سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:2 

ڪشمير جو مسئلو طيءِ ٿيڻو آهي. دنيا کي ان باري ۾ حقيقت تي مبني رويو اختيار ڪرڻو پوندو. هاڻي هيءَ پاڪستان ۽ ڀارت تائين محدود نه رهيو آهي.ساڳئي نوعيت جي هجڻ ڪري ، انهيءِ جو اختتام ۾ به الجزائر ۾ عوام جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جهڙو ٿيندو. اهو هن برصغير جي پنجاهه ڪروڙ عوام کي لڙائيءِ ۾ گهلي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا خونريز لڙائي ڇڙي پيئي ، ته ان جي گونج چئني طرفن پکڙجي ويندي يا پاڪستان پنهنجي پر ۾ هميشه صبر کان ڪم پئي ورتوآهي، ۽ ائين ڪندو رهندو، پر اهڙو به وقت ته ايندو آهي جڏهن صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويندو آهي. مون کي ياد ته جڏهن پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ٿي رهي هئي، تڏهن ائين چيو ويندو هو ته اها جدوجهد ” هاڻي يا ”ڪڏهن به نه “ جي مثال جيان ٿيڻ کپي. ڪشمير جو مسئلو به هاڻي اهڙو اهم، ۽ نتيجن جي لحاظ کان اهڙو نازڪ ٿي چڪو آهي، جو ان لاءِ به اهڙو خيال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائم رهڻو آهي، ته ڪشمير جي آزادي لازمي آهي.

هن جلد ۾ جيڪي تقريرون درج ڪيل آهن، تن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءِ کي ان صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن صورت ۾ اها گذريل ٻن سالن دواران هلي رهي آهي. جيئن ته اهي تقريرون قومي اسيمبليءِ ۾ بحث دواران مختلف موقعن تي پيش ڪيل آهن، تنهنڪري انهن جو دائرو وسيع آهي. ڪن حالتن ۾ ، مڙني تقريرن جو بنيادي موضوع ساڳيو ئي آهي. اها ڳالهه اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءِ جون، قدرتي طور، ڪي مستقل صورتون آهن. پر ٿلهي ليکي هنن بيانن ۾ چار ڪنارا نظر ايندا، جهڙوڪ ڀارت سان تعلقات، ڪشمير جو سوال، مغربي طاقتن سان تعلقات، ۽ ڀارت کي مغربي ملڪن وٽان هٿيارن جي امداد. اهي ئي معاملا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءِ جا چار اهم ترين جزا جوڙين ٿا. ظاهر آهي ته اهي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ جيئن وقت گذرندو رهيو آهي، اهو ڳانڍاپو به وڌيڪ کان وڌيڪ واضح ٿيندو رهيو آهي.

جيئن ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءِ جو تعلق ٻين ملڪن سان به آهي، تنهنڪري ان جا مسئلا ٻين ملڪن لاءِ به اهميت وارا آهن. انهن مسئلن مان پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۽ دٻاءُ کي نه رڳو پاڪستان کي ئي برداشت ڪرڻو آهي، پر واسطيدار ملڪن کي به، انهيءِ ڪري هن ڳالهه ۾ انهن ملڪن جو مفاد به آهي، ته اهو انهن مسئلن جو پوريءِ طرح جائزو وٺن، ۽ انهن جا تڪڙا حل ڳولين. اها حقيقت آهي، ته پرڏيهي پاليسيءِ جا سوال گهڻو ڪري پرڪشش هوندا آهن، انهن جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ اتساهه جاڳندو آهي. پر انهيءِ يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري، دنيا انهن مسئلن کي زندهه رکڻ جي عياشي نٿي ڪري سگهي، جيڪي ننڍن توڙي وڏن ملڪن تي اقتصادي ٻوجهه بنيا بيٺا آهن، ۽ جن ۾ خوفناڪ لڙاين جا اسباب ڀريا پيا آهن. سياستدان پنهنجي سر انهيءِ اقتصادي ٻوجهه کان متاثر نٿا ٿين، پر انهن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته سندن عوام بريءِ طرح متاثر ٿئي ٿو، انهن کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته سندن عوام بريءِ طرح متاثر ٿئي ٿو، ۽ انهن کي اهڙي ٻوجهه کان کين آزاد ڪرائڻ گهرجي. سياستدان پنهنجي سر لڙائيءَ جي ڀوائتن نتيجن کي محسوس ڪن يا نه، پر انهن کي محسوس ڪرڻ گهرجي، ته سندن عوام لاءِ، مجموعي طرح انسان ذات لاءِ، اهي ڪيتريقدر نه برباديءِ جو باعث ٿيندا. عالمي معاملن جي ڀيٽ ۾، پاڪستان جا مسئلا لا شڪ ننڍا ڏسڻ ۾ ايندا، پر انهيءَ کان ڪوبه انڪار نه ڪندو، ته انهن مسئلن جي موجودگي ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ تقريبا هڪ فوجي مقابلي جي معنيٰ رکي ٿي. انهن جي ڪري ٻنهي ملڪن جي غريت ۾ اضافو ٿئي ٿو. انهن جي ڪري، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي فوجي امداد جي صورت ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا. جيڪي هوند سندن توڙي ساريءَ دنيا جي عوام جي بهتر مقصدن لاءِ ڪتب آڻي سگهجن.

