اوائلي ڏينھن
ڀُٽي صاحب جي سينٽرل جيل راولپنڊيءَ جي منتقليءَ
جو جيئن فيصلو ٿيو، ته ان وقت جيل ۾ ڪيئي اھڙا
ماڻھو به قيد ھئا، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان
ناتو رکندا ھئا، يا کين مارشل لا اختيارين سندن
عام ڪوتاھين تي سزا ڏني ھئي. اھڙن سڀني قيدين جون
فھرستون ٺاھيون ويون ۽ کين پنڊيءَ کان ٻاھر ٻين
ضلعي جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو، ته جيئن ڀُٽي صاحب جي
قيد دؤران ڪا گڙٻڙ يا ھنگامو نه ٿئي. اختيارين اھو
به فيصلو ڪيو، ته جيستائين محترم ڀُٽي کي راولپنڊي
جيل ۾ رکيو ويندو، ڪوبه قيدي، جنھن جو پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ سان ناتو ھُجي، تنھن کي ھن جيل ۾ نه
آندو وڃي. اُن فيصلي تي پنڊي جيل جون اختياريون
ڏاڍو خوش ھيون، ته سندن جيل کي صاف ڪيو ويو آھي.
ملاقات ڪندڙ
ڀُٽي صاحب
سان
ھرڪنھن ماڻھوءَ کي ملڻ جي موڪل نه ھئي. ھُن سان
ملڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ يا پنجاب حڪومت جي گھرو
سيڪريٽريءَ کان اجازتنامو وٺڻ ضروري ھوندو ھو.
سُپريم ڪورٽ اھڙو ڪوبه حُڪم جڏھن سپرنٽينڊنٽ جيل
راولپنڊيءَ کي ڏيندي ھئي، ته اھڙن حُڪمن تي عمل
کان اڳ ھُو مونکي ۽ لاڳاپيل مارشل لا اختيارين کي
ڄاڻ ڏيندو ھو ۽ جيڪڏھن گھُرج سمجھي ويندي ھئي، ته
عمل کان اڳ سَب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، مٿئين
اختيارين کان مشورو وٺندو ھو. حڪومت جو گھرو کاتو
جڏھن به ڪو اجازتنامو يا حُڪم، جيل سپرنٽينڊنٽ کي
موڪليندو ھو، ته اُن جو نقل مونکي به موڪليو ويندو
ھو ۽ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊپٽي مارشل لا
ايڊمنسٽريٽر کي الڳ الڳ ڄاڻ ڏني ويندي ھئي ۽ عمل
کان اڳ مونکي انھن اختيارين کان اجازت به وٺڻي
پوندي ھئي. اوائلي ڏينھن ۾ ھيٺين ملاقاتين جو اچڻ
وڃڻ رھيو.
وڪيلَ
ڀُٽي صاحب جي اُن مقدمي جي يحييٰ بختيار، دوست
محمد اعواڻ، غلام علي ميمڻ، عبدالحفيظ لاکي ۽
پڇاڙڪن ڏينھن ۾ عبدالحفيظ پيرزادي به پيروي ڪئي.
سُپريم ڪورٽ ھڪ وقت رُڳو ٻن وڪيلن کي ڀُٽي صاحب
سان روزانو ھڪ ڪلاڪ ملڻ جي اجازت ڏني ھئي. جمعي ۽
موڪل وارن ڏينھن ۾ وڪيلَ جيل ۾ اچي نه سگھندا ھئا.
اوائل ۾ وڪيلن کي ڏينھن جو ٻين کان ٽين وڳي تائين
جيل ۾ اچڻ جي اجازت ھئي، پر پوءِ شام ڇھين کان اَٺ
وڳي دؤران رُڳو ھڪ ڪلاڪ لاءِ ٻاھر اڱڻ ۾ ويھي ڀُٽي
صاحب سان ملڻ جي اجازت ملي ھئي. ڀُٽي صاحب سان
سمورن ملندڙ ملاقاتين جو تفصيل ضميمي نمبر
1 ۾ ڏنو
ويو آھي.
