حڪايت
اوڏ هڪڙي لعل ڪنهن ڀِت مان لڌو،
تنهن کي هن گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو.
جان ڏٺو ان لعل کي گوره فروش،
پيو تعجب ۾ ڏسي اهڙو گُهَر.
اوڏ کان پڇياءِ قيمت لعل جي،
جنهن چيو لائق ڏسي بخشيش ڪر.
چار پئسا جوهريءَ ڪڍيا هٿان،
خوش ٿي ورتائين گُهَر ٿي ڪيئين گذر.
اوچتو ليڪن هي دُرِ بي بها،
پيو ڪري اُن جي هٿان ٿيو ٽي ٽڪر!
وائڙو ٿي جوهري واڪو ڪيو،
لعل توکي حيف آهي سربسر.
ڪهڙو گڏهه جي ڳڇيءَ ۾ هوءِ مان،
مون کي تون هنئين ساهه کان محبوب تر.
لعل جي پُرزن مان هي آواز ٿيو،
توکي هي ڇا ٿي ويو اي بد سِيرَ.
چار پئسا تو ڪئي منهنجي بها،
منهنجي قيمت تي نه ڪئي تو ڪُڇ نظر.
شرم ۽ افسوس تو تي جوهري،
هُو ته ويچارو هو مون کان بي خبر.
دم به تو بي قدر وٽ ڄاتم گناهه،
بس انهي غيرت ۾ ٿي پيس ٽي ٽڪر.
·
قصيدو
(يادگار مسوري)
غلط خيال هي ماڻهن جو نيٺ مان سمجهو،
الا مون پاڻ ٿي بي پايه آسمان سمجهو.
اچو مسوريءَ ۽ آسمان جا پايه ڏسو،
هماليه نه چئو ٿنڀ بي گمان سمجهو.
ٽڪر ٽڪر سان ٿو ٽڪري جبل جي جنگ ڏسو،
فقط گهڙيءَ لئي هر هڪڙو پهلوان سمجهو.
ٿو هو قمر کي اُڏائي، هو آفتاب کڻي،
هو آهه محمل پروين هو سدره دان سمجهو.
عجيب جادو ٿو جبلن کي هت اُڏائي مٿي،
هي هڪڙو معجزو قدرت جو هت عيان سمجهو.
هو ڪوهه قاف جبل آهه، هو ڪڪر نه چئو،
قمر نه چئو هو پري منجهه پريستان سمجهو.
هو ماهه ڪڏهِه لڪي ٿو ڪڏهِه ٿو لاهي نقاب،
شهيد و شيفته تنهن تي سڄو جهان سمجهو.
هو ماهه آهه عزيزو ڪ آ عروس فرنگ،
بطرف عيسيءِ گردون نشين روان سمجهو.
ڏسو ته نوڪون هماليه ٿو ڪئن فلڪ کي هڻي،
هي مينهن ناهه اهو خون آسمان سمجهو.
هي خون سفيد ٿئي ٿو ڦري ٿو سبز ٿئي،
هي ڪيميايء حڪيم عزيز جان سمجهو.
درد کي هو ٿو زمرد ڪري ۽ لعل ڪري،
سندس هٿن مُٿي سيماب زر سمان سمجهو.
ٽڪر ٽڪر تي ڪري ٿو شجر شجر ڦهڪو،
چمن چمن کي عزيزو جنان جنان سمجهو.
جتي ڪٿي ٿي وڃي سلسبيل ۽ تسنيم،
نه نهر سمجهو اها ڪوثرِ روان سمجهو.
هي اوهه جو آ سعادت ۽ برڪتن جي رات،
سڀن سعيد ستارن جو اڄ قِران سمجهو.
هي مينهن جو آ رڳو نالو ٿا نغارا وڄن،
هتي هلي رهيو آهي وڏو وِهان سمجهو.
فلڪ سِڪن جي عوض ۾ آهي گُهَر افشان،
پکي پکي کي مسرت ۾ نغزخوان سمجهو.
هوا ٻهاري جي عيوض ٿي وار سينگاري،
زمين جي سيني مٿان آرسي عيان سمجهو.
ستارا جوش دعا ۾ پڙهي پڙهي تسبيح،
وڃي مراقبه اندر ٿيا نهان سمجهو.
ڏسو ته پردي جي هيڏي هتي حفاظت آهه،
شريفه پارسا بيگم هي مسلمان سمجهو.
خبر اٿو ته ڪري ڪير ٿو هتي پردو،
ڪڪر قريب جي ڪاري لباس مان سمجهو.
وليڪ ۽ لاهيون ۽ چاڙهيون ڏسي مسوريءَ جون،
فلڪ ٿو ٻاري ڪڏهن برقي شمعدان سمجهو.
وٺي مچايو آ ڌوُ ڌوُ جو گوڙ بم گولن،
وڃي ٿو چيري هي آواز آسمان سمجهو.
گلن مٿي تي ٻڌو آ عمامه مشڪ انداز،
کلي کلي ٿا مبارڪ ڏين دلان سمجهو.
بسر ٿي رات خوشيءَ ۾ ۽ نيٺ آيو صبوح،
ٿو جام جم سان اچي شمس درميان سمجهيو.
شراب هاري ڪيائين خراب ماڻهن کي،
وڃائي ويهي رهيا هوش ۽ ڌيان سمجهو.
فلڪ جو ماري سوَنِ کي سو آهه هت ماريل،
۽ کيس شيفتهء مرشدِ مغان سمجهو.
شراب هيترو هاريل آ شمس جي چوڦير،
فلڪ جا پير پُسي ٿيا هِن ارغون سمجهو.
فضول خرچ جو نڪري ٿو هي نتيجو نيٺ،
گهڙيءَ ۾ کيس گدا انڌو ناتوان سمجهو.
ٻڌي ٿو چيلهه کي سندرو عصا اٿس هٿن ۾،
ڦري ٿو ساري فلڪ ۾ گهران گهران سمجهو.
مليس ڪجهه به نه ٿو خير ۾ شرابيءَ کي،
بکو ٿو سهڪي مٿس خشڪيءَ دهان سمجهو.
ٿو عاجزيءَ ۾ سڙي، ٿو ٻين کي ڀي ساڙي،
سڙڻ ۾ تاب کان تنهنجو جگر ۽ هان سمجهو.
ٿو هيڏو تاب ڪري ۽ وڃائي آخر تاب،
جو دوستو هي سبق آفتاب کان سمجهو.
غرض اسان جو وڃي ڇا ٿو تنهن ۾ سچ پچ، هاڻ،
بيان شادي مبارڪ جا ڪي نوان سمجهو.
اُٺن تي تحفا اچن ٿا نظر ڪريو هوڏي،
هُو موتين سان ڀريل سارو ڪاروان سمجهو.
غريب اُٺن کي وهي رهيو آ پگهر ڏاڍو،
کڻي پري کان اچن بار ٿا گران سمجهو.
اُٺن تي ڪهل نه ڪئي آهه ڪجهه سخي بي رحم،
اُنهيءَ ۾ هن فقط پنهنجو شان مان سمجهو.
وڪوڙي ويو آهي سامان اُٺن کي چوڌاري،
لڪي ويا غاشه ڀڳل پاکڙا پلاڻ سمجهو.
فقط ڪپهه ٿي سڏڻ ۾ اچي مٿان تن جي،
جو مشڪ ۽ عطر متان ٿي وڃن زيان سمجهو.
هو شمس ناهه، هي ماڻهن جي آ غلط فهمي،
انهيءَ کي ڪاروان ساري جو ساربان سمجهو.
ٿو ڪاروان جي مٿان ڪاروان اچي گويا،
هي اهل دولت و همت جو امتحان سمجهو.
مون ڪهڙا ڪهڙا عجائب ڏٺا مسوريءَ ۾،
بيان تن جي کان قاصر سندم زبان سمجهو.
هو آسمان جي اندر جهاز جنگي هن،
هوا ۾ خوب ڀريل تن جا بادبان سمجهو.
زمين تي جاٿي به گردن ڪشي عيان سمجهو،
اتي جهاز منجهان بارشِ سنان سمجهو.
جهاز ڳاري ٿو سرڪش جبل جي چرٻيءَ کي،
ڀڃي ٿو پرزا ڪري تنهن جا استخوان سمجهو.
جهاز ٻيا به اچن ٿا سندس حمايت تي،
سپاهه جو ٻڌو آواز ۽ فغان سمجهو.
ڇٽي ٿي توب مٿان توب تير تي آ تير،
ڀيانڪ زلزلي اندر سڄو جهان سمجهو.
خدا پناهه اسان کي ڏي ههڙي آفت کان،
جو تو وٽ آهه اسان فضل بيڪران سمجهو.
وساءِ مينهن مسوريءَ تي فضل ۽ رحمت جا،
اسان آ تنهن کي شرافت ڀريو مڪان سمجهو.
هتي رهن ٿا قمر صورت ۽ ملڪ سيرت،
گلاب مثل سندن طبع مهربان سمجهو.
گلاب جن ۾ سدا آهه خوشتري خوشبوءِ،
سحر ۽ شام فلڪ تن تي درفشان سمجهو.
گلاب جن نه ڏٺي آ خزان حياتيءَ ۾،
حيات جنهن ۾ فنا جو نه ڪو نشان سمجهو.
نظر انهن تي فقط آ عبادتِ مخصوص،
۽ چهري تي جن کي مشهود اِنس و جان سمجهو.
هتي قيام ڪري ٿو سندم حبيب حليم،
هتي ئي منهنجي دل و جان جو آشيان سمجهو.
عجب نه کائو ڪڏهن منهنجو جي هُو حامد آهه،
مُنکي ته هن جو هميشـﮧ کان مدح خوان سمجهو.
ڪياءِ مون کي محبت مان پنهنجو محرمِ دل،
مُنکي ڪڏهه به نه ٿي دوست ميهمان سمجهو.
ڪياءِ غرق سڄو هفتو مون کي احسان ۾،
مگر مان پهتس اچي سنڌ با امان سمجهو.
صبوح شام ٿي مون کي وٺي هليو ٻاهر،
اکين جي آڏو ڦري ٿو مڪان مڪان سمجهو.
عجائبات هزارين ٿي مونکي ڏيکاريئين،
محبو ڇا مان لکان ۽ مان ڇا چوان سمجهو.
ذري ذري مان ڪڍيائين ٿي معنيء باريڪ،
دل ۽ دماغ سندس نيٺ بحر و ڪان سمجهو.
اثر ڪيو مون تي صحبت سان اهڙو نڪته شناس،
جو هاڻي مون کي به قدرت جو ترجمان سمجهو.
وٺي هليو مون کي هڪ شام طرف برف پهاڙ،
ڏسي مان رنگ گهڻو ڪجهه خدا جو شان سمجهو. |