ڇپائيندڙ پاران
انساني نفسيات جي ماهرن مطابق، انسان جي اندر ۾ ڪي
ئي سرگرمين جا جزا پاتا وڃن ٿا. سماجي سائنس جي
ماهرن جي راءِ جي بنياد تي، مختلف سرگرمين کي
انسان جي جبلت قرار ڏنو ويو آهي. انسان پنهنجي
زندگيءَ کي متوازن بنائڻ ۽ فطرت کي پنهنجي حق ۾
آڻڻ واسطي، اُن جبلت کي استعمال ڪري ٿو. انسان جي
متحرڪ ۽ سرگرم هجڻ جا ثبوت انساني تاريخ مان حاصل
ڪري سگهجن ٿا. جتي ٻين فڪرن انسان کي اتساهيو آهي،
اتي شاعري پنهنجي نظرياتي جوهر سان گڏ انسان جي
ترقي ۽ ترويج ۾ واڌارو ڪيو آهي.
سنڌ جي جديد ادب کي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي
نوجوان اسڪالر جناب ڊاڪٽر فياض لطيف صاحب سنڌ جي
مهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري، ”شيخ
اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي- تنقيدي مطالعو“ کي
ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف صاحب هن
ڪتاب جي مواد کي ڪل ڇهن موضوعن تي مشتمل ڪري پيش
ڪيو آهي، جنهن ۾ گيت/ لوڪ گيت. دوهو ۽ دوهن جي
ادبي پرک، اياز جي ناٽڪن، ڊرامن کان علاوه شيخ
اياز جي ڪتابن تي لکيل سنڌ جي ڏاهي سائين جويي
صاحب جي شاهڪار مهاڳن جو اڀياس. شيخ اياز تي ٿيل
تنقيد ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ محبت، امن ۽ انسان
دوستيءَ بابت پنهنجا رايا قلم بند ڪري پنهنجي
تصنيف پيش ڪئي آهي. سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ادب کي
جديد ادب سان روشناس ڪري، علم ادب جي وڏي خدمت
ڪئي.
ڊاڪٽر فياض لطيف صاحب هن ڪتاب جي پروفن کان ويندي
ڇپائي جي مرحلي ۽ خوبصورت ٽائيٽل جي حوالي سان
اسان جي رهنمائي ۽ صلاحن ۾ شامل رهيا آهن. اميد ته
سنڌ جي جديد ادب جي پڙهندڙن کي شيخ اياز جي مختلف
صنفن ۾ ڪيل شاعري پسند ايندي.
سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان ئي اها ڪوشش رهي آهي،
ته سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ادب سان گڏ جديد ادب تي
مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب سنڌ جي هن قومي
اداري پاران شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب جي
مختلف دورن کي محفوظ ۽ عام ڪري سگهجي. ان ڏس ۾
سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت
بورڊ پاران وڌ کان وڌ معلوماتي ۽ مختلف موضوعن تي
مبني ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن. مخدوم صاحب جي علمي
ادبي خاندان سان تعلق هئڻ ۽ سندن علم ادب سان چاهه
هجڻ سبب بورڊ پاران نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي
شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن
ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي
اشاعتي سلسلي کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ نوان
پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ بورڊ جي ڪتبخاني ۾
رکيل قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل
مسودن جي اشاعت بابت هر ممڪن ڪوشش هلندڙ آهي.
ڪتاب ”شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي- تنقيدي
مطالعو“ جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي هردلعزيز
چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن
جي رهنمائي ۾ بورڊ پاران شايع ڪري سرهائي محسوس
ڪري رهيو آهيان.
هيءُ ڪتاب جناب چيئرمين صاحب جي خاص هدايتن تحت
سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کي ٽربيوٽ پيش خاطر،
سندن 25هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو پيو وڃي.
اُميد ته سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ
سان محبت ڪندڙن وٽ سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش
مڃتا ماڻيندي.
5 جمادي الاول 1444هه
سيد سڪندر علي شاهه
30- نومبر 2022ع سيڪريٽري
مُهاڳ
چِليءَ جي شاعر پَبلو نِرودا پنهنجي هڪ نظم ۾ چيو
آهي ته، ’تون سمورا گُلَ پَٽي سگهين ٿو، پر بَهار
کي اَچڻ کان روڪي نٿو سگهين‘.