زال ۽ ڌيءَ
عام
حالتن ۾ ڦاھيءَ جي سزا ماڻيل قيديءَ جي ملاقاتين
کي جيل اختيارين جي مرضيءَ سان ڪجھ منٽ ملاقات جي
اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ اھڙي ملاقات قانوني طور ويھن
منٽ تائين ٿي سگھي ٿي. بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه
بينظير ڀُٽو کي ھفتي ۾ الڳ الڳ ھڪ ڀيرو ملاقات جي
اجازت ھئي. اُنھن ٻنھي عورتن کي ڪراچيءَ کان
پوليس جي ھڪ عملدار جي نگرانيءَ ۾ ھوائي جھاز
ذريعي راولپنڊي آندو ويندو ھو ۽ ملاقات کان ھڪدم
پوءِ کين ٻيءَ فلائيٽ ۾ واپس ڪراچي موٽايو ويندو
ھو. بيگم نُصرت ڀُٽو کي پھريون ڀيرو 21 مئي 1978ع
تي صبح ساڍي نَائين وڳي جيل ۾ ملاقات لاءِ آندو
ويو. ھُن جي اُھا ملاقات ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾
ڪرائي ويئي، جيڪا ٻارھن وڳي پنجٽيھن منٽن تائين
ھلندي رھي. اُن ملاقات کان ھڪ ڏينھن اڳ، سب مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر بريگيڊيئر ايم ممتاز مَلڪ مونکي
پنھنجي آفيس ۾ گھُرايو. ھُو دانشور قسم جو ڏاڍو
شريف ۽ نيڪدل انسان آھي، جيڪو پنھنجي ڪم ۾ ماھر ۽
ڪامل به آھي. مونکي اُن جھڙن ڪمانڊرن ھيٺ گھٽ ڪم
ڪرڻ جو وجھ مليو آھي. ھُن اُن ڏينھن مونکي ٻُڌايو:
اسان کي ڏاڍو سخت ڪم سونپيو ويو آھي. ھڪڙي پاسي
اسان جي ملڪ جو اڳوڻو اڳواڻ آھي، جنھن کي
بدقسمتيءَ سان ھڪ مقدمي ۾ قيد ڪيو ويو آھي، ته وري
ٻئي پاسي ھاڻوڪا حُڪمران آھن، جن سان اسان کي پوري
ايمانداريءَ سان وفادار رھڻو آھي، جنھن لاءِ اسان
قسم کنيو آھي. اسان کي اُھو نه سوچڻ گھُرجي، ته
ڀُٽي صاحب جو مقدمو سَچو آھي يا ڪُوڙو؛ اُھو ڪم ته
سُپريم ڪورٽ جو آھي. تنھنڪري اسان کي جيڪا ڊيوٽي
ڏني وئي آھي، تنھن کي پورو ڪرڻو آھي. پوءِ مونکي
ھُن نصيحت ڪئي، ته اُن ذميداري نڀائڻ ۾ مونکي
غيرجانبدار، اَورچ، سُچيت ۽ درستَ رھڻو پوندو. ھُن
مونکي ٻُڌايو: سُڀاڻي بيگم نُصرت ڀُٽو، محترم ڀُٽي
سان ملڻ اچي پئي ۽ پوءِ ھُن جا ٻيا مائٽ به ايندا
رھندا. ڀُٽي صاحب ۽ سندس مائٽن سان قانونَ ۾ رھي
عزت ڏيڻ گھُرجي. آئون محترم ايم ممتاز َملڪ جو
اھڙي نصيحت لاءِ نھايت ٿورائتو آھيان.
ٻئي ڏينھن بيگم ڀُٽي جي ملاقات کان اڳ مون جيل
سپرنٽينڊنٽ سان اھڙين ملاقاتن بابت تفصيلي ڪچھري
ڪئي. مون ھُن کي ٻُڌايو: ملاقات ڀُٽي صاحب جي
ڪوٺيءَ ۾ ٿيندي. جيئن ته وقت جي ڪا کوٽ نه آھي،
تنھنڪري ويھن يا ٽيھن منٽن جي بندش نه ھوندي.
جيڪڏھن ملاقاتي گھڻو وقت وٺي ٿو، ته پوءِ کيس
يادگيري ڏياري سگھجي ٿي. ملاقات دؤران ڀُٽي صاحب
کي ھر قسم جي نويڪلائي ڏني ويندي. ھُن جي ڪوٺيءَ
جي دروازي تان ھٽي ويجھو دالان ۾ بيھندڙ وارڊر
دالان کان ٻاھر ھليو ويندو، ته
جيئن
ملاقات دؤران ڪنھن قسم جي ڪا رنڊڪُ نه ٿئي. منھنجي
ھدايتن تي جيل سپرنٽينڊنٽ ڏاڍو سُرھو ٿيو، ۽ پوءِ
چوڻ لڳو: ھُن کي اُلڪو ھو، ته مارشل لا اختياريون
متان وقت جي پابنديءَ سميت ٻيون پابنديون نه
مڙھين.
اوائلي ڏينهن ۾ مختلف عنصرن جو رَويو
جيل
۾ ڊيوٽيءَ دؤران مونکي اھڙو انوکو تجربو ٿيو، جنھن
تي مون پھرين ڪڏھن سوچيو به نه ھو. ڀُٽي صاحب جھڙو
مھانَ اڳواڻ جيل جي ڪوٺيءَ ۾ مڇريل شينھن بڻيل ھو.
مارشل لا ته سمورن قاعدن ۽ قانونن کان مٿانھون
ھُجي ٿو. جيل اختيارين ته ھر ڪنھن کي ”ھا سائين“
پئي ڪيو. بيگم نُصرت ڀُٽو ۽ محترمه
بينظير
ڀُٽو حالتن سان سَرچاءُ لاءِ راضي ڏسڻ ۾ نه پئي
آيون، ۽ مون جھڙو سپاھي، جنھن لاءِ فرض نڀائڻ
ايمان جو جُزو ھو، انھن اَڻوڻندڙ حالتن ۾ گھيريل
ھو. ھي ھيون اُھي متضاد حالتون، جن جو ڪجھ تفصيل
ھيٺ ڏجي ٿو:
اوائلي ڏينهن ۾ ڀُٽي صاحب جو رَويو
پنڊي جيل ۾ اچڻ تي پھرين ڏينھن صبح سوير جڏھن ڀُٽي
صاحب، سپرنٽينڊنٽ جيل راولپنڊي ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل
ڪوٽ لکپت لاھور، سيڪيورٽي وارڊ جي اڱڻ ۾ ويھي چاءِ
پئي پيتي، ته اُتي ڊيوٽي تي موجود اسسٽنٽ
سپرنٽينڊنٽ ھڪ ڪُرسي کنئي ۽ اڱڻ جي ڪُنڊ ۾ وڃي مٿس
ويھي رھيو. ڀُٽي صاحب کي اُن غريب جو پنھنجي
سامھون ويھڻ نه وڻيو ۽ کيس ڇَنڊ پَٽيندي چيائين:
توکي ڪنھن اجازت ڏني آھي، ته تون اسان جي سامھون
ڪُرسي تي ويھ. متان، اڳتي اھڙي حرڪت ڪئي اٿئي.
اُنھن ڏينھن ۾ ھُو جيڪڏھن ڪنھن وارڊر کي ڊيوٽيءَ
تي ڏسندو ھو، ته مٿس ڇوھ ڇنڊيندو ھو. ساڳيءَ طرح
ھُو نه چاھيندو ھو، ته ھُن جي ڪوٺيءَ تي رات جو
تالو ھنيو وڃي، ته جيئن ھُو جنھن به مھل چاھي
پُوئي- ڪاڪُوس ۾ وڃي سگھي. ھُن جي اُن رَويي سبب
جيل جو ھر ماڻھو کانئس پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
ھُن اچڻ سان ئي بُک ھڙتال ڪئي. سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ کيس گھڻي منٿ ميڙ ڪئي، ته ھُو پنھنجي
بُک ھڙتال ختم ڪري، پر ھُن اوستائين گِرھ وات ۾ نه
وڌو، جيستائين ھُن جا مطالبا پُورا نه ٿيا. ھُن
جيل اختيارين سان بُک ھڙتال وارن ڏينھن ۾ ڪافي سخت
۽ ناراضگيءَ جو ورتاءُ رکيو.
مارشل لا اختياريون
ٻئي پاسي مارشل لا اختيارين، ڀُٽي صاحب کي ضابطي ۾
رکڻ لاءِ بچاءُ
جي
انتظامن ۾ ڪابه ڪَسائي نه ڪئي ھئي، جنھن تي آئون
اڳ ۾ به لکي چُڪو آھيان. ھُن جي قيد دؤران نِت نون
ويچارن جنم پئي ورتو، تنھنڪري روزانو نوان بچاءُ
جا اُپاءُ ورتا ويندا رھيا، جن تي اڳتي لکيو
ويندو. مارشل لا اختيارين ڏاڍي ڌيان سان جيل جي ھر
ماڻھوءَ لاءِ حُڪمناما ڪڍيا. ساڳيءَ ريت پوليس ۽
فوج لاءِ به پڌريون ھدايتون ڏنيون ويون، ته جيئن
ڀُٽي صاحب جي ڀاڄ جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو ڪو اُپاءُ سوڀارو ٿي نه سگھي. اصل ۾
حڪومت ھُن سان ڦاھيءَ جي سزا کاڌل ڏوھاريءَ جو
ورتاءُ ڪرڻ پئي گھُريو، پر اُن بابت گھڻي ڳڻتيءَ ۾ ھئڻ سبب گھُرج کان وڌيڪ بچاءُ جا انتظام پئي ڪيا.
جيل اختياريون
جيل اختيارين کي ايترن تفصيلي حُڪمن ھوندي به مون پنھنجي
نوڪريءَ ۾ ايتري غيرذميداري ۽ ڍِرائيءَ جو مظاھرو
ڪٿي به نه ڏٺو، جيڪو جيل ۾ ٿيو. جيل سپرنٽينڊنٽ
جيل ۾ رُڳو مڪمل اختيار ئي نه رکندو ھو، بلڪ عملي
طور مطلق العنان ھوندو ھو. ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ
سپرنٽينڊنٽ به وڏي ڳالھ ھوندا ھئا. سمورا وارڊر،
جيل جي سگھارين ۽ اوچين ڀتين ۾ پاڻُ کي ھر ويچار
کان محفوظ ۽ ھر قسم سان قلعي بند سمجھندا ھئا.
جيڪڏھن ڪنھن قيديءَ جو ورتاءَ جيل اختيارين کي نٿو
وڻي، ته ھُن جي اھڙي مالش ڪئي وڃي ٿي، جو ھُو
پنھنجي باقي قيد وارن ڏينهن ۾ ڪنھن به غلطيءَ بابت
سوچي ئي نٿو سگھي. اصل ۾ جيل جون ديوارون ايڏيون
ٿُلھيون ۽ اوچيون ھُجن ٿيون، جو اندر جو ڪوبه آواز
ٻاھر ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي. اھو ئي سبب آھي، جو وڏا
بدمعاش ۽ غُنڊا پنھنجي قيد دؤران شريف ۽ نيڪ انسان
بڻجي وڃن ٿا، ۽ سندن بدمعاشيءَ واري رڳ رُڳو سندن
آزاد ٿيڻ کان پوءِ ئي ڦَڙڪي سگھي ٿي. جيل سان
لاڳاپي جي ھڪ ورھيه ۾ مون مشاھدو ڪيو، ته جيل ۾
حفاظتي انتظام گھڻي لاپرواھيءَ سان ڪيا وڃن ٿا، ۽
جيڪڏھن ڪو قيدي جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري، ته اھو
ڪم اسان جي جيل اختيارين جي لاپرواھيءَ سبب گھڻو
ڏُکيو نٿو بڻجي.
ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران مارشل لا اختيارين جا حفاظتي انتظام ۽
طريقيڪار فوجي طور طريقن کان به وڌيڪ ڪَٺن ۽
ھوشياري سان ٺاھيا ويا ھئا. جيل سپرنٽينڊنٽ ته جيل
جو گورنر ھُجي ٿو. ھُن کي تالن جون چاٻيون پاڻُ
کڻڻ ۽ انھن تالن کي پاڻُ کولڻ جو ويچار ڪيئن اچي
سگھي ٿو، جڏھن انيڪ وارڊر ھُن جي اڳيان ۽ پويان
ھلڻ لاءِ موجود ھُجن. پر مارشل لاءِ اختيارين جي
حُڪمن پٽاندر جڏھن به سپرنٽينڊنٽ يا ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ کي سيڪيورٽي وارڊ ۾ پاڻُ اڪيلي يا ڪنھن
مٿئين عملدار سان گڏ وڃڻو پوندو ھو، ته سمورن تالن
جون چاٻيون ھُو پاڻُ کڻندو ھو. پاڻُ ئي سمورن تالن
کي کوليندو ۽ پاڻُ ئي بند ڪندو ھو.
جيل ۾ ھڪڙو وارڊر چار ڪلاڪ لڳاتار ڊيوٽي ڏيئي ٿو. ايتري ڊگھي
مُدت ۾ ڪو جوان ڪڏھن به گھُرج مھل ڦُڙت نٿو رھي
سگھي، تنھنڪري جڏھن ڪو وارڊر پنھنجي ڊيوٽيءَ دؤران
ويٺل يا کونگھرا ھڻندو ھُجي، ته اُن کي ڊيوٽيءَ ۾
ڪا گڙٻڙ نٿو سمجھيو وڃي. جڏھن ته فوج ۾ ڪو جوان
پنھنجي ٻن ڪلاڪن جي ڊيوٽي دؤران ويھي به نٿو سگھي.
ٻئي پاسي جڏھن به جيل اختيارين کي مارشل لا
اختيارين جي حُڪمن تي سختيءَ سان پابنديءَ لاءِ
چيو ويو، ته ھر ڀيري اھو ئي جواب مليو، ته ڀُٽو
صاحب اڄ يا سُڀاڻ ڇُٽي ويندو ۽ پوءِ کيس حڪومت ۾
ٻيھر اچڻ ۾ گھڻو وقت نه لڳندو. ھُنن جي اھا گُذارش
ھوندي ھئي، ته مارشل لا اختياريون ھُنن جون
نوڪريون ڇو ٿيون ختم ڪرائڻ گھُرن. تنھنڪري جيل جو
ھر ماڻھو ڀُٽي صاحب تي ڊيوٽيءَ کي پوريءَ پابنديءَ
سان ڏيڻ لاءِ تيار ۽ سنجيده نه ھو. بھرحال، مٿئين
اختيارين جي ھر ڀيري معائني ۽ چتاءُ تي جيل
اختيارين ڪنھن حد تائين پنھنجي رَويي ۾ ڪجھ تبديلي
آندي، پر مٿن پورو ڀروسو ڪري نه پيو سگھجي. جيئن
ته ڊيوٽي آفيسر جي نگاھ اٽڪل ھر جاءِ تي پھچي
ويندي ھئي ۽ ماڙيءَ جا مٿيان فوجي سپاھي به
سيڪيورٽي وارڊ ۾ ھر چُرپر کي چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ٻُڌي
سگھيا پئي، ۽ گڏوگڏ اينٽيليجنس جو سرشتو به
اندروني حالتن جي ڄاڻُ رکي پيو، تنھنڪري جيل
اختياريون ڪنھن ڳالھ کي گھڻي دير تائين لڪائي رکي
نه پيون سگھن، سو ايئن ھُنن کي پنھنجي غلطي يا
لاپرواھيءَ جو جوابُ ڏيڻو پوندو ھو، ۽ نيٺ کين
لاچار ڪم دُرست طريقي سان ڪرڻو ئي پوندو ھو.
اوائلي ڏينھن ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ، ڀُٽي صاحب کي
پُڇڻ تي يا پنھنجي طرفان ٻُڌائي ڇڏيو ھو، ته ھُن
جي ڪمري ۾ جاسوسيءَ جا اوزار
(Bugged)
لڳل آھن. اُھي ڀُٽي صاحب کي اشاري سان دالان ۾
گھُرائي، ساڻس ڳالھائيندا ھئا. اُنھن ڏينھن ۾ اُھي
ھمراھ ڀُٽي صاحب کي اجايو ريجھائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل
ھئا، ۽ جڏھن به ڀُٽي صاحب ڪنھن ڳالھ تي اعتراض ٿي
ڪيو، ته انھن سڄو ڏوھ ڪرنل انچارج تي مڙھيو ٿي.
شايد ڀُٽي صاحب جي پُڇڻ تي ھنن منھنجو نالو ڪرنل
امجد ٻُڌايو ۽ چيو ته اِھو ماڻھو سودائي ۽ مٿي
ڦِريل آھي ۽ سندن ڪٽر مُخالفن مان ھڪُ آھي.
تنھنڪري اوائلي ڏينھن ۾ ڀُٽي صاحب جي وڪيلن اُن
ڳالھ جو حوالو ڏيندي پريس ۾ اُھو بيان ڏنو ھو، ته
اصل ۾ مُک ماڻھو جيل سپرنٽينڊنٽ يارمحمد نه، بلڪ
ڪرنل امجد آھي، جيڪو مارشل لا اختيارين طرفان جيل
جي سموري ڪاروبار کي ھلائي پيو. ڪجھ ھفتن ۾ جيئن
ئي مون سيڪيورٽي وارڊ ۾ وڃي ڀُٽي صاحب سان پاڻ ملڻ
شروع ڪيو، ته ھڪ ٻن ملاقاتن ۾ ئي ڀُٽي صاحب جھڙي
سياڻي ماڻھو مونکي چڱيءَ ريت پرکي ورتو ۽ ايئن ھُن
جو جيل سپرنٽينڊنٽ تان ويساھ ئي کڄي ويو.
ڪجھ عرصي کان پوءِ ھڪ ڀيرو جڏھن جيل سپرنٽينڊنٽ سيڪيورٽي وارڊ ۾
ڀُٽي صاحب سان ملڻ ويو، ته ڀُٽي صاحب ھُن کي ڏسي
چيو: اِجھو اِھو رنجيت سنگھ جو اولاد پيو اچي.
اُھا چٿر جيل سپرنٽينڊنٽ پنھنجن ڪَنن سان ٻُڌي
ھئي، بلڪ اُن سان گڏ وارڊرن ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽن
به ٻُڌي ھئي؛ تنھنڪري اُن ڏينھن کان ھُن جو ڀُٽي
صاحب بابت ورتاءُ بلڪل بدلجي ويو ۽ نيٺ ھُن
سيڪيورٽي وارڊ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. پوءِ جيستائين ھُن
کي ڀُٽي صاحب سڏي نه ٿي گھُرايو، ھو پاڻُ اچڻ پسند
نه ڪندو ھو. جڏھن مون ڀُٽي صاحب سان ملڻ شروع ڪيو،
۽ اسان گھڻو پاڻُ ۾ ٺھي وياسين، ته ھُن جيل
اختيارين جا قصا مونکي ٻُڌايا، جيڪي اوائلي ڏينھن
۾ جيل سپرنٽينڊنٽ مون بابت ھُن کي ٻُڌائيندو ھو.
جنھن تي آئون ھِن ڪتاب جي ايندڙ صفحن ۾ لکندس.
ڀُٽو بيگمن جو ورتاءُ
جن اوچائين تان ڀُٽي صاحب ۽ سندس گھراڻي کي ھيٺ ڪيرايو ويو ۽
بلڪ مٿن ڏاڍُ ۽ اَنياءُ ڪيو ويو، اھڙين حالتن ۾
ماءُ ۽ ڌيءَ مان ڪھڙي ورتاءُ واپرائڻ جي اُميد ٿي
پئي سگھي. ڪجھ وقت اڳ جن ماڻھن خاطر ھر گڏجاڻي ۽
موقع تي ھر ماڻھو پنھنجون اکيون نڇاور ڪرڻ لاءِ
تيار ھو، اڄ انھن لاءِ ھڪ عام قيديءَ جي مائٽن
جھڙو ورتاءُ ڪرڻ ڪيئن ممڪن ھو؟ محترمه بينظير ڀٽو
جڏھن به جيل ۾ ايندي ھئي، ته سُڪون، ماٺ ۽ وقار
سان ايندي ھئي ۽ ايئن ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ وڃي
ھُن سان ملاقات ڪندي ھئي. رُڳو ٻي يا ٽين ملاقات
کان پوءِ ھوءَ جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آئي ۽ ھُن
چيو: چيئرمين صاحب جي ملاقات دؤران ڪابه رنڊڪ نه
وڌي وڃي. اصل ۾ تڏھوڪي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ گھڻي وقت
گُذرڻ کان پوءِ يادگيري لاءِ ڪوٺيءَ ۾ جھاتي پاتي
ھئي، جنھن حرڪت کي ھُن خراب ڀانئيو ھو. بيگم نُصرت
ڀُٽو به جيل ۾ ڀُٽي صاحب سان ملاقات لاءِ ايندي
ھئي، ته ھوءَ چڱي ٺَٺ سان ڪار مان ٻاھر نڪرندي ھئي
۽ ڏاڍي باوقار طريقي سان ھلندي ھئي. ھُوءَ اھو
چاھيندي ھئي، ته ھر سپاھي ھُن لاءِ ترسڻ بنا
دروازو کوليندو وڃي. جيئن وقت گُذرندو ويو، ته ھُن
جي ورتاءُ ۾ چڱي تبديلي ايندي وئي، خاص طور اُن
اَڻوڻندڙ واقعي کان پوءِ، جنھن ۾ ھُن پنھنجي سامان
جي تلاشي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو، ۽ ڀُٽي صاحب سان
ملاقات ڪرڻ بغير جيل اختيارين ھُن کي واپس موٽائي
ڇڏيو ھو.
21 جون 1978ع تي محترمه بينظير ڀُٽو پنھنجي والد سان ملڻ لاءِ
جيل ۾ آئي، شايد اھو ھُن جو جنم ڏينھن ھو. ھوءَ
پاڻُ سان گڏ ھڪ ڪيڪ به کڻي آئي، جنھن کي جيل
اختيارين سيڪيورٽي وارڊ ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نه
ڏني. محترمه بينظير ڀُٽو ڊيوٽي تي موجود ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ جيل کي چيو: ھُو مارشل لا اختيارين کان
اجازت وٺي، ته جيئن ھوءَ ڪيڪ اندر کڻي وڃي سگھي.
ڊپٽي ٽيليفون تي مونکي اھو قصو ٻُڌايو. مون ھڪدم
سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان ٽيليفون تي ڳالھائي،
ڪيڪ ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت ورتي.
محترمه بينظير ڀٽو اُن دؤران ڊپٽيءَ جي آفيس ۾
اوسيئڙو ڪندي رھي، ۽ اجازت ملڻ تي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ
جيل جو ٿورو مڃي، سيڪيورٽي وارڊ ۾ وئي. اُن ڏينھن
ھوءَ ڀُٽي صاحب سان گڏ پنج ڪلاڪ ۽ سترھن منٽ رھي.
