سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 12

بلوچستان زندهه باد

(1)

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو، صنم پنهنجو بلوچستان!

چمن، باغِ عدن پنهنجو، حَرَم پنهنجو بلوچستان!

آ پنهنجو روح راحت، آهه دم پنهنجو بلوچستان!

آ پنهنجي لاءِ هر فيض و ڪرم پنهنجو بلوچستان!

سدا خوش حال، خُرمَ، محتشم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(2)

جِئي ڪُئيٽا، جئي قلات ۽ مستونگ ۽ مڪران!

جِئي سِبي، چمن پنهنجو، گلستان، بوستان، خاران!

زيارت جي زيارتگـﮧ سدائين خوش رهي خندان!

هُجي گلزار جي هٻڪار ۾ سرشار ڪوهستان!

عدن پنهنجو، عرب پنهنجو، عجم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(3)

اسان جو ديس پيارو خوب آ ڀريل خزانن ۾:

تحرڪ آهه هت قدرت جي مخفي ڪارخانن ۾؛

زمَرد لعل، گوهر ڪن ٿا آرام آستانن ۾!

اِجهو سينگار ٿا بڻجن نِگارن لاءِ ڳانن ۾!

ٿيو فردوس کان وَڌ لاجَرمَ پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(4)

اسان کي آهه جبلن ۾ ۽ ٽڪرن ۾ مزو راحت!

اسان کي جهنگلن، غارن، ڪَنڊن ۾ ٿي اچي فرحت!

اسان جو آهه جهڳڙو قدرتي قوات سان البت!

انهيءَ ۾ ئي آ پنهنجي زندگي جور از ۽ رغبت!

ٿو ڏيکاري اهو نقشِ قدم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(5)

هي ڪئيٽا پنهنجو آ منٺار، آ ٿڌڪار گرمين ۾!

ٺري ٿي برف بنجي هت جهنم نار گرمين ۾!

پين ٿا جامِ لطفِ زندگي دلدار گرمين ۾!

صحت ۾ ٿا مرض تبديل ڪن بيمار گرمين ۾!

خليلي بَرد آ، عيسيٰ جو دم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(6)

اسان جو توت ۽ کجور ڏيهان ڏور آ مشهور!

اسان جي ديس جهڙو ڪاٿي آ بادام اَنار انگوُر؟

جبل پنهنجو، زمين پنهنجي سدا سرسبز  مسرور!

عروض اناج جي پنهنجي غِذا ميون جو رس دستور!

پياري عام کي ٿو جامِ جم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(7)

اسان سادا ۽ صاف انسان، هڪ مشهور قوم آهيون!

اسان آزاد طبع آهيون، اسان غَيوُر قوم آهيون!

شجاعت ۾، سخاوت ۾ اسان ڀرپور قوم اهيون!

وطن جي حب، خدمت ۾ اسان منصور قوم آهيون!

نپائي پالي ٿو خير الامم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(8)

اسان تي پئي ٿيا آهن هَلان، حملا زمانن کان!

هزارين آفتون ۽ قهر آيا آسمانن کان!

گهڻو ڪجهه پئي سٺو ٿئون پنهنجي ڀائن ميهمانن کان!

وَهيا خونن جا دريا پانهنجي نوروزخانن کان!

انهن جي خون سان ڪاتب قلم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(9)

اسان جا ڀاءَ هر جا باخبر با اِمتياز آهن!

زمينِ سنڌ ۾، پنجاب ۾، هوُ سرفراز آهن!

لِغاري ۽ جمالي ۽ جتوئي جانباز آهن!

مَري، ميگل ۽ مگسي، رند بُگٽي دلنواز اهن!

ٿو کوسو، چانڊيو پالي باڪَرم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(10)

اسان جا ڀاءَ ڪي ايران ۾ ۽ زاهدان آهن!

بلوچن جا بُخارا، بلخ ۾ ڀي آستان آهن!

ڀلارا ڀاءَ پنهنجا رُوس ۾ ڪرِغِستان آهن!

عوامي قوتن حقن لئي سورهيه پهلوان آهن!

سڀن جو آهه مرڪز محترم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

Text Box: 180

 

(11)

 

وطن ۾ داخل آهن ٿي ويا لومڙ بگهڙ ازدر!

بلوچستان جي اندر اُٿارن ٿا هو فتنو شر!

مگر موجود آهن هت هزارين شير ۽ حيدر 1!