ڊاڪٽر فياض لطيف جي هِن ڪتاب جي مقالن/ مضمونن کي
پڙهندي، منهنجي مَن ۾ اُميد جا ڪِرڻا جاڳي پيا
آهن. تَنَ ۾ تازگي محسوس ٿي رهي آهي. منهنجي تصور
۾ فارسيءَ جو هڪ شعر تري آيو آهي، جنهن جو سنڌي
ترجمو آهي ته:’تون خاڪ ٿي ته، بَهار ۾ گُلَ ڦُٽن،
پَٿرَ ۾ گُلَ ڪونه ڦُٽندا آهن‘.
هِن ڪتاب جي شروعات ’لوڪ گيتن جي مختصر تاريخ ۽
شيخ اياز جي گيتن جي اڀياس‘ واري مقالي سان ٿئي
ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فياض لوڪ گيت جي ارتقائي تاريخ
کان وٺي شيخ اياز جي گيتن تائين پوري اتهاس کي
اڳيان رکيو آهي. سنسڪرت جي لفظ ’گيه‘ مان نڪتل لفظ
’گيت‘ پنهنجي حُسناڪي جي هِندوري ۾ لُڏي، جُڳن جا
ڪهڙا واءِ پنهنجي وجود تان گذاريا آهن.
گيت جي ساگر مان ڪهڙيون ڌارائون ڦُٽِي پنهنجي نئين
سڃاڻپ سان سامهون آيون آهن. لوڪ گيتن ڪهڙن گهاڙوئن
مان گُذري، پنهنجي وجود جو تسلسل جاري رکيو آهي،
اُنهن سمورن سوالن جي جواب ۾،
ڊاڪٽر فياض نه رڳو ڏيهي توڙي پرڏيهي اديبن، عالمن
۽ نقادن جا حوالا پيش ڪيا آهن، پر هُن پنهنجي
مُدلل راءِ جو اظهار ڪري، اُن تي ڀرپور بحث پڻ ڪيو
آهي.
فياض لطيف، جاپان جي گيشائن، ڪوريا جي پهاڙي
لوڪن، فرانسيسي ٻولي جي رولان جي لوڪ گيتن، روس جي
هارين جي لوڪ گيتن، پولينڊ جي لوڪ گيتن، يورپ جي
جهان گرد ۽ خانه بدوش شاگردن جي ڳايل لاطيني لوڪ
گيتن، اسپين جي خانه بدوش قبيلي ۾، جنم وٺندڙ
گارشيا لورڪا جي لوڪ گيتن، آمريڪا جي ڪوئلي جي
کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن، نيگروز جي لوڪ گيتن،
ناروي، اٽلي، يوگوسلاوڪيا، هنگري، رومانيا، بالڪن،
اسڪاٽ لينڊ سميت مختلف ملڪن جي لوڪ گيتن جون
ڳالهيون ڪندي،
پرڏيهي لوڪ گيتن جا خوبصورت سنڌي ترجما
پڻ ڪيا آهن، جيڪي هر وجهه حسين ۽ دل لُڀائيندڙ
آهن. نموني طور ڪجهه سِٽون ملاحظه ڪريو:
تاريڪ آهي راتڙي،
منهنجي من ۾ ڇرڪ ڀري،
جاڳي پئي آ ڪا باتڙي.
_____
اَڄُ آهي لابارو،
وارو، ڙي، وارو...
پنهنجي ٻنيءَ جو وارو
آيو آهي يارو،
____
ڳايو، ڳايو، پريت جا گيت،
منهنجا ميت...
جن سان من کي اچي آرام
منهنجي ڪومل من ۾ اڄ،
جرڪي پيو آ سرهائيءَ جام.
ننڍي کنڊ جي لوڪ گيتن ۾،’شرنگار رس‘ جي سونهن جو
تذڪرو ڪندي، ڊاڪٽر فياض ’شرنگار رس‘ کي وسيع معنيٰ
۾ بيان ڪيو آهي.
شيخ اياز جا لوڪ گيت ننڍي کنڊ جي ڪهڙين لوڪ روايتن
مان پنهنجو نرالو روپ نروار ڪندي، من ۽ فن جي صاف
شفاف مانسرور جا هنج بڻيا آهن،
فياض لطيف اُن ڏَسَ ۾
منفرد مثال ۽ حوالا ڏيئي، شيخ اياز جي لوڪ گيتن جي
اڀياس کي اهڙي سهڻي ۽ سگهاري نموني پيش ڪيو آهي،
جو هِن لِيکَ کي پڙهندي، راڳ جي راڻي عابده پروين
کي ’راڻو‘ ڳائڻ تي،
مون کي ٿر جي لوڪ ڳائڪه مائي ڍائيءَ پاران چيل هڪ
ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي.
’چون ٿا ته عمرڪوٽ لڳ
ڳوٺ کاروڙو سيد ۾،
هڪ شاديءَ جي محفل ۾، هڪ ڀيري راڳ جي راڻي عابده
پروين ’راڻو‘ ڳائڻ شروع ڪيو ته، لوڪ ڳائڪ مائي
ڍائيءَ کيس چيوته، ’هي ڇا ٿي ڪرين عابده؟‘ ’راڻو
ائين ڳاءِ، جيئن مومل ڳايو هو‘.
ادب جي سفر ۾، مون هميشه پنهنجين لوڪ راويتن سان
ويجهڙائپ کي پيار ۽ پريت جي ريشمي رومال ۾ ويڙهي
رکيو آهي. ڊاڪٽر فياض جي قلمي پورهئي کي مانُ
ڏيندي، منهنجي دل چاهي ٿي ته چئي ڏيان،’شيخ اياز
جي لوڪ گيتن تي ائين لکجي، جيئن فياض لطيف لکيو
آهي‘، پر اسان وٽ اهڙو داد ’قصيدا نويسي‘ جي دائري
۾ داخل ڪيو ويندو آهي. آئون ۽ فياض لطيف جنهن
قافلي جو حصو رهيا آهيون،
اُن قافلي جو هر ڪارڪن پنهنجي پورهئي ۽ پنڌ تي هر
قِسمَ جو الزام ته برداشت ڪري سگهي ٿو، پر قصيدا
نويسي جو الزام ڪڏهن به نه، ڇو ته
اُها
اسان
جي
ضمير ۽ زندگيءَ
جو
ڪڏهن
به
حصونه
رهي
آهي.
منهنجي ٿر جون هي ڀِٽون ۽ هُو ڀاڻ ساکي رهيا آهن
ته، مون پنهنجين اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي، پنهنجن
ماروئڙن جا لوڪ گيت مِيڙيا آهن. لوڪ ڏاهپ جي ڏيا
کي قلم بند ڪيو آهي.
ڀٽ ڌڻي ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾، ٿر جي رنگن،
روپن، المين ۽ اداسين کي پڌرو ڪرڻ جي جستجو ڪئي
آهي.
مهاتما گوتم ٻُڌ جتي
’سروم دکم دکم‘ (سڀ ڪجهه دک آهي)
چيو هو، اُتي ’سروم
ڀيم ڀيم‘ (سڀ ۾ ڊپ ئي ڊپ آهي) جي واڻي به وَرجائي
هُئي. قرت العين حيدر جي ناول، ’آگ ڪا دريا‘ جي
ڪردار گوتم نيلمبرکي اڪيلائي کان ڊپ ٿيندو هو ۽
مون کي پيلين اکين وارن نقادن کان ڊپ لڳندو آهي.
شل اُنهن کي ڪڏهن غالب جو هيءُ شعر سمجهه ۾ اچي.
جنہیں حقیر سمجھ کر بجھا دیا ہم نے،
یہ ہی چراغ جلیں گے تو روشنی ہو گی.
ڏات جي ڏيهه ۾، نئين ڏينهن، نئين سُڳنڌ جو سلسلو
جوڙڻ لاءِ
چندن جي ننڍڙن’رونکن‘
کي به اُتساهيندڙ ماحول ۾، واسَ وِکيرڻ جو موقعو
ڏيڻو پوندو:
چندن اوگيو بن ڀيڙ ۾، رونکي ڀئي من آس،
مين ڀي چندن بڻسان، چندن سڳنڌي واس،
مون ڌرتيءَ جي لوڪ گيتن تي پورهيو ڪندي، ٿري لوڪ
گيتن کي ٻن ڪتابن، ’گيت سانوڻ من ڀانوَڻ جا‘ ۽
’ڌرتي ڳائي ٿي‘ ۾ سهيڙيو آهي. اُن کان علاوه شيخ
اياز جي لوڪ گيتن جو ريگستاني ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ
ڪيو آهي. هڪ ٿري لوڪ گيت جي سِٽَ آهي ته: ’ڪامڻ ڪر
گيوڙي...‘
منهنجي دل ۽ دماغ تي به ڊاڪٽر فياض جي هِن ڪتاب جي
اڀياس، اهڙو ئي جادوئي اثر ڪيو آهي، جو مان اُن جي
روان ٻولي ۽ فصيح فڪري اثر ۽ احساس جي کيپن ۽
خمارن ۾ مسرور ٿي ويو آهيان.
