تنوير: حل ته گورڪيءَ به ٻڌايو آهي. ٽالسٽاءِ به
’ري سريڪشن‘
Resurrection
۾ حل ٻڌايو آهي. سندري اُتمچنداڻي به ’ڪرندڙ
ديوارون‘ ۾ حل ٻڌايو آهي. اهي سڀ وڏا ڪتاب آهن. پر
ڪيترا اهڙا ڪتاب به آهن، جن ۾ حل ٻڌايل ڪونهي.
ڪرشن چندر جا ڪيترا ڪتاب، ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون
آهن، جن ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. سعادت حسن منٽوءَ جي
ڪيترين ڪهاڻين ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. پر تڏهن به
ڪهاڻين جو شمار عظيم ادب ۾ ٿئي ٿو. مطلب اهو آهي
ته ڪهاڻيڪار ڪيتري قدر پنهنجو پاڻ مسئلن ۾ اونهو
وڃي ٿو. هن کي بيان ڪرڻ جي ٽيڪنڪ تي ڪيتري قدرت
آهي. هن جو اسٽائيل ڪهڙو آهي. هو ٽيڪنڪ کان ڪيترو
ڪم وٺي ٿو. پوءِ هو حل نه به ٻڌائي، هن جي ڪهاڻي
عظيم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن حل ٻڌائي، تڏهن به ٿي
سگهي ٿي. اسان هڪ مفروضو ٺاهي پوءِ انهيءَ تي هڪ
اديب جي اسٽائيل کي ماپي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته دنيا
جو ادب اسان جي آڏو پکڙيو پيو آهي. جمال ابڙي جي
ڪيترين ڪهاڻين ۾ حل ٻڌايل ڪونهي. ’بدمعاش‘ آهي.
’شاهه جو ڦر‘ آهي. ’مُنهن ڪارو‘ آهي. ڪنهن ۾ حل
ٻڌايل ڪونهي سواءِ ’پشو پاشا‘ جي. هَن هر ڪهاڻيءَ
۾ رڳو واقعو پيش ڪيو آهي. پر رسول بخش پليجو به
انڪار نه ڪندو ته جمال جون اهي ڪهاڻيون عظيم
ڪونهن.
طارق: ليکڪ معاشري کي سڌارڻ لاءِ لکي ٿو. مبلغ به
معاشري کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. اوهان جي نظر ۾
ٻنهين ۾ فرق ڪهڙو آهي؟
تنوير: مبلغ جي جيڪا اپروچ آهي، سا اِها آهي ته:
جيڪو مان سوچيان ٿو، اُهو صحيح آهي. ٻين کي به
اُهو مڃڻ گهرجي ۽ مان ٻين کي به ذهني طور پاڻ جهڙو
بڻايان. اها آهي هن جي مشن. عيسائي مشينري آهي ته
هن جي مشن به اها آهي. جيڪڏهن اسان جو تبليغي آهي
ته هن جي مشن به اِها آهي، پر اديب جيڪو آهي، هن
جي دل ۽ هن جو ذهن وسيع آهي. تنهن ڪري جيڪي تاريخي
حقيقتون آهن، سماجي حقيقتون آهن، انهن جو مطالعو
ڪري ايماندارانه ۽ حقيقت پسند رويي سان لکي ٿو. پر
مبلغ هن جي برعڪس هڪڙو متعصبانه رويو رکي ٿو. اديب
اِهو نٿو چوي ته: جيڪو مان سوچيان ٿو، اهو ئي صحيح
آهي ۽ انهيءَ تي ڳنڍ ڏيئي بيهي رهو. هن جو ذهن
کليل آهي ۽ قيامت تائين کليل رهندو.
طارق: هن وقت جيڪي ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن، اوهان
اُنهن کان مطمئن آهيو؟ اُهي ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾
سٺيون ڪهاڻيون آهن؟
تنوير: ڪي ته آهن.
طارق: مثال طور؟
تنوير: هن وقت؟
طارق: ها.
تنوير: (ڪجهه دير سوچيندي) هن وقت ۾ اوهان ڪهڙو
وقت ٿا شامل ڪريو؟
طارق: منهنجو مقصد نون ڪهاڻيڪارن ڏانهن آهي، جن
ڪجهه عرصو اڳ لکڻ شروع ڪيو آهي. ڪهاڻيڪارن جي جيڪا
نئين ٽهي آئي آهي، ڇا انهن ڪي اهڙيون سٺيون
ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي اوهان کي ياد بيٺيون هجن؟
جيئن جمال ابڙي جي ڏهن ڪهاڻين جا نالا اوهان کي
ياد بيٺا هوندا؟ آغا سليم، نسيم کرل، جليل يا مغل
جي بهترين ڪهاڻين جا نالا اوهان کي ياد هوندا؟
تنوير: نون ڪهاڻيڪارن ۾ هڪڙو ڇوڪرو آهي- بادل
جمالي. هن جون ڪهاڻيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن.
باقي ٻين ڪهاڻيڪارن جا نالا ياد نه ٿا اچن.
طارق:ڪي نالا مان اوهان کي ياد ڏياريان؟
تنوير: ها نالا ٻڌايو.
طارق: طارق عالم ابڙو، محمود مغل....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) محمود مغل جون هڪ ٻه
ڪهاڻيون مون کي ياد اچن ٿيون.
طارق: ڪجهه عرصو اڳ جيڪي ڪهاڻيڪار عورتون سامهون
آيون آهن، ۽ جن جي ڪهاڻين جا مجموعا به نڪتا آهن،
يعني خيرالنساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه ۽ تنوير
جوڻيجو- اوهان جو انهن جي ڪهاڻين متعلق ڪهڙو رايو
آهي؟
تنوير: مون کي خيرالنساءِ جعفري تمام گهڻو امپريس
ڪيو. نمبر ٻئي تي نورالهديٰ شاهه به سٺو لکي ٿي.
پر هن وٽ رپيٽيشن آهي ساڳي خيرالنساءِ جعفريءَ جي
موضوعن جي. ٿي سگهي ٿو ته پڙهندڙن کي پسند ايندي
هجي، پر مون کي ايترو امپريس نه ڪيو اٿس.
طارق: سنڌيءَ ۾ غلام نبي مغل، ماڻڪ يعني منير،
وشنو ڀاٽيا جنس تي لکيو آهي، انهن جي متعلق اوهان
جو رايو؟
تنوير: (ڪافي دير سوچي) هينئر هنن جي ڪهاڻين جي
باري ۾ مون کي پوريءَ طرح ياد ڪونهي. البت غلام
نبي مغل جي ڪهاڻين جي بابت مان چئي سگهندس، ڇاڪاڻ
ته هن جون ڪافي ڪهاڻيون مون کي ياد رهجي ويون آهن.
باقي ٻين جون ڪهاڻيون هڪ دفعي وري پڙهان ته پوءِ
رايو ڏيئي سگهندس.
طارق: مغل جي انهن ڪهاڻين جي باري ۾ ڪهڙو رايو
آهي؟
تنوير: مغل جي آبجيڪٽِو اسٽڊي آهي. معروضي مطالعو
آهي.
طارق: سنڌيءَ جا ڪهڙا ڪهاڻيڪار اوهان جي نظر ۾ وڏا
ڪهاڻيڪار آهن؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) تمام وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ جمال
ابڙو آهي، رباني آهي، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، آغا
سليم، امر جليل، (حميد سنڌيءَ ڏانهن ڏسندي) حميد
سنڌي آهي.
طارق: ڀارت جي ڪنهن ڪهاڻيڪار جو نالو اوهان نه
کنيو؟
تنوير: موهن ڪلپنا، ايشور چندر، سندري، وشنو
ڀاٽيا.
طارق: جيڪڏهن اوهان کان سنڌيءَ جي سڀ کان وڏي
ڪهاڻيڪار جو نالو پڇجي؟
تنوير: جمال ابڙو.
طارق: اوهان ڪجهه وقت اڳ يورپ ويا هئا، اُتي اوهان
جي ڪنهن رائيٽر سان ملاقات ٿي هئي؟
تنوير: مان لنڊن ۾ ’پوئٽري سوسائٽيءَ‘ ۾ ويو هوس.
مون هنن جي هڪڙي ميٽنگ به اٽينڊ ڪئي هئي. اُتي
منهنجي هنن سان ملاقات ٿي هئي. هتي ’هالڪن‘ سان
منهنجي ملاقات ٿي هئي. هو مون کي ڪئمبرج وٺي ويو
هو. هن مون کي ٽرئڊيشنل ڊنر تي انوائيٽ ڪيو هو.
ٻيو ڊاڪٽر شئڪل سان ملاقات ٿي هئي، جيڪو لنڊن
يونيورسٽيءَ ۾ ايشين ۽ افريڪن اسٽڊيز ۾ آهي ۽ اُتي
سرائيڪي پاڙهيندو آهي. هن منهنجي دعوت ڪئي هئي.
سنڌ ۾ ٻه ٽي دفعا آيو آهي، هتي به ساڻس ڪچهريون
ٿيون آهن. باقي ٻين ملڪن ۾ ٻوليءَ جو مسئلو هو.
فرينچ مون کي اڃا ايتري ايندي ڪانهي. باقي خواهش
هئي ته سارتري سان ملان. تن ڏينهن ۾ سارتري جيئرو
هو، جنهن ڪيفي ’ديو مئگو‘
(Deux Magot)
۾ هو ويهندو هو، انهيءَ جي ٻاهران ڏاڍا چڪر ڏنم ته
شايد نظر اچي، ديدار ٿي وڃي، پر هو ڪونه هو.
طارق: ٻڌو اٿم ته هِتي وانگر هُتي به شعرن جا
مجموعا ڪو نه هلن. ڇا اِها ڳالهه صحيح آهي؟
تنوير: لنڊن پوئٽري سوسائٽيءَ ۾، پوئٽري بڪ شاپ
آهي. انهيءَ بڪ شاپ ۾، جيڪي به شاعريءَ جا ڪتاب
ڇپجن ٿا، اُهي سڀ موجود هوندا آهن. اُتي مون ڪن
شاعرن جا اهڙا مجموعا به ڏٺا، جيڪي سائيڪلو
اسٽائيل ٿيل هئا، ۽ اُتي وڪري لاءِ پيل هئا، پر
ڪنهن ڪونه ٿي ورتا. اُتي به شاعرن دانهون پئي ڪيون
ته اسان جا ڪتاب نٿا هلن. بهرحال تڏهن به گورنمينٽ
هنن کي ايتري ايڊ ڏي ٿي، ۽ اُهي پاڻ ۾ ايترو چندو
ڪن ٿا، جو پوئٽري مخزن ۾، سڄي دنيا ۾، شاعريءُ ۾
ڇا پيو ٿئي، اُهو موجود آهي. پاڪستاني شاعري نه،
انگريزي شاعريءَ ۾. آمريڪا ۾. فلاڻي شاعر جو فلاڻو
ڪتاب ڇپيو آهي. اُهي جيڪا ببليوگرافي ڏين ٿا، اُها
ئي ايتري مڪمل هوندي آهي جو شاعريءَ جي هر ڪتاب جو
ذڪر اچيو وڃي. انهيءَ کان علاوهه سوسائٽيءَ ۾
ميٽنگون ٿين ٿيون. هر هفتي اِهي ميٽنگون ٿينديون
آهن. هڪڙو اڱارو نون شاعرن لاءِ آهي. جيڪي به نئون
شاعر شعر پڙهندو، هن کي تمام غور سان ٻُڌندا ۽
رهنمائي ڪندا. هڪ هفتي ڪو امريڪن، جرمن، فرينچ يا
ڪنهن زبان جي شاعر کي سڏيندا. هڪ هفتي وري گذري
ويل شاعر تي بحث ڪندا آهن. سڀئي اسان وانگر شاعر،
شمشير جهڙا يا علي بابا جهڙا- سُڃيا ۽ بُکيا. جيڪو
به شاعر اندر ويندو، 50 پينس ٻاهر ويٺل ڪئشير کي
ڏيندو. نڪو رسيد، نڪو ٽڪيٽ.
طارق: اُتي اوهان مشاعرن ۾ شريڪ ٿيا هئا؟
تنوير: مشاعرن ۾ شريڪ ڪونه ٿيو هوس. انهن ڏينهن ۾
هڪڙي شاعرا
Anne Bers Ford
کي گهرايو هئائون. هن پنهنجي شاعري ٻڌائي هئي ۽
انهيءَ تي ٿورو بحث به ٿيو هو.
طارق: ڀلا هُتي اڄ ڪلهه آزاد شاعري ڪن يا پابند
شاعري به ڪن؟
تنوير: ڪي اڃا تائين پابند شاعري ڪن ٿا. خود
پوئٽري مخزن ۾ پابند شاعري اڃا ڇپجي ٿي، آزاد نظم
به ڇپجن ٿا.
طارق: زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو جيڪو اوهان
ڪڏهن وساري نه سگهيا هجو؟
تنوير: (ڪافي دير سوچي) هڪڙو واقعو مون کي ياد
آهي. مان جڏهن ستن سالن جو هوس، 1941ع ۾، ڪراچي
پهرين دفعي ويو هوس. ڪراچي زولاجيڪل گارڊن، جنهن
کي انهن ڏينهن ۾ گانڌي گارڊن چوندا هئا، اسان جو
بنگلو انهيءَ جي ڀرسان هو. جيئن اُتي پهتاسين،
اسان جي گهرن وارن چيو ته گانڌي گارڊن گهمي اچون.
اسين سڀئي گهمڻ وياسين. مون اُتي مور پهريون دفعو
ڏٺو هو. مور جي خوبصورتي، سندس کليل پَرَ ۽ سندس
ناچ ڏسڻ ۾ مان ايڏو محو هوس، جو منهنجي گهر وارا
اڳتي نڪري ويا. ۽ مان اُتي بيٺو رهيس. جڏهن مان
انهيءَ محويت مان نڪتس ته ڏٺم گهر وارا هئا ئي
ڪونه. ڏاڍو ڳوليم، رُنم. ڪراچي پهريون ڀيرو آيو
هوس، ٻار به هوس، ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه اچي ته ڇا
ڪريان. باغ کان ٻاهر نڪري گهر ڳوليم، پر گهر ملي
ئي نه. چڪَر ڏيندي ڏيندي سانجهي ٿي ويئي. پوءِ گهر
جي ڪنهن ڀاتي مون کي ڏسي ورتو ۽ گهر وٺي ويو. اهو
واقعو اهڙو عجيب لڳندو اٿم، جو مور جي سونهن ڏسي،
سڀڪجهه وسري ويم.
طارق: زندگيءَ جو ڪو خراب واقعو، جنهن کي ياد نه
ڪرڻ گهرو؟
تنوير: (ڪافي دير سوچي) ياد نٿو اچي.
طارق: سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي اٿؤ؟
تنوير: (ڪافي دير سوچي) سنڌي اهڙي موڙ تي پهچن،
جتي يقين ٿي وڃي ته سنڌ جو مستقبل هاڻ خطري ۾
ڪونهي.
طارق: آخري سوال ٿو پڇان: ’آرسي‘ اوهان پڙهي آهي،
اوهان جو رايو ڇا آهي؟
تنوير: تمام سٺو. تمام سٺي چونڊ ٿيل آهي ۽ باذوق
ماڻهن لاءِ آهي. گهڻي عرصي کان پوءِ اهڙي سٺي شيءِ
پڙهڻ لاءِ ملي آهي.
لوئي:
ڪهاڻي
تنوير شعرن کان علاوه ڪيترائي مضمون به لکيا آهن ۽
ثابت ڪيو اٿس ته هو هڪ سٺو مضمون لکندڙ به آهي، هڪ
ڪهاڻي ’لوئي‘ به لکيائين جنهن جو شمار سنڌي جي
بهترين ڪهاڻين ۾ ٿئي ٿو.
- طارق اشرف
لوئي
مون هن کي سُڃاتو ئي ڪين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه هو؛
وار ڦٽل هئس، جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو
هئائين. سندس رنگ ڪنهن اُس ۾ پيل پن جيان لهسجي
ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس، ۽ قميص جا بٽڻ
کُليل هئس؛ اندران سندس پگهر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر
ٿي رهي هئي.
مون کي اعتبار ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي،
جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو- جنهن جو مُنهن
ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو هو، جنهن جا وار سدائين
سليقي سان سنواريل هوندا هئا، ۽ جنهن جي نراڙ تي
هڪڙي چڳ سدائين لهرائيندي نظر ايندي هئي. ۽ سدائين
صاف پئنٽ ۽ رنگين بش شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هو.
مان ۽ رفيق ڇهين درجي ۾ گڏ پڙهيا هئاسين. ان زماني
۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو، ته هي نوٽبڪ
تي ماستر جي ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ٺاهڻ ۾
مشغول نظر ايندو هو. ۽ جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد هو
مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو، ته اسين ٻيئي
گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين. ۽ ٿوريءَ دير بعد
هن جي چپن تي هڪ مُرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي، ڄڻ ته
انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي پوري قيمت
ملي ويئي هجي.
سڄو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن
ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو، ۽ جڏهن نتيجو نڪتو ته ظاهر هو
ته هو ناپاس ئي ٿيو.
ان کان پوءِ، هن سان گڏجڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو،
ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس، ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾
ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مون کي خبر پيئي ته هن کي
اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو
ڪارٽون ٺاهيو هو- ان ڏوهه ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد،
وري هو مون کي نظر نه آيو، ۽ مون به ڪراچي ڇڏي،
حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.
اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانهه پيئڻ جي خيال
کان هوٽل ۾ گهڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان
جهلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سُڃاتو
ئي ڪونه؛ پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته
ساڳيو رفيق آهي- اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن
جو منهن ڀريل هوندو هو، ۽ مون سان گڏجي وڏا وڏا
ٽهڪ ڏيندو هو.
مان هن کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن مون کي ٻڌايو ته
هن کي گهر مان ڪڍيو ويو آهي- انهن ئي فن جي شوق
سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن برشن تي
اجايو خرچ ٿو ڪري، سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا
داغ نظر اچن ٿا- بيڪار پيو ٿو وقت وڃائي- ان ڪري
اهو شوق ڇڏي ڏئي. پر هو بدستور تصويرون چٽيندو
رهيو. ڪڏهن درياءَ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر
تي اُٿندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون.
انهيءَ کان پوءِ گفتگوءَ جو موضوع ڦري اُن وقت جي
حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻهن ۾ پنهنجي
قوميت جو احساس اچي چڪو هو، ۽ هر طرف کان پنهنجي
تهذيب کي بچائڻ جا آواز اُٿي رهيا هئا. نوجوان
طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي
ٿي ويو هو. هن چيو ”هاڻي ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي، مون
پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون
کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون- ”سکر بئراج“،
”لئنسڊائون پل“، ”سنڌي نينگرين جو کوهه تي جهرمٽ“،
”سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان“، ”ڪوٽڙي بئراج جي
ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا“- انهن سڀني نظارن
کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاهه جي بيتن
کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو. ”نوري“، ”سسئي“
۽ ”مارئي“- اِهي سڀ هن چٽيون. اُنهن ۾ مون کي
”مارئيءَ“ جي تصوير ڏاڍي وڻي- هن ۾ ڏيکاريو ويو
هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پَٽ تي ليٽيل آهي،
هن جا وار پريشان آهن، ۽ سندس سادا ۽ ميرا ڪپڙا
ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن، ۽ هوءَ اُنهن ڦاٽل ڪپڙن
مان ظاهر ٿيندڙ اوگهڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش
ڪري رهي آهي.
”هن تصوير جي قيمت گهڻي ٿيندي؟“ مون هروڀرو کانئس
پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيه
مُرڪ ڊوڙي ويئي. ”ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي اهڙين
تصويرون تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي ته فلم ائڪٽريسن
جون اڌ اگهاڙيون تصويرون کپن-“ ائين چوڻ سان هن جي
دل ڀرجي آئي، ۽ چيائين، ”ڀاءُ! اسان جو عوام بُکيو
آهي- هن کي جنس جي بک، روح جي بک..... آهي. هن جو
به ته ڏوهه نه آهي. هن کي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان
پنهنجي بُک مارڻي آهي- ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن.
پيٽ جا بکيا. گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي.
آرٽسٽ عوام جي بک مٽائن ٿا ۽ عوام آرٽسٽن جي...“
ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد، هو روزگار جي تلاش ۾
نڪري ويو.... ۽ سندس خط مون ڏي ايندا رهيا، ڪڏهن
لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان؛ ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن
ڪٿان؛ پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ
آهستي آهستي ڪري خط لکڻ به بند ڪري ڇڏيائين. سندس
خطن ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جو ذڪر هوندو
هو.
هڪ سال بعد، اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي
اچڻ متعلق لکيو هو.
جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو، تنهن ڏينهن مان اصل
اسٽيشن تي ويس. گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ انٽر گاڏا
ڳولڻ شروع ڪيا. توقع جي خلاف هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس
گاڏي مان سُوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو.
مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق،
جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا،
۽ هڪڙي چَڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي، ۽ هو
هڪ اوچي سوٽ ۾ ملبوس هو.
هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس ڪوليءَ جي حوالي
ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو.
گهر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ”تنهنجي حالت
هاڻي سُڌري ويئي آهي- شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو
قدر ڪرڻ لڳي آهي....!“
”ها....!“ هن هڪ ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو ته مون
پاڻ دنيا جي ’جذبات‘ جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“
ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو، ۽ هڪ تصوير ڪڍي، ٿڌو
ساهه ڀري، اُن تي حسرت واري نظر وڌائين، ۽ پوءِ
مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين.
مون هن کان تصوير وٺي ڏٺي.... اُها ساڳي ”مارئيءَ“
جي تصوير هئي- اُها ساڳي، جيڪا هن اڳئين سال مون
کي ڏيکاري هئي. فرق فقط اِهو هو ته هُن جي ليڙون
ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگهڙ ظاهر ٿي رهي هئي-
۽ هِن جي ”لوئي“ لهي وئي هئي---!
خاڪا، يادگيريون...
اڄ جي دنيا ۾ ناول کان پوءِ آتم ڪهاڻين ۽ سوانح
عمرين جا ڪتاب گهڻي دلچسپيءَ سان خريد ڪيا ۽ پڙهيا
وڃن ٿا. خاڪو به سوانح عمريءَ جو هڪ حصو آهي.
تنوير عباسيءَ جا خاڪا نهايت دلچسپ ۽ ڄاڻ ڏيندڙ
آهن، سندن ٻولي سادي ۽ سُهڻي آهي، سندس تحريري
انداز موهيندڙ آهي، ڪنهن به دور جو پاڙهو، جڏهن به
تنوير جي خاڪن جو مطالعو ڪندو ته ذڪر ڪيل شخصيت کي
پنهنجي سامهون ئي ويٺل محسوس ڪندو.
- ادل سومرو
علامه آءِ آءِ قاضي
سج سڀاڻي جا ڪري سا ئي ساميءَ روءِ،
اچي ٿي عطر جي منجهان مگٽ بوءِ،
سا ڏيکارينهون جُوءِ جتي لاهوتي لعل ٿيو.
فرشتا نظر نه ايندا آهن، خاص ڪري، 20 صدي ۾، مون
جهڙي گهنگار کان ڪو پُڇي ته توڪو ملائڪ ڏٺو، ته
مان چوندس ته ها مان علامه آءِ. آءِ قاضي کي ڏٺو.
علامه ائين ئي هو جيئن شاهه صاحب چيو آهي:
مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
بلڪل نفيس، نازڪ، پاڪ، پوتر، نرمل، سادو، سٻاجهڙو،
سنهڙو، جهڙي صورت، تهڙي سيرت. مونکي سعادت حاصل
آهي ته جڏهن علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾
Friday Lectures
ڏيندو هو ته مان پنهنجن دوستن سان گڏ ڪوشش ڪري
سندن هر ليڪچر ۾ حاضر ٿيندو هوس.
علامه صاحب جو اهو اصول هو ته جنهن وقت ليڪچر
هوندو هو، (ان وقت ليڪچر شام جو 5 بجي ٿيندو هو)
ته ڪريڪٽ ٽو سيڪنڊس پوري 5 بجي ظاهر ٿيندو هو ۽
اچي ڪرسي تي وهندو هو. ايترو
Punctual
هو. ان ليڪچر جا موضوع مختلف هوندا هئا. مثلاً:
ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر ڪيمسٽري تي ليڪچر ڏيندو هو،
۽ باٽنيءَ جو پروفيسر باٽني جي موضوع تي ليڪچر
ڏيندو هو، ۽ علامه صاحب في البديهه انهيءَ ساڳئي
موضوع تي بنا ڪنهن تياري جي، ان کان يڪدم بعد ۾
صدارتي رايا ڏيندو هو، ۽ اسان کي عجب لڳندو هو ته
هر سبجيڪٽ، تي هر موضوع تي، علامه صاحب جي ايڏي
گرفت هئي. ايڏي اسٽڊي هئي. ايڏو اونهو اڀياس هو،
جو هو انهي سبجيڪٽ جي ماهر، جيڪو انهيءَ تي ليڪچر
ڏيندو هو، ان کان وڌيڪ اسان کي ان سبجيڪٽ جي باري
۾ ٻڌائيندو هو. هڪ ليڪچر هو اسان جي دوست مقبول
ڀٽي جو، جيڪو تنهن زماني ۾ پريس جو مئنيجر هوندو
هو. انهيءَ جو ليڪچر هو ته پريس جي ايجاد ڪيئن ٿي
۽ ان جونTechnicalities
ڇا هُيون؟ اتي اسان چيو ته اڄ علامه صاحب جي خبر
پوندي. جيئن هي سبجيڪٽ ٽيڪنيڪل هو، پر علامه جيڪو
اُن تي ليڪچر ڏنو، جو سڀني کان وڌيڪ معلومات اسان
کي ملي. ته ايڏي وسيع اسٽڊي هوندي هئي علامه صاحب
جي هر موضوع تي. انهيءَ دور ۾ مونکي ياد آهي ته
اسان سان گڏ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي به هر ليڪچر تي
ايندو هو. ڪامريڊ جا خيال پنهنجا، علامه جا خيال
پنهنجا، پر هُيون ٻئي شخصيتون معصوم، ٻئي ايماندار
۽ ٻئي
Sincere
ٻئي پنهنجي پنهنجي اصول جا پڪا. پوءِ جڏهن ليڪچر
ختم ٿيندو هو ته ڪامريڊ حيدر بخش اُٿي بيهي سوال
ڪندو هو ۽ علامه صاحب ڪڏهن نه ڪاوڙيو. ڪڏهن به
پنهنجو صبر ۽ تحَمل هٿان نه ڇڏيائين، هميشہ مرڪندو
هئو، ۽ مرڪي ڪامريڊ حيدر بخش جي سوالن جا جواب
ڏيندو هو. ڪڏهن به هن فتويٰ نه ڪڍي ته حيدر بخش
ڪافر آهي، ڪو منڪر آهي يا هن کي تعزير ڏيو يا سزا
ڏيو- نه بلڪل نه- جڏهن به حيدر سان ملندو هو ته
تمام وڏي شفقت جو اظهار ڪندو هو. علامه صاحب هتي
خيرپور ۾ به آيو. ان جي باري ۾ اسان جي دوست حداد
صاحب ڪافي ٻڌايو ۽ هتي ڪافي رڪارڊ آهي. خاص ڪري
جوڊيشل ڪورٽ ۾ علامه جي فيصلن جو رڪارڊ آهي. جيڪي
هن فتوائون لکيون آهن، پر هتي ڪاغذ ڏسندي معلوم
ٿيو ته نومبر 1923ع ۾ مير علي نواز ”ناز“ جي غزل
جو انگريزي ۾ ترجمو ايلسا قاضي ڪيو. جيڪو هن جي
ڪتاب
Casual Peeps at Sophia
۾ ڇپيل آهي. بهرحال علامه صاحب جو خيرپور سان
جيڪو واسطو هو ان تي حداد صاحب ڪافي روشني وڌي، پر
هڪڙي ڳالهه خاص آهي، جنهن جي ڪري علامه صاحب
خيرپور ڇڏي، اها ڳالهه اوهان سان ڪندس.
مير علي نواز صاحب تنهن زماني ۾ هتان جو حڪمران
هو، تنهن زماني ۾ حڪمران جي زبان ئي قانون هو، ڇو
ته مطلق العنان حاڪم هوندا هئا. علامه صاحب تمام
ايماندار جج هو. اتفاق سان ڪو مير صاحب جو نوڪر
ڪيس ۾ ڦاسي پيو ۽ اهو ڪيس آيو علامه صاحب وٽ. مير
صاحب علامه صاحب ڏانهن هڪ ماڻهو موڪليو ته مير
صاحب جي مرضي آهي ته توهين هن جوابدار کي ڇڏيو.
علامه صاحب پنهنجي چيمبر ۾ ويٺو هو، اوڏي مهل هڪ
ٻئي ماڻهوءَ کي سڏايائين، ان کي پنهنجي ڀر ۾
وهاريائين ۽ وري سڏايائين، انهيءَ سفارشي ماڻهوءَ
کي ۽ پڇيائين ته ”بابا! مير صاحب ڪهڙو نياپو
موڪليو آهي، ته هن وري ورجايو ته مير صاحب، چيو
آهي ته فلاڻو ماڻهو اسان جو آهي، انهيءَ کي ڇڏيو.“
جيڪو ماڻهو وهاريو هئائين تنهن کان لکرائي ورتائين
ته مون کي هيءَ سفارش ٿي. ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجي
استعفا لکيائين ۽ استعفا لکي سڌو اسٽيشن پهتو ۽
پوءِ خيرپور ڇڏي هليو ويو، ته اها هئي علامه صاحب
جي ايمانداري.
انهيءَ باري ۾ مان اوهان کي هڪ ٻه حڪايتون ٻڌايان
ته پاڻ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو ته
علامه صاحب کي لنڊن وڃڻو هجي. هن پنهنجي ڊپارٽمنٽ
جا ماڻهو گهرايا ۽ پڇيائين ته ”بابا اوهان کي
ليبارٽري لاءِ ڪهڙيون شيون گهرجن. مان لنڊن ٿو
وڃان، مون کي لسٽ ڏيو ته مان اُتان وٺي اچان.“
انهن علامه صاحب کي لسٽ ڏني. علامه صاحب لنڊن ويو،
هنن لاءِ اهي شيون آنديون، ته يونيورسٽي وارن
T.A
بل آڻي علامه صاحب کي ڏنو ته هن تي صحيح ڪيو.
علامه صاحب پڇيو ته ”بابا! اهو ڇا جو بل آهي؟“ هنن
وراڻيو ته ”سائين اوهان سرڪاري طرح لنڊن ويا هئا
ليبارٽري جو سامان وٺڻ، سو انهيءَ جو بل آهي.“
چيائين ”نه بابا! آئون يونيورسٽي جي ڪم سان ته
ڪونه ويو هوس. مان ته پنهنجي ذاتي ڪم سان ويو هوس.
پوءِ جي ڪڏهن اوهان جو ڪم ڪري آيس ته پوءِ ان ۾
ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، انهي لاءِ مان اوهان کان ڇو
پئسا وٺان.“ ۽ علامه اهي پئسا نه ورتا.
ان کان پوءِ ٻي ڳالهه ته جڏهن آخري وقت ۾ پاڻ
’شاهه جو رسالو‘ پئي ترتيب ڏنائون ته ادبي بورڊ جي
طرفان علامه صاحب کي ماهوار اسڪالرشپ ڏيندا هئا،
فيصلو اهو هو ته جيستائين شاهه جو رسالو مڪمل ٿئي،
تيستائين علامه صاحب کي گذر سفر لاءِ 1000 روپيه
ڏجي، ڇو جو ان وقت علامه صاحب يونيورسٽي کان ٻاهر
هو. علامه صاحب اهو هر مهيني چيڪ وٺندو هو ۽ ڪم
ڪندو هو. اتفاق سان هڪ دفعي بيمار ٿي پيو ۽ ٻه
مهينا علامه صاحب ڪم ڪونه ڪيو، چيڪ بدستور ويندا
رهيا، پر انهن ٻن مهينن جو چيڪ واپس موڪليائين
بورڊ ڏي نوٽ هڻي ته هي ٻه مهينا مان بيمار هوس.
انڪري هي ٻه مهينا مان اوهان جو ڪم ڪونه ڪري
سگهيس. انڪري مونکي حق نه آهي ته اهي پئسا مان
اوهان کان وٺان. انهي ڪري واپس ڪيان ٿو. اهو هو
اصول. اها هئي ايمانداري، جنهنڪري مون کيس فرشتو
سڏيو آهي. جيترو وقت علامه صاحب يونيورسٽيءَ ۾
رهيو ان جو هڪڙو مثال ته ڊاڪٽر صاحب اوهان کي
ٻڌايو، پر مونکي ياد آهي ته يونيورسٽي ۾ ڪو صدر
اچي- گورنر اچي- وزير اعليٰ اچي، پر علامه صاحب
ڪڏهن به ان کي اسٽيشن يا هوائي اڏي تان وٺڻ نه
ويو، نه ڪنهن کي ڇڏڻ ويو.
هڪ دفعي مشتاق احمد گرماني گورنر هجي ويسٽ پاڪستان
جو ۽ يونيورسٽي اچڻو هو، علامه صاحب کي چيو ويو ته
گرماني صاحب ڏاڍو سخت ماڻهو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها
آهي ته اوهان جو چانسلر به آهي. ان کي اسٽيشن تي
رسيو ڪرڻ هلو. علامه صاحب چيو ته بلڪل نه، ڀلي مون
کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏي، منهنجي اها عزت نه آهي ته
مان وتان گورنرن کي رسيو ڪندو. آخر ان ڳالهه تي
راضي ڪيائونس علامه صاحب کي، ته هو يونيورسٽي جو
چانسلر آهي، اوهان کيس گهٽ ۾ گهٽ يونيورسٽيءَ جي
در تي ئي رسيو ڪيو، پوءِ علامه صاحب ان کي
يونيورسٽي جي در تي رسيو ڪيو.
علامه صاحب جي زماني ۾ ڇا ٿيو جو ڪراچي يونيورسٽي
به وجود ۾ آئي ۽ هوڏانهن پنجاب يونيورسٽي به هئي.
هنن ڌڙا ڌڙ گريجويٽ پيدا ڪرڻ شروع ڪيا، هوڏانهن
اسان جا ڇوڪرا ٿورا پيا نڪرن ۽ اسٽينڊرڊ به تمام
High.
علامه صاحب، کي چيو ويو ته سائين اهڙي طرح ته
Competition
۾ اسان جا ڇوڪرا رهجي ويندا ۽ توهان مهرباني ڪري
نرم ٿيو ته اسان جا ڇوڪرا نوڪريون وغيره وٺن-
علامه صاحب چيو ته:
“No- I want quality, not quantity”
اهي الفاظ هئا علامه صاحب جا. علامه صاحب جي انهن
لفظن جو ثبوت تڏهن مليو، جڏهن ويسٽ پاڪستان ٿيو ۽
لاهور ۾ اسان جا گريجوئيٽس ويا ته اُتي معلوم ٿيو
ته اسان جو هڪ هڪ گريجوئيٽ ڏهن تي حاوي ٿي ويو.
انهن جي مٿان
Domin
رهيو. اڄ علامه صاحب جي اسان ياد ملهايون ٿا ۽
منهن جي خيال ۾ اسان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان
جي رشيد احمد شاهه صاحب جيڪو هي ميڙو مچايو آهي،
سو سجايو ٿيندو ته اسان کي کپي ته
Quality-
۽ نه
Quantity.
جيڪو شاگرد هتان ڊگري وٺي ٿو نڪري ۽ ان کي ڄاڻ نه
آهي ته ان جي ڊگري بيڪار آهي ۽ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو
آهي. منهنجي اوهان کي نصيحت آهي ته اوهان سڀ ڄاڻون
بڻجو.
اوهان جنهن جنهن سبجيڪٽ ۾ پڙهو ٿا، ان جا ماهر ٿيو
۽ پوءِ ڏسو ته علامه صاحب جيڪي جي- ايم- سيد کي خط
لکيا آهن. انهن ۾ صاف لکيو اٿائين ته سنڌ جي امن
جو پيغام سڄي دنيا جي رهنمائي ڪندو. علامه صاحب
هتي عالمگير مذهب جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو سڄي دنيا
جي مٿان حاوي ٿي وڃي، سو علامه صاحب جي انهي خواب
جي تشڪيل اوهان نوجوان آهيو. اوهان محنت ڪريو.
اوهان جيڪو علم حاصل ڪيو. اهو هڪ سچو علم هجي.
ڪوڙي نقلي ۽ جعلي ڊگري نه هجي، جنهن مان اوهان کي
ڪوبه فائدو نه پهچندو.
تنهن کانپوءِ علامه صاحب جو جيڪو مطلب هو. سندس
خطن مان صاف ظاهر آهي. هڪڙي هنڌ پنهنجي خطَ ۾ لکيو
اٿائين ته مان هر قسم جي تعصب جي خلاف آهيان. هو
ڪنهن به قسم جو تعصب ۽ ڪٽرپڻو نه رکندو هو. ٻي
ڳالهه پنهنجي ڪتاب-
“Casual Peeps at Sophia”
۾ هڪڙو مضمون لکيو هيائين ته:
“Zartusstra was first beautiful biossom at the
history of man”
تنهن کان پوءِ زردشت کي پيغمبر سڏيو اٿئين. انهيءَ
کي رسول به سڏيو اٿئين. ان کان پوءِ هڪ ٻئي هنڌ
منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن اهڙو دور آيو جو
ماڻهو هڪٻئي کي ڪُهڻ لڳا ۽ ڪٽَڻِ لڳا ته علامه
صاحب جهڙو حساس ماڻهو ملڪ ڇڏي لنڊن هليو ويو.
1948ع ۾ هڪ خط لکيو اٿئين، جنهن ۾ رت جا ڳوڙها رنو
آهي ته هي انسانن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هڪٻئي جو
خون ٿا ڪن ۽ هڪٻئي کي قتل ٿا ڪن.
علامه صاحب جيڪو شاهه جي شاعري تي مقالو لکيو جنهن
جو ذڪر اسان جي دوست ڪيو ۽ ان جو جائزو بلڪل
خوبصورتيءَ سان ورتو، ان ۾ هڪ خاص ڳالهه آهي ته ان
کان اڳ ۾ جن شاهه سائين تي لکيو، تن شاهه سائين کي
درويش، پير، بزرگ. ڪرامتون، ان جا معجزا، ان جو
شعر ۽ ان جي روحاني معنيٰ ۽ ظاهري معنيٰ انهن
ڳالهين ۾ ڦاٿل رهيا، ڪڏهن
Scientific
تجزيو شاهه جي شاعري جو نه ڪيو ويو ته آخر شاعري
جي پرکڻ جا اصول ڪهڙا آهن. هرڪو چوندو هئو ته شاهه
وڏو شاعر آهي. شاهه دنيا جو عظيم شاعر آهي، اهو
صحيح آهي، ليڪن ڇو ۽ ڪيئن؟ ته اهو هڪ سائنٽيفڪ
طريقي جي تنقيد جو بنياد ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وڌو ۽
ان کان پوءِ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، جنهن اسان کي
ثابت ڪري ڏيکاريو ته شاهه عبداللطيف رحه دنيا جو
وڏي ۾ وڏو شاعر هو. تنهن کان پوءِ اسان علامه جون
ڪيئي تقريرون ٻڌيون- ان جي هڪ ڪيسٽ هتي به ٻڌي، ۽
مان چوندس ته اسان جي يونيورسٽي تي خاص طرح
’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ تي اهو فرض آهي تي علامه
صاحب جي هر تقرير جا ڪيسٽ بازار ۾ مهيا ڪيا وڃن.
جيئن اسان مان هرهڪ ان کي ٻڌي سگهي، سمجهي سگهي ۽
انهي تي عمل ڪري سگهي. علامه صاحب هر تقرير ۾ مذهب
کي هميشہ سائنس مطابق ڄاڻائيندو هو.
Theory of evolution
۾ هو يقين رکندو هو. هو ڪڏهن به ڪٽرپڻي يا
Fundamentssm
جي پاسي نه هو. جيئن 20 صدي جي شروع ۽ 19 صدي جي
آخر ۾
“Renaissnce”
هڪ تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ اهو به ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي ته مذهب، سائنس جي خلاف نه آهي. مذهب
سائنس کان الڳ نه آهي، بلڪ مذهب ۽ سائنس ٻئي هڪ
شيءِ آهن، انهن کي جيڪڏهن ان نموني پرکيو وڃي ته
اها سائنسي سوچ جيڪا آهي ته ان جو بنياد علامه
آءِ. آءِ. قاضي وڌو.
علامه صاحب جو جيڪو
آخري وقت هو. علامه صاحب مدرايلسا سان گڏ اسان
ڏٺو، انهن جي گهر ۾ ڪيئي دفعا حاضري ڏيڻ وياسون،
هنن جي پاڻ ۾ جيڪا پريت هئي ۽ اسان جي حداد صاحب
ٻڌايو ته 24- 1922ع ڌاري ٻئي
بگيءَ ۾ چڙهي گهمندا هئا. انهي زماني ۾ ڪا عورت
بنا پردي جي بگيءَ ۾ گهمي ته ڪيڏي نه وڏي
Progressive
هوندي. پر تنهن دور ۾ ته بغاوت جي ڳالهه هئي.
مدرايلسا ۽ علامه جو ساٿ ائين هو جيئن سائمن دي
بوير، جنهن جي هاڻي تازو وفات ٿي آهي، انهيءَ جو
سارتري سان هو، يا جيئن ڊورابليڪ جو برٽينڊرسل
سان. ۽ پوءِ علامه پاڻ کي تنها محسوس ڪيو، ۽ ان
کان پوءِ مون اهو ٻُڌو ته اسان جي اسڪالرس کي
انهيءَ تي ريسرچ ڪرڻ گهرجي ته علامه صاحب جي تقرير
تي پابندي هئي. انهن ڏينهن ۾ علامه صاحب کي دعوتون
به ملنديون هيون، عرض به ڪيو ويندو هو ته فلاڻي
جلسي ۾ اچو، پر علامه صاحب نه ايندو هو. انهيءَ
مان معلوم ٿئي ٿو ته تنهن دور جي حڪومت علامه صاحب
جي زبان بندي ڪري ڇڏي هئي، ان کان پوءِ علامه صاحب
اڪيلائي محسوس ڪئي، ۽ جن حالتن ۾ فوت ٿيو، پاڻي ۾
پير ڌريائين ۽ آخري وقت ۾ هو سهڻي جهونگاريندو
رهندو هو ۽ چوندو هو ته سهڻي جيڪا آهي، سا شاهه
عبداللطيف رحه جي سوچ جي انتها آهي، ان جي تخيل جي
بلندي آهي ۽ سهڻي جي جيڪا شاهه جي رسالي ۾ ترتيب
ڏني اٿئين ۽ چوندو هو ته شاهه جو سڄو فلسفو انهيءَ
۾ آهي.
”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.“
انهيءَ ۾ آهي ته ڪهڙي منجهه حساب هئڻ، جيئن نه،
بلڪ لفظ آهي- هئڻ
Existance, Before this life, during this life
and after this life- The very existence.
ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ. ائين چوندي
علامه صاحب پاڻيءَ ۾ پير ڌريو ۽ هڪڙي سهڻي هئي،
جنهن پاڻ کي اڳ ۾ ئي پاڻي جي نذر ڪيو هيو ۽ ٻيو
علامه قاضي هو، جنهن لاءِ شايد شاهه عبداللطيف رحه
هي بيت انهي
Situation
لاءِ چيو آهي ته:
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ
منهنجي هڪڙي دوست ڳالهه پئي ڪئي ته ڄامشوري جو
نالو مٽائي علامه آءِ. آءِ. قاضي رکيو وڃي. مان
سمجهان ٿو ته مون کي ياد آهي ته جڏهن ’گيان باغ‘
جو نالو مٽايو پي ويو ته علامه صاحب ان جي سخت
مخالفت ڪئي ۽ چيائين ته هي تاريخي نالا آهن، هي
تاريخي شيون آهن، انهن کي ائين رهڻ ڏيو، پنهنجي
تاريخ کي مروڙيو نه، پنهن جي تاريخ کي غلط نه ڪيو.
تاريخ کي تاريخ رهڻ ڏيو. اوهان کي جيڪڏهن جناح
صاحب جو نالو رکڻو آهي ته ڪو ٻيو باغ ٺهرايو، جنهن
تي جناح صاحب جو نالو رکو. منهن جي خيال ۾ علامه
صاحب خود انهيءَ ڳالهه جو مخالف هو. ڄام شورو ڪو
ڄام هوندو ۽ شورو ذات جو، جنهن جي نالي آهي. ٺيڪ
آهي، ڀلي انهيءَ جي نالي هجي پر اسان چاهيون ٿا ته
ڪو ادارو هجي، ڪو وڏو شهر ٺهي، جنهن تي اسان علامه
صاحب جو نالو رکون. اهو اسين پاڻ ٺاهيون، پنهنجي
همت سان نه، نه ڪي اڳي ٺهيل ڪنهن شهر تي رکون.
اسان کي نئين تعمير ڪرڻ گهرجي. علامه صاحب جي نالي
۾، علامه صاحب جو نالو ان جي شايان شان شيءِ تي
رکڻ گهرجي.
مان سچ پچ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان ته اسان جو نوجوان
پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه صاحب اهڙا
ميڙا مچائيندو اچي. هن کان اڳ به مان هتي آيو هوس.
منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي هئي، ۽ مون شاهه صاحب کي
چيو هو ته:
You have after all broken the ice.
۽ سچ پچ ته علامه صاحب کي ياد ڪري شاهه صاحب وڏي
خدمت ڪئي آهي.
آخر ۾ مان اوهان سڀني جو خاص طرح ڊاڪٽر رشيد احمد
شاهه ۽ ڊاڪٽر ملڪ جو ٿورائتو آهيان، جو مون کي
موقعو ڏنائون جو اوهان سڀني سان ملاقات ٿي ۽
پنهنجيون ڳالهيون اوهان تائين پهچايون.
(شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ علامه آءِ.
آءَ. قاضيءَ جي ورسي تي ڪيل تقرير، 1978ع)
شيخ عبدالمجيد سنڌي
رڳو هڏ ۽ چم- ماس نالي ماتر به نه- پر رنگ کليل،
منهن تي سدائين سُرخي، چپن تي هميشه هڪ لازوال
مُرڪ، وار ۽ سونهاري اڇا، ائين لڳي ڄڻ ڪو تمام
وڏيءَ عمر وارو بزرگ آهي، پر اکين ۾ نهاريو ته
جوان- جهڙيون اُماڙيون- پر اونهيون- شفاف- موتين
جي جرڪي واريون- تارا ڀُورا- مون کي ڪڏهن به
ڪراڙو نه لڳو- نه هلڻ چلڻ مان، نه ڳالهائڻ ٻولهائڻ
مان- سدا جوان، سدا بهار شخص مون حياتيءَ ۾ گهٽ
ڏٺا، ۽ انهن مان هڪ هئو شيخ عبدالمجيد سنڌي.
ڪراچي هوٽل جي ڏاکڻي ورانڊي جي ڪچهري، تاريخي
ڪچهري هوندي هئي. ان ۾ سرائي اميد علي (سنڌيءَ جو
اوائلي افسانه نگار)، شيخ علي محمد (صحافي- هاڻي
سينيٽر)، عبدالرحيم عباسي (ڪراچي هوٽل جو مالڪ)
مولانا غلام محمد گرامي، مولانا محمد يوسف (مولانا
عبيدالله سنڌي جو ساٿاري) سيد سردار علي شاهه
(روزانه ڪاروان جو ايڊيٽر) مصطفيٰ قريشي (هاڻي
ايڪٽر) ۽ ٻيا ڪيترائي اهم شخص اچي گڏ ٿيندا هئا.
مان ۽ رباني ان ڪچهريءَ ۾ نوجوان شاگردن جي حيثيت
۾ علم جي اساٽ کڻي اچي ويهندا هئاسين. ان ڪچهريءَ
۾ ڪڏهن ڪڏهن شيخ صاحب لڪڻ جو ٺڪاءُ ڪري، ”السلام
عليڪم“ چئي اچي شامل ٿيندو هئو.
مان ۽ رباني اڃان ٻار هئاسين. ذهنن تي شيخ صاحب جي
شخصيت جو رعب ڇانيل هئو. ادب سان ڪچهريءَ ۾ ويٺا
هوندا هئاسين، شيخ صاحب جي باري ۾ سڀ معلومات هئي.
پاڻ آل انڊيا شهرت جو ليڊر هئو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ
مسلم ليگ جي واڳ سندس هٿ ۾ هئي، ۽ هو سنڌ جو
بادشاهه گر
King Maker
هيو. سنڌ جو تعليمي وزير به رهيو هو. پر تڏهن به
وزرات جي زماني ۾ سندس پُٽ، خالد ۽ طارق ٽانگي تي
اسڪول ويندا هئا. سرڪاري موٽر ڪار خانگي استعمال ۾
نه آڻيندو هئو. ڪن اصولن جي ڪري جناح صاحب سان
اختلاف ڪري مسلم ليگ ڇڏي هئائين. ڪنهن زماني ۾،
هٿين خالي، سرشاهنواز ڀٽي کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني
هيائين. شروع ۾ به مرد قلندر هٿين خالي هو، هاڻ به
ائين آهي. سندس گهر ويندا هئاسين ته ٻه ڀڳل ڪرسيون
سڄو فرنيچر، کاڌيءَ جا ڪپڙا، ناس جي دٻلي هٿ ۾.
اها هئي ڪل ملڪيت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي، جنهن
جي دانائيءَ، ايمانداريءَ ۽ سياسي شعور جو ڌاڪو
سڄي هند پاڪ تي ڇانيل هئو.
شروع ۾ ته سندس شخصيت جو رعب هئو، پر پوءِ آهستي
آهستي سندس شخصيت جو قربائتو پاسو آڏو ايندو ويو.
پنهنجائپ وارو پيار ۽ شفقت- ”تنوير- ڇا ٿا ڪن
نوجوان-“ مُرڪي چوندو هئو.
نه رڳو سياست ۾ ڀَڙ، پر ادب، تاريخ، تصوف، فلسفو ۽
ٻولي به سندس قبضي ۾- الوحيد ۾ ايڊيٽوريل ۽ ڪالم
لکيائين جيڪي سنڌي ادب جو فخر لائق ورثو آهن. خاص
ڪري ’نعرءِ مستانه‘- سنڌي ٻوليءَ جو محاورو، ۽
اصطلاح جيترو شيخ صاحب ان دور ۾ استعمال ڪيو، اهو
ڪاڪي ڀيرومل، ڄيٺمل، ۽ لعل چند کان سواءِ ٿورن جي
ئي وس ۾ آيو هوندو.
ڪراچي هوٽل جي ڪچهري هجي، ڪا ادبي يا سياسي ميٽنگ
هجي، يا ڪو عام جلسو- شيخ صاحب هڪ هڪ لفظ چُٻي چٿي
ڳالهائيندو. سندس هڪ هڪ جملو ائين لڳندو هئو، ڄڻ
اهو ڪلاڪن جي سوچ کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي. ميٽنگ
يا جلسي جي صدارت ڪندو هوندو، ۽ ڪو ٺهراءُ پيش
ٿيندو، ته ان جي هڪ هڪ لفظ تي سوچي، ان کي اهڙيءَ
ريت لکندو، ڄڻ ڪو ماهر قانون دان ڪنهن آئين جي
مسودي جي ڊرافٽنگ ڪري رهيو آهي. قانوني توڙي آئيني
طور، اُن ٺهراءَ ۾ ڪوبه اهڙو خال نه ڇڏيندو، جو ان
جي ڪنهن ٻيءَ طرح تشريح ٿي سگهي. جي ڪنهن ميٽنگ يا
عام جلسي جي صدارت ڪندو، ته ان جي ڪاروائي
باقاعدي، دستور مطابق هلندي. ٺهراءُ پيش ٿيندو. ان
جي تائيد ۾ ڳالهائيندڙ نالا ڏيندا، ۽ سڏ ٿيڻ تي
ڳالهائيندا. مخالفن کي به ڳالهائڻ لاءِ وقت ملندو،
ان جي ٻوليءَ وغيرهه ۾ ترميمون باقاعدي پيش
ٿينديون. هر مرحلي تي ووٽ ورتا ويندا، ۽ آخر ۾
مسودو سمورين ترميمن ۽ تبديلين کان پوءِ منظور
ٿيندو.
ان زماني ۾ ئي اليڪشن جو اعلان ٿيو. (53 يا 54)
شيخ صاحب سنڌ اسيمبليءَ لاءِ سائين جي ايم سيد جي
سنڌ عوامي محاذ جي طرفان، حيدرآباد مان بيٺو.
سائين جي ايم سيد اهو محاذ مسلم ليگ جي خلاف ٺاهيو
هيو، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، شيخ صاحب، قاضي
فيض محمد ۽ ٻيا قوم پرست ۽ سوشلسٽ شامل ٿيا. ڪراچي
هوٽل وارن يارن مون کي چيو ته مان شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جو پولنگ ايجنٽ ٿيان.
ڀلا اُن کان وڌيڪ فخر جي ڳالهه مون لاءِ ڪهڙي هئي.
(اڄ تائين اُن ڳالهه تي مان فخر ڪندو آهيان)
اليڪشن ورڪ شروع ڪيوسين. شيخ صاحب جا مخالف ٻه
هئا. هڪ عبدالهادي شاهه (ميران محمد شاهه جو
ڀائيٽيو) ۽ ٻيو نواب زاهد علي خان (مهاجر ليڊر)
ميران محمد شاهه شيخ صاحب جو مداح به هئو ته عقيدت
مند به، پر مسلم ليگ ۾ هئو، ان ڪري مقابلو ڪرڻ
سندس فرض هئو. ميران محمد شاهه سابق اسپيڪر سنڌ
اسيمبلي، سابق وزير، سابق سفير به هئو، ته سنڌي
ٻوليءَ جو هڪ انوکو ليکڪ به هئو. پر تڏهن به شيخ
صاحب جي آڏو آيو.
ان اليڪشن ۾ اسان شيخ صاحب جون تقريرون ٻڌيون.
هونءَ ته شيخ صاحب کي يا ڪراچي هوٽل جي ڪچهرين ۾
ٻُڌو هئوسين يا سندس گهر ۾- هن اليڪشن مهم ۾ شيخ
صاحب جي تقريرن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. شيخ صاحب
سڌو سنئون ٿي بيهندو هئو. تقرير ڇا هوندي هئي. ڄڻ
ڪو دستاويز، منڍ ۾ ڌيمي لهجي ۾ مسئلن جو تعارف
ڪرائيندو، پوءِ هڪ هڪ مسئلي کي کڻي، تفصيل سان،
سُلجهائيندو ويندو، دليل ڏيندو ويندو، اهڙيءَ
ترتيب سان، اهڙي تسلسل سان، جيئن ڪو ماهر مقاله
نگار مقالو لکندو آهي. ڪو به خال نه ڇڏيندو، ڪوبه
جهول نه وجهندو. ڪابه ڳالهه اڳتي پوئتي نه ٿيندي.
جيڪا ڳالهه اڳ ۾ اچڻي هوندي، اها اڳ ۾ ايندي، ۽
جيڪا ڳالهه پوءِ چوڻي هوندي، اها پوءِ چوندو- ۽
سڀ في البديهه- نه نِوٽ هٿ ۾ نه ڪاغذ- هونءَ به
ڪنهن به مسئلي تي شيخ صاحب سان ڳالهايو. سندس
ڳالهائڻ جو انداز اهو ئي هوندو هئو. جيئن جيئن
ڳالهائيندو ويندو، تيئن تيئن ڌيمو لهجو ۽ آواز
بُلند ٿيندو ويندو. ڄڻ ڪا سامونڊي وير آهستي آهستي
چڙهي گجگوڙ ڪري.
سندس تقرير جي وڏي خوبي هئي ٻوليءَ جي رواني.
روان، عام فهم ۽ شائسته ٻولي ڳالهائيندو هئو. جوش
جي چوٽ تي پهتل هوندو هئو، تڏهن به ڪو گٿو لفظ
زبان مان نه ڪڍندو هئو. شيخ صاحب انهن ٿورن ماڻهن
مان آهي، جن جي واتان مون خانگي ڪچهرين، ميٽنگن
توڙي عام جلسن ۾، ڪو گٿو يا ناشائستو لفظ ڪڏهن به
نه ٻڌو. هو صحيح معنيٰ ۾ پارليامينٽرين هئو.
سدائين پارليماني ٻولي ڳالهائيدو هئو.
انهيءَ اليڪشن مهم ۾ شيخ صاحب تي الزام لڳا- هڪ ته
هو کاڌي ٿو پائي، اُن ڪري ڪانگريسي آهي. شيخ صاحب
چيو ”کاڌي پائڻ جو سبق ته اسان کي رسول پاڪ ڏنو
آهي. سادگي رسول جي سنت آهي-“ ٻيو الزام اهو لڳو
ته هو پاڪستان جو مخالف آهي- ان جو جواب شيخ صاحب
اهو ڏنو ته ”پاڪستان محمد علي جناح نه ٺاهيو-
پاڪستان واڻئي جي پُٽ شيخ عبدالمجيد ٺاهيو.“
بهرحال، ان اليڪشن ۾، شيخ صاحب کي ايترا به ايجنٽ
نه مليا جو سڀني پولنگ اسٽيشن تي پهچائي سگهي-
ڪاليءَ جي پولنگ تي ڪوڙا ووٽ هليا، جو اُتي اسان
جو ڪوبه ايجنٽ نه هئو. نتيجو ظاهر هئو. شيخ صاحب
هارايو.
هار جو اثر شيخ صاحب تي ڪوبه نه ٿيو. اهي ئي
ڪراچيءَ هوٽل جون ڪچهريون- اهي ئي شيخ صاحب جا
ٽهڪ، اهي ئي اسان نوجوانن کي چونگون ته گراميءَ
سان چرچا ڪريو. شيخ صاحب ان عمر ۾ به زندهه دل
هئو. جڏهن محفل سنجيدهه ٿي ويندي هئي، ته مون کي
يا ربانيءَ کي اشارو ڏيندو هئو ته ڪونه ڪو چرچو
ڪريو. ۽ نشانو گرامي صاحب هوندو هئو. ۽ ان سان
چرچا ٿيندا هئا ته شيخ صاحب جا ٽهڪڙا هوندا هئا.
ان وقت پيڙهي وڇوٽي ختم هوندي هئي، ۽ اسان شيخ
صاحب کي پنهنجي ويجهو سمجهندا هئاسين.
ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ ’سنڌ عوامي محاذ‘ ڀرپور
حصو ورتو. نوجوان، ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾
’سنڌ يوٿ فرنٽ‘ ذريعي ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ شامل
ٿي ويا. کهڙي دٻڙ دونس سان سنڌ اسيمبليءَ مان ون
يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ون يونٽ خلاف
مُهم ۾ اسان شيخ صاحب جي سنڌ دوستي نه پر سنڌ سان
عشق ڏٺو. عشق به رواجي نه، پر والهاڻو عشق.
ون يونٽ ٿي ويو. اسان نوجوان مايوس. هاڻي ڇا
ٿيندو؟- سنڌ جي صدين جي تهذيب، تمدن ٻولي ختم ٿي
ويندي- پر جڏهن شيخ صاحب سان ملياسين، ۽ انهن جذبن
جو اظهار ڪيوسين ته روايتي ٽهڪ ڏيئي چيائين ”هيءُ
به هڪ دور آهي. تاريخ ۾ سنڌ تي ڪي ئي اهڙا دور آيا
۽ گذري ويا- هيءُ به گذري ويندو.“
شيخ صاحب جي انهن لفظن اسان جي مايوسيءَ کي ته
گهٽايو، پر شيخ صاحب جي اُنهن لفظن جي سچائيءَ جي
ثابتي پوءِ ملي، جڏهن سنڌ جي تاريخ پڙهي سين.
ارغون، ترخان، مغل، سڀني سنڌ کي تحس نحس ڪرڻ
چاهيو، پر سنڌ اڃا تائين موجود آهي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي پڪو مسلمان هئو. هڪ به نماز نه
گُسايائين، هڪ روزو نه ڇڏيائين، پر مذهب هن لاءِ
ڏيکاءُ نه هئو، پر هڪ مسلڪ، هڪ نظريو، هڪ عقيدو
هو، جنهن تي هو خلوص دل سان عمل ڪندو هئو. مون
پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به پڪا ۽ سچا مذهبي ڏٺا
آهن، شيخ صاحب انهن ۾ سڀني کان مٿانهون هئو، پر
منهنجو اهو مشاهدو آهي، ته هر سچو مذهبي، مذهبي
تعصب کان پري هوندو آهي، ۽ هو بي تعصب
Secular
۽ انسان دوست
Humanist
هوندو آهي. هن لاءِ مذهب انسانيت جي ڀلائيءَ جي
مقصد تي پهچڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي. اهڙن مذهبي
ماڻهن ۾ مون علامه آءِ. آءِ قاضي، شيخ صاحب،
مولانا گرامي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻيا
ڪيترائي مڻيادار ماڻهو ڏٺا. پر عجب جو حيدر بخش
جتوئي، محمدابراهيم جويي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙن
لامذهبن جو جي مسلڪ الڳ هئو، ته مقصد ساڳيو ئي
انسان ذات جي ڀلائي آهي.
مذهبي تعصب، ڪٽرپڻو فقط انهن ماڻهن ۾ ڏٺم، جيڪي
منافق هئا، ۽ جن وٽ مذهب مقدس عقيدي بدران نفعي
ڪمائڻ واري بازاري وَٿُ هئو.
انهي نحيف ۽ نٻل جسم، ۽ وڏيءَ عمر هوندي به هن
ڪڏهن به سچ جو دامن نه ڇڏيو ۽ ستر سالن کان به مٿي
عمر ۾ جيل ڪاٽيائين. اهو به ايوب خان جي زماني ۾.
ايوب خان، ”بنيادي جمهوريت“ ذريعي صدارتي چونڊ جو
اعلان ڪيو. ملڪ جا سڀ جمهوريت پسند سندس خلاف متحد
ٿيا ۽ محترمه فاطمه جناح کي سندس خلاف اليڪشن ۾
بيهاريائون. اليڪشن سڌي ووٽ ذريعي نه هئي، پر ايوب
خان جي ايجاد ڪيل ”بنيادي جمهوريت“ جي ميمبرن جي
ووٽ ذريعي هئي. اُن اليڪشن جي سلسلي ۾ هڪ جلسو سکر
اسٽيڊيم ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ فاطمه جناح کي تقرير
ڪرڻي هئي. انهن ۾ گڏيل متحده محاذ جي ٻين اڳواڻن
سان گڏ شيخ صاحب پڻ آيو. سکر ۽ خيرپور مان رشيد
ڀٽي، مان، باقر شاهه، ڊاڪٽر اعزاز نظير، فتح الله
عثماني، شمس الدين شاهه ۽ ٻيا دوست هئاسين. جلسو
شروع ٿيو. ٻين اڳواڻن سان گڏ شيخ صاحب به تقرير
ڪئي. مختصر پر جامع. اهڙي يقين سان ڳالهايائين جو
سڀني اڳواڻن تي سندس تقرير ڇانئجي ويئي. جلسو پورو
ٿيو ته مون سان مليو. ۽ مون کي بي تڪلفيءَ مان
چيائين ”اڄ رات مان ۽ ڀرڳڙي (غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي)
تو وٽ خيرپور رهنداسين. پر پهرين هنن همراهن کي
سرڪٽ هائوس لاهيندا هلون.“
ڪجهه اڳواڻ منهنجي ڪار ۾ پٺيان غلام مصطفيٰ
ڀرڳڙيءَ سان ويٺا، شيخ صاحب اڳيان ويٺو. سکر جي
سرڪٽ هائوس تي مون گاڏي بيهاري. ٻيا همراهه لهي
ويا، ڀرڳڙي صاحب ٿيلهو کڻي آيو. شيخ صاحب چيو
”هلو“. مون چيو ”شيخ صاحب اوهان سامان ته کڻي
اچو.“ ”سامان؟“ شيخ صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو ”هيءُ جو
آهي سامان!“ هڪ ڳوڻ جي ڳوٿريءَ ڏي اشارو ڪندي
چيائين، جيڪا جلسي کان وٺي سندس هٿ ۾ هئي.
ڀرڳڙي صاحب کلي چيو ”اها ئي آهي شيخ صاحب جي
ملڪيت. هڪ وڳو کاڌيءَ جو، ڏندڻ، مصلو ۽ ٽوپي.“
ميان جي مڏي، هڪ ڏندڻ ٻي تڏي. اهو پهاڪو مون ٻڌو
هئو، پر اڄ ساڀيان ڏٺم.
سڌو خيرپور آياسين. ان وقت مان اڃان مسواڙي جاءِ ۾
رهندو هيس. قمر ۽ مون وت آهر شيخ صاحب ۽ ڀرڳڙي
صاحب جي خدمت ڪئي. رات جو دير تائين ڀرڳڙي صاحب
پنهنجي روايتي خوش طبعيءَ سان شيخ صاحب ۽ اسان کي
کلائيندو رهيو.
نيرن تي قمر، شيخ صاحب لاءِ حلوو ٺاهيو. اهو حلوو
شيخ صاحب کي ايترو ته وڻيو، جو پوءِ جڏهن به مون
کي مليو ته ان حلوي جي تعريف ضرور ڪندو هئو.
شيخ عبدالمجيد سنڌي، مسلم ليگ، عوامي ليگ، نئشنل
عوامي پارٽي، سنڌ عوامي محاذ، ڊيموڪريٽڪ ائڪشن
ڪميٽي، مطلب ته هر اُن جماعت ۾ رهيو، جيڪا جمهوريت
جي لاءِ جدوجهد ڪندي هئي، ۽ عوام دوست ۽ انسان
دوست نظرين جي حامل هئي. مارشل لا جي اونداهي دور
۾ به، باوجود ڪمزور جسم ۽ وڏيءَ عمر جي هر ويڙهاند
۾ سڀني کان اڳڀرو هئو. هونه فقط سنڌ جو فخر لائق
سياستدان هئو، پر سنڌي زبان جو بي مثال صحافي ۽
اديب پڻ. مون کي ياد نه آهي ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن
سياست دان جي مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا
ابوڪلام آزاد جهڙن اڳواڻن تعريف ڪئي هجي، تنهن
هوندي به اهڙو نهٺو، اهڙو نماڻو، اهڙو سادو، جو
اعتبار ئي نه اچي، ته شيخ عبدالمجيد سنڌي هيءُ ئي
آهي.
اهو منهنجو سڀاڳ آهي، جو اهڙي پارس سان حياتيءَ جا
ڪي موقعا قريب رهڻ جو موقعو مليو. پر اُن سان لَڳي
سون ٿي ته نه سگهيس، پر سون ٿيڻ جي آس دل ۾ اڃا
آهي.
حيدربخش جتوئي
پنجين درجي، (هاڻوڪي اٺين ڪلاس) ۾ هيم، ته حيدربخش
جتوئيءَ جا شعر پڙهيم، ڪورس جو ڪتاب هئو ”چونڊ
سنڌي نثر ۽ نظم“. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ترتيب ڏنل
هئو. ان ۾ هڪ نظم هئو:
تو فلڪ ٺاهيو ۽ دنيا جو نگهبان ڪيو،
بي عدد رنگن ۽ روپن سان پريشان ڪيو،
حسن خوبيءَ سان هزارن کي تو مستان ڪيو،
حيرت انگيز جهان ٺاهي تو حيران ڪيو.
ان نظم جي هيٺان لکيل هئو ”شڪوي تان ورتل“ ان نظم
جا ڪتاب ۾ ڏنل سڀئي بند مون کي ياد ٿي ويا، اهڙا
ياد ٿي ويا جو اڄ تائين ياد اٿم. خاص ڪري هيءُ
بند:
تو ڪيو حضرت انسان جي دل گهر پنهنجو،
ساري قدرت ۾ توکي ڇڏيو دفتر پنهنجو،
تنهنجي دفتر جا سڀئي ورق ڪنهين ڪين پڙهيا،
ڪنهين ڪارا ڪنهين اڇا ڪنهين رنگين پڙهيا،
ڪي سکيا ڪفر هتان ۽ ڪي هتان دين پڙهيا،
ڪن فقط تن مان محبت جا مضامين پڙهيا،
جيڪو جنهن ورق ۾ هو تنهن ۾ اهو غرق ٿيو،
عمر پوري ٿي وئي پورو نه هڪ ورق ٿيو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ سندس ٻيو نظم پڙهيم،
ڀلي آئين جيءُ آئين درياهه شاهه.
ٻنهي نظمن ۾ بي پناهه رواني، ۽ مضمونن جي نواڻ
هئي. اُن وقت ’اديب سنڌ‘ رسالو پڙهندو هيس، (1949ع
جو زمانو هيو) ۽ شعر به اهڙائي فاعلاتن فاعلات
وارا لکندو هيس. پر حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعريءَ
جيءُ جنجهوڙي ڇڏيو.
انهن ڏينهن ۾، اسان جي اين- جي- وي هاءِ اسڪول ۾
هڪ استاد هئو، مسٽر محبوب علي منگسي. ڏاڍو باذوق
هئو، ۽ ادب سان چاهه هيس. هو ڪلاس هلندي اڪثر حيدر
بخش جتوئيءَ جا شعر ٻڌائيندو هئو.
ان کان جتوئيءَ جون ڪجهه رباعيون ٻڌم:
الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،
مسجد ۾ ٽڪاڻي ۾ نه ديول ۾ ڏٺم،
هت بحث ۽ منطق جو نه ڪجهه آهي ضرور،
مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.
هن اهو به ٻڌايو ته مولوين وڏي تحريڪ هلائي
جتوئيءَ جي ڪتاب ”تحفئه سنڌ“ کي ضبط ڪرايو آهي. ڇو
جو ان ۾ ’شڪوي‘ جهڙا نظم آهن. هن شڪوي جا اهي بند
به ٻڌايا جيڪي اسان جي ڪورس واري ڪتاب ۾ نه هئا:
يا خداوند ڪرج عقده ڪشائي پنهنجي،
ڇو آهي رعب ۽ عزت تو گهٽائي پنهنجي،
تون ڇڏي ننڊ کي ڏيکار وڏائي پنهنجي،
مون کي آ خوف وڃائين نه خدائي پنهنجي.
استاد منگسي اسان کي رڳو جتوئيءَ جا شعر نه
ٻڌائيندو هيو، پر هن جي جدوجهد جي باري ۾ به
ڳالهيون ڪندو هئو. هن ٻڌايو ته جتوئي وڏي سرڪاري
نوڪري ڇڏي، مظلوم هارين لاءِ تحريڪ هلائي رهيو
آهي، ۽ انهن کي حقن ڏيارڻ لاءِ ”هاري پارٽي“ ٺاهي
اٿس، ۽ اخبار ”هاري حقدار“ ڪڍندو آهي.
ان زماني تائين ڪراچيءَ جي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ تي
پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ قبضو ڪري ان ۾
پنهنجا اجلاس شروع ڪيا، ۽ سنڌ اسيمبليءَ جا اجلاس
اين- جي- وي هاءِ اسڪول جي مٿئينءَ ماڙيءَ تي
ٿيندا هئا. اسان ڇوڪرا روز وزيرن، ۽ اسيمبلي
ميمبران کي موٽرن مان لهندي ۽ لفٽ (جيڪا خاص انهن
لاءِ لڳائي وئي هئي) ذريعي مٿي اجلاس ۾ ويندي
ڏسندا هئاسين. هيءُ يوسف هارون- هيءُ کهڙو- هيءُ
پيرزادو عبدالستار- هيءُ گبول- هيءُ گذدر- هيءُ
پيرالاهي بخش هڪ ٻه دفعا پاس هٿ ڪري اسيمبليءَ جو
اجلاس پڻ ڏسي آياسين. اها اسيمبلي واقعي اسيمبلي
هئي. گهڻا ميمبر اڻ پڙهيل. پر بردبار. تقريرون
معياري، فقري بازي ۽ نوڪ جهونڪ اعليٰ درجي جي (اهو
احوال ٻئي ڪنهن مضمون ۾ ڏيو)
ته ان اسيمبليءَ ۾ ”سنڌ ٽيننسي ائڪٽ“ پئي پاس ٿيو.
ٻُڌو سين ته ان ڏينهن ”سنڌ هاري پارٽي“ ان بل خلاف
مظاهرو ڪندي ۽ ”اڌو اڌ بٽئي“ جو مطالبو ڪندي.
مان ۽ منهنجا ڪجهه دوست ڪلاس ڇڏي، فقط حيدر بخش
جتوئيءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر آياسين. ٻاهر وڏو ميڙ
هئو. پٺيءَ اگهاڙا، اُس جا لهساٽيل، ليڙون ٿيل لٽن
سان هاري، ۽ انهن ۾ حيدر بخش جتوئي، زبرو جوان،
سهڻو، سنهين ڪتريل مُڇن سان (شهپر آخري عمر ۾
رکيائين.) وڌي وڃي ويجهو کان ڏٺوسين. هارين کي پري
کان پنڌ ڪري اسيمبليءَ تائين اچڻو پيو هئو. سڀ
اڃايل هئا. ”پاڻي“ پئي چيائون. اسان وڃي، اسڪول جا
مٽ کڻي آياسين اُهي پورا ٿي ويا ته اسڪول هڪ
ٻانهينئن
(Wing)
مان گهگهيون کڻي آياسين، جتي تعليم کاتي جون
آفيسون هيون، ۽ آفيسرن ۾ آغا تاج محمد (رجسٽرار
سنڌ يونيورسٽي) به هئو ته ڊاڪٽر دائود پوٽو
(ڊئريڪٽر ايڊيو ڪيشن) به. (اين- جي- وي هاءِ اسڪول
جي هڪ ٻانهينئن ۾ اهي آفيسون هيون. سنڌي ادبي بورڊ
جي آفيس پڻ شروعات ۾ اُتي هئي ۽ جويو صاحب اُتي
وهندو هيو.)
حيدر بخش جتوئي جي زماني جو هاري اڄڪلهه جو هاري
نه هئو. صحيح معنيٰ ۾ پورهيت هئو. هر ڪاهيندو هئو،
ڪيڻ ڏيندو هئو، ڳاهه ڳاهيندو هئو، وائُر ڪندو هئو،
پاڻي ورائيندو هئو، لابارو ڪندو هئو، پر تنهن
هوندي به ان داڻا ايترا نه ملندا هيس، جو پنهنجو ۽
پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ ڀري سگهي. دوا درمل، لٽو ڪپڙو
۽ تعليم ته پري رهي.
اڄوڪو هاري ٽرئڪٽر سان هر ٿو ڏياري، ڪيڻ به ٽرئڪٽر
ڏئي. ٻج به مشين ذريعي ڇٽجي رڳو پاڻي ورائي. پوءِ
ڳاهه وائر ڪري ٿريشر. اڄوڪي هاريءَ کي واچ به
آهي، ڪيٽيءَ جا وڳا به آهن، ٽرانزسٽر به آهي. جيڪو
حيدربخش جتوئيءَ جي جدوجهد جو نتيجو آهي.
وقت گذرندو ويو. بابا سائينءَ جي بدلي حيدرآباد
ٿي. ان زماني ۾ مان مئٽرڪ ۾ هيم، بابا سائينءَ وٽ
”هاري حقدار“ اخبار هر هفتي ايندي هئي، ۽ مان ڌيان
سان پڙهندو هيس. اوچتو هڪ ڏينهن ڪتاب ”آزادي قوم“
آيو. ڪجهه لفظ ڏکيا هئا. پر معنيٰ لکيل هئي. تڏهن
به دير هضم لڳا. وري ڪتاب آيو ”هاري گيت“ ”هاري
ڪهاڻيون.“
اهو زمانو 51- 1950ع جو هئو. تڏهن حيدرآباد مان
اخبار نڪرندي هئي ”هلال پاڪستان.“ اها اسان جي
اسڪول (گورنمنٽ هاءِ اسڪول) جي سامهون هئي، ته گهر
(جنرل پوسٽ آفيس جي پٺيان) کان سڏ پنڌ تي. شيخ علي
محمد (هاڻي سينيٽر) ان اخبار ۾ اسسسٽنٽ ايڊيٽر
هئو. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجا شعر کڻي، هلال پاڪستان
۾ ڇپجڻ لاءِ وٽس ويندو هيس. هو ڏاڍي همت افزائي
ڪندو هيو. هڪ ڏينهن ان وٽ مليو ”مصطفيٰ آتش“. هن
ٻڌايو ته هو حيدربخش جتوئيءَ جو پٽ آهي. هو به
پنهنجا شعر ”هلال پاڪستان“ ۾ ڇپڻ لاءِ ڏيڻ آيو
هيو.
ان ڏينهن کان مصطفيٰ سان دوستي ٿي وئي. هو مون کي
پنهنجي گهر وٺي آيو. (حيدر چونڪ تي، هاري آفيس
مٿان). هن مون کي حيدربخش جتوئيءَ جي هٿ اکرين
لکيل سندس شعر ڏيکاريا. جيڪي مولوين جي اعتراض ڪري
ضبط ڪيا ويا هئا. جتوئيءَ جو شڪوو، جنهن جا ڪجهه
بند مون استاد ابوبڪر منگسيءَ کان ٻڌا هئا، سو سڄو
مون هتي پڙهيو. اچڻ وڃڻ وڌيو ته ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ سان به دعا سلام ٿي، ته ٻين هاري رهنمائن
۽ ورڪرن سان به، انهن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري،
ڪامريڊ غلام حسين سومرو، ڪامريڊ عبدالخالق آزاد ۽
ٻين سان واقفيت ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون.
حيدربخش جتوئيءَ جي گهر ۾ ادبي ڪتابن سان گڏ قانون
جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هئو. هو ماجسٽريٽ ٿي رهيو
هيو، قانون تي هن جو پورو عبور هئو. هن هاءِ ڪورٽ
تائين پنهنجي ڪيس جي پاڻ وڪالت ڪئي. ان ۾ مشهور
ڪيس ”جيئي سنڌ“ ۽ ”جيئي هند“ وارو به آهي، جنهن
مان هن کي باعزت آزاد ڪيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ راحت سئنيما جي آڏو هڪ پٺاڻ گاڏي
وارو بيهندو هيو، ۽ تريل مغر ڏاڍا لذيذ ٺاهيندو
هئو. مصطفيٰ جتوئيءَ کي ان جا مغز ڏاڍا وڻندا هئا.
ٻئي ٽئين ڏينهن اُتي ويندا هياسين، ۽ ان جا مغز
کائيندا هياسين. (اڄڪلهه ان پٺاڻ اتي ئي هڪ وڏي
هوٽل ٺهرائي آهي). مصطفيٰ سان دوستي ٿي ويئي هئي،
ان ڪري ڪامريڊ حيدربخش سان سلام دعا پئي ٿيندي
هئي.
ڳوٺ آيس ته خبر پئي ته منهنجي ناني، زوار عيسيٰ
جا، حيدر بخش جتوئيءَ جي ڪٽنب سان ڏاڍا گهرا
لاڳاپا هئا، ۽ ڪامريڊ جي والد الهداد خان سان گهڻي
دوستي هيس. گهڻو ڪري هو سندن ڳوٺ بکي ديري ايندو
ويندو هيو. ان ڳالهه جي تصديق نانيءَ به ڪئي ته
ڪامريڊ حيدربخش ۽ بابا سائينءَ پڻ.
54- 1953ع ڌاري، علامه آءِ. آءِ قاضيءَ، سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجا ليڪچر شروع ڪيا. مان،
ربانيءَ سان هر هفتي پابنديءَ سان انهن ليڪچرن ۾
وڃڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ به هر ليڪچر ۾ موجود هوندو
هئو، ۽ ليڪچر کان پوءِ پنهنجي نڪتئهِ نظر موجب
سوال ڪندو هئو. انهن ليڪچرن ۾ ايندڙ ملان ٽائيپ
پروفيسر منهن چُٻو ڪري، ڪامريڊ تي ”ڪميونسٽ“ ۽
”ڪافر“ جا رمارڪ ڏيندا هئا، پر علامه صاحب تمام
بردباريءَ سان ڪامريڊ جي سوالن جا جواب ڏيندو هو.
ون يونٽ جا سانباها ٿيا، ته ان جي خلاف تحريڪ به
تيز ٿي ويئي. پهرين ’سنڌ عوامي محاذ‘ ٺهيو، ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي پنهنجي هاري پارٽيءَ سوڌو اُن ۾
شامل ٿيو. کهڙي جي سرڪار جي آمريت جو مثالي
بهادريءَ سان مقابلو ڪيائين. اسان به ان تحريڪ ۾
شاگرد ڪارڪنن جي حيثيت ۾ گهڙي پياسين، ۽ ان ريت
ڪامريڊ کي ٿورو ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو. جلسا،
جلوس، ميٽنگون، ڪامريڊ هر هنڌ موجود. سنڌ جي حقن
لاءِ، سنڌ جي پورهيت ۽ پيڙهيل طبقن جي بهتريءَ ۽
بهبوديءَ لاءِ، ڪامريڊ سڄي حياتي وقت ڪري ڇڏي هئي.
ان دور ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي شخصيت کي
پنهنجي تصور ۾ ٺاهيل عڪس
(Image)
کان به مٿڀرو ڏٺم. ڳالهائيندو ته کرو. ڪوبه رک
رکاءُ، ڪا به ٺاهه ٺوهه يا تصنع، ڪا به مصلحت
آميزي نه، جيڪو دل ۾ اهو زبان تي. ڪامريڊ جو منهن
سندس روح جو آئينو هئو. اهڙو معصوم چهرو مون رڳو
علامه آءِ. آءِ قاضيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو
ڏٺو، جنهن چهري جي هر ريکا ۾ خلوص هئو.
پاڻ سڌو ڳالهائيندو هئو. بنا ڪنهن لڪ لڪاءَ، ٺاهه
ٺوهه، رک رکاءُ يا ڊپ ڊاءَ جي. چوندو هئو ”ڪامريڊ.
ڳالهه ڪجي سنئين سڌي.“
ڪي همراهه کيس سمجهائيندا هئا. ”ڪامريڊ، هي جلسي ۾
آيل ماڻهو اڻ پڙهيل آهن. اڃا انهن جي ذهني سطح ان
لائق ناهي جو اهي ڳالهيون سمجهي سگهن.“
وراڻيندو هيو ”ڪامريڊ، انهن کي ئي ته اهي ڳالهيون
سمجهائڻيون آهن. جي اهي نه سمجهندا ته انقلاب ڪيئن
ايندو.“
۽ پوءِ ائين به ٿيو ته ڪامريڊ جدلياتي ماديت،
مارڪسزم، ليننزم، مذهب جو ڪردار، سڀني تي
ڳالهائيندو هئو. کلم کلا. تڏهن وڏيرن جو ڪيڏو زور
هئو، اڄ ان جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ائين به
ٿيو جو وڏيرن مولوين کان ڪامريڊ خلاف فتوائون
ڏياريون، ۽ ماڻهو موڪلي ڪامريڊ جا جلسا ڦٽايا. پر
ڪامريڊ جي منهن تي گهنج به نه پيو. جيئن ٿڌ تيئن
وڌ. اڳي کان اڳرو. تازو. توانو.
مون علامه آءِ. آءِ قاضيءَ، توڙي ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ، ٻنهي کي ڏٺو ۽ ٻڌو، (علامه صاحب سان
ايتري ويجهڙائپ نه ٿي)، پر تڏهن به مان سمجهان ٿو
ته علامه صاحب هن دور ۾ شاهه لطيف جو ڪردار پئي
ادا ڪيو ته حيدربخش جتوئيءَ سچل سرمست جو. هڪ
اشارن ۽ ڪناين ۾ حقيقت ڏي اشارو پئي ڪيو ته ٻئي
سڌو سنئون علي الاعلان دهل وڄائي حق ڏي پئي سڏيو.
هڪ ڏينهن ڪامريڊ کان پڇيم ”ڪامريڊ، توهان جي خيالن
۾ ايڏو انقلاب ڪيئن آيو؟.
پاڻ وراڻيائين هڪ ڪتاب پڙهيم.
Essays and Ietters by Ingersol
”انگرسال جا مضمون ۽ خط.“ (اهو ڪتاب پاڪستان ۾ بند
ٿيل هيو). وري کِلي، ٽهڪ ڏيئي چيائين ”ان ڪتاب جي
پڙهڻ جي صلاح مون کي دائود پوٽي (ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽي) ڏني، پر مون کي جهلي ڇڏيو هيائين
ته مان اها ڳالهه ظاهر نه ڪريان ته ڪو هن مون کي
ان ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏني هئي.“
هاڻي جڏهن ڪامريڊ جو نظم ”مناجات- درحق عمر الدين“
ٿو پڙهان جيڪو سندس ڪتاب ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ“ جي
صفحي 38 تي ڇپيل آهي ته لڳي ٿو ته ڊاڪٽر دائود
پوٽي جي ساڻس پريت هئي.
نورالدين سرڪيءَ جي صلاح تي، اهو ساڳيو ڪتاب مون،
ربانيءَ ۽ حفيظ شيخ پڻ پڙهيو. واقعي اهو ڪتاب ڏاڍو
اهم آهي.
ون يونٽ ٿيو، ته ڪامريڊ جي ننڊ ڦٽي پئي. ان وقت
ڪامريڊ تي اهو پهاڪو ٺهڪي ٿو اچي ته ”هرڻي اڳ ۾ ئي
نچڻي- ويتر ٻڌائونس گهنڊڻي.“ انقلابي ته اڳ ئي
هيو. پر سنڌ جي محبت سندس خشڪ انقلابي طبيعت ۾ هڪ
رومانوي رنگ ڀري ڇڏيو. ڇو ته هن جو ”وچن ويڙهيچن
سين“ هيو. ان دور ۾ سندس شاعري به جرڪي. سندس
اوائلي نظم ”ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه“ وارن
سنڌ سان عشق جي جذبن کي وڌيڪ اظهار مليو. ۽ هن نظم
لکيا ”سنڌ پياري،“ ”سلام سنڌ“، ”اي سنڌي وڏيرا“
”حيوان انسان“ ”جيئي سنڌ“ ”اي مٺي جيجل اي سونهاري
سنڌ“.
پر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو سنڌ سان عشق رڳو
افسانوي ۽ رومانوي نه هئو، پر حقيقت پسنداڻو، ۽
معروضي پڻ.
هن ان دور ۾ انگ اکر ڏيئي، قاعدن ۽ قانونن جا
حوالا ڏيئي، سنڌ تي ۽ اُن جي پيڙهيل طبقن جي ماڻهن
تي ٿيندڙ ظلمن جي باري ۾ اهڙا پمفليٽ لکيا جو
سيڪريٽرين جي سطح جا ڪامورا به انهن کي رد ڪري نه
سگهيا، ۽ ان جو ڪو جواب نه ڏيئي سگهيا- ۽ جي
ڏنائون ته اهو هيو ڪارن قانونن هيٺ ڪامريڊ جي
گرفتاري. ان دور ۾ ڪامريڊ هيٺيان پمفليٽ لکيا:
Injustice to Sind-I, Injustice to Sind- 11, and
Let is Save Pakistan –I, Unjust Land taxation in
sind districts, One Unit and democracy, Stop
ejectment of local population from Makhi Dhand
area, Democracy and Dictatorship- in Pakistan-
I, De-mocracy or Dictatorship in Pakistan- 11
(One Unit bill X- rayed), Democracy of
Dictatorship in Pakistan- HI (Dauitan`s debate
dealt with), Democracy and Justice of the Chief
Justice.
آخري پمفليٽ ڪامريڊ، ان وقت جي جڳ مشهور تميزالدين
ڪيس تي ڏنل پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس
منير جي ڏنل فتويٰ تي تنقيد طور لکيو. ان ۾ چيف
جسٽس صاحب اسيمبلين کي ختم ڪرڻ جي قدم کي قانوني
سڏيو هيو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو پمفليٽ اهڙو ته
مدلل ۽ قانون مطابق هيو، جو ڪو به ان جو جواب ڏيئي
نه سگهيو. اڳتي هلي خود جسٽس منير کي تسليم ڪرڻون
پيو ته سندس اها فتويٰ سياسي هئي.
ان زماني ۾ ٿيندو ائين هيو، ته ڪامريڊ پمفليٽ لکيو
ڪارن قانونن هيٺ جيل ويو، (ڇو ته قاعدي قانون ۽
انگن اکرن موجب ان پمفليٽ ۾ ڪوبه جواز نه هوندو
هئو، جو کيس پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري
سگهجي.) سزا ڪاٽي ٻاهر آيو. يڪدم ٻيو پمفليٽ
لکيائين- وري جيل ۾.
ان دور ۾ هڪ شام جو مان شيخ علي محمد وٽ عبرت جي
آفيس ۾ ويٺو هيس (ان وقت شيخ صاحب عبرت جو ايڊيٽر
هئو. اڄڪلهه سينيٽر آهي) اوچتو ڪامريڊ حيدربخش
جتوئي اچي نڪتو. اسان ادب سان ساڻس ملياسين. گهڙي
رکي هڪ پمفليٽ ڪڍيائين ۽ شيخ علي محمد کي چيائين
ته: هيءُ پمغليٽ عبرت ۾ ڇپيو- شيخ صاحب پمفليٽ وٺي
ڏٺو اٿلايو پٿلايو. سر سري طور ان جو جائزو ورتو.
۽ پوءَ ڪامريڊ کي چيائين ”ڪامريڊ، هيءُ پمفليٽ ته
مان ڇاپيان. پر اوهان اڃا تازو جيل مان آيا آهيو.
هيءُ پمفليٽ ڇپيو ته اوهان کي وري جيل موڪليندا.
ڪجهه ڏينهن آرام ڪيو. پوءِ هيءُ پمفليٽ
ڇپينداسين.“
ڪامريڊ ڪاوڙجي پيو، چيائين ”هن وقت هن پمفليٽ جو
ڇپجڻ ضروري آهي. ڇو ته سنڌ ۾ ڍلن جا اگهه وڌيڪ پيا
وصول ٿين. جي هن وقت انهن کي نه روڪيو ويو ته
سدائين لاءِ اها مصيبت سنڌ تي نازل ٿي ويندي.“
شيخ صاحب وري به ڪامريڊ کي ٿڌو ڪندي چيو ته
”ڪامريڊ ٿورو ترسو. پوءِ شايع ڪنداسين.“ ڪامريڊ
ڪاوڙ مان چيو ”سچ چوڻ جو وقت هيءُ آهي. جي ڪو ٻيو
نه ٿو چوي ته مان ته چوان. ڪنهن کي ته سچ چوڻ
گهرجي.“
۽ ائين ضد ڪري، ڪامريڊ اهو پمفليٽ قسطن ۾ عبرت ۾
شروع ڪرايو. نتيجو ظاهر هئو، يڪدم کيس گرفتار ڪيو
ويو.
سنڌ جي تحريڪ ۾ شيخ علي محمد ۽ عبرت جو وڏو ڪردار
آهي. اونداهي دور ۾ هنن اهي مضمون، ايڊيٽوريل،
بيان ۽ خبرون ڇاپيون، جن جو ڇپجڻ اُن دور ۾ ذري
گهٽ ناممڪن هيو.
ڪامريڊ جو جيل به سياستدانن وارو ”وئڪيشن جو وٿاڻ“
Holiday Ressort
نه هئو، جو اي ڪلاس يا بي ڪلاس هجي. پنکا، اردلي،
گهر جو کاڌو، ۽ سياسي دوستن جو ساٿ هجي. کائي پي،
اخبارون پڙهي سياست تي بحث ٿين. ڪامريڊ کي سدائين
سي ڪلاس ۾ رکندا هئا، ۽ پاڻ ڪڏهن به نه بي يا اي
ڪلاس لاءِ ڪوشش ڪيائين، نه ڪڏهن اهڙي درخواست
ڏنائين. ايوب خان ون يونٽ جي مخالفن جو سخت دشمن
هئو. ان جي ڏينهن ۾ ڪامريڊ کي سياري ۾ مچ جيل ۾
رکيو هيائون، جتي سياري ۾ سخت سردي ٿيندي آهي ۽
جيڪو سخت کان سخت جيل آهي. ان زماني ۾ ايوب خان
لاڙڪاڻي آيو، ۽ ڪنهن صاحب کيس چيو ته حيدربخش
جتوئي کي بنا ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي جيل ۾ رکيو
ويو آهي ته ايوب خان چيو ”حيدربخش جتوئيءَ جو ون
يونٽ جي مخالفت ۾ دماغ گرم ٿي ويو آهي. مون هن جي
دماغ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مچ جيل ۾ رکيو آهي. هن کي ٻه
ڪمبل ٿا ڏين پر هاڻي مان هن کان هڪ ڪمبل کسي وٺندس
جيئن سندس دماغ ڪجهه ٿڌو ٿئي.“
۽ ائين ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ، مچ جيل جي سخت
سرديءَ ۾، فقط هڪ ڪمبل ۾ پنهنجي سزا ڪاٽي.
شروع ۾ ”جيئي سنڌ“ اسان دوستن- مقبول ڀٽيءَ،
حميد،ناصر، مصطفيٰ قريشيءَ، رشيد ڀٽيءَ، شمشير ۽
ٻين ننڍين ڪچهرين ۾ چوڻ شروع ڪيو. پر ون يونٽ جي
دور ۾ اهو ڪفر جو ڪلمو کلئي عام، جلسي ۾ پڙهڻ وارو
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هيو.
سڄيءَ دنيا کي خبر آهي ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي
ڪميونسٽ به هئو ته لامذهب به. هو اها ڳالهه
لڪائيندو نه هئو، پر ان تي فخر پڻ ڪندو هئو. پر
اڳتي هلي خبر پئي ته سندس ڪميونزم، ۽ لامذهبيت سنڌ
جي پٺيءَ اگهاڙي هاريءَ جي عشق جي اظهار طور هئي.
هن کي سنڌ، ان جي ٻوليءَ، ان جي ثقافت، ۽ ان جي
پيڙهيل پورهيت سان عشق هئو. ان جي بهتريءَ لاءِ ئي
هو ڪافر ۽ ڪميونسٽ ٿيو هيو، ڇو ته سندس ايمان هئو
ته ڪميونزم ئي سنڌ جي اڻ پڙهيل پورهيت جي لاءِ
روشن ۽ خوشحال مستقبل آڻيندي.
ڪيترائي سينيئر ڪامريڊ، سنڌ جي قومي مسئلن،
ٻوليءَ، ثقافت، صوبائي حقن وغيرهه کي، پورهيت طبقن
جي وچ ۾ ويڇي جو سبب سمجهي، انهن کي ايتري اهميت
نه ڏيندا هئا، پر ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو هميشه
ساڻن جهيڙو هوندو هئو. هن جي خيال ۾ جيڪڏهن سوشلزم
سنڌ جي پورهيت جو آواز نه ٿي اُٿاري ته ان سان
اسان جو ڪهڙو ڪم.
چين جو وزيراعظم چوين لاءِ جڏهن حيدرآباد آيو، ته
خاص ڪري ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ڏي نياپو موڪلي
کيس گهرايائين، ۽ وڏيءَ سِڪ سان ساڻس ڀاڪر پائي
مليو.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ سڄي عمر سنڌ جي پورهيت
طبقن لاءِ وقف ڪئي. انگريزن جي دور ۾ وڏي نوڪري
ڇڏي، ڪل وقتي ڪارڪن ٿي، هاري پارٽيءَ کي قائم
ڪيائين. عمر جو وڏو حصو جيل ۾ رهيو. هو جيل ۾
هوندو هئو، تڏهن به سندس گهر ۽ اوطاق (جنهن ۾ هاري
پارٽيءَ جي آفيس هوندي آهي) هاري ڪارڪنن ۽ غريب
هارين لاءِ اجهي جو ڪم ڏيندا هئا. ڇو ته هارين يا
هاري پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي نه هوٽل ۾ رهڻ جيترا
پئسا هوندا هئا، ۽ وري هو ڪنهن وڏيري جي اوطاق ۾
رهي سگهندا هئا. ان ڪري حيدرآباد شهر ۾ سندن لاءِ
ڇپر ۽ ڇانءُ سنڌ هاري آفيس ئي هوندي هئي، جتي کين
هنڌ کٽولو وغيرهه ملندو هئو. ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ جي جيل ۾ هجڻ يا غير حاضريءَ جي صورت ۾
ڪامريڊ غلام حسين سومرو يا ڪامريڊ غلام محمد لغاري
سندن ڪمن ڪارين لاءِ موجود هوندا هئا.
ايڏيءَ عمر تائين، ايتري خلوص واريءَ ۽ بي لوث
خدمت جي باوجود به ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ پاڻ کي
ليڊر نه سمجهيو. هن سڄي عمر هڪ ڪارڪن وانگر ڪم
ڪيو، ۽ ليڊريءَ واري ٺاٺ باٺ، شهرت يا نمائش کان
پري رهندو هئو. ڪامريڊ لفظ جي صحيح معنيٰ ۾ ڪامريڊ
هئو. چوندو هئو ته ”ڪامريڊ مان ليڊر ٿوروئي
آهيان.“
ڪامريڊ سنڌ جي دوري تي نڪتو 68- 1969ع جو زمانو
هئو. تازو تازو جيل مان ٻاهر آيو هيو. هن دفعي
واري جيل سندس صحت ڏاڍي ڪيرائي ڇڏي هئي. سندس سڀني
مداحن ۽ خيرخواهن کيس جهليو ۽ آرام ڪرڻ جي صلاح
ڏني. پر ڪٿي حيدربخش ڪٿي آرام. هن ته عمر جي هڪ هڪ
گهڙيءَ کي سجايو پئي ڪرڻ چاهيو.
پروگرام اهو بيٺو ته سکر ۾ جلسو ڪندو ۽ ان کان
پوءِ خيرپور ايندو. سکر ۾ جلسو پورو ڪري آيو ته
مون فون ڪئي مانس. پاڻ مرحوم شمس الدين شاهه وٽ
رهيل هئو:
”ڪامريڊ ڇا پروگرام آهي.؟“ مون پڇيو.
”ڪامريڊ سڀاڻي پهچي ويندس.“ ڪامريڊ جواب ڏنو.
”ڪهڙي وقت؟“
”اهو ئي ڏهين بجي صبوح جو.“
”چڱو ڪامريڊ مان نائين بجي توهان کي وٺڻ ايندس.“
مون چيو ته پنهنجي ڪار تي ڪامريڊ کي سکر مان کڻي
ايندس- چيائين:
”نه ڪامريڊ نه- مان پاڻهي پهچي ويندس- تون تڪليف
نه ڪجانءِ.“
”شمس الدين شاهه جي ڪار تي ايندؤ؟“ مون پڇيو.
”نه ڪامريڊ- مان ڪو ليڊر آهيان ڇا جو ڪار تي اچان.
بس پاڻهي وقت تي توهان وٽ پهچي ويندس.“
مون شمس الدين شاهه سان ڳالهايو، هن چيو ”ڪار ته
مون وٽ به آهي، ڪامريڊ لاءِ حاضر آهي، پر ڪامريڊ
اصل نه ٿو مَڃي.“ شاگردن ۽ ڪارڪنن ڪامريڊ جي
آدرڀاءَ جو وڏو بندوبست ڪيو هيو، ان ڪري اٽڪل ڪري
مون ڪامريڊ کان بس جو وقت پڇي ڇڏيم.
ٻئي ڏينهن شاگرد ۽ ڪارڪن بئنر ۽ جهنڊا کڻي، مقرر
وقت تي بس اسٽئنڊ تي گڏ ٿي ويا. هنن بي تابيءَ سان
ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جو انتظار پئي ڪيو. هو
پنهنجي پياري اڳواڻ کي ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا. جذباتي
نعرا پئي هنيائون. جڏهن مقرر وقت واري بس آئي ته
نعرن جو جوش تهائين وڌي ويو. پر ڪامريڊ حيدربخش
جتوئي ان بس ۾ ئي ڪونه هيو. سڀ مايوس ٿي ويا. اسان
سوچيو ته شايد ڪامريڊ کان بس گُسي وئي آهي. انڪري
ٻيءَ بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.
پندرهن ويهن منٽن کان پوءِ ڪنهن اچي ٻڌايو ته هن
ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ کي بزار مان ويندي ۽ ڦول
باغ (جتي جلسو هئو) جو پُڇائيندي ڏٺو.
ٿيو ائين جو ڪامريڊ پري کان جو ميڙاڪو ۽ بئنر ڏٺا،
ته ڊرائيور کي چئي، بس بيهاري، اڳئين موڙ کان ئي
لهي هليو ويو.
پوءِ ته وٺ وٺُ ٿي ويئي، ڊوڙندي وڃي بزار ۾ ڪامريڊ
کي پهتاسين. هاڻي ڪامريڊ ڪٿي ٿو جان ڇڏائي سگهي.
ڪارڪنن ڪلهن تي کڻي، جلوس ۾ آڻي ڦول باغ پهچايس.
ڪامريڊ جي اهائي وائي ”ڪامريڊ مان ليڊر ته نه
آهيان. سڀ ورڪر آهيون. مان ته ڪارڪن آهيان.“
آخري عمر ۾ ڪامريڊ پنهنجي گهر واريءَ کي جلسن ۾
آڻڻ شروع ڪيو هيو. هڪ جلسي ۾ ته سندس موجودگيءَ ۾
مٿس لکيل نظم ”مصطفيٰ ماءُ“ به پڙهيو هيو. جذبن جي
پاڪيزگي ڏسو. سادگي ڏسو. خلوص ڏسو. عمر جي آخر ۾
پنهنجي گهر واريءَ سان عشق جو اظهار. اهو به کليل
جلسي ۾.
پيرحسام الدين حيدرآباد آيو. ڪامريڊ به هئو. مان
به هيس ته قمر به. پير صاحب ڪامريڊ سان چرچو ڪندي
چيو ”ڪامريڊ ٻڌو اٿم ته هن عمر ۾ تو پنهنجي گهر
واريءَ سان عشق شروع ڪيو آهي-؟ ڀلا عشق گهر واريءَ
سان ٿيندو آهي ڇا؟- اهو ته هميشه پرائيءَ سان
ٿيندو آهي.“
ڪامريڊ حيدربخش کي منهنجي ۽ قمر جي خبر هئي ته
اسان پيار جي شادي ڪئي آهي. هونءَ به قمر شاديءَ
کان اڳ به ڪيترا دفعا مون سان گڏ ڪامريڊ وٽ وڃي
چڪي هئي. انڪري ڪامريڊ يڪدم پير صاحب کي چيو ”ڇو
نه؟ صحيح عشق ته ٿيندو ئي گهر واريءَ سان آهي.
تنوير کان پُڇي ڏسو-“
مون ڪامريڊ کي چيڙائڻ لاءِ چيو ”ڪامريڊ، شاديءَ
کان پوءِ خبر پئي اٿم ته زال سان ٻيو سڀ ڪجهه ته
ٿي سگهي ٿو، پر عشق نه ٿو ٿي سگهي.“
اُن تي سڀني حاضرينن جا وڏا ٽهڪ لڳا ۽ ڪامريڊ
ڪاوڙجي ويو. چيائين ”تنوير- تون به ائين ٿو چوين.“
ڪامريڊ ايڏو سادو، جو ان چرچي کي به ساڀيان پئي
سمجهيائين.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جهڙا ماڻهو ڪٿي؟ سچا،
کَرا، جن جي اندر ۾ عشق، عشق سنڌ جو، سنڌ جي
پورهيت جو، جن جو خلوص شفاف شيشي وانگر، جن جي
حياتي ڏک، ڏولاوا، پر منهن تي هڪ سدا جرڪندڙ مرڪ،
اها مرڪ، جيڪا ڪنهن عظيم مقصد لاءِ تڪليف سهڻ کان
پوءِ سڪون حاصل ٿيڻ مان ملندي آهي.
پير حسام الدين راشدي
پير حسام الدين راشديءَ ۾ ”پير“ جهڙي ڪا به ڳالهه
نه هئي. نه ڊگهي ڏاڙهي، نه عصا نه دستار ۽ نه
جُبو، نه تعويذ ڦيڻو ڪري، نه سڳو ڌاڳو ۽ شوڪارو.
نه کيس خليفو هئو، ۽ نه مريد. سهڻو سيبتو، ڪلين
شيو (ڏاڙهي مڇون ٻئي ڪوڙيل)، ذوق سان سبرايل فل
سوٽ ۽ ٽاءِ، يا پئنٽ بش شرٽ، ڪڏهن شاندار سلوار
قميص ۽ صدري، عينڪ اکين تي، وار سليقي سان
سنواريل، بوٽ سدائين پالش ٿيل، شيو هڪ ڏينهن به
وڌڻ نه ڏيندو. رنگ ڪڻڪائون، نڪ ڊگهو، قد ۽ بت
وچولو، چال ۾ شان، هر ڳالهه ۾ ذوق ۽ سليقو. کاڌي
خوراڪ، چوڙڻ ماڻڻ توڙي ڪتابن، دوستن، هوٽلن، گهمڻ
جي جاين، تان جو نوڪرن تائين سڀ سندس اعليٰ درجي
جي ذوق جا مظهر هئا.
مان کيس ننڍي هوندي کان ڏٺو. جڏهن منهنجي عمر
تيرهن ورهيه هئي، جو ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. اين- جي-
وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيس. گڏ ڪرڪيٽ کيڏڻ وارا
هندو دوست لڏي ويا. اين- جي- وي هاءِ اسڪول ۾ فخر
الدين شاهه راشدي، (جنهن کي پيار مان ميرل چوندا
هئا.) منهنجو هم ڪلاسي
هئو. اهو پير صاحب جو ڀاڻيجو آهي. ان سان صلاح
بيٺي ته سندس جمشيد روڊ واري گهر جي اڱڻ ۾ روز
ڪرڪيٽ راند ڪجي.
راشدين جو گهر اسان جي نيوٽائون واري گهر کان
فرلانگ کن پري هئو. روز شام جو ڪرڪيٽ راند ۾ راشدي
خاندان جا سڀ ڇوڪرا هوندا هئا. پير شاهه، سلطان
شاهه، حسين شاهه ۽ اياز. اسڪول به ساڳيءَ بس تي
وڃبو هئو، ۽ موٽبو به گڏ ساڳيءَ بس تي هئو. اهڙيءَ
ريت راشدي خاندان جي ننڍن سان چڱي ويجهڙائپ ٿي
ويئي.
فخر الدين شاهه کي خبر هئي ته مون کي ادب ۽ شعر
سان دلچسپي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر به لکندو آهيان.
هن مون کي ٻڌايو ته ”منهنجو مامو به وڏو اديب آهي.
ان جي وڏي لائبرري آهي.“
مون کيس زور ڀريو ته مون کي اها لائبرري ڏيکاري.
پير حسام الدين جي موجودگيءَ ۾ ته اها لائبرري ڏسڻ
ممڪن نه هئي، پر هڪ ڏينهن، جڏهن پير صاحب گهر ۾ نه
هئو ته ميرل (اڳتي مان فخر الدين شاهه راشديءَ کي
ميرل لکندس) مون کي سندس لائبرريءَ ۾ وٺي ويو. ۽
اسان ان لائبرريءَ ۾ ائين خبرداريءَ سان ۽ ڊڄندا
وياسين، ڄڻ ڪي چور چوري ڪرڻ پيا وڃن.
ايڏي وڏي لائبرري ڏسي منهنجون وايون بتال ٿي ويون.
ميرل سَرٻاٽ ۾ چيو ”هي ڏس- هيءُ ڪتاب ماما جا
آهن-“ مون ڏٺا- جلد ٻڌل ڪتاب، جنهن جي جلد تي
سونهري اکرن ۾ لکيل هيو ”پير حسام الدين راشدي.“
لائبرريءَ گهمڻ کان پوءِ مون ميرل کي چيو ته مون
کي پنهنجو ماما ڏيکار- ۽ هڪ ڏينهن ڪرڪيٽ راند جي
وچ مان ميرل مون کي وٺي ويو. ڊرائنگ روم ۾، دريءَ
کان ٻاهر بيهي اشاري سان ڏيکاريائين- ”هُو- اهو
آهي ماما حسام الدين-“
ان وقت پير صاحب جوان پئي لڳو، مون کي سٺو لڳو.
ان کان پوءِ، منهنجي اسرار تي ميرل پير صاحب جي
لائبرريءَ جا ڪتاب مون کي پڙهائڻ شروع ڪيا- هو پير
صاحب کي خبر ڪرڻ بنا ڪتاب آڻي مون کي ڏيندو هيو، ۽
مان ڪتاب پڙهي، ڏاڍيءَ اشرافت ۽ ايمانداريءَ سان
ميرل کي موٽائيندو هيس. ميرل ڊڄندو به ڏاڍو هيو.
پر مان پير صاحب جي ان سرچشمي مان سيراب ٿيندو
رهيس، سواءِ کيس خبر هئڻ جي. منهنجي اوائلي ادبي
تربيت پير صاحب جي لائبرريءَ مان ئي ٿي. ڪهڙو ڪتاب
اتي نه هئو؟ جيڪو گهُر سو حاضر. ديوانِ گل، ديوانِ
قاسم، ديوانِ فاضل، ڊاڪٽر خليل جو رهنمائي شاعري،
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ڪتاب، تان جو بهشتي
زيور تائين پير صاحب جي لائبرريءَ مان پڙهيم (ان
کان اڳ پنهنجيءَ مرحوم نانيءَ جي هٿان الف ليليٰ،
جان عالم، قصص الانبيا ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيا هيم).
راشدين جي خاندان ۾ ”وڏن جو ادب“ ضرورت کان وڌيڪ
هئو. ان ڪري منهنجا سڀ راشدي دوست ڪڏهن به اها همت
نه ڪندا هئا جو منهنجي زوردار خواهش هوندي به پير
صاحب جي ويجهو وڃن يا مون کي وٺي وڃن. مون ته حسين
شاهه کي آخر تائين پير صاحب آڏو ڪرسيءَ تي ويهندي
به نه ڏٺو، جيستائين ڪچهري هلندي هئي، حسين شاهه،
سلطان شاهه، توڙي ٻيا ننڍا اُڀين پيرين بيٺا هوندا
هئا.
1951ع ۾ اسڪول جو زمانو گذري ويو. بابا جي بدلي
حيدرآباد ٿي. ته به مون ضد ڪري فرسٽ ييئر ڊي جي
ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي، ۽ پوءِ حيدرآباد جي ڦليلي
واري ڪاليج ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائي ڪيم، ان
وچ ۾ اڪثر پير شاهه ملندو هئو. باقي ٻيا راشدي
ڪڏهن ڪڏهن ئي ملندا هئا.
1955ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ نڪتو ته ان ۾ حسام الدين
راشديءَ جا مضمون- ڊگها- خشڪ- سي به فارسي شاعرن
تي- ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد-“
ٽيهه چاليهه صفحا- ان ۾ ڪيترائي فارسي صفحا
ميرمائل جي ڪلام جا، اسان هِريل افساني ۾ شعر تي.
هيءُ خشڪ مضمون هضم نه پئي ٿيا- ربانيءَ، مون ۽
حفيظ، ابراهيم جويي سان جهيڙو ڪيو ته ”ايڏا صفحا
خشڪ مضمونن تي ڇو ٿو وڃائين. ان جي جاءِ تي ڪي
افسانا يا شعر ڏي.“
جويو صاحب سنڌ جي تاريخ جي اهميت تي اسان کي وڏا
ليڪچر ڏيندو رهيو، پر اسان جي ذهن ۾ اهي ويهي نه
سگهيا. نه جويي صاحب اسان جي ڳالهه مڃي، ۽ نه اسان
پنهنجي هوڏ کان هيٺ لٿاسين. اسان کي شيخ اياز جي
پٽي پڙهيل هئي ته ”تاريخ جاگرافي وغيرهه ادب جو
حصو نه آهن“- سو ان ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌيسين. شيخ
حفيظ ته اهڙا خط به مهراڻ جي ايڊيٽر کي لکيا. پر
جڏهن اڳتي هلي اسان انهن مضمونن کي پهرين سرسري، ۽
پوءِ تفصيل سان پڙهڻ شروع ڪيو، ته خبر پيئي ته سنڌ
جي تاريخ کي چڱيءَ طرح ڄاڻڻ کان سواءِ سنڌ جي
تحريڪ هلائڻ اجائي اهي، ۽ تاريخ برابر تخليقي ادب
جو حصو نه آهي، پر اُن جو اڀياس قومي تحريڪن لاءِ
تمام ضروري آهي.
هڪ پير حسام الدين راشدي، ۽ ٻيو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ- ٻنهي سنڌ جي تحريڪ جي لاءِ پيڙهه جو ڪم ڪيو.
تاريخ لوڪ ادب، ۽ ڪلاسيڪي ادب. اُنهن کان سواءِ
قوم جو تصور ناممڪن آهي.
پير صاحب اسان کي ٻڌايو ته سنڌ جا سورما ڪير آهن ۽
سنڌ جا غدار ڪير. دولهه دريا خان، دودي سومري، ۽
هوش محمد شيدي جي خبر اسان کي پير صاحب وٽان پيئي.
هڪ مضمون لکيائين ”شاهه عنايت شهيد- سنڌ جو پهريون
سوشلسٽ-“ جيڪو ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپيو- اسان کي
صوفين جي انقلابي ڪردار جي خبر پير صاحب جي مضمونن
ڏني.
پوءِ خبر پيئي ته پير صاحب منيلا ويل آهي کيس دل
جو سخت دورو پيو آهي. حياتي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ آهي.
پوءِ خبر پئي ته پير صاحب صحتياب ٿي موٽي آيو آهي.
اها خبر خوشيءَ جي خبر هئي. دل تان وڏو بار لهي
ويو.
رباني ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري هئو، پوءِ
سيڪريٽري ٿيو ۽ پير صاحب بورڊ جو ميمبر- ان سلسلي
۾ اسان جي سنگت مان سڀ کان پهرين ربانيءَ جي پير
صاحب سان ڏيٺ ويٺ ٿي. هونءَ به ربانيءَ جو مزاج
اهڙو آهي جو ٿوري وقت ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو بنائي
ويندو آهي. پير صاحب سان ويجهو ٿي ويو ۽ مون سان
اڪثر پير صاحب جون ڳالهيون ڪندو هيو. منهنجي لاءِ
پير حسام الدين اهو ئي هيو، جيڪو ننڍي هوندي ڏٺو
هيم، جنهن آڏو منهنجا راشدي دوست ويندي ڪوء
کائيندا هئا.
هڪ ڀيري رباني مون کي زوريءَ پير صاحب وٽ رٽز هوٽل
۾ وٺي ويو. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ اها ئي بهترين
هوٽل هئي ۽ پير صاحب اُتي ئي ترسندو هيو.
بهترين پوشاڪ ۾، وڏي قرب سان مليو. دير تائين ويٺا
رهياسين علم، ادب، تاريخ، سياست، سڀني تي بحث
هليو. مون کي پهرينءَ ئي ملاقات ۾ هو روشن خيال،
بي تعصب ۽ وطن دوست لڳو. ان سان گڏ علم جو ڀنڊار
خلوص ۽ محبت سندس هر گفتي ۽ عمل مان ڦٽي ٿي نڪتا،
منهنجا اُلڪا ڌوپجي ويا، جيڪي ننڍي هوندي کان پير
صاحب لاءِ هوندا هئا. نئين ادب لاءِ، سندس ٽهيءَ
جي عالمن وانگر نه فقط نفرت نه هيس، پر محبت پڻ.
ان کان پوءِ اهو معمول ٿي ويو، جو پير صاحب
حيدرآباد اچي، ۽ مان ساڻس ملڻ وڃان. جيترا ڏينهن
حيدرآباد رهندو هئو، اوترا ڏينهن ساڻس ڪچهري ٿيندي
هئي. هڪ به شام نه گسائبي. انهن ڪچهرين ۾ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، مولانا گرامي، جويو صاحب، علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي، رباني، ڊاڪٽر الانا، نياز
همايوني ۽ ٻيڙو فقير هوندا هئا. جي ڪراچيءَ وڃبو
هئو، پير صاحب سان نه ملبو هئو، ۽ کيس خبر پوندي
هئي، ته ڇنڊ ڪڍندو هئو. چئي ”لوفر ٿي پيا آهيو.
هيڏي هوڏي رُلندا ٿا وتو.“ ڪراچيءَ وڃجي، ۽ پير
صاحب وٽ ماني نه کائجي، اها اڻ ٿيڻي. جهڙي به وقت
وڃبو، مانيءَ جي وقت تائين ضرور ترسائي ڇڏيندو.
کائڻ جي معاملي به پير صاحب وڏي ذوق وارو هئو، ٽي
چار طعام ته ضرور هوندا، پر لذيذ، خوشنما ٿالهين
۾، ويندي آچار جا به ٻه ٽي قسم ضرور هوندا. هر
ويلي تي پير صاحب وٽ گهٽ ۾ گهٽ چار پنج مهمان ضرور
هوندا هئا. ڪي اردوءَ جا عالم اديب ۽ اسڪالر، ته
ڪي سنڌيءَ جا.
پير صاحب جي کاڌي جو ذوق سندس ڪتاب ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ مان ظاهر آهي. اُن ۾ لکيو اٿائين ته سکر ۾
ڪهڙي هوٽل جي ماني لذيذ آهي. مون کي به اُن جو
تجربو ٿيو. جڏهن پير صاحب حيدرآباد ايندو هئو، ۽
ڪو دوست ڪنهن هوٽل جي کاڌي جي تعريف ڪندو هئو، ته
يڪدم پير صاحب تيار- ته هلو ان هوٽل تي، وڪٽوريا
ڀاڙي تي ڪري اُتي پهچبو.
تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي واڍن جي پِڙ ۾ هڪ نئين
هوٽل کُلي هئي، جنهن کي ”جهوپڙا هوٽل“ سڏيندا هئا.
پهريون دفعو ان هوٽل ۾، ڪرسين ميزن بدران کٽولن تي
ماني کارائڻ شروع ڪيائون ۽ ماني به ”سنگل سالنا“
يا ”قورما“ ”ڀڳيلا“ ۽ ”نان“ بدران تئي تي پڪِل گرم
گرم اوڦراٽا ۽ ٻوڙ- ذائقو ۽ خوشبو اهڙي جهڙي گهرَ
جي پڪل ماني. پير صاحب جو تعريف ٻڌي ته يڪدم تيار
ٿيو.
وڪٽوريا تي چڙهياسين. مان، ڊاڪٽر بلوچ، پير صاحب،
نياز همايوني، ۽ رباني. ربانيءَ شيطاني ڪري، تلڪ
چاڙهيءَ تي گاڏي روڪرائي چيو ته ”هتي لهو ته هتان
پنڌ ڪندا، هوا کائيندا هلون-“ پير صاحب پنڌ جو
شوقين. سڀئي لهي پياسين. رباني سري گهاٽ کان ڄاڻي
واڻي رستو ڀلجي پيو، ۽ اُبتا سبتا چڪر ڏياريندو،
رنگين گهٽين مان ڦيرائيندو اچي واڍن جي پڙ واريءَ
جهوپڙا هوٽل ۾ پهتو. پير صاحب سمجهي ويو ته رباني
بدمعاشي ٿو ڪري ته مرڪي چپ ٿي ويو، باقي ٻئي بزرگ
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
جهوپڙا هوٽل سَسَتي هئي- غريب غربو اتي ماني کائڻ
ايندو هو، پر پير صاحب معتبري نه ڏيکاري- کٽولي تي
ويهي، مانيءَ جي تعريب ڪندو رهيو، ۽ ان کانپوءِ،
جڏهن به حيدرآباد آيو، ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ويلو
جهوپڙا هوٽل تي ضرور کائيندوهو. |