اُن ڏينھن اٽڪل اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ بيگم نُصرت
ڀُٽو به اچي ويئي، ۽ ٽنھي ڄڻن گڏجي جيل جي ڪوٺيءَ
۾ محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرھ جو ڏينھن ملھايو.
اُن وقت ڀُٽي گھراڻي تي ڏاڍو خراب وقت آيل ھو.
منهنجو ڪردار
اھڙيءَ حالت ۾ ھڪ شخص، جنھن کي مارشل لا اختيارين حفاظتي
انتظامن جي اُتم نگرانيءَ جو ڪم سونپيو ھُجي، اھو
ڪاميابيءَ سان پنھنجي ذميداري نڀائڻ تي ھر قسم جو
ڦَلُ ته پاڻُ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جڏھن حالتون
بدلجن ٿيون، ته پوءِ اُھا سموري ذميداري ٻين جي
ڪُلھن تي وجھي ڇڏي ٿو ۽ پاڻُ کي بلڪل معصوم ۽
بيگناھ ڄاڻائي ٿو. پر آئون سپاھي آھيان ۽ مونکي
پنھنجا فرض نڀائڻ ۽ وفاداريءَ تي گھڻو فخر آھي.
ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران حُڪمن جي ڀڃڪڙي يا بھانن
تي، پوءِ ڀلي اُنھن جو تعلق جيل اختيارين سان ھو
يا وري پوليس يا فوج سان، مون ڪڏھن به اھڙي
ماڻھوءَ جي ڪَنُ مَھٽُ ۾ ھٻڪ نه ڀانئي، پر ڀُٽي
صاحب يا سندس گھراڻي جي ھر ماڻھوءَ سان منھنجو
ورتاءُ سدائين دوستاڻو ۽ ھمدرديءَ وارو رھيو. مون
جيل ۾ ڀُٽي صاحب جي ايتري عزت ڪئي، جيتري ملڪ جي
اڳواڻ ھوندي آئون ھُن جي ڪيان ھا. پر ڀُٽي صاحب جي
قيد دؤران آئون خاص نظم ۽ ضابطي پٽاندر پنھنجا فرض
نڀائڻ جو پابند ھوس. اصل ۾ اھو ئي سبب آھي، جو
ڀُٽي صاحب مونکي گھڻو پسند ڪيو ۽ جڏھن به آئون ھُن
وٽ سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويس، ته ھُن اڱڻ ۾ ڪُرسيءَ تي
ويٺل ھوندي ھر ڀيري اُٿي مون سان ھٿُ ملايو ۽
جيڪڏھن پاڻُ ڪوٺيءَ ۾ ليٽيل ھوندو ھو، تڏھن به مون
سان اُٿي ملندو ھو. مون ھر ڀيري ڪوشش ڪئي، ته ھُن
جي اُٿڻ کان اڳ ۾ ئي آئون کيس روڪي سگھان، پر ھُن
مونکي گھڻي عزت ڏني. ھُن مون سان گھڻي پنھنجائپ ۽
وڻندڙ ڍنگ سان مختلف مامرن تي ڪچھري ڪئي. مونکي
اُھو سوچي اچرج ٿيندو ھو، ته ھُو مون تي نيٺ ايڏو
مھربان ڇو آھي. ھُن مون سان ڪڏھن ذڪر ته نه ڪيو،
پر پنھنجي قيد دؤران بيگم نصرت ڀُٽو ۽ محترمه
بينظير ڀٽو سان ھُن منھنجي سُٺي ورتاءُ جو ذڪر
ضرور ڪيو ھوندو. شايد اھو ئي سبب ھو، جو 3 اپريل
1979ع تي ھُنن ڀُٽي صاحب سان پڇاڙڪي ملاقات کان
ھڪدم پوءِ مون سان ملڻ گھُريو، ۽ مون کي بيگم
نُصرت ڀُٽو پنھنجي پڇاڙڪي اپيل ڪرڻ لاءِ چيف مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر ضياءَالحق سان ملائڻ لاءِ چيو ھو.
انھيءَ ڏس ۾ وڌيڪ اُپٽار جي گھُرج نه آھي. ھن ڪتاب
کي پڙھڻ کان پوءِ ھر ماڻھوءَ کي ڀُٽي صاحب جي قيد
دؤران منھنجي ورتاءُ بابت پاڻمرادو اندازو ٿي
ويندو.
پڃري ۾ شينهن
19 مئي 1978ع تي شام ڇھين وڳي ڌاري آئون سيڪيورٽي وارڊ ۾
انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ويس، تنھن وقت اسسٽنٽ
سپرنٽينڊنٽ عمر دراز ڊيوٽيءَ تي موجود ھو ۽ مون
سان گڏ ھو. ھُن ڪنڊيدار تارن ۾ پھرين دروازي ۾ لڳل
تالو کوليو ۽ اسان جي اندر گھِڙڻ کان پوءِ وري
دروازي کي تالو لڳايو. اھڙيءَ طرح ھُن سيڪيورٽي
وارڊ جي اڱڻ جي دروازي تي لڳل تالو کوليو ۽ اسان
جي گھِڙڻ کان پوءِ اُن کي ٻيھر تالو لڳايو. اڱڻ
کان دالان ۾ گھِڙڻ لاءِ به تالو کوليو ويو ۽ آئون
وارڊ ۾ داخل ٿيس، ۽ عمر دراز اُتي وارڊرن سان گڏ
اڱڻ ۾ اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.
