[ 4 ]
چين – ڀارت جهڳڙو – ڀارت لاءِ مغربي هٿيار- مغرب
سان معاهدا – ڀارت سان ڳالهيون – چين ۽ روس سان
لاڳاپا
(
4-
ڊسمبر ،
1962ع
)
پاڪستان جي قومي اسيمبليءِ جو هي هنگامي اجلاس
تڏهن سڏايو ويو هو، جڏهن اسان جي علائقي ۾ پيدا
ٿيل خطرناڪ حالتون نازڪ ڪڙيءَ تي پهچي ويون هيون.
هن اجلاس جي علائقي ۾ پيدا ٿيل خطرناڪ حالتون نازڪ
ڪڙيءَ تي پهچي ويون هيون. هن اجلاس سڏائڻ ۾ حڪومت
جو مقصد ملڪ جي مختلف حصن ۾ مختلف پارٽين سان تعلق
رکندڙ، قوم جي نمائندن جي راين کي معلوم ڪرڻ هو.
اسان بحث دوران پيش ڪيل تعميري تجويزن کي ٻڌي،
گهڻو سود حاصل ڪيو آهي. ڪشمير جي سوال تي. جنهن
کان اسين هميشه باخبر پئي رهيا آهيون چين – ڀارت
سرحدي جهڳڙي جي نتيجي ۾ جيڪا ڀارت کي ڳري فوجي
امداد ملي آهي، تنهن بابت هتي ظاهر ڪيل راين اسان
کي ڪافي متاثر ڪيو آهي.
جيئن مون پنهنجي
29-
نومبر واريءَ تقرير ۾ چيو هو، ڪنهن قوم جي پرڏيهي
پاليسيءِ ان جي اقتدار جو اعليٰ نشان ۽ ان جي
آزاديءَ جي علامت آهي. حقيقت ۾ اهو ڪنهن ملڪ جي
پاليسيءِ جو سڀ کان اهم ۽ سڀ کان نازڪ پهلو آهي.
پرڏيهي پاليسيءَ کي عام انبوهه جي رحم ۽ ڪرم تي
ڇڏي نٿو سگهجي. نه وري ان کي بازاري هنگامي جي
حوالي ڪري ٿو سگهجي. پرڏيهي پاليسيءِ جي جوڙجڪ
لاءَ حڪومت کي نه رڳو ملڪ جي ترت مفادن کي خيال ۾
رکڻو آهي، بلڪ ڊگهي عرصي وارن مفادن کي به ، تنهن
کان سواءِ حالتن جي بين الاقوامي رخ ۽ انهن جي ڦير
گهير سان تعلق رکندڙ هر قسم جي لاهه ۽ چاڙهه جون
سموريون حقيقتون فقط حڪومت وٽ ئي هونديون آهن. ملڪ
جي پرڏيهي پاليسيءِ جوڙڻ لاءَ اهو سڀ ڳالهيون آهن،
جن تي احتياط سان غور ڪرڻو آهي. هن ويهينءَ صديءَ
۾ حالتون ايترو تيزيءَ سان حرڪت پذير آهن، جو غير
رواجي حالتن ۾ ته خير، راوجي حالتن ۾ سڀني معزز
ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ هميشه ممڪن نه آهي. هيءَ
هڪ مڃيل حقيقت آهي ، جنهن جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه
آهيءِ ايوان ان جي صداقت جو قدر ڪندو رهيو آهي .
ڪنهن نازڪ موقعي تي، جيئن هن وقت آهي ، هن پاسي يا
هن پاسي. ڪوبه فيصلو اسان جي قوم ۽ اسان جي ملڪ جي
تقدير کي سنواري يا بگاڙي سگهي ٿو . جن جي مٿان
ذميداريءَ جو بوجهه آهي، تن کي هميشه اها ڳالهه
ڌيان ۾ رکڻي آهي. قومي اسيمبليءَ جي هنگامي اجلاس
طلب ٿيڻ تي، مان معزز ميمبرن کي يقين ٿو ڏياريان
ته جيتريقدر ممڪن ٿيو آهي، جيريقدر ضروري سمجهيو
ويو آهي، حڪومت کين اعتماد ۾ ورتو آهي. اسين سندن
تعاون جو قدر ٿا ڪريون، جو سياڻپ ۽ پنهنجائپ وارو
پئي رهيو آهي.
برصغير جي چوءَ گرد هڪ سنگين صورتحال وجود ۾ آئي
آهي. اها ڪجهه هفتا اڳ، اڄ کان وڌيڪ سنگين هئي؛ پر
اسان لاءِ اڃا به نازڪ وقت آهي، ۽ ان جا پري تائين
پکڙيل ڪڪر اڃا به اسان جي افق تي ڪارا پاڇولا وجهي
رهيا آهن بهرحال، اجلاس سڏائڻ وقت اسين ڪن حالتن
جي پيش بيني نه ڪري سگهياسين، جي انهيءَ عرصي
اندر ظهور ۾ آيون آهن. مثال طور؛ اسين عوامي چين
طرفان جنگبنديءَ واري يڪطرفي اعلان جو اندازو نه
لڳائي سگهياسين، جو خير خواهي ۽ امن جي اعليٰ ترين
مقصدن خاطر نه رڳو هن علائقي بلڪ سڄي دنيا جي
سلامتيءَ خاطر عمل ۾ آيو. اسين ٻين اهڙن واقعن جو
اڳواٽ اندازو لڳائي نه سگهياسين، جي منطقي طور
انهيءِ جنگبندي جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيا.
جنهن وقت چين جي سرحد تي جڳهڙو شروع ٿيو . پاڪستان
جي حڪومت انهيءَ بابت پنهنجي پوزيشن کي بلڪل واضح
ڪري ڇڏيو . اسان کي يقين هو ته هيءَ لڙائي سرحدي
جهڳڙي کان وڌيڪ حقيقت نٿي رکي. وڌ ۾ وڌ اها هڪ
خيالي جنگ آهي، ۽ ان جو سبب رڳو سرحد جي ردوبدل جو
سوال آهي، جنهن بابت خود ڀارت جي اڳواڻن به ڪجهه
سال اڳ تسليم ڪيو هو، ته سرحد جي اها ترتيب عوامي
چين مٿان مڙهي ويئي آهي.
جناب والا! عوامي چين طرفان جنگبنديءَ جو يڪطرفو
اعلان ۽ چين جي وزيراعظم طرفان ڀارت جي وزيراعظم
کي صلح جي آڇ، پاڪستاني حڪومت جي اختيار ڪيل رويي
کي صحيح ثابت ڪن ٿا.
اسان پنهنجيءِ طاقت آهر ضبط کان ڪم ورتو آهي. اسان
ٻين ملڪن کي به خبردار ڪيو آهي، ته اهي هن معاملي
۾ احتياط سان قدم وڌائين، ته جيئن عداوتون ٻيهر
اسري نه سگهن، ۽ تڪرار جو دائرو وڌيڪ ڦهلجي نه
سگهي. ليڪن باوجود اسان جي احتياط واري مشوري جي،
ڪن ملڪن، پنهنجن ذاتي مقصدن خاطر، ڀارت کي بي
انداز هٿيارن جو تحفو ڏيڻ مناسب سمجهيو ، انهيءَ
لاءَ جيئن هو عوامي چين سان پنهنجي جنگ جاري رکي
سگهي.
ڪن مغربي ملڪن وٽان ڀارت کي هٿيارن جي امداد، اسان
لاءَ خطرو پيدا ڪري وڌو آهي. هي اهڙو مسئلو آهي.
جنهن پاڪستاني باشندن کي بيچين ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن ڀارت کي هيءَ هٿيارن جي فراهميءَ موجوده
پيماني تي جاري رهي، ته اها لازمي طرح چين- ڀارت
جهڳڙي کي ڀڙڪائيندي، ۽ شايد اڃا به وڌيڪ سنگين
صورت اختيار ڪري، ائٽمي تباهيءِ جي حد تائين پهچي
ويندي. اسين پنهنجيءَ پر ۾ مطمئن آهيون. ته مغربي
ملڪن کي خبردار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. اسان
جي احتجاجن جي باوجود، هنن ملڪن پنهنجي عالمگير
مفادن، خاطر پڙ ٻڌي، ڀارت کي فوجي امداد جي آڇ ڪئي
آهي. بدقسمتيءَ سان، ڀارت وڏي پيماني تي هٿيارن هٿ
ڪرڻ لاءِ ان جي نتيجن کان بيپرواهه ٿي، موقعي جو
فائدو وٺي رهيو آهي. ان جا نتيجا ڏاڍا خطرناڪ ثابت
ٿيندا، فقط ڀارت لاءِ بلڪ هن ساري علائقي لاءِ. هن
۾ ڪوبه شڪ ناهي ته آمريڪي ۽ برطانوي هٿيارن لاءَ
پنهنجا دروازا کولي، ڀارت پنهنجي ۽ چين جي وچ ۾
صورتحال کي بگاڙي رهيو آهي.
