ڀُٽي صاحب جون
ڳالھيون
آئون ٽئين بابُ ’اوائلي ڏينھن‛
۾ ’منھنجون پوءِ واريون ملاقاتون‛
جي عُنوان ۾ لکي چُڪو آھيان، ته ڀُٽي صاحب جي
اُنھن انڪشافن تي لکندس، جيڪي ھُن مون سان ڪيئي
ملاقاتن ۾ ٿيل ڪچھرين ۾ ڪيا ھئا. جيل ڊيوٽيءَ
دؤران مون جيڪي گھڙيون سڀ کان وڌيڪ قيمتي ڀانئيون،
اُھي ھيون ڀُٽي صاحب سان ٿيل ڪچھريءَ جون گھڙيون.
اُنھن ڳالھين ۾ ڪيستائين ڀُٽي صاحب سچائيءَ کان ڪم
ورتو يا ھڪ سياسي اڳواڻ طور جيڪو به چيو، تنھن
بابت آئون پَڪ سان ڪجھ نٿو چئي سگھان. اُھو فيصلو
ھر پڙھندڙ کي پاڻُ ڪرڻو پوندو. جيستائين مون کان
ٿي سگھيو، آئون انھن ڳالھين کي ريڪارڊ تي آڻيان
پيو، ته جيئن مون جيان سمورا پڙھندڙ به انھن
ڳالھين مان لاڀُ پرائي سگھن. ڀُٽو صاحب قيد دؤران
مون سان سدائين انگريزي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھو ۽
آئون به ڪوشش ڪري ھُن سان ساڳيءَ ٻوليءَ ۾
ڳالھائيندو ھوس. ھُن جا انڪشاف ھيٺين ريت آھن:
پاڪستان ۽ ايٽمي طاقت
ڀُٽي صاحب پنڊي جيل ۾ مون سان اُن مامري تي ڪجھ ڀيرا ڳالھ ڪئي.
ڪڏھن ھُن پاڪستان ۽ ھندستان جي لاڳاپن جي سلسلي ۾
اُن مامري تي ڳالھايو، ته ڪڏھن پاڪستان جي شديد
گھُرج ۽ ترقيءَ کي مُدو بڻائيندي اُن طاقت جو ذڪر
ڪيائين. امريڪا، اسرائيل ۽ اُلھندي ملڪن جي
پاليسين پٽاندر پاڪستان جي بدقسمتيءَ تي
ڳالھايائين ۽ پاڪستان جي بقا خاطر ڀُٽي صاحب جڏھن
آمريڪا جي چتاءَ کي به رد ڪيو ھو، ته ھُن کي اِن
ڪال ڪوٺڙيءَ تائين پھچايو ويو.
ٻه ٽي ڀيرا ھُن پاڪستان ۽ ھندستان جي ڀيٽ ڪجھ اُن انداز سان
ڪئي: ھندوئن جي ڪوشش ھئي، ته پاڪستان نه ٺھي، ته
جيئن اُھي اَکنڊ ڀارت جو سَپنو پورو ڪري سگھن.
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پھرين اٽڪل ٽيھن ورھين ۾
ھندستاني حڪومت دِل سان ڪڏھن به پاڪستان جي وجود
کي نه مڃيو ۽ تڏھن کان ھندستاني حڪومت، پاڪستان کي
ختم ڪرڻ پويان رھي آھي. پوءِ جڏھن ٽئين دُنيا جي
ملڪن ۾ جھيڙا ٿين ٿا، ته بدقسمتيءَ سان سُپر پاور
به طاقتور جو يا پنھنجي مفاد جو ساٿ ڏين ٿا. اُھي
طاقتون اسلام جي سدائين مخالفت ڪنديون رھيون آھن.
ھندستان جو فلسفو اِھو آھي، ته برابر يا پاڻ کان
طاقتور سان دوستي ڪريو ۽ ڪمزور سان زبردستي.
بدقسمتيءَ سان اسان جا وسيلا ھندستان جيترا نه آھن
۽ اسان فوجي لحاظ کان ھُن جي برابريءَ جو ڪڏھن
سوچي به نٿا سگھون، بلڪ ھندستاني وسيلا، صنعت توڙي
حرفت، مالي توڙي فوجي لحاظ کان ڏينھون ڏينھن وڌيڪ
ترقي ڪندا پيا وڃن. جڏھن ته اسان اُن لحاظ کان
پنھنجو تناسب برقرار رکڻ ۾ به ڏکيائين ۾ ورتل
آھيون. 1974ع ۾ ھندستان ايٽمي ڌماڪو ڪري ايٽمي
ٽيڪنالوجيءَ ۾ دُنيا جي پھرين درجي جي قومن ۾
پنھنجو مقام ماڻي ورتو آھي. ھيڏانھن اوڀر پاڪستان
کي اسان کان زبردستي ڌار ڪري اسان تي چِٽو ڪيو ويو
آھي، ته جڏھن به اسان ڪمزور ٿياسين، ته ھُو اسان
تي چڙھي، اسان کي پنھنجو غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
۽ ايئن اسان کان ٻارھن تيرھن سؤ ورھين جي تاريخ جو
پلاند وٺندو. تنھنڪري اسان جي سيڪيورٽيءَ جو اڪيلو
ذريعو ايٽمي طاقت ماڻڻ ۾ ئي آھي، جيڪو ھندستان کي
اسان سان باعزت طريقي سان رھڻ تي مجبور ڪندو.
جيڪڏھن جاگرافيائي ۽ فوجي حڪمت عملي پٽاندر ڏٺو
وڃي، ته پاڪستان ايٽمي طاقتن ۾ گھيريل آھي. اسان
روس، چين، ھندستان ۽ آمريڪا، جيڪو ھندي سمنڊ ۾ سڀ
کان وڏي ايٽمي طاقت آھي، جي وچ ۾ گھيريل آھيون.
اُن علائقي ۾ چين کانسواءِ، جنھن سان اسان جا
انتھائي دوستاڻا لاڳاپا آھن، باقي سڀ اسان جي خلاف
آھن، ۽ اھڙين ڏُکين حالتن ۾ اُھي ڪڏھن به اسان جو
ساٿُ نه ڏيندا.
ڀُٽي صاحب چيو: آئون پاڪستان کي اُن قابل بنائڻ ۾ اٽڪل ڪامياب
ٿي چُڪو ھوس. ھندستان کي ته مخالفت ڪرڻي ئي ھئي،
ڇوته مون ھُن جي مقصد جي راھ ۾ ھڪ وڏي رُڪاوٽ ٺاھي
پئي، پر آمريڪا ۽ روس جي ساٿارين پنھنجي عالمي
پاليسيءَ پٽاندر منھنجي سخت مخالفت ڪئي. اوائل ۾
آمريڪا مونکي لالچ ڏني، پوءِ چيائين: پنھنجا ھٿ ڇو
ٿو ساڙين. پر آئون جڏھن قوم ۽ ملڪ خاطر پنھنجي
مقصد تي اَٽل رھيس، ته اسان جي اُن دوست مُلڪ ڏٺو،
ته آئون پنھنجي ڌُن ۾ مست آھيان، تنھنڪري پنھنجي
قابل پرڏيھي وزير ھينري ڪسينجر ذريعي مونکي آخري
چتاءُ ڏنائين، ۽ چِٽو چيائين: جيڪڏھن تون پنھنجي
ڌُن تان نه ھٽئين، ته اسان توکي باقي دُنيا لاءِ
نمونو بڻائينداسين، ته جيئن اُن قسم جي ھمت جو
مستقبل ۾ ڪو سوچي به نه سگھي. پوءِ ڪرنل رفيع! اُن
مُلڪ توھان جي جنرل ذريعي مونکي ھِن حالت
(سيڪيورٽي وارڊ ڏانھن اشارو ڪندي) تائين پھچايو.
ھڪڙي ٻئي موقعي تي ڀُٽي صاحب، آمريڪا کي پاڪستان ۽ اسلامي دنيا
جو يھودي لابيءَ سبب دُشمن نمبر ھڪ ڪوٺيو ۽ صاف
لفطن ۾ چيائين: مون پاڪستان کي مھانتا ۽ قومي عزت
پٽاندر پھرئين درجي ۾ آڻڻ پئي گھُريو. جيڪڏھن
مونکي ٿورڙو وڌيڪ وقت اڃا ملي ھا، ته آئون اُن
ڏکئي ڏاڪي کي به پار ڪري وٺان ھا. چوڻ لڳو: مونکي
پنھنجي پاڻ تي فخر آھي، ۽ اِھا ڳالھ ھڪ نه ٻئي
ڏينھن اسان جي قوم کي به سمجھ ۾ ضرور ايندي. ھُن
ڊگھو ساھُ کڻندي چيو: ڪرنل، آئون ناممڪن کي ممڪن
بنائيندڙ ھوس. پر انھن جرنيلن ۾ ايتري ھمت، ڏاھپ ۽
قومپرستي ڪٿي آھي، جو منھنجي اٽڪل مڪمل ڪمن کي
اڳتي وڌائين. ھڪ ٻه گھڙيون سوچڻ کان پوءِ چوڻ لڳو:
انھن کي ائين ڪرڻ ئي ڪير ڏيندو. سي آءِ اي ته ھن
وقت دُنيا جي سمورين حڪومتن کان وڌيڪ سگھارو ۽
طاقتور ادارو آھي. ڪجھ گھڙيون ماٺار کان پوءِ چوڻ
لڳو: اڄ تنھنجو جنرل، آمريڪين جو پالتُو ۽ ساٿاري
بڻيل آھي، پر سڀاڻي جڏھن ھُن انھن جي حُڪمن تي
ڌيان نه ڏنو، ته سندس انجام به اھڙو ئي ٿيندو،
جھڙو اھڙي قسم جي سامراجي دلالن جو ٿئي ٿو.
ڀُٽي صاحب مون سان ڪجھ ڀيرا مختلف وقتن تي پاڪستان، آمريڪا
لاڳاپن تي ڳالھائيندي چيو: جيئن ته يھودي اثر ھر
آمريڪي حڪومت تي گھڻو وڌيڪ رھندو، تنھنڪري آمريڪا،
اسلامي دنيا ۽ خاص ڪري پاڪستان جو ڪڏھن به سڄڻ نه
رھندو ۽ ڪنھن به پاڪستاني قومي اڳواڻ کي نه
چاھيندو.
ڀُٽي صاحب جي پاڪستاني قوم لاءِ سڀ کان وڏي سوکڙي
ھڪ ملاقات ۾ مُنھنجي پُڇڻ تي ڀُٽي صاحب چيو: ھُن جو پاڪستاني
قوم لاءِ سڀُ کان وڏو ڪم اِھو ھو، جو ھُن پنھنجيءَ
قوم کي سياسي سُجاڳي ڏني. مون پنھنجي پيڙھيل ۽
ڏُتڙيل عوام کي محروميءَ جي سوچ مان ڪڍيو. چوڻ
لڳو: ڪرنل! آئون جيئرو رھان يا نه رھان، پر ھاڻي
ڪابه طاقت اسان جي غريب عوام کان اُھا سوچ ڦُري نه
سگھندي. پوءِ چيائين: آئون سمجھان ٿو، ته اھو ئي
ڪم منھنجو عوام کي، جيڪي گھڻو ڪري پيڙھيل ۽ ڏُتڙيل
آھن، سڀ کان وڏي سوکڙي ھوندي.
جنرل ضياءَ الحق کي چيف آف آرمي اسٽاف بنائڻ
جڏھن منھنجي ۽ ڀُٽي صاحب وچ ۾ ويچارن جو سَرچاءُ ٺيڪ ٿيو، ته
ھڪڙي ڏينھن مون ھمت ڪري کانئس پُڇيو: سائين، توھان
جنرل ضياءَالحق صاحب کي فوج جو اڳواڻ ڪيئن چونڊيو.
ھُن ٿوريءَ دير کان پوءِ چيو: ڀائي، اُھا جنرل
ٽِڪا خان جي سفارش ھئي. ٽِڪا صاحب سفارش ڪئي، ته
ھُن کان پوءِ جنرل ضياءَالحق کي سندس جانشين بڻايو
وڃي. جنرل ٽِڪا خان جو ويچار ھو، ته جنرل
ضياءَالحق مذھبي قسم جو ماڻھو آھي، ۽ فوج جو اڳواڻ
ٿيڻ کان پوءِ ھُو پنھنجين نمازن ۾ رُڌل رھندو ۽
حڪومت لاءِ سياسي مامرن ۾ ڪابه ڏُکيائي پيدا نه
ڪندو. ڀُٽي صاحب جي اُن بيان جي سچائي اللھ تعاليٰ
ئي ڄاڻي ٿو، ڇوته ھُن کي ڦاھي ملڻ جي گھڻي وقت کان
پوءِ جنرل ٽِڪا خان ھڪ اخباري بيان ۾ چيو ھو، ته
ھُن جنرل ضياءَالحق کي فوج جو اڳواڻ بنائڻ جي
مخالفت ڪئي ھئي. ڀُٽي صاحب اُن ملاقات ۾ مونکي
اِھو به ٻُڌايو ھو: جنرل عبدالمجيد مَلڪ به چيف آف
آرمي اسٽاف جي عھدي لاءِ موزون شخص ھو. جنرل
عبدالمجيد مَلڪ ڏاھو، سياڻو ۽ قابل جنرل ھو، پر
ھُو بدقسمتيءَ سان اُھو عھدو ماڻي نه سگھيو.
جيتوڻيڪ ھُن گھڻو چاھيو، پر قسمت سندس ساٿُ نه
ڏنو. مون ڀُٽي صاحب کي جنرل عبدالمجيد مَلڪ جي
ماتحت اسپيشل سروس گروپ ۾ نوڪريءَ جو حال ٻُڌايو،
۽ ھُن جي سرواڻيءَ ۾ 1965ع جي جنگ جو به ذڪر ڪيو ۽
پوءِ 1971ع جي جنگ ۾ سندس نمايان ڪارڪردگيءَ جا
تفصيل به ٻُڌايا، تڏھن چوڻ لڳو: ھُو نِھٺو، سٻاجھو
۽ سمجھدار جنرل آھي ۽ فوج جو سُٺو اڳواڻ ثابت ٿئي
ھا، پر ائين ٿي نه سگھيو.
ڀٽي صاحب وٽ کيس ڦاسي اچڻ جو ويچار نه هئڻ
ڀُٽو صاحب پنھنجي زندگيءَ جا پڇاڙڪا 323 ڏينھن راولپنڊي جيل ۾
قيد رھيو. اُن دؤران آئون ڀانيان ٿو، ته ھُن کي
ڪڏھن به اِھا پڪ نه ٿي ھئي، ته کيس ڦاھيءَ تي
لٽڪايو ويندو. ھُن جي وڪيلن، ڪُٽنب جي ڀاتين ۽ جيل
۾ ملندڙ اٽڪل سمورن ماڻھن ھُن کي اُن مقدمي بابت
سدائين اُھو چيو، ته اِھو رُڳو سياسي تماشو آھي.
ھُن کي پرڏيھي ملڪن جي اڳواڻن ۽ ڪيئي ٻين شخصيتن
طرفان جنرل ضياءَالحق ۽ سندس حڪومت تي پوندڙ اثر
جي به ڄاڻُ ھئي. گڏوگڏ ڀُٽي صاحب جي ڪجھ پرڏيھي
دوستن جنرل ضياءَالحق صاحب کان ھُن جي معافيءَ جو
واعدو به ورتو ھو، جنھن بابت آئون ڀانيان ٿو، ته
ڀُٽي صاحب کي به اُن ڏس ۾ ڄاڻُ ڏني وئي ھئي. مقدمي
جي اپيل جي پڇاڙڪن ڪجھ مھينن ۾ جڏھن مونکي پتو
پيو، ته حڪومت ڀُٽي صاحب کي ڦاھيءَ ڏيڻ تي اَٽل
آھي، ته مون کيس پنھنجو مخلصاڻو مشورو ڏنو. پر ھُن
ھر ڀيري اھو ئي جواب ڏنو: اِھو مقدمو ڪُوڙو ۽
جُڙتو آھي، تنھنڪري ھُن کي ڪا پرواھ نه آھي، ته
اُن جو ڪھڙو نتيجو نڪري ٿو. پر ھُو ڪُوڙ آڏو ڪڏھن
به ڪنڌُ نه جھُڪائيندو. ڀُٽي صاحب جي اُن بھادريءَ
واري جواب ھُن جي عزت منھنجي دل ۾ ويتر وڌائي ڇڏي.
بلڪ جڏھن 3 اپريل 1979ع جي شام ڀُٽي صاحب کي
سرڪاري طور ٻُڌايو پئي ويو، ته ھُن کي پڇاڙڪي
فيصلي پٽاندر ھاڻي ڦاھي ڏني پئي وڃي. (پورو تفصيل
’پڇاڙڪا پَلُ‛ ۾ ڏنل آھي) ته ڀُٽو صاحب اُن موت جي سَنيھي تي مُرڪيو پئي. آئون اُن وقت
وائڙو ٿي ويو ھوس ۽ ھُن کي ڦاھي ڏيڻ تي زبردست
ڳڻتيءَ ۾ ورتل ھوس.
جيئن ته مون اِھو ڊرامو اوائل کان پڇاڙيءَ تائين ڏٺو آھي،
تنھنڪري پوريءَ پَڪ سان چئي سگھان ٿو، ته ڀُٽي
صاحب کي ڦاھيءَ جي ڦَندي تي چڙھڻ جو ڪڏھن به ڪو
ويچار نه آيو ھو.
منهنجو مخلصاڻو مشورو
ڀُٽي صاحب راولپنڊي جيل ۾ قيد دؤران مونکي اھو تاثر ڏنو، ته ھُن
کي اِن مقدمي بابت ٿورڙي به ڳڻتي نه آھي، ۽ جڏھن
به مون ھُن کي ان بابت ڪجھ چيو، ته ھُن اھو ئي
جواب ڏنو: جيئن ته مُقدمو جُڙتو آھي، تنھنڪري ھُو
ڳڻتي ڇو ڪري؟ جڏھن اسان ھڪٻئي کي چڱيءَ ريت سمجھڻ
لڳاسين ۽ مونکي پَڪ ٿي، ته ھُو منھنجي عزت ڪري ٿو،
۽ ھُن اھو سمجھيو، ته آئون سندس سڄڻ آھيان، ته
پوءِ مون ھُن کي ڪجھ ڀيرا صلاح ڏني: ھُن کي اِن
مقدمي ۾ ايڏو لاپرواھ ٿيڻ نه گھُرجي. پر ھُن
سدائين اِھو ئي جواب ڏنو: ھُن جو اُن ۾ ٿورڙو به
ڏوھ نه آھي. مون ھُن کي چيو: توھان وڏا سياستدان،
ڏاھا ۽ سمجھُو آھيو، تنھنڪري پنھنجي اُن ڏات ۽
قابليت کي واپرائي اِن حالت مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش
ڪرڻ گھُرجي، پر ھُن اُٽلندو فوجي جنتا کي اُن جو
ذميدار ڪوٺيو. مون ھُن کي چيو: سائين، جيڪڏھن
توھان اھو چئو، ته توھان انھن جرنلن کان اسٽاف
ڪاليج جا ڪاڪُوس صاف ڪرائيندؤ ۽ ڪوبه آئين جي
ڀڃڪڙيءَ ڪرڻ واري ڏوھ کان بچي نه سگھندو، ته توھان
جو ڇا ويچار آھي، ته اُھي ماڻھو توھان کي ايئن
ڇڏي، پنھنجا ڏچا سِرَ تي کڻندا؟ بھرحال، مون ڪجھ
ڀيرا دلي سچائيءَ سان ھُن کي چيو، ته ھُن کي ڪنھن
نه ڪنھن طريقي سان اُن حالت مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش
ڪرڻ گھُرجي. اھو امڪان آھي، ته ھُو منھنجن دليلن
سان قائل نه ٿي سگھيو ھُجي. بھرحال، ھُن ھر ڀيري
مونکي اھو ئي جواب ڏنو: ھن مقدمي ۾ ھُو بيڏوھي
آھي، تنھنڪري ھُو ڇو پنھنجي خودداريءَ جو سؤدو
ڪري. اِھو امڪان آھي، ته اھڙو رستو واپرائڻ ۾ ھُن
جو سياسي ڪردار خراب ٿيندو ھُجي، يا ھُن کي ويساھ
ھُجي، ته کيس ڪڏھن به اھڙي سزا نه ملندي.
ڀٽي صاحب جا ڪجهه ماڻهن بابت ويچار
اسان جي ملاقاتن دؤران ڀُٽي صاحب مختلف وقتن تي ڪجھ ماڻھن بابت
پنھنجا رايا ھئا، جيڪي آئون ھيٺ ڏيان ٿو.
فيلڊ مارشل ايوب خان
ھڪڙي ڏينھن چوڻ لڳو: ايوب خان صاحب انمول ۽ غيرمعمولي صلاحيتن
وارو ماڻھو ھو. ھُو ڊگھي قد، سھڻو ۽ اثرائتوشخصيت
جو مالڪ ھو، پر ھُو گھوٽالن کي مُنھن ڏيڻ جو اھلُ
نه ھو، ۽ دلي طور ڪمزور شخص ھو. (ھُن پنھنجي ھٿُ
جي آڱوٺي ۽ ڪلمي واري آڱريءَ وچ ۾ اٽڪل انچ جيترو
فاصلو رکي اھا ڳالھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.) جيئن ته
ڀُٽي صاحب کي ايوب خلاف جدوجھد دؤران جيل ۾ وڃڻ
مھل کاڌي ۽ دوائن کانسواءِ باقي ڪنھن قسم جي ڪا
شيءِ نه ملي سگھندي ھئي، تنھنڪري چوڻ لڳو: ھڪ ڀيري
ايوب خان صاحب ھُن کي جيل ۾ وِسڪيءَ جي بوتلن جو
ھڪ ڪِريٽ موڪليو ھو، ۽ جيئن ته ھُن کي ساڻس ٿيل
ٿوري چڱائي ۽ ڀلائي به سدائين ياد رھي ٿي، تنھنڪري
اُھا سوکڙي به کيس ياد رھي. جڏھن ھُو پاڻُ حڪومت ۾
موٽي آيو، ته ايوب خان صاحب جي گھرڀاتين کي ٽيڪس
کان بچڻ جي الزام ۾ جھليو ويو ھو، پر ھُن اُن
احسان کي ساريندي، سندس گھرڀاتين جي مدد ڪئي ۽ اُن
ڏچي کان سندن جِند ڇڏائي.
ڀُٽي صاحب کي ايوب خان صاحب کان سڀ کان وڏو ڏوراپو اھو ھو، ته
ھُن پھريون مارشل لاءِ ھڻي قوم ۽ لوڪشاھي تي وڏو
ظلم ڪيو. ھُن جي چوڻ ھو، ته اِھو قدم ايوب خان جو
معاف نه ٿيڻ جوڳو گُناھ ھو.
ايئر مارشل اصغر خان
ايئرمارشل اصغر خان صاحب کي ڀُٽو صاحب ناپسند ڪندو ھو. ڪجھ
موقعن تي جڏھن به ايئرمارشل اصغر خان صاحب جو ڪنھن
نه ڪنھن انداز ۾ ذڪر ٿيو، ته مون ڄاتو ته ڀُٽو
صاحب ھُن کان نفرت ڪري ٿو. ھُن اصغر خان صاحب بابت
ھڪ ٻه ڀيرا چيو: ھُو عام سِڌو سادو ماڻھو آھي ۽
سياست بابت ھُن کي الف، ب جي به ڄاڻُ نه آھي. ھُو
سخت هوڏي ماڻھو آھي ۽ ڪڏھن به سياست ۾ سوڀارو نه
ٿيندو.
