خدا کي شوق آ رنگن جو آهه هر رنگي،
۽ رنگ روپ هي ٻاهر حساب کان سمجهو.
هي آسمان ۽ ڌرتي، هي درسگاهه عظيم،
ڪتاب حق جو فقط هڪڙو داستان سمجهو.
بشر کي ڪهڙي آ قدرت جو شرح نقطه ڪري،
جو نقطه نقطه ۾ بي انتها بيان سمجهو.
مگر تصور قدرت ۾ آهه فرحت دل،
مگر ڪلام زبان راحتِ روان سمجهو.
هزار رنگ ٿو ڏيکاري آب بيرنگي،
اهائي حالتِ بيچون و بي چنان سمجهو.
پلڪ ۾ رنگ ٺهن ٿا پلڪ ۾ بيرنگي،
مثال ڪافي اهو دان ڪُن فَڪان سمجهو.
جهان سڄو آهي قدرت جو هڪڙو رنگ خيال،
تماشگاهه جهان خوابگاهه جان سمجهو.
سبق اهي هي جبل خوب پئي پڙهيا آهن،
اڄ اوستاد ازل جا هو رازدان سمجهو.
سبق خير هنن پڙهيو آهه تقويٰ جو،
هنن کي شوق وضو سان صفائي سان سمجهو.
بدن انهن جي مٿان آ سدا سفيد لباس،
اگرچه رنگ سندن جان ۾ بيڪران سمجهو.
ڏسو هنن کي ادب سان قيام ۾ بيٺل،
مزو ۽ صحت انهن جي ادب منجهان سمجهو.
پڙهي پڪا ٿيا آهن هو درسِ خودداري،
تڏهن ئي فيض آ جاري سندن هٿان سمجهو.
گٺل ڪلهن تي کڻڻ ٿا هو باغ ۽ بُستان،
جو بيحساب ۽ بيحد هي بوستان سمجهو.
سندن مٿي تي ڏسو تاج ڪوهه نور هزار،
صبوح شام شهاني لباس سان سمجهو.
هلياسين هيٺ ڏسڻ طرف منبع گنگا،
ڏسڻ جو شوق گهڻو مون کي مهربان سمجهو.
ڏٺاسين ٻُوٽيون ۽ گُل بيشمار رستي تي،
ٻُڌو نه هو مون سندن نام ۽ نشان سمجهو.
ڪي زهردار هيون ٻوٽيون ۽ ڪي نشيدار،
ڇهڻ انهن جو بدن لاءِ پُر زيان سمجهو.
بنفشه نازبو سنبل جو ڪو حساب نه هو،
گلن ڦلن جي نموني کي بي بيان سمجهو.
هزار موتيه سوسن گلاب چنبيلي،
ڪروڙ لاله و ريحان ۽ زعفران سمجهو.
پَسي هنن جو پسارو لٿاسين هيٺ ۽ هيٺ،
۽ نيٺ ڪا مٽي آئي اکين اڳيان سمجهو.
هي ڪا مٽي نه چئو هي نياگرا سمجهو،
هي آبشار نه سمجهو هي شيردان سمجهو.
هي ڪاري جهنگ کي چيري ڪري اُڌو اَڌ ٿو،
هي آسمانِ معليٰ ۾ ڪهڪشان سمجهو.
غلط مون سمجهو تجليءَ طور شايد ناهه،
هُو نور لحظه هو هي نور جاودان سمجهو.
حصول حضرت موسيٰ کي هُت ٿي محرومي،
هتي ته جيڪو اچي شاد و ڪامران سمجهو.
اُتر طرف ڏي ڏسو نورِ وادي ايمن،
اها سفيدي ڪنهين جاءِ جي متان سمجهو.
بهشت کي ڇڏي هت آيو آهه هڪ طائوس،
سڀئي بهشتي ڪرن ٿا وڃان وڃان سمجهو.
بهشت شوق منجهان ٿي پيو آهي دوزخ،
پُر از تفڪر و تشويش باغبان سمجهو.
ڪري هي سير وري ساؤٿ ووڊ آياسين،
جو خاص و عام وٺي فيض ٿو هتان سمجهو.
مان بيخيال ٿيو ويٺو هوس اوندهه رات،
ته سڏ حبيب مٺي جو مون ٻاهران سمجهو.
اچان ته ڇا ڏسان ٻاهر ٿيو عقل چرخ سندم،
مون ڪجهه نه سمجهيو خوابِ ناگهان سمجهو.
مون تَڙتَڪڙ ۾ ڇهيا عضوا پنهنجا هر هر ٿي،
مون ڇا مان ڇا ٿي ڏٺو ڇا ٿي ڇا منجهان سمجهو.
مگر ڪي جن کڻي آيا آسمان اندر،
مٿي ۽ هيٺ ستارا هوا عيان سمجهو.
