سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 2

رباعيون

(1)

خالق مان چوان توکي يا الله چوان،

يا ساري خدائيءَ جو مگر ساهه چوان!

تنهنجي يا خدا ڪهڙي مان ساراهه چوان،

بي چون ۽ بي انت شهنشاهه چوان!

(2)

الله خدائيءَ جو نگهبان ٿئي،

تنهن کان ئي فقيري ۽ شرف شان ٿئي.

زاهد جان گنهگار جي روزي نه لهي،

ڪئن نالو سندس رازق ۽ رحمان ٿئي؟

(3)

قسمت جي قلم ڪن کي گنهگار ڪيو،

دنيا جي بلائن ۾ گرفتار ڪيو.

پرهيز ۽ عبادت ٿيو حصو ڪن جو،

خالق ته جهان جو ائين سينگار ڪيو.

(4)

الله وڏو پرده نشين عالم ۾:

برقعه ٿو ڍڪي زالن جان گم شم ۾.

زالون ٿيو عزيزو ته زيارت تي هلون:

مردن کي اجازت نه ملي هن ڪم ۾.

(5)

توکي اي صنم ڪهڙو آ پردي جو ضرور،

يا خوف نظر بد سندو يا عُجب و غرور؟

يا عمر گهڻيءَ کان آ گهٽيو تنهنجو جمال،

ڇا تنهنجي تجلي جو ڪڏهن ٿيندو ظهور؟

Text Box: 22

 

(6)

 

اي يار ضيا تنهنجي کان نابين ٿيس،

زلفن ۾ ٿيس قيد ۽ غمگين ٿيس!

مون کي نه خبر پئي ورن وڪڙن جي،

ٿيو عقل خطا منهنجو ۽ بي دين ٿيس!

(7)

جڏهين جو مسرت ٿي سندم قسمت ٿي،

جنبش مان ڪنان دست قضا حرڪت ٿي.

هي هي جو ٻيو ڇنڊو ڪري ميم مٿان،

تقسيم مسرت مان ڦري حسرت ٿي!

(8)

مخدوم چيم ويهه اکيون بند ڪري،

ديدار عطا توکي خداوند ڪري.

آيوم اکين بند ڪئي ڪجهه نه نظر،

هن ”ڪجهه نه“ ڇڏيا قيد خرد مند ڪري!

(9)

قدرت جا عجب رنگ اکيون کولي ڏسو،

الله کي انڌا ٿي مگر ڳولي ڏسو.

الله ڏسو ڪهڙو آ قدرت جي خلاف،

دنيا کي انهيءَ رولي وڌو ڀولي ڏسو!

(10)

چوگرد مُنکي بند هوا ۾ ڇو ڪِيُئي،

جي بند ڪِيُئي گند هوا ۾ ڇو ڪِيُئي؟

منهنجو ته هوا ۾ ڪِيُئي کاڌو ۽ مدار،

الزام خداوند هوا ۾ ڇو ڪِيُئي؟

(11)

دنيا ۾ مُنکي زور سان پيدا ڇو ڪِيُئي،

پيدا جي ڪِيُئي يار جو شيدا ڇو ڪِيُئي؟

شيدا جي ڪِيُئي_ دور صنم کان ڇو ڪِيُئي،

هي ظلم جدائيءَ جو هويدا ڇو ڪِيُئي؟

(12)

چؤ منهنجي ستائڻ ۾ اچيئي ڪهڙو مزو،

ڳارڻ ۽ کپائڻ ۾ اچئي ڪهڙو مزو؟

هي پانهنجي سورهيائي ڪندين ڪنهن کي بيان،

هن پاڻ پڏائڻ ۾ اچئي ڪهڙو مزو؟

(13)

بيشڪ ته سڀن ساڻ وفائي تو ڪئي،

حسنين ايوبن سان صفائي تو ڪئي،

سڀ نامهء اعمال سندءِ تي آ لکيل،

دنيا ۾ اسان تي جفائي تو ڪئي!

(14)

هن اَيٽ زمين جي تي ڪئين آيا ويا،

ٿي راڳ ۽ قصيدا جنهين جا ڳايا ويا.

آخر نه رهيا راڳ نه مداح نه شاهه،

ٽيان رنگ عوض تن جي ۾ ٺهرايا ويا.

(15)

عبرت وٺو دنيا کان ڏسو دورِ قمر،

دارا شهر، جمشيد سندي ڪهڙي خبر؟

لس ٿي ويا سڀئي نقش سندس محل مٿان،

تاراج ۽ تلف ٿي ويا سندن شهر ۽ گهر.

Text Box: 24

 

(16)

 

وڪرم جو ڪٿي تخت ۽ اڪبر جو جلال،

ڪٿ شاهه جهان ۽ ڪٿي دسرٿ جو نهال!

اڄ ڏينهن ڏٺي تن جي مڪانن تي ڏسو،

وارو ٿا وٺن شور سان باندر ۽ شغال.

(17)

الله مٿم آڻ سگهو ننڊ جي هير!

وهمن کي ٿي صورت ڏئي هي موت صغير.

ڪهڙا هي نظارا ۽ هي ڪهڙا گفتا،

سبحان الله ڪهڙو عجب موت ڪبير.

(18)

جاڳي نه ستي مون کي ٿيو آرام نصيب،

قسمت ۾ نڪي مون کي ٿيو گلفام نصيب.

مون کي ٿيو دنيا ۾ فقط عشق نصيب،

تنهن عشق سان گڏ عشق جو ماتام نصيب!

