو
حالتن پٽاندر ڪرنل رفيع جو ھو، پر ڊي آءِ جي پوليس
کان پڇيو وڃي، ته بيگم ڀُٽو پوليس جي ايتري گارڊ
نفريءَ ھوندي به پراچا ھائوس اسلام آباد ۾
نظربنديءَ باوجود اُتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي
۽ پوءِ پنڊي ۽ اسلام آباد جي پوليس کي دوکو ڏيندي
جيل تائين پھچڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي. جنرل صاحب پوليس
تي چڱا ڇوھ ڇنڊيا ۽ انتظاميا کي چتاءُ ڏنو، ته
اڳتي ڪھڙو وقت پيو اچي، ۽ ڪيڏي ھوشياريءَ جي گھُرج
ھوندي. اُن ڪانفرنس کان پوءِ مون کي سب مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر سامھون ٻيھر پنھنجي صفائي ڏيڻي پئي.
جڏھن آئون 8 فيبروري تي ٻيھر سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويس، ته ڀُٽو صاحب
ٿورڙو ماٺ ۾ ھو ۽ ڪجھ گھڙين کان پوءِ ھُن ميار
ڏني، ته مون ھُن جي بيگم صاحبه کي رڙ ڪري سڏيو ھو،
ته ھڪدم موٽي وڃي. مون ھُن کي سڄو قصو ٻُڌايو ۽
اوستائين جيڪو وَھيو واپريو ھو، سو مامرو کيس
ٻُڌايم ۽ مٿس پڌرو ڪيم، ته ھُن جي خاص نِھار سان
مونکي ڏسڻ سبب مون مٿئين اختيارين جي حُڪم جي
ڀڃڪڙي ڪئي ۽ بيگم صاحبه کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني،
۽ ٻيو سڀ کان وڏو سبب اِھو ھو، جو ٻاھر زناني
پوليس بيٺل ھئي، ته وري ھيڏانھن بيگم صاحبه ٻاھر
نه نڪرڻ تي ضد ڪيو ويٺي ھئي، ۽ مون اھو ڪنھن به
حالت ۾ نه پئي چاھيو، ته بيگم نُصرت ڀُٽو جي توھان
جي اکين آڏو پوليس فورس ھٿان کؤنس ٿئي. مون ھُن کي
چِٽو ٻُڌايو، ته ڇا منھنجو وڏي سڏ ڳالھائڻ ۾ توھان
جي سڄڻائپ نه ھئي. جنھن تي ھُن پنھنجو ڪنڌ ڌوڻيندي
منھنجي پُٺڀرائي ڪئي، ۽ پوءِ منھنجو ٿورو مڃيائين،
ته مون ھُن سبب ايتري تڪليف کنئي ۽ مونکي جواب
ڏيڻو پيو. اُن موقعي تي ھُن مون سان شڪايت ڪئي، ته
جيل جا ماڻھو ھُن سان ھاڻي سُٺو ورتاءُ نه پيا ڪن
۽ مونکي چوڻ لڳو، ته اِھا ھُن جي بيعزتي آھي. مون
ھُن کي حالتن بابت سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنھن
وقت ھوا جو رُخ بدلجي چُڪو ھو ۽ جيل وارا ڪنھن قسم
جي ڳالھ ٻُڌڻ لاءِ بلڪل تيار نه ھئا.
نظرثاني ۽ رحم جي اپيل
22 مارچ 1979ع تي جڏھن آئون ڀُٽي صاحب سان مليس، ته ھُن جيل
اختيارين خلاف گھڻيون شڪايتون ڪيون. مون ھُن کي
ٻُڌايو: آئون ھاڻي اُن حيثيت ۾ نه آھيان، جنھن ۾
پھرين ھوس ۽ جيل اختيارين تي به ڪافي سختي ڪئي پئي
وڃي، ڇوته مٿيون اختياريون ھر گھڙيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھئڻ
سبب سيڪيورٽي وارڊ جو خاص خيال رکن پيون ۽ جيل
اختيارين کي قانوني طور مجبور پيا ڪن، ته اُھي
ڪتابي حُڪمن پٽاندر سختيءَ کان ڪم وٺن. مون ڀُٽو
صاحب کي صبر جي ھدايت ڪئي. اُنھن ڏينھن ۾ ڀُٽو
صاحب پَسار لاءِ ڪوٺيءَ مان ٻاھر گھٽ نڪرندو ھو.