جنِهين جي جُرئتن سامهون ڪندا ڇا هي فسادي ڦر!

آ بدنامن جي لئي بندوق بم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(12)

بلوچستان جي هستي ۾ آهي پانهنجي هستي!

بلوچستان سان سهنداسي هرگز ڪين من مستي!

هميشـﮧ شاد ۽ خندان وطن جو نام ۽ بستي!

بلوچستان جي دشمن کي هردم خواري ۽ پستي!

ستمگر جو ڪندو سر نيٺ خَم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(13)

ڪيو آ پياري پاڪستان کي بيمار ”ون يونٽ“

مُصيبت تي مصيبت جو وڌو آ بار ”ون يونٽ“

ڪيو آ ڀائرن کي ڀائرن کان ڌار ”ون يونٽ“

عوامي شهرين جي لاءِ آ آزار ”ون يونٽ“

سَهي ٿو ڪيئن سگهي اهڙو ستم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

(14)

سدا پنجاب خوش! ۽ مشرقي بنگال زندهه باد!

سدائين سنڌ مالا مال! آل اَطفال زندهه باد!

بلوچستنا، پٺاڻستان با اقبال زندهه باد!

هي ڀائيچارو پاڪستان جو خوشحال زندهه باد!

دعا اهڙي گهري ٿو دمبدم پنهنجو بلوچستان!

وطن پنهنجو، اِرم پنهنجو صنم پنهنجو بلوچستان!

                پئمفليٽ، حيدرآباد، سنڌ. 12 نومبر 1967ع.

 

اي مٺي جيجل! اي سنهاري سنڌ!

 

اي مِٺي سنڌ! اي سُنهاري سنڌ!

جان منهنجي آ تو جياري سنڌ!

تو مِٺي ٿڃ آ پياري سنڌ!

مون کي تو بخشي آ بهاري سنڌ!

تنهنجو آ فيضِ عام جاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

شاد رهه! مادرِ وطن مُنهنجي!

مُنهنجي آرائش ۽ عدن مُنهنجي!

جان ۽ تن ۽ من ۽ ڌن مُنهنجي!

آخِري قبر ۽ ڪفن مُنهنجي!

آهي رڳ رڳ تو منهنجي ٺاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

ٿي رهيو آهه تو مٿان بيداد!

تُنهنجي جنت ٿي آ رهي بغداد!

تنهنجي نالي کي ڪن ٻيا برباد!

تنهنجي مارڻ ڳِهڻَ ۾ آ جلاد!_1

سمجهي توکي ٿلهي متاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ آهي سُور!

سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ آهي چُور!

ڪيستائين هي ناحق ۽ ناسُور!

ڪيستائين بپا اهو دستور؟

آهي جنهن باهه ٻاري، ڳاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

آمريت جو ڪيستائين دَور؟

آمريت جو ڪيستائين جور؟

جَور تي جَور دمبدم ڪجهه اور؟

ڪيستائين ستم سَهون هِن طور؟

پيڙبي ڪيستائين ساري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

اي مِٺي جند سنڌ زندهه باد!

تو لڄائي آ پانهنجي اولاد!

تو ڦُرائي آ حيثيت آزاد!

سيني تنهنجي تي ويٺو آ شداد!_1

چئي ٿو: ”مون، واهه! واهه! ماري سنڌ!“

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

ڇا تون ڪاوڙجي ويئي آن اَمان؟

پنهنجي اولاد جي مٿان اَمان؟

 

ٿي آن بيزار پاڻ مان اَمان؟

 

آهيون ڏوهاري سڀ اسان

ڇا سڳي ماءُ ٿي آن ڌاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

توکي ڪنهن ٻچڙي سر ڏنو ناهي!

ڪير جو موت کان ڊنو ناهي؟

تنهنجو زنجير ڪنهن ڇنو ناهي!

تنهنجو دشمن ٿيو ڪنو ناهي!

روڄ ۾ ناهه جنهن رُئاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

تُنهنجا داناءَ ٿي ويا نادان!

پست همت حراس ۾ حيران!

ٿي ويا ڪنگال صاحبِ سامان!

ٿي ويا عياش نوجوان ارمان!

پانجهن سنڌين سُمهاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

جاڳو، اي دوستو! ٿيو بيدار!

پنهنجي قسمت جا ٿي وڃو مُختار!

پنهنجي عزت جا ٿيو علمبردار!

سنڌ کي بس بنايو هڪ گلزار!

کير ماکي ۾ ڀريو ڀاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

سنڌ کي جنهن وطن ڪيو، آ ڀاءُ؛

آهه هن سنڌ ماءُ جو هي سڀاءُ!

هر مُهاجر لهي ٿو ساڳيو ساءُ؛

ٿو محبت منجهان ڪڍي پڙلاءُ:

”هم تمهاري هين تو هماري سندهه!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

حيدرآباد سنڌ جي آ دِل!

حيدر آباد ڪئي هتي محفل!

دفع ٿي ويئي هاڻي هر مشڪل!

”ون يونٽ“ جي بات ٿي باطل!

جشن ۽ عيد ۽ بهاري سنڌ!

تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ!

اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!

        پئمفليٽ، حيدرآباد، سنڌ. 9 نومبر 1967ع
 

مصطفيٰ ماءُ

 

تون هر دم مُنهنجي دِل ۾ مصطفيٰ ماءُ!

آ، ڀاڪر پاءُ، مُنهنجي هنج ۾ آءُ!

اي مظهر ماءُ، دادن ماءُ، خوش رهه!

هُجي خوش پنهنجو سڀ اولاد ۽ ڄاءُ!

اي جانان! تُنهنجا ڇا اِحسان ڳايان!

مُون نادان جي حِصي ۾ آيو داناءُ!

تون مُنهنجي لاءِ هڪ تصوير آهين!

نظاري جنهن جي کان ناهي ڪڏهن ڍاءُ!

ڪير آ توکان مون کي ظالمن ڌار!

جُدائي جو وڌو آهي اِنهن گهاءُ!

مگر اي مَن! هر دم گڏ آهيون!

سهي وڃ قوم خاطر هيءُ ايذاءُ!

ڪئي ڪجهه رات تو مون سان ملاقات!

ڏِنو تو خواب ۾ ڀي واهه جو ساءُ!

هي_ ”جِيئي سنڌ!“ ۽ ”جِيئي جتوئي!“

جو تُنهنجي نعرو1 ٿي ويو آهه ڏهڪاءُ!

اي حيدر گيت پنهنجي زال جا ڳاءِ!

تون ڪجهه غالب کي شيرازي کي شرماءِ!

        سينٽرل جيل، مچ (بلوچستان). 23 اپريل 1968ع

پيام امن

(1)

جو امن جو اِمام آ، اُنهيءَ تي سو سلام آ،

جو حق جو غلام آ، ڪمالِ احترام آ،

جو خادمِ عوام آ، امامِ خاص و عام آ،

اهو ئي بس ڪلام آ، دعا هي صبح شام آ:

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(2)

هي پنهنجي جنس خوش رهي! هي پنهنجي ذات خوش رهي!

هي اِنس انس خوش رهي! ۽ التفات خوش رهي!

هي ڪائنات خوش رهي! هي ڏينهن رات خوش رهي!

هي رنگ راڳ خوش رهي! عجيب هي نظام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(3)

هي پاڪ ملڪ پاڪ صاف، سايه ڪرم هجي،

هتان جو مرد زال ٻار، مايه محترم هجي،

هي سنڌ سرزمين جو قدم قدم اِرم هجي:

هتي لطيف لعل آ، لطيفي لطف عام آ،

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(4)

اي امن آ، امان آ، اي امن تون امين ٿي!

تون سڀ کان زور طاقتِ زمان ٿي زمين ٿي!

Text Box: 188

 

محافظِ حقوق ٿي، عدالتِ برين ٿي!

 

تون فاتحِ ڪريم ٿي، به شانو اهتمام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(5)

دماغ جي چراغ کي ذڪاءُ ڏي، ذهين ڪر!

قلوب قرب ساڻ ڀر، نگاهه دوربين ڪر!

عروج سان تون آدميءَ کي عرش جو مڪين ڪر!

جو تنهنجو آستان آ، جو تنهنجو ئي مقام آ،

سدائين صلح خوس رهي، اي امن آ، سلام آ!

(6)

ڪرامتِ ڪريم سان ڪمينه ڪينه ڪين ڪر!

نزاع کي، نفاق کي نڪار ڪر، حزين ڪر!

فساد ختم ڪر ۽ ”سڀ جو خير“ پنهنجو دين ڪر!

جهان جي خير ۾ خير پانهنجو تمام آ،

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(7)

هي جنگ جو هي خون خو، وٺن ٿا تنهنجي آبرو!

چون ٿا هو ته ”امن ڇُو، انهيءَ ۾ ناهه رنگ و بُو،

”هي آ اجائي گفتگو، هي آ خيالي آرزو!“

هتڪ هي تنهنجي شان جي، اها هتڪ حرام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(8)

اي دلربا! اي دلبرا! توسان ناز زندگي،

اي دلنواز ڪارساز! تون آن سازِ زندگي،

نياز و رازِ زندگي! حق ۽ مجازي زندگي،

تون زندگي کي زندهه رک، به شوق و احتشام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(9)

گهڙيءَ جو آستان، جيئرن جو هي جهان آ!

انهن سان مُئن جي لئي حيات جاودان آ!

هي ڪهڙو تنهنجو شان آ، نه ماڻهو مهربان آ!

ڪُهي ٿو ماڻهو ماڻهو کي، تڏهن به ماڻهو نام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ سلام آ!

(10)

جو خوني آ، ستمگر آهه، سوئي جنگباز آ!

چوي ٿو پاڻ شير آ، چوي ٿو شاهباز آ!

اي بيوفا! اي بيحيا! شرارتن کان باز آ!

شرارتون ڇڏي، کڻي امان جو پيام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ،سلام آ!

(11)

تون ڪجهه سڃاڻ پنهنجو پاڻ، پنهنجي خوءَ کي بدل،

بناءِ باغ جهنگ کي، جوان جُوءِ کي بدل،

فلڪ کي شرمسار ڪر، قضا جي سوءِ کي بدل،

تون شر کي خير سان بدل، بخير نؤ نظام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(12)

اي ظلمِ گم ٿي، غار ٿي! اي ڀوت ڀڄ زمين مان!

اي توب تير بام بم، وڃي وسايو آسمان!

اوهان کي اُت به ڪونه ڏيندو امن ۽ امان امان!

اوهان جي مرحبا جي لئي اُتي به دارو دام آ!

سدائين صلح خوش رهي! اي امن آ،سلام آ!

(13)

سدائين صلح خوش رهي، سدا هي سنڌ خوش رهي!

امان هي پنهنجي، دوست دلربا هي سنڌ خوش رهي!

مجسمِ اسان پارسا هي سنڌ خوش رهي!

اي سنڌ تو مٿان سدا صلات آ، سلام آ!

سدائين صلح خوش رهي، اي امن آ، سلام آ!

(14)

سدائين سنڌ خوش رهي، سدا جهان بهار ٿئي!

هر آدميءَ ۾ پيار ٿئي، نگار جو نگار ٿئي!

هر آدمي عزيز ٿئي، لذيذ مشڪبار ٿئي!

ڪلامِ حيدر آهه هي، پيامِ السلام آ!

سدائين صلح خوش رهي! اي امن آ، سلام آ!

        سينٽرل جيل، مچ (بلوچستان). ساليانو مخزن ”سوجهرو“

                                سنڌي ادبي سوسائٽي

                                ڪراچي يونيورسٽي 1970ع.

پاڪستان زندهه باد!

ڀَريو ڀَل قيدخانن کي!

مَرايو مهربانن کي!

اُجهايو شَمعدانن کي!

پڙهو قومِي ترانن کي!_

 

زمينون ڏيو وَڏيرن کي،

جِيئن سُڃا، بُکا سِڪن،

مزورن کي ڇڏيو ماري،

هلايو ڪارخانن کي_

 

عملدارن جي شاهي کي

ڏيو واڳون سڀئي واڳُن کي

نه ماڙيون ۽ مَحل ٺاهن

بِگاڙن عدل خانن کي_

 

اي شاگردو! ڏسو دنيا

وڏي هڪ اِمتحان خاطر

بنايو پنهنجي نئين دُنيا

مَٽيو نقشن پُراڻن کي_

 

اي صَنفِ نازڪ اُٿو!

دليري سان ۽ جُرئت سان

ڏيو سر پنهنجي ٻچڙن تي!

ڇڏيو رقصن کي گانن کي_

 

هي آپي خان، هي سُلطان!_

بنايو آ اِنهن زندان

انهن جي لاءِ تياري ۾

جو چڙهندو آسمانن کي_

ڪَيو قابُو جَوانن کي!

نِهوڙيو نُڪتـﮧ دانن کي!

ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

ڪَڍو هارين ڪسانن کي!