(19)

اي مدعي هي ڳالهه سمجهه ٿي مسعود،

جئن منهنجو وجود آهي تيئن خدا جو وجود.

تون هستيءَ پنهنجيءَ کي ڄاڻ پاڻ سڃاڻ،

دل تنهنجي ٿئي ڪئن ٿي شاهد ۽ مشهود.

(20)

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،

مسجد ۾ ٽڪاڻي ۾ نه ديول ۾ ڏٺم.

هت بحث ۽ منطق جو نه ڪڇ آهه ضرور،

مولا کي ڏٺم جي ته سچي دل ۾ ڏٺم.

(21)

هن لنبي حڪايت جو خلاصو سمجهو،

دنيا کي عجب رنگ ۽ تماشو سمجهو!

دنيا ۾ وٺو عيش ۽ عشرت دل تي،

جنت جو فقط سهڻو دلاسو سمجهو!

(22)

جلدي آ ڀري جام اي ساقي ساقي،

نشي ۾ رهون عمر هي باقي ساقي.

حيدر کي ته سانده ڪي ٻه ٽي جام پيار،

جو ٿيندو وڃي هاڻي بقاقي ساقي.

غزل

(1)

ساقي پيار جام جهان بين ڀري ڀري،

خود بين مشائخن کان ڀڄي ٿيس پري پري!

 

تقويٰ ۽ زهد مان نه ٿي اڄ تائين هڙ حصول،

شيخن ڏنو ٿي اهنج اجايو ذري ذري.

 

ميخاني ۾ اچو ته ٿيون مست ۽ بيخبر،

پيرِ مغان جا پير چمون سر ڌري ڌري.

 

مُلو سڙي ٿو بزم اسان جي ڏسي ڏسي،

سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ٻري ٻري.

 

فصل بهار آهه ۽ جنبش ۾ باغ آهه،

ڇڻ ڇڻ سماع جي کان ٿو هينئون ٺري ٺري.

 

وهه واهه هن سماع جو آهي اثر عجيب،

هر مست پنهنجي نفس جي اندر مري مري.

 

ڪر واعظا زبان ڊگهي ۽ بلند بند،

بيهوش تي اثر نه نصيحت ڪري ڪري.

 

الله ڪا هنن کي هدايت نصيب ڪر،

تا قلب تن جواصل سندن ڏي وري وري.

 

ناحق وڃائي دين ٿا دنيا خراب ڪن،

کائي ويو رياءُ سندن جان هري هري.

 

حيدر کي پهرين ڏينهن ملي نعمت شراب،

هن بحر ۾ ٿو پي پي ٽٻي ۽ تري تري!

(2)

لمارو ڏيئي وهاريم صنم کي هنج ڪري،

الاهي ڪهڙو ڪيم خدا کي رنج ڪري.

 

خدا جي رنج ٿيو آ خدا غفور رحيم،

مگر مان ڪيئن ڇڏيان ههڙو وقت هنج ڪري.

 

نمونو يار جو ڄاتم محبو خير ٿيو،

جو پيار يار جو آيو لباس رنج ڪري.

 

مان ڪٿي ڪاٿي چميون ڏيئي ڏيئي مست ٿيس،

زهي شڪر جارهي ٿي صنم ۾ گنج ڪري.

 

هي عيش ۽ هي خوشي يار سان هميشه هجي،

اسان جي عمرالاهي مثال پنج ڪري.

 

هي شعر شادي مڪو اڄ اسان ڏي حيدر واهه

نصيب تنهن کي صنم خانـﮧ سپنج ڪري.

·

(3)

اي يار منهنجي خاطر هيڏي ته هڪ پهر آ،

دنيا ۾ تنهنجو منهنجو لحظي جي لئه گذر آ!

 

آخر ته موت ايندو گهوري جدائي وجهندو،

هن موت بيحيا جي ڏاڍي تکي تبر آ.

 

تنهنجي اسان غريبن تي ڇو نه ڪجهه نظر آ،

دل تنهنجي اي ستمگر فولاد يا پٿر آ.

 

مون تي نه رنج ڪراي محبوب پنهنجي صدقي،

مون کان اگر خطا ٿي انسان خطا جو گهرآ.

 

راتيون وهاڻيون منهنجون تارا ڪتيون ڳڻيندي،

ٿيو بيشمار غم آ اونداهه ۾ سفر آ.

 

تنهنجي لبن جي ڪم ٿيو خون جگر خدا سان،

آتش اندر جگر آ نارن ۾ چشم تر آ.

 

حيدر فقير گنجِ مهر و وفا رکي ٿو،

افسوس نذر ان جو خالي ز سيم و زر آ.

 

(4)

دل جان دين ايمان سهڻي صنم تي صدقي،

سارو جهان تنهنجي هڪڙي قدم تي صدقي.

 

جانان جهان اندر دل ۾ مڪان جوڙيم،

هي جسم منهنجو سارو هن آشرم تي صدقي.

 

رشڪِ مسيح الفت سان هيءَ حياتي بخشي،

اهڙيءَ عطا تي قربان ههڙي ڪرم تي صدقي.

 

مون کي غلامي تنهنجي ٿي اصل کان عنايت،

الله جي ارادي لوح ۽ قلم تي صدقي.

 

موچارو موت تنهن جو جو مري ٿو جستجو ۾،

جو ڪري ٿو عيش عشرت درد ۽ الم تي صدقي.

 

اڄ مدرسه ۾ هُل هو طلبا ۽ عالمن ۾،

ڪيا ٻئي جهان صنم تي حيدر قسم تي صدقي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: