سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:6 

ڀارت ڏانهن هٿيارن جي ڀرمار، . هارورڊ ” جي دانشورن جي انهيءَ زور شور سان مشهور ڪيل اصول جي ابتڙ آهي، جنهن موجب بين الاقوامي معاملن جي موجوده صورتحال ۽ فوجي سائنس جي موجوده ترقيءَ جي ڪري. ڪنهن به ملڪ کي فوجي سامان ڏيڻ کي امداد جو پراڻو طريقو سڏيو ويو آهي. هن گروهه  جي خيال موجب، سمورو زور اقتصادي امداد تي ڏيڻ گهرجي. گذريل صدارتي چونڊن جي مهم دوران ۽ ڪئينڊيءَ جي حڪومت جي برسر اقتدار اچڻ کان پوءَ هن اصول کي تمام گهڻي شهرت ملي. انهيءَ اصول کي تسليم ڪندي. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي آزاد خيال گروهه آمريڪا جي دانشور طبقي جي ذهينت ۾ خوشگوار تبديلي آندي. ليڪن پاليسين جي جوڙجڪ ۾ صرف اصولن کي ئي نه، بلڪ زندگيءَ جي ٺوس حقيقتن کي خيال ۾ آڻڻو پوندو آهي. ڪئينڊي حڪومت کي هڪ صحيح قسم جي نازڪ وقت ۾ هارورڊ اصولن جي معقوليت جو وري جائزو وٺڻو پيو. فوجي امداد جي اهميت کي دوباره تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ پاڪستان جهڙي اتحادي سان غداري ڪري به، ڀارت کي هٿيارن جي مدد ڏني ويئي آهي. نتيجي طور ڀارت توڙي پاڪستان ، ٻيئي اهو محسوس ڪن ٿا، ته سندن دوست ڪوبه ڪونهي، ڀارت انهي ڪري جو هو غيرجانبدار رهيو آهي، ۽ پاڪستان انهيءَ ڪري جو هو دفاعي معاهدن ۾ شامل آهي. تاريخ جي ڦيٿي اڳي ڪڏهن به اهڙي قسم جي مڪمل اتفاقي گردش نه ڪئي آهي،

ڇا، اها قسمت جي بيرحم ٺٺولي نه آهي، ته برصغير جون ٻه قومون، جن هيترن سالن کان وٺي بلڪل مخالف پاليسين جي پيروي پئي ڪئي آهي، اڄ اهڙي  رخ تي اچي بيٺيون آهن، جو ڀارت ۾ مغرب سان نسبت جي حمايت ڪئي پيئي وڃي، ته غير جانبداريت پاڪستان جو نعرو ٿي ويئي آهي. ذهنيت جو اهو لاڙو حالتن جي غير معموليءَ ۽ غير متوازن پيدائش جو نتيجو پر جيستائين اسان جو تعلق آهي، اسين پنهنجين قومي پاليسين جو بنياد ناگهاني واقعن سان وجود ۾ ايندڙ حالتن تي ٻڌانداسين، انهن جو بنياد مضبوط ۽ معقول هجڻ کپي. اسان کي جذباتيت کان الڳ هٽي، پنهنجي اڄ تائين جي اختيار ڪيل پاليسيءَ جي بنيادي جزن کان اٻهري ۽ اڻ ويچاريل انحراف ۾ پوشيدهه خطرن کي محسوس ڪرڻ گهرجي،

هي مسئلو ڪو ايترو آسان آهي ڇا. جو صرف دوستن بدلائڻ سان، اسين يعني ڀارت ۽ پاڪستان، پنهنجن مسئلن جا دلپسند حل حاصل ڪنداسين؟ڪشمير جو سوال هڪٻئي جي مرضي مطابق، رڳو سوديبازيءَ سان حل ٿي سگهندو ڇا؟ ڇا، صورتحال ۾ ڪو بنيادي نقص نه آهي، جو آزاديءَ جي پندرهن سالن کان پوءِ ٻيئي ملڪ پنهنجي پاليسيءِ جي بنيادي پلهوئن جي باري ۾ خود فريبيءَ ۽ انتشار سان همڪنار آهن، ايتريقدر جو اڄ اسين هڪٻئي  جا قائم مقام ٿيڻ چاهيون ٿا؟ هن عجيب روئداد جو سبب، لازمي طور، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ آهي.