سڀ کان پھرين آئون کاٻي ڪمري ۾ ويس، جنھن ۾ گارڊ رھندا ھئا. اھو
ڪمرو تنھن وقت خالي پيل ھو. اُتان آئون سامھون
واري ڪمري يعني رڌڻي ۾ ويس، جنھن ۾ سمورا ٿانوَ
وغيره ڏٺم. فِرج کولي سمورا شربت ۽ ٻيون کائڻ جون
شيون ڏٺم. اُن ڪوٺيءَ ۾ مونکي چار منٽ مس لڳا
ھوندا. اُتان نڪري اُن لڳولڳ ڪوٺيءَ ۾ ويس، جنھن ۾
گارڊ ڪمانڊر رھندو ھو. اندر جھاتي پائڻ کان پوءِ
آئون اڳتي ڪاڪُوس واري ڪوٺيءَ طرف ويس، ته جيئن
اُتي صفائيءَ کي ڏسي سگھان، ته منھنجي نظر اوچتو
ڀُٽي صاحب تي پيئي، جيڪو ھڪ دفتري ڪُرسيءَ تي
پنھنجي ڪوٺيءَ جي دروازي جي لوھي سِيخن پويان ويٺل
ھو. ھُو بلڪل ماٺ، بيوس، ۽ ڏکارو پئي لڳو. اھو
ھيانءُ ڏاريندڙ ۽ ڳوڙھا ڳاڙيندڙ ڏيکُ ھو. ھُن شايد
مونکي ڌيان سان ڏٺو پئي. ھُن جي اُن لاچاري ۽
بيوسي ڏسي مونکي پڃري ۾ شينھن جي يادگيري آئي. اصل
۾ مون لاءِ ايترو ويجھي کان اُن شينھن کي ڏسڻ جي
ھمت نه ٿي ۽ آئون اکيون ڇينڀڻ يا سلام چوڻ بنا مٿي
ڏسندو، آھستي آھستي ايئن واپس موٽيس، ڄڻ مون ھُن
کي ڏٺو ئي نه ھُجي ۽ خاموشيءَ سان دالان کان ٻاھر
اچي پھتس.
جڏھن آئون سيڪيورٽي وارڊ کان ٻاھر آيس، ته مون پنھنجي پاڻُ کي
چيو، ته تون ڀُٽي صاحب کي سلام ڇو نه ڪيو؟ شايد
مون ۾ ھُن کي ايترو ويجھڙائپ کان اُن حالت ۾ ڏسڻ
جي ھمت نه ھئي. آئون ايئن لوھ جي سِيخن پويان
بيوسيءَ ۾ ويٺل ھُن جي اُن انداز کي ڪڏھن به نه
وساري سگھندس. اُن ڏينھن گھر موٽڻ تي مون
گھرواريءَ کي سڄو قصو ٻُڌايو. ھُن ڀُٽي صاحب کي
”السلام عليڪم” نه چوڻ تي گھڻو ڏُک ڪيو. منھنجي
ٻاھر اچڻ جي ڪجھ گھڙين کان پوءِ ڀُٽي صاحب ھيڊ
وارڊر کي اندر گھُرايو، ۽ پُڇيائين: ھي شخص جيڪو
ڪجھ گھڙيون اڳ اندر آيو ھو، سو ڪير ھو؟ مون
جيتوڻيڪ جيل عملدارن کي ٻُڌايو ھو، ته اُھي مونکي
جيل جو چيف سيڪيورٽي سپرنٽينڊنٽ ئي سڏيندا، پر ھُن
اُٽلندو ٻُڌايو: سائين اُھو جيل جو ڊاڪٽر ھو. اُن
تي ڀُٽو صاحب مٿس ڪاوڙيو ۽ چيائين: توکي ته ڪُوڙ
ڳالھائڻ به نٿو اچي. ھُن اٽڪل اڌ ڪلاڪ کان پوءِ
ڊيوٽيءَ تي موجود جيل اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ کي
گھُرايو ۽ ساڳيو سوال کانئس به پُڇيائين. ھُو جيئن
ته اُھا ڳالھ اڳ ۾ ٻُڌي چڪو ھو، تنھنڪري ھُن به
اھو ساڳيو جواب ڏنو. جڏھن آخري روشنيءَ جو وقت
آيو، ته ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ سيڪيورٽي وارڊ ۾ ويو،
ته جيئن لڳل تالن جي پڙتال ڪري. ڀُٽي صاحب ھُن کي
اندر گھُرايو ۽ کانئس پُڇيائين: جيل جو ڊاڪٽر ڪھڙي
قابليت جو مالڪ آھي. 18 مئي يعني ھڪ ڏينھن اڳ جيل
ڊاڪٽر کي سيڪيورٽي وارڊ ۾ ڀُٽي صاحب کي تپاسڻ لاءِ
موڪليو ويو ھو، پر ھُن تپاس ڪرائڻ بغير ڊاڪٽر کي
موٽائي ڇڏيو ھو. ڊپٽيءَ، ڀُٽي صاحب کي ٻُڌايو: جيل
جو ڊاڪٽر تجربيڪار ۽ قابل ماڻھو آھي. پوءِ ڀُٽي
صاحب وڌيڪ پُڇيو: ھن جيل ۾ ڪيترا ڊاڪٽر آھن.