 

 

[ 2 ]

پاڪستان پرڏيهي پاليسيءِ جا دور، ڀارت جي دشمني، پاڪستان لاچارهه ڪار، چين ڀارت جهڳڙو، پاڪستان ۽ چين – هندستان لاءِ مغربي هٿيار

26)- نومبر 1962ع )

 

پاڪستان پنهنجي پيدائش واري وقت کان وٺي، هڪٻئي پٽيان نازڪ حالتن سان مد مقابل پئي رهيو آهي، پر انهن سڀني مان نوعيت توڙي نتيجن جي لحاظ کان، موجودهه حالت تمام سخت آهي. لاشڪ، اسين تاريخي حادثن جي هڪڙي سنگين گرداب ۾ آهيون، جنهن ۾ ڪنهن به صحيح ۽ غلط حرڪت جي وچ ۾ فرق جو مطلب، بجا طور، زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق آهي. بهرحال ، جنهن نازڪ صورتحال ۾ اڄ اسين مبتلا آهيون، سان نظرين ۽ اصولن جي زبردست ڪشمڪش ۽ ٽڪراءِ واري دنيا جو عڪس آهي. زندگي جي اميدن ۽ امنگن کي زور وٺائڻ ۽ عالمي ڇڪتاڻ کي پرسڪون بنائڻ جي ڪوشش بدران خود غرض وڏيون طاقتون، پنهنجي حسد وچان، دنيا کي مڪمل تباهيءِ جو اوڙاهه ڏانهن گهلي رهيون آهن.

عظيم تاريخي شخصيتن جي باري ۾ چيو ويو آهي، ته تاريخي زماني ٺاهڻ ، خوشحالي آڻڻ، منجهائڻ يا متاثر ڪرڻ لاءِ دنيا کي تيزيءَ سان اڳتي وڌائيندا آهن. ڇا آئون پڇي سگهان ٿو ته موجودهه زماني جون هي عظيم شخصيتون ڪهڙي تاريخي زماني ٺاهڻ ۾ رڌل آهن؟ منٽن اندر شهرن جا شهر ناس ٿي سگهن ٿا ۽ سارو ملڪ تباهه ٿي سگهي ٿو.

پندرهن سالن کان وٺي وڏيون طاقتون جنگي هٿيارن کي ناس ڪرڻ بنسبت ڳالهائينديون رهيون آهن، پر نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ سپاهين جو هڪڙي دستي کي به برخاست نه ڪيو ويو آهي، نه وري ڪو هڪڙو هٿيار به ناس ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي مسئلي وانگر، بي هٿياريءِ واري تحريڪ به ماڻهن جي دلين کان شروع ٿيڻ گهرجي. انهيءِ ڪاروائي کي اڃا هاڻي شروع ٿيڻو آهي. انهيءِ ڪري، دنيا جي قومن کي هٿيارن جي پچر ڇڏي ڏيڻ جي نصيحت ڪرڻ بيڪار آهي. خود اسان جي سرحدن جي هن پار به، اسين قومي هٿيارن جي واڌاري لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڏسو ٿا.

