سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:4 

ادب پنهنجا پڙهندڙ پاڻ پيدا ڪندو آهي

ادب جو معاشري سان اَٽوٽ ۽ زندگيءَ جو رشتو هوندو آهي. زندگي جيئن جيئن سفر ڪندي آهي، ادب جو سفر به ائين ئي جاري ۽ ساري رهندو آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن، سماجي، سياسي، تمدني، تهذيبي، ثقافتي، تاريخي اُٿل پُٿل ۽ سائنسي تبديلين جا اثرَ ادب تي به پوندا آهن، پر ادب پنهنجي وجود ۾ تغير پذير ۽ نِت نئون رهندو آهي. زنده رهڻ واري ادب ۾ گهڻو ڪري ٽي شيون هونديون آهن. هڪ ته اُن ۾، لکڻ واري جو پنهنجو دؤر ۽ اُن جو پنهنجو مشاهدو، مطالعو، فهم ۽ فڪر شامل هوندو آهي. ٻيو اُن ۾ ماضيءَ جو مثبت ورثو، تاريخي ۽ ثقافتي روايتون موجود هونديون آهن ۽ ٽيون اُن ۾ ايندڙ زمانن جو احساس ۽ روح به موجود هوندو آهي؛ ۽ اُهي ٽئي عنصر ملي، هڪ اهڙي وحدت کي جنم ڏيندا آهن، جو اُها تخليق نه رڳو پنهنجي دؤر جي ترجمان بڻجي، ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تائين پهچندي آهي، پر وقت سان گڏوگڏ اُن جي اثريت ۽ آگهي، رمزيت ۽ حُسناڪي خوشبو جيان ڦهلجندي ويندي آهي.

هڪ سُڄاڻ ۽ سُچيت اديب پنهنجن احساسن، فڪري لقائن ۽ قلبي وارداتن کي نه فقط زندگيءَ جي فهم ۽ شعور لاءِ وسيلو بنائيندو آهي، پر هُو انيڪ عملي تجربن، فڪري جاچنائن، شعوري پيڙائن ۽ داخلي ڪيفيتن مان گذري، زندگيءَ جي حُسناڪين ۽ ڪَربناڪين جو شعور حاصل ڪري، اُنهن کي اهڙو وسيع ۽ گهڻ رُخو بنائيندو آهي، جو اُهي انفرادي بدران اجتماعي عڪس پيش ڪنديون آهن.

حقيقت ۾ هڪ ڏاهي ۽ ذميوار اديب جو ڪم، فرد ۽ سماج ۾ باطني توازن قائم ڪرڻ کان علاوه ماڻهن کي پنهنجي خارجي ماحول، سياسي ۽ سماجي حالتن کان باخبر ڪرڻ به هوندو آهي. هُو عام ماڻهن وانگر قلم جو پورهيو رڳو پيٽ گذاري لاءِ ڪونه ڪندو آهي، پر اُن ڪِرت ۾ هُن جي شعوري سُجاڳي، آدرشي سُرت ۽ اجتماعي احساسِ ذميداري به شامل هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هڪ سُچيت سِرجڻهار جون تحريرون ۽ تخليقون ماڻهن کي سوچ ۽ سُرت جون نيون راهون ڏيکاري، اُنهن ۾ نه فقط نئين منزلن جي لوچ پيدا ڪنديون آهن، پر منجهن اُنهن تي رَسڻ جو ولولو، حوصلو ۽ همت به پيدا ڪنديون آهن.

ادب، زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ پاسن جي فڪري، فني ۽ احساساتي عڪاسي ۽ نمائندگي ڪندو آهي، اُنهيءَ ڪري اُن کي انساني جياپي جي مِڙني سچائين/ ڪچائين جي تاريخ تصور ڪيو ويندو آهي. ادب جي سڀ کان وڏي خوبي اُها آهي ته، اُهو انساني جذبن کي حرڪت ۾ آڻڻ جي سگھ رکڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جي زندگيءَ جي طور طريقن کي تبديل ڪري، اُنهن ۾ سُرت ۽ سجاڳيءَ جي نئين ۽ صحتمند قدرن کي اُڀاري ۽ اُجاگر به ڪري ٿو.

اديب پنهنجي وقت ۽ حالتن جا نه صرف اثر قبول ڪري ٿو، پر داخلي طرح انهن کي پنهنجي عقل ۽ ادراڪ سان پَروڙي ۽ پُرجھي، پنهنجي تخليقي اظهار ۾ پڻ اوتي ٿو، اُن ڪري هڪ قلمڪار جو فن, هڪ طرف هُن جي اندر جي تخليقي خوبين، خوبصورتين ۽ صداقتن جو عڪاس هوندو آهي ته، ٻي طرف انساني زندگيءَ جي سُکن، سورن، احساسن، اُمنگن، جستجوئن ۽ آئيندي جي اُميد ۽ آٿت به هوندو آهي.

شيخ اياز جي شاعري پنهنجي دؤر جو عڪس ۽ احساس به پيش ڪري ٿي ته، اُن ۾ ماضيءَ جي شاندار روايتن جو روح ۽ مستقبل بينيءَ جي اسراريت به موجود ملي ٿي. اياز جي شاعري فڪري لحاظ کان گهري، موضوعاتي طور وسيع ۽ فني طرح نئين نُدرتن سان نه رڳو مالامال آهي، پر اُن جو تخيلي ڪئنواس پڻ انتهائي وِشال آهي، اُنهيءَ ڪري سندس شاعريءَ تي سنجيدگيءَ سان گهڻ رُخي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

يقينن ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ شاهه لطيف کان پوءِ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ کي نه فقط گهڻو پڙهيو وڃي ٿو، پر سندس شاعريءَ تي ذڪر جوڳو ڪم پڻ ٿيو آهي. آءٌ گذريل پندرنهن سالن کان سندس شاعريءَ جي فن، فهم ۽ فڪر کي پُرجهڻ ۽ پَروڙڻ ۾ رُڌل رهيو آهيان. سندس شاعريءَ جي جمالياتي پهلوئن تي، ’شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات‘ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ، (جيڪا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2018ع ۾ ڇَپائي آهي) کان علاوه، سندس شاعريءَ جي فڪر ۽ فلسفي تي، ’شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو‘، ’شيخ اياز جا دوها‘، ’سائو ڪي سُڄاڻ‘ ۽ اوهان جي هٿن ۾ موجود هيءُ ڪتاب، ’شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي ــ تنقيدي مطالعو‘ لکي چڪو آهيان، ۽ اياز جي شاعريءَ تي تحقيق، تجزيي ۽ تنقيد تي مشتمل مختلف ليکڪن، نقادن ۽ محققن جو اهڙو ٻيو ڪيترو ئي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل مواد موجود آهي، پر اُن جي باوجود شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن ۽ پاسن تي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ انهن جي جديد تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان ڇنڊڇاڻ ۽ ڪٿ ڪرڻ جي گُهرج محسوس ٿئي ٿي، ڇو ته اياز انهن شاعرن مان آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ۽ انقلاب جي اها چِڻنگ ملي ٿي، جيڪا ڪنهن به جيءَ ۾ جَلي، ڀنڀٽ ڀڙڪائي سگهي ٿي.

هُن جي شاعريءَ ۾ محبت ۽ جماليات جو اُهو درياهه به موجزن نظر اچي ٿو، جيڪو نه رڳو دلين جي ويرانين کي سيراب ڪري سگهي ٿو، پر سوچن جي صحرائن ۾ اُمنگن ۽ آرزوئن جي سرسبزي پيدا ڪري، ماڻهوءَ ۾ جرئت ۽ جياپي جو نئون اُتساهه پڻ پيدا ڪري ٿو.

ڊاڪٽر فياض لطيف

20  آڪٽوبر 2022ع

گيت/ لوڪ گيت:  پسمنظر، تاريخ ۽

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جو جائزو

 

لوڪ گيتَ عام ماڻهوءَ جي روح جي صدا ۽ ٻهراڙيءَ جي مٽي ۽ ماحول جي پيداوار آهن. اُهي ٻَهراڙيءَ جي عام، اَڻپڙهيلن ۽ سادن ماڻهن جي مَن مان ائين ڦُٽي نِڪرندا آهن، جيئن صحرائن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ڌرتيءَ مان کُنڀيون خودبخود ڦُٽي پونديون آهن. لوڪ گيتَ اُنهن جي وِندر ۽ وِرونهن به هوندا آهن، ته سندن ڏکن ۽ سُکن جا ساٿي به. اُهي لوڪ گيت ئي هوندا آهن، جيڪي ڄَم وقت کين سَرهائيِءَ ۽ رقص جو سامان مُهيا ڪندا ۽ موت وقت اوسارن ۽ المياتي آلاپن جو آٿت آڇي، سندن مَن جو  غُبار ۽ ذهن تان بارُ هَلڪو به ڪندا آهن.

لوڪ گيتَ، انسان جي سَچن پَچن جذبن، احساسن، ڪيفيتن، پيار، پورهئي، محبت، وصل، جدائي، قرار، بي قراري، واعدن، وفائن، بي وفائين، انتظارن، آزين، نيازين، ماڻن، ٽاڻن، نازن، نخرن، ادائن، قدرتي منظرن ۽ مظهرن جو اهڙو منظرنامو آهن، جيڪي هر تصنع ۽ تڪلف کان آجا ۽ آزاد هوندا آهن. لوڪ گيتَ انسان جي حقيقي اُڌمن، آرزوئن، مشاهدن ۽ محسوسات تي مُحيط اهڙو بي ساختا منظوم اظهار ٿين ٿا، جن ۾ عروض توڙي ڇند وديا واري شاعريءَ جهڙو ڪو فني ساز ۽ سامان، فڪري پيچيدگي ۽ موضوعي پابنديءَ جو پَئد ڪونه هوندو آهي، پر هڪ آزاديءَ واري جولاني، جولاني واري جذبات جي اُڇل، لفظي شائستگي، ترنم جي انوکي تازگي، فڪري فرحت ۽ احساساتي تاثريت هوندي آهي. لوڪ گيتن جو ڪو مخصوص موضوع ۽ مقرر هيئت نه هوندو آهي، پر اُهي زندگيءَ جي هر رنگ ۽ روح سان ٽِمٽار ۽ آڪاش جي وشال وسعتن وانگر حسين ڪئنواس رکندڙ هوندا آهن. ٻين لفظن ۾ لوڪ گيت، عام سماجي جيوت ۽ فطرت جو سچو پچو عڪس ۽ نقش هوندا آهن، جن ۾ سَچ ته انسان جي حقيقي روڳن ۽ راحتن جو سمورو سامان ميسر ۽ موجود ملندو آهي.  

 

لوڪ گيت جو تاريخي پسمنظر

گيت ۽ سنگيت جو رشتو، جسم سان روح جي تعلق وانگر ازلي ۽ گهرو رهيو آهي. قديم دؤر کان وٺي لوڪ گيتَ، لِکت ۽ تحرير طور نه، پر ’ڳائجڻ‘ طور مختلف سماجن ۾ رائج رهيا آهن. اوائلي توڙي جديد معاشرتي اتهاس کي مطالعاتي اک سان جانچي ڏسنداسين ته، چِٽائيءَ سان معلوم ٿيندو ته، سماجي زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار کان وٺي مذهبي ۽ ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ تائين ڪيترن ئي سماجن ۾’گيت‘، راڳ، رقص، ڀڄن ۽ ڳائڻ جي شيءِ رهيا آهن. خاص ڪري هندو ڌرم ۾، راڳ کي نه فقط روح جي راحت ۽ غذا تصور ڪيو ويندو آهي، پر اُن کي صدين کان عبادت جو درجو ڏئي اَپنايو ويندو رهيو آهي. اُهو ئي سبب آهي، جو هندن جي مُقدس ڌرمي ڪتاب، ’گيتا‘، ۽ ’گيت‘ جي لفظن ۾، نه صرف وڏي لفظي مماثلث ملي ٿي، پر معنوي ۽ فڪري لحاظ کان پڻ اُنهن ۾ تمام گھڻي ويجهڙائي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي صنف ڳيچ ۽ سنسڪرت جي لفظن ’گي‘ يا ’گيه‘، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، ’گيت‘ اُنهن لفظن مان جنم ورتو آهي، اُنهن ۾ نه رڳو يڪتائي ملي ٿي، پر اُنهن لفظن جو مطلب ۽ مفهوم به ’ڳائڻ‘ ئي آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لُغات ۾،’گيت‘ جون معنائون ’راڳ، گانو، ڳاچُ، ڳيچ، ڀڄن، ڳائڻ، لات، ساراهه جو بيت‘ وغيره ڏنيون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته،’گيت‘ ماڻهوءَ جي وندر ورونهن سان گڏوگڏ هُن جي روح جا رازدان، سندس اندر جا عڪاس ۽ صدين کان انسان جا احساساتي همسفر ۽ همراز رهيا آهن. ماڻهن پنهنجون خوشيون ۽ خوبصورتيون، دَردَ، عَذابَ، اَذيتون، خُوابَ ۽ حَسرتون، نه صرف اُنهن گيتن ۾ سمايون ۽ اُنهن سان سَليون آهن، پر اُهي اُنهن جي پوڄائن، پرارٿنائن، رقص، رنگينين، راحتن، چاهتن، اهنجاين، سهنجاين ۽ زندگيءَ جي ٻي هر ڪار وهنوار جو اَٽوٽ حصو رهيا آهن. اُنهن گيتن مان هُنن آجپي ۽ آنند جا احساس به ماڻيا آهن ته، پنهنجن لُڙڪن کي لفظن ۾ پوئي، اَندر جو بَارُ ۽ غُبارُ به پئي هَلڪو ڪيو آهي.

