سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 3

نظم

درياهه شاهه

1- آيا سنڌ جا ساهه فضلِ الله،

ايا هند جا حسن زيور ۽ جاهه،

ايا فخر دنيا خدا جي نگاهه،

تونگر ۽ مسڪين جي پشت ۽ پناهه!

توئي ابر رحمت، توئي رنگ شفقت،

سندم جان تو ۾، ۽ ايمان تو ۾!

چوي تو کي دم دم محبت ۽چاهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

2- سندءِ پاڙ ساري جهان جو آ تخت،

جتي مينهن موتين سندو آهه سخت،

وهي ٿو هتان هر هميشـﮧ جو بخت،

هي دنيا ۾ آهي بهشتي درخت:

جو چاهي لهي ٿو، ڪٿي ڀي رهي ٿو،

فرنگي ۽ هندي، جپاني ۽ سنڌي!

منجهان اهڙي سندر سخي بارگاهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

3- هتان پاڪ گنگا جو آغاز ٿئي،

۽ جمنا جو ڀي ناز انداز ٿئي،

ٿي بنگلا برهما سان دمساز ٿئي،

هتي ڪشف الله جو راز ٿئي:

زمين آسمان سان، عرب گلستان سان،

پيا هتڙي گڏجن، مخالف به سڏجن!

هتي فرق مشرق ۽ مغرب ۾ ناهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

4- اچين مانسرور مان ڪشمير ۾،

۽ باغ عدن واري تصوير ۾،

ڀرين تنهن کي خوشبوءِ اڪسير ۾،

مفرح کڻي سنڌ لئي سير ۾،

ڏئين دل کي فرحت، ڏئين روح راحت،

۽ ڪيلاس پربت، منجهان شير شربت،

۽ گلزار گلشن جا آڻين اٿاهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

5- ٽڪر ٽاڪي پهچين ٿو پنجاب ۾،

وجهي توکي پنجاب ٿو خواب ۾،

ڀرين ملڪ کي خواب ۾ آب ۾،

وجهين آب کي ڪين گرداب ۾،

ويون چاڙهيون لاهيون، نيون واهه واهيون،

ڇڏي گوڙ گمسان، هلين ٿو مزي سان!

اي روح روان صاحب عز و جاهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

6- ٿي راوي اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ستلج ۽ جهلم نمشڪار تي،

ٿين مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،

ڪرن تنهنجي قدمن جي آڌار تي،

ٿين توتي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،

ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو!

جو ميلو سمايل فنا اندر آهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

7- تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو اخير،

جا آ عشق تنهنجي ۾ اصلاً اسير،

سحر وقت سنڌي اچي ٿي حقير،

ڪري تنهنجي پوڄا_ مڃي توکي پير!

اي سنڌو سدائي، تون ڪر سنڌ سائي،

تون همنام سان رهه، وفا سان هميشه

جو سنڌو سوا سنڌ جي ڪجهه به ناهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

8- ٿو آخر وڃي سمنڊ ۾ گم ٿئين،

ٿو ٽڪرن ۽ جبلن کان بي غم ٿئين،

۽ بي انت ساگر سان همدم ٿئين،

رموزِ خوديءَ ۾ ٿو محرم ٿئين:

ابد ذات تنهنجي، همـﮧ بات تنهنجي،

تون هر شيءِ جو مايو، سندءِ سڀ تي سايو!

تر ۽ خسڪ کي بخشين نئون رنگ ۽ ساهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

9- هو اول ۾ تنهنجو سمندر ۾ گهر،

تپش عشق جي پر ڪرايئي سفر،

گهمئين ملڪ سهسين ڏٺئي شهر بر،

هماليه تي ورتي تو شڪلِ گُهرَ!

ٿيو پاڻي گوهر، پيو سمنڊ اندر،

سمندر مان ڄائين، وري تنهن ۾ ائين،

هي دنيا آ چرخي سندي چاڙهه لاهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

10- ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي،

بهاريءَ ۾ خوش خلق ساري ٿئي،

ٿي ساريءَ سان ڌرتي به ڪاري ٿئي،

ٿي هرڪا زمين برک واري ٿئي.

ٻنيون ريج کائن، سگهو اَنُ اُپائن،

ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا.

ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه،

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

11- دمِ عيسيٰ ڦوڪين ٿو هر واهه ۾،

ڪسي سڀڪا سهڪي پئي چاهه ۾،

ڪڻس آب حيوان اچي گاهه ۾،

قدم خضر جو آهه هر راهه ۾،

ٿئي جهنگ گلشن، ٿئي باغ روشن،

Text Box: 36

 

ٿي هر ٻوٽي ٻهڪي! پکي تنهن تي چهڪي!

 

ڌُتاري ٿو اکين کي هر گاهه گاهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

12- خوشيءَ ۾ نه ماپين ٿو اونهاري ۾،

پُڄي تنهنجو ڀاڪر ڪچي ساري ۾،

ڪرين تنگ ٿو بند کي گهاري ۾،

اچي شل نه ڪو گهاري لهنواري ۾،

ٿئي بحر بر مان! مڃي تنهنجو فرمان،

سڙن پوکون سايون، ٿين غرق جايون!

تون بيحد خوشيءَ مان نه ماڻهن تي ڪاهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

 

13- ڀلا ٻيڙي تنهنجي ڇهي آسمان!

چڙهن مٿس حيدر مثل آس مان!

هي سچ نوح جي ڪشتي جي آ سمان!

جنهين جي سڙهن آ چٽيو آسمان،

ڀلا اوج تنهنجي! ڀلا موج تنهنجي!

عجب تنهنجون ڇوليون! ڏين وهه جون لوليون!

هي لوليون ٿيون ٻوليون ڪري نين ساهه!

ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!

·

شڪوه

 

بيچ اکسير بتاثير محبت نرسد

کفر آوردم و در عشق تو ايمان کردم.

                                           _ عرفي

 

مون کي افسوس ٿو الله جي حالت تي اچي،

مون کي حيراني ٿي انسان جي حماقت تي اچي،

مون کي کل ٿي گهڻي حڪمت جي جهالت تي اچي،

مون کي ٿو شرم گهڻو منهنجي صداقت تي اچي.

مون کي ٿي خوف ۾ ماري هي نزاڪت منهنجي،

ليڪ تنقيد ٿي آهي رهي عادت منهنجي.

 

ناءُ مشهور جهان ۾ آهي انسان منهنجو،

ساري قدرت جي مٿان ٿو هلي فرمان منهنجو،

هي جهان آهه فقط ساز ۽ سامان منهنجو،

يا خُدا ياد آ توکي به ڪو احسان منهنجو.

سير هر جا جو اسان توکي ڪرايو دلبر،

عرش جو توکي ادب ساڻ ڏنوسين منظر.

 

ڪو زمانو هو جڏهن تنهنجو جهان ڀي نه هُيو،

تنهنجو نالو به نه هو تنهنجو نشان ڀي نه هُيو،

تنهنجي تسبيح نه هُئي تنهنجو بيان ڀي نه هُيو،

Text Box: 38

 

ڪو ستارو نه هُيو ڪو حيوان ڀي نه هُيو.

 

ذات تنهنجي هئي تنهن وقت فقط ذات ۾ غرق،

آب حيوان هو انهيءَ وقت ۾ ظلمات ۾ غرق.

 

تڏهن حڪمت نه هُئي تو ۾ جهالت نه هُئي،

ڇا تي قادر تون هئين ڪاٿي به قدرت نه هُئي،

تو ۾ جذبو نه هو جنبش نه هئي حرڪت نه هُئي،

قهر ۽ رحم نه هو تن جي ضرورت نه هُئي،

تنهنجو هو عشق عدم سان ٻيو معشوق نه هو،

تون نه خالق هُئين تنهن وقت ڪو مخلوق نه هو.

 

تنهنجو انجام نه آ تنهنجو ڪو آغاز نه آ،

توکي گهرٻار نه آ ساز نه آ ناز نه آ،

تنهنجو ڪو خويش نه آ تنهنجو ڪو دمساز نه آ،

تنهنجو ڪڇ رنگ نه آ تنهنجو ڪڇ آواز نه آ.

تو ازل کان جو عدم ساڻ رفاقت پاتي،

اهڙين اهڙين صفتن ساڻ تو زينت پاتي.

 

توکي عاجز ڪيو اڪيلائي ڇڏيئي نيٺ عدم،

تو ڪڍيا تنهنجي شڪم مان لکها ٻار پَدَم،

”ڪُن فَڪان“ کي ز دِل آڻي ۽ رسايو تو بدم،

هي جهان ٺاهي کنيئي نيٺ ترقيءَ تي قدم.

تو جهان ٺاهيو ۽ تنهن ۾ تو ڪيو اهڙو ڪمال،

جو انهيءَ جو نه ڪنهين کي هو ڪڏهن خواب و خيال.

 

تو فلڪ ٺاهيو ۽ دنيا جو نگهبان ڪيو،

بي عدد رنگن ۽ روپن سان پريشان ڪيو،

حُسن ۽ خوبي سان هزارن کي تو مستان ڪيو،

حيرت انگيز جهان ٺاهي تو حيران ڪيو.

انهيءَ حيراني فلڪ کي آهي گردش ۾ وڌو،

ساري ڌرتيءَ کي انهيءَ حيرت آ لرزش ۾ وڌو.

 

هر زمان سان بيگمان آهه ٿي صحبت تُنهنجي،

هر مڪان ۾ آ عيان شان ۽ ڪرامت تُنهنجي،

هر زبان ۾ آ بيان تنهنجو ۽ مدحت تُنهنجي،

غرض هر شيءِ کي وڪوڙي وئي وحدت تُنهنجي.

تو ڪيو حضرت انسان جي دل گهر پنهنجو،

ساري قدرت ۾ ڇڏيو کولي تو دفتر پنهنجو.

 

تنهنجي دفتر جا سڀئي ورق ڪنهين ڪين پڙهيا،

ڪنهين ڪارا ڪنهين اڇا ڪنهين رنگين پڙهيا،

ڪي سکيا ڪفر هتان ۽ ڪي هتان دين پڙهيا،

ڪن فقط تن مان محبت جا مضامين پڙهيا.

جيڪو جنهن ورق ڏٺو تنهن ۾ اهو غرق ٿيو،

عمر پوري ٿي وئي پورو نه هڪ ورق ٿيو.

 

تنهنجي خاطر ۾ ڪنهين ڪعبه کي تعمير ڪيو،

تنهنجي نالي ڪنهين جبلن کي ڀي تصوير ڪيو،

نالي تنهنجي کي فلڪ تي ڪنهين تحرير ڪيو،

بحر ۾ بر ۾ سندءِ نالي کي تقرير ڪيو.

ڪن جي دل تنهنجي ئي تسبيح کان خوشنود رهي،

تنهنجي تقديس فقط منزلِ مقصود رهي.

 

ليڪ مغرور ٿئين پنهنجو ڏسي هيڏو جهان،

هيڏي تعريف ٻڌي تو ۾ تڪبر ٿيو عيان،

جلد ظاهر ٿي ويا تو ۾ تنزل جا نشان،

هر ڪمالي را زوالي ست ٿيو صاف بيان.

تون به مخلوق مثل ٿي وئين رب اڪبر،

تو تي ٿيو نيٺ ته مخلوق جي صحبت جو اثر.

 

ڪن کي تو پيار ڪيو ڪن سان تو تڪرار ڪيو،

ڪن کي جنت بخشي ڪن کي تو لاچار ڪيو،

ڪن کي صياد ڪيو ڪن کي گرفتار ڪيو،

خون ڪن جي سان سمونڊن کي تو سرشار ڪيو.

ڪن کي دولت بخشي ڪن کي نبوت بخشي،

ڪن تي ڪيئي فضل عطا، ڪن کي مصيبت بخشي.

 

هي دورنگي نه چڱي هن وڏو نقصان ڪيو،

تنهنجي مخلوق کي هن سخت پريشان ڪيو،

هن دماغن کي خيالات ۾ غطلان ڪيو،

جن سگهو تو سان صفا جنگ جو اعلان ڪيو.

تنهنجي لشڪر کي وڏي هار پٺيان هار آئي،

پنهنجي لشڪر جي حمايت تي نه سرڪار آئي.

 

سلسلي تنهنجي ۾ بس گوڙ ڪرايو انسان،

سج بيهاري ۽ ڌرتيءَ کي هلايو انسان،

۽ ستارن کي زمين کان به وڌايو انسان،

معجزه تنهنجي کي مٽيءَ ۾ ملايو انسان.

جنهن فلڪ کي تو خدائيءَ جو نگهبان ڪيو،

خود انهيءَ کي به صفا ناس آ انسان ڪيو.