جيئن عالم آشڪار آهي، گهٽ ترقي يافته ملڪن جا رهاڪو فاقن ڪڍڻ جي حالت کي اچي پهتا آهن. اهڙيءَ حالت ۾، پنهنجن سڀني موجود وسلين کي انتقامي جنگي سرگرمين جو ضايع ڪرڻ سان، وڌندڙ ڪروڙين انسانن کي ڪوبه فائدو نه رسندو، هو خوشحاليءِ جي نون نظارن جا خواب پسي رهيا آهن، جن کان هنن کي ظلمي بيٺڪي راڄ صدين تائين محروم پئي رکيو آهي.

اهڙيءَ طرح، موجودهه صورتحال هڪ خطري جي حيثيت به رکي ٿي، ته موقعي جي به. مڪمل بربادي آڻڻ لاءِ ڪافي مقدار ۾ تنگ نظري ۾ چريائپ موجود آهي. پر اڃا به اسين مصيبت کي دفع ڪري سگهون ٿا، ۽ اسان لاءِ موقعو آهي ته پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي انسانن  لاءِ هڪ عظيم ۽ شاندار مستقبل جي خوابن کي محسوس ڪريون.

متحد پاڪستان پنهنجي ملڪ جي امن امان ۽ ٻين سڀني والسيسين جي بهتر زندگيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ائين ڪرڻ لاءِ اسان ۾ ارادي جي قوت ۽ همت ٿيندي؟ هيءَ ئي گهڙي آهي، ٻيهر پنهنجي تڪليف ده جائزي وٺڻ جي. هن وقت اسين پنهنجن خيالن کي چين ڀارت ڇڪتاڻ کان الڳ نٿا ڪري سگهون، جنهن جي لپيٽ ۾ هڪ سؤ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهو اچي ويا آهن.

قديم زماني کان وٺي تڪرارن کي نبيرڻ جا ٻه طريقا رهندا آيا آهن، ۽ فقط اهي ئي به طريقا ٿي سگهن ٿا: هڪڙو جنگ جو، ۽ ٻيو صلح جو. اقوام متحده جو پڌرنامو سڀني ملڪن تي لازم قرار ڏئي ٿو ته پنهنجن تڪرارن کي صلح واري طريقي سان حل ڪن.

عظيم طاقتن وچ ۾ جهڳڙي جي حالت ۾ هٿيارن جو استعمال جنگ ڪرڻ جي مقصد کي ئي مفقود ڪري ڇڏيندو؛ ڇاڪاڻ ته طاقت جي موجودهه خطرناڪ توازن سان، جنهن کي سر ونسٽن چرچل . خوف جو توازن ، ڪوٺيو آهي، کٽڻ يا هارائڻ واري ڪابه ڌر ٿي نٿي سگهي. در اصل قدري گهٽ طاقتن درميان تڪرارن کي حل ڪرڻ جو صحيح رستو به صلح جي طريقن وارو آهي. بلڪل اهوئي مشورو چين جي وزير اعظم ڀارت کي پئي ڏنوآهي، هڪ يا ٻه ڀيرا نه، پر بار بار. اسان کي بيحد حيرت ٿي رهي آهي، جڏهن اسين ڏسون ٿا، ته هن مشوري کي، جنهن جو ئي فقط نيڪ نيت ماڻهن لاءِ رستو کليل آهي، قبول ڪرڻ بدران، ڀارت پنهنجي پاڙيسريءَ خلاف جوش وڌائڻ جي حماقت کي انتها تي پهچائي رهيو آهي – اهو پاڙيسري آهي، جيڪو هڪڙو ديو آهي، جنهن کي نابود نٿو ڪري سگهجي هڪڙو پاڙيسري آهي، جو فقط پنهنجين حدن ۾ درستي ۽ ترتيب گهري ٿو، هڪڙي خودمختيار برابري رکندڙ جي حيثيت ۾، ۽ نه هڪڙي بيٺڪي تابعدار وانگر، چين – ڀارت سرحد جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ چين جي تقاضا ڪو بيجا فعل  ڪونهي. اهو شهنشاهت جي اختيار ڪيل انهن طريقن کان مختلف آهي. جڏهن سن 1815ع واري وائنا ڪانگريس ۾، حڪمرانن جي ذاتي مقصدن ۽ طاقتور قومن جي قبضي ڪرڻ واري هوس کي پوري ڪرڻ لاءِ يورپ جي نقشي کي نيئن سر ترتيب ڏني ويئي . مان چين ڀارت جهڳڙي تي ٿوريءِ دير کان پوءِ واري ايندس. هن وقت مان پرڏيهي پاليسيءِ تي ڪجهه لفظ چوندس.