مونکي انھن ٻن اڳواڻن وچ ۾ اصلي اختلافن جي ڪنھن خاص سبب جو ڪو
پتو نه ھو. جڏھن آئون ڀُٽي صاحب سان گڏ ھوس، تنھن
وقت آئون محترم اصغر خان صاحب سان ڪڏھن به نه مليو
ھوس. بھرحال ھُن جي لگن، سچائي ۽ ايمانداريءَ بابت
گھڻو ڪجھ ٻُڌي چُڪو ھوس. بدقسمتيءَ سان ھُن جي
پارٽي تحريڪ استقلال جڏھن کان ٺھي آھي، تنھن
ھيستائين ڪو ڪارنامو به نه ڏيکاريو آھي ۽ اصغر خان
صاحب جا سياسي ساٿي به ھُن کي عام طور ڇڏيندا رھيا
آھن. شايد ڀُٽي صاحب جي چوڻ موجب، اصغر خان صاحب
جي سختگيري گھڻي حد تائين دُرست ھُجي، ڇوته اڄ
اسان جي سياستدانن سياست کي واپار سمجھي ڇڏيو آھي.
ڪُوڙ، دوکو، ٺڳي ۽ ڪُپت وغيره اسان جي سياست جا
ٿنڀا بڻجي چُڪا آھن. اسان جا اڪثر سياستدان، جڏھن
اليڪشن وڙھن ٿا، ته انھن جو مقصد اھو ھُجي ٿو، ته
کٽيل پارٽين مان ھُجن، يا ڪجھ رعايتن جي موٽ ۾
انھن ۾ شامل ٿي وڃون، ته جيئن چونڊن ۾ خرچ ڪيل رقم
کي جيئن به ٿئي گھٽ ۾ گھٽ ستر ڀيرا ۽ جيڪر موسم
گھڻو وڌيڪ سُٺو ٿي وڃي، ته سَت سؤ ڀيرا وڌائي
سگھن. صاف پڌرو آھي، ته اِھو مُلڪ ۽ قوم کي لُٽڻ
ئي آھي. آئون سمجھان ٿو، ته اُن راند ۾ اصغر خان
صاحب جھڙو ديشُ ڀڳت ۽ ايماندار شخص ناڪام سياستدان
ئي رھندو ۽ ڍنڍ جا پکي ته ڪڏھن به ھُن جي چؤڌاري
گڏ نه ٿيندا. ھُن کي ڪنھن ٻئي ڏيھ ۽ سماج ۾ ھئڻ
گھُرجي ھا. اِھو منھنجو ذاتي تجزيو آھي. اِھو به
امڪان آھي، ته ڀُٽي صاحب جي ناپسنديدگيءَ جا سبب
ڪي ٻيا ھُجن.
ايئر مارشل نُور خان
ھڪ ملاقات ۾ محمد حيات ٽُمن، جيڪو ڀُٽي صاحب جو سياسي صلاحڪار
رھيو ھو، تنھن بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. شايد اُن ڏينھن
وارين اخبارن ۾ حيات ٽُمن صاحب جو ذڪر ٿيل ھو.
ڀُٽي صاحب چيو: ملڪ محمد حيات ٽُمن پنھنجي قسم جو
ماڻھو آھي، پر ھيستائين ھُن مارشل لا اختيارين
سامھون پنھنجي پاڻُ کي ڪنھن حد تائين ڀروسي جوڳو
شخص ثابت ڪيو آھي. اُن ويھڪ ۾ ڀُٽي صاحب ايئرمارشل
نُور خان صاحب جو به ذڪر ڪيو. ھُن چيو: نُور خان
ڏاڍو ھوشيار، سياڻو ۽ سمجھُو ماڻھو آھي. ايئرفورس
سُٺو ايڊمنسٽريٽر ۽ قابل عملدار پيدا ڪيو آھي، پر
ھُو مُھمجوئي، مشھوري ۽ عزت جو خواھشمند آھي. مون
ھُن کي ٻُڌايو، ته آئون ايئرمارشل نُور خان کي
چڱيءَ ريت سُڃاڻان ٿو. جڏھن ھُو پاڪستان ايئرفورس
جو ڪمانڊر انچيف ھو، ته مون پشاور ۾ پيرا شُوٽ
اسڪول جي ڪمان پئي ڪئي. ھُن پيرا شُوٽ جمپ لاءِ
ڪجھ ڏينھن منھنجي اسڪول ۾ سِکيا ورتي ھئي. اصل ۾
ھُن سمورن ھوابازن کي پنھنجو نمونو بنائڻ پئي
چاھيو، ته جيئن اُھي به ڊپ توڙي جوکي ۽ ھَٻڪ بنا
پيراشوٽ ڇال ڏين ۽ جڏھن به انھن کي جھاز جي
خرابيءَ جي حالت ۾ ٽُپو ڏيڻو پوي، ته ھروڀرو جِند
نه وڃائين، يا ٽنگ وغيره ڀڃرائي نه وجھن، بلڪ
ڇٽيءَ ذريعي سکيل طريقي موجب زمين تي بچاءَ سان
لھي سگھن. ھُن جي سِکيا ۽ ڇٽيءَ ذريعي ڇال ڏيڻ
دؤران مون ايئرمارشل صاحب کي دلير ۽ بھادر ماڻھو
ڀانئيو. ڀُٽو صاحب چوڻ لڳو: نُور خان کي منھنجي
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ کپندو ھو، پر ھُو اَڻڄاتل سببن
خاطر ايئن ڪري نه سگھيو. ھُن جھڙي متحرڪ شخصيت، ۽
قابل ايڊمنسٽريٽر جي منھنجي پارٽيءَ کي گھُرج ھئي.
جنرل يحييٰ خان
جڏھن به يحييٰ خان جو ذڪر نڪتو، ته ڀُٽي صاحب ھُن کي سُٺن لفظن
سان ياد ڪيو، پر ھر ڀيري خاص مُرڪ سان ھُن جو ذڪر
ڪيو. ھڪ ڀيري چوڻ لڳو: جنرل يحييٰ خان ڏاڍو سُٺو ۽
ڏاھو ماڻھو ھو. ھُو سُٺي سڀاءُ وارو ھو، پر شرط
اھو ته ھُن جي پيتل نه ھُجي ۽ جيڪڏھن شراب جي نشي
۾ ھوندو ھو، جو عام طور ھوندو ھو، ته پوءِ ھُو
انسان نه، بلڪ شيطان بڻجي ويندو ھو. ڪجھ ٻيون
ڳالھيون به ٿيون، جن کي لکڻ اَڻوڻندڙ ۽ اڍنگو آھي.
مولانا ڪوثر نيازي
قيد دؤران ڀُٽو صاحب، مولانا ڪوثر نيازيءَ صاحب مان گھڻو خوش نه
ھو. ڪجھ ڀيرا ھُن جو ذڪر ٿيو، ته ڀُٽي صاحب ڪجھ
ڪاوڙ ۽ ڪِروڌ ڏيکاريو. ھڪڙي ڏينھن چوڻ لڳو: مولانا
ڪوثر نيازيءَ ھوشيار آھي ۽ دماغ به سُٺو اٿس، پر
ھُو مولوي جو مولوي رھيو. ڀُٽي صاحب کي مولوين کان
گھڻي چِڙ ھوندي ھئي.
ڀُٽي صاحب جي ڦاھي جي گھڻي عرصي کان پوءِ منھنجي مولانا سان ھڪ
ڏينھن اوچتو ملاقات ٿي. مون ھُن سان ڀُٽي صاحب جي
ڪاوڙ جو ذڪر ڪيو، جنھن تي چوڻ لڳو: سائين، آئون
ڀُٽي صاحب جو ڏاڍو ٿورائتو آھيان، ۽ ھُن جي دلي
گھرائين سان عزت ڪريان ٿو ۽ کيس پنھنجو اڳواڻ
سمجھندو رھندس. جڏھن اسان ڏٺو، ته ڀُٽي صاحب ۽ فوج
وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو آھي ۽ اھڙيءَ حالت ۾ رُڳو ھُن جو
ئي نه، بلڪ پارٽي ۽ مُلڪ جو به نقصان ٿيندو، ته
اسان دلي ڪوشش ڪئي، ته اُن ٽڪراءُ کان بچجي. ھر
باشعور ماڻھو کي اُن ٽڪراءُ جي نتيجي بابت ڄاڻ
ھئي. مون چاھيو، ته ھر طرح سان ڀُٽي صاحب کي بچايو
وڃي ۽ جيڪو رستو اسان جي ڪجھ ساٿين واپرائڻ گھُريو
آھي، تنھن کان بچجي، ته جيئن مارشل لا اختيارين ۽
ڀُٽي صاحب وچ ۾ ٺاھ جو ڪو رستو ڪڍيو وڃي. اسان جي
ڪوششن کي بدقسمتيءَ سان غلط سمجھيو ويو ۽ اسان جي
فوج سان ٺاھ جي ڪوشش کي ته بلڪل ئي غلط ڪوٺيو ويو.
اُن ٽڪراءُ جو نتيجو ڪھڙو نڪتو؟ اھو ئي جنھن جو
مونکي ڊَپُ ھو، يعني اسان پنھنجو اڳواڻ وڃائي
ويٺاسين.
ھُن وڌيڪ چيو: جن ماڻھن جو ويچار ھو، ته آئون فوج سان گڏجي ويو
آھيان، تِن پاڻُ سمجھيو ھوندو، ته منھنجو رَويو
اُن حڪومت سان ڪيئن ھو، جڏھن آئون سينيٽ جو ميمبر
ھوس. مون اُن حڪومت جي ھر غلط پاليسيءَ کي پوري
قوم آڏو ھر طريقيءَ سان پڌرو ڪيو ۽ اُن جي کُلي
مخالفت ڪئي.
پارٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ اسان چاھيو، ته اُن کي ملڪي توڙي قومي
بنياد تي ايئن رکيو وڃي، جيئن ھن جي باني محترم
ذوالفقار علي ڀُٽي ان لاءِ سوچيو ۽ کيس ٺاھيو ھو،
پر بدقسمتيءَ سان جڏھن اھو ڪُٽنبي مامرو بڻجي ويو،
ته اسان ماٺُ ۽ نويڪلا ٿي وياسين.
محترمه بينظير ڀٽو
ڀُٽو صاحب پاڪستان، عام سياست، ڏيھي توڙي پرڏيھي
حالتن ۽ پنھنجي مقدمي بابت ته گھڻيون ڳالھيون ڪندو رھندو ھو، پر
ھُن پنھنجي ڪُٽنب بابت بلڪل گھٽ ڳالھايو. البت
جڏھن به محترمه بينظير ڀُٽو جو ڪنھن طرح ذڪر ٿيو،
ته ھُن سدائين اُن بابت ھڪ خاص قدردانيءَ جي انداز
۾ ڳالھايو. ھُو عام طور چوندو ھو: ڪرنل رفيع! آئون
جيئرو رھان يا نه رھان، پر مونکي ڀروسو آھي، ته
منھنجي ڌيءَ منھنجو مقصد ھر حال ۾ پُورو ڪندي،
ڇوته اللھ تعاليٰ ھُن کي گھڻيون خوبيون ڏنيون آھن.
ھوءَ رُڳو پڙھيل لکيل ئي نه، بلڪ گھڻي ھوشيار،
سياڻي ۽ عقلمند به آھي. ھُو جڏھن اِھو چوندو ھو،
ته بينظير ۾ سياست کي سمجھڻ جي ھُن کان وڌيڪ
صلاحيت ۽ قابليت آھي، ته منھنجي دماغ ۾ اھو سوال
اُڀرندو ھو، ته ھوءَ ته اڃا شاگرديءَ جي زماني ۾
آھي. ھُن کي اڃا تائين سياست سان ڪو واسطو ئي نه
پيو آھي ۽ نه ئي عملي زندگيءَ جو ڪو تجربو اٿس، ته
ڀُٽو صاحب جي اھا ڳالھ منھنجي سمجھ کان مٿانھين
ڀانئبي ھئي. بھرحال، آئون سدائين ھڪ پيءُ جا ويچار
پنھنجي لاڏلي ڌيءَ بابت ڪجھ شڪ سان ٻُڌندو رھندو
ھيس. ھُو سدائين چوندو ھو: آئون جيئرو رھان يا نه
رھان، منھنجي ڌيءَ پاڪستان جي ڏُتڙيل ۽ پيڙھيل
عوام کي سندن مقصد واريءَ واٽ تائين سوڀ سان گڏ
وٺي ويندي. ھو محترمه بينظير ڀُٽو جي ڏاھپ ۽ دماغي
صلاحيتن کي گھڻو ساراھيندو ھو. بلڪ ھڪ ڀيري ته ھُن
چيو ھو: بينظير پاڪستان ۽ ھندستان جي تاريخ ۾
بينظير بڻجي ويندي.
مونکي بينظير ڀُٽو سان جيل ۾ ڪڏھن به ڳالھائڻ جو وَجھ نه مليو،
البت ھوءَ جڏھن به ڀُٽي صاحب سان ملڻ آئي، ته آئون
عام طور اُتي موجود ھوندو ھوس، پر ھڪڙي پاسي بيھي
کين ويچار سان ڏسندو ۽ ٻُڌندو رھندو ھوس، تنھنڪري
ھُن سان ڪڏھن به ڪنھن مامري تي ڳالھ نه ٿي. مونکي
ياد نه آھي، ته ڀُٽي صاحب پنھنجي پُٽن بابت ڪڏھن
ڪجھ چيو ھُجي. ڪجھ موقعن تي ھُن جي گھرواريءَ جو
ذڪر ضرور ڇِڙيو، جيڪو مون ھن ڪتاب ۾ موزون جاءِ تي
لکيو آھي. ڀُٽي صاحب پنھنجي ٻي ڌيءَ صنم ڀُٽي بابت
به ڪجھ نه چيو. البت ھُو اُن سان گھڻي محبت ڪندو
ھو، ڇوته پڇاڙڪي رات ھُن پنھنجي اولاد مان رُڳو
صنم جو نالو ھر ڀيري ٿي ورتو. ڄڻ پڇاڙيءَ مھل ھُن
کي سڀ کان ننڍي ڌيءَ گھڻو ياد آئي ھئي.
شاهه رضا شاهه پهلوي
جڏھن شاھ رضا شاھ پھلويءَ خلاف ايران ۾ وڏي پئماني تي عوامي
مظاھرن جو سلسلو شروع ٿيو، ته ھڪڙي ڏينھن ڀُٽي
صاحب چيو: مون شاھ کي ٻُڌايو ھو، ته توھان
ڪيستائين ڍَڪڻ بند ڪري رکندا، پر منھنجي اِھا ڳالھ
شاھ کي نه وڻي ھئي. رضا شاھ ايراني قوم سان سچو نه
ھو ۽ ھُن کي آمريڪي نصيحتون وڌيڪ ھوشَ سان ڪنھن حد
تائين مڃڻ کپنديون ھيون. بدقسمتيءَ سان اڄ ھر اھڙو
اڳواڻ رُڳو آمريڪين تي ئي ڀروسو ڪري ٿو ۽ نيٺ
منجھانئن ھرھڪ کي ڌَڪُ کائڻو پوي ٿو. جيڪو به حاڪم
يا اڳواڻ پنھنجيءَ قوم جي جذبن ۽ سوچ کي نٿو
سمجھي، تنھن کي قوم سدائين ٿُڏا ھڻي پري اُڇلائي
ڇڏي ٿي. ھُن جو چوڻ ھو: شاھ لاءِ شايد خراب وقت
اچي پيو ۽ ايراني قوم به ڏَچن ۾ ڦاسندي.
جنرل محمد اقبال کي ميار
جنرل محمد اقبال صاحب اُنھن ڏينھن ۾ ڊپٽي چيف آف آرمي اسٽاف
مقرر ٿيو ھو. ھڪڙي ڏينھن ڀُٽي صاحب ڳالھين ڳالھين
۾ چيو: ھُن جي گھرواري بيگم نُصرت ڀُٽو قذافي
اسٽيڊيم لاھور ۾ ڪرڪٽ مئچ دؤران پوليس ھٿان زخمي
ٿيڻ سبب اسپتال ۾ ڪجھ ڏينھن علاج ھيٺ رھي ھئي،
جنرل اقبال کي، جيڪو اُتي جو ڪور ڪمانڊر ھو،
اسپتال وڃي گھٽ ۾ گھٽ سندس طبيعت ئي پُڇڻ کپي ھا.
اھو ھُن جو سُٺو اخلاقي اشارو ھُجي ھا.
آئون جنرل محمد اقبال جي ماتحت مليٽري اينٽليجنس ڊائريڪٽريٽ ۾
نوڪري ڪري چُڪو ھوس ۽ ساڻس سُٺا ناتا ھئا. جنرل
صاحب جيئن لاھور مان پنڊي آيو، ته مون ھُن سان
ملاقات ڪئي ۽ جڏھن آئون وٽانئس موٽڻ لڳس، ته ھُن
مونکي چيو، ته ھُن سان ڪڏھن ڪڏھن ضرور ملندو رھان.
ڀُٽي صاحب جي اُن ڏوراپي کان پوءِ آئون جنرل صاحب
سان ملڻ ڪڏھن به نه ويس، ڇوته انھن ڏينھن ۾ منھنجي
ڳُجھي نگراني پئي ٿي، ۽ مون ڄاڻي واڻي ڪنھن سينيئر
عملدار سان ملڻ بند ڪري ڇڏيو ھو، تنھنڪري آئون
ڀُٽي صاحب جي اُن ڏوراپي جو ذڪر جنرل صاحب سان
ڪڏھن به نه ڪري سگھيس.
محترم غلام مصطفيٰ کر
مونکي ڀُٽو- کر وچ ۾ گرم توڙي سرد لاڳاپن کي ڄاڻڻ جو چاھ ھو.
مون ٻه ٽي ڀيرا ڀُٽي صاحب کان مناسب موقعن تي
پُڇيو، ته ھُن ۽ کر صاحب جي ناتن ۾ ھيٺ مٿانھين جو
ڪھڙو سبب ھو؟ ھُو ھر ڀيري ڪجھ ٻُڌائڻ بغير رُڳو
مُرڪندو ھو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن چوڻ لڳو: ڪرنل اِھو
سياست جو مامرو آھي، جيڪو ڪنھن فوجيءَ جي سمجھ کان
مٿانھون آھن. پوءِ مون ڪڏھن به ٻيھر ھن سان اُن
مامري تي ڳالھائڻ جي ھمت نه ڪئي.