بهرحال، جهڙيءَ طرح اسان کي نون دوستن بنائڻ ۾ وڌيڪ محتاط ٿيڻ گهرجي، شايد اهڙيءَ ئي طرح اسان جي دوستن کي به نون رابطن پيدا ڪرڻ  ۾ خبردار ٿيڻ جي ضرورت آهي. سڄيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڌ کي ڇڏي ڏيڻ مناسب نه آهي. اعتماد قائم ٿيڻ  ۾ ڪافي وقت لڳندو آهي، ۽ هڪٻئي جي پرک سان، تعلقات جي پختگيءَ سان ايندي آهي، ۽ نه وقتي مصلحتن جي ڪري. اسان پنهنجن دوستن تي دوکيبازيءَ جو الزام لڳايو آهي، موجوده بين الاقوامي معاملن جي تمام وڏي دوکيبازيءَ جو هڪ ملڪ جي ٻئي ملڪ سان لاڳاپن واري دوستي ، سان ڪو ذاتي معاملو نه آهي, اهو بلڪل غير ذاتي معاملو نه آهي, اهو بلڪل غير ذاتي معاملو آهي. روس جي، پنهنجي اها ساک گهڻي زماني کان قائم رکي آهي، بهرحال، آئون حيران آهيان ته ” ايوان “ ۾ ڪنهن به شخص ڪيوبا جي موجوده صورتحال تي نه غور ڪيو ۽ نه ان جو ذڪر ڪيو آهي، ته ڪهڙيءَ ريت دلير ۽ جوان انقلابي، فيڊرل ڪاسترو، کي روس جهڙي سندس عظيم دوست گمراهه ڪيو ۽ ساڻس دغاڪئي.

ڪيوبا کي بريءَ طرح دوکو ڏنو ويو آهي. روس، پنهنجيءَ سرزمين کان تمام پري، انهيءَ ننڍڙي ملڪ ۾ ميزائل لڳايا، ۽ فڊل ڪاسترو کي سلامتي جو هڪ ڪوڙو احساس ڏياريو. پر جڏهن حالتن ڦيرو کاڌو، ته خروشيف ميزائل موٽائي ورتا۽ ان جي بدران مسٽر مڪويان کي موڪلي ڏنو!

اسين پنهنجي تاريخ جي هڪ تمام مشڪل دور مان لنگهي رهيا آهيون. موجودهه نازڪ صورتحال ۾، ڪنهن صحيح ۽ غلط قدم جي وچ ۾ فرق جو مطلب، اسان جي قوم لاءِ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق ٿي سگهي ٿو.

انهيءَ صورتحال کي اسان جي پرڏيهي معاملن واري وزير، مسٽر محمد علي نه صرف هتي، پر اقوام متحده ۾ به قابليت ۽ همت سان سنڀاليو آهي. هن صاحب اهڙي مشڪل ڪم جي سرانجامي جنهن طريقي سان ڪئي آهي، تنهن لاءِ مان کيس مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. سچ پچ تي هڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ۽ جيڪڏهن ” سنڌ جا اٺ“ سڀ مون اڪيلي کي عيوضي ۾ ڏنا وڃن، ته به آئون هوند سندس جڳهه والارڻ پسند نه ڪريان.