ڪنهن به قوم جي پرڏيهي پاليسي، ان جي خودمختياريءَ جو اعلان آهي جيڪڏهن ڪا قوم سڀ اختيار ماڻي ٿي، سواءِ پرڏيهي تعلقات جي انتظام جي حق جي، ته هن کي آزاد تصور نه ڪري سگهبو. انهيءَ سبب کان ماڻهو پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ خاص فخر ۽ دلچسپي وٺندا آهن. اها هر ملڪ جي آزاديءَ جي هڪ کليل علامت آهي.

حڪومت جي پائيداري ۽ ان جي ملحق دائمي پاليسي، ملڪ جي اندروني معاملات جي ڀيٽ ۾، بيروني معاملات لاءِ وڌيڪ اهميت واري آهي.

انهيءِ جو مطلب نه آهي، ته ڪو پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڦير گهير جي گنجائش مطلق نه هجڻ کپي. ان جو مطلب فقط هي آهي، ته اها اوچتو نه بدلجي. جيڪڏهن قومي مفادن جي اهڙي تقاضا هجي، ته پوءِ پرڏيهي پاليسيءِ کي ضرور بدلجڻ گهرجي نه پر اها تبديلي باترتيب هئڻ گهرجي انهي تبديلي کي اهڙيءَ تيزي سان گهٽ – وڌ نه ڪرڻ گهرجي، جيئن سرءَ سياري ۾ ۽ سيارو بهار ۾ بدلبو آهي، بلڪ در جي بدر جي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. آزادي کان وٺي پندرهن سالن اندر، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ٽن مکيه مرحلن مان لنگهي آهي. مرحلي پهرئين ۾، ڀارت جي انهيءَ سخت پروپئگنڊا جي مقابلي ۾ ته پاڪستان جو قيام هڪ وحشت انگيز فرضي واقعو آهي، ڪوشش ڪري پاڪستان جي ملڪي حيثيت جي تسليميءِ لاءِ دليل پيش ڪيا ويا هئا. انهن مصيبت وارن سالن ۾، ڪوشش ڪري مڪمل طرح سان بين الاقوامي قبوليت حاصل ڪئي ويئي. پر انهي قبوليت جي باوجود، ملڪ ۾ انتشار رهيو. انهيءِ انتشار جو فائدو وٺي، ۽ پنهنجي ملڪ گيري جي هوس جي مڪمل تسڪين حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڀارت جو راڪاس حيدر آباد، جهوناڳڙهه ۽ ڪشمير جو ڳپل حصو هڙپ ڪري ويو.

مرحلي ٻئي ۾، اسلامي دنيا سان يڪجهتي پيدا ڪرڻ ۽ ان کي قائم رکڻ جي ڪوشش ورتي ويئي. انهيءِ سلسلي ۾ اسان جي طرفان کنيل ڪن قدمن جي سادگيءِ ۽ غير محتاطيءِ سببان ڪافي غلط فهيمي پيدا ٿي ويئي. هڪ نيئن قوم هجڻ ڪري بين الاقوامي معاملن جي پيچيدگين ۽ باريڪ بينين کان اسين پوريءِ طرح واقف ۽ خبردار نه هئاسون، جيڪڏهن اسان جي پيشقدمي توريل تڪيل، محتاط ۽ اعتماد واري هجي ها ته، پوءَ نتيجي طور جيڪي (شڪن شبهن کان بهتر لفظ استعمال ڪندي) غلط فهيمون پيدا ٿيون،  سي ايتريقدر نقصانڪار ثابت نه ٿين ها. اسان هڪڙي پيچيدي معاملي کي حد کان وڌيڪ آسان ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. اسان جو هي دور اهڙو تڪيلف وارو هو، جهن ۾ انتهائي حد تائين اسان جي اڳيان ڪا به صورت واضح ڪانه هئي.

اسلام جي انهيءَ اصول  تي ڀروسو رکي، ته سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن،اسان انهيءِ وقت ۾ مسلمانن جي برادري قائم ڪرڻ جو ڪوشش ورتي، جڏهن عرب قوميت پنهنجي پوري زور تي هئي، ۽ هنن جو بنيادي شعور انسان جي قومي شعور کان جدا گانه هو، عرب حڪومتون مختلف قسم جي سياسي نظم ونسق جي زير اثر هيون، اهي پاڻ ۾ ئي ڦٽيون پيو هيون ايتريقدر، جو اهي اسرائيلي خطري جي نقطه نظر تي به پاڻ ۾ متفق ٿي نه سگهيون. پوءِ انهن مان ڪهڙي توقع ٿي سگهي ٿي، ته هڪڙي روحاني نظريي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هو پاڪستان جهڙيءَ نيئن ڄاول ۽ غير عرب قوم سان گڏجي ڪم ڪندا؟ پاڪستان سن 1947ع ۾ وجود ۾ آيو ، ۽ اسرائيل کي سن1948ع ۾ قائم ڪيو ويو، عربن لاءِ لفظ ”ورهاڱو“ زهر مثل هو، عرب قومن ۾ زوردار پروپئگنڊا ڪئي ويئي، ته انگريزن، پنهنجي  ” ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ واري پراڻي پاليسيءَ مطابق، ورهاڱي واري شرانگيز نفرت سان، عرب دنيا کي زخمي ڪري وڌو آهي، جيئن هو هندستان ۾ ڪري چڪا آهن. هن پروپئگنڊا ، پوءِ جيتوڻيڪ اها سراسر غلط هئي،ڪن عرب حلقن ۾ برصغير جي ورهاڱي خلاف ۽ نتيجي طور پاڪستان خلاف ناراضگي پيدا ڪري وڌي.

پاڪستان، بهرحال ، عرب ملڪن جي وچ ۾ هڪٻئي لاءِ خير سگاليءِ جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا ؛ پر اسان جو عربن جي حقن لاءِ ڪوششون خيرڪي ياد ڪيون وڃن ٿيون، پر سئيز واري هنگامي جي دوران پاڪستان کان سرزد ٿيل غلطيون اسان کي اڪثر ياد ڏياريون وڃن ٿيون. اها حقيقت آهي ته عرب حڪومتن ڏانهن اسان جي پاليسيءَ جي اها هڪ غلطي انهيءِ وقت سرزد ٿي، جڏهن پاڪستان ۾ اندورني موجهاري واريون حالتون چوٽ چڙهيل هيون. اها هڪ غلطي هاڻي پاڪستان خلاف هڪ مستقل ناراضگيءَ ۽ بدناميءَ جو سبب بڻجي ويئي آهي. جيڪڏهن باقاعدي حساب ڪيو وڃي، ته سئيز کي کڻت واري پاسي رکڻ کان پوءِ، بچت وارو پاسو سڄوئي پاڪستان جي حق ۾ آهي. آئون اوهان کي عرض ڪريان ٿو، ته پاڪستان جيڪو عربن جي باري ۾ اهيمت وارو حصو ورتو آهي، انهيءَ تي غور فرمائنيدا؛

( الف ) اسرائيل جي پاڪستان کلم کلا مخالف ڪئي هئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين اسين ان سان ڪنهن به تعلق رکڻ جا انڪاري آهيون. ٻئي طرف، ڀارت، جو هڪ غير جانبدار مضبوط عرب ملڪ جو هڪ غير جانبدار دوست آهي، تنهن اسرائيل سان پنهنجن ناتن کي گهڻي قدر وڌايو آهي.

( ب ) فلسطين جي عرب مهاجرن کي اسان جي متواتر سياسي، اخلاقي ۽ اقتصادي مدد، ۽ (ث) اقوام متحده ۾ لبيا، سوماليا، ايريٽريا،موراڪو، ۽ تيونس جي آزاديءِ لاءِ اسان جي جدوجهد ۽ آخرڪار الجزائر جي آزاديءِ لاءِ اسان جي حمايت.

ائين چيو ويو آهي ته الجزائر جي معرڪي ۾ اسان جو ڪردار وڌيڪ نمايا هجڻ کپي ها. اسان جي خيال ۾ عمل ۾ ڪي قدر موافقت هئڻ ضروري آهي. اسان هميشه ائين پئي چيو آهي، ته پاڪستان لاءِ ڪشمير هڪ تمام بنيادي سوال آهي. ساڳئي وقت ، ڪن ماڻهن چاهيو ٿي ته سلامتي ڪائونسل ۾ جنهن جو فرانس هڪ مستقل ميمبر آهي، الجزائر جي سوال کي تسليم ڪري، اسين پنهنجي پوزيشن کي ڪشميري جي باري ۾ خطري ۾ وجهون. جيتوڻيڪ رڳو اقوام متحدهه جون ڪوششون ئي ڪشمير جي جهڳڙي کي فيصل نٿيون ڪري سگهن،تاهم اهو ان جو اڳيان زير غور آهي، فرض ڪريو ته جڏهن اسان الجزائر کي تسليم ڪيو، تنهن کان ٽي سال اڳ ۾ اسين ان کي تسليم ڪريون ها، ته پوءَ ائين ڪرڻ سان الجزائر کي آزادي ملي وڃي ها؟ جيڪڏهن اسان جي تسليم ڪرڻ سان وڌيڪ خونريزي بند ٿيڻ جي ڪابه اميد هجي ها، ته اسين الجزائر جي عظيم ۽ بهادر انسانن لاءِ اهو خطرو به کڻون ها – پرائين نه. باوجود انهيءِ جي جو سلامتي ڪائونسل جي موافق هلت اسان جي مکيه مفادن لاءَ  موزون هئي، ۽ فرانس اسان جي هميشه غير مشڪوڪ حمايت پئي ڪئي آهي. اسان الجزائر جي عارضي حڪومت کي ان جي شديد ضرورت وقت  تسليم ڪري، فرانس کي ناراض ڪرڻ کان به نه گٿاسين؛ ۽ اسان اهو ڀارت طرفان الجزائر کي تسليم ڪرڻ کان گهڻو اڳ ڪيو، جو پاڻ کي اخلاق جو علمبردار ٿو سڏائي.

اسلامي دنيا عرب ملڪن تائين محدود نه آهي. ان ۾ ترڪي، ايران، ملائيشيا، انڊونيشيا، مغرب ۽ آفريقا جا ٻيا گهڻائي ملڪ شامل آهن. انهن مان ڪيترائي ملڪ پاڻ انقلابي تبديلين مان گذري رهيا هئا. پنهنجيءَ بقا لاءَ جدوجهد ۽ پنهنجي قومي زندگيءَ جي تعمير جي سلسلي ۾ هو اسان جي عوام کان گهڻي تقويت حاصل نٿي ڪري سگهيا، جو اسين پاڻ اهڙن مسئلن ۾ ورتل هئاسون.

اسان کي پنهنجيءُ هلت ۾ نه رڳو عرب ملڪن جي پاڻ ۾ رقابت جو لحاظ رکيو هو ، پر عرب – ترڪي ۽ عرب – ايراني ڇڪتاڻ جو لحاظ به رکڻو هو، جن جو پاڙون تاريخ ۾ تمام اونهيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org