سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:3 

بنيادي طور، قوميت جا اثر نيئين ڄاول اسلامي روح سان ٽڪر جي پيا، جيڪو پاڪستان جي نئين ملڪ مان اسريو هو. انهي کان سواءِ ، اسين پاڻ پنهنجن اندروني معاملن جي ڪري سخت پريشان هئاسين، جنهنڪري اسلامي ملڪن کي برادريءِ جي مرڪز تي جمع ڪرڻ جي عظيم مقصد لاءَ پوري ڪوشش نه وٺي سگهياسون، جيڪڏهن اسين ڪامياب ٿيون ها، ته همعصر بين الاقوامي تعلقات ۾ عظيم ترين ترقي ٿئي ها. بهرحال، قوميت جون اجهل ۽ شديد قوتون زبردست سيلاب وانگر ڦاٽي پيون. ۽ سامهون ايندڙ سڀني شين کي پاڻ سان گهلينديون ويون.

تنهن هوندي به اسين ترڪيءِ ۽ ايران جي مسلم ملڪن جي همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پر انهن ٻن ملڪن ۾ به نيئن روشنيءِ جي تحريڪ مذهبي ۽ ترقي پسند طاقتن ۾ تصادم پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ايتريقدر جو انهن مان ڪنهن به ملڪ ۾ اسلامي جي سياسي حيثيت کي تسليم نٿو ڪيو وڃي ،

ترڪيءَ ۽ ايران جي عظيم عوام سان اسان جي دوستي ڏاڍي اهيمت واري آهي. هي ملڪ اسان جي سڀني مشڪلاتن ۾ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن، ۽ اسين دل جي گهرائي سان انهن جيءِ ۽ اسان عوام جي وچ ۾ قائم ٿيل پرجوش جذبن جو قدر ڪريون ٿا.

ٽيئن مرحلي تي اچڻ کان اڳ ۾، مان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪندڙ پنهنجن سفارتخانن  جو مختصر ذڪر ڪندس. سفارتخانن تي، مسلم دنيا اڳيان پاڪستان جي صحيح عڪس پيش ڪرڻ جي اڻ ثابت ٿيل ناڪاميءَ جا گهڻائي غير فياضانه حملا ڪيا ويا آهن. هيءَ ڳالهه تسليم شدهه آهي، ته سفارتخانا ڪن واضح پابندين جا محتاج آهن. بهرحال، اهو وسارڻ نه گهرجي ته اسان جي هن ڏينهون ڏينهن سسندڙ دنيا ۾، جنهن ۾ گفت و شنيد جا ذريعا گهٽ ڪماليت جي حد تائين پهچي ويا آهن، سفيرن ۽ بااختيار ايلچين لاءِ ائين ڪرڻ جي گنجائش گهٽ آهي، ته هو انهن ملڪن جي طرز عمل ۾ ڪا قطعي تبديلي آڻين، جن ۾ کين مقرر ڪيو ويو آهي. هن جيٽ ۽ راڪيٽ واري زماني ۾ مفاصلي جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. حڪومتن ۽ ملڪن جي سربراهن جي وچ ۾ سڌي تعلق سفير جي دائري کي گهٽائي ڇڏيو آهي. جديد حمڪت عملي ءَ ۾ سفير کان اها اهميت حاصل نه رهي آهي جيڪا هن کي اڳ حاصل هئي. جڏهن سفيرن کي اجازت هئي ته هو پنهنجي اختيار ۽ مرضيءَ مطابق عمل ڪن. هاڻي هو آزاد فيصلا نٿا ڪري سگهن. هو فقط پنهنجي حڪومت جي پاليسي، ان جي نمائندي جي حيثيت ۾، انهن ملڪن تي واضح ڪن ٿا، جن ۾ کين موڪليو ويو آهي، انهيءَ ڪري اصل اهميت ڪنهن ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءِ کي ئي آهي. گذريل چئين سالن ۾ پنهنجي ملڪ جي سفارتخانن سان منهنجا ڪافي واسطا رهيا آهن. ٻن موقعن تي مان پاڪستاني وفدن کي پنهنجي اڳواڻيءَ هيٺ اقوام متحدهه ڏانهن وٺي ويو آهيان، ۽ ڪيترائي ڀيرا اهم مهمن تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي اٿم. انهن موقعن تي  آئون ڪوشش ڪري پنهنجن. غير ملڪي تعلقات واري شعبي ( Foreign Service)۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن سان مليو آهيان، ۽ مون کي انهن جو ڪم غور سان معائنو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

منهنجي خيال ۾، غير ملڪي تعلقات واري شعبي ۾ ڪجهه نااهل ماڻهو آهن، ۽ جيڪڏهن منهنجي اختيار ۾ هجي ها، ته ڪڏهن جو انهن کي برخواست ڪري ڇڏيان ها- شايد اهو ڏينهن اڃا به اچي. ان جي باوجود، آئون پرزور لفظن ۾ چوندس ته اسان جو غير ملڪي تعلقات وارو شعبو، گهڻي ڀاڱي، ملڪ جي قومي ملازمتن جو نچوڙ آهي. اميدوارن جو انتخاب ڪنهن جي مرضيءَ مطابق نه ٿيندو آهي، پر انهن کي هڪ اعليٰ معيار واري امتحان جو بنياد تي منتخب ڪيو ويندو آهي. گهڻو ڪري انهن کي ئي غير ملڪي ملازمت لاءَ چونڊيو ويندو آهي، جيڪي ڪامياب اميدوارن جي فهرست ۾ مٿانهين نمبر تي هوندا آهن. اسان پنهنجي غير ملڪي ملازمت جو بنياد فقط انهيءِ ئي معيار تي ٻڌو آهي. جيڪڏهن غير ملڪي ملازمت واري شعبي ۾، جيڪو ملڪ جي اعليٰ ترين ذهني معيار جي نمائندگي ڪري ٿو، ڪو نقص آهي، ته پوءِ ضرور ڪا خرابي انهن معيارن ۾ ئي آهي. اهو واجب ناهي ته ان ڳالهه کي مجموعي رنگ وٺايو وڃي، ۽ سڀني سفارتخانن تي يا ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان  جي نمائندگي ڪندڙن تي اجايا ڇوهه ڇنڊيا وڃن.  انهن مان گهڻا، تمام ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جا گهڻا نوجوان، جيڪي قابل ۽ مخلص آهن. ڪنهن به ملڪ لاءِ فخر جوباعث ٿي سگهن ٿا. مون ڪن کي ڪم جي زيادتيءَ ۽ دٻاءَ جو باوجود، ساراهه جوڳو ڪم ڪندي ڏٺو آهي. ڪن هنڌن تي ته هڪڙوئي شخص خفيه لکپڙهه به سنڀالي ٿو، آفيس اسسٽنٽ به آهي، ته ايلچي جا فرائض به انجام ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري اها غير واجبي ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن سفارتخانن جي سموري سرشتي کي بيڪار ۽ نااهل قرار ڏنو ويندو. ايتري ملامت حق بجانب نه آهي. تنهن حقيقت کي پاسيرو رکي ، ٻئي طرف ڏسبو ته ان جي اثر کان اسان جا سفارتي ادرا بي اعتماديءِ ۾ مبتلا ٿي ويندا، جن جا ڪيترائي آفيسر ٻاهرين ملڪن ۾ تمام تحسين جوڳو ڪم ڪري رهيان آهن.

هاڻي آئون پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءِ جي ٽيئن دور تي موٽان ٿو. اسلامي دنيا ۾ باهمي اتفاق آڻڻ لاءِ اسان جي طبعي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان پنهنجي اڪيلائي کي ٽوڙڻ لاءِ مغرب سان ڳانڍاپي جي ڪوشش ورتي . انهيءَ مقصد لاءِ اسان مغرب سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. جڏهن اها ڪافي حد تي پهتي، ته 17نومبر 1953ع تي آمريڪا جي حڪومت رسمي طور ڀارت جي حڪومت کي ٻڌايو ته ڏکڻ ايشيا ۾ آزاد دنيا جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هوءَ پاڪستان سان فوجي امداد جي معاهدي بابت سوچي رهي آهي. انهي صورتحال جي نتيجي طور، اسين ٽن اسلامي ملڪن، ايران، ترڪيءَ، ۽ عراق – عرب ملڪن مان فقط هڪ سان، فيبروري سن 1955ع ۾ عراق، ۽ ترڪيءِ وچ ۾ طي ڪيل باهمي سهڪاري معاهدي ۾ شامل ٿي وياسين، جيڪو سيپٽمبر سن 1955ع ۾ پاڪستان قبول ڪيو.

تاريخ ۾ هيءَ اسان جو اهم موڙ هو. اسان جو اڪيلائي وارو نازڪ ۽ خطرناڪ زمانو ختم ٿي چڪو هو، ۽ هاڻي اسين انهن قومن سان شريڪ ٿي وياسون، جيڪي ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي حالت ۾ اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هيون.

ڪنهن به ڪاميابيءَ جي مقدار جو صحيح ۽ معقول اندازو ان جي نتيجي مان لڳائي سگهجي ٿو، جهڙوڪ؛ دوستن ۾ اطمينان ۽ دشمنن ۾ غصو يا ڊپ، انهن معاهدن ۾ اسان جي شامل ٿيڻ جو ڀارت ۾ ڪهڙو رد عمل هو؟ مغربي ملڪن سان پاڪستان جي ناتن ڳنڍڻ واري قدم تي سڄي ڀارتي قوم ملامت جو طوفان کڙو ڪري ڏنو. انهيءِ باري ۾ آئون ڀارتي وزير اعظم پنڊت جواهر لال نهروءَ جي فقط چند بيانن جو حوالو ڏيندس. نومبر سن 1953ع تي، پنهنجيءَ هڪ تقرير ۾ هن چيو؛  ” اسان لاءِ هي معاملو شايد اهميت رکي ٿو، ايتريقدر جو ان جا اثرات ڏکڻ ايشيا ۽ خصوصا ڀارت ۽ پاڪستان جي  معاملات جي ساخت جي وسيع دائري تي پوندا. انهيءَ ڪري هيءَ اهم صورتحال اهڙي نموني ظهور ۾ اچي، جئين صاف طور اچي رهي آهي، تنهن تي آئون سخت حيران آهيان. اهو پاڪستان جي اختيار ۾ آهي، ته فوجي اڏا بنائي، ٻاهريان هٿيار آڻي، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ جيئن وڻيس تيئن ڪري. اهو به ان جي اختيار ۾ آهي ته جيڪڏهن چاهي ته پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻي، يا ان کي محدود ڪري ڇڏي؛ پر اسين انهن معاهدن جي نتيجن لاءَ فڪر مند آهيون، انهيءَ ڪري لازما انهن حالتن جو پوري غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون. “

22- مارچ سن 1954ع تي، مسٽر نهروءَ جو ائين چوندي حوالو ڏنو ويو؛ آءَ دعويٰ سان چوان ٿو، ته جهڙيون حالتون آهن، اهو تصور ڪرڻ  مشڪل آهي ته ڪنهن سبب جي باوجود چين جي عظيم ملڪ يا ڀارت کان پاڪستان تي ڪا اڳرائي ٿيندي، پوءَ ڪيئن اوچتو هيءَ اڳرائيءَ جو سوال پيدا ٿئي ٿو، ڪيئن ان کي هن قسم جي فوجي امداد ڏيڻ لاءَ بهانو بنايو وڃي ٿو؟ پاڪستان طرفان مان ڪنهن به ممڪن سبب کان، جو مان سمجهي سگهان، بلڪل بيخبر آهيان.

”دستوري نموني ۾ پاڪستان کي اقتصادي توڙي فوجي لحاظ کان طاقتور بنائڻ جو مان خيرمقدم ڪندس، جيڪڏهن هو پاڻ کي مضبوط بنائين ته مون کي ڪا به شڪايت نه ٿي سگهندي، پر هي دستوري طريقو نه آهي. هي هڪ تمام غيردستوري طريقو آهي جنهن دستور کي ڊانو دول ڪرڻ جو مطلب، صلح کان هڪ قدم پري هٽڻ جو آهي.

هاڻي آمريڪا جي صدر چيو آهي، ته پاڪستان کي ڏنل امداد جو جيڪڏهن غلط استعمال ڪيو ويو ۽ اها ڪنهن به ملڪ خلاف اڳرائيءَ: لاءَ.

ڪتب آندي ويئي، ته هو اهڙيءَ اڳرائي کي ناڪام بنائڻ جي ذميداري کڻندو. مون کي خاطري آهي ته آمريڪي صدر اڳرائي جي خلاف آهي، پر گذريل تجربن مان اسان کي معلوم ٿيو آهي، ته اڳرائي ٿيندي آهي، ۽ ان کي ناڪام بنائڻ لاءَ ڪوبه اپاءُ نه ورتو ويندو آهي. پاڪستان کي آمريڪا وٽان مليل فوجي امداد، ممڪن آهي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪري، جيڪي اڳرائيءَ کي آسان ڪن ۽ همٿائين.

”جيئن مون بار بار پئي چيو آهي، آمريڪا وٽان پاڪستان کي مليل هيءَ فوجي امداد ڀارت ۾ اسان لاءَ توڙي ايشيا لاءَ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ٿي. اها اسان جي پريشانين ۾ واڌارو ڪري ٿي، ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي باهمي مسئلن کي وڌيڪ ڏکيو بنائي ٿي.

22- مارچ سن 1956ع تي. مسٽر نهروءَ ڀارتي لوڪ – سڀا ۾ هڪ تقرير ۾ چيو ته ” باوجود انهيءَ جي جو ڀارت ۽ پاڪستان و چ ۾ جنگ جو ڪوبه انديشو ڪونه آهي، ڪنهن هنگامي حالت پيدا ٿيڻ جي امڪان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان کي فوجي امداد ملي آهي، جنهن ڀارت لاءِ انهيءَ نقطه نظر کان به هڪ مشڪل مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جو ان کي پنهنجا وسيلا ترقياتي پروگرام کان هٽائي، فوجي ضرورتن ۾ لڳائڻا پوندا. مسٽر نهروءَ چيو ته ”سڀا“ جو ڌيان دفاع جي ڪن واضح ۽ بنيادي اصولن ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ، هو بحث ۾ دخل انداز ٿي رهيو آهي. لوڪ سڀا ۾ بحث جي دؤران، هن تازن واقعن بنسبت ڪي قدر تشويش ۽ پريشاني محسوس ڪئي هئي، ته ”اهم ڊپ ۽ انديشو آهي ته متان ڀارت تي اسان جي پاڙيسري ملڪ (پاڪستان) کان ڪو حملو ٿئي، ۽ ان لاءِ اسين تيار نه هجون. اهو بلڪل صحيح آهي، ته هن فوجي امداد جي مسئلي جي ڪري، جا هڪ عظيم ملڪ مان اچي رهي آهي، ڀارت جي دفاعي حالتن تي گهڻو اثر پيو آهي. انهيءَ ڪري اسان کي هن نئين روشنيءَ ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي.“

آخري مثال طور، مان مسٽر نهروءَ جي راڄ ـ سڀا ۾ 6- مارچ سن 1959ع واري رائي رکي دهرائيندس، جنهن لاءَ ٻڌايو ويو آهي ته هن چيو؛

”مان وڌيڪ ٻڌائڻ گهران ٿو ته گذريل چند هفتن دوران، جڏهن هن معاهدي بنسبت هلي رهيو آهن، اسان آمريڪي حڪومت جو ڌيان اهڙن معاهدن ڏانهن، ۽ خاص طور تي معاهدي جي ڪري پنهنجين پريشانين ڏانهن ڇڪايو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان کي اڃا به وڌيڪ فوجي امداد ملڻ جو امڪان آهي، جا ٻيءَ معنيٰ ۾ اسان لاءَ نقصانڪار ثابت ٿيندي... شروعات کان وٺي آمريڪي حڪومت جي نمائندن اسان کي يقين پئي ڏياريوآهي، ته هن امداد جي مراد ڪميونسٽ اڳرائي کي روڪڻ آهي.....“

” خاص طرح اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي، ته هي معاهدو ( آمريڪا ۽ پاڪستان درميان ٻه رخو معاهدو ) ڀارت خلاف استعمال نه ڪري سگهبو.... اسان بار بار پئي چيو آهي ته، پاڪستان کي آمريڪا جي دفاعي امداد، پاڪستاني حڪمرانن کي جارحيت لاءِ همٿائي ٿي، ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ فساد کي وڌائي ٿي.

” آمريڪي اختياريءَ وارن جي يقين دهانيءَ جو اسين خير مقدم ڪريون ٿا، پر اڳرائيءَ جي تشريح ڪرڻ مشڪل آهي،  ۽ ماضيءَ ۾ پاڪستاني حڪمرانن اڳرائيءَ ڪئي آهي ۽ ان کي جاري رکيو ويو آهي ..... اسان لاءِ مشڪل آهي، ته اسين پاڪستان کي ٻين ملڪن مان مليل امداد ڀارت خلاف استعمال ٿيڻ جي امڪان کي نظر انداز ڪريون. جيتوڻيڪ انهن ٻين ملڪن اسان کي ائين نه ٿيڻ جو يقين ڏياريو آهي“

اچو ته هاڻي موجوده بين الاقوامي صورتحال جي مناسبت سان خارجي پاليسيءَ تي نظر وجهون، هيءَ صورتحال اهڙي آهي، جنهن ۾ حڪمت عمليءَ جي موقعي جي ڪابه گنجائش نه رهي آهي هن زماني ۾ خارجي پاليسيءَ جي جوڙجڪ لاءَ قومن لاءَ ٽي رستا کليل آهن؛

(1)              مغربي جمهوريتن سان اتحاد؛

(2)              ڪميونسٽ ملڪن سان اتحاد، يا وڌيڪ موزون لفظن ۾، انهن جي ماتحتي؛ ۽

(3)             غير جانبدار ملڪن سان اڻ ٺهڪندڙ برادري.

ٻي عالمگير لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اقوام متحده جي ذريعي قانون  جي حڪومت کي فروغ ڏيڻ وارين اڻٿڪ ڪوششن جي باوجود، طاقت جا ٻه محور پيدا ٿي ويا آهن. دنيا ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويئي آهي..... ڪميونسٽ ۽ غير ڪميونسٽ، گذريل پندرهن سالن دوران دنيا هڪ کان وڌيڪ موقعن تي تباهيءِ جي ڪناري تي آئي آهي. انهن  ٻن طاقتور گروهن  درميان شديد رقابت، انسانذات کي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا ڪري، هيبتناڪ ائٽمي جنگ جي امڪان ڏانهن گهلي رهي آهي. جيڪڏهن خدانخواسته اهڙي جنگ ڇڙي پيئي، ته سموري تهذيب خاڪ جو ڍير بنجي ويندي. سمورا نظريا، اصول ۽ سماجي دستور انهيءَ ڍير جو حصو هوندا. انهن گروهن جي رقابت کي گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ويو آهن.

اقوام متحده اڃا به انسان جي هٿن ۾  صلح جو هڪ همت افزا اوزار آهي. پنهنجين ڪوتاهين جي باوجود، گهڻن ئي موقعن تي هن پنهنجيءَ پرامن مداخلت سان دنيا کي مڪمل لڙائي جي تباهي کان بچايو آهي. جهڙوڪ؛ سئيز، برلن، ڪانگو ۽ تازو ڪيوبا ۾. دراصل اهڙين حالتن ۾ هن جي دخل اندازي، قومن درميان تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ ضروري ثابت ٿي آهي.

ماضي قريب ۾ هڪ ٽين طاقت به ظهور ۾ اچي رهي آهي، جيڪا دعوا ڪري ٿي، ته هو وڏن رقيبن جي جوش کي دٻائڻ جو اثر رکي ٿي. اها آهي غير جانبدار ملڪن جي، طاقت جن جو تعداد وڌي رهيو آهي. پر پنهنجن دٻيل مقصدن کي ٻن ائٽمي ديون جي وچ ۾ پل جي صورت وٺائڻ لاءِ انهن وٽ حقيقي طاقت ۽ جوڳن وسيلن جي کوٽ آهي.

مون کي ٽئين حلقي کي غير يقيني ڄاڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته غير جانبدار ملڪن وٽ اهڙو ڪو  به ٺوس مقصد ڪونهي جنهن جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ، ان مقصد سان ڳنڊيل ڪثيرلاطراف جوابدارين کي اختيار ڪرڻ جي خواهش هجي. هو هر ڪنهن مسئلي کي ان جي اهميت مطابق حل ڪرڻ جي خواهش هجي. هو هر ڪنهن مسئلي کي ان جي اهميت مطابق حل ڪرڻ جي دعوا ڪن ٿا. پر انهيءَ وضع کي اختيار ڪرڻ ۾ گهڻي قدر هو پاڻ ۾ به متفق نه آهن. مجموعي طور پڻ، هو ايتريقدر طاقتور نه آهن، جو جهڳڙن جي حل ڪرڻ ۾ ڪو قطعي ڪردار ادا ڪن، وڌيڪ اهم هيءَ حقيقت آهي، ته روس توڙي ڪميونسٽ چين هن خود ساخته ٽينءَ طاقت جي ڪردار کي قطعي تسليم نٿا ڪن. اسٽالن ان کي هڪ فريب سڏيندو هو.

مائوزي تنگ اڪثر چيو آهي، ته ٽئين رستي جو ڪو وجود ئي ڪونهي. گهڻو اڳ، جولاءِ سن 1948ع ڌاري هن چيو؛ ” اڪيلو رهڻ ناممڪن آهي. ٽيئن رستي جو ڪو وجود ئي ڪونهي. نه فقط چين ۾ پر ساريءَ دنيا ۾، بلاستشنيٰ، هر ڪو شهنشاهيت ڏانهن يا سوشلزم ڏانهن جهڪي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org