ڪنهن به قوم جي گڏيل عزم، ان جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي. انهيءَ عزم جو امتحان نازڪ وقتن ۾ ٿيندو آهي، نازڪ وقتن ۾ ئي قومن جو ڪمال يا زوال ٿيندو آهي. مون کي خاطري آهي ته جڏهن به اها امتحان جي گهڙي ايندي، تڏهن اسين ثابت قدم رهي سگهنداسين، ۽ هيءَ ڏهن ڪروڙن جي قوم پنهنجي فرض جي سڏ تي پوري جوش ۽ خروش سان لبيڪ چوندي. پاڪستان جي عوام طرفان ۽ سنڌ جي عوام طرفان. جنهن جي نمائندگي آئون پاڪستان جي حڪومت ۾ ڪري رهيو آهيان مان ساريءَ دنيا کي ٻڌايا ٿو، ته پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ موقعي جي تقاضا تي، اسين هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين، بلڪ پنهنجون جانيون به حاضر ڪنداسين، جنگجو ۽ غير جنگجو قومن جي ناجائز علاقائي جماعتبنديءَ کي ريٽيندي، مان چوان ٿو، ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان جي آزادي جي حفاظت لاءِ لڙڻو آهي ته پاڪستان جو هر هڪ فرد، عورت توڙي مرد سپاهي بنجي ويندو، سموري قومي هٿياربند ٿي ويندي. اسين جيڪڏهن غيرمغلوب جوش ۽ مضبوطيءِ سان وڙهياسين ته ڪاميابي اسان جا قدم چمندي.

جيڪڏهن اسين پنهنجي نصب العين جي قوت ۽ ثابت قدميءِ جي ساڳئي انداز سان جدوجهد ڪندا رهنداسين، ته ضرور ڪشمير کي به آزاد ڪرائي سگهنداسين، مون کي يقين آهي، ته قوم پنهنجي اڳواڻ ۽ پنهنجي جهنڊي جي چوگرد جمع ٿي ويندي. هوءَ اسان جي حفاظتي عالم – پناهن جو بچاءُ ڪندي، ۽ جيڪڏهن ضرورت پيئي ته جبلن کي اکيڙي ڇڏيندي.

پاڪستان جي حڪومت ڀارت جي حڪومت کي اپيل ٿو ڪري، ته هوءَ سرحدي جڳهڙي جي پرامن فيصلي لاءِ، عوامي چين جي مرڪزي حڪومت طرفان ڳالهين ڪرڻ جي فياضانه پيشڪش کي قبول ڪري. واسطيدار ٻنهي ڌرين تي، ۽ دنيا جي امن لاءَ ثالث هجڻ جي حيثيت ۾ اقوام متحده تي لازم آهي ته چين – ڀارت تڪرار جي نبيري لاءِ هو دلجوئيءَ سان ڪوشش وٺن، ورنه انڌي تقدير انهن قومن کي خود برباديءَ جي اوڙاهه ڏانهن گهلي ويندي.

جن عظيم شخصن کي پنهنجن قومن جي تقديرن تي اختيار حاصل آهي، تن تي ئي اهو فرض عائد ٿئي ٿو، ته هو هن توڙي ٻين سمورن اهم جڳهڙن کي انصاف ۽ مساوات جي اصولن پٽاندر فيصل ڪرائين، ته جيئن سڄيءَ دنيا جا انسان نادر موقعن واري دور جو مڪمل فائدو حاصل ڪري سگهن.

 

 

[ 3 ]

صدر ايوب ۽ وزير اعظم نهرو جي 29- ڊسمبر

سن 1962ع تي گڏيل پڌرائي

(1-ڊسمبر، سن 1962ع )

 

ڀارت جي وزيراعظم، مسٽر جواهر لال نهرو ۽ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدر پاڪستان جي صحيح ڪيل، 29- نومبر سن 1962ع جي شام واريءَ گڏيل پڌرائي تي جيڪا جناب عالي اوهان هن ايوان جي ميمبر صاحبن جي ڪلهه صبح واريءَ اخبار ۾ ضرور پڙهي هوندي، مان ان تي مختصر تبصري ڪرڻ جي اجازت چاهيان ٿو.

ماضي قريب  ۾ حالتون اهڙي ڊرامائي انداز ۽ تيزيءَ سان حرڪت ۾ آيون آهن، جو ڪنهن ڪنهن موقعي تي انهن سان قدم ملائڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. حالتن جي تازين تبديلين جي باري ۾ اسين بيحد فڪر مند آهيون. ڇاڪاڻ ته اهي نه رڳو پاڙيسري ملڪن سان اسان جي تعلقات تي اثر انداز ٿين ٿيون، بلڪ انهن ٻين ملڪن جي تعلقات تي به ، جن سان اسان جا لاڳاپا تمام گهرا آهن.

قومي اسيمبليءَ جي هيءَ اجلاس چين – ڀارت جهڳڙي مان ڀيدا ٿيل صورتحال جي ڪري سڏايو ويو آهي. اسانجين سرحدن لاءِ به يڪا يڪ خطرو پيدا ٿي پيو آهي، ۽ سڄو ملڪ شديد طرح ان کان متاثر ٿيو. انهيءَ ڪري، ضروري سمجهيو ويو ته هن اسيمبليءَ جي ميمبرن کي، جيڪي پاڪستان جي باشندن جا چونڊيل عيوضي آهن، اعتماد ۾ ورتو وڃي.

اسيمبليءِ ۾ اسان ڪار آمد تعميري بحث ڪيو آهي، ۽ ميمبرن جي ظاهر ڪيل مختلف راين ۽ ويچارن مان حڪومت ڪافي پرايو آهي. اسين خوش آهيون ته ڪشمير جي سوال ۽ ان بنا دير، باعزت ۽ انصاف ڀريي فيصلي جي باري ۾ اسين پنهنجي ملڪ جي عام تاثرات جو اندازو لڳائي سگهيا آهيون.

اسان پنهنجيءَ پر ۾ ڪوشش ورتي آهي، ته ايوان کي سڀني پيدا ٿيندڙ حالتن کان، انتظام ۽ مصلحت جي حدن اندر، آگاهه رکيو وڃي، پر حالتون اهڙيءَ تيزيءَ سان حرڪت ۾ آيون آهن جو عملي طرح اسان لاءِ هرهڪ کي پوري ريت باخبر رکڻ ممڪن نه ٿيو آهي. تنهن هوندي به اسان جي اها خواهش رهي آهي، ته عوام جي ذميداري عيوضين ۽ خاص ڪري مختلف گروپن جي اڳواڻن سان قريبي رابطو قائم رهي. جناب اعليٰ ، جيستائين هن گڏيل پڌرائي جو تعلق آهي، ها 29- نومبر تي، شام جي ستين بجي کان پوءَ جاري ٿي هئي. حڪومت جي ارادو هو ته ايوان کي انهيءَ پڌرائي جي پس منظر کان ڪلهه صبح جو آگاهه  ڪيو وڃي، پر مختلف گروپن جي اڳواڻن سان مشوري ڪرڻ کان پوءِ يڪراءِ اها صلاح بيٺي ته هيءَ پڌرائي ڇاڪاڻ ته هڪ تمام اهم دستاويز آهي، تنهنڪري ان تي ۽ ان جي پيچيدگين تي غور ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن کي وقت کپي ڪالهڪوڪي نشست کي انهي ءَ ڪري اڄ لاءَ ملتوي ڪئي ويئي. جيئن مان ٻڌائي چڪو آهيان، واقعن جي تيزي رفتاريءَ ڪري اهو ممڪن نه هو ته ايوان کي مسلسل تبديلين کان باخبر رکيو وڃي. سڀڪو ڄاڻي ٿو ته انهن جي هڪ گوشي کي ظاهر ڪرڻ حڪومت لاءِ هو ته ايوان کي مسلسل تبديلين کان باخبر رکيو وڃي سڀڪو ڄاڻي ٿو٩ ته جڏهٿن نازڪ يا تيز ڪري تي ممڪن نه هونديون آهن، ته انهن جي هر هڪ هنگاميءَ صورتحال جي ۽ جڏهن واقعي لوڪ – سڀا جا اجلاس به هلي رهيا هئا، ڀارتي حڪومت ان کي هن گڏيل پڌرائيءَ جي تفصيل کان آگاهه نه ڪيو اهڙين حالتن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي آهي. مون کي اميد آهي ته ايوان ان انهيءَ صفائي تي مطمئن ٿيندو. حڪومت جي اها ايماندارنه خواهش آهي ته قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ۽ انهي ئي سبب ڪري قومي اسيمبليءَ جو هي هنگامي اجلاس سڏايو ويو آهي. اسان جو ارادو، هن ايوان جي ذريعي پنهنجي انهيءَ خواهش کي هر ممڪن حد تائين جاري رکڻ جو آهي.

مان هاڻي ايوان کي ها پڌرائي پڙهي ٻڌائيندس. اوهان جي اجازت سان مان ان جو متن  پيش ڪريان ٿو.