لوڪ گيت، لوڪ ادب جو وڏو اثاثو آهن. لوڪ ادب جي هڪ وڏي خصوصيت اُها به آهي ته، اُهو زندگيءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. اُن ۾ نه فقط انسان جي اَوائلي ۽ اوسر جي تاريخ جا احساساتي عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا، پر اُهو انسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ڪار گذارين جو ڪارائتو ۽ اَملهه رڪارڊ پڻ پيش ڪري ٿو، اُهو ئي سبب آهي، جو سموري دنيا جي لوڪ ادب جا اَثرَ، اُن جي قوم ۽ انسانيت تي پيا آهن، ساڳي وقت اُن جي ڇاپ، نه صرف ڪلاسيڪي ادب تي پَسي سگهجي ٿي، پر معياري ۽ جديد ادب کي مضبوط بنياد پڻ لوڪ ادب ئي فراهم ڪيا آهن. چاسر، ملٽن، گوئٽي ۽ شيڪسپيئر کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين سڀني سرجڻهارن تي لوڪ ادب، خاص ڪري لوڪ داستانن ۽ لوڪ گيتن جو تمام گھڻو ۽ گهرو اثر رهيو آهي ۽ انهن جي ثقافتي رنگ، ٻوليءَ جي رسيلي، مِٺاس ڀريي لهجي، مِٽي ۽ پنهنجن ماڻهن سان موهه ۽ اُنسيت جي احساسن، سندن شاعريءَ کي وڏي جمالياتي سگهه ۽ فڪري سُرت عطا ڪئي آهي.

لوڪ گيتَ، ڪاغذن ۽ ڪتابن ۾ زنده رهڻ کان وڌيڪ صدين کان ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪندا ۽ دماغن ۾ محفوظ رهندا آيا آهن. اُنهن ڪاغذي ڪَفن بدران زندهه دلين جو سفر ڪيو ۽ هڪ سيني کان ٻي سيني تائين، سالن ۽ صدين جي مسافت ڪري، اڄ جي جديد نهج ۽ سهج تي پهتا آهن. عام طرح سان لوڪ گيت جي پرک جا ٽي پيمانه مقرر ڪيا ويا آهن.

”هڪ ته اسان جنهن کي لوڪ گيت چئون ٿا، اُن ۾ تسلسل آهي يا نه؟، يعني اُهو لوڪ گيت وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لڳاتار هلندو ٿو اچي يا نه؟. ٻيو ــ تبديلي، يعني، اهو لوڪ گيت لڳاتار هلندو ته اچي ٿو، پر ڇا اُن ۾ ڪي تبديليون آيون آهن؟. اُهي تبديليون ٻِن قِسمن جون هونديون آهن. هڪ گيت جي لفظن جي وِسرڻ ڪري، ماڻهو اُن جي جاءِ تي نوان لفظ/ مصرع داخل ڪندا آهن ۽ ٻي ته ماڻهو اُن گيت کي ڳائيندي، اُن جي ڌُن کي پنهنجي سهولت يا پسند مطابق بَدلائيندا آهن. ٽيون ــ قبوليت، ڏِسڻو  آهي ته، جنهن سماج ۾ گيت جنم ورتو آهي، اُن معاشري، اُن گيت کي قبول ڪيو آهي يا نه؟. يعني گيت پوري سماج ۾ مقبول ٿي، لوڪ گيت بڻجي چڪو آهي يا نه؟. جيڪڏهن اُن کي قبوليت نه مِلندي ته، اُهو گيت جنم وٺندي ئي ختم ٿي ويندو. لوڪ گيت جي هڪ سُڃاڻ اُها به آهي ته، اُن جي جوڙڻ واري جي خبر ڪانه هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو جُڙڻ کان پوءِ اُهو جڏهن مَٿين ٽِن مَرحلن مان لَنگهندو آهي، تڏهن ڪنهن کي ياد ئي نه رهندو آهي ته، اُن جو  تخليقڪار ڪير هو“(1) .

حقيقت ۾ لوڪ گيتَ، اجتماعي سوچ، احساسن ۽ آجپي جو اهڙو حسين روپ ۽ روح آهن، جن ۾ طبقاتي اوچ نيچ، ڌرمي ويڇن، خود غرضي ۽ خود مطلبيءَ بدران گڏيل محبت، محنت، خوابن، خوبصورتين، معصوم تمنائن ۽ متحرڪ جياپي جا موهيندڙ منظر ۽ مظهر موجود ملن ٿا. 

ان حوالي سان رسول بخش پليجو لکي ٿو: ”گيت روءِ زمين تي ڳائجندا رهيا آهن ۽ ڳائجندا رهندا. اهي ايترو قديم آهن، جيتريون انسان جون آسون ۽ احساسَ. جڏهن جڏهن ڪا آسَ ڪَرُ موڙي اُٿي ٿي، ڪو سورُ سَنگُ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ کان نرم، سڀ کان نازڪ احساسَ گيتن ۾ سمايل آهن“(2).

دنيا ۾ گيتن سِرجڻ ۽ اُنهن کي ڳائڻ جي روايت قديم مصر ۽ ميسوپوٽاميا کان وٺي روم، يونان، چين، جاپان، هندستان، پاڪستان، عرب، فارس، پولينڊ، آئرلينڊ، يوگوسلاويڪيه، ناروي، اٽلي، اسپين، فرانس، آفريڪا، آمريڪا ۽ ٻين انيڪ ملڪن تائين جي ماڻهن ۾ ملي ٿي. جاپان ۾’گيشائن جا گيت‘ ملن ٿا، جيڪي اُتان جي ٽن تارن تي مشتمل نازڪ ۽ نفيس رباب، ’سمي سين‘ وَڄائي ڳايا ويندا آهن. خاص ڪري قبحه خانن جا مالڪ غريب خانه بدوش قبيلن جون جوان ڇوڪريون خريد ڪري، اُنهن کان پنهنجن ڪلبن ۾، رقص ۽ راڳ ڪَرائڻ کان علاوه اُتي ايندڙ ماڻهن جا من وندرائڻ جا ڪم وٺندا آهن. هر گيشا (رقاصه) جي گيت ۾، اُن جي جواني جا خمار به هوندا آهن ته، اُن جي تنهائي جو درد به. رباب جي سُرن سان پُرسوز لوڪ گيتن جا ٻول ملي جڏهن فضائن ۾ ٻُرندا آهن، تڏهن مُرده ديوارن سان گڏ ننڊ جي ڀاڪرن سان ٻَکيل پورهيت ماڻهن جون دليون به ڌڙڪڻ لڳنديون آهن.

