تنوير وٽ زندگي اها آهي، جا ظاهر آهي. زندگي
پنهنجو پاڻ ۾ ئي ازلي به آهي ته ابدي به آهي؛ جو
”ظاهر“ آهي، سو ئي ”حق“ آهي، سچ آهي. ان ڪري تنوير
جو آرٽ وارو نظريو به حقيقت پسندانه آهي. تنوير وٽ
زندگيءَ جي ڪتاب جي معنيٰ هڪڙي آهي، ٻه ناهن. سو
هن طرح جو هن جو ڪک به لک جو مٽ آهي. ان ڪري تنوير
”ڪک“ (جو ڪجهه به ظاهري ۽ عام آهي) جو پرچارڪ آهي،
۽ ورڊس ورٿ ”لک“ جو ڳجهه آهي ۽ اندر آهي. تنوير
اجهو هيئن ٿو لکي:
هيءَ حياتي تنهنجي جهاتي،
اڳتي سڀ ڪجهه ڇايا او،
مايا اچڻي وڃڻي نچڻي،
پوءِ به مايا مايا او.
تنوير جو هڪ پورو نظم، جو ”شعر“ جي صفحي 79 تي
لکيل آهي، هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته
تنوير زندگيءَ کي هڪ حقيقت ٿو سمجهي چوي ٿو:
سڪ حقيقت، سونهن حقيقت،
هت ڪجهه ڪوڙو ناهي،
اڳتي ڪجهه به هجي.
تلاش ۽ جستجو جا تنوير وٽ ئي لڀي، سا ورڊس ورٿ وٽ
ڪانهي. هن کي پنهنجي بستري تي سُتي ئي حقيقت
جوالهام ٿيو وڃي، پر تنوير ’ايسپ‘ واريءَ رٺل
ڇوڪريءَ يا ”سچ“ کي هن خارجي دنيا جو ئي هڪ ڪردار
سمجهيو آهي، ۽ ان ڪري هو هن ڪردار کي عوامي
زندگيءَ جي تڪليفن ۽ سماجي زندگيءَ جي تلخين ۾
ڳولڻ نڪتو آهي. تنوير ٿو لکي:
”جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي،
جي وسامڻ کان اڳ ۾ ان جي،
لاٽ مان ڪي ٿورا ڏيا ٻاري،
سگهيس، ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“
(”رڳون ٿيون رباب“ جو مهاڳ.)
تنوير جي شعر جو مقصد، ان ڪري، وندر ۽ ورونهن سان
گڏ، حق ۽ سچ جي تلاش به آهي. تنوير زندگيءَ کي
”ڏڪندڙ ڏيئو“ سڏيو آهي. انسان جي زندگيءَ جو ڏيئو،
هن جي خيال ۾، طوفانن سان ٽڪرائجي رهيو آهي ۽ پاڻ
مان جهڙا ٻيا ڏيئا ٻارڻ جي لاءِ اُدم ڪري رهيو
آهي. تنوير جو هي نظريو، جو سندس نظريه حيات آهي،
تنهن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. تنوير جي زندگي
سماجي خدمتن ۽ عوامي ڪمن ۾ صرف ٿي رهي آهي، ۽ اهو
ئي نتيجو آهي، هن جي زندگيءَ جي نظرئي جو.
تنوير ۽ ورڊس ورٿ جي باب ۾ سندن زندگيءَ جا ڪي
واقعات اهڙا به آهن، جي ٻنهي لاءِ هڪ جهڙا آهن.
ورڊس ورٿ جي زندگيءَ جو هڪ اهم واقعو آهي فرانس جو
انقلاب. هو صاحب پنهنجي زندگيءَ جي هڪ دور ۾
انگلينڊ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان مايوس ٿي ويو
هو. ان ڪري هن پنهنجو سياسي ڪعبو وڃي فرانس ۾
ٺاهيو هو (فرانس سان هن جي جذباتي زندگيءَ جو
واسطو به رهيو آهي.) فرانس کان هي يار ڏاڍو خوش
هو، پر انقلاب جي خوني ڪاررواين ۽ اميد جي خلاف
نتيجن کيس واپس انگلينڊ موٽڻ تي مجبور ڪيو. البت
فرانس سان هن جا جذبات وابسته رهندا آيا. وري
انهيءَ زماني ۾ انگلينڊ فرانس سان جنگ جو اعلان
ڪيو. هڪ طرف هن جو روحاني ڪعبو انگلينڊ هو، ته ٻئي
طرف هن جو سياسي ڪعبو فرانس هو، مڙس ٻه ٽڪر ٿي
پيو، اهڙيءَ طرح، هو يار نااميديءَ جو شڪار ٿي
ويو. سندس هڪ ٻانهن فرانسيسي يار بيوپاءِ
Baaupuy
جي هٿ ۾ هئي، ته ٻي ڪولرج جي هٿ ۾. مقابلو نه ڪري
سگهيو، ته زندگيءَ جي خارجي حقيقتن کان نااميد ٿي
پيو، اهڙيءَ طرح، عرفاني ۽ وجداني حقيقتن ڏانهن رخ
رکيائين.
تنوير جي زندگيءَ ۾ به جي چند واقعات نهايت ئي
اهميت وارا آهن، انهن مان هڪ آهي هندستان جو
ورهاڱو.
جهڙيءَ طرح ورڊس ورٿ سياسي معاملات جي باري ۾ به
جذباتي هو، تهڙيءَ طرح تنوير به سياسي معاملات کي
پنهنجي ذاتي جذبات کان جدا ڪري نه سگهيو آهي.
هندستان جو ورهاڱو هڪ سياسي انقلاب هو، ۽ اسان مان
هر ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي حال آهر هن سياسي انقلاب
سان ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ هوندي به جو
هن انقلاب کي ڳاڙهو انقلاب چيو ويو آهي، اسان هن
کي ضروري ۽ اڻٽر سڏيو ۽ سمجهيو آهي. تنوير به اهڙي
ڪوشش ڪئي هوندي، پر معلوم ائين ٿو ٿئي ته هڪ شاعر
۽ هڪ سياستدان ۾ ڪو بنيادي فرق آهي. ”شاعر جي دل
صاف سدا، هيري کي ڪيئن لڳندي ڪٽ“ خود تنوير چيو
آهي. پر رڳو ايترو فرق نه آهي. فرق جي هڪ ڳالهه
هيءَ به آهي ته:
جيڪي سوچيندو سو چوندو،
شاعر ڇا چوندو ٻي ڳالهه.
اُن ڪري، ڪچيءَ وهيءَ ۾ ”هي ڇوڪرو شاعر“ خون جا
ڇنڊارا ڏسي خوش نه ٿي سگهيو.
چوي ٿو:
روئو رت جا داغ ڏسي،
آهي رت ڪنهن ڪنهن جو، ٻي ڳالهه.
رت بهرحال رت آهي، پوءِ اهو ڪنهن جو به هجي. انسان
ڌرتيءَ تي خون وهائڻ لاءِ نه آيو آهي. پندرهن سالن
جو تنوير انقلاب جي هن دور ۾ حالتن سان ٺاهه ڪري
نه سگهيو.
غير يقيني ۽ اُٻاريندڙ حالتن ۾ چيل شعر يقيناً
رومانوي هوندو آهي، ان ڪري تنوير به ’ورڊس ورٿ‘
جيان بنيادي طور تي رومانوي آهي.
تنوير ۽ ورڊس ورٿ جي حالتن ۾ هڪ ڳالهه هيءَ به آهي
ته ٻنهي شاعرن پنهنجي پنهنجي شان پٽاندڙ محبت ڪئي
آهي ۽ ان جي ڪيفيت کي نظمن ۾ لکيو آهي. ورڊس ورٿ
جي حالتن ۾، سندس عشق جا داستان عوام تائين پهچي
چڪا آهن، باقي تنوير جي حالت ۾ هڪ سنڌي ذهن راهه
جي رڪاوٽ بڻيو بيٺو آهي. مون جڏهن کيس ٻڌايو ته
سندس شعر ۾ ڪارين اکين جي بجاءِ نيرين اکين جو ذڪر
ڪجهه معنيٰ خيز آهي، ۽ هي به ته ”رڳون ٿيون رباب“
جو اوائلي شعر توڙي جو گيتن ۾ آهي، عشق جي واردات
کان واندو ناهي، تڏهن مڙس شرمائجي ويو. تنوير عشق
ڪري پورو ڪيو آهي، پر هن جي شاعراڻي طبيعت جي ڪري
معلوم ائين ٿو ٿئي، ڄڻ هن اڃا هاڻي قدم رکيو آهي.
بهرحال تنوير جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ نه سهي، ڪنهن طرح
سان اوائلي شاعريءَ ۾ عشق اکين سان ڏسي ٿو سگهجي.
مان تنوير جي سوانح حيات لکڻ واري کي ٻڌائي ٿو
ڇڏيان ته سندس ڪم ڏاڍو ڪٺن آهي، خير، هن ڳالهه لکڻ
مان منهنجو مطلب ايترو آهي ته تنوير کي ورڊس ورٿ
جيان رومانوي بڻجڻ لاءِ هڪڙو سبب اهو به آهي. مٿين
ڳالهه، جنهن کي تنوير جي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت حاصل
آهي، سا آهي ”سنڌ جو سوز.“ هندستان جي ورهاڱي کان
پوءِ تنوير جي جذبات وڃي سنڌ ۾ ديرو دمايو هو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ تنوير جي آخري اميد هئي. هو
سنڌ کي ڪپلنگ ۽ والٽ وٽمن جيان ڳائڻ لاءِ تيار ٿي
رهيو هو. هو سنڌ کي پنهنجو نظريو يا ”سنڌ صنم“
بڻائي رهيو هو. اهڙي وقت ۾، هڪ ٻي انقلاب جو اثر
تنوير ۽ تنوير جي ٻين ساٿين تي هي پيو جو هو سنڌ
کي پنهنجي سيني تان ميساري نه سگهيا، ڇو ته سنڌ
سندن سپنن ۾ جنم وٺي چڪي هئي. اهڙيءَ حالت ۾، سنڌ
هنن شاعرن جي اڳيان هڪ پريءَ جي روح جيان اُڀري
آئي، ۽ هنن سنڌ جي تصوراتي وجود کي عيني وجود جيان
پنهنجي اڳيان بيٺي ڏٺو. شاعريءَ جي دنيا ۾ هن
ڪيفيت کي تصوراتي يا رومانوي ڪيفيت چئبو آهي. اهڙي
طرح، سنڌ جي گيتن ڳائڻ سان تنوير رومانوي شاعر
آهي.
عجيب اتفاق آهي جو جن حالتن کان متاثر ٿي ورڊس ورٿ
نااميد ۽ مايوس ٿي ويو، انهن حالتن کان متاثر ٿي
تنوير پُراميد ۽ سپاهي ٿي پيو. اسان مان جنهن کي
به تنوير جي ذاتي زندگيءَ سان دلچسپي هجي، سو نوٽ
ڪري ته تنوير جي اندر ۾ هن ڪيفيت جو سبب اهو آهي
ته هو انسان جي مستقبل کان نااميد هئڻ جي بجاءِ
پُراميد آهي.
تنهن ڪري جيڪڏهن ورڊس ورٿ ماٿرين، جبلن، فصلن،
ڍنڍن ۽ ٻنين جو شاعر آهي، ته تنوير سنڌ جو، سنڌوءَ
جو، سنڌ جي ماڻهن جو، ۽ سنڌي ماڻهن جي شان جو شاعر
آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته جا ڳالهه ورڊس ورٿ جي
تصور ۾ آهي، سا ساڳي ڳالهه تنوير جي من ۾ آهي.
(نوٽ: ورڊس ورٿ جي روحانيت ڏي مائل ٿيڻ جو هڪ سبب
عيسائيت جو فلسفو به آهي.) هيتري ڪئي پڄاڻان، هاڻي
آءٌ تنوير ۽ هن ڍنڍ جي شاعر
Lake Poet
جي تحريرن مان مثال ڏيندو ويندس.
منهنجو هڪڙو خيال آهي ته سنڌ کان ٻاهر وارن شاعرن
مان، تنوير کي ورڊس ورٿ گهڻي ۾ گهڻو متاثر ڪيو
آهي. خصوصاً ڇپيل شعر سان گهڻو ٿو ملي اچيس. مثال
طور:
اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو،
من ڇيلن جيان ڇال هڻي ٿو،
دل دکڙن جا ڏينهن وساريا.
(رڳون ٿيون رباب“ ص 10)
هڪڙو بند هي آهي:
Lucy Poems
۾ ورڊس سورٿ جو هڪڙو بند آهي:
You Can See a Fawn at Play,
And hare upon the green,
But Sweet Face of lucy gray,
Can nevr more be Seen.
تنوير وٽ ”ڇيلن“ جو ڇال هڻڻ“ ۽ ورڊس ورٿ وٽ ”سهي
جو گاهه مٿان ٽپڻ“ ملائي پڙهجي.
تنوير جي خيال جي جوش ۽ بيان جي باهه جي باب ۾
ورڊس ورٿ کان به اڳڀرو آهي. تنوير دل جو شاعر آهي،
جذبات جو شاعر آهي، ۽ ورڊس ورٿ نظاري جو، مشاهدي ۽
”پسڻ“ جو شاعر آهي. حقيقت ۾ هڪ رومانوي شاعر کي
پسڻ کان وڌيڪ ڦٽڪڻ گهرجي، پر ورڊس ورٿ دل جي
ڪيفيات کي روحانيت ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، اُن ڪري
هن جي طرز ۾ ٺاپر ۽ ٿڌاڻ پڌري آهي. ”پهاڙن جي
پريءَ“ ۾ تنوير جون چند سٽون اهڙيون آهن، جو هو
وڃي شيلي سان لڳو آهي.
چوي ٿو:
هي به ڄاڻان ٿو ته ٿيندس جلد ئي
توکان مان دور،
پر هنن ڏينهن جي يادن جو
کڻي ويندس سرور،
جن ڏني آهي خوشي،
يا
چند يادن جي ڪڙين کي
هرڪو ماڻهو خود جڙي،
پاڻ ئي زنجير ٺاهي قيد ٿو خود،
کي ڪري،
عمر ڄڻ آ مارئي
ورڊس ورٿ پنهنجي احساسات جي اظهار جي باب ۾ هڪ طرح
اونهو آهي، ته ٻئي طرف صاف آهي. هو پنهنجي خوف جو
تاثر هيئن ٿو ڏئي:
I heard among the Solitary hills,
Low breathig Coming after,
me- and sound
Of undistinguishable
motion step
Almost as Silent at the leaf
The trod.
(Prelude)
جيستائين ”پسڻ“ واريءَ شاعريءَ جو تعلق آهي، هي
سٽون مثالي سٽون آهن. پر جيستائين پرجهڻ ۽ پڄرڻ جو
سوال آهي، تنوير جون هيٺ لکيل سٽون مثالي آهن:
اونداهين ڪارين راتين جا
ڇايا آهن، دکڙا من ۾،
چمڪو ڏئي ۽ گم ٿي وئي آ.
ٽانڊاڻي جان آس انهن ۾:
موٽ ته ٿئي ڪو صبح سويرو.
يا
نور جا ڪرڻا ٽانڊن وانگر
منهنجي ساهه ۾ سُرندا ايندا،
توکان سواءِ ڪرڻا ڪنڊن جان،
منهنجي هانءَ ۾ هُرندا رهندا:
دل ۾ دکڙن جو ٿيو ديرو.
ظاهر آهي، ”پسڻ“ ۽ ”پڄرڻ“ ۾ فرق آهي. پسڻ ۾ پنهنجي
ذات غير جانبدار به رهي ٿي سگهي، پر پڄرڻ ۾ کپي ٿي
پنهنجي ذات، جا پڄري. عظيم (Sublime)
اهو شعر آهي، جنهن ۾ ڄَر هجي، جيڪا پڄرائي.
تنوير ۽ ورڊس ورٿ جي باب ۾ مان باقي هڪڙي ڳالهه
لکندس. ورڊس ورٿ هڪڙي دور ۾ نااميديءَ بلڪه فراريت
جو شڪار ٿي ويو هو. برنارڊ گروم صاحب
(Bernaard Groom)
”پريليوڊ“ جو مهاڳ لکندي لکي ٿو:
Forsaken by the land of his birth and
Hardly able to Contemplate the hope
Of his political hop, the poet almost
abandoned himself into despair.
اڳتي پرساڳئي صفحي تي، برنارڊ گروم لکي ٿو:
On the revolution in France, he had
Staked for human nature and the
destruction of these hopes plunged
him into moral Skepticism.
(Prelude introduction, Page xiii)
ورڊس ورٿ پنهنجيءَ هن فراريت جو اظهار پنهنجن ئي
لفظن ۾ به ڪيو آهي. ”پريلوڊ“ جي يارهين داستان جون
آخري سٽون شاهد آهن ته ورڊس ورٿ هڪ دفعو نااميد ٿي
چڪو هو.
حالتون ته ورڊس ورٿ ۽ تنوير سان ساڳيون لاڳو رهيون
آهن، پر مون وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪو به ثبوت ڪونهي
ته تنوير به ڪڏهن فراريت جي راهه اختيار ڪئي آهي.
بيشڪ، تنوير جي جدوجهد واري دور ۾ ڪي لمحا
”خاموشيءَ“ جا به آيا آهن. ”موهن جي دڙي ڏانهن“
واري نظم جون آخري سٽون منهنجي سوچ ۾ ڳچ وقت رهيون
آهن، پر منهنجو خيال آهي ته هنن سٽن ۾ آهه و
زاريءَ ۾ ماتم وارو تاثر آهي ۽ نه نااميديءَ جو.
مون جڏهن هنن سٽن جي سلسلي ۾ تنوير سان ڳالهايو،
تڏهن هڪ صاف گو ماڻهوءَ جيان چوڻ لڳو: ”اهو دور
اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو دور هو. سنڌ جي آجپي جي ڪابه
اُميد نظر نٿي آئي. سنڌي زبان جي خلاف روزانه نت
نوان منصوبا سٽيا ٿي ويا. انهن ڳالهين هڻي اسان جي
ڪمر ٽوڙي وڌي هئي. پر اسان جا حوصلا ڪم ڪري رهيا
هئا. اسان مصلحت سمجهي پنهنجيءَ جدوجهد جورخ ڦيريو
هو، پر اسان پنهنجو ڪم بند ڪڏهن به نه ڪيو.“ هن
گفتگو کان پوءِ تنوير ان وقت جي مطالعي جي تسلسل ۾
مون کي شمشير جي ”لاٽ“ مان ”همسفر“ وارو نظم پڙهڻ
جو مشورو ڏنو. جڏهن مون ٻڌايو مانس ته مون وٽ
”لاٽ“ جي ڪاپي آهي ئي ڪا نه، تڏهن پاڻ اُٿيو ۽
گهران اندران وڃي ان جي ڪاپي کڻي آيو. ”همسفر“
وارو سڄو نظم پاڻ پڙهي ٻڌايائين، ۽ مان سندس چهري
جو معائنو ڪندو رهيس. چوڻ لڳو: ”شمشير هي نظم اسان
کي خطاب ڪندي لکيو آهي، ۽ وقت جي حالات جو جيڪو
نقشو ڏنو اٿس سو سورهن آنا صحيح آهي. اسان هن جي
”چپ چاپ“ واري مشوري تي ڪجهه وقت عمل ڪيو آهي.“
هي لفظ ايترا صاف آهن، جو انهن تي تبصرو غير ضروري
آهي. پاڻ تنوير جي پُر اميد هئڻ جا ڪي دليل ڏيئي
ٿا سگهجن. ”موهن جي دڙي“، کان هڪدم پوءِ ئي ”نئون
دستور“ لکيو اٿس. هينئن ٿو لکي:
اسان ته حق جي ڳولا ڪئي زماني ۾،
مليو اسان کي جي بدلي ۾ دار،
ڪجهه ته مليو،
يا اڃا به هي سٽون پڙهجن.
مليو نه صبح جي ”تنوير“
ڄاڻ جو ٿو ملي،
ويو ٿي گهٽجي فضا تان غبار،
ڪجهه ته مليو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان واسطيداري
بيدل مسروربدوي
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان منهنجي واقفيت سندس ننڍي
ڀاءُ الطاف عباسيءَ جي ڪري ٿي هئي، ۽ الطاف سان
منهنجي واقفيت جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت شاخ ۾
تڏهن ٿي هئي، جڏهن هو جيڪب آباد شاخ جي اندروني
انتظامي امور جي اُڪلائڻ لاءِ جيڪب آباد آيو هو.
1967ع هويا 1968ع ۽ شايد الطاف عباسي تڏهن سنڌ
سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري هو.
الطاف عباسي نهايت رلڻو ملڻو شخص هو، ماڻهوءَ کي
پنهنجو بنائڻ جو ڏانءُ قدرت هن ۾ واهه جو رکيو هو.
اهو ئي سبب هو جو مان به هڪ اڌ ملاقات ۾ ئي سندس
گهرو دوست ۽ گهر جو ڀاتي ٿي ويس. جيڪب آباد جي
ملاقات کانپوءِ هن سان مختلف سنڌي شامن ۾ مکا ميل
ٿيندي هئي، پر جڏهن سندس ٻارن: سپيءَ ۽ ڪوڏ جون
سالگره ملهائڻ جو وقت آيو ته هلندڙ سالگره دوران
ڪار تي چڙهي شڪارپور آيو ۽ راتو رات اچي خيرپور
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سامهون بيهاريائين، جتي
عباسي خاندان جو ڪهول اسان جي اچڻ جي انتظار ۾
ويٺو هو. ايندي شرط چوڻ لڳو: ”اچي هي وٺو بيدل
مسرور.“
الطاف جا ٻيا سڀئي ڀائر نهايت قرب سان مليا، پر
خاص ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڳرهاٽڙي پائي مون کي وٺي
وڃي پاڻ سان گڏ ويهاريو. ترت ئي ٻارن ڪيڪ ڪاٽيا،
تاڙيون وڳيون، ڦوڪڻا ڦاٽا، ٽهڪ ٽڙيا ۽ ڏسندي ڏسندي
الطاف هارمونيم آڻي کڻي منهنجي هنج ۾ ڏني، ۽ بس
پوءِ ته سرمد جو گهر شيخ اياز جي قومي گيتن سان
گونجڻ لڳو.
حالانڪه شيخ اياز جا قومي گيت الطاف عباسيءَ جي
ننڍي ڀاءُ ارشاد پارس کي به ڏاڍا وڻندا هئا ۽ هن
سندس ڪتابن تي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي
لکيل هڪ اڌ مقدمي تي ”تنقيد جي تنقيد“ جي عنوان
سان تنقيد به ڪئي هئي. سچل سائينءَ جي ميلي تي
ايندو هو ته به شيخ اياز جا گيت ٻُڌندو هو، پر
الطاف عباسيءَ جي پسند جو ڪاٿو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو،
اصل جهومڻ لڳندو هو، جهومندو ته ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ به هو، پر اهو آپا قمرالنساءِ جي اڳيان
مڙئي احتياط ڪندو هو.
ان کانپوءِ سچل سائينءَ جي ميلي دوران ٿيندڙ
مشاعري يا راڳ جي محفلن ۾ گهڻو ڪري ڊاڪٽر صاحب سان
ئي ملاقات ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته الطاف مشاعرن ۾
شرڪت گهٽ ڪندو هو، ۽ هونئن به جڏهن به ڪو الطاف کي
شعر ٻُڌائڻ لاءِ چوندو هو ته پنهنجو شعر پڙهندي به
هٻڪندو هو، ان جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽر صاحب وڏي ڪروفر سان
پنهنجو شعر پڙهندو هو، حالانڪ الطاف به نهايت
سنجيده قومي سوچ رکندڙ شاعر هو، پر هو پنهنجي
شاعراڻين صلاحيتن کي وڌائڻ بجاءِ دوستن سان محبت
وارين محفلن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي به طبيعت جو نهايت ٻاجهارو هو،
پوءِ جڏهن منهنجي شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي سان
ويجهڙائپ ٿي ته خبر پئي ته انهن ٽن دوستن شيخ
اياز، رشيد ڀٽيءَ ۽ تنوير عباسيءَ وارن جو هڪ ٻيو
به دوست آهي، جنهن سان شيخ اياز جي صفا نه لڳندي
هئي ۽ اهو هو حفيظ شيخ.
حفيظ شيخ سان وري اسان جي واقفيت تڏهن ٿي جڏهن هو
جيڪب آباد ۾ پاپوليشن پلاننگ جو ضلعي آفيسر ٿي آيو
هو، حالانڪ حفيظ صاحب سان ڪافي ملاقاتون ٿيون
هيون، پر شيخ اياز جو هن ڪڏهن ذڪر به نه ڪيو، البت
ماهوار رسالي ”روح رهاڻ“ ۾ سندس حميد سنڌيءَ ڏانهن
لکيل خطن مان لڳندو هو ته حفيظ شيخ، حميد سنڌيءَ
جو ڪجهه ويجهو دوست آهي. ڳالهيون ته تنوير عباسي،
ٻنهي شيخن جي وچ ۾ ٿيندڙ سرد جنگ جون گهڻيون ئي
ٻڌائيندو هو، جنهن جي ٻڌائڻ واري انداز مان اسان
کي محسوس ٿيندو هو ته حفيظ شيخ به نهايت پڙهيل
لکيل، سنجيده ۽ اشتراڪي نظرييءَ جو ليکڪ هو، ۽ ان
وقت شايد گهڻا ليکڪ اشتراڪي نظريي جا حامي هوندا
هئا.
اشتراڪي ادب بابت اسان جي معلومات تڏهن نه هجڻ جي
برابر هوندي هئي، حالانڪ روسي ڪتاب سستا به ڏاڍا
ملندا هئا، جيڪي پڙهي اسان هڪ ٻئي کي ڪامريڊ پيا
سڏيندا هئاسين. ها البت مئڪسم گورڪي،پشڪن،
دوستووسڪي يا ٻين روسي ليکڪن جي لکڻين مان اسان کي
اهو اندازو ضرور ٿيو ته اشتراڪي ادب معاشري جي
سياسي، سماجي يا معاشي بدحاليءَ بابت شعور پيدا
ڪندڙ ٿو ٿئي. ۽ ان ئي خيال تي اسان جو سنڌي ادب به
لکجڻ لڳو هو، جن مان شيخ اياز، حفيظ شيخ، گوبند
مالهي، يا سوڀو گيانچنداڻي ناليوارا ڪهاڻيڪار هئا.
تڏهن انهن جي ڪهاڻين جي مطالعي دوران هڪ عجيب جذبو
جاڳيو ته جيڪر انهن ليکڪن جي ڪهاڻين جا مجموعا
شايع ڪجن. هڙ ۾ ته هريڙ به ڪانه هئي، پوءِ به دل
وڃي حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ڇپائڻ تي اٽڪي پئي. جيئن
ته حفيظ شيخ بابت گهڻيون دلچسپ ڳالهيون ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ کان به ٻڌيون هيم، ته ماهوار ”روح
رهاڻ“ ۾ حميد سنڌي صاحب ڏانهن لکيل/ ڇپيل خط پڙهيا
هيم، ان ڪري فيصلو ڪيم ته حفيظ شيخ جو مجموعو ضرور
شايع ڪرڻ گهرجي.
ڪجهه سال اڳ ادارو ”سنڌي ادب محل“ جي نالي سان
جوڙيو هيم، جنهن جي ذريعي ڪجهه دوستن: غلام رسول
ميمڻ، نديم قاضي، سليم چنا، ۽ عرفان صديقيءَ جي
سهڪار سان ڪتابن جي اشاعت به شروع ڪري ڇڏي هئي،
سودوستن به همت ٻڌرائي، ته لڳي ويس ڪهاڻين ڳولهڻ
۾.
پهرين ته بس تي چڙهي پهتس خيرپور ڊاڪٽر تنوير
عباسيءَ جي گهر ۽ پهچندي شرط ئي ٻڌايو مانس ته:
”حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو ٿو شايع ڪرڻ
چاهيان.“
ته منهنجي ڳالهه ٻڌي پهرين ته تحسين آميز نگاهن
سان نهاريائين، پر وري ٿورو سنجيدو ٿي چوڻ لڳو:
”شيخ اياز نه ڪاوڙجي وڃئي.“
ڳالهه ٻُڌي ته منهنجا به ٺپ ٺري ويا، ڇاڪاڻ ته شيخ
اياز صاحب سان به منهنجي ويجهڙائپ تازو تازو ٿي
هئي، ۽ مون کي اهو به معلوم ٿي چڪو هو ته شيخ اياز
جا، حفيظ شيخ سان مرحومه روشن آرا مغل جي حوالي
سان ذاتي اختلاف ٿي پيا هئا.
پر وري به دل جهلي ڊاڪٽر صاحب کي چيم ته: ”ڪتاب
کڻي شيخ صاحب کي نه ڏيکارينداسي.“
ان وقت ڪو مريض آيو ته ڊاڪٽر صاحب کيس چڪاسڻ لاءِ
پنهنجي ڀرسان ويهاريو.
”سوچي وٺ.....!“ ائين چئي هو مريض سان ڳالهائڻ
لڳو.
مون کي ياد آيو ته اسان جي شروعاتي ڪتابي سلسلي
”گلشن سيريز“ ۾ چپيل فقير مسرور جي هڪ لکڻيءَ تي،
شڪارپور جي معروف شاعر/ وڪيل لعل محمد لعل، اسان
تي ڪيس ڪيو هو، جنهن جي پاران شيخ اياز صاحب وڪيل
جي حيثيت ۾ ڪيس لڙيو هو. ڪيس ته خير اسان ئي کٽيو
هو، پر شيخ اياز صاحب جي غلط معاملي تي وڪالت ڪرڻ
سبب ڄڻ دل ۾ ان لاءِ اها جاءِ جڙي ڪانه سگهي هئي،
جيتري ڪنهن معتبر شخصيت ۽ نالي واري شاعر لاءِ هجڻ
گهرجي ها! پر سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي
تعريفن ۽ ان جي قومي گيتن ڳائڻ لاءِ جذبو اُڀارڻ
وارن ليڪچرن سبب ذهن کي بدلائڻو پيو هو، سنڌ ۾
قومي هلچل جي ابتدا ٿي چڪي هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾
شيخ اياز هڪ سنڌي قومي شاعر واري حيثيت ۾ اُڀري
رهيو هو، ان ڪري اسان به کڻي قدم رکيوسي قومي هلچل
واري پليٽفارم تي.
قومي هلچل وارن ڏينهن ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ
جي دوري تي نڪتو هو ته سنڌي جي ڪيترن ئي شاگردن،
اديبن ۽ دانشورن سان گڏ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽
تنوير عباسي به ان قافلي ۾ موجود هئا، ۽ مون کي
ياد آهي ته سنڌ سرڪار اوچتو سائين جي.ايم.سيد جي
دوري تي پابندي وڌي هئي، جنهن ڪري خيرپور ۾ ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ جي ڪوشش سان ڪنهن ڊٺل جاءِ ۾ جلسو
منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مون شيخ اياز جي وائي:
’سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان‘، ڳاتي
هئي، ۽ شيخ اياز قومي شعر پڙهيا هئا. قافلو اتان
سکر لاءِ اُسهيو ته رستي تي سائين جي ايم سيد کي
گرفتار ڪيو ويو، ۽ پوليس جي لاٺي چارج سبب قافلو
ڇڙوڇڙ ٿي ويو. مون حفيظ جي مجموعي بابت پئي سوچيو
۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب مريض کي پئي چڪاسيو ته
ان دوران آپا قمرالنساءِ اچي وئي، ايندي ئي کلي
کيڪاريائين، هڪدم چانهه جو پڇيائين، پوءِ
نوڪرياڻيءَ کي سڏي، چانهه گهرايائين. مريض ويو ته
ڊاڪٽر صاحب، آپا قمر سان منهنجي اچڻ جو احوال ڪيو،
جنهن تي آپا قمرانتهائي اتاولي انداز سان چيو:
”شيخ صاحب ڇو ڪاوڙبو، هي ته ادبي ڪم آهي.“
تڏهن منهنجي هنيانءَ تي ڪوڇنڊو پيو، سوچيم ته پوءِ
به جيڪو ٿيو ته ڏٺو ويندو. مرد ته ڦڏو نه ته جڏي
جو جڏو، ۽ ائين حفيظ جي مجموعي ڇاپڻ جو فيصلو ٿي
ويو. چانهه پي پوري به نه ڪيم ته ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ گهر ۾ اندر ويندي مون
کي به ساڻ اچڻ لاءِ چيو.
پوءِ هو مون کي پنهنجو گهر گهمائي هڪڙي ڪمري ۾ وٺي
آيو، جتي ٻن پاسن کان رکيل شيلفن ۾ ڪافي ساترا
ڪتاب پيا هئا، ڪمري ۾ ڪرسيون ۽ صوفا به رکيل هئا.
ايندي شرط چوڻ لڳو:
”هاڻي ويهي ڳولهه ته ڪهڙي رسالي ۾ حفيظ جو ڪهڙو
افسانو ڇپيل آهي.“
رسالا شيلف جي هيٺين حصي ۾ پيل هئا. بس الله جو
نالو کڻي، وڌم هٿ رسالن ۾. رسالن ۾ گهڻا هري
موٽواڻيءَ واري ”ڪونج“ رسالي ۽. ”روح رهاڻ“ جا
پرچا پيل هئا. رسالا ڳولهيم ئي پئي ته آپا قمر
منجهند جي مانيءَ لاءِ سڏايو، ٽيبل تي پهتس ته
ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجو منتظر ڏٺم، کيڪر ڪري وري به
پنهنجي ڀرسان ويهاريائين. ماني کائڻ دوران چوڻ
لڳو: ”بيدل! حفيظ جو گهڻو مواد شيام ڪماروٽ رکيو
ٿي، تنهنجي ملاقات آهي ان سان؟“
مون چيو: ”نه!“
”سکر ۾ ئي ٿو رهي، تون اُن سان ضرور مل.“
مون کي ويڳاڻو ڏسندي چوڻ لڳو:
”خانداني منصوبابندي کاتي ۾ اٿئي، آسانيءَ سان ملي
ويندءِ.“
خانداني منصوبابنديءَ جو نالو ٻڌي منهنجو شيام سان
ملڻ جو مسئلو حل ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته منهنجو پيارو
دوست سليم چنا به خانداني منصوبابندي کاتي جيڪب
آباد ۾ ملازم هو. دل ۾ سوچيم ته جيڪڏهن حفيظ جو اڻ
ڇپيل مواد به ملي ويو ته واهه جو ڪم ٿيندو.
ڊاڪٽر صاحب جي ان شخصي لئبرريءَ مان حفيظ شيخ جو
ڪافي مواد مليو، تڏهن مون اهي رسالا الڳ ڪري ڊاڪٽر
صاحب کي انهن رسالن جي موٽائڻ جو سوٺو ڏيندي رسالا
پاڻ سان کڻي وڃڻ جو عرض ڪيو ته کلي چوڻ لڳو:
”بيدل! ڪتاب ڏيندڙ بيوقوف ته موٽائي ڏيندڙ مها
بيوقوف، پوءِ تون مون کي ۽ پاڻ کي بيوقوف بنجڻ کان
پاسيرو رک ته بهتر، باقي ڪنهن رسالي جون ٻه ڪاپيون
هجن ته اهي ڀلي کڻي وڃ.“
پوريءَ ريت ياد نه آهي ته ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب
جي گهر تي ٻه ڏينهن رهيو هوس يا ٽي، پر مختلف
رسالن مان حفيظ شيخ جو مواد مون سمورو اتاري ورتو.
جڏهن حفيظ جون ڪهاڻيون اتاري پوريون ڪيم ته ڊاڪٽر
صاحب پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪجهه روسي ڪتاب ۽ ڪونج جا
اهي پرچا تحفي طور ڏنا، جن جون وٽس ٻه ٻه ڪاپيون
هيون.
ان دوران چوڻ لڳو: ”بيدل! حفيظ جي هڪڙي ڪهاڻي سنڌ
مسلم ڪاليج جي مئگزين ۾ به ڇپي هئي، جنهن کي ان
وقت نسيم کرل ايڊٽ ڪيو، ڏسان ٿو متان ان جي ڪاپي
مون وٽ رکيل هجي.“
ان وقت ته نه پر شام جي چانهه کانپوءِ ڳولهي ڦولهي
بهرحال مئگزين ڪڍي ڏنائين.
مون ورق ورائي ڏٺو ته اها سال 1954-55ع جي مخزن
هئي، جنهن ۾ سندس ڪهاڻي ”سسئيءَ جا سور“ موجود
هئي.
”بيدل خبر اٿئي ته حفيظ اها ڪهاڻي ڇو لکي هئي؟“
مون ڪنڌ کي ڌوڻي اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو.
”اصل ۾ شيخ اياز هڪڙو ليک ”پنهل کانپوءِ“ جي عنوان
سان لکيو هو، جنهن تي حفيظ ”سسئيءَ جا سور“ لکي
هئي.“
”يعني حفيظ صاحب جو خيال هو ته پنهل کانپوءِ
سسئيءَ سور ئي ڏٺا.“
”نه حفيظ جو خيال هو ته پنهل کي اهو اندازو ئي
ڪونه هو ته سندس عياشيءَ جي ڪري سندس محبوبا
سسئيءَ سان ڇا ويڌن ٿيندي.“
ڊاڪٽر صاحب جو اشارو وري به شيخ اياز ۽ حفيظ شيخ
جي ڪنهن عشقيه معاملي طرف هو، جنهن ڳالهه بابت
ڪجهه ڳالهائڻ مون کي ڳورو پئي لڳو، ان ڪري مون
لنوائيندي، سندس ڏنل ڪتابن جو شڪريو ادا ڪيو.
مزي جي ڳالهه ته حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو
جڏهن تيار ٿي ويو ته ان کي ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ مان
ڇپائڻ لاءِ مسودو حيدرآباد ۾ سائين ظفر حسن وٽ کڻي
ويس، اتفاق سان اهو اڃان ڪمپوز ئي ڪونه ٿيو هو ته
مون کي پي ٽي ويءَ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ پويان اسان
جي پياري اسلم لغاريءَ، جيڪو پرفيڪٽ پرنٽرس ۾
ملازمت ڪندو هو، مجموعي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي،
مرتب جي حيثيت ۾ شايع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ شڪريي
طور منهنجو نالو ڏئي ڪتاب جو مرتب ٿي ويو. ان
مجموعي سان هڪ وري ويڌن وري اها به ٿي جو اسان جي
سهڻي ناز سنائي صاحب ان کي ٻيهر شايع ڪيو، جنهن
لاءِ هن شڪريو ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو، ڏک جو
اظهار ڪيم ته بدشد ڳالهائي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين.
افسوس ته ڏاڍو ٿيو هو. ڇاڪاڻ ته حفيظ جي اُن
مجموعي لاءِ صرف منهنجي محنت نه هئي، پر ان ۾ اسان
جي پياري سليم چنا به قرب ڪري شيام ڪمار کان حفيظ
جو انتساب هٿ ڪري ڏنو هو، ۽ اسان کي شيام ڪمار جو
به ٿورو ڳڻائڻ کپي ها، ۽ خود ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ
جو ٿورو به مڃجي ها، جنهن پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني
هئي، پرخير، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو.
|