ڊپٽيءَ وراڻيو: سائين، رُڳو ھڪ ڊاڪٽر آھي. ڀُٽي
صاحب ھُن کان وڌيڪ پُڇيو: اھو ماڻھو جيڪو اٽڪل اڌ
ڪلاڪ اڳ ھتي آيو ھو، سو ڪير ھو؟ جيئن ته ڪُوڙ جي
پاڙُ نٿي ٿئي، تنھنڪري ڊپٽي ھڪدم وراڻيو: سائين،
ھُو ميل نرسنگ آھي، جنھن کي اسان ڊاڪٽر ئي سڏيون
ٿا. اُن جواب تي ڀُٽو صاحب، ڊپٽيءَ تي مڇرجي پيو ۽
کيس چيائين: مون سان دوکو نه ڪر. ھُو فوجي عملدار
ئي ھو.
بيگم نصرت ڀُٽو جي پهرين ملاقات
21 مئي 1978ع تي صبح جو بيگم نُصرت ڀُٽو کي ڀُٽي صاحب سان جيل ۾
ملاقات لاءِ پي آءِ اي ذريعي ھڪ سپرنٽينڊنٽ پوليس
سان گڏ ڪراچيءَ کان راولپنڊي آندو ويو. پوليس ڪار
ھُن کي ايئرپورٽ کان جيل تائين کڻي آئي. اُن
ملاقات جي خبر اخبارن ۾ به ڇپجي چُڪي ھئي، تنھنڪري
جيل ٻاھران اُن ڏينھن چڱو ميڙاڪو مَتل ھو. ڪار کي
جيل ۾ ورانڊي ۾ بيھاريو ويو. بيگم نُصرت ڀُٽو گاڏي
بيھڻ کان ھڪدم پوءِ پنھنجي ٻَٽُونءَ مان پرفيوم جي
ھڪ بوتل ڪڍيا ۽ اُن سان پنھنجي پاڻُ تي ڦوھارو
ڪيائين، جنھن جي سُرھاڻ سان ورانڊو ھڪدم مھڪي پيو.
ھوءَ ڪار مان ڏاڍي شانَ سان ٻاھر نڪتي. ھُن کي اُن
ڏينھن سُٺي وڳي پائڻ سميت ڀلوڙ ميڪ اپ به ڪيل ھو.
ھُن کي جيل سپرنٽينڊنٽ، جيڪو ورانڊي ۾ سندس
آڌرڀاءُ لاءِ بيٺل ھو، سِڌو سيڪيورٽي وارڊ ڏانھن
وٺي روانو ٿيو. اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عمر دراز ۽ آئون
به ڪجھ فاصلي تي سندن پويان روانا ٿياسين. بيگم
نُصرت ڀُٽو جيئن سيڪيورٽي وارڊ جي دالان واري
دروازي تي پھتي، ته ھُن سپاھيءَ لاءِ لڳل الارم جي
سوئچ کي لامارو ڏيئي دٻايائين، جنھن سان سيڪيورٽي
وارڊ ۾ الارم وڄڻ لڳو. سمورا گارڊ اڳواٽ ئي ڦُڙت
بيٺل ھئا، ۽ بيگم ڀُٽو سان گڏ سڄي جماعت کي ايندي
پئي ڏٺائون، سو ھنن کي روڪ جو اشارو ڏنو ويو. ھاڻي
بيگم نُصرت ڀُٽو به سمجھي وئي، ته اُھو بٽڻ عام
گھِنٽي نه آھي، پوءِ چوڌري يارمحمد به ڌيرج سان
ھُن کي ٻُڌايو، ته اُھو بٽڻ ھرگز نه دٻايو، ڇوته
اُھو سپاھين لاءِ آھي. دالان کان ٻاھرئين تالي کي
به کوليو ويو ۽ اندرئين سپاھي کي ٻاھر وڃڻ جو
اشارو ٿيو ۽ نُصرت ڀُٽو کي ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ ۾
موڪليو ويو.
بيگم نُصرت ڀُٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڊاڪٽر نيازيءَ جي ملاقات
وقت اسپيشل پوليس جو ھڪ انسپيڪٽر انھن جي ملاقات
جي نگرانيءَ لاءِ جيل ايندو ھو. مارشل لا اختيارين
ھُن کي دالان ۾، ڀُٽي صاحب جي ڪوٺيءَ جي دروازي
ڀرسان ويھڻ جي اجازت ڏني ھئي. ھُو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ
سان گڏ اُتي ويھي رھيو. اندازو اِھو ھو، ته ملاقات
شايد ڪلاڪ کن ھلندي، پر بيگم نُصرت ڀُٽو صبح نَو
لڳي پنجٽيھن منٽن کان وٺي ٻارھن لڳي پنجٽيھن منٽن
ٻنپھرن تائين يعني ٽي ڪلاڪ ڪوٺيءَ ۾ رھي. پھرين
ملاقات ايتري ڊگھي ٿيڻ سبب مارشل لا اختياريون
پُڇڻ لڳيون. جنھن تي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي چيو ويو،
ھُو کين يادگيري ڏياري.
ملاقات کان پوءِ جڏھن بيگم نُصرت ڀُٽو جيل کان رواني ٿي ويئي،
تڏھن ڊپٽي ٻُڌايو، ته ھُن پڇاڙڪن چاليھن منٽن ۾
کين ڪجھ ڀيرا يادگيري ڏياري ھئي، پر جيئن ته بيگم
نُصرت ڀُٽو پنھنجي تياريءَ ۾ گھڻو وقت ورتو ھو،
تنھنڪري ايتري دير ٿي ويئي. پوءِ واري ملاقاتن ۾
به بيگم نُصرت ڀُٽو سدائين يادگيريءَ کان پوءِ به
ڪجھ وقت ضرور وٺندي ھئي. |