اُنهن گيتن ۾ ايترو ته سوز ۽ گداز هوندو آهي، جو اُنهن سُرن جي گونج، نه رڳو ماڻهن جي دلين جا مِيرَ ڌوئي ڇڏيندي آهي، پر اُنهن جي نينهن کي نئين سِر ڀڙڪائي، هڪ ئي وقت شعلو به بَڻائيندي آهي ته، اُنهن ۾ جاڳ جي آڳ به جاڳائيندي آهي. اُهي گيت، گيشائن جي مُرڪ ــ مالهائن جيان موهيندڙ به هوندا آهن ته، انُهن ۾، اُنهن جي لُڙڪن جي نَمي ۽ جيون جي ڪَمي به شامل هوندي آهي، جنهن ڪري سندن جهونگاريل هر گيت، انتهائي حُسناڪ به هوندو آهي، ته اهو سندن مُرده حسرتن جي ’سَمفنِي‘ به محسوس ٿيندو آهي. اُنهن گيتن جي ٻولن جو ترجمو هوائن ۾ حائل خوشبو کي قيد ڪرڻ مترادف آهي، جيڪو يقينن مشڪل آهي، پر نموني طور هيٺ گيشائن جي هڪ گيت جو سنڌي ترجمي ۾، تت پيش ڪجي ٿو.

تاريڪ آهي راتڙي،

منهنجي من ۾ ڇرڪ ڀري،

جاڳي پئي آ ڪا باتڙي.

دل منهنجي ۾،

چاهه آ بي چين ۽

تن ــ اندر ۾ تڙپ ٿي تڙپي پئي،

تون ٿو آکين،

هل هلون ڪنهن هيکليءَ جاءِ تي

تاريڪ آهي راتڙي،

ڏس، سوَين اسرار آهن

خواب جهڙا پيار آهن،

ڪاري سايَن جي سيج تي

هم آغوش هِن سرگوشيون،

لفظن بنا دل ڪري ٿي

دل سان ڪائي گفتگو،

تاريڪ آهي راتڙي....(3).

 

ڪوريا جا لوڪ گيت پڻ اُتان جي پهاڙي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي من ــ پاتال مان ڦُٽي نڪتل احساساتي آبشار ڌارائن سان مالا مال آهن. ائين فرانسيسي لوڪ گيتن جو پنهنجو الڳ ۽ منفرد رس ۽ چس آهي. انهن گيتن کي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ’رولان جا گيت‘ چيو ويندو آهي، جيڪي اتان جي ماڻهن ۾ تمام گھڻو مقبول آهن. انهن گيتن کي عوامي منگتا ۽ مڱڻهار، عوامي ميڙن، اميرن جي محفلن ۽ مختلف موقعن تي عبادت گاهن ۾ پڻ ڳائيندا آهن. انهن گيتن ۾ ماڻهن جي معصوم خواهشن، تمنائن ۽ خوابن جي اظهار سان گڏوگڏ لوڪ ڪٿائن، رومانوي قصن ۽ روزمره زندگيءَ جي ٻين ڪيترن ئي پهلوئن جو ذڪر ۽ فڪر انتهائي دل گداز انداز ۾ ملي ٿو.

روسي لوڪ گيت، خاص ڪري ’هارين جا گيت‘ پنهنجن مڌر ٻولن، ثقافتي رنگن، سماجي جيوت ۽ احساساتي خيالن ۽ خوبصورتين سبب پنهنجو مثال پاڻ آهن. انهن گيتن ۾ موجود ماحول، منظر، ڪردار ۽ موضوع گھڻي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن سان مِلندڙ جُلندڙ آهن. خاص ڪري سندن مشهور گيتَ، جيڪي کيت مزدورن جي جيوت، جاکوڙ ۽ روزاني ڪِرت جي پسمنظر ۾ جوڙيل ۽ انهن جي زباني ڳايل آهن، انهن ۾ حيرت جي حد تائين سنڌي لوڪ گيتن جهڙو ساءُ، رچاءُ ۽ احساساتي روح محسوس ٿئي ٿو. روسي هارين جو هڪ لوڪ گيت، جنهن لاءِ روايت آهي ته، روسي هاري عورتون لُڻيل فصل جي آخري گَڏي کي کڻڻ وقت، ان کي رنگ برنگي رومال پارائينديون آهن. پاڻ ۾ هٿ هٿن ۾ ڏئي، ان گَڏي جي چوڌاري رقص ڪنديون ۽ هي گيت جهونگارينديون آهن، جيڪو ٻولن ۽ منظر توڙي ماحول ۽ احساساتي رچاءَ ۾ سنڌي لوڪ گيتن سان وڏي مماثلت رکندڙ آهي. روسي هارين جي انهيءَ لوڪ گيت جو سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو.  

 

اَڄُ آهي لابارو،

وارو، ڙي، وارو...

پنهنجي ٻنيءَ جو وارو

آيو آهي يارو،

لک ٿورا رب جا

جنهن غم لاٿا سڀ جا

هڪڙي ٻَنيءَ جو

لٿو آ لابارو،

هاڻي آهه ٻيءَ جو وارو

وارو، ڙي، وارو...

اَڄُ آهي لابارو....(4).

 

پولينڊ جي لوڪ ادب جو شمار پڻ دنيا جي شاهوڪار لوڪ ساهت ۾ ٿئي ٿو. پولينڊ هڪ اهڙو خطو آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول، فطري حُسن، قدرتي ڍنڍن، ندين ۽ سرسبز زمينن سبب وڏي فطري ڪشش ۽ حُسناڪي رکي ٿو. هتان جي ماڻهن جي وڏي وندر ۽ وِرونهن لوڪ گيتَ آهن، جيڪي سندن تهذيب، معاش ۽ زندگيءَ جي ٻين سمورن رُخن جو سُندر ۽ اثرائتو عڪس پيش ڪن ٿا. يورپ ۾ ٻارهين صديءَ ڌاري جهان گرد ۽ خانه بدوش شاگردن جي ڳايل لاطيني گيتن پڻ دنيا ۾ وڏو ناماچار ماڻيو. انهن گيتن جي خاص خوبي انهن جا آزاد ٻول، روان ترنم ۽ جذبن جو بي باڪ ۽ بي ساخته اظهار آهي. انهن گيتن ۾ پيار، سرهائي ۽ آزاديءَ جا احساس پنهنجي پوري جذبي، جوت ۽ جولان سان موجود ملن ٿا. 

ڳايو، ڳايو، پريت جا گيت،

منهنجا ميت...

 جن سان من کي اچي آرام

منهنجي ڪومل من ۾ اڄ،

جرڪي پيو سرهائيءَ جام.

ڏک ويا  هِن سڀ اُڏامي،

خوشي، محبت موٽي آئي

من نچي ۽ جهومي ٿو،

رقص ۾ آهي سڄي خدائي.

 

ڳايو، ڳايو، پريت جا گيت،

اچو، اچو منهنجا ميت.(5). 

اسپين جي هڪ خانه بدوش قبيلي ۾ جنم وٺندڙ گارشيا لورڪا جا جپسي لوڪ گيت پڻ وڏي اهميت جا حامل آهن. انهن گيتن ۾ خانه بدوش ماڻهن جي جيوت، جذبن ۽ احساساتي خوبصورتين جو عڪس به نظر اچي ٿو، ته جهنگلي هوائن جهڙو آزاد ۽ تازو ترنم به ملي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي ويڳاڻي من کي ساڻ کڻي، اڻ ڇهي احساساتي دنيائن جا سير سفر ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن کيس واپس ڇڏي ٿو، تڏهن ماڻهو پنهنجي من کي نه فقط تازي ماڪ سان وِهنتل ۽ ڌوتل محسوس ڪري ٿو، پر گهڙي کن لاءِ دنيا جا سمورا درد وساري پاڻ کي سائبيريا جي پکين جيان آزاد ۽ آواره ڀانئين ٿو، جن جي اُڏام لاءِ سيمائن جو ڪوئي قيد نه هوندو آهي. لورڪا جي لوڪ گيتن کان شيخ اياز تمام گھڻو مرغوب ۽ متاثر رهيو آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي هو لکي ٿو، ”لورڪا جو مون تي ڪافي اثر آهي....جيئن ٿر جي ٻيلن جي سونهن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهنجي شاعريءَ ۾ پڙاڏا ۽ عڪس ملن ٿا، ائين اسپين جي جپسين جي زندگي ۽ انهن جي لوڪ گيتن جا اثر لورڪا جي شاعريءَ ۾ جهلڪن ٿا....لورڪا جي شاعريءَ کي عوامي لوڪ گيتن مان اُتساهه مليو، پر هن پنهنجي شاعريءَ جي مواد ۽ فارم ۾ انوکا ۽ منفرد تجربا ڪيا آهن“(6).

آمريڪا جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ نيگروز جا لوڪ گيت، ناروي، اِٽلي، اسپين، يوگوسلاويڪيه، هنگري، رومانيا ۽ بالڪن رياستن جي پورهيتن جا لوڪ گيت پڻ پنهنجي لهجي جي مِٺاس، اظهار جي سادگي، ترنم جي ڪشش ۽ ٻولن جي سوز ۽ گداز سبب پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن. محنت ۽ مزدوريءَ جا گيت، مزدورن ۾ همت وڌائيندا ۽ منجهن چُستي پيدا ڪندا آهن. انهن گيتن جا  ٻول جوشيلا ۽ ترنم تيز ۽ جهومائيندڙ هوندو آهي، جيڪو مزدورن ۾ ولولو پيدا ڪري، سندن ڪم کي نه رڳو نبيريندو آهي، پر ۽ اُن ۾ وڏي آساني به پيدا ڪندو آهي.

”اسڪاٽ لينڊ جا Waulking ان جو بهترين مثال آهن. Waulking  ٽئڊ ڪپڙي کي پُسائڻ ۽ سُڪائڻ وارو عمل آهي. ان گيت جي لئي ۽ تال مزدور جي ڪم کي هڪ ئي رفتار سان هلائڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي“ (7).

اهڙيءَ ريت سامونڊين، ملاحن ۽ ٻيڙائتن جا لوڪ گيت، جيڪي سندن جيون جي جذبن ۽ جولانن جي اثرائتي عڪاسي پيش ڪن ٿا. اهڙن لوڪ گيتن مان هڪ مثال آمريڪي غلامن جو هي لوڪ گيت آهي، جيڪو بحري سفر ۾ ٻيڙا هَڪلڻ وقت غلام گڏجي ڳائيندا ۽ هڪٻئي ۾ همت، جوش ۽ ولولو پيدا ڪندا هئا. گيت جي ڪجهه ٻولن جو هتي سنڌي ترجمو ڏجي ٿو.

 

مائيڪل! اومائيڪل! ٻِيڙو ڪاهي ڪناري هَلُ،

مائيڪل! اومائيڪل! ٻيڙو ڪاهي ڪناري هَلُ.

تنهنجو ٻيڙو آ سُوراجي

هَلُ منهنجا مانجهي

تنهنجو ٻيڙو آهي ٻارِ ۾

تارِ درياهه جي تار ۾،

او منهنجي ڀينڙي!

ٻيڙيءَ ــ سِڙهه سِبي ڏي،

اُردن ــ سمنڊ گهرو آ

مانجهي مِڙي مُٺ ٿيو،

هُن ڪناري آزادي،

سَڏي ٿي سَڀن کي،

مائيڪل! اومائيڪل! ٻيڙو ڪاهي ڪِناري هَلُ،

ٻيڙو ڪاهي ڪِناري هَلُ.... (8).

 

يورپ ۾ اوائلي دؤر ۾، جپسي ۽ خانه بدوش ساري يورپ جي صحرا نوردي ڪري، نوان ٻول، نوان سرُ، نوان داستان ۽ نيون ڪٿائون هٿ ڪري، لوڪ گيت سِرجيندا ۽ انهن کي جهر جهنگ، وَستين ۽ واهڻن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ انهن لوڪ ٻولن ۽ لوڪ ترنم کي شهري ماحول ۽ ڪلچر سان مِلائي، نوان گيت ۽ نيون ڌُنون پڻ تخليق ڪندا هئا. جيئن ڪارولس گيتَ (Carols songs)، جيڪي لوڪ رقص ۽ لوڪ ناچ جا گيت هئا، پر اڳتي هلي عيسائين جي ڪِرسمس جي ڏِڻَ جي گيتن سان مِلي هڪ ٿي ويا.

مطلب ته مشرق توڙي مغرب ۾، هر ملڪ، هر خطي ۽ هر علائقي جي مختلف نسلن ۽ قومن وٽ پنهنجا پنهنجا اڪيچار لوڪ گيت آهن. انهن جي ٻولي، لهجو، انداز، ثقافتي وَن ۽ واسُ يقينن الڳ ۽ جدارو آهي، پر انهن جو احساساتي ۽ اجتماعي روح ساڳيو ’عامي ۽ عوامي‘ آهي ۽ انهن جو ردم يڪسان طور روح جي تارن کي ڇُهي، راحتن جا نغما ڇيڙيندڙ ۽ اندر ۾ اُڌمن ۽ اَلمين جا احساس اُڀاريندڙ هوندو آهي.

”مشرقي شاعري، خاص ڪري ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي نظر وجهبي ته، ان جي مختلف صنفن جي پيڙهه ڌار ڌار ’رَسن‘ تي رکي وئي آهي...گيت لاءِ خاص رس ’شرنگار رس‘ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو محبت ۽ پيار لاءِ مخصوص سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ جنسي ڇِڪَ کان وٺي، ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ ڀائرن جي محبت، زال ۽ مڙس جي پريم، محبوب جي وڇوڙي ۽ اوسيئڙي، پهاڄ سان نفرت، سَسُ نِڻان جي کِٽ پِٽ، ديوتائن ۽ ديوين ۾ ويساهه، پيرن ۽ وَلين ۾ اعتقاد، ڌرتي ماتا سان پيار، موسمن جي تبديلي ۽ تهذيبي تهوارن جي اهميت ۽ حُسناڪيءَ جا موضوع اچي وڃن ٿا“(9). ۽ اهي سڀئي لوڪ گيت، انسان جي گڏيل ميراث سان گڏ سندن روڳن ۽ راحتن جو گڏيل عڪس ۽ احساس پيش ڪن ٿا.

 

لوڪ گيت جون روايتون ۽ شيخ اياز

 

شيخ اياز جو پنهنجي ڌرتي ۽ شاعريءَ سان انوکو اُنس ۽ عشق رهيو آهي. خاص ڪري پنهنجي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ گيتن /لوڪ گيتن سان ته هن جو والهانه پيار آهي. هو پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو، ”منهنجي برصغير جي پوري ثقافت سان ائين والهانه محبت آهي، جيئن يوناني شاعر ڪازان زاڪس جي يونان سان هئي. ڪيئي ڀيرا منهنجي دل چاهيو آهي ته، اردوءَ جي مشهور اديب ديوندر ستيارٿيءَ وانگر هن برصغير جو ڳوٺ ڳوٺ گهمان ۽ ان جا لوڪ گيت ٻُڌان، ان جا پهاڙ، نديون، محل سَرايون، مندر، مسجدون، گُردئارا ڏسان ۽ انهن جي سموري سونهن ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي پنهنجن گيتن ۾ سميٽيان. مون کي اها ديو مالائي مورتي ڏاڍي وڻندي آهي ــ جنهن ۾، سرسوتي هنس تي وڃي رهي آهي. هن کي هڪ هٿ ۾ بنسري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪوئي ڪتاب آهي. مان ڀانيان ٿو، ته مان به گيت لکندي لکندي، هن ڀَوَساگر مان پار تري ويندس ۽ پنهنجو موڪش پائيندس“(10).

شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي حوالي سان چار روايتون ملن ٿيون. پهرين سندس پنهنجي اصلوڪي مقامي لوڪ گيت جي روايت، جنهن ۾ قديم لوڪ گيت کان وٺي محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، هري دلگير، فاني ، دُکايل ۽ بَردي سنڌي تائين جا نالا شامل آهن. ٻي هندي لوڪ گيت جي روايت، ٽين پاڪستان جي علائقائي ٻولين ۽ اردو لوڪ گيت جي روايت ۽ چوٿين دنيا ڀر جي ادب جي لوڪ گيتن جي مطالعي مان اخذ ڪيل اثرن جي روايت. انهن چئني روايتن کي مِلائي، اياز لوڪ گيت جي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو نه رڳو آهنگ، احساس ۽ لفظي تاڃي پيٽو نرمل ۽ نرالو آهي، پر ان جو ترنم ۽ تاثير به لهرن جيان ماڻهوءَ جي جيءَ کي جهوليءَ ۾ جُهلائيندڙ ۽ روحاني تسڪين آڇيندڙ آهي.

خاص طرح اياز پنهنجي مقامي لوڪ گيتن جي رَسُ ۽ روح کي پنهنجي خيال ۽ احساس جي پيالي ۾ پَرٽي، ائين مِلائي ۽ رَلائي ڇڏيو آهي، جئين کير ۾ کنڊ مِلي ۽ حائل ٿي ويندي آهي. اياز پاڻ کان اڳ واري موجود مڙني سنڌي لوڪ گيت جي روايتن جا نه رڳو سَنڌا ٽوڙيا آهن، پر لوڪ گيت جي نَين روايتن جا بنياد پڻ قائم ڪيا آهن، جن کي بلاشبه سندس همعصرن ۽ پوءِ جي دؤر جي شاعرن جي وڏي اڪثريت سَرهائيءَ سان قبوليو ۽ اَپنايو آهي.

شيخ اياز جو هندي شاعريءَ جو مطالعو پڻ وسيع ۽ گهرو هو. تلسي داس، اَمارو، ڪاليداس، ودياپتي ۽ ڪبير کان وٺي بهاري لال، مَلڪ محمد جائسي، سورداس، ڀوشن ۽ ميران ٻائي تائين هن مِڙني شاعرن جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهيو ۽ پروڙيو هو. خاص طرح اياز، ميران ٻائي جي گيتن جو وڏو مداح هو. هُن ميران جي ڳوڙهن مان پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جي  مِٽي ڳوهي، انهن ۾ اهڙو سُرُ، سوز ۽ گداز جو روح ڀريو آهي، جو انهن جا ٻول سُڻڻ ۽ پَڙهڻ سان دل خود بخود ’مي رقصم‘ بڻجي پوي ٿي. ميران جي شاعري، مور جو رقص ۽ ڪويل ــ من جي پُرسوز پُڪار آهي.

 

پيارے درسن ديجيو آئے
تم بن ر
ہيو نہ جائے.
جل بن کمل چند بن رجني،
ايس
ے تم ديکھيا بن سجني.
آکل وياکل پ
ھروں رَين دن،
بره کليجو ک
ھائے.
دوس  ن
ہ بھوک نيند  نهيں رينا،
مک
ھ سے کتھت نہ آوے بينا.
ک
ہا کہ کچھ کهت نہ آوے،
مل کر تپت  بج
ھاوے.(11).

(پيارا اچي مون کي درشن ڪراءِ. تو بن مون کي چين نه آهي. جيئن پاڻيءَ بنا ڪنول ۽ چنڊ بنا رات اداس هوندي آهي، ائين توبن مان بي چين ۽ بيتاب آهيان. مان تنهنجي لاءِ ڏينهن رات سرگردان آهيان، تنهنجي وڇوڙي منهنجي من کي جهوري وڌو آهي. کاڌو پيتو وِسري ۽ ننڊ آرام ڦِٽي ويو آهي. ڪجهه اظهارڻ لاءِ زبان ساٿ نه ٿي ڏي، چوان ته ڇا چوان، ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. پرين، اَچ، اچي، مِلي، منهنجي پياس اُجهاءِ.)

شيخ اياز اردو گيت نگارن کان پڻ گھڻو متاثر نظر اچي ٿو. هن نه رڳو ميراجيءَ جي گيتن مان مَڌُ جا سُرورَ ماڻيا آهن، پر امانت لکنوي، عظمت الله خان، آرزو لکنوي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي گيتن جي رَسُ ۽ روح مان پڻ فڪري ۽ فني سُندرتائون ماڻيون اَٿائين، جنهن جو ذڪر ڪندي پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو، ”مون کي تنوير نقويءَ جي گيتن کان سواءِ مقبول حسين احمد پوريءَ جا گيت به وڻندا ها.... مون کي حفيظ جالندريءَ جو گيت، ’ڪاهن مُرلي والي نند ڪي لال بنسري بجائي جا‘ به ڏاڍو وڻيو هو. مجيد امجد، جو هڪ خاموش طبع شاعر هو، انهيءَ جا گيت به دلچسپ ها. قتيل شفائي، عبدالحميد ڀٽي، تاج سعيد، ساحر لڌيانوي، احمد راهي، عادل پرديپ، جميل الدين عالي، قيوم نظر، طفيل هوشيار پوري، ناصر شهزاد ۽ نگار صهبائيءَ جا گيت به مون پڙهيا آهن“(12). 

اياز اردو جي گيت سرجڻهارن مان سڀ کان وڌيڪ ميراجيءَ کان مرغوب ۽ متاثر آهي. هن کي ڪاليج واري زماني ۾ ئي ميراجيءَ جي گيتن جي مطالعي جو موقعو مليو. ميراجيءَ جي گيتن جي ٻوليءَ جي مِٺاس ۽ ترنم جي تازگيءَ اياز جي من کي اهڙو موهيو، جو هن پنهنجون انيڪ محبتون هُن سان منسوب ڪيون آهن ۽ عمر ڀر هُن لاءِ مختلف موقعن تي پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هن ريت ڪندو رهيو آهي. ”دراصل سنڌيءَ ۾ گيت لکڻ جو چاهه مون کي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجهڻ لڳا ته، اُهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سِٽَ به ميراجيءَ تان ورتل نه آهي.... منهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾، ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هُن سان مِلان ها، ته سندس گهرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان ٻنهيءَ جون عادتون بلڪل مختلف هيون“(13). 

اياز وڌيڪ لکي ٿو،”ميراجيءَ جا گيت مون کي پسند آهن. انهن ۾ ڌرتيءَ جو واسُ ۽ وَن آهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل هن جو ڪوئي گيت پڙهي، مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته املتاس جي وڻ تان ڪويل ڪوڪي رهي آهي“(14).

”ميراجيءَ جو گيت، ’اَن جانے  نگر  مانے  رے ، من  مانے نگر  اَن جا نے ر ے هڪ خوبصورت گيت آهي. هن جا ٻيا گيت به ائين ٿا لڳن، جيئن چانڊوڪيءَ ۾ پوئين پهر جو رابيل ڦُٽي پوندي آهي ۽ ان جي خوشبو چوطرف ڦَهلجي ويندي آهي“(15). ميراجيءَ جو لوڪ رنگ ۽ سانوڻ ــ رُت جي سُندرتائن، ڦوڙي ۽ فراق جي احساسن سان ڀرپور هيءُ هڪ گيت، جنهن جي هوائن جهڙي ترنم مان حِظُ ۽ آلي مٽيءَ جهڙي سُڳنڌ جو واس اوهان به حاصل ڪريو.  

 

ساون کی متوالی رُت ميں

جيسے آنکھ جھپکے پل ميں

باد ل  آئيں برکھا   لائيں  آگ  لگائيں

ويسے پريت  کے ميٹھے برس  ميں سُر بدلے جيون  کا   راگ

دھيمی  دھيمی دھن کی لهريں اک  پل  ميں بن جائيں  آگ

مورکھ من  پر جادو  کر  کے  پريت   سنائے   راگ   نئے

پريت دکھائے ديس   نئے

پريمی بدلے بھيس  نئے

جب،

پريت دکھائے ديس   نئے (16).

 

”لوڪ گيتن ۾ ٻهراڙي جو ماحول، محاڪات ۽ منظرَ اهڙيءَ ريت موجود هوندا آهن، جو انهن جو ذڪر ايندي ئي جهومندڙ فصلن، تازي مٽيءَ جي ڀنل خوشبو، گُنگنائيندڙ ندين ۽ چوڏس ڦهليل سرسبز ۽ شاداب ساوڪ جي سندرتا اکين سامهون تري ايندي آهي. ٻهراڙين ۾ اَلهڙ ساده دل عوام جي اڪثريت آباد هوندي آهي، انهيءَ ڪري لوڪ گيتن ۾ سادگي، شادابي ۽ بي خوديءَ جي خمارن جهڙي ڪيفيت ملندي آهي ۽ اهي سدا سرسبز ۽ ساوا محسوس ٿيندا آهن“(17).

ميراجيءَ جي گيتن جي خاص خوبي پڻ اُهو ئي لوڪ آهنگ، ٻوليءَ جي سلاست، منظرنگاري، ترنم جي رواني ۽ احساساتي رنگيني آهي، جيڪا نه صرف پڙهندڙ کي پنهنجن ٻولن جي سحر ۽ سُندرتائن ۾ ويڙهي ڇڏي ٿي، پر ٻُڌندڙ پڻ اُن جي اَٿاهه موسيقيءَ جي لهرن ۾ ٻُڏڻ ۽ اُپڙڻ لڳي ٿو.   

شام  دھندلکا  لے کر   آئی

 گوري  گھر     سے باہر آئی.

چہرہ جيسے بجلی  چمکے،

اور  کاندھے پر بال  گھٹا  سے

نئی  نويلی  اور   اچھوتی،

مالا، نکھرے پھولوں والی(18).

 

شيخ اياز جي گيتن/لوڪ گيتن تي، پنجابي شاعريءَ جي صنف ’ماهيا‘ ۽ پشتو شاعريءَ  جي صنف ’ٽپو‘ جا اثر به محسوس ٿين ٿا، جيڪي لوڪ گيتن جي صنف ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سچ ته اياز اُهو وينجهار ڪلاڪار آهي، جنهن تخليق جي سفر ۾ هر مثبت اثر کي اَپنائي، اُن کي پنهنجو اهڙو روح ۽ رنگ عطا ڪيو آهي، جنهن کي پَسي من سَرهائيَ ۾، مورَ وانگر رقص ڪرڻ ۽ جهومڻ لڳي ٿو.

شيخ اياز مشرق توڙي مغرب جي ادب ۽ آرٽ جا گهڻ رُخا فني ۽ فڪري اثر قبول ڪيا آهن، جن تي تفصيلي اڀياس جي گهرج آهي، اُن سان اياز جي شاعريءَ جا ڪيئي نوان پهلو اُڀري سامهون اچي سگهن ٿا، پر خاص ڪري هُن دنيا ڀر جي لوڪ ادب مان، لوڪ گيت جي حوالي سان جيڪي اثر ورتا آهن، اُهو اڀياس پڻ انتهائي دلچسپ ۽ لاڀائتو آهي، جنهن تي پاڻ هڪ طائرانه نظر وجهي ۽ لوڪ گيت جي حوالي سان مٿي ڪجهه مثال پيش ڪري آيا آهيون. اياز اُنهن گيت نگارن مان ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر رهيو آهي، پر سندس وڏو ڪمال اُهو آهي ته، هُن اُنهن اَثرن کي پنهنجن لوڪ گيتن ۾ جنهن تخليقي انداز ۽ فنائتي نموني سان اَپنايو ۽ اظهاريو آهي، اُهو بنهه حُسناڪ ۽ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي.

 

اَوائلي سنڌي لوڪ گيتَ

 

لوڪ گيت جي ابتدا ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي، اُن بابت وِثوق سان ته ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، ڇوته لوڪ گيت ايترا ئي اوائلي ۽ پُراڻا آهن، جيتري انساني تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ قديم آهي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته، ”جڏهن کان انسانن ۾ پيار جو جذبو پيدا ٿيو، منجهن محبت جون پَچارون پيون ۽ وِرهه وارن وِڇوڙي ۾، گيتن ذريعي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو. جڏهن مُندون موٽيون، واهوندا وَريا يا سانوڻ جي کنوڻ ٿي ته، پرديس وَيل سڄڻن جون مُندائتيون صحبتون ساري سِڪَ مان گيت چيائون، جڏهن کان پورهيتن گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته، ڪم ڪندي گيت ڳايائون، جڏهن کان شاديون ۽ محفلون شروع ٿيون ته، خوشيءَ جا گيت ڳايائون ۽ ڪي گيت وري ماحول جي ڪن اهم واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي جوڙيائون“ (19). مطلب ته لوڪ گيتَ، ماڻهوءَ سان جنمن کان نه فقط جُڙيل رهيا آهن، پر سندن جيءَ ۽ جياپي جي وڏي وندر ۽ ورونهن پڻ رهيا آهن.

سٽاءَ، هيئت ۽ فن جي لحاظ سان لوڪ گيتن جي مقرر ۽ طئي ٿيل ڪا هڪ صورت نه آهي، پر  ڀانت ڀانت جي گُلن وانگر اُنهن جون ڪيئي جنسون، ڪيئي صورتون ۽ سُندرتائون آهن. ساڳيءَ طرح اُنهن جو موضوع، سِٽاءُ ۽ مواد به محدود نه، پر خوشبو جيان تمام گهڻو ڦهليل ۽ وسيع آهي. اُن حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو، ”لوڪ گيتن جي سٽاءَ سادي مگر دل پذير آهي. لوڪ گيت عوامي ذهن ۽ زبان جا فطري ٻول آهن، جن ۾ موسيقي جي لَئي ڀريل آهي. اُهي ٻول اڪثر ننڍن فِقرن ۾ سَموهيل آهن، جن جي آخر ۾ قافيو آندل آهي. اڪثر گيتن ۾ پهريون ’اصولي ٻول‘ آهي، جو ٿلهه (مطلع) جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي پويان ٻيون مصراعون يا بند شامل آهن....لوڪ گيت عوامي شاعريءَ جا خيابان آهن، جن ۾ ڪيئي ٻَهڪندڙ ٻوٽا نظر اچن ٿا ۽ هر ٻوٽي جي رونق نرالي آهي. يا چئجي ته هر لوڪ گيت ڄڻ هڪ ڪَنڍي يا هارُ آهي، جنهن جي هر مصرع وارو مَڻيو هڪ جدا رنگ، رونق وارو ۽ آبدار آهي“ (20).

اُهي لوڪ گيتَ، نه رڳو  فڪر جي ڳوڙهائي، تخيل جي تصنع ۽ خيال جي اونهائيءَ کان آجا هوندا آهن، پر هر قِسمَ جي روايتي فن جي پَئد ۽ پابندي کان پڻ آزاد هوندا آهن. اُنهن جي وڏي خوبي ئي ٻولن جي سادگي ۽ ترنم  جي تازگي هوندي آهي، جيڪا ئي اُنهن کي دلپذير ۽ دل نشين بڻائيندي آهي.

لوڪ گيت ٻين قومن وانگر سنڌي قوم ۾ پڻ صدين کان رائج رهيا آهن، جنهن جا اُهڃاڻ مُهين جي دڙي مان مليل رقاصه، ’سمبارا‘ جي مورتيءَ مان مِلن ٿا، جيڪا رقص جي انداز ۾ اُڀي بيٺل آهي. رقص، موسيقي ۽ راڳ جو پاڻ ۾ گهرو سُٻنڌ آهي، اُنهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته، اُن دؤر ۾ رقص سان گڏ موسيقي ۽ لوڪ گيتن کي ڳائڻ جو رواج به عام هوندو.

”لوڪ گيت، هر ملڪ ۽ هر ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن. سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ وارن جي عام زندگيءَ جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. عوامي ٻولن ۽ جذبن جو هيءُ عظيم سرچشمو روايتي شاعرانه تصور کان خالي هئڻ جي باوجود سُهڻن ۽ نِماڻن خيالن سان ڀرپور آهي. عوام مان ڪن سَٻوجهن جي دل تي جيڪي گُذري ٿو ۽ زبان تي جيڪي ڪجهه تَري اچي ٿو، سو لَئي جي آڌار تي ٻولن جي شڪل اختيار ڪري ’لوڪ گيت‘ بنجي ٿو“(21).

مقامي لوڪ گيت جي روايت مان سڀ کان وڌيڪ اياز ٿر جي لوڪ گيتن کان متاثر رهيو آهي. ”ٿر جا لوڪ گيتَ، دنيا جو شاهڪار ۽ شاهوڪار ادب آهن، جن ۾ فطرت جي اَرڏائين (۽ سُندرتائن) کان وٺي محبت ۽ عشق جي اَڙانگي پنڌن تائين جون سموريون ڳالهيون ڳايل آهن. جڏهن به ڪو اُنهن کي ٻُڌي ٿو ته، اُنهن جي آهنگ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. ٿر جي اڪثر لوڪ گيتن جي تخليقڪار عورت آهي، تڏهن ته اُنهن ۾ ايتري اثرپذيري سمايل آهي. شيخ اياز جهڙي نامياري شاعر به جڏهن اُنهن کي ٻُڌو ته، اُنهن جي سُر جي سِيرَ ۾ وَهي ويو آهي ۽ اُنهن جي طرز تي هُن ڀلوڙ لوڪ گيت تخليق ڪيا آهن....اياز اُنهن لوڪ گيتن جي سُريلائيءَ ۽ رَسيلائيءَ واري عوامي انداز کي استعمال ڪندي، نوَن لوڪ گيتن وسيلي نئين جاڳرتا جو سَنيهو ڏنو آهي“ (22).

شيخ اياز ٿر جي گوناگون حُسناڪين ۽ اُتان جي آرٽ سان نه رڳو عشق ڪيو آهي، پر ٿر جي  فني ۽ فڪري نزاڪتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ اوتيو آهي. ٿر سان اياز جو نِرالو نينهن ۽ ناتو آهي، اُنهيءَ ڪري هُن نه صرف ٿر ۽ اُن جي گيتڪارن ۽ گيت نگارن کي بي حد پسند ڪيو آهي، پر هُن اُنهن کي هِن طرح جي منظوم ڀيٽا ڏئي، ياد ڪيو ۽ ساريو به آهي.

توڙي ڳائين ڪَجليو، توڙي ڳائين جوڌاڻو،
اڃان   ناهي   وِساڻو،   ڏيئو  تن جي ڏات جو.
                                           
      (شيخ اياز)

”صدين جي لوڪ ورثي ۾، ٿر جا لوڪ گيت خاص اهميت رکن ٿا. اُنهن لوڪ گيتن ۾ معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جا سمورا رواج، تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ سمايل آهن. شادي وِهانءَ جون رسمون، فِراق جا ڦَٽَ، سخاوت جو جذبو، قربانيءَ جو حوصلو، حُسن ۽ عشق جا داستان، ٽيج تهوار، ساوڻ جا سانگ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع انهن لوڪ گيتن ۾ ذڪر هيٺ آيل آهن. سُرن ۽ سازن جي آهنگ سان ملي، اهي لوڪ گيت اَمرتا ماڻي چڪا آهن“(23).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org