سَڪين روٽين ۽ نانن کي!

مَٽيو تن جي نشانن کي!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

بپا ڪيو ۽ بهانن کي!

۽ رِشوت ستانن کي!

جي پهچن آسمانن کي!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

جي شاگردن جوانن کي!

ڇڏي ڏيو امتحانن کي!

ڀڃو سڀ ڀُوتخانن کي!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

۽ ڇڏيو سينگار ڳانن کي!

ڏيو شـﮧ پهلوانن کي!

جَواني ڏيو جوانن کي!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

ڇا ڇا ٿا ڪڍن فرمان!

پنهنجو پيارو پاڪستان!

آهي چَوطرف طوفان!

ته پاڪستان زندهه باد!

 

سينٽرل جيل، مچ (بلوچستان). 1968ع.

هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

مرد دلاور هوش محمد

فوج جو جوهر هوش محمد

قومي رهبر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

هوش محمد پيارو هوشو!

شيدي سهڻو سارو هوشو!

نور جو مشعل ڪارو هوشو!

جسم منور هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

هوشو جو بس هوش ڇڏي ويو!

سنڌ مٿان جڏهن حملو ٿيو!

بيهوشي ۾ هن ڇا ڇا ڪيو!

شير ببر نر هوش محمد!

سنڌ جو دلبر هوش محمد

ڪاٽيو ماريو هن دشمن کي!

چيريو ڦاڙيو هن غيرن کي!

حمله آور انگريزن کي!

ٿي ويو ازدر هوش محمد!

سنڌ جو دلبر هوش محمد

تير تفنگ کان بالاتر ٿيو

انسان هڪ مٽجي پٿر ٿيو

حجر اسود کان اطهر ٿيو

لعل ٿيو گوهر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“

سنڌ تي صدقي ساهه ڪريسون!

سنڌ دي لاڄ هيمشه رکيسون!

ديس مُطهر_ هوش محمد

سنڌ دا دلبر هوش محمد

موت نه توکي ماري سگهيو!

وقت نه توکي ڳاري سگيو!

سنڌ نه توکي وساري سگهيو!

جان کان برتر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

هار نه باسي هار تو کائي!

واپس سنڌ اسان وٽ آئي!

ڌاريا گم ٿيا، ويا قاصائي!

تون ٿئين خنجر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

ميرن ۾ شهمير ٿئين هوشو!

پانهنجي واسطي پير ٿئين هوشو!

درگـﮧ عالمگير ٿئين هوشو!

تربت اطهر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

جنرل هوش محمد خوش رهه!

Text Box: 194

 

حيدرآبادي مرقد خوش رهه!

 

ننڊ آرام ۾ سرمد خوش رهه!

خوش رهه خوشتر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

سنڌ جو نام مٽائن وارا

سنڌين تي ڌاڙيل ۽ مارا

جلدي ڏسندا ڏينهن جو تارا

سنڌي آهي هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

سنڌي هاڻي شهيد نه ٿيندو!

سنڌي ڪوبه خريد نه ٿيندو!

سنڌي ڪوبه يزيد نه ٿيندو!

سنڌ آ مظهر هوش محمد

سنڌ جو دلبر هوش محمد

پيش ڪريان مان ڇا نذرانو!

تنهنجي تربت جو ديوانو!

اکين ڳوڙها منهنجو خزانو!

موتي_ گوهر هوش محمد!

سنڌ جو دلبر هوش محمد

”جيئي سنڌ“ اڄ ٿيو گهر گهر آ!

نعرو آهي يا نشتر آ

سنڌ زمين کي ڪهڙو ڏر آ؟

جت آ حيدر هوش محمد!

سنڌ جو دلبر هوش محمد

                ’سجاڳي‘ مهراڻ آرٽ اڪيڊمي، 1970ع.

اجها عيد آئي

اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!

ٿي سنڌين جي، پنهنجن جي آخر رهائي!

ٿي حقدار سنڌين جي اڄ حق رسائي!

مبارڪ، مبارڪ سدا سنڌ سائي!

اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!

 

ڏکيا ڏينهن اهڙا اسان لئي نه ايندا،

۽ زندان زنجير سڀ ناس ٿيندا،

هو بندوق توبن جي ٺاٺا ڇڏيندا،

ڪيو سنڌ کي جن ٿي، بيٺڪ سڻائي،

اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!

اپريل 1970ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: