ورجاءَ جي پهرين صورت
هِن ۾ عام طرح سان شعر جي مصرع جي پهرين چَرن کي
دُهرايو ويندو آهي ۽ اياز پڻ ساڳي روايت کي
اپنائيندي، پنهنجي دوهي جي پهرين پَد کي هِن طرح
وَرجايو آهي.
مَرنداسي ته مِٽيءَ مان پنهنجي،
جُڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان مَتوارا ايندا، هڻندا تن جي هام.
**
مَرنداسي ته مِٽيءَ مان پنهنجي،
ڦُٽندا سرخ گلاب،
کِڙندا ٽِڙندا جن مان پنهنجا، بسنت رُت جا خواب.
(ڀونر ڀري آڪاس،
1989ع، ص38)
پر جيئن ته اياز جي ڏات تغير پسند ۽ سمنڊ وانگر
سدا بي چين رهي آهي، جنهن کي هڪ جاءِ تي ٽِڪاءُ
ڪڏهن به حاصل ناهي رهيو. هميشه تبديلي ۽ نواڻ هُن
جي موهه ۽ مزاج جو اَٽوٽ حصو رهي آهي، اُنهيءَ
ڪري، هُو دوهي جي پهرين پَد کي وَرجائڻ واري مَشق
کان پوءِ اُن ۾، ڪجهه هِن قِسم جون تبديليون آڻي
ٿو، جيڪي هيٺ ڏنل ٽن دوهن ۾ واضح نظر اچن ٿيون.
هُو ٽنهي دوهن جي پهرين پَد ۾، ٽن لفظن، ’مَرنداسي
ته مِٽيءَ‘ جو وَرجاءُ ڪري، هڪ ٻي لفظ ’پنهنجي‘
سان ٽن مختلف حرف جَرن (تي، جو ۽ سان) کي مِلائي،
اهڙي اثرائتي ۽ موهيندڙ انداز سان پيش ڪري ٿو، جو
اُهو هڪ تخليقي تجربي محسوس ٿيڻ کان علاوه پاڻ سان
تاثر ۽ احساس جي هڪ نئين نُدرت ساڻ کڻي سامهون اچي
ٿو.
مَرنداسي ته مِٽيءَ
تي پنهنجي چنڊُ ڪندو چانڊاڻ،
ساهه اسان جي سانڀي جا، سا سونهن ڪندي سرهاڻ.
**
مَرنداسي ته مِٽيءَ
جو پنهنجي ويندو دور غبار،
چنڊ ڦري چوڌار چُميندو پيو اسان جو پيار.
**
مَرنداسي ته مِٽيءَ
سان پنهنجي، ملندو هي مانڊاڻ،
ڪَتيون اسان جي ڪَڇَ ۾ هونديون، چنڊ اسان سان
ساڻ.
(ڀونر ڀري آڪاس،
1989ع، ص48)
ورجاءَ جي ٻي صورت
هِن ۾ گهڻو ڪري دوهي جي ٻي پَد کي، ٻي دوهي جي
پهرين چَرن طور وَرجايو ويندو آهي، پر اياز اُن ۾،
ٿوري ڦير ڦار ڪري ورجاءُ جو هڪ نئون انداز تخليق
ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي نوع جو يڪتا تجربو چئي سگهجي
ٿو. هُن دوهي جي ٻي پد کي ڪنهن ٻي دوهي جي پهرين
چَرن طور ڪتب آڻڻ بدران ساڳي دوهي جي ٻي مصرع جي
پهرين چَرن ۾، ٻن اضافي لفظن، جيڪي پڻ دوهي جي
پهرين پَد مان کنيل آهن، سان مِلائي وَرجايو آهي،
جيڪو سِٽاءَ ۾ پنهنجي پوري حُسناڪيءَ سان گڏ ابلاغ
۽ تاثر جي سونهن ۽ سُندرتا پڻ پَسائي ٿو.
من کان کائي موٽ ڇُپي وئين، چندرما جي اوٽَ،
چندرما جي اوٽ ڇُپي وئين، ڏيئي چريءَ کي چوٽَ.
(ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع،
ص34)
ورجاءَ جي ٽين صورت
هِن ۾ هڪ دوهي جي مصرع ٻي دوهي جي سِٽ ۾ دُهرائي
ويندي آهي، اياز پڻ اُنهيءَ جو پورائو پنهنجن
هِيٺين ٻنهي دوهن ۾ هِن ريت ڪيو آهي.
آئي سانجهي موٽيا مانجهي، ماٺي ٿي منجهڌار،
وئي وڳر کان وِڇڙي جا، تنهن آڙيءَ ڪئي پُڪار.
(ص32)
**
آئي سانجهي موٽيا مانجهي، ماٺي ٿي منجهڌار،
آءٌ ڪنڌيءَ تي ويٺو سوچان، ڪائي سُڌ نه سار.
(ڀونر ڀري
آڪاس، 1989ع، ص33)
پر سندس هيٺين دوهي ۾، اُن جي برعڪس ٻيو نئون
تجربو مِلي ٿو، جنهن ۾ هُن پوري مصرع کي ٻي دوهي ۾
وَرجائڻ بدران ساڳي دوهي جي پهرين سِٽ جي ٻي چَرن
۾، هڪ لفظ (پُڄاري) جي ڪَٽوتيءَ بعد هِن ريت
دُهرايو آهي.
مندر جا در کول پُڄاري،
مندر جا در کول،
اهي مورتيون وري نه ملنديون، هيئن نه رَئيءَ ۾
رول.
(ڀونر ڀري
آڪاس، 1989ع ،ص42)
ساڳي ئي انداز جي وَرجاءَ جو هيءُ ٻيو تجربو به
ڏسندا هَلو، جنهن ۾ هُن دوهي جي ٻي مصرع جي پهرين
پَد کي ٻن لفظن (روا اڄ) جي گهٽتائي ڪري،
ٻي پَد ۾ هِن طرح ورجايو آهي.
رُتِ بدلي آ، رات ڀني آ، پريت ڪيو ڪجهه پريت،
ناهه رُسڻ جي ريت روا اڄ،
ناهه رُسڻ جي ريت.
(ڪونجون ڪرڪن روهه
تي، 1997ع، ص365)
دوهن ۾ ڪنهن مصرع يا اُن جي هڪ پَد کي وَرجائڻ ته،
عام ۽ رواجي ڳالهه آهي، جيڪا اڪثر شاعرن جي مشق جو
حصو رهي آهي، پر دوهي جي پهرين مصرع جي پهرين پَد
۾، ٻن لفظن کي ورجائڻ جو تخليقي تجربو اياز وٽ ملي
ٿو، جيڪو هُن هيٺين دوهن مان پهرين چئن دوهن ۾ ڪيو
آهي. اُن کان علاوه هُن ساڳين ٻن لفظن کي ٽين پَد
جي ابتدا ۾ پڻ دهرايو آهي، جيئن سندس پنجين نمبر
دوهي ۾ نظر اچي ٿو.
پِيئو جيئو
اي متوارو! مڌ جو ناهي مَٽُ،
دور وڃي ٿو چندرما کي ڇُهندو ڇايا نَٽُ.
**
پيئو جيئو،
رَچي وڃي جئن جَجَونتيءَ ۾ جاڳ،
مڌ جي مام ملي جو تن ۾، راڳ ٿيا ويراڳ.
(ڀونر ڀري آڪاس،
1989ع، ص 40)
**
ڇانئي شام،
اُفق پاتو آ، تو جئن کُهنبو ويس،
هاڻ ته مان ويجهو ٿو ڀانيان، دُکياريءَ جو ديس.
**
ڇانئي شام
ته ويئي رڱجي، ڏهر ڏهر ۾ ٻيرِ،
جهانجهر ڇمڪي، ڪيرَ کَڙي آ در تي ننگي پيرِ.
(ڪونجون ڪرڪن روهه
تي، 1997ع، ص365)
**
ڪاريون، ڪُنڍيون بَگيون، مينهُون رنگِ رنگ دنيا،
ڇانئي شام، شفق جون راسُون، تنگِ تنگ دنيا.
(سانجهي سمنڊ سپون،
1996ع، ص216)
تضمين جو استعمال
تضمين لفظ جي معنى، ’ضامن بنائڻ يا پناهه ۾ وٺڻ‘
آهي. ٻين لفظن ۾ ڪنهن شاعر يا تخليقڪار کان ڪي
سِٽون اُڌاريون وٺي، پنهنجي شاعريءَ ۾ تخليقي
انداز سان استعمال ڪرڻ جي عمل کي تضمين چئجي ٿو.
شاعريءَ ۾ هيءُ هڪ اهڙو فنڪاراڻو انداز آهي، جنهن
۾ هڪ شاعر پنهنجي اظهار کي منفرد ۽ اثرائتو بنائڻ
خاطر پنهنجي پسند جي ٻين شاعرن جون سِٽون ڪتب
آڻيندا آهن. ڪنهن به ٻي شاعر جي ڪا سِٽ يا ڪو شعر
پنهنجي شاعريءَ ۾، اهڙي فنائتي انداز سان استعمال
ڪجي، جو اُهو ٻي جو هجڻ باوجود اُن شعر جو فطري ۽
اَٽوٽ حصو محسوس ٿئي ته، اهڙو فن تضمين چوائيندو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تضمين جو وَکر، نه رڳو
تخليقي نوع جو ملي ٿو، پر اُهو منفرد ۽ گهڻ پهلوئي
پڻ آهي. هُن عربي، فارسي، هندي ۽ ڪجهه ٻين ٻولين
جي شاعرن جا شعر ۽ مذهبي مقدس ڪتابن جون چونڊ
سِٽون پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي سليقي ۽ سيبتائيءَ
سان سمايون آهن، جو اُهي سندس ئي روح جو آواز ۽
اڪثريتي ماڻهن جي دلين جون ترجمان ٿيون لڳن.
شيخ اياز پڻ ساڳي فن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجايو
آهي. اياز جي ٻين صنفن سان گڏ سندس دوهن ۾، تضمين
جو هُنر حَسين ۽ تخليقي انداز سان ملي ٿو. هُن
ڪيترن ئي مَقامي ۽ غير ملڪي ڪلاسيڪل شاعرن توڙي
لوڪ سنڌي شاعرن جي شاعريءَ مان سِٽون چونڊي،
پنهنجن دوهن ۾ اهڙي سُهڻي ۽ سيبائتي انداز سان
ڪَتب آنديون آهن، جو اُنهن جو مجموعي تاثر ۽ ڏانءُ
ماڻهوءَ جو من موهي وجهي ٿو. اياز جي دوهن ۾ تضمين
جو چڱو تعداد ملي ٿو، پر اُنهن مان چند چونڊ دوها
هيٺ نموني طور پيش ڪجن ٿا. تضمين طور استعمال ڪيل
سِٽن کي ’بولڊ‘ ڪيو ويو آهي.
آنءُ سِکي هِي ڳالهڙي، تُلسي تنهنجي ساٿ،
’مايا ڪون مايا ملي، ڪَر ڪَر لنبي هاٿِ.‘
(ص366)
**
اهڙي ڳالهه نه ڳاتي آ ڪنهن، ويو فريد جا ڳائي،
’پيار ڪِئي سي هو نهين سَڪتا، چاهي جي للچائي.‘
**
جهڙي ڳالهه فريد ڪئي آ، اهڙي ڳالهه نه ٻي،
’نه ڏيک پَرائي چُوپڙي، نه ترسا اَپنا جي.‘
(ص367)
**
هاڻي مان سمجهان پيو ڪنهن ڪلهه ڇا جي لاءِ،
’نگر ڍنڍورو هو پِٽيو، پريت نه ڪري ڪاءِ.‘
(ڪونجون ڪرڪن روهه تي، 1997ع،
ص367)
ڌُوتي هي دنيا آ ڌُوتي، هن دنيا کي تياڳ!
’انت بحر جي خبر نه ڪائي‘ جهاڳ سمندر جهاڳ!
(ص200)
**
’ڀورائي ۾ ڀال ڪيا تو‘،
ڏاهپ سارا ڏنڀ!
اندر ٻاهر تون ئي آهين، کوهيان ٿو مان کنڀ!
(ص205)
**
’اکيون ادل جون ٻَرن مشعالا‘،
نيٺ وِسامي وينديون،
جوت اها اوندهه ۾ هو، ڪيڏانهن کڻي وينديون.
(ص207)
**
منهنجي لاءِ علاج اَجايا، تون ئي آن شافي،
’اِياڪ نعبد،‘
آءٌ پڙهان جي، منهنجي لئه ڪافي.
**
رومي دسترخوانَ مٿان، جو ويٺو هو مون سان،
تنهن فرمايو، ’موت گِرَهه جئن آهيون ڄڻ تون مان!‘.
(سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع،
ص208)
پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال
جيئن هڪ مصور پنهنجن پينٽنگس ۾، مختلف ۽ منفرد رنگ
استعمال ڪري، اُنهن
کي حَسين، اثرائتو ۽ پُرتاثر بڻائيندو آهي. اُن جو
هر رنگ پنهنجي معنى ۽ احساساتي ڪيفيت ساڻ کڻي،
ڏسندڙ سان ڳالهائيندو آهي، ائين هڪ شاعر پڻ پنهنجي
شاعريءَ کي موهيندڙ، گهڻ پهلوئي ۽ سماجي سچائين جو
عڪاس بنائڻ خاطر اظهار ۽ احساس جي ڪيترين ئي
وَرجيسن سان سَنواريندو ۽ سينگاريندو آهي. پهاڪا ۽
لوڪ چوڻيون عام ماڻهن جي غيرمعمولي سُرت ۽ ڏاهپ جو
نتيجو هونديون آهن، جن کي نه صرف زندگيءَ جي عام
رواجي ڪار وهنوار ۾ ڪَتب آندو ويندو آهي، پر اُهي
شاعريءَ ۾ پڻ استعمال ۾ آنديون وينديون آهن.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾، اُن وَکر جو واهپو شاهه
لطيف وٽ منفرد پيرايي ۾ مِلي ٿو، جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ اُنهيءَ ساڳي ورجيس کي شيخ اياز اهڙي
فنائتي ۽ فڪري انداز سان پيش ڪيو آهي، جو سندس
اُنهيءَ پورهئي تي پيار اچي وڃي ٿو ۽ کيس داد ڏيڻ
کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
ڇا نه ’هَڏي تي هوڏ‘ لڳي، پَئي آهي
دنيا ۾،
اُن جا چوپيندڙ ڇا ڄاڻن، ملي ٿو جو عقبى ۾!.
**
ڌن دولت تي ايڏي آڪڙ، ’ماڻهو ڏينهن ٻه ٽي!
تو نه ٽجوڙي رهندي، ويندين پنهنجا ڏينهن ڪَٽي!.
(ص200)
**
’ڪجهه به نه رهڻو آهي‘،
’هر شيءِ انت فنا آهي،‘
’سڀ ڪجهه لوڙهي ويندو‘ بس، درياههَ بقا
آهي.
(ص204)
**
هونئن ته جهرمر ۾ جِي ڏسجي، جاني آهه جهان،
پو به هلڻ هارا! هلڻو آ، ’فاني آهه جهان.‘
**
’ڀورائي ۾ ڀال ڪيا‘
تو، ’ڏاهپ سارا ڏنڀ!‘
اندر ٻاهر تون ئي آهين، کوهيان ٿو مان کنڀ!.
(ص205)
**
شهد ڪنا ماڻهوءَ لئه مِٺّو، جيون جو ٺُوٺو،
ماڻهوءَ پيارُ اَجايو آهي، ’جَڳُ سارو
جوٺو!.‘
(ص207)
**
’جا ويل وئي سا لهر جيان‘،
ٻيهار نه موٽي اچڻي آ،
’آ ڪارو ڪارونڀار‘ پَريان، ’هي
دنيا اچڻي وڃڻي آ!.‘
(ص211)
’هر ڪنهن ڪِيتو ڏيڻو آهي‘،
’ڪَرڻي ڀَرڻي آهه،
آهه نديءَ ۾ تِک، ’اڪيلي پارِ اُڪرڻي آهه.‘
(ص214)
**
’جوڀن جاڙ ڪئي تو‘
مون سان، سجُ ٻُڏي ٿو پاڻيءَ ۾،
هو جو اُڀُ اِسٿر هو اڄ، ڪيڏو نه لُڏي ٿو پاڻيءَ
۾.
(سانجهي سمنڊ سپون،
1996ع، ص219)
اياز مٿين دوهن ۾، ’هڏي تي هوڏ،‘ ’ماڻهو ڏينهن ٻه
ٽي،‘ ’ڪجهه به نه رهڻو آهي،‘ ’هر شيءِ انت فنا
آهي،‘ ’فاني آهه جهان،‘ ’ڀورائي ۾ ڀال ڪيا تو،‘
’ڏاهپ سارا ڏنڀ،‘ ’جَڳُ سارو جوٺو،‘ ’جا ويل وئي
سا لهر جيان،‘ ’آ ڪارو ڪارونڀار،‘ ’هي دنيا اچڻي
وڃڻي آ،‘ ’اڪيلي پارِ اُڪرڻي آهه،‘ ’جوڀن جاڙ ڪئي
تو،‘ ’هر ڪنهن ڪِيتو ڏيڻو آ‘، ۽ ’ڪَرڻي ڀَرڻي
آهه،‘ جهڙين لوڪ چوڻين ۽ لوڪ پهاڪن کي استعمال
ڪري، هڪ طرف هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، لوڪ دانش کي
سَمايو ۽ اُن کي فڪري طرح سگهارو بنائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ته، ٻي طرف عام ماڻهن سان پنهنجن تخليقن
جو رشتو ۽ روح پڻ جوڙيو آهي.
تشبيهن جو استعمال
تشبيهه شاعريءَ جي اهڙي صنعت آهي، جيڪا اُن جي
معنويت کي سگهارو ڪرڻ کان علاوه اُن جي مجموعي
احساساتي تاثر کي واضح ڪري، اُن کي وڌيڪ نِکار،
نُدرت ۽ نِرملتا عطا ڪندي آهي. شاعريءَ جي زيب ۽
زينت لاءِ تشبيهه جو زيور تمام گهڻو ضروري آهي.
تشبيهه کان سواءِ شاعري ٻُٽي ۽ ٻُسي لڳندي آهي.
تشبيهه جو تُز ۽ تازگيءَ ڀريو استعمال پڻ هڪ فن
آهي، جيڪو شيخ اياز وٽ ڀَلئون ڀَل آهي.
هُن پنهنجن دوهن ۾ اهڙيون ڪيئي تشبيهون استعمال
ڪيون آهن، جيڪي اَڻ ڇُهيون، نيون ۽ نِڪور آهن.
اياز، ’شام کي ڪُوراڙ بَلا سان، حياتي کي ماڪ جي
قطري سان، پرينءَ جي پيرن کي چنبيليءَ سان ۽ سپنن
کي پاٽوليءَ جي هٿن سان‘ نه فقط ڀيٽ ڏئي ٿو، پر
سندس هيٺين دوهن ۾ معنائن، احساسن ۽ علامتن جا
نوان رنگ پڻ نظر اچن ٿا.
ڪوراڙَ جيان
ٿي شام اچي، ۽ عمر کي ڄڻ ڳِڙڪائي ٿي!
ٿو پنهنجي لاءِ خدا ڳوليان، ڄڻ هيءَ تنهائي کائي
ٿي!.
(ص199)
**
هي آهه حياتي ماڪ جيان، جي پَتي تان ٽَپڪي
ته وئي،
تون اِن تي بانور ڪر نه ميان! جي ٿوري اک جهپڪي ته
وئي!.
(سانجهي سمنڊ سپون، 1996ع، ص210)
**
تنهنجا پير چنبيليءَ جهڙا، مون وٽ ٻاٻُري
ڪَنڊ،
تو وٽ ساڀيا، مون وٽ سُپنا، مون سان پريت نه
وَنڊ!.
**
تنهنجا سُپنا اهڙا، جهڙا پاٽوليءَ جا
هَٿ،
منهنجا سُپنا کيتر کيتر ارجن جي هَٿِ رَٿ.
(وڄون وسڻ آئيون، 1989ع،
ص24)
ترڪيبن جو استعمال
تشبيهه وانگر ترڪيب پڻ شاعريءَ جي سونهن هوندي
آهي. هندي شاعريءَ جو مايه ناز نقاد ڀامه پنهنجي
هڪ لِيک ۾ لِکي ٿو: ”شاعري ۾ شبد (لفظ) ۽ ارٿ
(مفهوم) جا عنصر هجڻ ته لازمي آهن، پر اُن ۾،
’سالنڪار‘ يعني (صنعتن) خاص ڪري ’شبد النڪار‘
(لفظي صنعتن) ۽ ’اَرٿ النڪار‘ (معنوي صنعتن) جو
هجڻ پڻ اَشد ضروري آهي.“(48) ڇو ته اُهي شاعريءَ
کي وسعت بخشي، اُن کي اثرانگيز بڻائن ٿيون.
شيخ اياز جي دوهن ۾، اهڙيون اَڻ ڳڻيون ترڪيبون
مِلن ٿيون، جن ۾ خيال جي نُدرت به آهي ته، احساس
جي نئين حُسناڪي به. هُن جي ترڪيبن جي گهڙت ۽ لفظي
جَڙت نج پج پنهنجي ۽ انفرادي نوع جي آهي. چند مثال
پيش ڪجن ٿا.
اُڏرو منهنجا گيت ــ پکيئڙو، وڃو
وهائوءَ واٽ،
دور ڌُڌڙ کان هن ڌرتيءَ جي، ڇُهو ڪَتيءَ جي
ڇاٽ.
**
تنهنجو سُندر روپ انهيءَ تي چوڏهينءَ
چنڊ چِٽاءُ،
منهنجي من ۾ کيپُ، نديءَ جو هيجَ ــ
هندورو واءُ.
**
آهه ڳچيءَ ۾ منهنجي، گوري تنهنجي گوري ٻانهن،
ننڊ پئي آ چانڊوڪيءَ ۾، منهنجي من جي
دانهن.
(ڪلهي پاتم ڪينرو،
1987ع، ص ص37 ــ 38)
**
سڄڻ نه آيو، ساوڻ آيو، ڇائي گھٽا گھنگھور،
اڃا وَتي ويڳاڻو ڦِرندو، منهنجي من جو مور.
**
صبح سويري نيسر هيٺان، نينگر ڇوڙيا وار،
اُجلي اُجلي تن تان مَهٽيا، گدلا گدلا
پيار.
(ص33)
**
نيڻن کي ڏي ننڊڙي،
پڌري ٿيءُ پرڀات،
ڪيسين ڪوڪِي ڪوئليون، ڪاٽين ڪاري رات.
**
تارن جا تِڙڪا
پيا، جن سان جرڪيا جَرَ،
ماڻڪ موتي ٿي وئي، ڄڻ منڇر جي ڇَرَ.
**
جڳ جي پوئين پهر ۾،
مان جگنوءَ جي جاڳ،
جرڪيا منهنجي راڳ ۾، ماڻهوئڙن جا ماڳ.
(ڀونر ڀري
آڪاس، 1989ع، ص35)
مٿين دوهن ۾، ’گيت
_
پکيئڙو، وِهائو واٽ، ڪَتيءَ جي ڇاٽ، سُندر
روپ، چوڏهينءَ چنڊ چِٽاءُ، من ۾ کيپُ، نديءَ جو
هيج-
هندورو واءُ، ننڊ پئي آ چانڊوڪي، من جي
دانهن، گھٽا گھنگھور، من جو مور، اُجلي تن تان
مَهٽيا، گدلا گدلا پيار، نيڻن کي ڏي ننڊڙي، پڌري
ٿيءُ پرڀات، تارن جا تِڙڪا، جرڪيا جَرَ، ماڻڪ
موتي، منڇر جي ڇَرَ، جڳ جي پوئين پهر، ماڻهوئڙن
ماڳ ۽ جگنوءَ جي جاڳ‘ سڀ ترڪيبون آهن، جن کي اياز
پنهنجي انداز ۽ احساس سان اظهاريو آهي. اياز جون
اُهي ترڪيبون سندس مشاهدي، مطالعي ۽ حِسي تجربن جي
ڪيترن ئي مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ اُن
تخليقي پَد تي رَسيون آهن، جو اُنهن جو جمالياتي
تاثر ۽ فڪري ڳَرُ ماڻهن جو مَن موهي وجهي ٿو.
اِستعارن جو استعمال
دراصل استعارو، تشبيهه جو ئي هڪ جُز ۽ نمونو آهي.
”استعاري جي لفظي معنى ’اُڌرو وٺڻ‘ آهي. اصطلاح ۾،
جيڪو قرينو يا خاص تعلق حقيقت ۽ مجاز جي وچ ۾
هوندو آهي، سو جيڪڏهن تشبيهه جهڙو هوندو ۽ تشبيهه
جو ڪو به لفظ ’جهڙو، وانگر، مثل،‘ وغيره منجهس نه
هوندو ته، اُن کي استعارو چئبو.“(49)
اياز جي شاعريءَ ۾، اِستعاري جي صنعت پڻ سُهڻي ۽
اثرائتي انداز ۾ مِلي ٿي. هُن وٽ استعاري جو
استعمال ڪٿي به ٽُنبيل ۽ ٽاڪيل محسوس نه ٿو ٿئي،
پر اُهو سندس گهري مشاهدي ۽ مطالعي جو نتيجو ۽ هُن
جي تخليقي ڏات جو ڪرشمو محسوس ٿئي ٿو.
”اياز جو استعارو البت ڪٿي ڪٿي ايترو ڳوڙهو ۽ مبهم
ٿي وڃي ٿو، جو اُن خاص ديومالا جي ڄاڻ رکڻ کان
سواءِ هرڪو پڙهندڙ، ممڪن آهي ته، اُن جي اهميت ۽
تهه تائين نه پهچي سگهي.“(50)
هيٺين دوهن ۾، هُن ڳالهين لاءِ ’چندن چورو ۽ آڳ‘
جا استعارا استعمال ڪرڻ کان علاوه موت لاءِ
’پيراڍو،‘ دشمن لاءِ ’ڪاريهر،‘ هِن دنيا لاءِ
’سراءِ،‘ دل لاءِ ’ڪعبي‘ ۽ گمانن لاءِ ’لات منات‘
جا استعارا ڪم آندا آهن، جن ۾ مفهوم توڙي ابلاغ جي
ڀرپور سگهه مِلي ٿي.
