سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:8 

سفارش جو مطالعو ڪندو، ته اهو معلوم ٿيندو ته بار بار تڪرار سان تعلق رکندڙ ڌرين، يعني پاڪستان ۽ ڀارت کي ” گفت و شنيد “ جي طريقي اختيار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي  آهي. ڊاڪٽر فرئنڪ گرهام جي ۽ ٻين انهن جي، جن جو ڪشمير  جي مسئلي سان واسطو رهيو آهي، اهائي سفارش هئي. اچو ته انهن اتنهائي بدنام مغربي جمهوريتن کي، جن هميشه سلامتي ڪائونسل ۾ اسان جي مڪمل حمايت پئي ڪئي آهي، هڪ پاسي رکون. اچو ته انهن کي هڪ گهڙيءَ لاءِ پاسيرو ڪري رکون. روس به پاڪستان ۽ ڀارت کي هيءَ مشورو ڏنو آهي، ته ڪشمير جي مسئلي کي ڳالهين وسيلي طيءَ ڪرڻ جو طريقو بهترين آهي، ته ڪشمير جي طرفين ڳالهين جو مشورو نه رڳو روس ڏنو آهي، بلڪ ٻين سڀني مکيه ڪميونسٽ ملڪن به غير جانبدار ملڪن به اهڙائي مشورا ڏنا آهن، ڪشمير بابت پڇاڙيءَ واري سلامتي ڪائونسل جي ميٽنگ کان ڪجهه  عرصو اڳ، جڏهن مان قاهره ويس، ته صدر جمال ناصر به مون کي چيو، ته ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻ جو بهترين طريقو اهوئي ٿيندو، ته اول ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ طرفي ڳالهه ٻولهه جا سمورا امڪان هلائي، پورا ڪجن. ساڳيو مشورو گهانا ۽ آئرلينڊ ۽ اقوام متحده جي ٻين ڪيترن ميمبرن به ڏنو.

انهيءَ ڪري، ڀارت سان سڌيءَ طرح ڳالهين هلائڻ سان اسين ڪنهن به طرح اقوام متحده ۾ پنهنجيءَ پوزيشن کي خطري ۾ نه وجهي رهيا آهيون، اسين اقوام متحده ۾ ڪنهن نموني پنهنجي اصول تان هٽي نه رهيا آهيون؛ نه وري اسين هن عالمي عدالت ۾ پنهنجي اصول تان هٽي  رهيا آهيون؛ نه وري اسين هن عالمي عدالت ۾ پنهنجيءَ پوزيشن کي ڪو نقصان يا ضرر پهچائي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن به وقت ڳالهيون بيسود ثابت ٿيون ،ته اسين اقوام متحده ڏانهن وڃڻ لاءِ آزاد هونداسين، ۽ انهيءَ جماعت ڏانهن مضبوط هٿن سان وينداسين. اسين پوءِ اقوام متحده  کي چئي سگهنداسين، ته اسان پڌرنامي جي ٽيٽيهين آرٽيڪل جي شرطن  جي پوئواري کان به ڪجهه وڌيڪ ڪيو آهي. مان وري به چوان ٿو ته موجوده حالتون اقوام متحده ۾ اسان جي پوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ بجا مضبوط  ڪن ٿيون

مان اقوام متحده جو هميشه پڪو معتقد رهيو آهيان، ۽ منهنجو اڃان به اهو ايمان آهي، ته اهو ادارو دنيا جي امن لاءِ هڪ اهم ۽ قطعي ڪردار ادا ڪرڻ جو هڪ وسيلو آهي. خاص طور اسان ننڍن ملڪن جي باشندن کي اقوام متحده جا هٿ مضبوط ڪرڻ کپن. پاڪستان جي پاليسي هميشه اها پئي رهي آهي، ته اقوام متحده جي سڀني فيصلن جي پوري حمايت ڪجي، ۽ اقوام متحده ۽ ان جي سڀني ذريعن کي طاقتور بنايو وڃي. پر ڪشمير جي معاملي ۾ اقوام متحده ڏانهن اسان جي رجوع ٿيڻ تي اختلاف آهي، اسين جڏهن به اقوام متحده ڏانهن وڃون ٿا. ته تر شروئي جو مظاهرو ٿئي ٿو. اسان کان پڇيو وڃي ٿو؛ اقوام متحده ڇا ڪندي؟ اقوام متحده ڇاڪيو آهي، ان ۾ ڀروسو ڇو ٿو رکيو وڃي اوهين هن مسئلي کي اقوام متحده ڏانهن رجوع ڪري، ڪيستائين التوا ۾ رکندا؟ اهڙيءَ طرح، جڏهن حڪومت اقوام متحده ۾ هن مسئلي تي تيزي ڏيکاري ٿي، ته ملڪ ۾ مايوسيءَ جو احساس پيد ٿئي ٿو. ماڻهو سمجهن ٿا، ته اقوام متحده وڏين طاقتن جي دٻاءِ هيٺ آهي، ۽ ويٽو جي استعمال ڪري ان مان ڪو به  فائديمند نتيجو ڪونه نڪرندو. اها آهي  صورتحال، جڏهن اسين اقوام متحده ڏانهن رجوع ٿيون ٿا.