ھُو چوڻ لڳو: ھڪ عام وارڊر به مونکي حُڪم ڏئي ٿو،
ته وقت ختم ٿي ويو آھي، ۽ اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃو. ھُو
اھڙو ورتاءُ سَھي نٿو سگھي.
اُن ڏينھن ڪچھريءَ ۾ ڀُٽي صاحب مون کان پُڇيو، ته سُپريم ڪورٽ ۾
نظرثاني اپيل جو ڪھڙو فيصلو اچي سگھي ٿو. مون
پنھنجي اَڻڄاڻائي ڏيکاري. پوءِ ھُن پاڻُ ئي چيو:
شايد ڪورٽ 25 مارچ تي پنھنجو فيصلو ٻُڌائي، جيڪو
اپيل جھڙو ئي ھوندو، يعني ٽن/ چئن جو فيصلو ھوندو.
جئين ته منھنجو سُپريم ڪورٽ سان ڪو ناتو نه ھو ۽
نه ئي منھنجي دوستن يا ساٿين ۾ ڪڏھن اُن تي ڪا
ڳالھ ٿي ھئي، تنھنڪري مونکي ڪا ڄاڻُ نه ھئي.
نظرثاني اپيل جو فيصلو 24 مارچ 1979ع تي ٻُڌايو
ويو ۽ اھو به نامنظور ٿيو. نظرثاني اپيل جي فيصلي
جو اعلان ٿيندي ئي مونکي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي
ھيٺين حُڪمن تي عمل جو حُڪم مليو.
محترم ڀُٽي کي عام ڦاھي واري ڏوھيءَ جيان سمجھيو ويندو ۽ ھُن
سان قانون پٽاندر ورتاءُ ڪيو ويندو.
ملاقاتين جي ھُن سان ملاقات باقاعدي قانون پٽاندر ھوندي، جنھن
جو وقت رُڳو اڌ ڪلاڪ ھوندو.
سمورن ملاقاتين جي جھَڙتي ورتي ويندي، بھرحال جيئن ته سُپريم
ڪورٽ اڳ ۾ اُن ڏس ۾ نرمي ڏيڻ جي ھدايت ڪئي ھئي،
تنھنڪري حڪومت طرفان فيصلي جي ڄاڻ وٺي ٻُڌايو
ويندو.
جيل ۾ ٻاھران کاڌو آڻڻ بند ڪيو ويندو. اڳ ۾ کاڌو پراچا ھائوس
اسلام آباد مان ايندو ھو ۽ 5 فيبروري 1979ع کان
ڊاڪٽر ظفر نيازيءَ جي گھران آيو پئي.
کاڌي جو بندوبست سيڪيورٽي وارڊ ۾ ئي ڪيو ويندو ۽ ٻئي حُڪم تائين
قيدين جي لنگر بجاءِ اندر سيڪيورٽي وارڊ جي رڌڻي ۾
کاڌو رَڌيو ويندو.
ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ مان نِوهار وارو پلنگ کنيو وڃي ۽ لوھ جي
اسپرنگن وارو بسترو ڏنو وڃي.
بجلي ٻارڻ وارا بٽڻ ھُن جي ڪوٺيءَ کان ٻاھران دالان ۾ منتقل ڪيا
وڃن ۽ کين ٻاھران ئي ٻاريو ۽ وسايو ويندو.
ڀُٽي صاحب تي اُن سپاھيءَ جي نگاھ رات ڏينھن رھندي، جيڪو ھُن جي
ڪوٺيءَ جي دروازي تي بيٺل ھوندو.
ھُن جي ڪوٺيءَ مان سموريون دوائون ٻاھر ڪڍيون وينديون.
سيڪيورٽيءَ وارڊ مان فِرج ڪڍي کيس اُن سھولت کان وانجھو ڪيو
وڃي.
ملاقات رُڳو ٽن منٽن جي ھوندي ۽ ملاقاتي لوھي دروازي کان ٻاھر
رھندو ۽ ملاقات دؤران گارڊ ڦُڙت رھندو.
پَسار جو وقت رُڳو اڌ ڪلاڪ ھوندو ۽ اُن دؤران به گارڊ ڦُڙت
رھندو.
اخبارون وغيره پھرين جيان ھُن کي ڏنيون وينديون.
رات جو فيلڊ آفيسر جيڪو سيڪيورٽي بٽالين مان ھوندو، آپريشن روم
۾ ڊيوٽي ڏيندو، ته جيئن سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻايو
وڃي. |