پاڪستان جو صدر ۽ ڀارت جو وزير اعظم انهيءَ تي متفق ٿيا آهن، ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير توڙي ٻين واسطيدار معاملن جي اهم اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوششون ڪرن گهرجن ته جئين پاڪستان ۽ ڀارت پهلو پنهلوامن ۽ دوستيءَ ۾ رهي سگهن. انهيءَ خيال کان هنن فيصلو ڪيو آهي، ته ڪنهن ويجهڙائيءَ واري تاريخ تي، ڪنهن عزت ڀرئي ۽ انصاف جوڳي ٺاهه تي پهچڻ لاءَ ڳالهيون ڪيون وڃن. شروعات ۾ اهي ڳالهيون وزارتي سطح تي هلايون وينديون موزوئن تي مسٽر نهرو ۽ صدر ايوب جي وچ ۾ سڌيون ڳالهيون ٿينديون

صحيح ( جواهر لال نهر )

29- نومبر 1962ع

صحيح ( محمد ايوب خان )

29- نومبر 1962ع.

هيءَ پڌرائي ساڳئي ئي وقت راولپنڊي ۽ نئين دهليءَ مان جاري هئي ويئي.

پڌرائي جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪي نيون تبديلون ظهور ۾ آيون ، جن اصل ڳالهه کي ڪنهن قدر منجهائي ڇڏيو آهي  چيو وڃي ٿو ته ڀارت جي وزير اعظم، لوڪ – سڀا اڳيان پنهنجي ڏنل بيان ۾، پنهنجي پڌرائيءَ واري واعدي کي مروڙڻ يا موافق بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون کي قبول ڪرڻ گهرجي، ته پاڪستان ۾ ان بيان جو نه فقط حڪومت تي، پر سڄيءَ قوم تي استعال انگيز رد عمل پيدا ٿيو آهي. ٻين ملڪن جي نمائندن جن اسان جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءَ اسان کي هڪٻئي جو ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ورتي آهي، ۽ جي پاڪستان ۾ موجود هئا. سي ڀارتي وزير اعظم جي هن اظهار جي ڪري البت تيزيءَ سان پٺتي هٽيا آهن. مسٽر ائويرل هئريمن ( Averell Harriman )، آمريڪا جي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽ پاڪستان جي صدر ڪئنينڊيءَ پاران خاص ايلچيءَ جي بيان ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي، مسٽر هئريمن ، مسٽر نهروءَ جي پڌرائي پڙهڻ کان پوءَ ، فورا 30 – نومبر جي رات جو، هيٺيون اظهار ڪيو؛

” وزير اعظم نهروءَ، مسٽر ڊنڪن سنڊيز کي ۽ مون کي صاف طور ٻڌايو ته هو ڀارت ۽ پاڪستان ۾ تڪرارن کي نبيرڻ لاءَ بنا ڪنهن شرط شروط جي ڪشمير بابت ڳالهين ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مون کي پڪ آهي، ته هو پنهنجي انهيءَ وعدي تي قائم رهڻ گهري ٿو.“

انگلنڊ جي هاءَ ڪميشن به گذريل رات هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو آهي؛

اڄ رات .30- نومبر ڏهين بجي، مسٽر ڊنڪن سنڊيز جي ڪراچيءَ ۾ اچڻ تي. هن کي مسٽر نهروءَ جي لوڪ – سڀا ۾ ڏنل بيان جي رپورٽ ڏيکاري ويئي . پاڪستان ۾ ان بيان جي شديد رد عمل کي نظر ۾ رکي ، مسٽر سنڊيز دهليءَ ڏانهن ترت اهوئي سفر جو خيال ڪيو آهي، ته جيئن انهيءَ غلط فهميءَ کي دور ڪيو وڃي، جا جيڪڏهن قائم رهڻ ڏني ويئي. ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايندڙ ڳالهين تي شايد گهڻو نقصانڪار اثر پوندو“ جئين هي بيان ڏيکاري ٿو . جيتوڻيڪ مسٽر سنڊيز ۽ يونايٽيڊ ڪنگڊم دولست مشترڪه تعلقات جو سيڪريٽري لنڊن ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو، پر هو پنهنجي پروگرام کي بدلائي، نئين دهلي ڏانهن واپس وريو. اتي اڄ صبح جو سوير پهچڻ تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جيڪو اڃا اسانجين اخبارن ۾ نه ڇپيو آهي. مان ايوان جو ڌيان انهيءَ بيان ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو، جيڪو ٽيهين نومبر ۽ پهرين – ڊسمبر 1962ع جي رات جو پڌرو ٿيو. جنهن ۾ چيل آهي؛ اڄ شام جو جڏهن مان لنڊن ڏانهن واپس ويندي ڪراچيءَ پهتس ته مون کي مسٽر نهروءَ جي لوڪ – سڀا ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ايندڙ ڳالهين بابت ڏنل بيان جي رپورٽ ڏيکاري ويئي . ساڳئي وقت مون کي پاڪستان ۾ ان بيان سان پيدا ٿيل سنگين صورتحال کان واقف ڪيو ويو. مون کي يقين هو، ته اهو ڳالهه غلط فهمي جي ڪري پيدا ٿي آهي. تنهنڪري مون مناسب سمجهو ته ان کي دور ڪرڻ لاءَ، هڪدم دهليءَ وڃي. مسٽر نهروءَ سان ملجي جهڙيءَ طرح مون کي اميد هئي. مسٽر نهروءَ سواءَ پس وپيش جي ، مون کي خاطري ڏياري ته ائين سمجهڻ غلط آهي ته هن جي بيان ۾ مذاڪرات جي دائري کي محدود ڪرڻ يا ڪنهن به ڌر طرفان ڪنهن تجويز ڪيل حل جي غور کي خارج ڪرڻ جو ڪو ارادو ڏيکاريل هو. “ اڄ صبح جو اطلاع مليو آهي ته مسٽر ڊنڪن سنڊيز جو، ڀارتي وزير اعظم سان ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ ٻيو بيان شايع ٿيڻو آهي، جو هن ريت آهي؛

” مسٽر نهروءَ کي جڏهن مسٽر هئريمن ۽ مسٽر سنڊيز جي بيان تي اظهار راءِ ڪرڻ لاءِ چيو ويو  ته هن چيو؛

اهي بيان ڀارتي حڪومت جي رويي جي صحيح ترجماني ڪن ٿا. ڳالهين جي دائري تي، جن جو ٻئي حڪومتون آغاز ڪري رهيون آهن ڪڏهن به اوائلي شرطن جو سوال پيدا نه ٿيو آهي، جيئن مون ڪالهه لوڪ – سڀا ۾ ظاهر ڪيو، ڪشمير جو مسئلو پيچيدو ۽ مشڪل آهي؛ پر مون کي يقين آهي ته ٻنهي ڌرين طرفان خير خواهيءَ جي جذبي سان، هن توڙي ٻين مسئلن جو ڪو عزت ۽ انصاف وارو حل ڳولڻ ممڪن ٿي پوندو. هي آهي بيان جو اطلاع مطابق ڀارتي وزير اعظم اڄ صبح جو جاري ڪيو آهي.

هاڻي، جناب والا، اهم حقيقت هيءَ آهي ته ڀارتي وزير اعظم انهيءَ پڌارئيءَ تي دستخط ڪيو آهي، جا هاڻي دنيا جي ڏسڻ ۽ مطالعي ڪرڻ لاءِ هڪ عام دستاويز آهي، ۽ جنهن مطابق هو هو ڪشمير جي مسئلي بابت ڳالهين هلائڻ ۽ ڪنهن باعزت ۽ منصفانه فيصلي تي پهچڻ لاءِ رضا مند ٿيو آهي. اها ئي اهم ڳالهه آهي، ۽ سموريءَ لهه وچڙ جو اهم نقطو اهوئي آهي. مون لاءِ هت اهو سمجهائڻ ضروري نه آهي، ته جڏهن ڪا مقرر پاليسيءَ بدلبي آهي، تڏهن گهڻو ڪري تبديليءَ کي يڪدم تسليم نه ڪبو آهي؛ عام راءِ تي به غور ڪرڻو پوندو آهي. اسان کي معلوم آهي ته هن سوال تي ٻنهي ملڪن جا تاثرات ڪيتريقدر مضبوط آهن. انهيءَ ڪري ، حضور والا، مان اوهان جي ذريعي ايوان کي عرض ڪريان ٿو، ته صورتحال جي دشوارين کي سمجهندي، مسٽر نهروءَ لوڪ- سڀا ۾ جيڪي ڪجهه چيو آهي، تنهن جو ڪو گهڻو اثر نه ورتو وڃي.