 

تنهنجي لشڪر کي بشر آخري مغلوب ڪيو،

ذات انسان گهڻو پاڻ کي محبوب ڪيو،

طالبي مان وڌي ان پاڻ کي مطلوب ڪيو،

علم سان ۽ هنرن ساڻ جهان خوب ڪيو.

ساري دنيا ۾ پئي ڪاهي بغاوت آخر،

هر ڪنهين کي هئي زبان ۾ هي شڪايت آخر:

 

ڪاٿي آدم ڪٿي  جبريل معليٰ تنهنجو،

ڪاٿي آ تختِ سليمان يدِ بيضا تنهنجو،

ڪاٿي آ نوح نجي ڪاٿي مسيحا تنهنجو،

ڪاٿي آ تنهنجو خليل ۽ ڪٿي شيدا تنهنجو؟

چَؤ ته اڄ ڪهڙي ولايت ۾ قيام آهه سندن،

چَؤ ته اڄ ڪنهن جي اڳيان ڪارو ڪلام آهه سندن؟

 

”آندو آدم تو ڪٿان آيو آ ابليس ڪٿان،

آئي انڪار جي ابليس کي چَؤ ريس ڪٿان،

آهي ابليس پرائي اها تدريس ڪٿان،

چؤ ته آدم سکي آيو سندءِ تقديس ڪٿان؟

تون جي آدم جو خدا ڪير آ شيطان جو خدا،

ڪير ڪافر جو خدا، تون جي مسلمان جو خدا؟

 

”چَؤ ته آدم کي عنايت ٿي آ جنت ڪنهن کان،

آهي شيطان کي ملي هيتري مهلت ڪنهن کان،

جي هدايت آهه توکان ته ضلالت ڪنهن کان،

هيڏي دنيا ۾ عداوت ۽ تفاوت ڪنهن کان؟

ڪير آ ڪير آ، آخر ۾، سبب هر جو سبب،

تنهنجي هوندي يا خدا ڪنهن کي ڏجي ههڙو لقب!

 

”ڪن کي ٿومرض ڏئين ڪن کي شفاعت پنهنجي،

ڪن کي ٿو حُسن ڏئين ڪن کي قباحت پنهنجي،

ٿو ڪرين بُخل عيان ڪڏهن سخاوت پنهنجي،

ڪهڙي منهن ساڻ ٿو ڏيکارين عدالت پنهنجي؟

جيڪڏهن هي آ عدالت ته جفا ڇاهه ٻُڌاءِ،

سمجهه ههڙي کان زياده ٿي خطا ڇاهه ٻُڌاءِ؟

 

”مار پيدا به ڪرين مار جو ارشاد ڪرين،

عيد تي مڪي ٿو گهيٽن لئي بغداد ڪرين،

ڪجهه نه ٿو غور انهن جي ٻڌي فرياد ڪرين،

ڪهڙا هي ظلم ستم جور ٿو ايجاد ڪرين؟

ڪڇ حيا ڌار، حيا ڪر تون غريبن تي خدا،

ظلم جي پاڙ نه آهي ايا دانا بينا!

 

”تون غريبن جي مٿان اڇلين ٿو طاعون و وبا،

در بدر تن کي رُلائين ٿو پنائين ٿو جدا،

ڪهڙي ڪهڙي ٿو ضعيفن جي مٿان آڻين بلا،

خوفناڪ آهين تون ڪهڙو نه اي قهار خدا.

پنهنجي ٻچڙن جي مٿان تون ئي ٿو ڪاوڙ هارين،

پنهنجي ٻچڙن کي فقط تون ئي ٿو ٺاهي مارين!

 

”جيڪڏهن تُنهنجو جهان سارو گلستان ٿئي ها،

هر جڳهه عيش ۽ عشرت سندو سامان ٿئي ها،

جي سدا صلح و امان حصهء انسان ٿئي ها،

تنهن جي الله پُڻي ۾ ڪهڙو نقصان ٿئي ها!

ذات تنهنجي به خوش ۽ مان به خوش ۽ هو ڀي خوش،

باغبان خوش دل بلبل به خوش ۽ بو ڀي خوش!“

 

هي گلائون ٻڌي الله گهڻو ٿيو غمگين،

اهڙو غمگين جو رسي ويٺو وڃي عرش برين،

بي حيائي ڏسي ماڻهن جي ٿيو پرده نشين،

موڪليائين فقط آواز اهو طرف زمين:

”مون کي جيئين ٿو وڻي تيئن ٿو ڪريان فرمان،

ڀل مٿو پنهن جو کپائي پيو نادان انسان.“

 

مولويءَ کي اهو ارشاد جڏهن گوش ٿيو،

ڏاڍو غمگين ٿيو ويچارو ۽ مدهوش ٿيو،

پيئي تسبيحِ ڪري سجده فراموش ٿيو،

جلد تنهن کي به بغاوت جو اچي جوش ٿيو.

سيني هن جي مان هي فرياد ۽ هي آه آئي:

توکي غيرت نه جهان ۾ ڪڏهن الله آئي.

 

Text Box: 44

 

”يا خُداوند ڪرج عقده ڪشائي پنهنجي،

 

ڇو اهي رعب ۽ عزت تو گهٽائي پنهن جي،

تون ڇڏي ننڊ کي ڏيکار وڏائي پنهن جي،

مونکي آ خوف وڃائين نه خدائي پنهن جي.

ڪٿي آ تنهن جي ڪرامت ۽ ڪٿي تنهن جو قدر،

ڇا ٿيو توکي به مولا هي ٻڍاپڻ جو اثر؟

 

”تنهن جا ڪافر ٿا مزا ڪن ته غيرت ڏيکار،

تنهن جا طالب ٿا سهن درد محبت ڏيکار،

تنهن جا سالڪ ٿا مرن اُڃ ۾ رحمت ڏيکار،

دوستي دشمني پنهنجيءَ تفاوت ڏيکار.

چوطرف کان ٿا چون يا خدا صدها ماڻهو،

اهڙي الله کان ايئين ئي چڱو آ ماڻهو!

 

”چؤ ته تو بِن لهي ٻيو ڪير يتيمن جي نگاهه،

ٻين کي الله جي ٻانهن جي آ ڪهڙي پرواهه،

هوڏانهن هيڏانهن ڦري آهيون ٿيا بيرهه بنواهه،

چوطرف نيٺ اچي سامهون ٿي تنهن جي درگاهه!

چو ته ٻئي ڪهڙي خدا وٽ وڃون فرياد کڻي،

پنهن جي ٻانهن کي خدا ڪري ڪوئي ارشاد کڻي.“

 

يا خدا تون آهين خالق ڪ مان خالق تنهن جو،

يا فقط شاهد حق مظهرِ ناطق تنهن جو،

مون سان ڇا رشتو آهي خالق مطلق تنهن جو،

فڪر هن ۾ ٿو ڳري ۽ مري عاشق تُنهن جو،

پاڻ کي مان ڇا چوان ۽ توکي ڇا دوست چوان،

ڇا همه نيست چوان مان يا همه اوست چوان؟

 

اي جنهين مون کي حياتي ڪئي عطا ۽ دل و جان،

اي جنهين مون کي عطا ڪيو فهم و گمان،

اي دل و جانِ جهان حاڪم بي چون و چنان،

منهن جي گستاخي مٿان خشم نه ڪر اي رحمان!

مون هميشه کان ڀري آهه سلامي تنهن جي،

مون ازل کان هي قبولي آ غلامي تنهن جي!

 

منهن جي شڪوه مان عيان آهه لياقت منهن جي،

ضعف منهن جو، جهل منهن جو ۽ حماقت منهن جي،

يا خدا ڏاڍي بُري آهه ٿي حالت منهن جي،

جا بجا جاري گلا آهه نهايت منهن جي.

جي گلا منهن جي ٿي مولا ته گلا ڪنهن جي ٿي،

جي ثنا منهن جي ٿي سائين ته ثنا ڪنهن جي ٿي؟

 

تنهن جي ماڻهن سان محبت آهي مذهب منهن جو،

تن جي تفريح ۽ خدمت آهي مطلب منهن جو،

حيرت انگيز جهان تنهنجو آ مڪتب منهن جو،

تو جيهي رب جي پيداش آ منصب منهن جو.

جهڙو ئي آهيان تهڙو ئي مان تنهن جو الله!

ڪنهن نه حيدر کي جهان ۾ ڪيو پنهن جو والله!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: