سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي تنقيدي مطالعو

 

صفحو:3 

سنڌ جي رزميه داستان جيان شيخ اياز وٽ به دودو سومرو هڪ وطن دوست، سورهيه ۽ سپوت ڪردار آهي ۽ چنيسر وطن فروش ۽ ڪانئر ڪردار آهي. اياز پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڪماليت سان ٻنهيءَ ڪردارن کان اهڙا مڪالما ڳالهرائي ۽ اُنهن جو اهڙو اثرائتو نقش چِٽي ٿو، جو سندس آرٽ ۽ اظهار کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. چنيسر وٽ زندگي جو موهه آهي، پر دودي سومري ۽ ٻاگهيءَ جي ٻولن ۾، مِٽيءَ جي هُڳاءُ سان گڏوگڏ بهادريءَ سان جيئڻ ۽ سُرخرو ٿي مَرڻ جو ويساهه به آهي. شيخ اياز پنهنجي شاعراڻي سگهه ۽ فڪري پختگيءَ سان ثابت ڪري ٿو ته، چنيسر هڪ سامراج دوست ۽ گيدي ڪردار آهي ۽ دودو سراپا سرفروش، بهادر۽ مِٽيءَ سان محبت ڪندڙ هڪ سچو سورمو آهي.

هندي ڪوي ملڪ محمد جائسي پنهنجي شاهڪار تخليق ’پدماوتي‘ ۾، عورت جا سورنهن سينگار بيان ڪيا آهن، ساڳيءَ طرح شيخ اياز پڻ پنهنجي هِن سنگيت ناٽڪ ۾، ڌرتيءَ جي محبت جا سورنهن سينگار پيش ڪيا آهن. پدماوتي جي قصي ۾، علاوالدين خلجي آهي ۽ شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ۾ به علاو الدين خلجي جو تذڪرو آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي اڀياس ۾ ٻُڌائي ٿو ته، ”ٽن ايڪٽن ۽ پنج مَنظرن/سينن تي مشتمل هِن سنگيت ناٽڪ ۾، شيخ اياز دودي، چنيسر، ٻاگھي، ڇولي ۽ علاوالدين خلجي جي ڪمانڊر سالار خان جي ڪردارن کي نه رڳو ڀرپور نموني سان پيش ڪيو آهي، پر اُن ۾ احساساتي ۽ المياتي پهلوئن کي اظهاري، تَرنم جي رَچاءُ ۽ رَنگَ سان اثرانگيزي پيدا ڪري، پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ ساڻ کڻي هلي ٿو. هِن سنگيت ناٽڪ ۾، ’دودي چنيسر‘ جي قصي کي روايتي تاريخي، سوانحي ۽ واقعاتي تناظر ۾ پيش ڪرڻ کان وڌيڪ احساساتي، علامتي، فڪري ۽ شاعراڻي ڪردار نگاري ذريعي اُجاگر ڪرڻ جي جستجو ڪئي وئي آهي. شيخ اياز هِن سنگيت ناٽڪ جي نائڪه ٻاگهيءَ کي سنڌ جي عظيم ۽ باوقار عورت جو مثالي نمونو پيش ڪري، اُن جي ڏاهپ، جرئت، بي ڊپائي، بهادري، سُرت، سُچيتائي ۽ شجائت جا ڀرپور ڳُڻ ڳاتا آهن“.

اياز جي هِن سنگيت ناٽڪ ۾، ٻاگهي جڏهن ويڙهه جي ميدان ۾، ڀاءُ دودي جي ڀَرجھلي بڻجي، ساڻس مخاطب ٿئي ٿي، تڏهن دودي ۾ ٻيڻي سگهه ۽ سورهيائي جاڳي پوي ٿي.

تاج هجي ڇا تخت هجي ڇا
سونو روپو بخت هجي ڇا....
تنهنجو تخت امانت آهي
سارو بخت امانت آهي...
جي تون پنهنجو تاج ڇڏيندين
گوندر ۾ هر جيءُ گڏيندين.
هُو ڌاريا جي پيرَ ڌرن ٿا
ڌرتيءَ کي ڀڙڀانگ ڪرن ٿا
ڏرڙ منجھان ڪوراڙ اچي ٿي
اُن کان ڪا شيءِ ڪانه بچي ٿي...
مون لئه تون جيڪو به قبولين،
خلجي، ڪُتو، جو به قبولين....
جي تون وِڙهندي ماريو ويندين،
هِن وستيءَ تي واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساھ ته ويندو
ماڻهوءَ جو وِيساھ نه ويندو...!
          (ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ص20، 21، 22)

شيخ اياز جهڙيءَ ريت هِن سنگيت ناٽڪ ۾، ٻاگهل ٻائيءَ جي مَهانتا، بهادري ۽ ثابت قدميءَ کي پيش ڪيو آهي، اهڙيءَ ئي باوقار انداز ۽ احساس سان فياض لطيف پنهنجي هِن مقالي ۾، ٻاگهل ٻائيءَ ۽ دودي جي ڪردار کي شانائتي نمونيءَ سان تذڪري هيٺ آندو آهي.

شيخ اياز جي هڪ ٻي سنگيت ناٽڪ، ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ جو اڀياس ڪندي، ڊاڪٽر فياض لکيو آهي ته: ”شيخ اياز جو هيءُ سنگيت ناٽڪ، عام ۽ رواجي ناٽڪ ناهي، پر هڪ انقلابي ۽ آدرشي احساس جو پيش خيمو آهي، جنهن ۾ سماجي تبديلي ۽ شعوري سجاڳيءَ جي صدا به آهي ته، هر ڏاڍ، ظلم، بربريت ۽ پرماريت خلاف للڪار ۽ بغاوت به آهي. هِن سنگيت ناٽڪ ۾، طبقاتي جدوجهد جو رنگ به سمايل آهي. آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو سامراج، جاگيردار ۽ سرمائيدار جو روپ آهن. وَلهار جي ٻولي، هارين، نارين ۽ پورهيتن جي وِيرين سان وِڙهڻ جو سَڏُ ڏئي ٿي“.

شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ، ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ لِکڻ کان اڳ ۾، ننڍي کنڊ جي ادب ۾، ڀڳت سنگهه تي، شري ڪرشن سرال جو هندي (1964) ۾ لکيل هڪ ڪتاب ۽ ديدار سنگهه جو پنجابي (1968) ۾، رزميه شاعريءَ جو مجموعو اچي چڪا هئا(1). اياز جو سنگيت ناٽڪ، ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ 1986ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي چونڊ شعرن جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو نامياري شاعر ۽ مترجم احمد سليم ڪيو آهي(2).

شيخ اياز جو هيءُ سنگيت ناٽڪ، ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ اَهنسا وادين ۽ بورجوا قومپرستن بدران وطن پرستن، مزاحمت ڪارن ۽ سوشلسٽ جدوجهد ڪندڙن کان متاثر ٿي لِکيل آهي. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين ننڍي کنڊ ۾، انگريز سامراج خلاف ويڙهه ڪئي. هُو ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن به ريت سامراجي ڪالونيءَ جي حق ۾ نه هئا. ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي وڏي واڪي چوندا هئا ته، رڳو آزادي اسان جو مقصد نه آهي، اسان کي اهڙي آزادي هرگز نه گهرجي، جنهن ۾ فرنگي سامراجيت جي وڃڻ کان پوءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جاگيردار ۽ سرمائيدار اسان جي قسمتن جا فيصلا ڪن. هِن سنگيت ناٽڪ ۾، اُن وقت جي سياسي ۽ سماجي پسمنظر سان گڏ ڀڳت سنگهه  ۽ سندس ساٿين جي پنهنجي آدرش سان سچائي، سماجي انقلاب جي لاءِ آنڌ مانڌ ۽ مِٽيءَ جي مهانتا کي اياز پنهنجي آرٽ جي ڪماليت سان انتهائي اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي.

لاهور سينٽرل جيل جي تهه خاني جي وايو منڊل سان شروع ٿيندڙ هيءُ سنگيت ناٽڪ پنهنجن پڙهندڙن جي سوچ ۾، لوچ پيدا ڪندي، اُهو تاثر اُڀاري ٿو ته، ڪهڙيءَ ريت انگريز سامراج درٻاري روايتن کي جاري رکندي، نو آبادياتي نظام جي واڌ ويجهه جي لاءِ جاگيرداري سرشتي کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ ڪهڙي نموني ذات پات جي نظام کي برقرار رکڻ سان گڏ نوابن، رئيسن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جون وفاداريون خريد ڪري، کين ’راجا‘، ’مَها راجا‘، ’راءِ بهادر‘، ۽ ’خان بهادر‘ جا لقب ڏنا ويا. برطانوي راڄ اقتصادي ڦُرلٽ سان گڏ ننڍي کنڊ ۾ مذهبي مَت ڀيد ، فرقيواريت ۽ نسل پرستي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪهڙا حربا هَلايا ۽ سياسي تحريڪن کي ڪُچلڻ لاءِ ڪهڙي واٽ ورتي. اُن دؤر جي عڪاسي ڪندي، شيخ اياز، ڀڳت سنگهه جي واتان چورائي ٿو:

هي ديس سڄوئي اوڳو آ،
 من روڳي اُن جو موڳو آ.

ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي هِن شاهڪار سنگيت ناٽڪ جو جامع جائزو پيش ڪندي، فني توڙي فڪري پهلوئن سان گڏ ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ اندروني ترنم کي شاندار نموني بيان ڪيو آهي. هُو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”هيءُ منظوم ناٽڪ، جيڪو ڪتابي صورت ۾ 23 صفحن تي محيط آهي ۽ اُن ۾ ٻه ڏيک ۽ ڏھ مڪالما آهن. اُنهن منظوم مڪالمن ۾، اياز پنهنجي فڪر ۽ فن جي ڪمال ڪاريگريءَ سان، نه صرف ڌرتيءَ جي وقار لاءِ جھيڙيندڙ ڪردارن جي احساسن، جذبن، داخلي هيجانن ۽ نظرياتي ثابت قدمي جو انتهائي اثرائتو ۽ ڀرپور عڪس پيش ڪيو آهي، پر ديس جي سدا ويڪائو دلالن جي تصوير پڻ پيش ڪئي آهي“.

ڊاڪٽر فياض، سنگيت ناٽڪن جي اڀياس ۾، تحقيق جي جديد اصولن جي پوئواري ڪندي، آخر ۾ اُن جا نتيجا به ڏنا آهن، جيڪي سندس سُڄاڻ محقق ۽ هڪ پارکو نقاد هجڻ جي گواهي ڏين ٿا. مجموعي طرح هِن مقالي ۾، فياض لطيف، شيخ اياز جي چئني سنگيت ناٽڪن جو ڀرپور ۽ جامع  مطالعو ڪيو آهي.

شاعريءَ جي قديم صنف، ’دوهي‘ جي لفظي ۽ لغوي  معنيٰ ڇا آهي؟، دوهي’پرٻنڌ‘،’ڌروپد‘، ڌرو‘ يا ’ڌروا‘ جي پيچرن تي هلندي، پنهنجي ڌار سگهاري سڃاڻپ ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺاهي آهي؟. ’دوهي‘ تي تحقيق ڪندڙ ناگپور يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ايڇ. ايل. جين جي دوهي بابت ڪهڙي راءِ آهي؟، سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ناول نويس ۽ نقاد آغا سليم دوهي جي حوالي سان ڪهڙو موقف رکي ٿو؟، دوهي ۾،’وشم پد‘ ڪهڙي چرن کي چئبو آهي؟،’سم پد‘ ۾ گهڻا چرن هوندا آهن؟، شلوڪ، دوهي جي صورت ڪيئن اختيار ڪئي؟، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ دوهو ڪهڙي پَد تي رهيو آهي؟، دوهي ۾ گهڻيون ماترائون ٿينديون آهن؟،  لگهه يا لگهو ماترا ڇا آهي ۽ گر يا گرو ماترا ڇا کي ٿو چئجي؟، ’ماترڪ ڇند‘ ۽ ’ورنڪ ڇند‘ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟، هري پَد دوهو، لليت پد دوهو ۽ غير مساوي دوهو ڪنهن کي سڏيو ويندو آهي؟، دوهي جي سورٺي سان ڪهڙي ۽ ڪيتري ويجهڙائي آهي؟، اُنهن سمورن سوالن جا جواب ڊاڪٽر فياض جي، شيخ اياز جي دوهن جي هِن اڀياس واري مقالي ۾ موجود آهن.

هِن مقالي ۾، فياض لطيف ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾، دوهي جي پسمنظر ۽ اوسر کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ شيخ اياز جي دوهن جي فڪر، خيال، گهاڙيٽي ۽ ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ جي حوالي سان وڏي عرق ريزيءَ سان جائزو ورتو آهي، جنهن کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته، فياض، شيخ اياز جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جو، نه صرف جُزيات ۾ مطالعو ڪيو آهي، پر هُن هينئڙي جي حُبَ سان ويهي، سنڌي ادب جي ريشمي رومال تي، ’هُرمچ‘جا ڀرت ڀريا آهن.

سنڌ جا چارڻ، ڀاٽ، ڀان ۽ لوڪ ڪوي پنهنجي شاعري رمڻڪ ڇند، روپ ڇند، دوهن، سورٺن ۽ ڳاهن ۾ چوندا هئا. اڄ به ٿر جي سُگهڙن سان ڪچهري ڪبي ته، اوهان کي لوڪ شاعري ۾، گهڻي ۾ گهڻو ’دوهو‘ ٻُڌڻ لاءِ مِلندو. دوهن کي ٿر جي لوڪ ادب ۾،’ڏوها‘ پڻ چيو ويندو آهي. راجستاني ۽ چارڻي ادب ۾،’دوهي‘ جا پنج قسم مِلن ٿا. ’دوهو‘، ’سورٺيو‘، ’بڙو‘،  ’تون وري‘، ۽ ’کوڙو‘ شامل آهن. لوڪ ادب ۾، ’ڏوهي‘ کي ڏهون ويد به سڏيو ويندو آهي(1). چارڻي ادب جي سورٺيي، تون وري، کوڙي ۽ ڪوت جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

سورٺيي جو مثال:

گهڻي بري هي بات، سدا ستاوڻو سيڻ نون،
انت اَنَگن  اُٺ جات، چندن رگڙيا چڪريا.

 (سدائين پنهنجي دوست/ واسطي واري کي ستائڻ (تڪليف ڏيڻ/ تڪلف ۾ وجهڻ) تمام بُري ڳالهه آهي. چڪريا ڪوي چوي ٿو ته، چندن کي رگڙڻ سان نيٺ انُهي ۾ باهه پيدا ٿي پوندي آهي.)

تُون وري جو مثال:

تينو ري مت ايڪ، مکي، مڇر، ڌشت نر،
آپ ري جيڻو ڪو تياگ ڪر، اوران ڪو دک ديت.

(مَکِ، مَڇر ۽ فسادي ماڻهو، ٽئي هڪ ئي سوچ جا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي جيئڻ کي تياڳي، ٻين جو جيئڻ جنجال ڪندا آهن.)

کوڙو جو مثال:

ناري ڀريو نير، ٽاٻريو جهولڻ گيو،
تري نه پوگو تير، او ڏوٻو.

(ناريءَ پاڻي ڀريو، ٻارڙو جهُولڻ ويو، تري واپس نه پهتو،اُن ڪري پريشاني آهي.)

چارڻي ادب جي  صنف ’ڪوت‘ جي لفظي معنيٰ پرک يا اندازو آهي، جنهن جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

نپت گهُلاوي نيڻ، انگ واسينگ جُون موڙي
ٻولي بڙڪا ٻول، پريت پريتم سُون ٽوڙي
سرور ڌوئي پاوء نير ٻپارا لاوي
چالي اڌڪي چال، گيت رسيالو گاوي
نر ڏيکي نخرو ڪري گهر گهر ۾ ڏولي گهڻي
ڪوگد  ڪهي ٺڪران، او نپچي نار ڪلڇڻي.

 

(جيڪا هرٽاڻي جسم کي نانگ جيان مُوڙي، وڏي آواز سان ڳالهائي ۽ بالم (محبوب) سان محبت ٽوڙي، تلاءُ تي پنهنجا پير ڌوئي، ٻنپهرن جو پاڻي ڀرڻ وڃي، هلڻي ۾ نرالا انداز اختيار ڪري، محبت جا گيت ڳائي، مَرد ڏسي نخرا ڪري، بي مطلب گهر گهر وڃي، ڪوي ڪوگد  چوي ٿو ته، اي ٺاڪرو! اهڙي نار جا لَڇڻ سُٺا ناهن هوندا.)[1]

هندي، راجستاني، برج ڀاشا، گجراتيءَ سميت ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾، شاعري جي مقامي وزن جي قاعدي کي ’پنگل وديا‘ سڏيو وڃي ٿو. ڇند رَچڻ لاءِ پنگل وڌيا سِکڻ ضروري هوندو آهي. هڪ ڇند ۾ ڪوي، پنگل جي قاعدي جي اهميت جي حوالي سان چوي ٿو ته:

پنگل پڙهي بن ڇند رچي، گيتا پڙهي بن گيان،
ڪوڪ پڙهي بن رتو رمن ڪري وه نر پشو سمان.
 

 (پنگل پڙهڻ کان سواءِ ڇند رَچي ٿو، گيتا پڙهڻ بنا ڌرمي گيان ڏئي ٿو، ڪوڪ پڙهڻ کان سواءِ ناري سنجوڳ ڪري ٿي، اُهو نر جانور جي  برابر آهي)

سنسڪرت جي عالمن ڇند شاستر کي ويدن جي ڇهن حصن مان هڪ حصو تسليم ڪيو آهي. پنگل رشي جي تخليق ’ڇند سوتر‘، ’پنگل شاستر ڇند‘ جي نالي سان مشهور ۽ مقبول آهي. پنگل ڇند ۾، هڪ ماترائي سر لگهو ۽ ٻه ماترائي سر گرو چورائي ٿو، پر وڌيڪ سرن جي مرڪب کي سروپرگهه سڏجي ٿو. لگهو ۽ گرو وغيره جي بنياد تي گن جي ڳڻپ ٿيندي آهي. رويندر سهائي ورما پنهنجي ڪتاب، ’پراڪرت پينگلم‘ ۾، پنگل جي ماترائي آوازن کي سامهون رکندي، پنگل جي وزن  ۾، دوهن کي 23 نمونن ۾ ورهايو آهي.

دوهي جي فن، ساخت، سٽاءَ ۽ پنگل وزن جي حوالي سان فراز حامدي ۽ تاج قائم خاني جي  منظوم راين کي ڊاڪٽر فياض پنهنجي اڀياس ۾ آندو آهي. نامور شاعر الياس عشقي پنهنجي  ڪتاب ’دوہا  ہراری‘ ۾ منظوم راءِ ڏيندي چوي ٿو ته:

دو دل چرن چار ھون تک آخر میں آئے
کل چوب
یس ہوں ماترے، تو دوہا کہلائے.
ــــ

یاد رکھے کوئی اگر، اتنی بات سلیس،
چارنو
ں چرنوں میں رہیں، ماترے اڑتالیس.
ــــ

تیرہ گیارہ ماترے، دونوں دلوں میں جان،
یہی ہے دوہا چھند کی، پنگل میں پہچان.

 

ڊاڪٽر فياض لطيف، شيخ اياز جي دوهن کي نه فقط پرکي ۽ پروڙي، پڙهندڙن سان وَنڊيو آهي، پر هُن مختلف شاهوڪار ٻولين جهڙوڪ: اپڀرنش، برج ڀاشا، پراڪرت، کڙي، پوربي، هندي، راجستاني سنڌي ۽ اردو سميت ننڍي کنڊ ۾ سِرجيل دوهي جي قديم توڙي جديد صورتن کي معروف شاعرن امير خسرو، شيخ بو علي قلندر، ڀڳت ڪبير، ملڪ محمد جائيسي، ميران ٻائي، تلسيداس، سورداس، عبدالرحيم خانِ خانان، خواجه دَل محمد، جميل الدين عالي، الياس عشقي، طاهر سعيد هارون، رضيه اسماعيل ۽ ثروت ظفر جي توسط سان سندن دوهن جون حُسناڪيون پڻ پَسائيون آهن. هُو پنهنجي هِن اڀياس ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ دوهي جي ادبي اهميت ۽ افاديت، ڪلاسيڪل ۽ جديد سنڌي دوهي جي منظر، پسمنظر، تجربن ۽ تخليقي اُڏام کان پڻ پوري ريت آگاهه ڪري ٿو. اُن کان علاوه هُن جو سنڌي، هندي، راجستاني، اردو ۽ ٿري لوڪ شاعريءَ جي حوالي سان ڪيل تقابلي جائزو به پڙهڻ وٽان آهي.

شيخ اياز دوهي جي صنف ۾ پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاريندي، نه رڳو عالمي ادب جا اُهڃاڻ پنهنجي ٻوليءَ ۾ آندا آهن، پر مقامي منظرن کي ڪلاسيڪيت ۽ اساسيت سان گڏ جِدت جي جوهر ۾ سَلهاڙي، دنيا اڳيان پيش ڪيو آهي. اياز جي دوهن ۾، ڪائناتي حُسن ۽ مِٽيءَ جي محبت جا اَحساسَ اهڙي ادبي آرٽ سان رَچيل آهن، جو شيخ اياز جي سِرجيل گيڙو ويس غزلن سان گڏوگڏ ٻاٻيهي جي ٻولن جهڙن دوهن ۾، نئين نسل جي دلين جي ڌڙڪن محسوس ڪري سگهجي ٿي.

اُنهن دوهن ۾، پيار جي اُنهن پوپٽن جا احساسَ به آهن، جن پنکڙي پنکڙي جو رَسُ چوسي به، پاڻ کي پياسو رکيو آهي ته، اُنهن ۾ ڪجلين اکين جا خواب به آهن، جن جا ڀِرون ڀُونئرن جا  گهاٽ آهن. شيخ اياز جي دوهن ۾، ڪا به رات پوري رَکُ نه ٿي آهي، پر هر پَهر ۾ چاهت جي چِڻنگ دُکي رهي آهي. ميهار ملڻ جي ويل آئي آهي، مارئي پنهنجن مارن کي نه وِساريو آهي، سسئي پنهنجي پُنهونءَ لاءِ وِکَ کنئي آهي. رَمتي جوڳي جا نيڻ سُرخ سويرن جي نويد کڻي چمڪيا آهن. هيڻن هڏن کي اُتساهه مليو آهي، گهايل پريت جا گهاءَ پنهنجي دؤر جي جبر جي خلاف گواهي بڻيا آهن. رڻ ڀوميءَ ۾، رُڪَ وَهندي راند جا عڪس اُڀريا آهن. شيخ اياز پنهنجن دوهن ۾ پتنگ به آهي ته، شمع به، صوفي سنت ۽ ساڌو به آهي ته، نوجواني جي نبور عشق ۾ ٽٻ الهڙ عاشق به. اياز جي ڪَلا جي ميران جوٺي جَڳ جي ريتن رسمن کي ريٽي، ڪَلاکيتر ۾ گوندرن جا گهنگهرو ٻَڌي رقص به ڪري ٿي ته، وِهَه جا ڍُڪَ به ڀَري ٿي. شيخ اياز جي قُرب جو ڪبير دوهن ۾ سچ، سونهن ۽ نيڪي جا نوان گس ڏيکاريندي، رامانج جي راهه به پُڇي ٿو ته، ڀِٽائيءَ جي ڀَرِ ۾ به ويهي ٿو.

شيخ اياز جي شاعريءَ جي اڪثر نقادن هُن جي رومانوي ۽ مستقل قدرن واري شاعريءَ بدران سندس سياسي، نظرياتي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، پر ڊاڪٽر فياض لطيف، اياز جي شاعريءَ جي مذڪوره رُخن تي قلم کڻڻ سان گڏوگڏ سندس شاعريءَ جي احساساتي، ثقافتي، فڪري ۽ جمالياتي پهلوئن تي پڻ ڀرپور نمونيءَ سان نگاهه وجهي، اُن جي مفصل ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف جي نگاهن سان جڏهن شيخ اياز جي دوهن کي پڙهجي ۽ پرکجي ٿو، تڏهن سُڌ پوي ٿي ته، جديد سنڌي شاعريءَ ۾، اياز جي پايي جا ڪهڙا ۽ ڪيترا دوها نگار آهن، جن دوها سِرجيا آهن!؟ هُن جا دوها مستقبل جي نسل لاءِ ڪهڙيءَ ريت فخر جوڳو ورثو آهن؟ هُن جي دوهن ۾، اندروني ترنم سان گڏ فڪر جي گهرائي، احساس جي وسعت، تخيل جي پرواز۽ ايتري تخليقي تازگي ڇو آهي؟. شيخ اياز پنهنجن دوهن ۾، هندي ڇند وديا ۽ فارسي بحر وزن جي حوالي سان ڪهڙا نوان تجربا ڪندي، هئيت توڙي سٽاءُ، فڪر توڙي فن، تخيل توڙي تفڪر ذريعي ڪهڙي سونهن پيدا ڪئي آهي؟ هُن پنهنجي ڪوتائن ۾ ڪهڙا نوان لفظ، نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ نيون علامتون ايجاد ڪري، پنهنجي شاعريءَ کي نئون ۽ نت نرالو بڻايو آهي؟ ڪهڙين پُراڻين علامتن ۽ اُهڃاڻن کي نئين رنگ ۽ روپ سان پيش ڪري، هُن پڙهندڙن جي مَن کي نئين تازگي بخشي آهي؟ هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، اندروني ۽ ٻٽن قافين سان موسيقيءَ جون لهرون ڪيئن اُڀاريون آهن؟ ڪيئن حرف تجنيسي، ٻٽن لفظن ۽ صوتي آوازن سان گڏ رديف جي آميزش سان هُن پنهنجن دوهن کي دلڪش بڻايو آهي؟ ڪهڙيءَ ريت هُن دوهن ۾، وِسرام ۽ وراڻ يا ورجاءُ جي تڪرار سان وجداني ڪيفيت پيدا ڪئي آهي؟

تضمين جي هُنر سان اياز پنهنجي شاعريءَ ۾، ڪهڙي تخليقي ڪماليت پيدا آهي؟ هُن جي سپنن جي سوراج اڳيان جمنا ۽ تاج محل جهڙيون حقيقتون به ڪيئن ننڍڙيون آهن؟ آڌيءَ رات جو اَروڙ، چَنڊَ جي ڪِروڙين ڪِرڻن سان سندس دوهن ۾ ڪيئن چمڪي ٿي؟ اياز جي دوهن ۾، ڪهڙو تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي فڪر سمايل آهي. هُن پنهنجن دوهن ۾، تصوف ۽ ويدانت جي ويچارن، نئين دؤر جي فلسفي ۽ نفسياتي احساسن کي ڪهڙيءَ ريت سمايو آهي؟ اُهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن، جن کي هِن ڪتاب جي مطالعي ذريعي آسانيءَ سان سمجهي ۽ پروڙي سگهجي ٿو.

اسان وٽ نظرياتي ادب جي حوالي سان بحث مباحثا ۽ اسٽيڊي سرڪلس ڄڻ ته ناپيد ٿي ويا آهن. هاڻي صرف ذاتي پسند ۽ نا پسند جي بنياد تي ڪڏهن ڪڏهن ڪو بحث ڇِڙهندو آهي، ڪنهن تحرير ۽ تقرير تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي آهي، نه ته ٿيو مڙئي خير!. آئون شيخ اياز جا دوها پڙهندي، جڏهن هِن دوهي تي پهچندو آهيان ته، منهنجون اکيون ڀَرجي اينديون آهن.

سمو پراڻو پاپي سڀ کان منهنجي لاءِ ڪَٺور،

پُڇي پيو بنگالي مون کان؛ ڪير هو ٽئگور!.

منهنجي مَن ۾ بار بار اُهو ويچار الائي ڇو ڪَر کڻي اُٿي پوندو آهي ته، سڀاڻي سنڌ ۾ ڪوئي اُهو نه پُڇي وجهي ته، شيخ اياز ڪير هو!؟ محمد ابراهيم جويو ڇا ڪندو هو؟ رسول بخش پليجي ۽ جي. ايم سيد جو ڪهڙو ڪم ۽ ڪردار آهي!؟.

اردوءَ جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

کوئی تو سود چکائے، کوئی تو ذمہ لے،
اس انقلاب کا جو آج تک ادھار سا ہے.

اهڙي الميي ۽ ڪنهن حادثي کان اڳ، اسان جو دوست ڊاڪٽر فياض لطيف جديد سنڌي ادب ۾، اسان جي اُنهن فڪري رهبرن، ساڃاهو سونهَن، آدرشي ڪردارن ۽ انقلاب جي راهه جي پانڌيئڙن جا خيال، خواب ۽ نظريا نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي اُها ذميواري ادا ڪرڻ جي پوري جستجو ۽ ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڊاڪٽر فياض، شيخ اياز جي شاعريءَ جي هِن اڀياس ۾، محمد ابراهيم جويي جي شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيل مهاڳن جو جائزو پڻ ورتو آهي، جيڪو هِن ڪتاب جو اهم ۽ انتهائي سگهارو لِيکُ آهي. هڪ چيني چوڻي آهي ته، ’دانشور قوم جو خزانو هوندا آهن‘، ۽ محمد ابراهيم جويو بنا ڪنهن مبالغي جي، اسان جو قومي دانشور ۽ فڪري خزانو هو. محمد ابراهيم جويو، نه رڳو سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ادب ۽ ٻولي جو پاسبان هو، پر سنڌ  ۾ جديد سائنسي نقطه نظر سان نئين نسل جي سوچ ۾ لوچ پيدا ڪندڙ اهڙي مَهان هَستي هو، جيڪي پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ سدائين هڪ سگهارو تحرڪ ۽ تحريڪ هوندا آهن. هُو پنهنجي وجود ۾ ڏاهپ جو هڪ اهڙو ڏيئو هو، جنهن جي سهائيءَ کي ساري، رحيم خان خانان جون هي سِٽون هينئين تي تَري اينديون آهن:

جو رحیم گتی دیپ کی ست سپوت کی سوئے،
بڑہے اجیورو تے ہی رہے، گئے اندھیرو ہوئے
.

( اي رحيم! سَپوت پُٽُ ڏيئي وانگر هوندو آهي، هُن جي هُجڻ سان روشني ئي روشني رهندي آهي، پر سندس وڃڻ سان انڌيرو ٿي ويندو آهي.)

لوڪ ساگر جي ڪوي چيو آهي ته:

شيهن ڪِي کاڏو نهِين، نهين چنڊن ڪا باغ،
سورمون ڪي سينا نهِين، نهين سَپوتون ڪا راج.

(شينهن ٻيلي ۾، گهڻا نه هوندا آهن، نه ئي چندن جو باغ ٿيندو آهي، بهادرن جو لشڪر ناهي ٿيندو، چوڻ جو مطلب ته سڄو لشڪر بهادر ناهي هُوندو، اهڙيءَ طرح سڄو راڄ سَپُوٽ ناهي ٿيندو)

شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ سنڌ جي سپوٽ محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪندي، ڀٽ ڌڻيءَ جي هيءَ سِٽَ ڏني آهي:

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي‘.

محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيل پنهنجن مهاڳن ۾، هُن کي نه رڳو جديد سنڌ جي عظيم آرٽسٽ، سچ، سونهن ۽ امن جي سفير طور داد ڏنو آهي، پر قديم سنڌ جي روايتن موجب کيس’ڌرتيءَ جو چارڻ ‘ چئي، سندس شاعريءَ مان عوامي احساسن ۽ امنگن جي آس نِراس جا انيڪ ۽ اَنوکا نقطا نروار ڪيا آهن. ڊاڪٽر فياض، محمد ابراهيم جويي جي، اياز جي ڪتابن تي لکيل مهاڳن جي اڀياس ۾ لِکي ٿو ته: ”جويي صاحب جا اياز جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ، هڪ طرف سندس گهڻ علمي شعور، تنقيدي پرک، شعر فهميءَ جي ساڃاهه ۽ فڪري نقطن جي ڇنڊڇاڻ، تخليقن جي باريڪين کي سليقي سان ٻين کي سمجهائڻ جي سُڌ ۽ پروڙ پوي ٿي ته، ٻي طرف هُن اياز جي شاعريءَ جي فني نُدرتن ۽ فڪري گهراين کي جنهن ساڃاهه، سُندرتا ۽ سيبتائيءَ سان سوجهيو، سمجهايو ۽ اُن جي مختلف پهلوئن جو فڪري ڇيد ۽ فلسفياڻي تفهيم ڪئي آهي، سندس اهو پورهيو سچ ته ’اياز شناسيءَ‘ جي حوالي سان وڏي وقعت ۽ اهميت جو حامل آهي“.

ڊاڪٽر فياض لطيف جي هِن ڪتاب ۾ مٿين عنوانن کان علاوه ’شيخ اياز تي ٿيل تنقيد ۽ ڪجهه حقيقتون‘ ۽ ’اياز جي شاعريءَ ۾ اَمن، محبت، ۽ انسانيت جو تصور‘ جي سِري سان ٻه اهم ۽ سگهارا مقالا به شامل آهن، جن ۾ هُن اياز جي شاعريءَ جي فني سگھ ۽احساساتي حُسناڪين کي نروار ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس شاعريءَ ۾، امن، محبت، روشن خيالي ۽ انسانيت جي ڌارائن تي پڻ دل سان لکيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ پنهنجي هڪ ڪهاڻي ’ڪرانتڪار‘ ۾ چيو آهي ته، ’وقت جو سَفر، انسان کان وڌيڪ تيزيءَ سان سفر ٿو ڪري‘. آئون اڳي ئي ڪتاب جي مهاڳ لکڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳائي چڪو آهيان ۽ منهنجي ڪري ڊاڪٽر فياض لطيف کي انتظار ڪرڻو پيو آهي. هاڻي هِن ڪتاب کي پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪرائجي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته، ’پڙهندڙ تي لِکندڙ جو قرض هوندو آهي ته، هُو پڙهي پنهنجي اندر ۾ جنم وٺندڙ احساسن جو ڀرپور اظهار ڪري‘. ڊاڪٽر فياض، شيخ اياز کي پڙهي، پنهنجي فهم، ادراڪ، احساس ۽ علم آڌار پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هاڻي فياض جي پڙهندڙن کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻو آهي. مون به شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر فياض جي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾، پنهنجي طور پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.

ڪوي بانيڪداس چارڻ پنهنجي هڪ دوهي ۾ چيو آهي ته:

انگ انگ منجهه  اوڦڻي، جووَن آٺون جام،
تيُون ڍاٽي تصويررو، قلم هوي نهين ڪام.

(امراڻي جي ڪامڻين جي انگ انگ ۾ اٺ ئي پهر جوڀن جو جام ڇُلڪا پيو کائي. اهڙي خوبصورت ڍاٽي حُسن جي تصويرڪشي ڪرڻ منهنجي قلم جي وس ۾ نه آهي.)

شيخ اياز جي شاعري ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جي جائزي جو جوڀن انگ انگ ۾ اڦڻي رهيو آهي، جنهن جي سچ ته پوري عڪاسي ڪرڻ منهنجي قلم جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي.

ڀارومَل اَمراڻي

چيلهار، ٿرپارڪر

15 جون 2022ع


 8. چتر ٻولي چارڻان، ڀارومل امراڻي،  ثقافت کاتو سنڌ، ص 108.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org