پڙهي مون آيتِ ڪُرسي ڏنو مون ذڪر تي زور،
فقط خدائي مددگار هت ٿي مان سمجهو.
هي حال منهنجو ڏسي دوست منهنجو هٿ ورتو،
ڪيائين مون کي خبردار خير سان سمجهو.
چيائين مونکي هو هيٺ آهه شهر دهرادون،
ستارا جيڪي چئو ٿا سي شمعدان سمجهو.
هزار شڪر خدا جا ڪيا مون حيرت ۾،
مون پنهنجو ضعف ڏٺو حالِ ناتوان سمجهو.
ضرور آهه حقائق جو هاڻي ڪجهه اظهار،
لکان ٿو شعر نوان مان مگر اوهان سمجهو.
مسوري ۾ نه رهڻ جو آ حق غريبن کي،
هي خاص منزلِ حڪام و خاندان سمجهو.
غريب نيچ ملازم رهي ٿا گذران ڪن،
ڪُلها انهن جا پلان پير نردبان سمجهو.
غريب پورهئي هٿن جي ۾ جانفشان سمجهو،
امير عيش ۽ عشرت ۾ شادمان سمجهو.
عجيب آهه هي تقسيم روزيءَ انسان،
سدا بهار ڪٿي ڪٿ سدا خزان سمجهو.
هتي تيار ڪيو ويو هو دار منصوري،
مُلن هو ڳولي لڌو واهه هي مڪان سمجهو.
مسوري چئو هي مسوري آ دار منصوري،
جو دار هن ۾ رهن ٿا امير ۽ خان سمجهو.
مُلن جو نالو به دنيا ۾ ڪونه ظاهر آهه،
۽ شاهه وقت سان منصور همعنان سمجهو.
هتي رهن ٿا فرنگي سپاهه سو ۽ هزار،
ڏسڻ انهن جي کان دل منهنجي گلستان سمجهو.
هي ساري هند کي ٿا زير حڪم قابو ڪن،
هي پاسبان خدائي تي پاسبان سمجهو.
صبوح شام وڄن ٿا نغاره ۽ قرناءِ،
هي اهل هند جي همت جا شرح خوان سمجهو.
هي هند لاءِ ٿئي شال صور ٻي ثابت،
جو مرده زندهه ڦري ٿين ٻُڌي اذان سمجهو.
گهمن ٿا گورا ۽ گوريون عجيب لهجه ۾،
انهن جا بازو کليل ۽ ڇڙيل عنان سمجهو.
هنن کي ساز تمدن جا هِن سڀئي موجود،
هو نيٺ هند جا حڪام ۽ قهرمان سمجهو.
اثر هنن جي تمدن جو واهه پکڙي ٿو،
هنن جي راهه ۾ هندي چڱان چڱان سمجهو.
غرض مسوري جو سڀ حال رنگ شوق ڏسي،
نه هند سمجهه ولي انگليستان سمجهو.
ڀلا جو شام جو بازار مصر جي ٿي کُلي،
هزارها هتي دلگير ۽ دلستان سمجهو.
فقط نظر سان ملي ٿو ڪنهين کي باد آورد،
ڪنهين جي حضرتِ دل کي به رائگان سمجهو.
حَسين تير موافق ڪمان جان عاشق،
ملن ٿا ائين جيئن تير ۽ ڪمان سمجهو.
مزو اهو ئي ٿئي ٿو حصول الفت ۾،
اهو معاملو ايئين ئي آهه مان سمجهو.
اچي هزار ٿا ويهن ڪتاب گهر سامهون،
جي پيرساله هجن سي به نوجوان سمجهو.
ڳلي ڳلي ۾ ڦرن ٿا سوين پري پيڪر،
ارم ارم کان زيادهه دڪان دڪان سمجهو.
فروخت مرد پيا ڪن خريد جنس لطيف،
هميشـﮧ بار خريديءَ جو تن مٿان سمجهو.
ڇٽي سڀن کي ڏسي آفتاب کي م چئو،
بجاءِ باهه جي پاڻيءَ جي سائبان سمجهو.
شڪم شريف گهڻن جي کي چائدان سمجهو،
گهڻن جي دهن مبارڪ کي ٻاندان سمجهو.
ڪڪر مٿي ٿا اچن ڪاهي مثل طوفان جي،
عجيب آهي هي تاثير دودمان سمجهو.
جي زرد رُو هوا اول سي ٿا ٿين گلفام،
گهرن کي صاف ۽ روشن گلاب دان سمجهو.
و ليڪ ياد ٿو شبنم ڏياري هر آن ۾،
آ هر ڪنهين کي هتان هلڻو اڄ سڀان سمجهو.
اچي ٿو بيت مٿان بيت ۽ هزار خيال،
ٿيو آ حصه مضمون ادا اڃان سمجهو.
مگر صدا ٿو ٻڌان مان هي چئني طرفن کان،
لحاظ وقت جو ڇا ناهه تو ميان سمجهو.
زهي سليم طبيعت زهي بديع ڪلام،
ڪلام
حيدر
خوشگو جو قدردان سمجهو،
ڪنهين نه سنڌ ۾ اهڙو سخن چيو ڪڏهين،
هي اوستاد سخن جو فقط بيان سمجهو.
ڪري ٿو ناز بکو ديرو اڄ مسوريءَ تي،
جو هڪڙي مرد خُدا جو هت آستان سمجهو.
·
قصيدو
(في مدح حامد علي خان)
بهاري آهه دنيا ۾ ۽ جنبش آ گلستان ۾،
هوا مشغول آهي جا بجا تفريح انسان ۾.
لُڏي ٿي شاخ پر ميوه بيابان ۾ ڪ بستان ۾،
رهي ٿي محو ڏينهن ۽ رات جو عشرت جي سامان ۾.
گلن ۾ ڏسجي ٿو جوشِ جواني صبحِ خندان ۾،
شراب ۽ مشڪ ٻئي گڏ ڪيا اٿن مغز پريشان ۾.
زمين زرخيز پهري آهه خلعت اڄ زمرد جي،
آ رنگين دُرِ عمان ۾ ڀريل لعلِ بدخشان ۾.
عيان فصل بهار آهي چمن صحرا ۾ ميدان ۾،
نه جودِ حق ڪيو محدود آ نو روز ايران ۾.
پکين ۾ آهه چـﮧ چـﮧ چـﮧ ڏين ڀڙڪا ڪرن بازيون،
ڀڄي هُو هن جي ڳولا ۾ وجهي هو هن کي گردان ۾.
وهن ٿا هاڻ ٽارين تي لِڪَن هڪ ٻئي جي کنڀڙين ۾،
گڏن چهنبن ۾ چهنبون ڏين سؤ سؤ بازيون هر آن ۾.
هوا خوري تي نڪرن ٿا هزارين عاشق ۽ معشوق،
ڪي رانديون ٿا چمن ۾ ڪن، ڦرن ٿا ڪي ايوان ۾.
پُراڻا داستان پنهنجا ٿا کولن پنهنجي دل خوش ڪن،
هُو هن کي آفرين ٿو چئي هو ڏئي ٿو بوسه تاوان ۾.
جتي ڪٿ آهه پيدا عشق بازي ۽ نظر بازي،
نوان انجام ٿا وٺجن گلن جي اوٽ پنهان ۾.
سڀاڻي صبح اول خير هت ملجانءِ دل منهنجي،
خبر نا منهنجي حالت ڪهڙي ٿيندي ليلِ هجران ۾.
محبت ۾ ڪو مست آهي صنم ۾ ڪنهن جو دست آهي،
ڪڏهن دلبر جي دامان ۾ ڪڏم پنهنجي گريبان ۾.
غرض هر سينه ۾ اهي هوايء عشق حرڪت ۾،
غرض هر ٻوٽي ٿي ٻهڪي گلن ۾ برگ جنبان ۾.
حياتي هي هُجي باقي، هجي خوش جام ۽ ساقي،
اي ساقي دير ڇڏ باقي ۽ وجهه ساغر کي دوران ۾.
سڄي قدرت ۾ آهي رونق افزائي ارم وانگر،
ٿيو آ جوش جنت ۾ پيو آ رشڪ رضوان ۾.
مگر ڇا کان هتي عيوض خوشيءَ جي آهه غم ظاهر،
مگر ڇا کان هتي آ ساري مجلس غرق ارمان ۾.
مگر فصل بهاريءَ ۾ هُلي بادِ خزان ڪهڙي
ڪٿان بادِ خزان آئي وڌو جنهن باغ نقصان ۾.
ٻُڌايو دوستو مون کي هي باعث ڪهڙو ارمان جو،
ٻڌايو آهيو ڇو هن حال حيران ۾ پريشان ۾.
ٿي ٻُڌجي دور کان اڄ نغز خواني عندليبن جي،
مگر آثار غم هِن تن جي آوازِ غزلخوان ۾.
هي باعث غم الم جو ڪهڙو ۽ هي قاعدو ڪهڙو،
هي نسبت ڪهڙي آهي راڳ ۾ ۽ چشمِ گريان ۾.
ڇو هر ڪنهن چهري ۾ ظاهر گراني آ ۽ دل تنگي،
ڇو بارِ غم پديد آ اهل مجلس جي دل و جان ۾.
مون آخر سڀ سبب سمجهو مون آخر قاعدو ڄاتو،
اچي ويو بس قصو ساروئي منهنجي فهم و عرفان ۾،
ڪو وڇڙي دوستن کان دوست ٿو اڄ يا سڀاڻي ۾،
ڪو دلبر عاشقن کي ٿو ڇڏي اڄ ابر باران ۾.
هي مجلس الوداعي آ ڪ بزمِ مرثيه يارو،
هي شعر آ ڪنهن سندي تعريف ۾ تعظيم ۾ شان ۾.
حياتيءَ ۾ آ پهريون آزمودو منهنجي اکين کي،
جو زردي آهه ظاهر چهرهء حامد علي خان ۾.
هي دلبر دلستان پنهنجو هي جاني باغبان پنهنجو،
گلن کي بلبلن کي ٿو ڇڏي هت حال حرمان ۾.
مڪمل مدح هن جي ناهه منهنجي حد امڪان ۾،
ثنا هن جي ۾ هرگز ناهه طاقت ڪڇ ثناخوان ۾.
لِهذا مون کي رخصت ڏيو سندس عين جي اعلان ۾،
قلم کي ڪجهه هنر عيوض وجهان عيبن تي جولان ۾.
هي صوفي آهه صوفين ۾ غريب اهلِ غريبان ۾،
هي هندن ۾ آ هندو مسلم آ اهلِ مسلمان ۾،
نه هرگز مسخري سمجهو عزيزو هن کي عصيان ۾،
هو آهي اهل حڪمت آزمايل بحر عرفان ۾.
اچان ٿو هن جي عيبن تي تحمل سان ٻڌو يارو،
وڃن جيئن لفظ منهنجا هر ڪنهين جي گوشهء جان ۾.
خدا ترسي ۽ همدردي ۽ درويشي ۽ خوش خُلقي،
اهي ئي عيب آهن منهنجي ممدوحِ سخندان ۾.
اڃا ڀي ڪجهه گهڻا هِن دوستن کان مان لڪايان ڇو،
صداقت رحم دل عادت شرافت فيض و احسان ۾.
محبت با وفائي ۽ همـﮧ گيري طبيعت جي،
۽ علم و حلم مجلس ۾ تحمل صبر طوفان ۾.
ايا
حيدر
تون بس ڪر ڇا ٿو سمجهين ڇا ٿو فرمائين،
تميز آهي نه توکي ڪڇ فضائل ۾ ۽ عصيان ۾.
تو جيڪي عيب ٿي سمجهيا سي في الواقع هنر نڪتا،
هو آ اَهلِ هنر اهل تقيٰ ظاهر ۾ پنهان ۾.
جو آ هن جي گلا ۾ غرق آ بهتان ۾ هذيان ۾،
جو هن جو عيب گو آ مبتلا سمجهوس يرقان ۾.
عجب مون کي نه ٿيندو ٿئي اگر حامد علي تنهنجو،
الله العالمين حامد ٿيو احمد جو قرآن ۾.
رهين تون شاد بيگم پنهنجي سان پرديس ۾ گهر ۾،
رهي شل تو سان بيگم خوش محرم ۾ ڪ شعبان ۾.
ازل کان تنهنجي حصي ۾ هي آئي پارسا بيگم،
محبت تو لئه آندئين جئن در شاهوار مرجان ۾.
هو آهي بخت تنهنجو ۽ تون آهين بخت هن جي لئي،
هو تنهنجو ساهه سانڍي ٿي تون هن جو ساهه رک جان ۾.
هنن جي دشمنن کي راههِ حق تي آڻ تون يا رب،
يا جلدي وجهه انهن کي سرنگون زنجير و زندان ۾.
خداوندا تصدق پنهنجي يڪتائيءَ جي قدرت جي،
هي جوڙو رک حفاظت ۾ سعادت ۾ زعفران ۾.
بحقِ احمدِ مرسل امام انبيايُ ڪل،
جو آهي صاحب لولاڪ اشرف ذات انسان ۾.
بحق حيدرِ صفدر شجاعت جاهه جنهن جي کان،
آ لرزش قبردستان ۾ تپش تخت سليمان ۾.
بحق حضرت خيرالنساء و بضعـﺔ احمد،
محبت جنهن جي قدرت آ وڌي الانس و الجان ۾.
بحق حضرت حسنين شاهه لؤ لؤ و مرجان،
آ ماتم جن جو برپا دائما انسان ۾ حيوان ۾.
بحق انبياء و اولياء و ايمهء ايمان،
بدولت جن جي شاغل خلق آ تسبيح سبحان ۾.
تون پورا ڪر سڀئي حامد علي ۽ سندس بيگم جا،
مطالب دين دنيا جا رهن الطاف و احسان ۾.
خداوندا دعا منهنجي کي ڪر مقبول شفقت سان،
جو وصفِ عفو و احسان جي ضرورت آهه يزدان ۾.
سوال آ ڪار انسان جو اجابت فرض آ تنهنجو،
اهوئي فرق آهي عبد انسان رب رحمان ۾! |