جناب عاليٰ ماضي ۾ اسان کي ڦندي ۾ ڦاسايو ويو آهي. هي لفظ ڪو اهڙو فصيح نه آهي، پر ان مان اسان جو مطلب واضح ٿئي ٿو. ماضيءَ ۾ اسان کي  برغلايو به ويو آهي. اسين هڪ ڏکويل ڌر آهيون، هڪ آزاريل ڌر آهيون، انتهائي خبرداريءَ سان قدم کڻي رهيا آهيون. اسان کي صورتحال مان حد کان وڌيڪ مفهوم ۾ نه ڪڍڻ کپي؛ نه وري پنهنجي قوم طرفان به انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪرڻ کپي. اسان ماضيءَ ۾ ايمانداريءَ سان ڪشمير جي تڪرار کي ڳالهين رستي نيبرڻ جي ڪوشش ورتي؛ پر وريو ڪجهه ڪونه. هن وقت ڪيترائي مسلسل واقعا رونما ٿي چڪا آهن، جن جي مخصوص ميلاپ سان صورتحال ۾ هڪ نمايان تبديلي آئي آهي، تڏهن عوام کي ان جو اثر قبول ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪابه اهڙي طاقت يا ڪوبه اهڙو دليل ڪونهي، جنهن ۾ حالتن جي دٻاءَ کان وڌيڪ زور هجي. انهيءَ ڪري اچو ته بردباريءَ ۽ احتياط کان ڪم وٺون؛ پر ساڳئي وقت، اچو ته مسئلي کي حقيقت پسنديءَ جي انداز سان منهن ڏيڻ جو عزم ڪريون. اسان جي احتياط سبب. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀارت جي وزير اعظم ۽ اسان جي صدر جي وچ ۾ اعليٰ ڪانفرنس کان اڳ ، وزارتي سطح تي ڳالهيون هلائجن، انهيءَ مان ئي ظاهر آهي ته اسين جلدبازي نه ڪري رهيا آهيون. اسان جي حڪومت تجويز ڏني. ۽ ڀارتي حڪومت اها قبول ڪئي، ته پهريائين وزارتي سطح تي ڳالهيون ٿين، ته جئين ٻنهي ڌرين جي نقطه نظر جي ان حد تائين ڇنڊ ڇاڻ ٿي وڃي ، جنهن سان اصل ڳالهه ٻولهه جي پختي بنياد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪو ابتدائي اصول وجود ۾ اچي وڃي . اها حقيقت اسان جي احتياط جو ثبوت آهي، جيستائين اسان کي اها خاطري نه ٿي آهي، ته ڀارت جو منور تيءَ ۾ ڦيرو آيو آهي ۽ سندس رغبت سچيءَ دل سان ان پاسي آهي، تيستائين چوٽيءِ جي ڪانفرنس نه ڪوٺائي ويندي. هاڻي جناب والا! مان ايوان کي وري به يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو، ته گڏيل پڌرائيءَ ۾ ڏيکاريل ڳالهيون ، ٻين ملڪن سان اسان جي لاڳاپن کي ڪنهن خطري يا نقصان ۾ نه وجهنديون ڀارت ۽ پاڪستان جنهن ڳالهه تي اتفاق ڏيکاريو آهي، سا اهائي آهي. ته پنهنجن تڪرارن کي صلح پسندي حل ڪرائڻ لاءِ ڳالهيون هلائيندا عوامي چين جيڪا  ڀارت کي آڇ ڪئي آهي، سان به بلڪل اهڙي ئي آهي.

 جناب والا! مان اوهان جو تمام شڪر گذار آهيان جو مون کي ايوان کي مخاطب ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org