اردو اديب ديوندر ستيارٿي برصغير جي وڏي حصي جا
پنڌ ڏوري، ڳوٺ ڳوٺ گُهمي ۽ عام لوڪ سان رَلي مِلي
لوڪ گيتن جي مِيڙي چونڊي ڪئي هئي. ساڳيءَ ريت شيخ
اياز به ديوندر ستيارٿي جيان سنڌ جي مختلف ماڳن
مَڪانن جا سِيرَ ڪري، هارين نارين سان مِلي، سنڌو
جي لوڪ گيتن جي ردم ۽ رواني ۾ پنهنجي دل ۽ ڌرتيءَ
جو روپ سروپ سمائي، نوان لوڪ گيت تخليق ڪيا آهن.
اياز جي نه رڳو غزلن جو ويس ’گيڙو‘ آهي، پر سندس
لوڪ گيتن جي رچنا ۽ رنگت ۾ به پنهنجي نِرملتا ۽
نواڻ آهي.
شيخ اياز ڪنهن لوڪ گيت جي سِٽاءُ ۾ اصلوڪي سونهن
برقرار رکي، مواد ۾ سُرخ سوچن جا سپنا اُڻيا آهن
ته، ڪنهن لوڪ گيت جي هيئت ۾’هنسلي‘، ’ڪڙڪن‘،
’ڪڙين‘ ’نيٻورين‘، ’ڌوهري‘، ’موريئن‘، ’ٽيلڙين‘،
’هٿ سنڪڙين‘ سميت زيورن جي جڙاءُ ۽ ست رنگين
ستارن، ٽِڪن ۽ هُرمچ ڀرت جا عڪس اُتاري، صحرا جي
حُسن جا هِندورا لوڏيا آهن ته، ڪنهن لوڪ گيت جي
موضوع ۾، ڏُڪارَ جي ڏُولاوَن ۽ ڏوٿين جي اندر ۾،
’ڏُٿَ‘ جي لاءِ پيدا ٿيندڙ تڙپ ۽ تمنا کي آندو آهي
ته، ڪنهن لوڪ گيت جي سِٽَ ۾، ڀٽائي جي’سُر
سامونڊيءَ‘ جهڙو ساءُ رکيو آهي ته، ڪنهن لوڪ گيت
جي آهنگ ۾، ٿر تي وَرندڙ وَسڪارن جا منظر، مارو
ماڻهن جي اُمنگن ۽ آسن سان مَهڪايا آهن ته، وري
ڪنهن لوڪ گيت جي نِرمل
لفظي تاڃي پيٽي ۾، نئين نسل کي ’دودو ۽ جوڌو‘ ٿيڻ
جي لولي پڻ ڏني آهي. شيخ اياز جا گيت، گُلاب جي
گُلَ جهڙا تازا، توانا ۽ سِڻئيءَ جي ڦَلَ جهڙا
اَڇا اُجرا آهن، پر اُنهن مان ڪنهن به سِٽَ ۾
مايوسيءَ جي ’پِيلاڻ‘ نه آهي.
ٿر جي سُفيد واريءَ جي دَڙن تي جڏهن چونئرن ۽
چونڪين جي اوٽ ۾، شيخ اياز جي سِرجيل لوڪ گيتن
’سانوڻ ٽيج‘، ’لمڪيان ڙي لو‘، ۽ ’مڻهيار‘ جي ٻولن
جي گونجار ٿيندي، تڏهن رشتن جي ڀَرم تي، رتن جڙاءُ
رکڙيون ٻَڌل نماڻين نارين جي مَن ۾، ساروڻين جا
ڪيئي ساٺ مَچَ ٻاري وجهندا، وڏن وڻن جي ڏنگن ڏارن
۾ ٻَڌل پينگهن ۾، لُڏندڙ اَلبيلا وجود، حَسرتن جي
بي پناهه مسرت سان ٽِڙي پوندا، ڪُنوارين دلين ۾
چروڙي، مٽڪو، گرٻي ۽ ڏانڊيي جي رمت رمڻ (نرتيه رقص
ڪرڻ) جي لاءِ آنڌ مانڌ مچي پوندي. سارين جي سُڳنڌ
۾ ويڙهيل لاڙ جي ٿَڌين راتين ۾، شيخ اياز جي تخليق
ڪيل ’ڇيڄ‘ جي لوڪ گيتن کي جڏهن ڪا گيتار ڪَنَ تي
هَٿُ ڏيئي، اڳيرڻ شروع ڪندي، تڏهن اَلهڙ جوانيون
پنهنجون
اکڙيون اَجرڪ ۾ ويڙهي، هڪ ٻي ڏانهن امانت طور
اُماڻي، اُڀَ جي ستارن جي مُرڪَ سَرهن ساهن ۾
محسوس ڪنديون.
وَسڪاري وَرڻ سين گهنگهور گهٽائن جي گهيري ۾، شيخ
اياز جا تخليق ڪيل لوڪ گيت، ’بادل ڙي‘ ۽ ’همرچو‘
جا ٻول جڏهن ٿر جي کيتن ۾ ڪم ڪندڙ هارين جي ڪنٺ
مان مور ٽهوڪن جيان پلٽو کائي سماعتن سان
ٽَڪرائبا، تڏهن ٿر جي ڏهرن ۽ مڙهن ۾ آسودگيءَ جا
ڏيئا ٻَري پوندا. ڪاڇي جي پهاڙي پاڇن ۾ اَڪيچار
اُوجاڳن باوجود شيخ اياز جا ديهاتي لوڪ گيت ڌنارن
جي اکڙين کي اداس ٿيڻ نه ڏيندا. اياز جي سنڌي ويس
پهرايل ’بنگالي لوڪ گيت‘ کي سنڌ جي سامونڊي پَٽي
جون سانوريون جڏهن پنهنجي انداز ۾ آلاپينديون،
تڏهن سمنڊ جون ڇوليون جوار ڀاٽا کان وڌيڪ جوش ۾
اچي وينديون. جڏهن مِٽيءَ هاڻا ماڻهو واريءَ جي
واٽن ۽ ڏونگرن جي رستن تي پنڌ ڪندي، شيخ اياز جو
گيت ’ڪَرهو‘ ڳائي، مَنَ ۾ ولولو پيدا ڪندا، تڏهن
هُو’ڌرتيءَ جا ڳائڪ‘ ۽ ’تاريخ جا سوراڄ‘ سَڏبا.
ساهتي پرڳڻي ۾، پَن ڇَڻ جي موسم دوران جڏهن شيخ
اياز جا ٻول، ’هِيڪلڙو مَنُ هِيڪلڙو‘ڪنهن خانه
بدوش قبيلي جي نينگريءَ جي آواز ۾، درد ۽ مِٺاس جو
سَنگم بڻجي، ڪويل جي ڪوڪ وانگر مَن جي پاتال ۾
لهندو، تڏهن اَندر ۾ آنڌ مانڌ مَچي پوندي.
ناچ ڪندي، مُرڪندي، ڏينهن ٻه ٽي زندگي،
نيٺ اُجهامي اُلا، ڏينهن ڪَٽي زندگي
آهه ڪَتيءَ جو اُلاءُ، آءُ پرين آءُ.
ڊاڪٽر فياض لطيف جي اَندر جي آرزو آهي ته، سنڌ جي
چَپي چَپي تي روح جي راڳڻي ۾، شيخ اياز جا لوڪ گيت
ڳايا وڃن. ڌرتيءَ جي ڌُنن ۾، شيخ اياز جي دوهن کي
آلاپيو وڃي. قديم سنڌ جي روايتن موجب ’ڌرتيءَ جي
چارڻن‘ جي ڇندن جيان شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ به
عوام اڳيان پيش ڪيا وڃن. شيخ اياز جي وڏي نقاد ۽
سنڌ جي ترقي پسند عالم، محقق ۽ پارکو محمد ابراهيم
جويي جا شيخ اياز
جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ نوجوانن کي نئين نصاب طور
پڙهايا وڃن.
ڊاڪٽر فياض، لوڪ گيتن جي جائزي واري مقالي ۾،
نهايت تفصيلي ۽ واضح نموني
اُپٽاريو آهي ته،
شيخ اياز لوڪ گيت کي سِرجڻ کان پهريان اُن جي
ثقافتي روح ۽ سماجي پسمنظر کي پوريءَ طور سمجهي،
لوڪ ترنم ۽ اصلي احساساتي تازگيءَ سان گڏ پنهنجي
اندر ۾ اُتاري، پَچائي، رَچائي، نئين نِکار ۽
نغمگيءَ جي نئين نُدرت سان ڪيئن پيش ڪيو آهي.
ڪهڙيءَ ريت لوڪ گيتن ۾ بي ساختگي ۽ جذبن جي اَڻ
جهل اُڇل آندي آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت بي ربطگي کي روڪيو
آهي.
ڪهڙي نموني
ٻوليءَ جي سلاست ۽ سَرلتا قائم رکندي، هُن ڪهڙن
مَتروڪ لفظن کي ڪنهن سپوٽ سوناري وانگر ٻيهر
اُجاري، اَڇو ڪري، موتين جيان مَڙهيو آهي. اياز
لوڪ گيتن جي
بيان ۽ اظهار ۾،’ورجاءَ ۽ وَراڻ‘
جي ورجيس ۾ ڪهڙي ڪماليت ڏيکاري آهي. لوڪ گيتن جي
گهڙت ۾ نوان تجربا ڪندي، شيخ اياز ماترڪ ڇند ۽ بحر
وزن تي ڪهڙي ڪمال ڪاريگري سان لوڪ گيت سِرجيا آهن
۽ ڪهڙين واين ۾ لوڪ گيتن جي ڪايا پلٽائي آهي، اُهو
سمورو تفصيل ۽ بحث، هِن مقالي ۾ ملي ٿو.
’سانوڻ ٽيج‘ننڍي کنڊ جوسانوڻي تهوار آهي. سانوڻ
مهيني جي سهائي پک جي ٽيج تٿ کي ’گجوئن واري ٽيج‘،
’هريالي ٽيج‘ يا’ننڍي ٽيج‘ سَڏيو ويندو آهي.
’گجوئن واري ٽيج‘ ڪُنواريون ڇوڪريون مَلهائينديون
آهن. هِن ٽيج تي هفتو اڳ اناج جا سلا پوکيا ويندا
آهن. ٽيج واري ڏينهن، اُهي سلا، جن کي ’گجوئا‘
سَڏيو ويندو آهي، تلاءَ يا ترائي وغيره ۾ تاريا
ويندا آهن.
اُونداهي پک جي ٽيج کي ’وڏي ٽيج‘ يا ’سانوڻ ٽيج‘
چيو ويندو آهي. وڏي ٽيج تي ڪُنواريون ڇوڪريون
پنهنجن ڀائرن جي ڊگهي ڄمار، سُٺي صحت ۽ خوشحالي جي
لاءِ وِرتُ رکنديون آهن، جڏهن ته شادي شده ناريون
’پَتي وِرتُ‘ رکي، پنهنجي وَرَ جي لاءِ دعائون
گُهرنديون آهن. لاپسي ۽ چَڻن جي اَٽي مان
ٺَهيل’ساتون‘ هِن تهوار جا خاص طعام هوندا آهن.
هِن تهوار تي وڏن وڻن ۾ پينگهه ٻَڌي، جوانڙيون
لُڏنديون ۽ گيت ڳائي رقص ڪنديون آهن.زرعي سماج جي
هِن ڏِڻَ کي ڌَرمي رَنگ ۾،’شو پاروتي‘ جي مِيلاپ
جي ڏِڻَ سان مَنسوب ڪيو ويو آهي. ٽِيجَ جو ڏِڻُ
ريگستاني عورت کي پَرمپرا جي مَهانتا بخشي ٿو.
سانوڻ ٽيج جي لوڪ گيتن ۾، ڀينرون پنهنجن ڀائرن کي
ياد ڪنديون آهن ۽ چوڙيليءَ جي چِت ۾، پنهنجي
پَتيءَ (مڙس) جي پريت ڪَر موڙيندي آهي. روشن خيالي
جي روپ سروپ سان ڀرپور سانوڻ ٽيج جي گيتن جون
مختلف روايتون ملن ٿيون.سنڌ جي ناليواري محقق ۽
عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب،’لوڪ
گيت‘ ۽ راقم جي ڪتاب،’ڌرتي ڳائي ٿي‘ ۾، سانوڻ ٽيج
جا مختلف گيت ڏنل آهن. ٽيجڙين (ٽيج جووِرتُ رکندڙ
نينگرين ۽ نارين) جي اَحساسن ۽ اُمنگن سان ڀريل،
ٿري لوڪ گيتن ۽ دوهن جا ڪجهه مثال هتي ڏجن ٿا.
آئي ماءُ آئي، سرامڻيئي ري ٽيج،
گجوڙا روپاڙان بابي ري آنگڻيئي.
(اي ماءُ !سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، آئون پنهنجي بابي
جي اڱڻ تي گجوڙي (اناج) جا سلا پوکيان.)
___
سرامڻ تو آيو سيان مين سڻيو، آيوڙو جيٺ اپار
مينهان جهڙ مڙيو
آئون ويرا، ٻيسو آنگڻي پوڇو نا منڙي ري بات مينهن
جڙمڙيو.
(سهيليون! مون سانوڻ جي اَچڻ جو ٻُڌو آهي. جيٺ جي
آڳ ۾، مينهن جهُڙ ڦُڙ جهاٽي ٻَڌي آهي، اي منهنجا
ڀاءُ! اهڙي رُتِ ۾ اَچ، اَچي منهنجي اڱڻ ۾ وِيهه.
مينهن جي بوندن ۾، منهنجي من جي ڳالهه نه پُڇُ.)
___
بيرا منان بيهگو، تيڙڻ آوي، آئي سرامڻ ٽيج ري،
آوي سرامڻ ٽيج ري، بيرا وڙلي ٻڌاڙان هينڏ ري.
بيرا منان بيهگو تيڙڻ آوي..
(اي ڀاءُ! مون کي سَويرو وَٺڻ اچجان. سانوڻ جي ٽيج
آئي آهي، سانوڻ جي ٽيج آهي، بڙ (يا ڪنهن ٻي وڻ ) ۾
لوڏ ٻَڌايان. ڀاءُ ! مون کي سَويرو وَٺڻ اچجان.)
___
ٽيج آوي ري سهيليان، ٽيجلڙيان رو تهوار.
جڻ رو بالمو گهر نهين، اُوئان سين ڪڻ وهنوار.
(ٽيج آئي آهي، جيڏيون هيءُ نوکيلي نارين جو ڏينهن
آهي، اُنهيءَ ڏينهن تي، جن جو بالم گهر نه هوندو،
تن سان ڪهڙي حالت هوندي، اُنهن جي اندر ۾ ڇا
گذرندو هوندو.)
___
سرامڻ را ستراهن ڏينهن، آوي نويلي ٽيج،
تون برسين پرديس پريا مين اوپر بيج.
(ساوڻ جي مُند سترنهن ڏينهن آهي، تنهن ۾ ٽيج جو
ڏينهن نيارو آهي، اُنهيءَ ڏينهن تي، منهنجا محبوب!
تون پرديس ۾ آهين، مون کان ڌار آهين ۽ مون اڪيليءَ
مٿان کِنوڻ تجلا ڏئي رهي آهي.)
___
مورتو جهينگور ٻولي، مور ٻولي بن ۾،
ٽيج رو تون نه آويو ڍولا ڌوڙ ٿانري ڌن ۾.
(جهنگل ۾ مور مِٺو ٿو ٻولي، بَن ۾ مور جي آواز
منهنجي تن جي تارن کي ڇِيڙي وڌو آهي، منهنجا
محبوب! تون ٽيج جو نه آئين، منهنجي ٽيج اڌوري ڪرڻ
واري تنهنجي ڌَنَ ۾ ڌوڙ پوي.)
___
سرامڻ آيو بالما، چمڪڻ لاگي بيچ،
اڻ ڏڻ پيا گهر بسو، آئي هريالي ٽيج.
