سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 11

ضميمو: 1

راولپنڊي جيل ۾ ڀُٽي صاحب سان ملاقات ڪندڙ

ڀُٽي صاحب کي 17 مئي 1978ع تي صبح جو ڪوٽ لکپت جيل لاھور کان سينٽرل جيل راولپنڊي آندو ويو. 4 اپريل 1979ع تي ھُن کي ڦاھي ڏيڻ تائين اُن جيل ۾ رکيو ويو. اُن دؤران ھُن سان ملاقات ڪندڙن جو جيل انتظاميا ۽ خاص ڪري فوجي سيڪيورٽي اختيارين مڪمل ريڪارڊ رکيو. ڀُٽي صاحب سان اُن عرصي دؤران ڪُل ڇائيتاليھ ماڻھو مليا. ڀُٽي صاحب سان 19 مئي 1978ع تي يارھن لڳي ويھن منٽن تي جيڪو سڀ کان پھرين ماڻھو اچي مليو ھو، تنھن جو نالو دوست محمد اعواڻ ھو، جيڪو ڀُٽي صاحب جو وڪيل ھو. جڏھن ته ٻين ملندڙ ماڻھن ۾ يحييٰ بختيار، غلام علي ميمڻ، بيگم نُصرت ڀُٽو، محترمه بينظير ڀٽو، عبدالحفيظ لاکو، ليفٽيننٽ جنرل ڊاڪٽر شوڪت حسن، محترمه امير بيگم ڀُٽو، ڊاڪٽر اقبال، ڊاڪٽر حفيظ اختر، ڊاڪٽر اسلم ارشد، ڊاڪٽر صديق، ميجر محمد حنيف ڪمبائنڊ مليٽري راولپنڊي، ڊاڪٽر رشيد سينٽرل گورنمنٽ اسپتال راولپنڊي، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ اڪرام الحق، ڊينٽل سرجن طارق محمود، صديق کرل، مسز نسيم الاسلام، مسز منورالاسلام، ڊاڪٽر عظيم، ڊاڪٽر ظفر نيازي، مُجيب پيرزادو، امداد ڀُٽو، مس رخسانه ڀُٽو، مس شبنم ڀُٽو، ڊاڪٽر اصغر علي شاھ جيل ڊاڪٽر، محترمه شيرين امير بيگم، ڊاڪٽر زمان، چوڌري مُختيار احمد، عزيزالرحمان، مظفر علي ڀُٽو، ڊاڪٽر زينت پيٿالوجسٽ سينٽرل اسپتال راولپنڊي، ڊاڪٽر ڪي. اي. عظيم، ڊاڪٽر خالد محمود اعواڻ، نبي بخش ڀُٽو، مظفر مُصطفيٰ، بيگم مظفر مصطفيٰ، نسيم الاسلام، منورالاسلام، حفيظ پيرزادو، ياسين وٽو، محفوظ خان ڀُٽو، ممتاز علي ڀُٽو، مُشتاق علي ڀُٽو، طارق الاسلام ۽ محترمه شاھ بانو شامل آھن.

*

 

 

ضميمو: 2

 

ليکڪ جو تعارف

ھِن ڪتاب جو ليکڪ ڪرنل رفيع الدين، جنرل محمد ضياءَالحق سان لاڳاپن ۽ ٻين واسطيدار مامرن بابت پنھنجون ساروڻيون لکيون آھن، جن کي اسان جيئن جو تيئن ھتي ضميمي طور ڏيون ٿا، ته جيئن پڙھندڙ ڪرنل رفيع الدين جا ويچار پڙھي، پاڻُ ھُن جي سوچ ۽ ڪردار بابت فيصلو ڪري سگھن.

ڪرنل رفيع الدين سيپٽمبر 1933ع ۾ ضلع چڪوال، تعلقي تلا گنگ جي ڳوٺ ڪوٽ قاضيءَ ۾ ڄائو. اوائلي تعليم تلا گنگ ۽ باقي ڪراچيءَ مان ورتي. اپريل 1958ع ۾ پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان فوجي سِکيا وٺڻ کان پوءِ پاڪ فوج ۾ ڪميشن ورتائين. 19 پنجاب شيرشاھ بٽالين کان پنھنجي فوجي زندگيءَ شروع ڪيائين. 1971ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عھدي تي ترقي ماڻي، ساڳي پلٽڻ جي ڪمانَ ماڻي. اَٺن ورھين تائين اسپيشل سروس گروپ (ڪمانڊو) ۾ نوڪري ڪيائين. 1965ع ۽ 1971ع جي پاڪ- ھند جنگين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.

17 مئي 1977ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪرنل رفيع الدين سينٽرل جيل راولپنڊيءَ ۾ مارشل لا انتظاميا طرفان اسپيشل سيڪيورٽي سپرنٽينڊنٽ جا فرض نڀايا، جتي ھڪڙي قتل جي مقدمي ۾ ڦاسايل اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کي رکيو ويو ھو.

ڪرنل رفيع الدين پاڪستان جي نمائندي طور سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن (CENTO) ۾ به خدمتون ڏنيون. ڪرنل انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ مليٽري اتاشي به رھيو ۽ انٽرسروسز اينٽليجنس (آءِ ايس آءِ) ۾ مقرريءَ دؤران افغانستان جي جھاد سان به لاڳاپيل رھيو. سروس دؤران ھُن مختلف ڪمانَ، سِکيا ۽ اسٽاف جا فرض نڀايا. آڪٽوبر 1988ع ۾ ڪرنل طور ريٽائر ٿيو. ۽ ھاڻي دعوت توڙي تبليغ ۾ رُڌل آھي.

’مونکي جنرل محمد ضياءَالحق سان گڏ مارشل لا لڳڻ کان اڳ ڪم ڪرڻ جو ڪو موقعو نه مليو ھو. مون پھريون ڀيرو ضياءَالحق کي تڏھن ڏٺو، جڏھن ھُو پاڪستان فوج جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو ھو، ۽ ھُن فوج جي ڪمانَ سنڀالڻ تي اسڪول آف انفينٽري اينڊ ٽيڪٽس ڪوئيٽا جو پھريون دؤرو ڪيو ھو، جتي مون چيف انسٽرڪٽر جا فرض نڀايا پئي. اُن موقعي تي به ڳالھ ھٿُ ملائڻ يا چاءِ جي ميز تي آمھون سامھون ٿيڻ ۽ دُعا سلام کان اڳتي نه وڌي ھئي.

’نومبر 1977ع ۾ منھنجي بدلي انفينٽري اسڪول ڪوئيٽا کان 27 پنجاب ريجمينٽ راولپنڊيءَ ۾ ٿي. اھا پلٽڻ 11 بريگيڊ جو حصو ھئي. اُن بريگيڊ جي آپريشن ذميداري ته ڪنھن ٻئي ھنڌ ھئي، پر اُنھن ڏينھن اُن جو ڪم راڄڌاني اسلام آباد- راولپنڊي جي علائقي سميت پريزيڊنسيءَ جو بچاءُ ھو. مارشل لا لڳڻ سبب اُن بريگيڊ تي اھم ذميداري ھئي. 1978ع جي رمضان مھيني ۾ ٽنھي ڪمانڊنگ آفيسرن ۽ اُھي جوانَ، جيڪي صدر صاحب جي حفاظت تي مقرر ھئا، تن کي آرمي ھائوس، جتي صدر صاحب رھيل ھو، ۾ افطار تي گھُرايو ويو.

افطاري ۽ مغرب جي نماز کان پوءِ اُھي سڀ کاڌي جي ميز تي گڏ ٿيا. جنرل محمد ضياءَالحق صاحب اچي منھنجي ڪُرسيءَ سان گڏ رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺو. اصل ۾ اُن دعوت ۾ وڃڻ کان اڳ مون سوچيو ھو، ته جيڪڏھن مونکي صدر صاحب سان گڏ ايترو ويجھو ويھي ھڪ اڌ ڪلاڪ کاڌي تي گھارڻو پيو، ته آئون ساڻس ڇا ڳالھائيندو. شروع ۾ دُعا سليڪ کان پوءِ ضياءَالحق مون کان پُڇيو: ڇا تون اسٽاف ڪاليج ڪري ورتو آھي. جيئن ته آئون اسٽاف ڪاليج وڃي نه سگھيو ھوس، تنھنڪري مون جنرل صاحب کي جواب ڏنو: آئون فوجي لحاظ کان اَڻپڙھيل آھيان. ھُو منھنجو مطلب سمجھي نه سگھيو ۽ سوال واري انداز ۾ مون کان پُڇيائين: ڪرنل رفيع، تنھنجو ڇا مطلب آھي. تڏھن مون کيس تفصيل سان ٻُڌايو: سائين، جن ڏينھن ۾ مون کي اسٽاف ڪاليج جو امتحان پاس ڪرڻو ھو، تن ڏينھن ۾ آئون اسپيشل سروس گروپ ۾ ھوس، جتي اُھي اھڙين حالتن ۾ ڦاٿل رھيا، جو اسٽاف ڪاليج جو مونکي ويچار به نه آيو، ۽ جڏھن اُن اھم رُتبي جو ويچار آيو، ته تنھن وقت بدقسمتيءَ سان منھنجي ڄمار وڌي چُڪي ھئي، جنھن سبب آئون اھا ڊگري وٺي نه سگھيس. جنرل صاحب چيو: ڪا ڳالھ نه آھي، تون ايندڙ ڪورس لاءِ ھليو وڃ. پر مون جنرل جو ٿورو مڃيو، ۽ سوچڻ سمجھڻ بغير چيم: سائين، ھاڻي جيئن ته آئون ڄمار، سروس ۽ عھدي ۾ گھڻو اڳتي وڌي چُڪو آھيان، جو اسٽاف ڪاليج ۾ اٽڪل سمورا اُستاد مون کان جونيئر آھن، ۽ ڪيترائي ته يونٽ ڪمانڊر ڪورس ۾ به منھنجا شاگرد رھي چُڪا آھن، تنھنڪري آئون اھڙين حالتن ۾ اسٽاف ڪاليج وڃڻ نه چاھيندس. جنرل صاحب چيو: اِھا تنھنجي پنھنجي مرضي آھي، پر اُن اھم ڊگريءَ سان ڪنھن فوجي آفيسر جو نه رُڳو سرڪيوليشن قدر وڌي ٿو، بلڪ اڳتي ترقيءَ جا موقعا به ملن ٿا. مون اُن رات الائي ڇو ايڏو اڏولتا سان جواب پئي ڏنا. مون جنرل ضياءَ کي چيو: سائين توھان رڳو چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ئي نه، بلڪ مُلڪ جا صدر به آھيو، پر منھنجو پروموش، نفعو يا نقصان رڳو اللھ تعاليٰ طرفان ئي ٿيڻو آھي. (اِھو مون پنھنجي شھادت واري آڱر آسمان ڏانھن کڻندي چيو ھو.) جيڪڏھن توھان انھن سمورن عھدن جي ھوندي به چاھيو، تڏھن به ائين نٿا ڪري سگھو. منھنجي اُن جواب جنرل ضياءَالحق صاحب کي مُنجھائي وڌو. ضياءَالحق مون سان گڏ ويھي مونکي پوري ڌيان سان ٻُڌو پئي، پر اُن جواب تي ھُو مون ڏانھن ٿورو جھُڪيو ۽ اکين ۾ گھوري منھنجي اندروني حالت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڪجھ گھڙيون مونکي ڏسڻ کان پوءِ جنرل چيو: توھان ٺيڪ پيا چئو، ھر نفعو يا نقصان رڳو اللھ تعاليٰ جي مرضيءَ پٽاندر ئي ٿي سگھي ٿو. پر ھُو منھنجي اکين ۾ ڪجھ گھڙيون ويتر وڌيڪ ڌيان سان ڏسندو رھيو. پوءِ ھُو ڪجھ ماٺار کان پوءِ ٻين ٻن ڪمانڊنگ عملدارن، جيڪي ميز جي ٻئي پاسي ويٺل ھئا، ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ ٻنھي ڄڻن کان سندن يونٽ بابت ڪجھ سوال ڪيائين.

’اُن دؤران مون سوچيو، ته ماني کائڻ مھل آئون جنرل صاحب سان ڪھڙن موضوع تي ڳالھايان. منھنجي دماغ ۾ رُڳو ٽي نُڪتا آيا: پھريون نظامِ مصطفيٰ، ٻيو بئنڪن جو وياجي نظام ۽ جنرل صاحب جي صدر ٿيڻ طور نيون سياسي ذميداريون. جڏھن ھُن ٻين ڪمانڊنگ آفيسرن سان ڪچھري ختم ھئي، ته مون جنرل کان پُڇيو: سائين، توھان صحافين کي ڪجھ ڀيرا نظامِ مصطفيٰ کي صحيح معنيٰ ۾ لاڳو ڪرڻ بابت چيو آھي. توھان اُن کي ھلائڻ تي ڪيئن پيا ويچاريو. جنرل ضياءَ مونکي تفصيل سان ٻُڌايو، ته پاڪستان ٺاھڻ جو مقصد ڪھڙو ھو ۽ پوءِ چيائين: جيستائين اسان نظامِ مصطفيٰ کي صحيح معنيٰ ۾ رواج ۾ نه آڻينداسين، تيستائين اسان اُھو مھانَ مقصد ماڻي نه سگھنداسين.

’مون پوءِ جنرل کان پُڇيو: سائين، اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ ۾ ھُن جي ويچار ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ جنرل ضياءَالحق کي مارشل لا ھڻندي ۽ وري اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ بابت بيان ڏيندي گھڻو وقت گُذري چُڪو ھو. ھيڏانھن ھر وطن دوست اِھو چاھيو پئي، ته وعدي مطابق چونڊون تُرت ٿين ۽ جيڪڏھن نظامِ مصطفيٰ جو آغاز ٿئي، ته پوءِ واھ واھ! جنرل صاحب وراڻيو: اُن نظام کي رائج ڪرڻ ۾ ھُن کي ڪجھ وقت لڳندو. مون اُن رات جنرل صاحب سان پوري ويساھ ۽ ڀروسي سان ڳالھايو پئي. مون جنرل ضياءَ کي چيو: سائين، جيڪڏھن توھان پنھنجي پوري طاقت ۽ ايمان سان ھن ڪم کي مڪمل نه ڪيو، ته اسلامي نظام به لوڪشاھيت، آمريت ۽ سماجواد، جيڪو ترتيبوار قائداعظم، ايوب خان ۽ ڀُٽي صاحب کان پوءِ ناڪام ٿي ويا ھئا، ناڪام ٿي ويندو.

’مون وري چيو: جيڪڏھن اسلام نظام به بي دليءَ سان رڳو سياسي نعري طور رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته پوءِ شايد دُنيا چوندي، ته اھو به ٻين نظامن جيان پنھنجو لاڀُ وڃائي چُڪو آھي، ۽ پوءِ سامياوادَ ۽ سيڪيولرمَت کي ڪوبه روڪي نه سگھندو. جنرل ضياءَ مونکي ڏاڍي ڌيان سان ڏٺو ۽ ڪجھ گھڙين کان پوءِ پنھنجي انداز ۾ مُرڪندي چيائين: رفيع، ڳڻتي نه ڪر، ايئن ھرگز نه ٿيندو.

’مونکي جيئن ته بئنڪن جو وياجي نظام بغير ھلڻ ناممڪن ڏسڻ ۾ پئي آيو، تنھنڪري مون ڪجھ گھڙين جي ماٺ کان پوءِ جنرل صاحب کان پُڇيو: سائين، توھان جي حڪومت اسلامي طريقي سان بئنڪنگ کي ھلائڻ بابت ڪيئن پئي سوچي. ھُن وراڻيو: ڪجھ ڏينھن اوسيئڙو ڪريو. ماھرَ اُن تي ڪم ڪن پيا ۽ تُرت بئنڪن مان وياجي نظام ختم ڪيو ويندو.

’مون ڪچھريءَ کي جاري رکندي پُڇيو: سائين، توھان ھڪ سپاھيءَ مان سياستدان بڻجي ڪيئن پيا ڀانئيو؟ ته جنرل ضياءَالحق وري مُرڪندي وراڻيو: رفيع صاحب، اِھو وڏو تجربو آھي. ھُو مُلڪ ۽ قوم لاءِ ڀلي ڪيترو ئي سُٺو منصوبو سوچي، پر اسان جا سياستدان اُن جي ضرور مخالفت ڪن ٿا ۽ بدقسمتي اِھا آھي، ته ڪوبه اُن بجاءِ پنھنجو صحيح حل نٿو ٻُڌائي، بلڪ رُڳو مخالفت ئي ڪن ٿا. سياسي ۽ فوجي سوچ ۾ اُھو ئي وڏو فرق آھي. مون موٽ ۾ چيو: سائين، توھان تُرت انھن جي سياست به سمجھڻ لڳندا. انھيءَ ڳالھ تي ھُو مُرڪيو ۽ چيائين: ھا، ڪوشش ته ڪريان پيو.