جڏهن اسين هڪ طرفين ڳالهين لاءِ راضي ٿيون ٿا، تڏهن وري زور آوريءَ سان اسان کي ائين چيو وڃي ٿو، ته جنهن صورت ۾ هي معاملو اقوام متحده ۾ اسان جي پوزيشن خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. پوءِ حڪومت ڀلا ڇا ڪري؟ مان گذارش ڪرڻ چاهيندس، ته جڏهن اقوام متحده ۾ بحث ڪرڻ بعد ويٽو استعمال ٿئي ٿو، ته ان جو انجام لازما ڌرين درميان مذاڪرات جو ٿيڻو آهي، جڏهن ڌرين ۾ اختلاف راءِ آهي، ته ويٽو سڌين ڪوششن جي آڏو اچي ٿو. ڪي ملڪ ڀارت جي حمايت ڪن ٿا ته ڪي پاڪستان جي. اهڙيءَ حالت ۾ هر ڪا پيش ڪيل رٿ ويٽو جي ماتحت آهي. جيڪڏهن ويٽو و ساطت يا ثالثيءَ کي خارج ڪري ڇڏي، ته اسان لاءِ هڪطرفين ڳالهين جي طريقي  کي توڙ تائين پهچائڻ کان سواءِ ڪو به رستو نٿو رهي،

 اسان جو ڌيان ڀارت ۽ پاڪستان جي باري ۾ اقوام متحده جي ڪميشن جي ٻن ٺهرائن ، 13- آگسٽ 1948ع ۽ 5- جنوري 1949ع وارن ڏانهن ڇڪايو ويو آهي. اهي ٺهراءَ موجود آهن. انهن جو مقصد فوجن کي هٽائڻ بعد راءِ شماري ڪرائڻ جو آهي. ڪيترن ئي سالن تائين اسان انهن ٺهرائن جي عمل هيٺ اچڻ جي سوال تي بحث ڪيو آهي، جڏهن به انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪا رٿ ڏجي ٿي، ته انهيءَ تي ويٽو استعمال ٿئي ٿو.

جيتوڻيڪ تڪرار جي ڪنهن حد تي ۽ ڪنهن دور ۾سڌيءَ طرح ڳالهيون هلائڻ ئي هڪڙو موزون طريقو آهي، پر اسين ڏسون ٿا، ته اهو مشڪوڪ بنجي پيو آهي، ۽ ان کي خطرناڪ سمجهو وڃي ٿو. ڳالهين هلائڻ لاءِ اسان جي رضا منديءَ ۾ ڪهڙي شيءَ سچ پچ غير رواجي آهي؟ اقوام متحده توڙي ٻين انيڪ ميدانن جي باوجود، جتي مختلف ملڪن لاءِ گڏجڻ جا موقعا آهن، آمريڪا ۽ روس  به ڪيترن ئي اهم موقعن تي سڌي طرح ڳالهيون هلايون آهن، ۽ انهن مان بنهه تازو موقعو اهو هو. جڏهن آمريڪي صدر ڪئنڊي، پنهنجي صدر چونڊجڻ بعد، روسي وزير اعظم خروشيف  سان وائنا ۾ مليو هو. ڪنهن کي اميد ڪانه هئي، ته ڪو انهن جي ذريعي دنيا جا سڀئي مسئلا حل ڪيا ويندا، هٿياربنديءَ ته مڪمل ۽ عام بندش وڌي ويندي، برلن جو سوال فيصل ٿيندو، ۽ روس ۽ آمريڪا جي دائمي دوستيءَ جو آغاز ٿيندو. ڪنهن کي به اهڙن نتيجن جي اميد ڪانه هئي، پر تنهن هوندي به حڪومتن جا ٻه سربراهه پاڻ ۾ گڏجڻ کان محروم نه رهيا.

ڪنهن به ذميدار حڪومت طرفان ٻين ملڪن سان پنهنجن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش کي روڪڻ نه کپي. ڳالهين ڪرڻ سان ڪنهن کي به ڪو نقصان نٿو رسي. اڄ غير قانوني نموني سڌي قدم کڻڻ سان اسانجن شهرن. اسان جي گهرن ۽ مسجدن جي مڪمل تباهيءَ جو انديشو آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ کي خطري ۾ وجهڻ نه گهرجي. منهنجو پاڪستان جي باشندن ۾ اعتماد آهي، ۽ مون کي معلوم آهي ، ته هو عظيم همت ۽ عظيم قربانين جا اهل آهن. پر ايندڙ نسلن طرفان اسان  تي هي اهڙي قسم جي قدم کڻڻ لاءِ گهليو، جيڪو شايد ڪو چنگيز خان ئي کڻي ها. غير قانوني قدم کڻڻ جو اهو ئي نتيجو نڪرندو.

