شيخ اياز جي ڪتابن تي لِکيل
محمد ابراهيم جويي
جا مُهاڳ:
هڪ اڀياس
محمد ابراهيم جويي جي شخصيت انتهائي گهڻ پاسائين
آهي. هڪ سُڄاڻ استاد، فڪري رهبر،
نِرمل ۽ نياري انسان،
سُچيت ڪارڪن، نظرياتي دانشور ۽ سماج سڌارڪ کان وٺي
عالم، اديب، نقاد، مترجم،
مرتب،
محقق، ٻوليءَ جي ماهر، سنڌي ادب جي معمار،
ادارا ساز، شخصيت ساز،
ترقي پسند ۽ انسان دوست فڪر جي پيروڪار ۽ پرچارڪ
تائين، سندس ذات ۽ زندگيءَ جا ايترا حوالا آهن، جو
اُنهن
مان هر حوالو هڪ وڏي تفصيل ۽ تشريح جو گهرجائو آهي.
جويي صاحب جي شخصيت، هڪ
اهڙي
اداري سمان
آهي، جنهن مان نه رڳو رسول بخش پليجي، شيخ اياز،
جامي چانڊيي، عاصم آخوند، تاج جويي، مُحسن جويي،
علي آڪاش، مون ۽ ٻين اهڙن ڪيترن ئي فردن تمام گهڻو
پُرجهيو ۽ پِرايو آهي، پر سچ ته سنڌ جو هيءُ سقراط
صفت ماڻهو، جديد سنڌ جي سمورن ساڃاهه وندن جي
اُتساهه جو ذريعو ۽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان رهبر،
رهنما ۽ استاد رهيو آهي.
جويي صاحب جي
ذات
۽ زندگي،
علم ۽ عمل جو حَسين
سنگم آهي. هُن
نه رڳو
سنڌ جي
لڳ ڀڳ
ٻن پيڙهين جي سياسي،
اخلاقي، آدرشي،
علمي ۽ ادبي تربيت ڪئي آهي، پر
خاص ڪري
نوجوان نسل کي ڌرتيءَ سان حقيقي اُنس ۽ عشق جو درس
پڻ ڏنو آهي، اُنهيءَ
ڪري هُو
نه فقط سنڌ جي جديد ’ساهت ۽ سُرت‘ جو سرواڻ آهي،
پر اُن
’عشق
۽ عُشاقيءَ‘
جو
سونهون ۽
علمبردار به آهي، جيڪو ’ڏکن کي سُکن جي سونهن ۽
سوريءَ کي سِيجَ‘
سمجهڻ
جو سبق سيکاريندو
آهي ۽ بلاشبه جويي صاحب ڪيترن ئي نوجوانن کي
اُنهيءَ ’سُرت، سُچيتائيءَ ۽ سچائيءَ‘ جا درس ڏئي،
اُنهن ۾ نه رڳو اَمن ۽ محبت جي وِيرين، ڪوڙي،
مَڪار، اِستحصالي ۽ اِنسان دشمن قوتن سان مُهاڏو
اَٽڪائڻ جو حوصلو پيدا ڪيو آهي، پر اُنهن کي
پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ اظهار جي آزادي لاءِ
جِهيڙڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جي عملي ترغيب ڏئي، سندن
تربيت به ڪئي آهي.
محمد ابراهيم جويي جي همه
گير شخصيت ۽ مثالي آدرشي ڪردار جي
حوالي سان
شيخ اياز لِکي
ٿو، ”جويو، ڪرست ۽ ڪرانتڪاريءَ جو ڳوڙهو ڳانڍاپو
آهي.... جڏهن سنڌڙيءَ لانئون لَڌيون،
تڏهن ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس، هِن جي آڏاڻي
تي اُڻيل آهي. هُو
اُهو
آدي جڳادي اَلوپ
ماڻهو آهي، جو نوورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي گم
ٿي ويندو آهي. هُن
ئي مون کي سِيکاريو
ته،
شاعري زمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آڳ آهي ۽
جڏهن اُن
جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا دروازا
کُلي پون ٿا“(1).
اياز جو جويي صاحب ۽ اُن جي عِلم و دانش تي ايترو
يقين ۽ ڀَروسو هو، جو هُو پنهنجو هر ڪتاب ڇپجڻ کان
اڳ کيس ئي ڏيندو هو ۽ جويو صاحب جڏهن اُن کي ڏِسڻ
۽ جانچڻ کان پوءِ پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪندو
هو، تڏهن ئي اياز اُن ڪتاب کي اِشاعت لاءِ
موڪليندو هو. شيخ اياز خود اُن سلسلي ۾ لِکي ٿو،
”ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو آهي.
مان جڏهن به نئون شعر لِکندو آهيان ته، چاهيندو
آهيان ته اُن تي پهرين نظر سنڌ جي هِن عظيم دانشور
جي پوي ۽ اُهو شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته،
مون کي اُن جي اَمرتا جي پَڪَ ٿي ويندي آهي“
(2).
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽
راتيون‘ ۾ لِکيو
آهي ته،
”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي
۽ جي مان اُنهن
سان نه مِلان ها ته مان، مان نه هجان ها ۽ اُهي
آهن، سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم جويو ۽ حَشو
ڪيولراماڻي. اُنهن
سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن
روميءَ سان شمس تبريز جي رهي هئي. اُهي
ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيون جي ليکي چوکي
وٺڻ جا حقدار آهن“(3).
جيڪڏهن ڏسجي ته، اُنهن
ٽنهي ماڻهن اياز سان ۽ اياز اُنهن
سان ليکي چوکي ۽ حساب ڪتاب کانسواءِ، عمر ڀر پيار
۽ پريت جو رشتو نِڀايو
آهي. سوڀي آخري گهڙين تائين،
فڪري ۽ نظرياتي
اختلافن باوجود اياز لاءِ ٻاڙي نه ٻولي، حَشو
۽ اياز هڪٻئي کي آخري پَساهن
تائين محبت ۽ عقيدت سان ساريندا ۽ پچاريندا رهيا.
حقيقت ۾ اُنهن
ٽنهي مان سڀ کان وڌيڪ ۽ وڏي عرصي تائين جويي صاحب،
اياز جي مذڪوره محبت ۽ اعتماد جو نه رڳو ڀَرم
رکيو، پر ادبي طور سندس تخليقن، خاص ڪري سندس
شاعريءَ جي مختلف مجموعن تي پُرمغز ۽ تخليقي مهاڳ
لِکي،
اُنهن
جي تشريح ۽ تشحير پڻ ڪندو رهيو ۽ اياز جي وَئي
کان پوءِ جويي صاحب جو اياز لاءِ اُداس
۽ وِياڪل
ٿي، اُهو
چوڻ ته، ’All
Sunshine has gone out of my life
(منهنجي زندگيءَ مان ڄڻ ته سج جي سموري تپش
ئي
گم ٿي وئي آهي).
اياز لاءِ
جويي صاحب جا اُهي لفظ سندس
اندر ۾،
شديد محبت ۽ اُنسيت
جي
احساس کي
ظاهر ڪن
ٿا.
شيخ
اياز کي پڻ جويي صاحب سان عشق جي حد تائين عقيدت ۽
محبت هئي، جنهن جو اظهار هُو
پنهنجن
مخلتف ڪتابن ۾ نهايت پيار ۽ پنهنجائپ سان ڪندو
رهيو آهي. هُن
پنهنجن ٻن شعري مجموعن، ’ڀونري ڀري آڪاس‘ ۽ ’اَڪن
نيرا ڦُليا‘ جي ارپنا
ابراهيم
جويي کي، لطيف جي شعر جي سِٽ،’ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
منجهه اچي بوءِ بهار جي‘ ۽ پنهنجن هنن لفظن،
’پنهنجي پياري دوست ۽ عظيم محسن، محمد ابراهيم
جويي جي نالي‘ سان ڪئي آهي.
جويو، علم، ادب، تاديب، تربيت ۽ عمل جي هر ميدان
۾، جنهن بَرجستگي،
ذميواري، قائدانه صلاحيتن ۽ خود ارپنا واري جذبي
سان عمل پيرا رهيو آهي ۽ هِن
استادن جي استاد، گهڻ پڙهئي ۽ گھڻ پُرجهئي پُرش،
جنهن انڪساري ۽ خنده پيشانيءَ
سان زندگيءَ جي ڪَٺن ۽ ڪَنڊائين
پيچرن تي ثابت قدميءَ سان سفر ڪيو،
پنهنجي ڌرتي
۽
پنهنجن ديس واسين
جي آزاد جياپي
لاءِ جهيڙيو ۽ جاکوڙيو آهي، اُهو
سچ ته قابلِ تحسين ۽ قابلِ رشڪ آهي.
ترڪيءَ جي يگاني شاعر ناظم حڪمت پنهنجي ڌرتيءَ جي
ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي
ته،
’هُن
جي سڄي عمر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ
وارن جي فَلاح
۽ بهبود جي عمل ۽ اوني ۾ گذري آهي. هُو
جوانيءَ ۾،
ماڻهن کي مَنزل
جا ڏَس
پَتا
ڏيندو ۽ سندن
علمي رهنمائي ڪندو هو، پر پوڙهائپ ۾، ماڻهن کي هٿ
کان وٺي پنهنجن
منزلن تي پهچائيندو هو‘. جيڪڏهن محمد ابراهيم جويي
جي زندگيءَ تي نگاهه وِجهبي
ته،
هُو
به پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي حواليءَ سان ائين ئي
محسوس ٿيندو.
هُن به سڄي حياتي ڌرتيءَ ۽ ديس واسين جي بهتري ۽
ڀلائيءَ لاءِ جهيڙيندي ۽ جاکوڙيندي گُذاري آهي.
هُن به زندگي ڀر ماڻهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندي،
کين منزلن تي پهچائڻ جو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي.
آءٌ پاڻ کي نهايت ئي ڀاڳوند ٿو ڀانيان، جو هِن بڙ
جي گهاٽي ڇانوَ جهڙي شخصيت جون، مون کي به نه رڳو
ڪيئي صحبتون ۽ قرابتون نصيب ٿيون، پر کانئس ڪيترين
ڳالهين پِرائڻ ۽ پُرجهڻ جو موقعو پڻ حاصل ٿيو. شيخ
اياز تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري ڪم دوران ڪيئي ڀيرا
وٽس وڃڻ ٿيو. هُن جي دل ۽ لائبريريءَ جا دروازا
هميشه مون لئه کُليل رهيا. هِن مَها ڏاهي ۽ صوفي
صفت پُرش سدائين مون کي پنهنجي ڪارائتي صلاحن ۽
دانشمنداڻي نقطن سان نوازيو. ڪيترن ئي نقطن تي
ساڻس بحث مباحثا به ٿيا، پر سندن سڀاءُ اهڙو حليم
۽ گفتگوءَ جو انداز اهڙو ته نرم ۽ نفيس هوندو هو،
جو ساڻس ڪيترين ئي ڳالهين تي متفق نه ٿيڻ جي
باوجود هُن جي بُردباري، دانشمندي، مخلص ۽ موهيندڙ
اندازِ بيان، هر ڀيري موهي ۽ مائل ڪري وجهندو هو.
سچ ته هُن سُچيت ۽ برک دانشور جو دماغ، روشن
خيالي، ترقي پسندي ۽ سج جي روشنيءَ وانگر جوت سان
ڀَريل هو ۽ سندس دل ڪنهن درويش جي روح جيان پيار ۽
پاٻوهه جي اَمرت سان اُجاريل هئي.
جويي صاحب جي شخصيت جي هڪ وڏي خوبي اُها هئي ته،
هُو توڙي جو وڏو عالِم، پارکو پُرش ۽ پنهنجي وجود
۾ عِلم جو ڀَنڊار هو، پر اُن جي باوجود منجهس
وَڏائي ۽ اَڊمبر بنهه ڪونه هو. نه ته اسان
جي اڪثر ماڻهن ۾، اُهو مرض عام آهي ته، ٻه اکر اچڻ
يا ڪنهن عهدي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سندن پير زمين تي
کُپندو ئي نه آهي ۽ ’مان‘ جي نماءَ ۽ ’پاڻپي‘ جي
وِرد کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه کين ياد ئي نه رهندي
آهي.
ابراهيم جويي
پنهنجو پورو جيون، ماڻهن کي همٿائيندي، اُنهن
کي سُجاڳ ڪندي ۽ کين روشن رَندن ۽
پَنڌن
جا ڏِسَ
پَتا
ڏيندي گُذاريو.
هڪ صديءَ
کان وڌيڪ زندگيءَ کي
چوڙڻ ۽ ماڻڻ کان پوءِ به آخري ڏينهن تائين
هُن جي چهري
تي جيڪا اطمينان جي آسودگي، ثابت قدمي جي سَرهائي،
فهم و فراست، سنجيدگي ۽ سُچيتائي، سُڀاءُ ۾ ٻاجهه
۽
اظهار ۾ عقل ۽ اِستدلال جي اَميري ۽ آسودگي موجود
هئي، اُنهيءَ کي پَسي، سچ ته
ڪيترن ئي مايوس،
وِيڳاڻي
۽
’واٽون وِيهه ٿي ويل‘ ماڻهن کي نئين جياپي جو
اُتساهه
مِلي
ويندو هو، ۽ اُهي هڪ ڀيرو ٻيهر جوان جذبي سان
پنهنجي منزل جي مومل کي ماڻڻ جي جستجو ۾ جُنبي
ويندا هئا. اهڙا کوڙ ماڻهو اڄ به موجود آهن، جن
جويي صاحب جي ڪردار ۽ ڪم کان متاثر ٿي، پنهنجي
زندگيءَ ۾ جستجو ۽ جياپي جي جوت جَرڪائي.
اسان خوشنصيب آهيون، ۽ سچ ته اسان جي ٽهيءَ لاءِ اُها
اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته،
اسان سنڌ ۾ اُن
دؤر
۾ پيدا ٿيا، پڙهيا ۽ پُرجهيا آهيون، جنهن دؤر
جو هڪ فڪري سرواڻ ۽ سونهون، ابراهيم جويو آهي.
جويي صاحب، پنهنجن
تحريرن، تقريرن توڙي عملي ڪردار ذريعي هميشه سنڌ
جي نوجوان نسل کي آزاد ذهن سان،
باضمير زندگي جِيئڻ
جي نه فقط ترغيب ڏني آهي، پر
هُن
هر تقليد پرستي ۽ هر قِسم
جي رجعت پسندي کان دؤر رهڻ جي تلقين پڻ پئي ڪئي
آهي.
جديد سنڌي ادب، خاص ڪري تخليقي، غير افسانوي ۽
سنجيده فڪري ادب جي تخليق ۽ ترويج سان گڏوگڏ سنڌ
جي نوجوان نسل جي روشن خيالي ۽ فڪري سجاڳيءَ ۾،
ابراهيم
جويي جو وڏو هٿ ۽ ڪليدي ڪردار
رهيو
آهي. ساري عمر ڏيئي مِثل
رهندڙ هيءُ
سُڄاڻ
۽ قلندر صفت ڪاپڙي شخص، جيڪو سَو سالا جهور عمر ۾
به پنهنجي ضعيف آڱرين سان سنڌ جي آزاد جياپي ۽
نئين نسل جي شعوري ۽ فڪري سجاڳيءَ لاءِ روشنيءَ
جون راهون تراشيندو
۽ تلاشيندو
رهيو،
بلاشه سنڌ جو نئون نسل هِن
دولهه دراوڙ جو مقروض آهي.
جويي صاحب جي زندگيءَ جي ڳوڙهي ۽
گهڻ
پهلوئي
پاسن تي ڪنهن ٻي مهل ۽ موقعي تي مفصل نموني سان لِکڻ
۽ پنهنجا وِيچار
وِنڊڻ
جي ڪوشش ڪبي، هِتي
فقط سندس هڪ حوالي يعني،
’بحيثيت شيخ اياز جي شاعريءَ جي
شارح ۽
فني ۽ فڪري نقاد‘ طور ذڪر ڪندي، خاص ڪري اياز جي
ڪتابن تي لِکيل
سندس
مُهاڳن
جو تفصيلي اڀياس پيش ڪبو، ڇو ته اُهي
مُهاڳ
’اياز
شناسيءَ‘
جي حوالي سان،
نه فقط
تمام گھڻا
اَهم
۽ ڪارائتا آهن، پر اُهي جديد ادبي تنقيد جي نئين
رُخن جي آشنائيءَ سان گڏوگڏ شاعريءَ جي فڪري ۽
جمالياتي نُدرتن تي پڻ چڱي روشني وجهن
ٿا.
جويي صاحب جي اياز جي ڪتابن تي لِکيل
هِنن
مُهاڳن
جي مطالعي، پرک ۽ پروڙ سان شيخ اياز جي تخليقن،
خاص
ڪري
سندس شاعريءَ جي انقلابي، مزاحمتي، قومي، رومانوي
۽ جمالياتي جهتن کي نه رڳو سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ آساني
ٿيندي، پر اُن
سان گڏوگڏ اُهي
مُهاڳ،
اياز جي شاعريءَ جي ٻين فني ۽ فڪري پهلوئن تي
تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ
وارن
لاءِ پڻ رهبري ۽ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪري سگهن
ٿا.
جويي صاحب جي اُنهن مُهاڳن بابت جامي چانڊيو لِکي
ٿو، ”جويي صاحب جا اُهي مهاڳ...ٻُڌائين ٿا ته اياز
جي ڏات جي جهوليءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه ’گوهر ناياب‘
آهن، جي هُو پنهنجي ٻوليءَ، قوم ۽ دؤر کي آڇي ٿو.
جويي صاحب جا اُهي مهاڳ جتي اياز جي شاعريءَ جي
گهري پرک ڪن ٿا، جتي اياز جي شاعريءَ جون عظمتون ۽
بُلنديون بيان ڪن ٿا، جتي سندس ٻوليءَ جي ڪرشمن جي
ڪٿ ڪن ٿا، اُتي سندس فڪري سفر جا سونهان به آهن.
منهنجي نظر ۾ مستقبل ۾ اياز تي تخليقي، تحقيقي
توڙي تنقيدي لحاظ سان ڪم ڪرڻ وارو ڪو به محقق ۽
نقاد، جويي صاحب جي هِنن مهاڳن جي مدد کان سواءِ
اڳتي وڌي نه سگهندو“(4).
جيئن هڪ جوهري سُونَ
کي پرکي ۽ پروڙي، اُجاري ۽ سنواري عام جي سامهون
آڻيندو آهي ته،
اُن
سُون
جي سونهن ۽ سوڀيا، قدر ۽ قيمت ٻِيڻي ٿي پوندي آهي،
ائين ئي هڪ پارکو ۽ سُڄاڻ نقاد پنهنجي تخليقي
تجزئي، تنقيدي شعور ۽ فڪري اوک ڊوک سان ادبي تخليق
جي ڇنڊڇاڻ ڪري، اُن
جي عيان ۽ مخفي پهلوئن ۽ پاسن تي روشني وجهي، اُن
کي اُن
پَد
تي رَسائيندو آهي، جو اُها
تخليق پنهنجين
سمورين فڪري معنائن، تمثيلن، استعارن، ترڪيبن،
تشبيهن ۽ فني رنگينين ۽ رعنائين سان نِکري ۽ نروار
ٿي، عام ۽ خاص جي احساسن جي ترجمان ٿي پوندي آهي.
محمد ابراهيم جويي جي، اياز جي تخليقي پورهئي تي
لِکيل مهاڳن به، ساڳيو ئي جوهري وارو ڪارج ۽ ڪردار
ادا ڪيو آهي.
اسان وٽ
’تخليق‘
ڪنهن حد تائين پنهنجي پوري جوهر ۽ جوت سميت موجود
آهي، ۽ تخليقي پورهئي جو سفر پڻ جاري ۽ ساري آهي،
پر افسوس ته اسان وٽ
’تنقيد‘
اڃا تائين مجموعي طور اُن
حيثيت ۾ اُسري ۽ اُڀري نه سگهي آهي، جو اُها
تخليقن جي تجزئي جو فڪري ۽ فني حق ادا ڪري، اُنهن
کي اُن
نهج تي پهچائي، جو اُهي
اجتماعي ادراڪ ۽ احساس جو آئينو بڻجي،
تخليقن جي
سموري حُسن ۽ حقيقتن جو عڪس پَسائي سگهن.
جامي چانڊيو اُن
حوالي سان
پنهنجي هڪ لِيک ۾
لِکي
ٿو، ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيتوڻيڪ علمي، ادبي، فني
۽ فڪري پرک، ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس جو عِلم
۽ فن اڃا اُسريو ۽ بالغ نه ٿيو آهي، يا ائين کڻي
چئجي ته، اُهو
اڃا هڪ پورو ضابطو نه بڻجي سگهيو آهي، پر اُن
باوجود سنڌي ادب ۾ محمد ابراهيم جويو، رسول بخش
پليجو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، پروفيسر محرم خان ۽
ٻين عالمن ۽ ادب جي پارکن اُن
شعبي جا مضبوط بنياد ضرور وڌا آهن. حقيقت ۾ سنڌي
ادب ۾ مهاڳ کي باقاعدي هڪ صنف طور سڃاڻپ محمد
ابراهيم جويي ڏني ۽ اُهو
به عجيب ۽ سُٺو
اتفاق آهي ته،
جديد سنڌي ادب (شاعريءَ توڙي نثر) جي ڪجهه بهترين
ڪتابن جا مهاڳ به جويي صاحب جا لِکيل
آهن......جويو صاحب ڪيترن حوالن سان هڪ سونهون ۽ ڏَسُ
ڏيندڙ رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ مهاڳ جي صنف جي جديد ۽
عالمانه سطح جو ڏَسُ
ڏيندڙ به جويو صاحب ئي رهيو آهي“
(5).
مهاڳ جي ادبي صنف طور پنهنجي هڪ الڳ وقعت آهي.
مهاڳ بنيادي طور تي ڪنهن به ڪتاب جي
مواد جي
فني ۽ فڪري تجزئي تي مبني، اهڙو تحريري ۽ تخليقي
مواد هوندو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ڪتاب جي موضوع ۽
متن بابت معلومات فراهم ڪرڻ کان علاوه اُن
۾ موجود
فڪر،
احساس ۽ تخليقي
آرٽ
جي آشنائي پڻ عطا ڪندو آهي. ڪنهن به تخليقي ڪتاب
جو
سُٺو
مهاڳ، اُهو
ماڻهو ئي لِکي
سگهي ٿو، جنهن جو ذهن زرخير ۽ فڪر،
فني ۽ جمالياتي جُهتن
سان منور ۽ مالامال هوندو.
دراصل ڪي مهاڳ اهڙا هوندا آهن، جن جي ڪري
ڪجهه
ڪتاب پڙهڻا پوندا آهن ۽ ڪي ڪتاب وري اهڙا هوندا
آهن، جن جي ڪري اُنهن
جا مهاڳ پڙهڻا پوندا آهن. ڪجهه مهاڳ، ڪتابن جي متن
۽ مواد کان اُتم ٿيندا آهن ته،
ڪي ڪتاب وري، مهاڳن کان ممتاز هوندا آهن. جڏهن شيخ
اياز جي ڪتابن
۽ اُنهن
تي محمد ابراهيم جويي جي لِکيل
مهاڳن جو مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن ائين
محسوس ٿئي
ٿو ته، جهڙا اَملهه ڪتاب آهن، اُنهن تي جويي صاحب
اهڙا ڪارائتا ۽ فڪري مهاڳ پڻ لِکيا آهن.
”جويي صاحب جا لِکيل مهاڳ هڪ ئي وقت تاريخ، فلسفي،
سياست،سماجي ۽ ثقافتي قدرن، طبقاتي تضادن، دنيا ۾
اُڀريل انقلابي تبديلين، شاعر جي سماجي ذميدارين،
شعر جي خارجي محرڪن، وطن دوستي ۽ سنڌ شناسي سميت
ڪيترن ئي ڇُهيل ۽ اڻ ڇُهيل معاملن کي بحث هيٺ آڻين
ٿا، ۽ پنهنجي عالماڻي نقطه نظر سان پاڻ هڪ روشن
خيال، ترقي پسند، سيڪيولر ۽ سائنسي سوچ جو مالڪ
ماديت پسند نقاد، تجزيي نگار ۽ دانشور نظر اچي ٿو،
جنهن وٽ شعري تخليق توڙي هر قِسم جي ادبي تحرير جي
پرک جو معيار طبقاتي وابستگي، اجتماعي ڀلائي ۽
عقلي رويو آهي“ (6).
شيخ اياز جو نثر هُجي
يا نظم، اُن
جي پنهنجي فني ۽ فڪري حُسناڪي ۽ اثر انگيزي آهي.
اياز سنڌي ٻوليءَ جو صرف عظيم شاعر ۽ نثر نويس ئي
نه
آهي،
پر سنڌي ادب
۽ خاص ڪري سنڌي شاعريءَ
جو هڪ شاندار دؤر
۽ هڪ مڪمل موضوع
آهي.
هُن
نه رڳو
ڪيترين ئي شاندار
۽ نرالي
تخليقي روايتن کي جنم ڏنو آهي،
پر انيڪ روايتن کي ٽوڙي، نيون ۽ نرمل روايتون پڻ
جوڙيون آهن، جن کي علم ۽ ادب سان سلهاڙيل وڏي حلقي
سَرهائيءَ سان اَپنايو آهي.
اياز سنڌي
ادب ۽ شاعريءَ جي نئين سِري
سان آبياري ۽ باغباني ڪئي آهي.
هُن
اُن
۾ اهڙي فڪر ۽ فن جي رابيلي
ــ
رُتِ نِکاري
آهي، جنهن جي سُڳنڌ
۽ سُرهاڻ
سان سنڌ جون چؤڏسائون
ته معطر ٿيون ئي ٿيون آهن، پر هاڻي
اُن جي واس ۽ خوشبو سان
وِلايت
جا وڻ به واسجندا پيا وڃن.
اُن
۾ ڪو به گُمان
نه آهي ته،
اياز جي شاعري ۾ پنهنجو هڪ روح ۽ رنگ آهي، جيڪو
پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي پنهنجي مَنڊ ۾ مُنڊي، اُن
جي اندر ۾ سَرايت
ڪري وڃي ٿو، پر اُها
به حقيقت آهي ته،
اياز جي شاعريءَ جي اُنهيءَ
آواز ۽ احساس جي ماڻهن تائين رَسائي ۾، جويي
صاحب جو وڏو ڪردار رهيو آهي، جنهن لاءِ اياز جي
ڪتابن تي لِکيل
سندس پُرمغز ۽ تخليقي نوع جا مهاڳ وڏو دليل آهن.
”محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز فقط ڪي ٻه شخص نه
هئا، پر جدا جدا فِنامِنا (Phenomena)
هئا. هڪ وٽ دنيا جو سڀ کان اڳتي وڌيل فڪر هو ۽ ٻئي
وٽ اُها يگاني ڏات هئي، جا زمانن جا ضمير جاڳائڻ
لاءِ ڪافي هئي ۽ جڏهن اُهي ٻه لقاءَ هڪ ٻئي سان
لاڳاپي ۾ آيا ته، ’باهه‘ ڀَڙڪي اُٿي ۽ سنڌ جي ادبي
اتهاس ۾، سنڌي ٻوليءَ ڄڻ ته هڪ نئون جنم ورتو“
(7).
اياز جو جويي صاحب سان نه رڳو شخصي ۽ گهري دوستيءَ
وارو رشتو هو، پر هُو سندس عِلمي، عملي ۽ عالماڻي
حيثيت کان پڻ گهڻو مَرغوب ۽ متاثر هو، اُهو ئي سبب
آهي، جو هُو پنهنجي هڪ لِيک ۾ لِکي ٿو،
”ابراهيم جويي مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا دروازا
کولي ڇڏيا، پراڻي دنيا جا سارا ٿوڻيون ٿنڀا ڊهي
ڍير ٿي پيا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي هر زنجير کي ڇِني،
اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کُلي پيو هو. منهنجي ۽ هُن
جي دوستي شمس تبريز واري هئي.....“(8).
جويو صاحب، شيخ اياز جي تخليقي ڪيفيتن ۽ ڪار
گذارين جو،
نه رڳو عيني گواهه رهيو آهي، پر اياز جو اصلاحي
نقاد ۽ فڪري هم سفر پڻ رهيو آهي. هُن
جي اصلاحي تنقيد ۽ تعميري تبصرن اياز جي شاعريءَ
لاءِ سدائين سِراڻ
جو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو اعتراف خود
اياز پنهنجي ڪتاب، ’ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ هِن
ريت ڪيو آهي، ”ابراهيم جويو، سنڌي شاعريءَ جو وڏو
پارکو آهي. مان جڏهن به نئون شعر لِکندو
آهيان ته،
چاهيندو آهيان، اُن
تي پهرين نظر سنڌ جي هِن
عظيم دانشور جي پوي، ۽ اُهو
شعر ابراهيم کي پسند ايندو آهي ته،
مون کي اُن
جي اَمرتا
جي پَڪ
ٿي ويندي آهي.... ابراهيم، ايترو ته وڏو نانءُ
آهي، جو مون کي هُن
جي ادبي فتوى، قاضيءِ ازل جي فتوى وانگر لڳندي
آهي“ (9).
ابراهيم جويي، شيخ اياز جي شاعريءَ جي تنقيد ۽
تشريح جي سلسلي ۾، تمام
اهم
۽ ڳاڻ ڳڻيو ڪم ڪيو آهي. هُن
مختلف وقتن تي اياز جي ڪلام جي،
نه رڳو زباني ڪلامي تشريح ۽ ڇنڊڇاڻ پئي ڪئي آهي،
پر اُن
سان گڏوگڏ تحريري،
تخليقي
۽ تشريحي حوالي سان
پڻ اُن
تي جهجهو
ڪم ڪيو آهي. اياز جي شخصيت ۽ گھڻ رُخي
فن تي ڊزن کان مٿي مضمونن
جهڙوڪ:
’اياز شناسي ــ اڄ جي ضرورت‘، ’اياز کي پڙهڻ ۽
سمجهڻ ــ قومي فرض‘، ’اياز زندهه آهي، هُو
ڪڏهن به مَري
نه ٿو سگهي‘، ’عظيم سنڌي شاعر ــ شيخ اياز‘،
’منهنجي خواب جي ساڀيان‘، ۽ ’سنڌ جو آواز ــ شيخ
اياز‘ لِکڻ
کان علاوه جويي صاحب،
اياز
جي ستن تخليقي مجموعن،
جن مان سندس هڪ نثر جو ڪتاب،
’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘(1963ع)
آهي،
باقي ڇهه شعري مجموعا،
’جل جل مشعل جل‘
(1967ع)،
’هي گيت اڃايل مورن جا‘(1968ع)،
’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘(1970ع)،
’وِڄون
وَسڻ
آئيون‘
(1972ع)،
’راج گهاٽ تي چنڊ‘(1987ع)،
۽ ’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘(1988ع)
آهن، جن تي ابراهيم جويي صاحب
مهاڳ لِکيا
آهن.
جويي
صاحب جا اياز جي ڪتابن تي لِکيل مهاڳ، جن مان هڪ
طرف سندس گهڻ علمي شعور، تنقيدي پرک، شعر فهميءَ
جي ساڃاهه ۽ فڪري نقطن جي ڇنڊڇاڻ، تخليقن جي
باريڪين کي سليقي سان ٻين کي سمجهائڻ جي سُڌ ۽
پروڙ پوي ٿي ته، ٻي طرف هُن اياز جي شاعريءَ جي
فني نُدرتن ۽ فڪري گهراين کي، جنهن ساڃاهه،
سُندرتا ۽ سيبتائيءَ سان سوجهيو، سمجهايو ۽ اُن جي
مختلف پهلوئن جو فڪري ڇيد ۽ فلسفياڻي تفهيم ڪئي
آهي، سندس اُهو پورهيو سچ ته،
’اياز شناسيءَ‘ جي حوالي سان وڏي وقعت ۽
اهميت
جو
حامل آهي.
”محمد ابراهيم جويي کان اڳ سنڌي شاعريءَ جي ڪتابن
تي لِکيل اڪثريتي مهاڳ، تنقيدون ۽ تجزيا تاثراتي،
تخيل آميز، شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ويڙهيل ۽ داخلي طرز
جا آهن، جن ۾ اڪثريتي مهاڳ نويسن ۽ نقادن جو رويو
ڪافي رومانوي آهي. گهڻو ڪري ته شعر جي تجزيي ۾،
اُن جي تجنيسن، صنعتن، ٻوليءَ جي حُسن، مصرع جي
بندش ۽ لفظي تڪرارن کي سمجهائڻ تي وڌيڪ محنت صرف
پئي ڪئي وئي، ۽ خاص طور شعر جي فڪري جوهر کي اُن
ڳوڙهائيءَ ۽ گهرائيءَ سان ڏسڻ جو رواج عام نه هو،
جيڪو ئي شعر جو انساني سماج جي ارتقا، خوشي ۽
خوشحاليءَ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاسو هو. داخلي
شاعريءَ وانگر شعر جي پرک جا معيار به خارجي ۽
معروضي نه هئا، جنهن سبب شعر فهميءَ جي روايت فقط
خيال آرائيءَ ۽ تاثرات تائين محدود هئي“
(10).
پر محمد ابراهيم جويي، اياز جي شاعريءَ کي انساني
سماج ۽ معروضي حالتن سان سلهاڙي، نه رڳو اُن جي
ڀرپور فڪري تشريح ڪئي آهي، پر اُن جي لساني،
لئريڪل، احساساتي اُڇل، سماجي ڪارج، ڌرتيءَ سان
وابستگي، عالمگيريت، انسان دوستي، ترقي پسندي،
روشن خيالي ۽ سندس شاعريءَ جي ٻين ڪيترن ئي
تخليقي، فني، فڪري پهلوئن ۽ فلسفياڻي پاسن تي پڻ
تفصيلي ڳالهايو ۽ ڀرپور روشني وڌي آهي، جيڪا سنڌي
مهاڳ نويسيءَ ۾، هڪ نئين روايت آهي.
هيٺ اياز جي ڪتابن تي جويي صاحب جي لِکيل
مهاڳن جو
ترتيبوار
تفصيلي اڀياس پيش ڪجي ٿو.
1.
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
(1963ع)
شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويي
ڏانهن لِکيل
خطن تي مشتمل هيءُ
جاذب نثري ڪتاب، اياز جي اهڙي فڪري ۽ فلسفياڻي
تخليق آهي، جنهن نه رڳو سنڌي ادب پڙهندڙن جي وڏي
حلقي کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي، پر سنڌي ادب ۾،
تخليقي ۽ شاعراڻي نثر جي نئين روايت جو بنياد پڻ
وڌو آهي.
جديد دؤر ۾، شاعريءَ جي کيتر ۾ ته، گهڻو ڪري اياز
فڪر توڙي ڊڪشن جي حوالي سان لڳ ڀڳ پوري دؤر تي
ڇانيل رهيو آهي، ڪي چند ئي سِرجڻهار آهن، جيڪي
پنهنجي انفراديت ۽ نرالي اسلوب سان جديد سنڌي
شاعريءَ ۾، پنهنجي هڪ الڳ جاءِ جوڙي سگهيا آهن، پر
نثر جي ميدان ۾ پڻ هُو نئين روايتن جو مالڪ ۽ خالق
قلمڪار آهي. هُن جي تخليقي نثر جا به سنڌي ادب تي
ايترا ئي اثر آهن، جيترا جديد سنڌي شاعريءَ تي نظر
اچن ٿا. هُن جي نثر ۽ نظم ٻنهي ۾، ساڳي جادو
بياني، تخليقي سُندرتا ۽ ڪمال جي رواني ۽ رنگيني
مِلي ٿي.
اياز جي نثر ۾، فڪري گهرائي، فلسفياڻي نُدرت،
تخليقي تازگي، سلاست ۽ فصاحت به آهي ته، اُن ۾
ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ نِرملتا به مِلي ٿي. هُو هڪ
آرٽسٽ وانگر لفظن جي رنگن سان اهڙا حَسين، اثرائتا
۽ انساني المين جا احساساتي نقش چِٽي ٿو، جن کي
پَسي ۽ پڙهي، هڪ طرف ماڻهوءَ جي ننڊاکڙي نيڻن مان
ننڊ اُڏامي وڃي ٿي ۽ پوري وجود ۾ عجيب بي چيني ۽
بي قراريءَ جي چڻنگ ڀڙڪي ڀڀڙ بڻجي پوي ٿي ته، ٻي
طرف اُنهن ۾ مسرتن، محبتن، جمالياتي حُسناڪين ۽
اَجهل جذبات جي بي ساختگي پَسي، ماڻهوءَ جو
مُرجهايل من مُرڪي ۽ مَهڪي پوي ٿو. اياز جو نثر به
نظم جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي. هُو هڪ ماهر ڪنڀار
وانگر پنهنجي نثر جي لفظ لفظ کي تخيل ۽ تخليق جي
چَڪَ تي چاڙهي، نه رڳو محبت ۽ نفاست سان لَسائي ۽
تراشي ٿو، پر اُنهن ۾ جذبن جا انڊلٺي رنگ ۽ جياپي
جا نرالا ترنگ ڀري ٿو، اُنهيءَ ڪري ئي هُن جو نثر
پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي روح ۾ ’مي رقصم‘ جون
ڪيفيتون بيدار ڪري ڇڏي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، اياز جي نثر بابت لِکي
ٿو: ”شيخ اياز جو
نثر اعلى پايي جو ۽ منفرد آهي. سندس نثر ۾ بي
ساختگي ۽ تسلسل آهي. سندس نثر ۾ اندازِ بيان ڪنهن
جي به اثر هيٺ نه آهي. هُن جي پنهنجي طرز آهي“
(11).
هِن خطن ۾، اياز جو نثر ايترو تخليقي، روان،
رنگين، فصيح ۽ بليغ آهي، سندس ٻولي ايڏي سَرل،
سُپڪ ۽ سُندر آهي، جو اُن جي رواني، رنگيني ۽ ردم
مان هڪ طرف شعر جو لطف محسوس ٿئي ٿو ته، ٻي طرف
اُن ۾ نثر جي جاذبيت ۽ جوت موجود مِلي ٿي. اياز
شاعر ته ڪمال جو آهي، پر هُن جو نثر به نرتڪيءَ جي
رقص جهڙو حسين ۽ باڪمال آهي. اُهو ئي سبب آهي جو
لعل پشپ پنهنجي هڪ تحرير ۾ لِکي ٿو ته، ”اياز ۽
ٻين گهڻن شاعرن ۾ فرق اهو آهي ته، اياز جڏهن نثر
لِکي ٿو، تڏهن به شاعر آهي ۽ ٻيا گهڻا شاعر جڏهن
شعر لِکن ٿا، تڏهن به نثر لِکن ٿا“
(12).
اياز جي هِن خطن ۾، نثر ۽ نظم ٻنهي جو ساءُ ۽ سواد
ملي ٿو. ڪٿي هُن جي لفظن جو سِٽاءُ نثراڻو آهي ته،
خيال شاعراڻو ۽ ڪٿي وري لفظن جي ترتيب ترنم واري ۽
شاعراڻي آهي ته، خيال ۽ احساس سادو، سليس، سُپڪ ۽
نثراڻو آهي. خط گهڻو ڪري ماڻهوءَ جي ذاتي زندگي ۽
نجي اظهار ۽ احساس جو آئينو هوندا آهن. اُنهن ۾
لِکندڙ بنا ڪنهن ججهڪ ۽ تڪلف جي، پنهنجو اندر کولي
رکندو آهي. پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو کُليءَ دل سان
اظهار ڪندو آهي، ڇو ته کيس سُڌ هوندي آهي ته، هُو
جنهن سان پنهنجو اندر اوري رهيو آهي، اُهو ڪو عام
۽ اوپرو ماڻهو نه آهي، پر سندس ئي عزيز، رازدان،
رفيق ۽ دوست آهي، جنهن سان هُو پنهنجي دل جون
ڪيفيتون، اندر جا اُڌما ۽ احساس اوري، ڪَرب، قرب ۽
قرار جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
جيئن ته محمد ابراهيم جويو پڻ اياز جو عزيز دوست ۽
هم راز هو، جنهن کي هُن هِي خط لِکيا آهن، پر فرق
صرف اُهو آهي ته، هِي خط اياز پنهنجي خود خيالي ۽
بي ساخته جذباتي اُڇل کان وڌيڪ جويي صاحب جي آکڻ ۽
خاص فرمائش تي سِرجيا آهن، اُهو ئي سبب آهي جو،
ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته، اُن ۾ اياز جي شعوري
ڪوشش جو گهڻو عمل دخل آهي.
اُن سلسلي ۾، لعل پُشپ لِکي ٿو ته، ”خط لِکڻ وقت
اياز ’سُچيت‘ آهي، ’ساوڌان‘ آهي ته، اُهي ڇَپجندا،
ڇپجڻ لاءِ ئي هِن لِکيا آهن. اُن ساوڌاني سبب ئي
خط خوبصورت ۽ فنائتا ٿي ويا آهن. خطن لکڻ وقت اياز
ڏسي ٿو ته، اُهي ڇَپيا آهن، پاٺڪ پڙهي رهيا آهن،
تنهن ڪري اُنهن ۾ اهڙي هڪ به ڳالهه نه هُجڻ گهرجي،
جا ڇَپجڻ جي لائق نه هجي. تنهن ڪري هُن جي خطن ۾
اهڙي هڪ به ڳالهه نه آهي، جا هونئن رواجي طرح ،
اياز اڳواٽ ئي خطن ڇَپجڻ کان خبردار نه هُجي ها
ته، هِنن خطن ۾ اچي وڃي ها، تنهن ڪري اُهي نه صرف
گُلَ آهن، پر هڪ مالها ۾ به پويل آهن، ٻين ليکڪن
جي خطن جيان بي ترتيب نه آهن. اُها ئي اياز جي
هِنن خطن جي خوبي به آهي ته، ڪمزوري به آهي“
(13).
يقينن اياز کي خبر هُئي ته، هُو اُهي خط، جويي
صاحب جي چوڻ تي، اُن ڏانهن لِکي رهيو آهي، جيڪي
شايع ٿيندا. اُنهن کي جَڳُ جهان پڙهندو. اُنهن ۾
شعوري ڪوشش پڻ شامل آهي، جنهن کان به انڪار ڪري نه
ٿو سگهجي، پر هڪ ڳالهه جيڪا اُنهن خطن ۾ مِلي ٿي،
اُهو اياز جو آرٽ ۽ تخليقي جوهر آهي، جيڪو سندس
تحرير جي هر سِٽَ ۾ پنهنجي پوري جمالياتي جوت،
فڪري جِدت ۽ احساساتي حِسيت سان جَهلڪي ۽ محسوس
ٿئي ٿو. هر ليکڪ لِکندو ئي اُنهيءَ لاءِ آهي ته،
اُهو شايع ٿي، ماڻهن تائين پهچي، ماڻهو اُن کي
پڙهن ۽ پروڙين. اياز جي ذهن ۾ به اُهو خيال ضرور
هوندو، پر هُن جو ڪمال اُهو آهي ته، اُن جي باوجود
هُن جي خطن ۾ ڀرپور ۽ ڪمال جي تخليقي، فني،
احساساتي ۽ فڪري اُڇل ۽ بيساختگي آهي، جيڪا هر
وجهه حسين، موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ محسوس ٿئي ٿي.
”خط جي هڪ وڏي خصوصيت، اُن جي لِکندڙ جي اُن ۾
موجودگي هوندي آهي. پڙهندڙ اُن جي دل جون ڳالهيون
هِن جي زباني سُڻڻ چاهيندو آهي. خط لِکندڙ جڏهن
پنهنجي تحرير ۾ مُتڪلم طور ڳالهائيندو آهي، تڏهن
پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ پنهنجو پاڻ کي خط لِکندڙ سان
گڏ محسوس ڪندو آهي ۽ اهو احساس ئي کيس سَرهائي ۽
مَسرت سان سرشار ڪري ڇڏيندو آهي....ادبي سطح تي هڪ
سٺو خط اُهو هوندو آهي، جنهن ۾ لِکندڙ عام انساني
احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي پنهنجي ذاتي تجربي جي
روشنيءَ ۾ عيان ڪندو ۽ اظهاريندو آهي. نتيجي ۾
پڙهندڙ اُنهن ڳالهين کي صرف شخصي احوال بدران
انساني زندگيءَ جون اجتماعي صداقتون سمجهڻ لڳندو
آهي ۽ انساني برادري جي حصي هجڻ ناتي، هُو پاڻ کي
اُن سموري وارتا ۾ شامل محسوس ڪندو آهي“
(14).
بلاشبه اياز جي خطن ۾ به ائين ئي آهي. هُن خطَ ته
جويي صاحب کي لِکيا آهن، جن ۾ بظاهر هُو مُخاطب به
اُن سان ئي آهي، پر حقيقت ۾ هُو سموري سنڌ ۽ سڄي
سنسار جي درد مند دل رکندڙ انسانن سان مُخاطب آهي.
هُن جا خطَ جيڪو به پڙهندو، اُن کي ائين محسوس
ٿيندو ڄڻ ته، اياز ساڻس پنهنجي اندر جون اورون
اوري رهيو آهي.
خطَ، خيالن، جذبن ۽ احساسن جو بي ساخته اظهار
هوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري پنهنجن پرين پيارن،
عزيزن ۽ اَحبابن ڏانهن لِکي، ماڻهو پنهنجو اندر
اوريندا آهن. اُنهن ۾ تڪلف، هِچڪچاهٽ ۽ ڪائي
مصنوعيت نه هوندي آهي، پر پنهنجائپ، بي تڪلفي،
سچائي ۽ نج پج کرائي هوندي آهي، ڇو ته لِکندڙ کي
خبر هوندي آهي ته، خطُ جنهن ڏانهن لِکيو پيو وڃي،
اُهو ’پنهنجو، پرين، پيارو ۽ راز ڀائي‘ آهي، جنهن
کان ڪجهه لِڪائي نه، پر اُن سان سڀ ڪجهه اوري ئي
سڪون ۽ آنند ماڻي سگهجي ٿو. اياز به ائين ڪيو آهي.
هُو خطن ۾ بظاهر مُخاطب جويي صاحب سان آهي، پر
حقيقت ۾، هُو پنهنجن خيالن، احساسن، مشاهدن،
تجربن، فڪر، فن، تخيل، جذبات ۽ اُڌمن جو اظهار
پوري ’هند، سنڌ‘ بلڪ پوري دنيا ۾ موجود پنهنجن
پڙهندڙن سان ڪري رهيو آهي ۽ اُها ئي خوبي سندس خطن
جي هِن مجموعي کي منفرد ۽ موهيندڙ بڻائي ٿي.
شيخ
اياز جي هِن
ڪتاب ۾،
ڪُل
22 خطَ
۽ ڪجهه نوٽ بوڪ جا ٽُڪرا آهن، جيڪي سندس شاعراڻي
ٻولي ۽ تخليقي نثر جو،
نه صرف خوبصورت اِمتزاج
آهن، پر اُنهن
۾ ڪمال جي فڪر انگيزي ۽ فلسفياڻي حِسيت
۽ حُسناڪي
ملي ٿي.
هي مُلڪ
جي مختلف هنڌن ۽ ماڳن مثلا: سکر، ٽيڪسلا، ڪوهه
مري، ڀوربن، سوات، پشاور ۽ سندربن مان مختلف
ڪيفيتن ۾ لِکيل
اياز جا خط، جويي صاحب ڏانهن لِکيل
آهن. اُنهن
خطن جا
موضوع، منظر، اظهار، انداز ۽ بيان هر لحاظ کان
مختلف ۽ منفرد آهن،
رڳو مخاطب
۽ محرڪ
جويو صاحب آهي، ڇو ته اُهي
خط، جويي صاحب، اياز کان ’ٽه ماهي مهراڻ‘ لاءِ
1955ع ڌاري
لِکرايا
هئا،
جيڪي ’مهراڻ‘
جي مختلف پرچن ۾، ’ادبِ لطيف‘ ۽ ’اسان جي شاعر جا
خَطَ‘
جي سِري سان شايع ٿيا،
جنهن تي رجعت پسندن مختلف بهانا گَهڙي، وڏو مَمڻ ۽
ٻَڙڌڪ مَچايو
۽
جويي صاحب ۽ اياز بلڪ سمورن ترقي پسند ۽ روشن خيال
ماڻهن تي پنهنجن تنقيدن ۽ جرحن جا تير وَسايا.
اُنهن خطن خلاف ڪجهه بنياد پرست، مخصوص ۽ محدود
سوچ جي ماڻهن پنهنجن اخبارن ۾، نه رڳو ايڊيٽوريل
لِکيا، پر اياز خلاف تنقيدن ۽ تهمتن جو هڪ سلسلو
شروع ڪيو ويو. اُن سلسلي ۾ جويو صاحب مهاڳ ۾ لِکي
ٿو، ”ڪن صاحبن، ’اسان جي شاعر جا خطَ‘ عنوان مان،
لفظن جي آڙ وٺي، اِها به تهمت گهڙي ورتي ته،
’مهراڻ‘ وارا رڳو اياز کي ئي ’اسان جو شاعر‘ سمجهن
ٿا ۽ ٻي ڪنهن کي شاعر تسليم ئي نه ٿا ڪن“
(15). توڙي جو
’مهراڻ‘ ۾ ٻين تخليقڪارن جا خط پڻ وقت بوقت شايع
ٿيندا رهيا، پر اُنهن تي ڪو به اهڙو ردعمل سامهون
نه آيو، جهڙو اياز سان ڪن ماڻهن جي عداوت سبب هِنن
خطن ڪري آيو. بهرحال اياز سان اُها حَسد ۽ مَسهپ
جي سرد جنگ وڏي عرصي تائين جاري رهي، پر سندس سُون
ــ سريکي سُرت ۽ سگهاري تخليقن اڳيان ڪا به رڪاوٽ
قائم رهي نه سگهي، ۽ اياز جي تخليقن جو اُهاءُ
پنهنجي سُهاءُ سان پڙهندڙن ۽ پارکن جي جيءَ ۾ جاءِ
جوڙيندو ۽ پنهنجي جوت جرڪائيندو رهيو.
حقيقت ۾ اياز جي مخالفت توڙي حمايت ۾ شايع ٿيل
اُهو سمورو مواد هڪ رڪارڊ آهي، هڪ تاريخ آهي، جيڪا
يڪجا ڪري، ڪتابي صورت ۾ سِهيڙي ڇَپائڻ گهرجي، ڇو
ته اُن جي منظرِ عام تي اچڻ سان، اُن دؤر ۽ اُن
دؤر جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ فڪري حالتن کي نه رڳو
سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ وڏي آساني ٿيندي، پر اُن سموري
منظر نامي کي پڙهڻ ۽ پرکڻ کان پوءِ اياز ۽ سندس
شاعريءَ جي پسمنظر ۽ پيش منظر جي چڱيءَ پر سُڌ
پئجي سگهندي.
شيخ اياز جا اُهي خطَ اڳتي هَلي
ڪتابي صورت ۾، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ جي نالي سان
ڇَپيا.
اياز، شاهه لطيف کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهي،
اُنهيءَ ڪري سندس ڊزن کان مٿي ڪتابن جا عنوان شاهه
جي شاعريءَ مان وَرتل آهن. هِن خطن جي مجموعي جو
عنوان به لطيف جي هيٺين شعر مان ورتل آهي، جيڪو
پنهنجي فڪر ۽ تاثر جي لحاظ سان، نه فقط موهيندڙ ۽
مائدار آهي، پر اياز جي داخلي ڪيفيتن ۽ تخليقي
حقيقتن ۽ حُسناڪين جو عڪاس پڻ آهي.
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي،
ڪڙي ڪيف خماريا، مَئي پِي موالي،
ڪري حاصل هليا، ڪيفيت ڪمالي،
وتن وصالي، لُڊاڻئا لوڌي ٿيا.
(شاهه، سُر مومل
راڻو)
هي سڀئي خط، اياز جي
زندگيءَ جي
سفرـ
ڪٿا، مطالعي ۽ مشاهدي جي نچوڙ سان گڏوگڏ
سندس آپ بيتيءَ جو حصو محسوس ٿين ٿا،
ڇو ته اُنهن ۾ هُن جي فڪري، ادبي ۽ فلسفياڻي خيال
آرائي کان علاوه سندس اندر جا انيڪ اُڌما، سندس
ذات ۽ زندگيءَ جا ڪيئي قصا ۽ احساس پڻ اوريل آهن.
شيخ اياز جي هِنن
22 خطن مان،
اَٺَ خط سندس روماني ڪيفيتن جي ڀرپور عڪاسي ڪن
ٿا. حقيقت ۾ اياز پيار ۽ پياس جي مِٽيءَ مان ڳوهيل
هڪ اهڙو نرالو شخص ۽ شاعر آهي، جنهن جو جياپو ۽
جياپي جو جواز ’محبت‘ آهي ۽ محبت ئي هُن جي عبادت
به آهي، ته رياضت به آهي.
هُو پنهنجي هڪ خط ۾، محبت بابت لِکي ٿو، ”محبت،
جسماني خواهه روحاني، شرعي خواهه غير شرعي، منهنجي
نظر ۾ عبادت جو درجو رکي ٿي. هر انسان جي زندگيءَ
۾ ڪي اهڙا انسان اچن ٿا، جن سان هُو محبت ڪري ٿو.
منهنجي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙا انسان آيا آهن، ۽
عشقيه ڪلام چوڻ وقت منهنجي روح تي به ڪنهن نه ڪنهن
پرينءَ جا پاڇا ضرور پوندا آهن...منهنجي ’محبت‘
سان وفا آهي، ’وفا‘ سان محبت نه آهي“
(16).
اياز جي
ڪجهه خطن ۾ سندس بچپن جون يادگيريون، ادب ڏانهن
رغبت ۽ پيار سان پاند اَٽڪڻ جا قصا آهن. چند خط
سنڌ جي تاريخ، تهذيب جي پسمنظر ۽ سنڌي ماڻهن سان
اُنيست جي جذبي تحت لکيل آهن، جن ۾ اياز اَروڙ ۽
سکر جي تاريخي ماڳن تان جويو صاحب سان اندر اوريو
۽ تاريخ جي ورقن کي ورايو آهي. هُو
هڪ خط ۾ لِکي
ٿو، ”ڪالهه سارو ڏينهن اروڙ ۾ گذريو. اسان محمد بن
قاسم جي تعمير ٿيل مسجد وٽ بيهي، هيٺ تليءَ جي
ميدان ڏانهن ڏسي رهيا هئاسين، جتي راڻي لاڏي عربن
سان وِڙهندي
مُئي هئي ته،
اُن
وقت مِينهن
ڦڙيون وَسيون ۽ ڪاريون گهٽائون آسمان ۾ زخمي هاٿين
وانگر راڙا ڪنديون، ڌوڪينديون آيون. منهنجو دوست
هڪ پهاڙي ٻُوٽو
پَٽي
آيو ۽ مون کي ڏيکاري چيائين ته،
’هيءُ
سُنگهي
ڏِسُ‘.
مون اُن
کي سنگهيو ته،
اُن
مان تِکي
تِکي
سُهاڳ
رات جهڙي سُڳنڌ
اچي رهي هئي. هُن
مون کي ٻڌايو ته، اُن
ٻوٽيءَ کي اروڙ جا رهواسي ’مَدن
مَست‘
چوندا آهن......چوَن
ٿا ته،
جتي لاڏيءَ جي رَتُ
ڪِري هئي، اُتي
پهريون ڀيرو مدن مست جا ٻوٽا ڦُٽا هئا، اُن
وقت کان اروڙ ۾ رسم آهي ته،
سنڌي ڪنواريون پَرڻي
رات، اُهي
ٻوٽا سيرانديءَ کان رکي سُمهنديون
آهن“ (17).
اياز جو سنڌ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن سان انوکو اُنس
۽ عشق هُجڻ کان علاوه سنڌو نديءَ سان پڻ نرالو
نينهن آهي. هُو پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو، ”سنڌو کي
اسان ديويءَ وانگر پوڄيندا آهيون. اُن ۾ اسان جون
هندو عورتون اَکا اُڇلي، ’جهولي لال، جهولي لال‘
چونديون آهن... منهنجو گهر سکر ۾ سنڌو نديءَ جي
ڪناري تي آهي، جڏهن ويساک ۾ پاڻي پنهنجي ڦوهه ۾
ايندو آهي ته، مان پنهنجي گهر جي ڀِتِ تي بيهي،
چنڊ کي ڇولين جي ڏولين ۾ ڏسندو آهيان، مون کي
محسوس ٿيندو آهي ته، منهنجي ڪوتا سنڌوءَ جي امر
سرتي آهي، اُن ۾ به ساڳيون ڇوليون ۽ ڇوهه آهي،
ساڳيو پهچ کان پري چنڊ لاءِ پيار آهي“
(18).
.شيخ اياز جي هِنن خطن ۾، شاعراڻي نثر جي نزاڪتن ۽
نفاستن کان علاوه ڪائنات جي حُسن ۽ حقيقتن بابت
ڪيئي اهڙيون فلسفياڻيون ۽ ڳوڙهيون ڳالهيون ملن
ٿيون، جن مان سندس دانشوراڻي فهم، فڪر ۽ اِدراڪ جي
سُڌ پوي ٿي. هُو پنهنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته، ”هِن
رنگا رنگ ڪائنات جو ڪوئي اَنت نه آهي، اُها نه
شروع ٿي آهي، نه ختم ٿيندي. نه ان جي مڪان ۾ ابتدا
۽ انتها آهي، نه زمان ۾، اها اُتي ۽ ائين آهي، اتي
۽ ائين رهندي، نه اُن جي حُسن ۾ ڪَمي اَيندي، نه
حيرت افزائيءَ ۾، ڪير ٿو چوي ته، هيءُ جهان فاني
آهي؟ هيءُ جهان باقي آهي، ازلي آهي، ابدي آهي. اي
شاعر! اُنهيءَ هم حيرت، هم حُسن ۾ محو رهه، ته
تنهنجي شاعريءَ کي ابديت ملي وڃي“
(19).
اُن
کان پوءِ ٽي خط سوات، ڇهه خط ڪوهه مَري،
ٽِيڪسلا
۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي تهذيب، بي مثال فن، ۽ اُتان
جي تاريخي پسمنظر بابت آهن، جن مان هڪ خط ۾ اياز
ٽيڪسلا ميوزم گُھمڻ
جو احوال ڏيندي لِکي
ٿو، ”ٽيڪسلا جو عجائب گهر پنهنجو مثال پاڻ
آهي.گوتم ٻُڌ جا حسين مجسما جابجا رکيا هئا. جيترو
اطمينان ۽ سڪون گوتم جي مُنهن مان نڪري، انساني
روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو، ايترو شايد ئي ٻي
ڪنهن انسان جي مُنهن ۾ هجي. ڪيترو نه رحم، نرمي،
خلوص ۽ اطمينان آهي هِن
جي چهري ۾! مون ائين محسوس ڪيو ته،
منهنجي روح کي چانڊوڪيءَ جي چادر ۾ ويڙهي، ڪوئي
لولي ڏئي رهيو هو. هُن
جي اکين ۾ مقناطيسي ڪشش هئي....ڪا گهڙي ته مان هن
کي حيرت ۽ خاموشيءَ سان تڪيندو رهيس، ۽ پوءِ هن جي
مٿي تي هٿ گهمائي چيم، ڀڳوان! تون واقعي بي حد
حسين آهي، پر جنهن بت تراش توکي گهڙيو آهي، تنهن
جو روح توکان به وڌيڪ حسين هو. اُن
جي هٿن ۾ اُها
نِرواڻ
هئي، جا هُن
تنهنجي چهري کي بخشي آهي. تون ڀُلي ٿو وڃين ته،
تون پٿر هُئين ۽ منهنجي فنڪار ڀاءُ توکي اُهو
وجود، اُهو
حُسن ۽ اُها
ڪشش بخشي آهي“ (20).
اُن
کان علاوه هِنن
خطن ۾، اردو، پنجابي، پشتو، بلوچي، بنگالي، هندي،
فارسي، جپاني، سرائيڪي،
سنڌي ۽ ٻين مشرقي ۽ مغربي زبانن جي ادب جو ذڪر فڪر
به جهجهو
ملي ٿو.
اياز سنڌي ادب جي فڪري آسودگي ۽ تهذيبي پسمنظر کان
نه رڳو تمام گهڻو مرغوب آهي، پر اُن جي فني وسعت،
تخليقي سگهه ۽ جمالياتي حُسناڪيءَ کان پڻ بيحد
متاثر آهي، اُنهيءَ ڪري ئي هُو پنهنجن متقدمين جي
پورهئي مان مطمئن هجڻ جو احساس اوريندي، مرزا قليچ
بيگ لاءِ پنهنجي هڪ خط ۾ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو
اظهار هِن ريت ڪري ٿو، ”قليچ بيگ اسان جي ادبي ذوق
۽ انقلاب جو باني هو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي شعور
جا قالين اُکيليندو آهيان ته، اُنهن ۾ ٻه ٽي رنگين
ڌاڳا قليچ جا به مِلندا آهن... شاهه لطيف کان پوءِ
مرزا قليچ سنڌ جي عظيم ترين ادبي شخصيت آهي“
(21).
اياز جي
خطن ۾ ڪوهه مريءَ ۽ ڀوربن جي فطري حُسناڪين جا
موهيندڙ منظر به آهن ته،
اُتان
جي ماڻهن جي جيوت، جفاڪشي ۽ درد ڀري ڪٿائن جو عڪس
۽ احساس به آهي. توڙي جو اياز جا هي خط هڪ مخصوص
مقصد ۽ طلب تحت لِکيل
آهن، پر ان جي باوجود اُنهن
۾ جذبي جي اُڇل، فڪر جي فراواني، مطالعي ۽ مشاهدي
جي ڪشادگي، اظهار جي فطري بي ساختگي ۽ اندازِ بيان
جي اهڙي نِرملتا
آهي، جو اُها
پڙهندڙ کي پنهنجي سَحر
۽ سُندرتا
۾ جڪڙي ڇڏي ٿي.
اياز جي هِنن
خطن ۾، سندس تخليقي جوهر جي تازگي، اَڇوتي تشبيهن
۽ لفظي روانيءَ جو نِرالو
رنگ مِلي
ٿو، جنهن ۾ خيال ۽ احساس جي شاعراڻي خود ساختگي به
آهي ته،
فڪر جي نرملتا ۽ اظهار جو ابلاغ به پوري توازن ۾
نظر اچي ٿو.
حقيقت ۾ اياز جا هِي خط ،نثر ۾ شاعريءَ جو رنگ ۽
روح رکندڙ آهن ۽ اُنهن ۾ هُو هڪ مزاحمتي ۽ بي ڊپي
تخليقڪار طور اُڀري سامهون اچي ٿو. اُهو ئي سبب
آهي جو، سندس خطن جي هِن خوبصورت ۽ تخليقي ڳُٽڪي
تي، وقت جي آمر حڪمرانن پاران نه صرف پابندي عائد
ڪئي وئي، پر اُن جي پاداش ۾ اياز کي پڻ جيل جون
صعوبتون برداشت ڪرڻيون پيون.
سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي شاعريءَ تي، اياز جي
شعري ڊڪشن ۽ فڪر جو ايترو ته گهرو اثر آهي، جو
اُها وڻ ويڙهيءَ جيان اُن جي سَحر ۾ وِيڙهيل محسوس
ٿئي ٿي. ساڳيءَ ريت سندس نثر ۾ به اهڙي جوت،
جاذبيت ۽ رنگيني آهي، جو اُهو نه رڳو عام پڙهندڙن
جي دلين کي ڌڙڪائي، گرمائي ۽ جهومائي ٿو، سندن
شعور ۾ بي چيني ۽ فڪري لوچ جي عجيب تانگهه ۽ تڙپ
بيدار ڪري ٿو، پر هُن جي تخليقي نثر جو اسلوب ۽
انداز انيڪ سنڌي نثر نگارن جي تحريرن ۽ تخليقن ۾
جهلڪندو محسوس ٿئي ٿو.
شيخ اياز جا هي خط مختلف موضوعن تي لِکيل آهن، جن
۾ ادب، شاعري، آرٽ، تاريخ، سياست، محبت، سماجيات،
نفسيات، فلسفو ۽ فطرت جي منظرنگاري وغيره شامل
آهن. اُهي خط 1955ع کان 1962ع جي وچ واري عرصي
دؤران لِکيا ويا آهن، جيڪي نه رڳو ورهاڱي جي هاڃن
۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جي حالتن جي ڪيترين ئي حقيقتن
کي عيان ڪن ٿا، پر ملڪ جي مڙني صوبن جي ماڻهن جي
معاشي حالتن، بُکَ، بَدحالي، بي چيني ۽ بي وسيءَ
جو چِٽو عڪس به پيش ڪن ٿا. حقيقت ۾ هي خط هڪ دؤر
جي تاريخ ۽ اُن جو دستاويزي رڪارڊ آهن، جن جي گهري
مطالعي سان، نه صرف ٻولي ۽ ادب جي وسيع جهان جي
حيرتن ۽ حُسناڪين کي ماڻي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو،
پر اُنهن مان ڪيترين تاريخي صداقتن جي سُڌ پڻ پلئه
پوي ٿي.
جويي صاحب گھڻو ڪري، اياز جي
اڪثر
شعري مجموعن جا مهاڳ لِکيا
آهن، پر اياز جو هيءُ
پهريون نثري ڳٽڪو آهي، جنهن تي
ابراهيم جويي
مهاڳ لکيو
آهي.
ابراهيم، اياز جي خطن جي هِن
ڪتاب جي مهاڳ ۾، اُنهن
خطن جي لِکجڻ
جي پسمنظر، خطن جي تاريخ وار تفصيل، اُنهن
جي ادبي اهميت ۽ افاديت جي تفصيلي بيان سان گڏوگڏ
آخر ۾ اياز جي هِن
تخليقي پورهئي جي حوالي سان فرانس جي عظيم مصور
پال گاگن جا اُهي
لفظ وَرجايا
آهن ته،
’ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي اُن
ماڻهوءَ جي تشريح آهي‘
۽
لِکيو
آهي ته،
”اياز جو هيءُ
ڪتاب اياز جي هٿن جي حاصلات آهي. اياز جي تشريح
اياز جا هي خط آهن“(22).
مهاڳ توڙي جو مختصر ۽
گهڻو ڪري
رسمي تفصيل رکندڙ آهي،
اُن ۾ اياز جي نثر جي نزاڪتن ۽ فڪري دانشمنديءَ جي
ڪنهن به پهلوءَ ۽ پاسيءَ تي ڪا خاص روشني نه وڌي
وئي آهي، بلاشبه ابراهيم جويو، اياز جي شاعري توڙي
نثر جي مِڙني پهلوئن تي علميت ۽ ڀرپوريت سان
ڳالهائي سگهڻ جي سُرت ۽ بصيرت رکي ٿو، جنهن جي
ثابتي اياز جي ڪتابن تي لِکيل سندس ڪيترن ئي مهاڳن
۾ مِلي ٿي،
پر
هِن مهاڳ ۾، جويي صاحب فقط اياز جي خطن لِکڻ جي
مُحرڪن، مقصدن ۽ اُنهن جي پڙهندڙن وٽ مقبوليت ۽
ڪجهه ڌُرين پاران اياز جي اُنهن خطن خلاف ايندڙ
منفي ردعمل ۽ روين جي بيان تي اڪتفا ڪيو آهي.
اُن
جي باوجود
جويي صاحب مهاڳ جي
اختتام ۾،
اياز ۽ اُن جي علمي، ادبي ۽ تخليقي پورهئي جي
حوالي سان
پال گاگن جا
جيڪي لفظ
وَرجائيا
آهن، اُهي سچ پچ ته، ايترا سگهارا، جامع ۽ اثرائتا
آهن، جو اُهي
مُهاڳ
جو روح بڻجي، سموري ڪتاب جي معنى ۽ مقصديت جي سمنڊ
کي ڄڻ ته ڪوزي ۾ سمائي ڇڏن ٿا.
2.
جل جل مشعل جل جل
(1967ع)
شيخ اياز جو عملي طور گھڻو ڪري شهري زندگيءَ سان
واسطو ۽ واهپو رهيو، پر حيرت جي ڳالهه اُها
آهي ته،
هُن
جي اڪثر شاعريءَ ۾،
ٻهراڙيءَ جي فطري زندگي، قدرت جي مظهرن ۽ اُتان
جي جيوت جو لوڪ رنگ ۽ روح ڌڙڪندو محسوس ٿئي ٿو.
سندس شاعريءَ جي هِن
مجموعي، ’جل جل مشعل جل جل‘ ۾ پڻ ٻهراڙي جي ماحول
۽ منظرن جي نقش ڪشي جهجهي ملي ٿي. اياز پنهنجي هِن
شعري
مجموعي
۾، جهڙيءَ طرح پنهنجي مشاهدي ۽ محسوسات جو تُز ۽
تخليقي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي، اُهو
سچ ته قابلِ تعريف ۽ قابلِ تحسين آهي.
’جَلُ جَلُ مشعل، جَلُ جَلُ‘ دراصل اياز جو سيپٽمبر
1966ع کان مارچ 1967ع تائين جي عرصي ۾ چيل ڪلام
آهي، جيڪو بيتن،
وائين، غزلن، گيتن، لوڪ گيتن، نظمن ۽ آزاد نظمن تي
مشتمل آهي، جنهن جو مهاڳ
محمد ابراهيم
جويي لِکيو
آهي. هيءُ
ڪُلُ
ڇهن صفحن جو مهاڳ آهي، پر جويي صاحب، پنهنجي فڪري
دانشمندي،
علمي
سُچيتائي
۽ احساساتي حِسيت
سان، جهڙيءَ ريت اياز جي شاعريءَ جي ٻوليءَ
جي حُسناڪي، اُن
جي علامتي انداز، موسيقيت،
لوڪ ڏاهپ،
شاعراڻي تصورن، تخيلي احساس ۽ تخليقي اندازِ بيان
بابت پنهنجا وِيچار
وَنڊيا
۽ سندس شاعريءَ جو تجزيو ڪيو آهي، اُهو
ڪمال جي نُدرت ۽ نواڻ
رکندڙ آهي.
حقيقت ۾ عملي طرح جويو صاحب پاڻ نه باضابطا شاعر
هو، نه فڪشن رائيٽر (توڙي جو اُن حوالي سان سندس
ڪجهه تخليقون مِلن ٿيون، پر هُن جي اصل ۽ حاوي
سُڃاڻپ نقاد ۽ دانشور واري آهي)، اُنهيءَ ڪري هُن
وٽ تخليقن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جو پنهنجو هڪ نِرالو
شعور ۽ ادراڪ آهي. هُن جو تنقيدي شعور گهڻ طرفو،
گهرو ۽ تجرباتي تخليقيت سان مالامال آهي، جيڪو
گهڻو ڪري عقلي ڏاهپ، سماجي ڪارج، ڌرتي ۽ قوم سان
وابستگي، ترقي پسند سوچ ۽ فڪري اهميت جي نقطن تي
آڌارڪ آهي. هُن وٽ شاعريءَ کي پرکڻ، محسوس ڪرڻ،
اُن مان محظوظ ٿيڻ ۽ مفهوم جا هِيرا هٿ ڪرڻ جا پڻ
پنهنجا هُنر، طريقا ۽ ماپا آهن. هُو اياز جي
شاعريءَ جي فني پاسن کي گهٽ ڇُهي ۽ اُن جي باريڪين
تي گهڻي قدر سرسري نگاهه ڌري ٿو، ڇو ته هُو عملي
طرح سِرجڻهار نه هئڻ ڪري، شاعريءَ جي فني باريڪين،
خاص طرح سان عروض ۽ ڇند وِديا جي علم کان ايترو
آشنا نه آهي، جنهن جو هُو پاڻ پنهنجي مهاڳ ۾ پڻ
اِقرار ڪندي لِکي ٿو، ”اياز جي شعر جي فني عظمت تي
علمي طور ڪي ڄاڻو ئي لِکي سگهن ٿا“ (23).
هُو وڌيڪ لِکي ٿو: ”اياز پنهنجي شعر جي فني هيئت
تي پاڻ هڪ جدا تفصيلي مضمون لِکي رهيو آهي....هِن
موضوع تي منهنجي پنهنجي ڄاڻ ڪا خاص نه آهي ۽ اُن
سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ لِکڻ مناسب نه ٿو سمجهان“
(24).
اُن جي باوجود هُن، اياز جي شاعريءَ جي تفهيم ۽
تشريح، جنهن مفڪراڻي انداز ۽ فنڪاراڻي نموني، عصري
تقاضائن کي سامهون رکي، اثرائتي اسلوب ۽ پيرايي ۾
ڪئي آهي، اُها فڪري ۽ سماجي ڪارج جي لحاظ کان تمام
گهڻي ڪارائتي، مُفيد ۽ احساساتي حوالي سان موهيندڙ
۽ متاثر ڪندڙ آهي.
جويي صاحب جو ذهني لاڙو قوم پرستيءَ طرف هو، پر
فڪري ۽ نظرياتي طرح سيڪيولر ۽ ترقي پسند هو،
اُنهيءَ ڪري اياز جي شاعريءَ جو تجزيو به گهڻي قدر
اُن ئي زوايي ۽ پسمنظر ۾ ڪيو اٿائين. جڏهن ته اياز
فڪري طرح ترقي پسند، وطن پرست ۽ تصوف ڏانهن مائل ۽
فني طور ’تخليقيت ۽ نُدرت‘ جو قائل هو. اُهو ئي
سبب آهي، جو سندس شاعريءَ ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو ’نعري
بازي‘ جو عنصر به مِلي ٿو، تڏهن به اُن ۾ ڪمال جي
تخليقي بي ساختگي ۽ فني حُسناڪي نظر اچي ٿي.
شيخ اياز پنهنجن تخليقي ڪيفيتن بابت لِکي ٿو، ”مون
محسوس ڪيو آهي ته، مون ۾ بُت تراش جو جنون آهي.
بُت تراشيءَ لاءِ جذبات جي شدت، خون جي گرم روي ۽
جانڪيءَ جي ضرورت آهي. تخليق کان پوءِ مُصور جا هٿ
رنگ ۾ ٿڦيل نظر ايندا آهن، پر بُت تراش جا هٿ،
ڇيڻيءَ تي زَبرا ڌَڪَ هڻي، لهو لهان ٿي پوندا آهن
۽ وري پٿر ۾ پيهي، ٻي مورتيءَ کي ڇِڪي اچڻ لاءِ
اُنهن چِٿيل چچريل هٿن کي ڪجهه آرام جي ضرورت
محسوس ٿيندي آهي. شعر جي واقعي شعر آهي ته، هر
سِٽَ شاعر جي هڏي جي مِکُ آهي. اُن جي تخليق ۾
جسماني ڪاوش به ايتري ئي آهي، جيتري روحاني.
سِرجڻهار جي سَرير ۾، هر نئين سِٽَ ائين ڦِرندي
آهي، جيئن ڪائي شيءِ جنڊيءَ تي ڦِرندي هجي“ (25)
اياز پنهنجي شاعريءَ جي تشريح ۽ تنقيد جي حوالي
سان، ابراهيم جويي کان تمام گهڻو مرغوب ۽ متاثر
هو، پر پنهنجي مَن موجي ۽ شاعراڻي طبيعت سبب ڪٿي
ڪٿي جويي صاحب جي راءِ سان اختلاف به ڪري ٿو.
پنهنجي شعري مجموعي،
’جَلُ جَلُ مشعل، جَلُ جَلُ‘
تي لِکيل جويي صاحب جي مهاڳ ۾، سندس ڏنل ڪنهن راءِ
سان سخت اختلاف ڪندي، هُو حميد سنڌيءَ ڏي لِکيل
پنهنجي هڪ خط ۾ لِکي ٿو، ”ابراهيم اُهو مهاڳ لِکي،
منهنجي ڏات جي ستياناس ڪرڻ جي پُرخلوص ڪوشش ڪئي
آهي. ابراهيم ايترو ته وڏو آهي، جو مون کي هُن جي
هر فتوى قاضيءِ ازل جي فتوى وانگر لڳندي آهي، پر
هِن ڀيري هُن جا، فتوى ڏئي، مون کي زندگي جاويد جي
سزا ڏني آهي، جا مون کي قبول نه آهي. مان جوت جو
ڳنڍ ــ ڪپ نه آهيان، مون لاءِ پنهنجي جِندڙيءَ جي
ڳٺڙي ڪافي آهي. جڏهن ڪوچ جو سنک وَڳو، تڏهن مان
اُها ڳَٺڙي ڇَنڊي، هٿين خالي نڪتو ويندس“ (26).
هِن شعري ڳُٽڪي جو مواد ۽ اُن جو پسمنظر گهڻو ڪري
ٻهراڙي ۽ ٿر سان تعلق رکندڙ آهي، جنهن جو ذڪر
ڪندي،
جويو
صاحب
مجموعي جي مهاڳ ۾ لِکي
ٿو،
”آگسٽ
1966ع ۾ اياز سان گڏ ٻه چار دوست ٿر گُهمڻ
وياسين. مينهن وُٺا هئا، پر نه جهڙا. ٿر جي ماڻهن
کي پنهنجا پنهنجا رُڃائتا کيت کيڙيندي، ۽ همرچا
ڳائيندي ڏٺوسين ۽ ٻُڌوسين. ٿر جي مورن جون رڙيون
به ڪٿي ڪٿي ٻُڌيونسين،
جن مينهن کي پئي سَڏ
ڪيا، ۽ ٿر جي مارن جون اُڃايل دليون اُنهن
کي ڪَنائي،
بَهار
بَهار
پئي ٿيون، پارڪر، ڪارونجهر.....، لاڙ، مَڪلي
۽ ڪينجهر جي مسڪين مُهاڻن جا درد ڀريا داستان
ٻُڌاسين، جن جو شاعر جي دل تي تمام گھڻو ۽ گِهرو
اَثر
ٿيو ..... ٿوري ئي عرصي ۾،
ڀَريل
دل ۽ اُڌميل آواز ۾ سندس ڪوتا اسان جي اڳيان آئي.
نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا!
اَسارا اَسارا، ڪينجهر جا ڪنارا !
اڃا رُڃَ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجهين، مُئا مور سارا!
اَڙي هي اُمارا! مُئي ناهي مڪلي،
اياز اڄ وتاسي، پٿر جا پنارا!
اياز جي شعر جي هيءَ موتين مُٺ، ’جَلُ جَلُ مشعل،
جَلُ جَلُ‘، سر زمين سنڌ جي اُنهيءَ
ٿر ۽ لاڙ جي ياترا کان پوءِ جي مِيڙيل
آهي. ادب شناس پڙهندڙن کي اُن
۾،
ٿر ۽ لاڙ جو وَڙاءُ ۽ وَرنُ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندو“
(27).
جويو صاحب، اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقي
واري پهلوءَ کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هُو سندس
شاعريءَ ۾ ترنم واري خوبي کي روايتي ۽ رواجي نه،
پر غير معمولي ۽ فطري ڪوٺيندي، اُن
حوالي سان لِکي
ٿو
ته،
”اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف
اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت
ڪانهي، ڇو ته اُن
کي پڙهندي ۽ ٻُڌندي، ازخود اُن
جي لَئي
۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اُها
فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، اُن
تي ڪجهه ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي“
(28).
اُن
سلسلي
جويي صاحب پنهنجي
مهاڳ ۾،
اياز جي شاعريءَ جي موسيقيءَ
جي باريڪين ۽ نفاستن تي انتهائي مفصل نمونيءَ سان
روشني وجهندي، سندس شاعريءَ ۾،
حرف تجنيس، مُقرر
۽ اندروني قافين، روان رديفن، صوتي آوازن، تڪراري
لفظن، ۽ ترنم جي ٻين ڪيترن ئي ذريعن کي زيرِ
بحث آڻيندي، مثالن سان اياز جي مترنم شاعريءَ کي
سمجهائڻ ۽ اُن
جي
مختلف
پهلوئن ۽
رُخن
کي عيان ڪرڻ جي
ڀرپور
ڪوشش ڪئي
آهي.
اُن
کان علاوه ٻولي جي نزاڪتن ۽ علامتن، خاص ڪري اياز
جي شاعريءَ جي عوامي ۽ انقلابي علامتن ۽ سندس
شاعريءَ جي ٻوليءَ جي اثرانگيزيءَ وارن پهلوئن تي
ڳالهائيندي، ۽ سندس شاعريءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو
ڪرشمو ڪوٺيندي، جويو صاحب هِن مهاڳ ۾ لِکي
ٿو
ته،
”اياز جون علامتون اُهي
آهن، جن کان هن جو عوام چڱيءَ طرح آشنا آهي. اُنهن
علامتن وسيلي هُن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جو اظهار
ڪيو آهي.....اياز جي ٻولي به عوام جي ٻولي آهي ۽ اُن
۾،
هُن
پنهنجي ماضيءَ جي روايت ۽ مستقبل جي تصور جو اظهار
بي ساختگيءَ سان آندو آهي.......اياز جي شاعري،
سنڌي ٻوليءَ جو هڪ معجزو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما
جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن،
تڏهن اُهي ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دؤر
جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اَٽل سبب بنبا آهن“(29).
اياز بلاشبه پنهنجي دؤر
جي ڪايا پلٽ جو داعي ۽ جويو صاحب اياز جي تخليقي
آواز ۽ شاعراڻي اظهار جو بهترين مبلغ ۽ شارح
آهي، جنهن جو گواهه سندس هيءُ
پُرمَغز
۽ مائدار مهاڳ آهي.
3.
هي گيت اُڃايل مورن جا
(1968ع)
شيخ اياز جو فيبروري 1968ع جي عرصي دوران رَچيل
هيءُ
ڪَلام،
جيڪو 47 گيتن تي محيط آهي، ۽ اُن
جو مُهاڳ
جويي صاحب لِکيو
آهي. هِن
مهاڳ ۾،
جويي صاحب اياز کي هڪ اهڙي جوهريءَ سان ڀيٽ ڏني
آهي، جيڪو فڪر ۽ فن جي حَسين
موتين جا ٿال ڀَري،
بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجي عوام کي آڇي ٿو. هُن
جا رسيلا گيت، اُنهن
جو فڪري رنگ ۽ روح ماڻهن جي مَن
کي موهي به ٿو ته،
سندن شعور کي بيدار ڪري، جذبن کي ڀَڙڪائي،
غاصبن ۽ اِستحصالين
سان سِينو
ساهڻ جو ساهس به پيدا ڪري ٿو.
جويو صاحب، اياز جي ڪيترين ئي تخليقي ڪيفيتن ۽
ڪارنامن جو عيني گواهه رهيو آهي. هُن اياز سان نه
رڳو سنڌ جي جهر جهنگ، ٿر، بَر
۽ بَحر
جا سير ۽ سفر ڪيا آهن، پر سندس شاعريءَ جي انيڪ
احساساتي ۽ تخليقي مَسافتن
جي پنڌن ۽ پيچرن جا پيرا به تلاش ڪيا آهن. ون يونٽ
واري قهري دؤر
۾، اياز پنهنجي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو. هُن
پنهنجي گرجدار ۽ سگهاري آواز سان ڪيترن ئي سنڌ
دشمن ماڻهن جي دلين کي دَهڪايو
۽ سندن ڪوٽن جي ڪنگرن کي لُوڏيو
۽ لَرزايو.
اُن
دؤر
۾ جويي صاحب کي پڻ ’سنڌ
پرستيءَ‘
جي سزا ۾،
حيدرآباد کان جيڪب آباد بدلي ڪيو ويو، جتي اياز پڻ
ڪجهه عرصي لاءِ وٽس رهيو ۽ شاعري ڪئي، جنهن بابت
جويو صاحب لِکي
ٿو
ته،
”هي گيت اُڃايل مورن جا، جبل تان لَهندڙ
ڪنهن مَست
نئن وانگر، اَٺن، ڏَهن
ڏينهن ۾ جُڙي راس ٿيا، جن جي رواني ۽ مُوج،
مون تقريبا هر روز ڏٺي،
۽ جن جو مَد
مَست
آواز مون هر روز ٻُڌو. اُها
منهنجي مخالفن جي مون سان مِهر ٿي، جو بيمار سنڌ
جي پيرانديءَ کان اُٿاري، اُن
جي سيرانديءَ کان ويهڻ جو شرف ڏنائون، ۽ ائين
ٻيهر، عمر جي پوئين دؤر
۾، سنڌ جي هِن
اَجهل ۽ اَمر آواز، منهنجي ماکيءَ کان مِٺي ۽
موتين کان آَملهه دوست جي ايڏي قريب رهڻ جو وَجهه
مِليم“
(30).
گيتن جي هِن
مجموعي جي نالي، ’هي گيت اُڃايل مورن جا‘ جي تشريح
ڪندي،
جويو صاحب لِکي
ٿو، ”گيتُ، دانهن، فرياد يا سَڏَ
جي علامت آهي، مورُ وطن دوست انقلابيءَ جو اُهڃاڻ
آهي ۽ مور جي اُڃ کي آزاديءَ ۽ انقلاب جي پياس ۽
خواهش چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هِي
گيت سنڌيءَ ۾ آهن ۽ سنڌ جي شاعر پنهنجي وطن جي
بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جي پسمنظر ۾ چيا آهن، تنهن ڪري
هِي
گويا سنڌ جي وطن دوست انقلابين جا،
آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ فرياد يا سَڏَ
آهن“(31).
شيخ اياز جي شاعريءَ جي هِن
مختصر مجموعي جي مهاڳ ۾، جويي صاحب انتهائي
ڪارائتيون ۽ فڪري نوع جون ڳالهيون ڪيون آهن. اياز
جي گيتن جي ٻولي، اُن
جي فني گھاڙيٽن، تخليقي تجربن، گيت جي خالص سنڌي
روايتن، سندس گيتن جي آزاد ۽ جهرڻي جهڙي تازي
ترنم، سادي، رسيلي، رنگين ۽ معصوم خيال ۽ خوبصورت
آهنگ تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. اُن
سان گڏوگڏ
سندس گيتن ۾،
استعمال ٿيل بي شمار نين ترڪيبن جهڙوڪ: ’اَواڪ
اُڃ، ڪنٺ ڪٺورن جا، سپني ول، تارون ۾ تلوارون،
آنڌيءَ ۾ آکيرا، ڌرتيءَ تي دستارون، ڇپر مان ڇاٽ،
چنگ جي چڻنگ، گلابي گھڙيون، ماڪ مهل، لهوءَ جي ندي
۽ گهنڊ گناهن جا‘،
جو ذڪر ڪندي، اياز جي هڪ گيت، ’سرمد ڇا ٿو سوچي‘
جي جهڙي سُندر
۽ فلسفياڻي نموني سان فڪري تشريح ڪئي آهي، اُها
ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ قابلِ داد آهي.
بقول جويو صاحب:
”تارونءَ ۾ تلوارون جي ترڪيب، فتوى باز مُلن جي
زبانن لاءِ استعمال ٿيل آهي. زبانن کي تلوارن سان
تشبيهه ڏئي ۽ اُنهن
جي چوٽين کي تارونءَ ۾ کُتل چئي، متعصب مُلن جي اُنهيءَ
پريشانيءَ ۽ حيرت کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين
سرمد تڏهن به وڌو هو ۽ هاڻي به هُو
آهن ۽ تارونءَ ۾ تلوارون لڳايو، سوچ ۾ ورتا ويٺا
آهن ته،
سرمد تي آخر ڪهڙي ۽ ڪيئن ڪا يڪ تُڪائي فتوى ڪڍي
وڃي. فن جي ڪمال جو هيءُ
گيت هڪ عجيب مثال آهي. هِن
سڄي گيت ۾، تاريخ جي اُن
ڀيانڪ ۽ روح مُٺ ۾ آڻيندڙ گھڙيءَ کي، صديون گذريل
وقت جي پاتال مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، هڪ بت
تراش يا رنگن جي چترڪار وانگر اهڙي دائميت ڏني
ويئي آهي، جو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اُها
هوبهو اڄ به اسان جي آڏو بيٺي آهي“
(32).
اُن
کان علاوه هِن
مجموعي جي مهاڳ ۾، اياز جي هڪ ٻي ننڍڙي علامتي
گيت، ’ڪتا ڀونڪن‘ جي پڻ جويي صاحب نرالي ۽ نئين
نوع جي تشريح ڪئي آهي، جيڪا نه رڳو اُن
دؤر
جي حالتن جي عڪاسي پيش ڪندڙ آهي، پر جديد دؤر
جي مُلڪي
۽ عالمي سياسي منظر نامي جو عڪس ۽ احساس محسوس ٿئي
ٿي. ٻارنهن صفحن تي مشتمل هيءُ
مهاڳ، نه صرف اياز جي شاعريءَ جي فڪري ۽ فني
پهلوئن جي نئين ساڃاهه ۽ سُرت
جي حوالي سان پڙهندڙن
کي گھڻو ڪجهه آڇي ٿو، پر شاعريءَ جي پارکن
۽ نقادن
کي پڻ نئين جمالياتي ۽ فڪري زاوين سان،
اياز جي
شاعريءَ جي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس جي دعوت ڏيئي ٿو.
4.
ڪي جو ٻيجل ٻوليو
(1970ع)
شيخ اياز جو هيءُ
اُهو
شعري مجموعو آهي، جيڪو حڪومتي آمريت هٿان سندس ٽن
ڪتابن، ’ڀونر ڀري آڪاس‘، ’ڪُلهي
پاتم ڪينرو‘ ۽ ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ جي ضبط ٿيڻ
کان پوءِ 1970ع ۾ منظرِ عام تي آيو. اياز اُن
سياهه آمريتي ۽ جبر جي دؤر
۾، هِيسجي
۽ حِراسجي،
مُنهن مونن ۾ هَڻي
وِيهي
رهڻ بدران بي ڊپائي ۽ جرئت سان، نه رڳو جابرن ۽
لُٽيرن کي للڪاريو، پر پنهنجي ڌرتيءَ
۽ پنهنجن ماڻهن جي آزاد جياپي لاءِ ههڙا انقلابي ۽
مزاحمتي گيت به سِرجيا.
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!
جئن زمينَ آسمانَ
جي کُلي
پئي زبانَ،
ڪُنڊَ
ڪُنڊَ،
چونڪُ چونڪُ،
شَهرُ
شَهرُ،
ڳوٺُ ڳوٺُ،
جئن ڏئي اُٿي جواب ــ انقلاب!.....
شيخ اياز اُن
دؤر
۾،
ايترو تيزي
ءَ
۽ تابناڪيءَ سان لِکيو،
جو سندس موجوده شعري مجموعي، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ ۾
جيڪو مواد آهي، اُهو
ٻن مهينن جي عرصي دؤران
تخليق ٿيل آهي. اياز جي هِن
شعري تخليق ۾، نه صرف پنهنجي ڌرتي ۽ عوام سان
اَٿاهه محبت جو جذبو ۽ جولان سِنڌوءَ
وانگر ڪَنان
تار ۽ ڇوليون هَڻندڙ
محسوس ٿئي ٿو، پر اُن
سان گڏوگڏ اُن
۾، اِستحصالي
۽ جابر قوتن سان جهيڙڻ ۽ کين للڪارڻ جو نِڊر
آواز ۽ احساس به مِلي
ٿو، جنهن ڪري ئي جويي صاحب مهاڳ ۾ لِکيو
آهي
ته،
”اياز جي هِن
شعر ۾،
وَطن
تان سِر گهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعلى جذبي ۽
پنهنجي مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تئين وڌيڪ
تيز ڪرڻ جو سَڏُ
موجود آهي....اياز جو هيءُ
شعر وطن جي تسليمي، اُن
جي بقا، اُن
جي آبرو ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن
لاءِ محبِ وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻُڍن کان اُهو
هر قِسم
جي جُهد
۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. اُن
۾ وطن جي غدارن ۽ دشمنن لاءِ اَجهل نفرت ۽ بي
پناهه غُصو
موجود آهي“(33).
جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گهاري
وينداسين
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين.
درياهه اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري
وينداسين.
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر هيئن نه مرنداسين
ساٿي!
ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.
(ص98)
محمد ابراهيم جويي هِن
مهاڳ ۾، اُن
سموري آمريتي دؤر،
جنهن ۾ سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب کي عتاب هيٺ
آڻي، اديبن ۽ سِرجڻهارن
کي جيلن جون عقوبتون ۽ ذهني اذيتون ڏنيون ويون، جو
تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. اُن
کان علاوه ڪهڙيءَ ريت ڀاڙيتن ۽ دلالن، حڪومتي ڌر
جي خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر سنڌي اديبن،
۽
خاص ڪري اياز تي ديس دروهي ۽ اسلام دشمني جا ڪوڙا
۽ جُڙتو بُهتان
مَڙهي کيس اِيذايو.
پنهنجن جي روپ ۾، اُنهن
کَپر
نانگ صفت وِيرين،
اياز سان ڪهڙا وِيل
وِهايا، اُن
سموري وارتا جو جويو صاحب هِن
مهاڳ ۾ ذڪر ڪندي،
لِکي
ٿو
ته،
”پاڪستان جي 23 سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄي تاريخ ۾،
نجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه ڪڏهن
گُهري ۽ نه ورتي ويئي. گِلائون،
تُهمتون،
گاريون، دَڙڪا،
حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽
ڪيسن مٿان ڪيس ــ هيءُ
ته ايازُ ۽ سندَس پنهنجي مقصد عظيمَ سان پنهنجي
ساهه کان وڌ محبت هئي، جنهن هيءُ
سڀ ڪجهه ٻُڌو، ڏِٺو
۽ سَٺو، ۽ اُن
کان پوءِ به،
نه هِيڻو
ٿيو ۽ نه پنهنجي راهه تان هڪ پير هَٽيو
۽ هِچڪيو. سچ آهي ته،
مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته،
ڪاڪ مَحل
کي سَر ڪرڻو ئي پوندو، مِيهر
سان مِلڻو آهي ته،
دهشت ڀريي درياهه جي لهرن ۾ لُڙهڻو ئي پوندو، پُنهل
کي پهچڻو آهي ته،
ڪِيچَ
جا جبل جهاڳڻا ئي پوندا، ملير جي مارن سان مِلي،
مُرڪڻو
۽ مَهڪڻو
آهي ته،
عُمر
جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻا ئي پوندا“(34).
جويي صاحب، هِن
شعري مجموعي، جيڪو ٻن منظوم ڊرامن، ’دودي سومري جو
موت‘ ۽ ’رَني
ڪوٽ جا ڌاڙيل‘،
تي مُحيط آهي ۽ اُن ۾
اُوڻويهه
وائيون
۽ گيت، سَتٽيهه
غزل ۽ اَرڙنهن
نظم
موجود
آهن،
اُن
جي مُهاڳ
۾،
جويي صاحب،
نه رڳو اُنهن
منظوم ڊرامن جي ڪردارن، پسمنظر ۽ علامتي اظهار جي
سمجهاڻي کولي بيان ڪئي آهي ۽ اياز جي عصري دؤر
۽ حالتن جو نقش چِٽيو ۽ اُن
۾ سندس شاعريءَ جي ادا ڪيل ڪارج ۽ ڪردار جو جامع
ذڪر ڪيو آهي، پر اياز جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري نُدرتن،
خاص
طرح سان
سندس نظمن، غزلن، گيتن ۽ وائين
جي گهڻ پهلوئي پسمنظر
تي،
جنهن باريڪ بيني ۽
ڀرپوريت
سان ڳالهايو ۽ اُنهن جي ڪيترن ئي فڪري نقطن ۽ فني
نزاڪتن تي عالماڻي ۽ تجزياتي روشني وڌي وئي آهي،
اُها نه رڳو اياز جي عام پڙهندڙ کي رهنمائي فراهم
ڪري ٿي، پر خود اياز شناسن لاءِ سوچ ۽ ويچار جا
نوان دروازا پڻ کولي ٿي.
جويو صاحب مهاڳ ۾
لِکي
ٿو
ته،
”فني تجربي جي لحاظ کان اياز جا نظم مون کي ڏاڍا
انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. اُنهن
کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي،
ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري،
بُرش
جي زوردار جهٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب نقش ٺاهي ورتا
هجن.....اياز جا غزل به،
غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن. اُنهن
کي فارم غزل جو آهي، پر اُنهن
جي ٻولي ۽ اُنهن
جو فني حُسن، سنڌ جي تهذيب ۽ ڌرتيءَ مان ائين
اُسريو آهي، جيئن برسات کان پوءِ ٿر اوچتو سائو ٿي
ويندو آهي....هر غزل کي گيت جو ترنم ۽ نظم جي
معنوي گهرائي آهي، جيڪا اُن
کي روايتي غزل کان بلڪل انوکو ۽ نرالو ثابت ڪري ٿي
۽ شاعريءَ جي هِن
صنف ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد رکي ٿي. هُن جون
وايون ۽ گيت به فارم ۽ ترنم جي خيال کان ساڳين
صنفن ۾،
اڳ ڪيل تجربن کان مختلف ۽ وڌيڪ موهيندڙ آهن....هِن
مجموعي جي سڄي شعر ۾، اياز سوين نوان قافيا
استعمال ڪيا آهن، جي هِن
کان
اڳ ڪڏهن
ڪنهن
به ڪم نه آندا آهن“(35).
مُهاڳ
جي آخر ۾، جويو صاحب، اياز جي شاعريءَ جي ٻولي،
انقلابي ۽ باغيانه انداز ۽ سندس اظهار جي تخليقي
لب و لهجي جو تذڪرو ڪندي،
لِکي
ٿو
ته،
”اياز پنهنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽
عوامي ٻوليءَ سان مالامال ڪري، اُن
کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري
سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي
آهي......شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽
انقلاب ٻنهيءَ کي ايترو هڪ وقت اُڀاريو ۽ اُجاگر
ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي“(36).
جويي صاحب جو اياز جي شعري مجموعي،’ڪي جو ٻيجل
ٻوليو‘ تي لِکيل
هيءُ
28 صفحن جو مهاڳ، مجموعي طور اياز جي دؤر،
اُن
دؤر
جي سياسي، سماجي حالتن ۽ آمريتي گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري
ماحول جي منظرنامي کي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ اياز جي
شاعريءَ جي ڪيترن ئي فڪري ۽ تخليقي پهلوئن ۽ پاسن
تي ڀرپور روشني وجهي ٿو.
5.
وِڄون وسڻ آئيون
(1972ع)
شاعر
ٻوليءَ جا وينجهار
هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي
گهڙيندا،
ٺاهيندا،
سَنواريندا ۽
سينگاريندا آهن، پر
ڪوتاڪارن جي آبياري ۽ تخليقي پورهئي کان پوءَ،
ٻولي
جڏهن
وَهي
چَڙهي،
ڦوهه جوانيءَ کي رَسندي
آهي، تڏهن شاعرن
سان
گڏوگڏ
نثر نگار
پڻ
اُن
جي سونهن
۽ سوڀيا،
ون
۽
واس جي نِکار ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا
آهن.
شيخ اياز يقينن ٻوليءَ جو وينجهار ۽ سُندر
سِرجڻهار آهي، هُن سنڌي ٻوليءَ جي ڪونج ــ ڳچيءَ
لاءِ اهڙا ڳهڻا گهڙيا آهن، جيڪي سدا جرڪندڙ ۽
زيبائتا آهن، پر اُهو به سچ آهي ته،
جويي
صاحب،
اياز جي تخليقن جي
پنهنجي تنقيدي ۽ تخليقي شعور سان،
نه رڳو اوک ڊوک ڪري،
اُن
جي زيبائش ۽ زينت
۾
اِضافو ڪيو
آهي،
پر اُن ۾ فڪر ۽ احساس جا نوان رنگ ۽ ڍنگ پڻ دريافت
ڪيا آهن.
اُن کان علاوه اياز جي سنڌي ٻوليءَ سان گِهري رشتي
۽ ديرپا تعلق کي قائم رکڻ ۾ پڻ جويي صاحب جو وڏو
هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي.
جويي صاحب جي
همٿائڻ ۽
اُتساهه
سبب
ئي اياز پنهنجي ٻوليءَ جي،
نه رڳو ڪلاسيڪل ورثي کي اَپنايو آهي، پر هن نئين
لغت جو وڏو ذخيرو تخليق ڪري، سنڌي ادب ۽ خاص ڪري
سنڌي شاعريءَ کي نُدرت جا نوان ڳهڻا ۽ زيبائتا
زيور پارايا آهن. بنا مبالغي، شيخ اياز جي شاعريءَ
۾ پنهنجي رنگيني ۽ رمزيت آهي. اُن
جي ٻوليءَ جو رس ۽ چس، خيال جي خوبصورتي ۽ ترنم جي
تازگي پنهنجي آهي، پر جويي صاحب، جنهن برجستگي،
فڪري بُردباري ۽ فني باريڪ بينيءَ سان سندس
شاعريءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، ۽ اُن
جي مختلف جمالياتي نُدرتن ۽ حِسي
نِرملتائن
کي عام اڳيان عيان ۽ نروار ڪيو آهي، اُهو
موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
اياز جي
هِن
شعري مجموعي، ’وِڄون وسڻ آئيون‘ ۾، سندس 1964ع کان
آگسٽ 1966ع، مارچ 1967ع کان جنوري، آڪٽوبر، نومبر
1968ع تائين جي رَچيل
ڪلام سميت، ’جل جل مشعل جل جل‘، ’هي گيت اڃايل
مورن جا‘ ۽ ’آئي رُت ڳاڙهي ٻيرن جي‘ وارو سمورو
شعر شامل آهي. هِن
مجموعي ۾، جويي صاحب جا ٽي مهاڳ موجود آهن، جن مان
ٻن ’جل جل مشعل جل جل‘، ۽ ’هي گيت اڃايل مورن جا‘
جي مهاڳن جو اڳ ئي اڀياس ڪري چڪا آهيون، باقي
مذڪوره شعري ڪتاب،
’وِڄون وسڻ آئيون‘ تي لِکيل
جويي صاحب جي مهاڳ تي اڀياسي نگاهه وجهجي ٿي.
هِن
مهاڳ ۾،
جويي صاحب، 1955ع ۾ نافذ ٿيل ون يونٽ ۽ 1958ع کان
1968ع تائين،
مُلڪ
۾ لڳل مارشالائن ۽ آمريتن جي اِستبداد
۽ ’مسلم بنگال‘ جي الحدگيءَ جو تفصيلي ذڪر ڪيو ۽ اُن
دؤر
۾ ضبط ٿيل،
اياز جي ٽن ڪتابن، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ (1964ع)، ’ڪلهي
پاتم ڪينرو‘ ۽ ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ (1968ع)
تي جامع نموني سان ڳالهائڻ
۽ سندس جيل ياترائن جي پسمنظر تي پڻ چڱي روشني
وڌي آهي.
شيخ اياز قيد ۽ بند ۾، ڪمزور ۽ هيڻو ٿيڻ بدران
سگهارو ۽ جرئتمند بڻجي، ڪيئن، ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘
جهڙو لازوال تخليقي ڪم سرانجام ڏنو، ۽ اُن
پويان جيڪو آدرشي احساس، يعني ’وطن سان محبت ۽
استحصالي قوتن سان ڌِڪار
وارو جذبو‘ سندس ڏڍ ۽ آٿت بڻيو، اُن
جو پڻ جويي صاحب جوڳو تفصيل ڏنو آهي. جويي صاحب هِن
مهاڳ ۾، ’ادب جو هڪ ڪارج، اُهو
ٻڌايو آهي ته،
اُهو
پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي حقن جي آواز جو عڪاس هوندو
آهي ۽ اُهو
قومي بقا ۽ عوام جي انقلابي جدوجهد ۾ ڪارگر ۽
مضبوط هٿيار جو ڪم ڏيندو آهي‘.
اُن کان سواءِ جويو صاحب،
اياز جي
ٻولي، اُن جي انفرادي لب و لهجي، اظهار جي پنهنجي
انوکي ڏانوَ ۽ خيال جي پيش ڪش جي منفرد ادا کي پڻ
وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن جي نظر ۾، ڪنهن شاعر جي اُتم
خيال جي اظهار لاءِ اُتم ۽ انفرادي تخليقي ٻوليءَ
جو هجڻ اشد ضروري آهي.
هُو پنهنجي هِن مهاڳ ۾، اُن حوالي سان لِکي ٿو ته،
”هر دؤر جو حقيقي شاعر پنهنجي مضطرب روح جي اظهار
۽ پنهنجي انقلاب آفرين پيغام جي بيان لاءِ پنهنجي
جدا ٻولي تخليق ڪندو آهي. اُن ٻوليءَ ۾، هُن جي
سڃاڻپ هوندي آهي. هُن جو هر لفظ ۽ سِٽ درسني هوندي
آهي، جنهن ۾ هُن جي شخصيت جي جهلڪ ڏسبي آهي. ٻيا
شاعر هُن جي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اُها
ٻولي اُنهن جي ٿي نه ٿي سگهي. دراصل، ٻين همعصر ۽
پوءِ ايندڙ شاعرن جي اهڙيءَ پيروڪاريءَ سان ئي،
اُن اڳواڻ شاعر جي ٻولي مَقبولِ عام ٿيندي آهي“
(37). |