اسان کي ٻڌايو ويو آهي، ته ڀارت کي پنهنجين
هٿياربند فوجن جي موجوده طاقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه
سيڪڙو اضافي ڪرڻ جو خيال آهي، ڀلي ته ڪوبه معقول ۽
غير جانبدار مبصر هن ڳالهه تي ويچار ڪري پنهنجو
فيصلو ڏئي، ته فوجي طاقت ۾ اهو اضافو ڀارت جي
اقتصادي وسيلن، ان جي سياسي تدبر ۽ حقيقي دفاعي
ضرورتن مطابق آهي يانه؟ ڀارت لاءَ اهو اندازو
لڳائڻ ته هو ايتري مقدار ۾ فوج جو بار برداشت ڪري
سگهدو، حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. ڀارت جي اهڙي ڪوشش
نه رڳو ڀارت جي چين سان تعلقات ۾ پيچيدگيون پيدا
ڪندي، بلڪ پاڪستان توڙي ٻين پاڙيسري ملڪن سان
تعلقات ۾ به .
اسان کي ٻڌايو ويوآهي . ته ڀارت کي هٿيارن جي مدد
جي ضرورت ، چينين کي هڪلي ڪڍڻ جي مراد سان آهي. هي
ٻيو خطرناڪ خيال آهي. جيڪڏهن ڀارت چينين کي انهي
هنڌ ڏانهن واپس ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندو، جتي تازو
جهڳڙو ٿيوهو، ۽ جتي آمد ورفت جا وسيلا حد در جي
بيڪار آهن، ته پوءَ ان جي ڪري اهڙي صورتحال پيدا
ٿيندي، جيڪا برصغير ۽ ساري ايشيا لاءَ هڪ تمام
سنگين خطرو بنجي ويندي.
اڄوڪي ويهينءَ صدي جي زماني ۾ ڪنهن طاقت جي وسيلي
پسپا ڪرڻ جي خيال جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي . سڀني
سنجيده ماڻهن جي دلين ۾ هر وقت ائٽمي تباهڪاريءَ
جي خطري موجود هجڻ ڪري، جهڳڙن کي حل ڪرڻ جو فقط هڪ
ئي اپاءَ آهي، ۽ اهو آهي باهمي گفتگو جو ذريعو.
سلامتيءَ جو مدار بين الاقوامي قانون جي دائري ۾،
شائسته طريقن سان عمل ڪرڻ ۾ ئي آهي، ۽ نه هڪ نئين
آزاد ٿيل قوم جي وقتي جذبي ۾ غرور يا جوش تي، ڀارت
طرفان چينين کي پٺتي هٽائڻ جي ڪوشش نه فقط ٻنهي
ڌرين جي وچ ۾ مڪمل جنگ جو رخ اختيار ڪندي، بلڪ
پوءِ اهو جهڳڙو شايد اڃا به گهڻو وسيع ٿي وڃي.
اسين چاهيون ٿا، ته نه رڳو ڀارت جا باشندا، پر اهي
مغربي طاقتون پڻ، جي اٻهرائيءَ سان ڀارت جي هٿن ۾
کيڏي رهيون آهن، اهو محسوس ڪن ته سندن اختيار ڪيل
غلط رستو، برصغير ۽ ايشيا جي سمور ي عوام تي بي
انداز مصيبتون نازل ڪري سگهي ٿو، ڀارت کي ايتري
مان ئي سبق سکڻ کپي، ته عوامي چين جهڙيءَ عظيم
طاقت سان هٿيارن وسيلي زور آزمائي ڪرڻ خودڪشيءَ جي
برابر آهي.