ائين به چيو ويو آهي، ته ڳاليهين هلائڻ لاءِ ڪي اوائلي شرط هجن ها. اوائلي شرط ڇو هجن. اسان جو معاملو سڄيءَ دنيا کي معلوم آهي. ۽ پاڪستان جي هر گهر، هر ڳوٺ ۽ هر شهر کي معلوم آهي. اسان ان کي بار بار ۽ سنجيدگيءَ سان بيان ڪيو آهي. ٻيءَ ڌر کي به اسان جو معاملو اهڙيءَ ئي ريت معلوم آهي. جهڙي ريت هنن جو معاملو اسان کي معلوم آهي. اسين ساريءَ دنيا کي پنهنجو مسئلو ٻڌائي ۽ سمجهائي، پوءِ دوبدو ڳالهين ۾ شريڪ ٿيون ٿا. تڪرار جي معنيٰ ڇا آهي،؟ تڪرار جي وصف ڇا آهي؟ تڪرار ۾ آمهان سامهان مطالبا هوندا آهن. اوهين جيڪڏهن ڪنهن تڪرار جي فيصلي لاءِ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيو، ته اوهان کي معلوم آهي. اهڙيءَ طرح، ڌرين کي معلوم هوندو آهي، ته ڳالهين جو مضمون ڪهڙو آهي؟ انهيءِ ڪري اوائلي شرطن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

گڏيل پڌرائي جي باري ۾ آئون وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه چوندس. اسين هڪ دشوار ۽ خطرناڪ دور مان گذري رهيا آهيون. ايندڙ نازڪ دور ۾ اسان کي هڪ يڪي آواز سان ڳالهائڻ گهرجي. اسان جي ڪوشش خير خواهي ۽ مفاهمت واري اهڙي ماحول کي پيدا ڪرڻ لاءِ هجڻ کپي، جيڪو فيصلي لاءِ مفيد ثابت ٿئي. اسين شروعات ۾ وزارتي سطح تي گفت و شنيد جو ڪهڙو مطلب آهي؟ جيڪڏهن اسان کي معلوم ٿي وڃي، ته ٻيءَ ڌر ۾ خير خواهيءَ جو جذبو عدم موجود آهي، ۽ انکي ايمانداريءَ سان مسئلي طيءَ ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونهي، ته پوءِ منهنجي خيال ۾، چوٽيءَ جي ڪانفرنس جي ڪابه ضرورت ڪانه رهندي. انهيءَ وچ ۾ اسان کي اکيو ن کليل رکڻيون پونديون، ۽ اسان کي سڀني اتفاقن لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

ماضيءَ ۾ جيتوڻيڪ حالتون اسان لاءِ ناسازگار رهيون آهن، ۽ ڀارت جو ملڪ اسان کان وڏو ۽ ان جا وسيلا  اسان کان وڌيڪ آهن، پر تنهن هوندي به اسين ڏيکاري چڪا آهيون ، ته اسين انهن مڙني حالتن کي منهن ڏيڻ جي اهيلت ۽ همت رکون ٿا. جيڪي اسان جي قومي زندگي ۽ ملڪي سلامتي ءِ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن مان چوان ٿو، ته اسان کي احتياط ڪرڻ گهرجي، ته منهنجو مطلب پاڪستان جي هر هڪ حصي لاءِ احتياط آهي، اوڀر پاڪستان جي سرحد به اسان لاءِ اهڙي ئي مقدس آهي، جهڙي اولهه پاڪستان جي سرحد. پاڪستان جو صحيح معنيٰ ۾ دفاع تيستائين نه ٿي سگهندو جيستائين اوڀر پاڪستان جي سرحدن جو موزون بچاءُ نه ڪيو ويو آهي. هڪ خيال کان، اوڀر پاڪستان جو دفاع اولهه پاڪستان جي دفاع کان وڌيڪ اهم آهي. اوڀر پاڪستان جي دفاعي فوجن کي، خاص طور موجوده حالتن جي روشنيءَ ۾ وڌائڻو ۽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. مان ايوان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته اوڀر پاڪستان جي مسئلن ۽ ان جي دفاعي ضرورتن کي جديد انداز سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.

ايوان توڙي عوام کي، دفاعي معاهدن ۾ اسان جي شراڪت بنسبت جيڪامايوسي ٿي آهي، تنهن کي حڪومت بخوبي محسوس ڪري ٿي.اسان سمجهيو هو ته معاهدا ڪار آمد ثابت ٿيندا. پر بين الاقوامي سياست جي ناساز گار ماحول ۾، اسين ڪوبه مڪمل نموني جو موزون اتحادي معاهدو نٿا لهي سگهون ۽ نه وري باهمي لاڳاپن جي ڪا اهڙي صورت اسان کي نظر ايندي، جيڪا فقط اسان جي ئي نقطه نظر سان موافقت رکندي هجي. اهڙي قسم جي اميد، حقيقت کان عاري هوندي. تنهن هوندي به، مان تسليم ڪريان ٿو، ته اسين انهن دفاعي معاهدن جي ميمبرن وٽان اڌوري ۽ بيدليءَ سان مليل مدد جي ڪري مايوس ٿيا آهيون، جن سان اسين شامل آهيون، ۽ جن وٽان اسان کي پنهنجيءَ مشڪلات ۾ ڪافي مدد ملڻ جي اميد هئي.

مون کي هيءَ ڳالهه ضرورو ٻڌائڻي آهي، ته جنهن به وقت پاڪستان جا مفاد تقاضا ڪندا، اسين انهن معاهدن مان نڪرڻ ۽ هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه هٻڪنداسين اسين انهن معاهدن ۾ پاڪستان ۽ ان جي باشندن جي مفاد خاطر شامل ٿيا هئاسين، جيڪڏهن انهن مفادن جي حوصله افزائي نه ڪئي ويئي، جيڪڏهن معاهدا انهن جو بچاءِ نه ڪري سگهيا، ته پوءِ اسين انهن کان لاتعلق ٿي وينداسين ۽ اها پاليسيءَ اختيار ڪنداسي، جيڪا پاڪستان جي باشندن جي عظيم ترين مفادن ۽ ان جي سالميت جو بچاءِ ڪندي هن بحث دوران معاهدن تي جيڪا تنقيد ڪئي ويئي آهي، سا مون کي سقراط جي انهيءَ جواب جي يادگيري ڏياري ٿي جيڪو هن پنهنجي هڪ شاگرد کي ڏنو هو، جڏهن هن کيس ٻڌايو هو، ته ڪو شخص  سندس باري ۾ بد ڪلامي ڪري رهيو آهي سقرات جواب ڏنو ته هو ان ڳالهه تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهي، ۽ چيو هئائين؛ ايئن  ناممڪن  آهي. جنهن شخص جو نالو تون وٺي رهيون آهين، سو مون لاءِ بدڪلامي ڪندو. مون هن ته ڪوبه احسان ڪونه ڪيو آهي. آئون هن سان ڪڏهن به مهرباني ءَ سان پيش نه آيو آهيان. پوءِ هو ڇو مون مان عيب ڪڍندو؟ ” معاهدا پنهنجي جاءِ تي آهن. اسين انهن تي تنقيد ڪري رهيا آهيون.

حقيقت هيءَ آهي، ته دفاعي لحاظ کان اهي معاهدا اسان لاءِ بلڪل بيڪار نه آهن، وڏن منصوبن جي سلسلي ۾ انهن پنهنجو مقصد پورو ڪيو آهي. موجوده صورتحال ۾ ، ۽ حالتن جي موجوده نتيجي ۾، مان پاڪستان جي باشندن ۽ انهن جي اڳواڻن کي ٻڌائڻ چاهيندس، ته اسين – علحدگيءَ جي غنودگيءَ ۾ رهڻ جي پاڻ کي اجازت نٿا ڏيئي سگهون. اهو اهڙيءَ علحدگيءَ جو نتيجو هو، جو اسين اڳرائيءَ جو شڪار ٿيا هئاسين. اڳرائي جي ڪري ئي اسان کان جونا ڳڙهه ماناوادر ۽ ڪشمير کسيا ويا.

مان ڪنهن به شڪ شبهي کان سواءِ واضح ڪرڻ چاهيندس، ته اسان جا عوامي چين سان دوستاڻا ناتا آهن، ۽ انهن ناتن کي اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ خودمختيار عمل آهن، ۽ ڪنهن به نقطه نگاهه کان اهو عمل عارضي نه آهي؛ ايوان جي اڳيان اهو بلڪل واضح ڪيو ويو آهي. اسين ڏسنداسين ته جيئن جيئن حالتون پڌريون ٿينديون وينديون. چيني حڪومت تي اسين پنهنجو نقطه نظر ۽ پنهنجي پوزيشن. پاڪستان جي بهترين مفاد خاطر، اسين چين جي عظيم عوامي جمهوريت سان خير خواهيءَ جي جذبي، دوستيءَ ۽ دلي محبت کي قائم رکنداسين.

ساڳيءَ طرح، اسان جي اها به ڪوشش رهندي، ته روس سان اسان جا لاڳاپا خوشگوار رهن، موجوده حڪومت ۽ سابق حڪومت انهيءَ ملڪ سان تيل جو معاهدو ڪري، روس سان پنهنجن ناتن کي ڪنهن حد تائين معمول تي آندو. اسين ان سان اقتصادي ۽ ٻين ڪارآمد ميدانن ۾ وڌيڪ سهڪار جو خير مقدم ڪنداسين – اهو سهڪار، جو روس ۽ پاڪستان جي باهمي مفاد خاطر هجي.

آخر ۾ مان وري به چوندس، ته ايوان ۾ جيڪو بحث ٿيو آهي، ان مان حڪومت گهڻو پرايو آهي، اسان مختلف خيال رکندڙ ميمبرن طرفان ظاهر ڪيل نظرين کي زير غور آندو آهي. پنهنجيءَ پر ۾ جيتريقدر ممڪن ٿي سگهيو آهي، اسان کي سڀني حالتن جي باري ۾ پنهنجي اعتماد ۾ ورتو آهي.

مان ايوان جي مختلف گروهن جي جذبي جي يڪسوئيءَ جو اظهار ڪندس، جڏهن مان چوان ٿو، ته هن بحث جي، گرد ۽ غبار جي ٿمجڻ بعد اهو معلوم ٿيندو، ته اسين گهڻن ئي مسئلن تي متفق آهيون.

اسان جو ايمان آهي، ته ڀارت ۽ عوامي چين کي پنهنجو جهڳڙو پرامن طريقي سان حل ڪرڻ کپي، اهو ئي هڪڙو باعزت طريقو آهي، جنهن موجب هو ٺاهه تي اچي سگهن ٿا. چين جي وزيراعظم جي ڪيل آڇ ، ڀارت کي قبول ڪرڻ گهرجي. اسان جو ايمان آهي، ته پاڪستان جي چين سان دوستي اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ ترقي پزير عنصر آهي، جو  ٻئي ڪنهن به عنصر تي مدار نٿو رکي. اسان جو ايمان آهي ته روس ۽ ٻين ملڪن سان، خاص طرح اسلامي ملڪن، ۽ غيرجانبدار ملڪن سان اسان جا گهاٽا ناتا آهن، اسين ترڪيءَ ۽ ٻين انهن ملڪن جا احسان مند آهيون، جن موجوده چين- ڀارت تڪرار ۾ تعميري رويو اختيار ڪيو آهي. اسين محسوس ٿا ڪريون، ته مغربي طاقتن اسان کي مايوس ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت ڏانهن سندن هٿيارن جي ڀرمار اسان کي تمام فڪر مند ڪيو آهي. تنهن هوندي به، اسين کين يقين ٿا ڏياريون، ته ساڻن اسان جا تعلقات مستحڪم رهندا. بشرطي ڪ هو پاڪستان جي پوزيشن جو اندازو لڳائين، ۽ ان جي نظريي کي تسليم ڪن ته ڀارت جي امداد نيٺ سڄي برصغير لاءِ هڪ عظيم خطرو پيدا ڪندي.

آخر ۾، اسان جو ايمان آهي ته اسين ڪنهن به خساريءَ ۾ نه وينداسين جيڪڏهن اسين مستعديءَ سان ڀارت سان ڳالهين ۾ شريڪ ٿينداسين. اسان کي بهر حال تمام سجاڳ رهڻ گهرجي ، ۽ ماضي  ۾ جن دشوارين سان اسان جو واسطو پيو آهي، انهن کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. اچو ته هيءَ آخري ڪوشش ڪريون. انهيءَ مان ئي اسين اندازو لڳائي سگهنداسين، ته آيا واقعي ڀارت ۾ اسان لاءِ خير خواهيءَ جو جذبو ٿيو آهي، ۽ آيا حالتن ان کي اهو محسوس ڪرايو آهي، ته سٺا تعلقات ٻنهي ملڪن لاءِ تمام فائديمند آهن.

ڪنهن به طرح سان، ڀارت سان اسان جي ڳالهين هلائڻ ڪري، اقوام متحده ۾ اسان جو طرز عمل نڪي تعصب جي دائري ۾، نڪي نقصان هيٺ ايندو. منهنجي خيال ۾، انهيءَ سوال تي اسان ۾ اختلاف راءِ نٿو ٿي سگهي. هن فردن جي ذاتي رضا منديءَ جو سوال نه آهي، هي سوال اسان جي قوم جي مستقبل جو آهي.

پاڪستان کي هڪ عظيم هستيءَ وجود ۾ آندو. ان جي حفاظت لاءِ، جهڙيءَ طرح پاڪستانين جي قرباني عالم آشڪار آهي. اسين هر ڪا قرباني. ڏينداسين مان سڀني کي اپيل ٿو ڪريان، ته گڏيل آواز سان دنيا کي آگاهه ڪن، ته پاڪستان يڪمشت آهي، ۽ ڪنهن به اهم مسئلي تان دستبردار نه ٿيندو. مان واعدو ٿو ڪريان، ته اسين ڪشمير لاءِ پنهنجيءَ جدوجهد کي جاري رکنداسين، ۽ ڪڏهن به ان تان دستبردار نه ٿينداسين. اسان کي سڀني تڪرارن جو پرامن حل گهرجي، اسين انهيءَ اصول تي قائم رهنداسين.

 

 

[ 5 ]

پرڏيهي پاليسيءَ جو نئين سر جائزو – ڀارت لاءِ مغربي هٿيار – ڪشمير بابت ڀارت سان ڳالهيون – چين سان سرحدي ٺاهه

(17- جولاءِ 1963)

 

تمام ڏکيءَ ساعت ۾ جنم ورتل هن قوم. پنهنجن گذريل پندرهن سالن جي زندگيءَ ۾ گهڻيئي لاها چاڙها ڏٺا آهن، پر مان گذارش ڪريان ٿو ته جنهن نازڪ دور مان ا ها هاڻي لنگهي رهي آهي، سو شايد سنگين ترين آهي، بنسبت ان دور جي، جنهن جو هيل تائين ان مقابلو ڪيو آهي.

اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو نيئن سر تجزيو ۽ اندازو ڪيو پيو وڃي. انهيءَ جا سبب ملڪ جي سياسي زندگيءَ جون ڪي اندروني تبديليون ۽ ڪي ٻاهريون حالتون آهن،  جن کي وڏين طاقتن طرفان برصغير جي باري ۾ ڪيل ڪن اهم فيصلن وجود ۾ آندو آهي. گذريل سالن ۾ ڪي اهڙا موقعا آيا آهن، جڏهن اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ کي نئين سر مرتب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، جيئن سڀني کي ڄاڻ آهي، پاڪستان ۾ ڪي سياسي جماعتون ۽ سياسي مبصر ملڪ جي لاءِ اختيار ڪيل پرڏيهي پاليسيءَ سان موافق نه هئا. بهرحال، انهن موقعن تي حالتن جي مجبور ڪندڙ طاقت ، جنهن بابت مون ذڪر ڪيو آهي، عدم موجود هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاليسيءَ ۾ ڪابه تبديلي ظهور نه  آئي . اڄ اسين پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ نه رڳو مخالفن جي دليلن سان، جن کي اسان جي گذريل تجربن تقويت پهچائي آهي، منهن مقابل آهيون بلڪ گذريل چند مهينن ۾ پيش آيل واقعن جي تصادم جي ڪري به. اسين انهيءَ ڪري، بين الاقوامي معاملن ۾ پاڪستان جي بنيادي پوزيشن تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون.

جنهن نموني جي باريڪ چڪاس هن وقت اسين ڪري رهيا آهيون،

سا شايد قوميءَ زندگيءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏيندي، انهيءَ سبب ڪري، مان ايوان کي التجا ڪندس، ته پنهنجي  بحث کي اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي اهم مسئلن تائين محدود رکن، ۽ ان جي مختلف مسئلن جي تفصيلين ۾ نه وڃن، حڪومت في الحال انهن مسئلن جي تحقيقات ڪري، دوباره جائزو وٺي رهي آهي. گذريل نومبر ۾ اسان هن ايوان ۾ پرڏيهي معاملن تي طويل ۽ مفصل بحث ڪيو هو، ۽ انهن جي هر پهلوءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويئي آهي. ڊاڪا واري اجلاس ۾ ايوان کي پرڏيهي معاملن ۾ بحث ڪرڻ جو اڃا به هڪ ٻيو موقعو مليو هو. موجوده صورتحال. گذريل آڪٽوبر واري نازڪ دور  جو فقط هڪ سلسلو آهي. ان بعد جيڪي واقعا ظهور ۾ آيا آهن. سي برصغير ۾ چين – ڀارت جهڳڙي جي ڪري نازڪ صورت پيدا ٿيڻ ۽ مغربي طاقتن طرفان ڀارت ڏانهن زبردست فوجي امداد موڪلڻ واري فيصلي جو هڪ منطقي نتيجو آهن. اهڙيءَ طرح جيڪا صورتحال اڄ اسان کي درپيش  آهي، سان بنيادي طرح ساڳي آهي، جيڪا اسان کي آڪٽوبر ۽ نومبر 1962ع ۾ پيش آئي هئي. ازانسواءِ . ان بعد جيڪي واقعا سامهون آيا آهن. ايوان انهن کان باخبر آهي.جيڪا ناگهاني صورت ان وقت موجود هئي، تنهن تي هڪ خفيه اجلاس ۾ بحث ڪيو ويو هو. ايوان کي پاڪستان جي صدر به ٻڌڻ جو موقعو مليو هو. انهيءَ ڪري، اسيمبليءَ جا ميمبر حڪومت جي خيالن کان ڪافي باخبر آهن، ۽ ساڳيءَ طرح حڪومت پڻ عوام جي خيالن کان آگاهه آهي اهو ڪو ضروري نه آهي، ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي فائدي يا مخالف ۾ جيڪي به دليل  آهن، تن  سڀني کي دهرايو وڃي.

جيئن مون پنهنجي تمهيدي تبصري ۾ چيو آهي. پاڪستان جي علاقائي تحفظ ۽ قومي سلامتيءَ کي موجوده خطرو ان جي زندگيءَ ۾ ڪو پهريون دفعو لاحق نه ٿيو آهي. جنهن وقت کان وٺي اسان جوملڪ وجود ۾ آيو آهي، ڀارت جي افسوسناڪ مخالفت سبب، اسان کي نازڪ مرحلن کي هڪٻئي پٺيان منهن ڏيڻو پيو آهي. در اصل ڀارت جي فوجي قوت ۾ مغربي طاقتن طرفان زبردست اضافي ڪرڻ سبب، صورتحال ويتر وڌيڪ پريشان ڪندڙ ۽ خطرناڪ بنجي ويئي آهي.هيءَ اضافو خاص طور آمريڪا ۽ برطانيا جي دستگيريءَ ذريعي عمل ۾ اچي رهيو آهي. جي ٻيئي اسان سان دفاعي معاهدن ۾ شريڪ آهن. هي هڪ نئون  عنصر آهي، جو صورتحال ۾ داخل ڪيو ويو  آهي، ۽ جو صورتحال کي ڀڙڪائي رهيو آهي.

گذريل پندرهن سالن جي عرصي ۾ ڀارت گهٽ ۾ گهٽ پنجن موقعن تي اڳرائي جو طريقو اختيار ڪيو آهي، دنيا جي تاريخ ۾ هي يقينا هڪ اهڙو مثال آهي، جنهن تي ڪوبه جارحيت پسند ملڪ رشڪ ڪري سگهي ٿو. انيڪ موقعن تي ڀارت جي وزير اعظم، سندس وزارتي ساٿين ، صوبائي حڪومتن جي وزيرن۽ ملڪ جي سياسي اڳواڻن ۾ پنهنجن بيانن ۾ پاڪستان کي ” ڀارت جو اول نمبر دشمن “ قرار ڏنو آهي. چين – ڀارت لڙائيءَ جي زماني ۾ به ڀارتي حڪومت جي آفيسرن ۽ ذميدار نمائندن طرفان هن عداوتي اعلان  کي بار بار دهرايو ويو آهي.

ڀارت طرفان پاڪستان جي باريءَ ۾ اهڙوئي رويو اختيار ڪيو ويو آهي.

بهرحال ڀارت جي امن پسند ارادن ۽ پاليسيءَ جي باوجود ، حقيقت ۾ ڀارت هڪ اڳرائي ڪندڙ ملڪ آهي، تنهنڪر ي ڀارت پاڻ کي تيزيءَ سان هٿياربند بنائي رهيو آهي، جيئن موجوده صورتحال مان ظاهر آهي، تڏهن اسين خاموش تماشائي بنجي نٿا سگهون. جيڪا صورتحال پيدا ڪئي ويئي آهي، سان سنگين آهي. اها اسان لاءِ اهڙي ته خطرناڪ آهي، جنهن جي مقابلي  لاءِ اسان کي سڀني ذريعن ۽ ساري طاقت جي ضرورت آهي.

هيءَ صورتحال اسان جي ايجاد ڪيل نه آهي. ان جي برعڪس، جن سببن جي ڪري هيءَ صورتحال پيدا ٿي آهي ، تن کي روڪڻ لاءِ اسان پنهنجيءَ طاقت آهر سڀ اپاءَ ورتا آهن. بهرحال، انهن کي روڪڻ اسان جي وس کان ٻاهر هو. چين – ڀارت جهڳڙي ۾ مشرق جا ٻه عظيم ملڪ ڳنڍيل آهن. انهن جي جڳهڙي کي ختم ڪرڻ ته پري رهيو. اسين انهن جي طريقه ڪار تي به اثر انداز ٿي نٿا سگهون،

اسان مغربي طاقتن کي بار بار ٻڌايو آهي، ته ڀارت جي فوجي طاقت ۾ اضافي جو مقصد خاص طور پاڪستان جي خلاف آهي، جنهن کي هڪ جدا گانه قوم جي حيثيت سان تسليم ڪرڻ ۾ ڀارت دراصل مطمئن نه آهي. هن حقيقت جي ثابتيءَ ۾ اسان  ڀارت جو ماضيءَ جو ڪردار هڪ اڳرائي ڪندڙ ملڪ جي حيثيت ۾  ذميدرا ڀارتي اڳواڻن جا بيان ، جن مان اسان جي ملڪ خلاف هنن جا جارحانه ارادا ظاهر هئا. حوالي طور پيش ڪيا آهن . اسان مغربي طاقتن جو ڌيان هن حقيقت ڏانهن ڇڪايو  آهي ته هن برصغير جي اٺن  صدين کان به وڌيڪ زماني جي تاريخ ٻن وڏين قومن درميان تصادم جي تاريخ آهي . اهو تصادم. جنهن بعضي لڙائي جي صورت به اختيار ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ به جاري رهيو آهي ڪشمير جي جهڳڙي انهي کي وڌايو آهي ۽ باهمي شڪن ۽ انديشن کي ڀڙڪا يو آهي، جنهن ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي ناتن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي آهي.

بدقسمتي سان اسين ۽ مغربي طاقتون مختلف بنيادي مفروضن تي هلي رهيا آهيون . هنن جو خيال آهي، ته ويهينءَ صدي ۾ ڀارت جهڙو ملڪ پاڪستان جي خلاف اڳرائي نٿو ڪري سگهي ، ۽ دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ اڳرائي جي ارادن کي روڪڻ ۽ جنگي ڇڪتاڻ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اقوام متحده موجود آهي.

مغربي طاقتون هيءَ دعوا به ڪن ٿيون ته اهي پاڻ به ڀارت  کي ڏنل هٿيارن جي استعمال تي ضابطو رکي سگهن ٿيون، جيئن اهي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿين، تنهن کانسواءِ هنن اسان کي خاطري ڏني آهي، ته جيڪڏهن ڀارت اسان جي خلاف اڳرائي شروع ڪئي، ته هو اسان جي واهر ۾ ايندا. هو سمجهن ٿا ته پاڪستان جي حڪومت توڙي عوام  کي پنهنجي ملڪ جي امن ۽ آزادي کي برقرار رکڻ لاءِ هن خاطريءَ تي مطمئين ٿيڻ گهرجي. اسان جو خيال مختلف آهي. اول ته تاريخ ۾ ان حقيقت تي بي انداز مواد موجود آهي ، ته ڪنهن به پيدا ڪيل صورتحال ۾ اهو ثابت ڪرڻ مشڪل آهي، ته اڳرائي ڪندڙ ڪير آهي؟ جديد هٿيار ڪتب آڻڻ ڪري، اهو ثابات ڪرڻ مشڪل ٿيندو ، اهو ثابت ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو، ته ڪهڙيءَ ڌر پهريون قدم کنيو ، جنهن تي ان کي اڳرائي ڪندڙ قرار ڏنو وڃي؛ ڪهڙيءَ ڌر پهرين گولي هلائي، ، ۽ آيا اها گولي اڳرائي طور هلائي ويئي يا پنهنجي بچاءَ ۾ ” اقوام متحده “ ، ۽ “ بين الاقوامي قانون ساز ڪميشن “ ۽ انهن کان اڳ ، ” ليگ آف نيشنس “ اڳرائي جي تشريح جي مسئلي تي غور ڪيو هو پر اڃا تائين ان جي تشريح نه ٿي سگهي آهي. هڪ خودمختيار حڪومت لاءِ ان کان وڌيڪ ڪابه اهم ڳالهه ڪانهيءِ ، ته عملي طور پنهنجي خلاف اڳرائي جو سدباب ڪري، ڇاڪاڻ ته گهرن ۽ شهرن جي تباهيءَ کان پوءِ ڪجهه به نه ڪري سگهبو، آمريڪا ۽ برطانيا وٽان ڀارت جي فوجي قوت کي وڌائڻ واري امداد هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي آهي، جنهن اسان جي ملڪي سلامتيءَ کي شديد ۽ مسلسل خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

تنهن کان سواءِ ڀارت انهيءَ حيثيت ۾ آهي ، ته پنهنجيءَ پيداوار کي وڪڻي ناڻو حاصل ڪري، ۽ انهي ناڻي مان ، آمريڪا ۽ برطانيا کان علاوه ، ٻين ملڪن مان به هٿيار خريد ڪري  پاڪستان لاءِ اهو به هڪ خطري جو سبب آهي. ان سان گڏ ڀارت وٽ هٿيارن لاءَ نه فقط پنهنجا ذريعا آهن بلڪ روس کان به ان کي ڪافي مقدار ۾ فوجي امداد ملي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اها هڪ سکڻي آٿت آهي، جڏهن چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان خلاف اڳرائي ڪئي، ته آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو، پر اڳرائي ٿيڻ کان پوءِ حياتين جي زيان ۽ ملڪيتن جي تباهيءَ بعد اها بي معنيٰ ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org