’منھنجو ويچار ھو، ته جنرل ضياءَ مون سان ڀُٽي صاحب بابت يا جيل جي حالتن تي ڪجھ ڳالھ ضرور ڪندو، پر ھُن ايڏانھن ڪو اشارو به نه ڏنو. پوءِ منھنجي جيل ۾ مقرريءَ دؤران به جنرل ضياءَ اُن مامري تي ڪڏھن اشاري ۾ به ڳالھ نه ڪئي، تنھنڪري مونکي شڪ ٿيڻ لڳو، ته جنرل ضياءَ کي منھنجي جيل وارين ذميدارين جي الاءِ ڄاڻ به آھي يا نه. ايستائين جو 1978ع جي ٻيءَ عيد جي موقعي تي جڏھن آئون آرمي ھائوس ۾ ھُن سان عيد ملڻ ويس، ته جنرل ضياءَ مونکي ڀاڪر پائي، منھنجي ڪَنُ ۾ ڀُڻڪندي چيائين: رفيع صاحب، ڪھڙا حال آھن توھان جا؟ تڏھن مونکي پڪ ٿي، ته ھُو مونکي چڱيءَ طرح سُڃاڻي ٿو.

’افطار ۽ مانيءَ کان پوءِ ٻين ڪمانڊنگ آفيسرن سان گڏ مون به اجازت ورتي. جنرل صاحب مون سان ڏاڍي گرمجوشيءَ سان ھٿُ ملايو. منھنجي گھر پھچڻ جي ٽيھن چاليھن منٽن کان پوءِ مونکي صدر صاحب جي مليٽري سيڪريٽري بريگيڊيئر ظفر (مرحوم) ٽيليفون ڪيو ۽ ٻُڌايائين: صدر ضياءَالحق صاحب ٻن ڏينھن ۾ عمري لاءِ سعودي وڃي پيو، ۽ ھُو چاھي ٿو، ته توھان به ھُن سان گڏ وڃو، تنھنڪري تنھنجي لاءِ جنرل ضياءَ چيو آھي، ته تون پنھنجو پاسپورٽ ٻئي ڏينھن صبح پرڏيھي آفيس اسلام پھچاءِ.

’آئون صدر صاحب جي خاص فلائيٽ ۾ ھُن سان گڏ مُڪي شريف ويس. اسان ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات مُڪي ۾ گھاري ۽ ٻه ڏينھن ۽ ھڪ رات مدينه مُنوره ۾ رھياسين، جتي اسان سعودي حڪومت جا شاھي مھمان ھئاسين. پر شام جي ماني ۽ سحري کانسواءِ اسان سڄو وقت حرم شريف ۽ مسجدِ نبويءَ ۾ گھاريو. مون جنرل محمد ضياءَالحق صاحب کي سڄي رات نفل پڙھندي يا تلاوت ۾ رُڌل ڏٺو. جنرل صاحب جي اُن لگن منھنجي دل ۾ اُن لاءِ اَٿاھ عقيدت ۽ احترام پيدا ڪيو. اُن سفر ۾ منھنجي جنرل صاحب سان ڪيئي ڀيرا ملاقات ٿي، پر سلام دعا کان سواءِ ڪا خاص ڳالھ ٻولھ نه ٿي. موٽڻ کان پوءِ جيڪڏھن آئون راولپنڊيءَ ۾ موجود ھوندو ھوس، ته ھر عيد تي جنرل صاحب سان عيد ملندو رھيس. جنرل ضياءَ مون سان اھڙن موقعن تي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان ملندو ھو.

’ڀُٽي صاحب جي ڦاھيءَ کان پوءِ منھنجي پلٽڻ واپس ڇانوڻي ۾ منتقل ڪئي وئي. ڪجھ ھفتن کان پوءِ مونکي مليٽري سيڪريٽري، جنرل ھيڊڪوارٽر ۾ گھُرايو. ملاقات ۾ ھُن مونکي ٻُڌايو: اينٽيليجنس رپورٽن موجب تنھنجي زندگيءَ کي جوکو آھي، تنھنڪري صدر صاحب کيس حُڪم ڏنو آھي، ته توکي ٻاھر ڪنھن ملڪ ۾ مليٽري اتاشي بڻائي موڪليو وڃي. انھن فرضن لاءِ توکي ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جي تياري ڪرڻ کپي.

’ڪجھ ڏينھن کان پوءِ منھنجي بدلي ٻيھر انفينٽري اسڪول ڪوئيٽا ۾ ڪئي وئي، جتي 1980ع جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ ھڪ دعوت ۾ منھنجي ۽ جنرل ضياءَالحق جي پاڻُ ۾ ملاقات ٿي. جنرل، مون کان پُڇيو: ڪرنل رفيع، تون اڃا تائين ھتي آھين. مون کيس ٻُڌايو: مونکي ٻاھر موڪلڻ جا حُڪم مليا ھئا، پر اَڻٽر سببن خاطر اڃا تائين مٿن عمل نه ٿيو آھي. جنرل صاحب پنھنجي مليٽري سيڪريٽري کي ڪجھ ھدايتون ڏنيون، ۽ مونکي نيٺ 1981ع جي آڪٽوبر مھيني ۾ جڪارتا ايمبيسيءَ ۾ ڊيفينس اتاشي مقرر ڪيو ويو.

’جنرل ضياءَالحق صاحب 1982ع جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جو سرڪاري دؤرو ڪيو. اچڻ تي ھُو مون سان ۽ منھنجي گھرواريءَ سان مليو. دؤري مھل مون جنرل ضياءَ کي انڊونيشيا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائي تي بريفنگ ڏني، ۽ ھُن جو فوجي لحاظ کان دؤري جو اھتمام ڪيو، جنھن تي ھُو ڏاڍو خوش ٿيو. اُن دؤري دؤران مون جنرل سان چڱو وقت الڳ ٿلڳ به گھاريو. جيئن ته جنرل ضياءَ رات دير تائين گھڻو ڪم ڪندو ھو، تنھنڪري مون ھُن سان گڏ ڪيئي ڪلاڪ گھاريا ۽ کيس خاص ڪري انڊونيشيا جي فوجي حڪومتي نظام تي ڄاڻُ ڏني ۽ ھُن جي ڪيئي شَڪن جا جواب ڏنا. اُن دؤري مھل به ھُن سرڪاري ڪم کانسواءِ ڪنھن ٻي ڳالھ تي مون سان ڪا ڳالھ ٻولھ نه ڪئي.

’آئون آڪٽوبر 1984ع ۾ واپس پاڪستان آيس. شايد منھنجي اسپيشل سروس گروپ ۽ اينٽيليجنس جي ڊگھي تجربي آڌار مونکي انٽر سروسز اينٽليجنس اسلام ۾ ھڪ خاص ڪم سونپيو ويو. اُنھن فرض نڀائڻ مھل مونکي صدر جنرل ضياءَالحق سان ڪيئي ڀيرا ملاقات جو موقعو مليو. جيئن ته اسان جي ڪم جي نوعيت قومي لحاظ کان گھڻو اھم ھئي، تنھنڪري عام طور ٻن ٽن مھينن ۾ صدر صاحب اٽڪل ھڪ ڏينھن صبح کان شام تائين آءِ ايس آءِ جي اُن کاتي ۾ گُذاريندو ھو، جتي ٻيپهريءَ ۽ ڪيئي ڀيرا ٽيپهريءَ جون نمازون به پڙھندو ھو. اھڙي موقعن تي صدر صاحب کي لاڳاپيل عملدار، آءِ ايس آءِ جي ڪارڪردگيءَ تي بريفنگ ڏيندا ھئا ۽ ايندڙ منصوبي تي به بحث ٿيندو ھو. اُنھن ڏينھن ۾ مونکي ڪيئي پرڏيھي اھم شخصيتن سان صدر صاحب جي ملاقاتن جو به بندوبست ڪرڻو پوندو ھو، جن ۾ پرڏيھي کاتي ۽ پروٽوڪول وغيره جو ڪوبه عمل دخل نه ھوندو ھو؛ بلڪ انھن کاتن کي اھڙين ملاقاتن جي ڄاڻُ به نه ھوندي ھئي. اُن عرصي ۾ مون کي دنيا جي سڀ کان زبردست ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ حڪومت جي اڳواڻ سان ڊگھين ملاقاتن جو به موقعو مليو. انھن ڪجھ ورھين دؤران منھنجي جنرل ضياءَالحق سان ڪڏھن ڪا نجي ڳالھ نه ٿي، بلڪ سندن ڳالھ سدائين رُڳو قومي ذميدارين تائين محدود رھي.

’1987ع جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾، مون صدر صاحب جي مليٽري سيڪريٽري کي چئي، ساڻس ملاقات جو وقت ورتو، جنھن دؤران مون ھُن کي ٻُڌايو: منھنجا ڪجھ دوست کيس مشورو پيا ڏين، ته مونکي پنھنجون ساروڻيون لکڻ گھُرجن. جنرل ضياءَالحق جنھن تنھن وقت مون سان ڏاڍي سُٺي موڊ ۾ ڳالھايو پئي، سو منھنجي ڳالھ ٻُڌندي ئي ھڪدم باھوڙجي پيو ۽ مونکي چيائين: ڪرنل رفيع، ڀُٽي کي مُئي ڪيئي ورھيه گُذري چڪا آھن، ۽ ماڻھو ھُن کي وساري چُڪا آھن، ايستائين جو ھُن جا پنھنجا مائٽ به کيس وسارڻ وارا آھن. مونکي جنرل ضياءَ الحق سخت لھجي ۾ ڌمڪي ڏني، ته مونکي عقل کان ڪم وٺڻ گھُرجي. اُن گھڙيءَ ھُو مُرڪندڙ جنرل نه ھو، بلڪ گھٽ ۾ گھٽ مون جنرل ضياءَالحق کي ڪڏھن به اھڙيءَ حالت ۾ نه ڏٺو ھو ۽ نه ئي ٻُڌو ھو. ھُو ملاقاتي ڪمري ۾ پنھنجي ڪُرسيءَ سان اُن مُوڊ ۾ اُٿي بيٺو ۽ مون به اُٿي ساڻس ھٿ ملايو. مون جيئن ٻاھر نڪرڻ لاءِ ٻه چار وکون کنيون، ته ھُن مونکي چيو: ڪرنل رفيع، جيڪڏھن تنھنجو ڪڏھن ڪو مسئلو ھُجي، ته اُھو ضرور منھنجي ڌيان ۾ آڻجانءِ. ۽ نصيحت ڪيائين، ته آئون پنھنجو دماغ ٿڌو رکان ۽ آسودو رھان، ۽ مُردن کي قبر مان ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريان. مون پنھنجي گھٽ عقليءَ تي پڇتايو ۽ ماٺ ٿي ويس، ۽ مايوسيءَ سان ايوان صدر مان موٽي آيس.

’مارچ 1988ع ۾ مون پنھنجي پُٽ جي شاديءَ جي موقعي تي صدر جنرل ضياءَالحق صاحب کي وليمي جي دعوت جو ڪارڊ ھڪ خط سان گڏ موڪليو. مونکي اطلاع ڏنو ويو، ته صدر صاحب جي بيگم صاحبه علاج لاءِ ملڪ کان ٻاھر ويل آھي، البت جنرل صاحب اُن موقعي تي پاڻ اچي حاضر ٿيندو. وليمي تي صدر صاحب پرل ڪانٽينينٽل راولپنڊي آيو. ھُو اُن شام جو ڏاڍو خوش ھو، ۽ مونکي ٻُڌايائين: ھڪ اھم آمريڪي وفد سان مونکي ملڻو ھو، پر تنھنجي پُٽ جي شاديءَ به مون لاءِ ڪا گھٽ ضروري نه ھئي. ھُن گھوٽ ۽ ڪُنوار کي سوکڙيون ڏنيون ۽ چڱي دير پارٽيءَ ۾ موجود رھيو. وڃڻ مھل منھنجي ٿورن کان پوءِ ھُن مونکي منھنجي زال ۽ اسان جي پُٽ ڊاڪٽر ناصر رفيع ۽ نُنھن رُباب ناصر سميت ايوان صدر ۾ چاءِ تي گھُرايائين. جيئن ته بيگم ضياءَالحق صاحبه علاج لاءِ ملڪ کان ٻاھر گھڻو عرصو گھاريو ھو، تنھنڪري اسان اُن دعوت ۾ وڃي نه سگھياسين. ۽ پرل ڪانٽينينٽل ۾ مُنھنجي جنرل ضياءَالحق صاحب سان اُھا ملاقات آخري ثابت ٿي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org