محترم انور سادات
ھڪڙي ڏينھن شايد اخبارن ۾ مصر يا اسرائيل بابت ڪا خبر پڙھي چوڻ
لڳو: مصر جو صدر انور سادات، عرب مفادن کي آمريڪين
جي دٻاءُ ۾ اچي گھڻو نقصان پھچايو آھي. انور
السادات کي ڪنھن ڏينھن پنھنجي قوم کي جواب ڏيڻو
پوندو. ان کي اصولن کي ايئن پاسيرو رکڻ نه گھُربو
ھو. ڀُٽي صاحب ڪئمپ ڊيوڊ معاھدي ۽ مصر- اسرائيل
لاڳاپن تي تنقيد ڪئي. چوڻ لڳو: جيڪو به اڳواڻ قومي
اُمنگن جي پرواھ نٿو ڪري، قوم به تنھن جي پرواھ
نٿي ڪري. محترم انور سادات کي ڪنھن ڏينھن ۾ اُن جو
نتيجو ڀوڳڻو پوندو. ڪجھ ورھين کان پوءِ سادات کي
جڏھن ھڪڙي قومي ڏينھن جي تقريب ۾ ڪجھ فوجين گولين
سان پروڻ ڪري قتل ڪيو، ته مونکي ڀُٽي صاحب جون
ڳالھيون ياد آيون.
جنرل ضياءَ الحق
اسان ٻنھي ڄڻن وچ ۾ جنرل ضياءَالحق صاحب بابت گھڻي گھٽ ڪچھري
ٿي. ھڪڙي ڏينھن چوڻ لڳو: جنرل ضياءَ کي سياسي
ماڻھن کان اَٿاھ ڏچا سَھڻا پوندا. ھُن لاءِ حڪومت
گُلن جي سيج ثابت نه ٿيندي.
ٻه يا ٽي ڀيرا ايئن اتفاق ٿيو، جو آئون ٻنپھرن کان پوءِ ڀُٽي
صاحب سان گڏ سيڪيورٽي وارڊ جي اڱڻ ۾ ويٺل ھوس، ته
جنرل ضياءَالحق صاحب جي سُواري جيل جي ديوار سان
لڳ رستي تان لنگھي. ھُن جي سواري اڳيان ھُوٽر واري
گاڏي به ھوندي ھئي، جيڪا ھارُن وڄائي ھرھڪ کي
چتاءُ ڏيندي ويندي ھئي، ته پاڪستاني صدر جي سُواري
لنگھي پئي. اُن گاڏيءَ جي ھُوٽر جو آواز ٻُڌي ھر
ڀيري مون ڀُٽي صاحب جي مُک تي ھڪ نرالي ڪاوڙ جا
اُھڃاڻ ڏٺا ۽ ھُن جو ورتاءُ گھڻي دير تائين ڪجھ
بگڙيل رھندو ھو.
پاڪستاني فوج جو سڀ کان وڏو جنرل
ھڪڙي ڏينھن پاڪستان- ھندستان جنگ 1965ع جو ذڪر ڇِڙيو، ته مون
ڀُٽي صاحب کان پُڇيو: سائين، توھان اُن زماني ۾
پرڏيھي وزير ھئا. اسان جي پرڏيھي کاتي اُن جنگ کان
اڳ ۾ اُھو ڇو نه سوچيو، ته ھندستان اسان جي سرحدن
تي حملو ڪندو. چوڻ لڳو: پرڏيھي کاتي ته اُن جو
اڳواٽ اندازو لڳائي ورتو ھو، پر فيلڊ مارشل ايوب
خان ھڪ جوائنٽ گڏجاڻيءَ ۾ اُن امڪان کي رد ڪيو ھو.
جنرل ھيڊڪوارٽر به اُن ساڳيءَ غلطيءَ کي ورجايو
ھو. گڏوگڏ جنرل اختر مَلڪ کي ڪشمير جي ڇمب جوڙيان
محاذ تي نه روڪيو وڃي ھا، ته ھُو ڪشمير ۾ ھندستاني
فوج کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏي ھا، پر ايوب خان ته
پنھنجي لاڏلي جنرل يحييٰ خان کي سورمو بنائڻ پئي
گھُريو. 1965ع جي جنگ جي اُن ذڪر دؤران ڀُٽي صاحب،
جنرل اختر مَلڪ جي گھڻي ساراھ ڪئي؛ چوڻ لڳو: اختر
ملڪ باڪمال جنرل ھو. ھُو مھانَ سپھ سالار ھو. ھُو
بھادر ۽ ھمت وارو ھو، ۽ سپاھياڻي فن کي چڱيءَ ريت
سمجھندو ھو. ھُن جھڙو جنرل پاڪستاني فوج اڃا تائين
جنم نه ڏنو ويو آھي. پوءِ مُرڪندي چوڻ لڳو: باقي
جنرل سڀ ته جنرل راڻي آھن.
پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت
جنرل ضياءَالحق صاحب اوائل ۾ ته ڪجھ اُن مامري تي چوندو رھيو،
پر ھُن شايد 1978ع جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري اعلان ڪيو،
ته پاڪستان ۾ اسلامي حڪومتي نظام جوڙيو ويندو. اُن
اعلان جي ٻئي يا ٽئين ڏينھن جڏھن آئون ڀُٽي صاحب
سان سيڪيورٽي وارڊ ۾ مليس، ته چوڻ لڳو: ڪرنل رفيع،
تنھنجو جنرل ڪھڙو اسلام ھِن ملڪ ۾ رائج ڪندو. اُھو
اسلام ڪارخانيدارن جو ھوندو يا مولوين جو، يا وري
عوام جي ڪنھن حصي جو؛ ڇوته مولوي ڪنھن ٻيءَ ڳالھ
تي سُھمت ٿي سگھن ٿا، پر اسلام تي ڪڏھن به ھڪ راءِ
نٿا جوڙي سگھن. پوءِ چوڻ لڳو: اِھو وڏو دوکو آھي،
جيڪو اسان جي اٻوجھ ۽ سادي عوام سان ڪيو پيو وڃي.
جنرل ضياءَالحق ڪڏھن به اُن اعلان تي عمل نه ڪندو. |