گوا وانگر عوامي چين ڪو ڀارت جي منهن تي موهيڙي
واري خسيس حيثيت نٿو رکي، اهو هڪ ديو آهي. اهو هڪ
وسيع ۽ لافاني، پنجهٺ ڪروڙ باشندن جو ملڪ آهي. جي
هڪ ساڳئي مقصد ۽ ساڳين عقيدن لاءَ پاڻ متحد آهن،
جنهن مقصد ۽ جن عقيدن کي حاصل ڪرڻ لاءَ هو خوشيءَ
سان پنهنجيون جانيون به قربان ڪري ڇڏيندا. اهو
ڀارت جي باشندن، برصغير جي باشندن ۽ اسان جي سموري
علائقي جي باشندن جي مفاد وٽان آهي، ته ڀارت چين
جي وزير اعظم جي آڇ قبول ڪري، باهمي گفتگو لاءِ ٿي
وڃي، ته جيئن هيءَ جهڳڙو چين توڙي ڀارت، ٻنهي جي
حق ۾ خيرخوبيءَ سان طيءَ ٿي وڃي.ڀارت پنهنجيءَ فوج
کي بي ڊپائي سان وڌائڻ جي خواهش جو اصلي.
مقصد اهو هو، ته ٻن محاذن لاءَ لشڪر تيار ٿئي.
جئين اهو عوامي چين ۽ پاڪستان سان مقابلو ڪري، بي
انداز امداد جي طلب سان، در اصل ڀارت جو اهوئي
مقصد آهي، ڀارت پنهنجين هٿاربند فوجن کي مضبوط ڪرڻ
جو انهيءَ ئي مقصد سان خطرناڪ داءَ لڳائي رهيو
آهي. اسين انهيءَ صورتحال کي صبر سان قبول نه ڪري
سگهنداسين. هن ايوان ۾ توڙي ٻاهر، هن ڳالهه جو
چڱيءَ طرح اظهار ڪيو ويو آهي، ته پاڪستان جا
باشندا هن معاملي ۾ فڪر مند آهن. مان وري به مغرب
جي جمهوريت پسند ملڪن اڳيان هيءَ ڳالهه زوردار
نموني ۾ داهرائڻ چاهيان ٿو، ته هن خطرناڪ مهم ۾
جلد بازيءِ سان ٽپي نه پون. ڇاڪاڻ ته ڪير ٿو. ڄاڻي
ته انهيءَ ئي سبب کان ائٽمي تباهڪاريءَ واري
عالمگير جنگ ڇڙي پوي! ضرورت انهيءَ جي آهي، ته نه
رڳو چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ صلح ٿئي، پر ڀارت ۽
پاڪستان ۾ فوجون هٽايون وڃن ، فوجن کي هٽائڻ
انهيءِ حالت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ڪشمير جي بارودي
سوال کي باعزت ۽ انصاف پسند بنياد تي حل ڪيو وڃي،
جيستائين پاڪستان جو تعلق آهي، اسان هميشه اهڙي
فيصلي لاءَ رضامندي پيئي ڏيکاري آهي.
تازين حيرت انگيز ۽ نازڪ حالتن جي نتيجي ۾، ڀارت
جي وزير اعظم ۽ پاڪستان جي صدر طرفان هڪ گڏيل
پڌرائي اچي چڪي آهي. ٿورا ڏينهن ٿيا ته مون ان
باري ۾ هڪ بيان ڏنو هو. مان ٻڌائڻ چاهيا ٿو ته
اسان سڀني کي معلوم آهي، ته ڪشمير جو مسئلو هڪ
منجهائيندڙ مسئلو آهي، ۽ ان ۾ هن برصغير جي ٻن
قومن جو وقار ۽ جذبو سمايل آهي. پر هن پيچيدي
مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ جنهن گذريل تڪليف وارن
پندرهن سالن جي عرصي ۾ فيصلي کان ڪناره ڪشي پئي
ڪئي آهي، اسان لاءَ ضروري آهي ته جذباتيت کي
پاليسيءَ کان الڳ ڪريون ۽ وقار کي حل جي تلاش کان
پاسيرو رکون، گڏيل پڌرائيءَ هن ايذائيندڙ
پيچيدگيءَ کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو آهي،
انهيءَ گڏيل پڌرائي بابت چيو ويو آهي، ته اها
دراصل هڪ سازش هئي، جنهن جو اسين شڪار ٿيا آهيون،
۽ ڀارت ان طرح سان وڌيڪ وقت حاصل ڪرڻ ٿي گهريو، يا
هيءَ ڳالهه ته ڀارت ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءَ
خواهان نه آهي، ۽ ڪشمير جي قبضي کي ڀارت هڪ طيءَ
شده ڳالهه سمجهي ٿيڻ جهڙو حصو سمجهي ٿو. هن ايوان
۾ اهي دليل پيش ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي قبول
ڪيو وڃي ته انهيءَ جو اهو مطلب نڪرندو ته گڏيل
ڳالهه قبول نه ڪرڻ کپندي هئي. در حقيقت اهي دليل
گڏيل پڌرائيءَ جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته
اها پڌرائي انهيءَ نقطه نظر جي ترديد جو هڪ واضح
دليل آهي، ته ڪشمير ڪو هڪ مرده مسئلو آهي ۽ ثابت
ڪر ي ٿي، ته اهوهڪ زندهه مسئلو آهي، ۽ ڀارت جي
وزير اعظم ان جي اهڙيءَ حيثيت کي پندرهن سالنءَ جي
مخالفت کان پوءَ تسليم ڪيو آهي.
هاڻي اچو ته حقيقت معلوم ڪريون. اسان کي معلوم
آهي، ته هي مسئلو دٻيل رهيو آهي، يا ان کي د ٻائڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اچو ته اهو به تسليم ڪريون
ته ان باري ۾ ٻنهي ملڪن جو رويو سخت رهيو آهي.
گڏيل پڌرائيءَ سان ڪريون نه ، ته گهٽ ۾ گهٽ اها
صورتحال ضرور تبديل ٿي ويئي آهي. انهي ءَ لحاظ کان
ڏسبو ته اسان اڳتي قدم وڌايو آهي.
جيئن مون ڪلهه چيو هو، جڏهن سخت حالتن مان پار پوڻ
جو وقت آيو آهي، تڏهن اسان کي ڪي قدر بردبار ٿيڻو
آهي ۽ انصاف لاءَ اسان کي هڪ نئون ماحول پيدا ڪرڻو
آهي، ته جيئن ٻنهي ڌرين ۾ خير خواهي پيدا ٿئي،
جيستائين ائين نه ڪبو، تسيتائين حالتن جي ڪيتري به
سخت مجبوري يا انهيءَ باري ۾ حالتن جي تقاضا ياڪن
ٻين معقول سببن جي باوجود، هڪٻئي سان ڳالهين هلائڻ
جي ڪا به سچي ڪوشش ٿي ئي ڪانه سهگندي. انهيءَ ڪري
. ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ باقاعدي گفتگو شروع ڪرڻ کان
اڳ، اسان کي هڪ نئون ماحول پيدا ڪرڻو آهي، ته جيئن
ٻنهي ڌرين ۾ خير خواهي پيدا ٿئي . جيستائين ائين
نه ڪبو. تيستائين حالتن جي ڪيتري به سخت مجبوري،
يا انهيءَ باري ۾ حالتن جي تقاضا يا ڪن ٻين معقول
سببن جي باوجود، هڪٻئي سان ڳالهين هلائڻ جي ڪابه
سچي ڪوشش ٿي ئي ڪانه سگهندي. انهي ڪري، ڳالهين ۾
شريڪ ٿيڻ ۽ باقاعدي گفتگو شروع ڪرڻ کان اڳ، اسان
کي فرض ڪرڻو آهي، ته هن مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ ٻي
ڌر طرفان به خير خواهي ۽ خواهش موجود آهي. ٻئي
طرف، جيڪڏهن اسين شڪي آهيون ۽ شڪست کاڌل انداز سان
ابتدا ڪنداسين، ته ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، هڪڙو
قدم به اڳتي نه وڌندو، ۽ جيڪڏهن قدم اڳتي نه وڌيو،
ته مون کي انديشو آهي ته ڪابه حڪومت هي مسئلي کي
طيءَ نه ڪري سگهندي.
اسين ڪي بي ڪرامتون نٿا ڏيکاري سگهون. اسين اهڙائي
حب الوطن آهيون، جهڙا مخالف ڌر وارا آهن. هن ايوان
اندر، اسان جي وچ ۾ فقط هڪڙيءَ ليڪ جو ويڇو آهي.
اهو چوڻ صحيح ۽ انصاف وارو نه آهي ته ڪو اسين حب
الوطنيءَ کان خالي آهيون. هن مسئلي تي اسان جو رخ
اهڙو سخت نه آهي، جهڙو هنن جو ، جيئن مون چيو آهي،
فقط هڪڙي ليڪ آهي، جيڪا هنن کي اسان کان الڳ ڪري
ٿي- اها الڳ ڪرڻ وري ليڪ هنن کي ڪو حب الوطنيءَ جو
پروانو نٿي ڏئي، نه وري فقط هوئي سڄيءَ دنيا ۾
دانائي جو گنجينو آهن. هو اقليت ۾ آهن، پر اڪثريت
جي پيچيدگين سان، کين محسوس ڪرڻ گهرجي ته اسين به
انهن وانگر ڪشمير جي مسئلي کي پڄاڻي تي پهچائڻ
لاءَ اهڙائي فڪر مند ۽ ارادي جا پڪا آهيون.
اسين خوش آهيون ته اذيتناڪ پيچيدگي پاش پاش ٿي
چڪي آهي، قدم ڪجهه اڳتي وڌيا آهن ، ٿي سگهي ٿو ته
ڪا فريبڪاري اسان جو انتظار ڪندي هجي، مان تسليم
ڪريان ٿو، ته ماضي ۾ اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو، ته اسان ڪيتريقدر
ڪشاده دليءَ کان ڪم ڪندا رهيا آهيون۽ ڪيتريقدر
اسان کي هر موقعي تي ٺڳيو ويو آهي. اسان کي اهو سڀ
معلوم آهي ، پر مان ڀانيان ٿو ، ته انهيءَ تجربي
سان، باوجود ماضيءَ جي تلخيءِ جي، اسين انهن
ڳاليهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءَ بهتر حالت ۾ هونداسين،
تنهن کان سواءِ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ سان اسين ڪجهه
به نه وڃائينداسين، بر خلاف ان جي، اسين ڪجهه نفعي
۾ ئي رهنداسين.
هاڻي مان گڏيل پڌرائيءَ تي اچان ٿو. ان ۾ چيل آهي؛
” پاڪستان جو صدر ۽ ڀارت جو وزيراعظم انهيءَ تي
متفق آهن، ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪشمير ۽ ٻين
لاڳاپو رکندڙ مسئلن جي باري ۾ رهيل اختلافن کي
سلجهائڻ لاءِ “ نئين سر ٻين لاڳاپو رکندڙ مسئلن جي
باري ۾ رهيل اختلافن کي سلجهائڻ لاءِ نئين سر ڪوشش
وٺڻ گهرجي، “” لاڳاپو رکندڙ مسئلا“ وارا لفظ خاص
طور تي اهم آهن. مان انهن جي تفصيل ۾ وڃڻ نٿو
چاهيان، ڇو ته جيڪو ماحول اسين پيدا ڪرڻ چاهيون
ٿا، تنهن تي متان ڪو اثر پوي – اهو ماحول جو نفرت
۽ ماضيءَ جي سمجهاڻيءَ ۾ وڃڻ نه چاهيندس پر انهن
لفظن جي مفهوم تي ضرور غور ڪرڻ فرمائيندا. جڏهن
مخالف ڌر مطالبو ڪري ٿي، ته اسان کي پڌرائي ۾ هي
يا هو شرط شامل ڪرڻ کپي ها. ته هنن کي ٻين لاڳاپي
رکندڙ مسئلن“ جي لفظن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.
مخالف ڌر جي نقطه نظر ۾ ڪي قدر تضاد آهي. هڪ طرف
هنن جو مطالبو آهي؛ باقاعدي وقت ۽ ميعاد جي حد
مقرر ڪريو، جيئن ڀارت ڪا تاخير نه ڪري ۽ ڪشمير ۾
پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءَ مهلت حاصل نه ڪري
سگهي ٻئي طرف ” ٻين لاڳاپي رکندڙ مسئلن “ بدران
هنن “ ٻين مسئلن جي فهرست مذاڪرات لاءَ تجويز ڪري
پيش ڪئي آهي، جنهن لاءَ حد کان زياده وقت درڪار
ٿيندو. سندن تجويز ڪري پيش ڪئي آهي. جنهن لاءَ حد
کان زياده وقت درڪار ٿيندو. سندن تجويز ڪيل ٻيا
مسئلا بيشڪ اهم آهن. پر ڪشمير جي مقابلي ۾ انهن جي
اهميت گهٽ آهي، ۽ چاهين ٿا، ته انهن کي به بحث جي
دائري اندر آندو وڃي. جناب والا، هو ڪنهن ڳالهه کي
حيرت انگيز حد تائين ناموافقيت ۽ تيزيءَ سان منظور
۽ رد ڪرڻ جو طريقو هلي رهيو آهي.
مان هر ايوان توڙي پاڪستان جي سمور ي عوام جي غور
لاءَ گذارش ڪريان ٿو، ته اسان کي الٽي روش اختيار
نه ڪرڻ گهرجي. اسان جون ڪوششون پنهنجي حاصلات جي
خلاف نه هئڻ گهرجن. آخرين طور جيڪا صورتحال هن وقت
پيدا ٿي چڪي آهي، تنهن جي خيرمقدم ڪرڻ ۾ اسان جو
ڪوبه نقصان ڪونهي. ائين ڪرڻ سان اسين ٻين ملڪن سان
پنهنجن لاڳاپن کي خطري ۾ نٿا وجهون – هن معاملي جو
ذڪر آئون اڳتي هلي ڪندس. ڀارت سان اسان جي پراڻن
ناتن ختم ٿيڻ کي نظر ۾ رکي، اسان کي موجوده
صورتحال جو خير مقدم ڪرڻ گهرجي.
مخالف ڌر جي ميمبرن اهو به چيو آهي، ته اسين ڪشمير
جي باشندن جي مفادن ۽ خواهشن جي سوديبازي نٿا ڪري
سگهون، ۽ ڪشمير جي باشندن سان نه رڳو مشورو ڪرڻ
گهرجي ها. بلڪ انهن کي ڳاليهن ۾ شريڪ به ڪجي ها.
مان سندن خوش تدبيريءَ سان اپيل ڪندي، پڇان ٿو ته
قانوني طرح اهو انتظام ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ها؟
ڪشمير جو سوال، جنهن کي مون ” پاڪستان لاءِ سوالن
جو سوال “ سڏيو آهي، سوئي ڀارت ۽ پاڪستان جي
خوشگوار ۽ دوستاڻن ناتن ۾ رڪاوٽ آهي -- ۽ اها
حقيقت ڏيکاري ٿي، ته ڪشمير جي باشندن لاءَ اسين
ڪيتريقدر نه فڪر مند آهيون. اسين ڪشمير بابت بي
توجهيءَ سان نٿا ڳالهائي سگهون، اسان جي طرفان
ڪشمير جي فيصلي جي تقاضا جو اهوئي مطلب آهي، ته
اسين ڪشمير جي عظيم ۽ بهادر باشندن جي جائز تمنائن
۽ مصيبتن کي ڌيان ۾ رکي رهيا آهيون.
اهو به چيو ويو آهي، ته اسان کي ڀارت اهي ڳالهيون
نه هلائڻ کپن، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن نه ڪنهن
نموني ۾ اقوام متحده کان روگرداني ٿئي ٿي، يا
اقوام متحده ۾ اسان جي پوزيشن ڪمزور ٿئي ٿي. هيءُ
اهڙو دليل آهي، جو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. مان
اوهان جو ڌيان اقوام متحده جي پڌرنامي جي هڪ قلم ،
يعني باب ڇهين جي ٽيٽيهين قلم، ڏانهن ڇڪائڻ گهران
ٿو، جنهن ۾ چيل آهي؛
.(1)
ڪنهن به اهڙي تڪرار سان لاڳاپو رکندڙ ڌريون، جنهن
تڪرار جي جاري رهڻ سان بين الاقوامي امن ۽
سلامتيءَ جي برقراريءَ لاءَ خطري جو امڪان هجي، سڀ
کان اول گفت و شنيد، تحقيق، وساطت، مصالحت، ثالثي
، عدالتي نبيري، علائقائي وسيلن يا نظام مان مدد
وٺڻ يا پنهنجن منتخب ڪيل پرامن طريقن سان حل ڪرڻ
جي ڪوشش وٺنديون.
(2) سلامتي
ڪائونسل، جڏهن به ضرورت محسوس ڪندي، ڌرين کي انهن
طريقن سان پنهنجن تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ پابند
بنائيندي.“ |