تنهنجون ڳالهيون چندن چورو، منهنجون ڳالهيون آڳ،
منهنجي خوشبو! جلندا رهندا مون وٽ تنهنجا ڀاڳ.
(وڄون وسڻ آئيون،
1989ع، ص24)
**
موت وڏو پيراڍو آهي، ڪيسين اُن کان پيرو ڍڪجي؟
ڪير چوي ٿو ڪاريهر جي، ڪَرُ کڻي ته نه ان کان
ڏڪجي؟.
(ص216)
هي ٿورو وقت سَراءِ اٿِي، بس رات گذاري نڪري وڃ!
جو وقت اٿِي هن جاءِ اٿِي، بس رات گذاري نڪري وڃ!.
**
دل ڪعبو آ، اُن ۾ لات منات هزارين، ڏيکاري ڏين ٿا،
ڦِري ڦِري سي ڦِيرا وَر وَر، دل جي چوڌاري ڏين ٿا.
(سانجهي سمنڊ سپون،
1996ع، ص206)
شيخ اياز پنهنجن دوهن ۾ انيڪ فني تجربن سان گڏوگڏ
ٻوليءَ جي حوالي سان پڻ تمام گهڻو سُچيت آهي.
”اياز جي فڪر ۽ خيال ۾ جيڪا لطافت ۽ رنگيني آهي،
اُن لاءِ هُو لفظ به اهڙا ئي لطيف ۽ رنگين ٿو
استعمال ڪري، ۽ پوءِ اُن کي گهاڙيٽو يا هيئت به
اهڙي ٿو ڏئي، جيڪا اُن خيال جي لطافت سان هم آهنگ
ٿي اچي ٿي.“(51)
هُن پنهنجن دوهن ۾، نه رڳو ڪلاسيڪي ’لفظ
_
ڀنڊار‘ کي اَپنايو ۽ اُن کي جديد حِسيت ۽
حُسناڪيءَ سان اظهاريو آهي، پر هُن وٽ لُغت جو وڏو
نئون ذخيرو پڻ مِلي ٿو. اُن حوالي سان محمد
ابراهيم جويو لِکي ٿو: ”اياز پنهنجي ٻوليءَ کي
ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالامال
ڪري، اُن کي ايڏي وُسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي
شاعري سمورا بَند ڀَڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي،
۽ اُن مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا
هاڻي کُٽڻا ئي ناهن ۽ اُن جي فڪر ۽ جذبي جي پالوٽ
هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.“(52)
اياز جي ٻي شاعريءَ وانگر سندس دوهن ۾ پڻ، ترنم جي
تازگي ۽ فڪري دلڪشيءَ سان گڏوگڏ ڪمال جون فني
نفاستون، نزاڪتون ۽ تجرباتي ساهس مِلي ٿو. ”اياز
دوهي کي وڌيڪ وسعت ڏئي، ان جو تجربو غزل، گيت توڻي
نظم ۾ ڪيو: يعني دوهي ڇند تي غزل، گيت ۽ نظم رَچيا
. . . توڻي جو اردو ۾، غزل ۾ ان جو ڪامياب تجربو
گهڻو اڳي مير تقي مير ڪري چڪو هو ۽ گيت ۽ نظم ۾،
اردو جو اهم شاعر ميراجي اهڙا تجربا ڪري چڪو هو.
شيخ اياز ان روايت کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪيو ۽ اُن
کي لِکي عام ڪيو. اهڙيءَ ريت اها روايت اڄ ڏينهن
تائين هلندي اچي.“(53)
مير تقي مير ۽ ميراجي جا تجربا پنهنجي جاءِ تي، پر
اياز پنهنجن تجربن ۾ هر لحاظ کان يڪتا ۽ نرالو
آهي. هُن نه فقط دوها سٽاءَ تي وائيون، غزل ۽ گيت
لِکڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن، پر ڪيئي سُندر
’دوها
_
نظم‘ پڻ سِرجيا آهن، جن ۾ خيال جي بي
ساختگي ۽ احساس جي اَڇوتائي ته موجود آهي، پر
اُنهن ۾ آبشار ڌارائن جهڙو ترنم، روح کي راحت ۽
رنگينيءَ ۾ ويڙهي ڇڏي ٿو.
حقيقت ۾ اياز جي شاعري وَهندڙ درياءَ وانگر آهي،
جنهن ۾ ٺَهراءُ ۽ ماٺار بجاءِ موج ۽ مستي آهي.
وجدان ۽ وجودي وارتائن جي سرمدي آهي. لهرن جي
رواني، ترتيب ۽ توازن وانگر، هُن جي شاعريءَ جو هر
لفظ، نه رڳو توريل، تڪيل، تُز ۽ تَرو تازو آهي، پر
سندس شعر جي هر سِٽ پنهنجي فطري سٽاءَ ۽ رچاءَ ۾،
ايتري ته رَچيل ۽ اُن ۾ موجود خيال جي خوبصورتي
ايتري ته نفاست سان سِرجيل آهي، جو اُن جو ترنم ۽
احساساتي تاثر، ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ کي ڪجهه لمحن
لاءِ پنهنجي جادوئي طِلسم ۾ ويڙهي ڇڏن ٿا.
اياز پنهنجي شاعريءَ جو
تاڃي پيٽو اهڙي آرٽسٽڪ ۽ جمالياتي انداز سان جوڙي
ٿو، جو لفظن جي چونڊ کان وٺي احساس ۽ ادراڪ، تاثر
۽ تخليقيت، اظهار ۽ خيال جي سٽاءُ تائين، هر چيز
پنهنجي ڀرپور ابلاغ سان، پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ تي
پنهنجا ديرپا اثر ڇڏي ٿي. هُن جي شاعريءَ ۾، لفظ
رڳو مُقرر مفهوم ۽ فرضي معنائون کڻي سامهون نه ٿا
اچن، پر ڪيفيتون ۽ ڌڙڪندڙ روح بڻجي، دل ۽ دماغ کي
گرمائين ۽ نرمائين ٿا.
شيخ اياز جي دوهن ۾ فڪري ۽ موضوعاتي وسعت
دوهو دراصل محدود سٽاءَ جي صنف آهي، جنهن ۾ نه فقط
فني تجربن جي گنجائش تمام گهٽ هوندي آهي، پر ان ۾
ڳوڙهن نظرياتي فڪرن ۽ فلسفن کي سمائڻ به ڪنهن حد
تائين مشڪل هوندو آهي، ڇو ته دوهي جي هيئت گل
وانگر انتهائي نفيس ۽ نرم ٿيندي آهي، جنهن کي ٿوري
بي احتياطي ۽ هٿ ـ ڇوهائي گهڻو ڇِيهو رَسائي سگهي
ٿي. جهڙيءَ ريت هائيڪو محاڪات ۽ منظرنگاريءَ جي
صنف آهي، اهڙيءَ ريت دوهو گهڻو ڪري دِلي ڪيفيتن ۽
داخلي وارتائن جي اظهار جي شيءِ آهي. حقيقت ۾ دوهو
لوهارڪو نه، پر سونارڪو وَکر آهي، اُنهيءَ ڪري اُن
جو مزاج سخت بدران مُلائم ۽ موهيندڙ آهي.
دوهي جي ارتقائي اتهاس تي مطالعاتي نظر وجهڻ کان
پوءِ سُڌ پوي ٿي ته، دوهي جا اوائل کان وٺي
ڪلاسيڪل دؤر تائين موضوع اڪثر ڪري ڌرمي، رومانوي،
رجزيه، اصلاحي ۽ روحاني رهيا آهن. شيخ اياز جديد
دوهي ۾، نه صرف فني لحاظ کان ڪيئي تجربا ڪيا آهن،
پر هُن اُن کي فڪري، موضوعي ۽ جمالياتي حوالي سان
پڻ وڏي وسعت بخشي آهي.
اياز پاڻ اُن حوالي سان لِکي ٿو: ”منهنجي دوهي ۽
گيت جو موضوع ڪلاسيڪي دوهي ۽ گيت کان زياده وسيع
آهي. ڪوئي به دوهو يا گيت ڪنهن به هندي يا اردو
دوهي يا گيت جي تقليد نه آهي، جيتوڻيڪ مون اُنهن
جي مخصوص مزاج برقرار رکڻ ۽ هندي آميز زبان سان
اُنهن جي مخصوص ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي.“(54)
شيخ اياز دوهي جي اهميت ۽ نفاست جي حوالي سان
پنهنجي هڪ خط ۾ محمد ابراهيم جويي کي لِکي ٿو:
”منهنجي خيال ۾ دوهو سنڌي شاعريءَ جي سڀ کان جهوني
صنفِ سخن آهي . . . دوهي ۾، هِن براعظم جي قديم
تهذيب جون ساريون رَعنائيون موجود آهن ۽ اُن ۾ جا
موسيقي آهي، سا هند و پاڪ جي ٻئي شاعريءَ ۾ شايد
ملي. دوهي ۽ بيت کي سنڌي شاعريءَ ۾، پنهنجي مخصوص
جاءِ ڏئي، اسين سنڌي شاعريءَ ۾ نئين زندگي پيدا
ڪري سگهنداسي . . . دوها لِکندي، مان جهڙي سخت جان
ماڻهوءَ جون اکيون به ڪيترا ڀيرا ڀرجي آيون
آهن.“(55). يقينن اياز جي دوهن، ۽ اُنهن ۾ موجود
درد ڀري رمزن ۽ پيار ڀري رعنائين سندس ڪيترن ئي
پڙهندڙن کي رُوئاري رِيجهايو به آهي ته، رِيجهائي
رُوئاريو به آهي.
دوهي جي هڪ وڏي خاصيت اُن جو درد ۽ گُداز آهي،
جيڪو ٻُڌندڙن توڙي پڙهندڙن جي دلين تي تمام گهڻو
اثر انداز ٿي، اُنهن کي هڪ ئي وقت سُور ۽ سُرور جي
ڪيفيتن جي ساگر ۾، ڪڏهن ٻوڙي ۽ ڪڏهن تاري ٿو.
دوهو بنيادي طرح هندي زبان جي رَسُ ۽ رَنگينيءَ جي
پيداوار آهي. اُن جا لفظ سِيتل، لهجو ڌيمو، تاثر
تازگي ڀريو ۽ ترنم روح ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيندڙ
هوندو آهي ۽ دوهي جو ساڳيو اُهو رنگ ۽ روح، اياز
وٽ پڻ مِلي ٿو. هُن جي اڪثر دوهن ۾، نه رڳو ’پيتل
من، سيتل آڪاس، چنڊ ۽ چاهت، اَمرت رَس، سُندر روپ،
ڳچيءَ ۾ گورين ٻانهن‘ ۽ قدرتي نظارن جي ڪهڪشائن جا
مَن کي مَسرور ڪندڙ ۽ نيڻن کي موهيندڙ منظر مِلن
ٿا، پر اهو سمورو مانڊاڻ، هُو جنهن ملائم لهجي ۽
مترنم ٻولن ۾ سِرجي ٿو، اُنهن جي گونج پڻ سماعتن ۾
ٻُرندي محسوس ٿئي ٿي.
شيخ اياز پنهنجن دوهن ۾، ترڪيبون، تشبيهون،
استعارا ۽ لفظ پڻ موضوع ۽ ماحول جي مزاج موافق
استعمال ڪيا آهن، اُنهيءَ ڪري سندس دوهن ۾، ’فطري
گُداز ۽ غَنائيت‘ ٻئي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن.
هيءَ چانڊوڪي، هي پيتل من، هي سيتل آڪاسُ،
اَمرت ــ رس ٿي ويو آ ڄڻ تنهنجو منهنجو ماسُ.
**
تنهنجو سُندر روپ اُنهيءَ تي چوڏهينءَ چنڊ چِٽاءُ،
منهنجي من ۾ کيپُ، نديءَ جو هيجَ ــ هندورو واءُ.
**
آهه ڳچيءَ ۾ منهنجي، گوري تنهنجي گوري ٻانهن،
ننڊ پئي آ چانڊوڪيءَ ۾، منهنجي من جي دانهن.
(ڪُلهي پاتم ڪينرو،
1987ع، ص38)
شيخ اياز جي دوهن جي هڪ وڏي خوبي اُها به آهي ته،
اُنهن ۾ ڪمال جو فني ۽ فڪري توازن ملي ٿو. اياز وٽ
خيال ۽ ترنم جو سهڻو سنگم آهي، جنهن جي هم آهنگ ۽
متوازن سٽاءَ سان ئي هُو پنهنجن تخليقن کي سُهڻو ۽
سگهارو بڻائي ٿو. عام طرح سندس سموري شعر ۽ خاص
ڪري سندس دوهن ۾، خيال جي بي ساختگي ۽ فڪر جي ڪمال
گهرائي نظر اچي ٿي. سندس هِيٺين دوهي ۾، احساس جي
نُدرت ۽ خيال جي حيران ڪري ڇڏيندڙ هيءَ حُسناڪي
ڏسو:
هاءِ، بُکيون، اَڌ ننگيون نياڻيون، تن جي لَڄ
لِڪاءِ،
آءُ هوا، هِن ڀونگيءَ ۾، ڏيئي جي وَٽِ وِساءِ.
(ڀونر ڀري آڪاس، 1989ع، ص44)
عام طرح سان ڏَيئي جي ٻَرڻ ۽ روشن هجڻ جي سچائي
ڏاڍي سونهندڙ ۽ سڀاويڪ لڳندي آهي. ڏِيئو روشني ۽
زندگيءَ جي علامت آهي ۽ اُن کي جيڪڏهن ڪو هوا جو
جهوٽو وِسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته، اُهو سُٺو نه
لڳندو آهي، پر مٿين دوهي ۾، اياز هوا کي ڀُونگيءَ
۾ ٻَرندڙ ڏِيئي کي اُجهائڻ ۽ اوندهه ڪرڻ لاءِ پاڻ
پُڪاري ٿو، ليلائي ۽ وِينتي ڪري ٿو ته، جهوپڙيءَ ۾
ٻَرندڙ ڏيئي کي اچي اُجهائي، ڇو ته اُها روشني
مسڪين، بُکي ۽ اَڌ ننگي نينگرين جي اوگهڙ عيان ڪري
رهي آهي. ’اوندهه،‘ جنهن جو اياز هر لحاظ کان ازلي
مخالف ۽ مُنحرِفُ رهيو آهي، هِن پسمنظر ۾، هُو
اُنهيءَ اوندهه، جيڪا يتيم، مسڪين ۽ لاوارث
نينگرين جو اَجهو ۽ اوڇڻ بڻجي ٿي، اُنهن کي ڍَڪُ ۽
پناهه آڇي ٿي، اُنهيءَ کي هُو اُن ڪري پسند ڪري
ٿو، ڇو ته اُها اوندهه اُنهن اَڌ اگهاڙين مسڪين
نياڻين جو لباس بڻجي ٿي. هِتي اياز ’اُوندهه‘ جو
هڪ مثبت ۽ انتهائي نئون ۽ نرالو رُخ کڻي آيو آهي،
جيڪو احساساتي توڙي تخيلي لحاظ کان متاثر ڪندڙ ۽
معنوي طرح موهيندڙ محسوس ٿئي ٿو.
ساڳيءَ ريت سندس هيٺين ٻن دوهن ۾، اُڇوتي احساس،
نئين حِسيت، نِرمل خيال، گهري فڪري ۽ انوکي درد جي
جمال جي خوبي ۽ خوبصورتي پَسي سگهجي ٿي.
پاڻيءَ ۾ پاريهرَ وِهنجي، کِنڊري پنهنجي کينءَ،
اُن کي ڏسندي منهنجي من جي مونجهه لهي وئي ڪيئن!.
**
وڻ وڻ کي مون ڀاڪي پائي، چيو ته، ’منهنجا ڀاءُ!
پهتو منهنجي من ۾، تنهنجي پَن پَن جو پَڙلاءُ.‘
(ڪلهي پاتم ڪينرو، 1987ع،
ص39)
مٿين دوهن مان پهرين دوهي ۾، هڪ خوشگوار ۽ موهيندڙ
منظر آهي، جنهن ۾، پاريهر پاڻيءَ ۾ وِهنجڻ کان
پوءِ سَرهائيءَ سان پنهنجا پاڻيءَ ۾ ڀِنل پَرَ
پکيڙي جهومي ۽ رقص ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڏِسي هڪ
وِياڪل ۽ اُداس، حساس دل انسان جي مَن جي مونجهه
لهي وڃي ٿي ۽ هُن جو روح پڻ احساساتي رنگن جي
هوليءَ ۾ رڱجي وڃي ٿو.
دوهي ۾ ڪنهن وڏي فڪر ۽ فلسفي جي اُپٽار بدران هڪ
احساس، هڪ منظر ۽ هڪ ڪيفيت آهي، ۽ اُها لمحاتي
ڪيفيت، ماڻهوءَ جي سمورن دُکن، دردن، پيڙائن،
اَهنجن، اَذيتن ۽ اضطرابن کي هڪ ساعت ۾ مِٽائي،
اُن جي من کي باغ و بهار ڪري ڇڏي ٿي، اُها سڄي
ڪرشماتي قوت اياز جي قلم جي آهي، جنهن پنهنجي
شاعريءَ جي لفظن ۾ ساهه وجهي، اُنهن ۾ جذبن ۽
احساسن جا رنگ ڀريا آهن.
ٻي دوهي ۾، هڪ ٻيو منظر آهي، اُجڙيل، اُداس ۽ خزان
زده وڻن جو. اُهي وڻ، جن جون ٽاريون ڪالهه سائي ۽
سُندر پَنن سان جنجهيل هُيون ۽ اُهي ڪنهن حَسين
لباس وانگر سندن بدن تي سونهندڙ ٿي لڳيون، پر اڄ
سندن سڄو وجود ننگو آهي، پَنن جو اُهو حَسين لباس،
پَٽَ تي لِيڙون لِيڙون ٿيل ڪَپڙن وانگر وِکريو پيو
آهي ۽ هوا جي دوش تي اُڏامندي، اُنهن مان ڪُٺل
ڪونج جي دانهن جهڙو درد پڙاڏو بڻجي، پوري فضا کي
سوڳوار بڻائي ڇڏي ٿو، ۽ اياز اُن سَمي، اُنهن
اُجڙيل وڻن مان هر هڪ سان ڀاڪي پائي، سندن سور ــ
ڀائي ٿي، ڏک سور اوري، اُنهن جي درد کي هڪ
ڀاءُ وانگر محسوس ڪري، خود به جِهڄي ۽ جُهري پوي
ٿو.
اياز مٿين ٻنهي دوهن ۾، نه صرف ڪمال جي تجسيم
نگاري ڪئي آهي، پر لفظن ۾، ڪيفيتن ۽ احساساتي فڪر
جو روح پڻ ڀري ڇڏيو آهي ۽ اُها ئي هڪ سگهاري
سِرجڻهار جي خوبي هوندي آهي ته، هُو لفظن کي نه
رڳو معنائون ۽ مفهوم عطا ڪندو آهي، پر هڪ سنگتراش
وانگر اُنهن کي تراشي خراشي، اُنهن مان زندهه
مورتين کي جنم پڻ ڏئي سگهندو آهي ۽ اياز عام طرح
پنهنجي سموري شاعري، خاص طرح پنهنجن دوهن ۾ اهو
ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
شيخ اياز پنهنجن دوهن ۾، نئين فڪر سان گڏ ڪئيي
نوان موضوع پڻ کڻي آيو آهي. هُن جي دوهن ۾،
رومانس، فطرت، تصوف، تاريخ، فلسفو، نفسيات،
جماليات، مزاحمت، انقلاب، حب الوطني، حاصلات،
لاحاصل، درد، خوشي، موهه، ملاقات، فراق، ڦوڙائي،
آس، نراس، اُنس ۽ انسان دوستي کان وٺي، ترقي
پسندي، روشن خيالي ۽ اَمنِ عالم تائين سمورا موضوع
پنهنجي تخليقي تازگي ۽ فڪري تاثريت سان موجود ملن
ٿا. هيٺ اياز جي شاعريءَ جي اُنهن مختلف موضوعاتي
رنگن ۽ فڪري رعنائين تي طائرانه نگاهه وجهون ٿا.
اياز جي دوهن ۾ محبت ۽ جماليات
شيخ اياز جو وجود سراپا محبت جي مِٽيءَ مان ڳوهيل
آهي، اُنهيءَ ڪري سندس سموري شاعري پيار جي واسنا
سان واسيل، موهه ۽ محبت جي سُڳنڌ سان مَهڪيل آهي.
عشق هُن جي شاعريءَ جو اهڙو سگهارو محرڪ آهي، جنهن
سندس شاعريءَ ۾ سمورا تخليقي رنگ نِکاريا آهن.
اياز جي رومانس جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو آهي. هُو محبت
جي بيان وقت، روايتي ڪوتاڪارن وانگر جذبن جي
وَهڪري ۾ وَهي ۽ لُڙهي نه ٿو وڃي، پر پيار ۽ محبت
جي احساسن کي تخليقي ۽ جمالياتي انداز سان اظهاري
ٿو. هُن جا رومانوي رَويا، جذبا ۽ احساس پڻ پنهنجي
تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماجي قدرن سان سلهاڙيل آهن،
اُنهن ۾، سَکڻي ۽ اُٻهري اظهار بدران جمالياتي
حُسناڪي آهي.
هُو پريت بنا ٻي ريت ڄاڻي ئي ڪونه ٿو. هُو سدائين
محبتن جو ائين متلاشي رهيو آهي، جيئن بَن برسات جو
ڳولائو هوندو آهي. هُو موهه جي مَڌ مان اَڻ مَئيو
پيئڻ کان پوءِ به هميشه اُڃايل ۽ تاسارو رهيو آهي.
محبت جا اِسرار ۽ پيار جون يادون ئي هُن جو اَملهه
سرمايو آهن، اُن ڪري ئي چوي ٿو ته:
رُت بدلي آ، رات ڀني آ، پريت ڪيو ڪجهه پريت!
نانهه رُسڻ جي ريت روا اڄ، نانهه رُسڻ جي ريت.
(ص32)
**
آهي تنهنجيءَ ياد جي، ايئن گذريءَ ۾ گونج،
آکيري مان جيئن وڃي، اُڏري ڪائي ڪونج.
(ص29)
**
نيڻ مان جو نئن ڇُلي، ڪک پن ٿي ويا رنجَ،
نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جئن پاڻيءَ تي هنجَ.
(ص29)
**
چوڏينهنءَ جي چانڊوڪي آهي، پرين به آهي پاس،
تو کي ڇا ٿيو آ منهنجا من، تون ڇو آنهه اداس!.
(ص32)
**
توکي مَنُ اِئن ڳولي، جئن ڪو بن ڳولي برسات،
تن ۾ تنهنجي تات سدائين، تن ۾ تنهنجي تات.
(ڀونر ڀري آڪاس، ص34)
اياز جي مشاهداتي نگاهه نرالي ۽ جمالياتي احساس
شاعراڻو ۽ انتهائي جاذب آهي. هُن جي مشاهداتي
تجربي ۽ اظهار ۾ لذت پرستي نه، پر حُسن شناسي ۽
حُسن پسندي جهلڪي ٿي. اياز جي هيٺين دوهن ۾،
’گهگهريءَ تي گهاگهر جو ڇُلڪڻ، وينگس جو ڇال ڏيڻ،
انگ انگ جو گهاگهر جي پاڻيءَ جيان ڇُلڪي پوڻ، رڻ ۾
زلفن جي ڇانو ۽ ڀاڪرن جي پناهه جو ملڻ، کجور مٿان
جرڪندڙ چنڊ ۾ پرينءَ جي سُندرتا پَسڻ، مانوس خوشبو
سان سارو وجود واسجي وڃڻ ۽ وک وک کڻڻ سان رابيلن
جي ڦٽي پوڻ ۽ ٽور ٽور تي پکين جي گيتن آلاپڻ جا
احساس‘ ڪيڏو نه حسين ۽ موهيندڙ مانڊاڻ پيش ڪن ٿا.
گھگھريءَ تي جو گھاگھر ڇُلڪي، ڇوريءَ ماريو ڇالُ،
آڏيءَ اَک سان ڏسي وَتو ڪنهن، انگ انگ جو حالُ.
(ص33)
مون چيو، ’ريتيءَ ۾ رُلندي جي ملندم ڇانوَ ته
ڪيئن!‘
وار ڇڏيائين پنهنجا ڇوڙي، ڇِڪي چيائين، ’هيئن.‘
(ڀونر ڀري آڪاس،
1989ع، ص44)
**
تو ۾ هيءَ ڪٿان آئي آ، ڦُل ــ پَٽيءَ خوشبوءِ،
مان ته ٻي ناريءَ ۾ ههڙي، ناهه ڏٺي هئن رُوءِ!.
(ص144)
**
تون جو ويڙهي اچڻي آهين، تَڪيان پيو مان پيرَ،
هُو جو چنڊُ کجورِ مٿان آ، اُها لڳي ٿي ڪيرَ؟.
(ص144)
**
هو جُوهيءَ جي مَهڪ جيان، مون ڀرسان گذري ويئي،
مان ته ڳولي پاڻ وڃايو، مون کي سُڌ نه پيئي.
(ص144)
**
حيرت آهي جي ٽَهلين ٿي، ڇو نه ڦُٽي رابيل پَوَنِ
ٿا،
ڇو نه پکيئڙا ڦيرا ڏيئي، توتي ڪيئي گيت چَوَنِ
ٿا!.
(سانجهي
سمنڊ سپون، ص145) |