(اي منهنجا بالم! سانوَڻ رُتِ آئي آهي، اُڀ تي
وِڄُ چَمڪڻ لڳي آهي، هريالي ٽيج جي ڏينهن منهنجا
پِيَا اوهين گهر رهو.)
شيخ اياز جي تخليق ڪيل لوڪ گيت، ’سانوڻ ٽيج‘ ۾،
وَسڪاري وَرڻ گهنگهور گهٽائن ۽ وِڄُ وَراڪن جي
مَنظرن سان گڏ وِڇوڙي جي وَڍن جا اَحساس سمايل
آهن.
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
گج سوين تارڙا، واجهه وجهي وِڄ ڙي!
ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي ــ
هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!
راڻو نه راج ڙي!
آئي سانوڻ ــ ٽيجَ ڙي
سانوڻ ٽيج جي ڏينهن، ڳڀرو گوريءَ جي گَجَ جون
ٽِڪون سوَين ستارن جو روپ آهن، مٿان وِڄُ واجَهه
وِجهي ٿي. اهڙي ڏِڻَ تي روح جو راڻو، پنهنجي پريتم
کان پَري ۽ راڄ ۾ ڪونهي، هيڪلڙو هينئون ڌُٻي پوي
ٿو. ڍَٽَ مٿي مِينهڙن ۾، پيا بِن اندر جي اُساٽ
اُجهي نه ٿي.
بيجليان بي لجيان، آڀا ٿاني لج،
سُوني سيج وديش پريا، مڌرو مڌرو گرج.
(بِجليون/ کِنوڻيون بي لَڄيون آهن. اي آڪاش! توکي
ته لَڄَ آهي، منهنجي سِيجَ سُڃي آهي، منهنجو پرين
پرديس وَيل آهي، تنهنڪري تون مُڌرو ۽ ڌيري ڌيري
گرج.)
___
ريڻ انڌيري گاج گهڻ، اُمڙ گهمڙ سر آت،
ڏي مَني ڏراوڻي، بالم بن برسات،
(انڌيري رات ۾، گاج جو گوڙ مون ۾ آنڌمانڌ مچائي
رهيو آهي. بالم بِن برسات مون کي ڊيڄاري ٿي.)
شيخ اياز سانوڻ ٽيج جي لوڪ گيت ۾، بادلن کي پائر
سان گڏ قديم سنڌ جي حصي ڀُڄ تي بَرسڻ ۽ تَرسڻ جي
اِلتجا ڪري ٿو. ورهاڱي کان اڳ ۾، ڪڇ، ڀُڄ ۽ گُجرات
جي گامن سان رشتن جي ڏيتي ليتي سان گڏ وڻج واپار
جو رستو جڙيل هوندو هو، اُنهيءَ پس منظر ۾، ’ماء
منا ڪُڇ ڀُڄ ۾ پرڻائي‘ ۽ ’مانرا لکي وڻجارا، ماني
لي هالو گجرات‘ جهڙا مشهور لوڪ گيت سِرجيل آهن.
ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي مقالي ۾، ’سانوڻ ٽيج‘جي
اصلوڪي ٿري لوڪ گيت جي پس منظر ۽ احساسن سان گڏ
شيخ اياز جي لوڪ گيت،’سانوڻ ٽيج‘ کي سُهڻي سَليقي
۽ متاثر ڪندڙ انداز سان بيان ڪيو آهي.
هاڪڙي جي اوج وارن ڏينهن ۾ وَسيل، ’رحمڪي بازار‘
جي ’سونل ٻائي‘ پنهنجي پرديسي پيار مَڻهيار جي
سَارَ ۾،’مڻهيارو‘ لوڪ گيت ڳايوهو. شيخ اياز
پنهنجي لوڪ گيت ’مَڻهيار ڙي‘۾ جِدت پيدا ڪئي آهي،
پر اُن جو رنگ علامتي رکيو آهي. ٿري لوڪ گيت
’مڻهيارو‘ جي سِٽَ ’سنڌڙي ري ماگئي، اڏتي جائي
کيهه‘، اياز جي اندر ۾ اُڪرجي ويئي هئي، پر شيخ
اياز جو سِرجيل لوڪ گيت پورو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي
اندر ۾ اڪرجي رهيو آهي؛
هيءِ هيءِ سهليون، ڪيڏيون ڳَهيليون،
هُن جو ته سڀ سان آ پيار ڙي.
مَڻهيار
ڙي. |