تنوير، سنڌُ جو انتهائي نفيس، نَرم سڀاءَ وارو
مٺڙو ۽ محبتي ماڻهو هو، سنڌي ادب، ٻوليءَ، ثقافت ۽
فَن ۽ نئين ٽهيءَ جي شاعرن، اديبن لاءِ ڇَپر ڇانوَ
بڻيل هي آدرشي انسانُ، پنهنجي وجود ۾ سچُ ته، سنڌُ
جي علامت هو.
حوالا ۽ مددي ڪتاب:
1.
شپلي، جوزف ٽي: ”دي ڊڪشنري آف ورلڊ لِٽريري
ٽَرمس“، جارج ايلن اينڊ انون لميٽيڊ، لنڊن، 1970ع،
صفحو: 322.
2.
اسٽيفن اسپنڊرڊ ۽ ڊونالڊ هال: ”دي ڪنسائيز
اينسائيڪلوپيڊيا آف انگلش ائنڊ امريڪن پوئٽري“،
نيويارڪ، 1963ع، صفحو: 323
3.
اينسائيڪلوپيڊيا برطانيڪا، 1973ع.
4.
عباسي، تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“، نيوفيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، آگسٽ 1989ع، صفحو: 141.
5.
چارلس بودليئر: ”فلاورس آف ايول“، لنڊن، 1922ع،
صفحو: 25.
6.
جالب، افتخار: ”نئين شاعري“، نئي مطبوعات، لاهور،
1966ع، صفحو: 307.
7.
عباسي، تنوير: ”شاهه لطيف جي شاعري“، نيوفيلڊس
پبليڪيشن، حيدرآباد، آگسٽ، 1989ع، صفحو: 65.
8.
ارسطو: ”بُطيقا“ (فنِ شاعري)، ترجمو: عزيز احمد،
انجمن ترقي اردو (هند)، نئي دهلي، 1989ع،، صفحو:
65.
• سڌايو، غلام نبي ڊاڪٽر: ”شاهه جي شاعريءَ ۾
علامت نگاري“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز،
ڀٽ شاهه، آگسٽ، 1992ع،
• عباسي، تنوير: ’رڳون ٿيون رباب‘، سنڌي ڪتاب گهر،
حيدرآباد، سنڌ، مارچ 1958ع.
•
عباسي تنوير: ’شعر‘، سنڌو ڪتاب گهر، سکر، سنڌ،
اپريل، 1970ع.
• عباسي، تنوير: ’سِجُ تِريءَ هيٺان‘، نذر سنز
(لميٽيڊ) حيدرآباد، سنڌ، 1977ع.
• عباسي، تنوير: ’هيءَ ڌرتي‘، سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت، حيدرآباد، مارچ 1985ع.
علم جو بادل،
ادب جي برسات
ڊاڪٽر ملڪ نديم
حقيقت ۾ سنڌ کي هن وقت تائين سنڌي ادب بچايو آهي.
شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز، تنوير
عباسي ۽ سندن ٽهيءَ جي شاعرن، اديبن پنهنجي مادري
ٻوليءَ وسيلي سنڌي ماڻهن کي ڌرتيءَ جو شعور ڏنو
آهي. اهي ماڻهو سدائين سنڌي عوام لاءِ دلجاءِ ۽
اميد جي روشني پئي رهيا آهن. شيخ اياز جي لاڏاڻي
کان پوءِ تنوير عباسي سنڌ جو شاعراڻو آٿت ڏيندڙ
رهيو. هو وڏو شاعر ۽ وڏو ماڻهو هو. هن ۾ اڻٽر
انساني خامين جو هوندي به ڏاڍيون گهڻيون ماڻهپي
جون خوبيون هيون.
هو سنڌ جو سچو سڄڻ، صوفي ۽ قوم پرست هوندي به
عالمي انساني برادريءَ جو قائل هو- هو انساني
ڪمزورين جي باوجود انساني اخلاقيات ۽ قدرن جو عملي
روپ هو. هو جهڙو سماجي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو.
تهڙوئي جسماني بيمارين جو ڏاهو معالج هو.
ماڻهن جي جسماني بيمارين جو علاج هو ڪجهه پيسن تي
ڪندو هو، ۽ ماڻهو کانئس علاج ڪرائيندا هئا- هو
ماڻهن جي سماجي روڳن جي دوا درمل لاءِ مشورا ۽
ويچار مفت آڇيندو هو. ماڻهو کائنس علاج نه
ڪرائيندا هئا، هوئنن ته سنڌي ماڻهو مفت ۽ چوريءَ
جو ڀتر به نه ڇڏيندو آهي، پر هنن تنوير عباسيءَ
جهڙي ڊاڪٽر جي هوندي به کانئس ڌيان سان پنهنجو
علاج نه ڪرايو ۽ نه ئي پنهنجي روڳن ڏانهن ڌيان
ڏنو.
تنوير، سنڌي قوم جي آزارن کي آڏو رکندي، مزاحمتي
شعور سان ڀرپور سُر ڪيڏارو تخليق ڪيو- سنڌ جي
ڏتڙيل طبقن جهڙوڪ، هاري ۽ مزدور جي سورن جو احساس
رکندي، ”سنڌ هاري جي سنڌ مزدور جي“ سري هيٺ نظم
لکيو، تنوير انساني برادريءَ جي هڪ ٻاجهاري فرد جي
حيثيت ۾، ”هر ماڻهو موتيءَ داڻو، هر ماڻهو هيرن جي
کاڻ“ جهڙا شعر لکيا.
هو ادب ۾ ذاتي پسند يا ناپسند جهڙا عمل جاري رکندي
به وڏي نقصان ڪارگروهه بندي جي خلاف هو.
تنوير عباسيءَ پنهنجي زندگي جي ٽين ڏاڪي ۾، تخليق
کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ڌيان ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾
هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن تي
خيال جاڳائيندڙ تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا.
تنوير جو شمار سنڌ جي نهايت ذهين ۽ وڏي مطالعي
وارن ڏاهن ماڻهن ۾ ٿيندو هو.
تنوير جو نه فقط سنڌ، پر پاڪستان جي سطح تي مانُ
سنمان ٿيو ۽ کيس پنهنجي ادبي پورهئيءَ تي وڏي
پذيرائي ملي. هو ملڪ جي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير
سرڪاري علمي ادبي ۽ تعليمي ادارن جو سربراهه ۽
ڪيترن ئي صلاحڪار بورڊن جو ميمبر رهيو. تنوير کي
سندس علمي ڪمن جي مڃيا طور مرڪزي سرڪار ’تمغه
امتياز‘ سان نوازيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر
جو خيال ڏيندڙ ۽ سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي جي ايم
فل ۽ پي ايڇ ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽
اعزازي ليچڪرار رهي چڪو آهي. هو جرنلزم بورڊ،
سليڪشن بورڊ ۽ سئنڊيڪيٽ جي ڪن شعبن جا پيپر به سيٽ
ڪندو هو ۽ جوابي ڪاپيون به چيڪ ڪندو هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو ٻه ڀيرا لطيف
يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر جي حيثيت ۾ نامزد ٿيو،
پر تر جي ميرن، پيرن ۽ ٻين پرمار قوتن جي شديد
مخالفت جي ڪري کيس ان پوسٽ تي نه اچڻ ڏنو ويو، پر
خيرپور جا سمورا روشن خيال ماڻهو، شاگرد، استاد
آفيسر ۽ يونيورسٽيءَ جا ملازم کيس ڏاڍو ڀائيندا ها
۽ کيس شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڏسڻ
جا آسائتا هئا. ڊاڪٽر تنوير مرحوم مرڪزي سنگت ۽
انهن جي شاخن جي جوڙجڪ، ترتيب، انتظام ۽ وهنوار ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ نوجوان ليکڪن جي تربيت ڪئي،
جن مان ڪن کي سنڌ جي ادبي ۽ تعليمي ادارن کان
ويندي اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد تائين پهچايو ۽
کين انعام، اڪرام ۽ اعزاز ڏياريا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي هن منافق ۽ مڪروهه معاشري جو
فرد هوندي به بي انت خوبين جو سرچشمو هو ۽ هن
ڪيترن ئي نوجوانن اديبن، شاعرن، صحافين ۽ عام
ماڻهن کي بي انت فائدا پهچايا ۽ صلاحيتن هوندي به
هٿين خالي رهيو. هن جو شمار سنڌ ۽ پاڪستان جي
VERY IMPORTANT PERSONS
۾ ٿيندو هو. ڊاڪٽر مزاحمتي ادبي سرگرمين جي ڪري
جيل ياترا به ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ پاڪستان جي سطح تي ڪيترن ئي
مذاڪرن ۽ مجلس جون صدارتون ڪيون، ڪيترن ئي وڏن
توڙي ننڍن، مشهور توڙي گمنام ليکڪن جي ڪتابن جا
مهاڳ ۽ پيش لفظ لکيا ۽ نئين نسل جي چيچ کان وٺي
رهبري ڪئي.
ڊاڪٽر تنوير هر قسم جي محرومي جي احساس کان آجو
هو، اهو ئي سبب آهي جو هو سائين سيد کان ويندي
پليجي، ڀٽي ۽ ڄام ساقي جهڙن سياست دانن ۽ ملڪي
توڙي غير ملڪي علمي ۽ ادبي شعور رکندڙ ماڻهن سان
بي ڊپائيءَ سان ملندو هو. اهڙو خوش نصيب شاعر ۽
اديب سنڌ ۾ شايد ڪو هجي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته
ڊاڪٽر مرحوم، ”ساڌن سان سمنگ ۽ پئنچن سان پورو“
هو. هو پنهنجي ادبي ۽ فڪري نظريي تي پختو هو. هو
ملازم ۽ ان جي ڪٽر پڻي، اظهار ۽ اقرار ۾ تقرير ۽
تحرير ۾ سخت خلاف هو. ان حوالي سان هو سچل سائين
جي بيباڪيءَ جو قائل هو. هو زندگيءَ جي پڇاڙيءَ
تائين موت بابت خيال ۽ تصوراتي ڳالهين جو مخالف
هو. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته هن پنهنجو لاش ميڊيڪل
ڪاليج ۾ ڏيڻ جي وصيعت ڪئي. (جيڪا فني بنيادن تي
پوري نه ٿي سگهي)، هو پنهنجي سوچ تان ڪڏهن به نه
ٿڙيو نه ٿاٻڙيو. ڪڏهن به پنهنجي عقلي بنيادن تي
جوڙيل سوچ ۽ اظهار کي رد نه ڪيو. هن هر ادبي ميڙ
جي صدارت ڪندي فنڪشن جي گهرج موجب، حالتن آهر
پنهنجي سوچ پٽاندڙ سچ ۽ حق ڳالهايو، سدائين تعميري
ڳالهه ڪئي، سنڌ سان انصاف، دنيا ۾ امن، آزادي ۽
انساني برادريءَ جو احترام هن جي سوچ جا بنيادي
نقطا هئا.
هن کي ڪجهه اباڻي ملڪيت هئي. ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽
سندس گهر واري ڊاڪٽر قمر تنوير ڊاڪٽري جي پيشي مان
ڪمايو. پنهنجي سٺي حياتيءَ تي پنهنجو خرچ ڪيو ۽
موجوده دؤر جي بي انت ڪريشن کان پاڻ کي پري رکيو.
جڏهن ته ڪيترا ڏسڻ جهڙا اديب، شاعر، دانشور، پڙهيل
ڪڙهيل آفيسرن پاڻ کي هن گپَ مان نه بچائي سگهيا.
تنوير عباسي پنهنجي زندگي جو گهڻو وقت پيسي ٺاهڻ
بدران سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري
تي صرف ڪيو. هو ڪيترن سنڌي اديبن شاعرن ۽
ڪهاڻيڪارن وانگر پارٽ ٽائيم شاعر، اديب ۽ محقق نه
هو، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته هن پنهنجي ٽهيءَ ۽
اڄوڪي ڊاڪٽرن جي ابتڙ ڏوڪڙن جي مشين خانگي اسپتال
کان وڌيڪ سنڌ جي قومي، علمي ۽ ادبي گڏجاڻين، فورمن
۽ ادارن کي وقت ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ذاتي
ڪلينڪ ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي وئي، جنهن جي هن
ڪا پرواهه نه ڪئي.
پنهنجي سوچ مطابق هن اجتماعي مفاد تي ذاتي مفاد
قربان ڪيو. هو دولت جو ڌڙڪو نه بڻيو. هو علم جو
بادل هو ادبي جي برسات هئي.
... ڪُهه ڄاڻان، ڪهڙا پرين!
نصير
مرزا
حيدرآباد کان اُتر ڏانهن ريل سفر ڪندي، خيرپور جي
اُداس ۽ ڀانڀاڙ ريلوي اسٽيشن اچڻ کان اڳ ئي آسپاس
جي لينڊسڪيپ ۾ بيٺل کجين جا خاموش وڻ ۽ چؤطرف هوا
۾ ڦڙڪندڙ حضرت عباس جي عَلم پاڪن جي بهار ڏسي، مَن
ڄڻ اُڇلون کائڻ لڳندو هو ته هِتي ٻيو ڪنهن سان به
نه، تنوير عباسي صاحب سان ضرور وڃي ملڻ گهرجي، ۽
1975ع ڌاري منهنجي بالاخر هُن سان اِن ئي گهر ۾
پهريون دفعو ملاقات ٿي، جيڪو سنڌي ادب ۾ ”سرمد جي
گهر“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ جيڪو تنوير جو ڪلينڪ
به هو ته گهر به! ۽ جنهن ۾ گهٽ ٻارن، ٿورن مريضن ۽
گهڻن مهمانن جي آوت جاوت بابت ٻڌندو رهندو هئس. پر
پنهنجي دلپسند انسان ۽ انسان دوست شاعر تنوير صاحب
جي اُن ٿڌي، خاموش ۽ پُرسڪون گهر ۾ گهاريل منهنجي
ساڻس پهرين ملاقات جو مشاهدو پوءِ ٿو لکان، پهرين
اُن آخري ۽ الوداعي لمحن جو مذڪور، جڏهن سنڌي ادبي
بورڊ جي دستوري ميٽنگ ۾ هو شريڪ هو ۽ بلڪل فرسٽ
ڪلاس پئي لڳو. ميٽنگ هلندي چانهه
Serve
ٿي ته اُها به مون ئي سندس اڳيان سولي ڪري رکي ۽
هو ايڏو ته مٺو ۽ ڪرٽيئس ماڻهو هو جو فورن مُرڪي
Wish
ڏنائين. ميٽنگ جي پڄاڻيءَ تي بورڊ جون ڏاڪڻيون لهي
وڃڻ لڳو ته رباني صاحب سان گڏ مان سندس پويان لٿو
هئس. گاڏيءَ جي دروازي وٽ رباني صاحب سان ڀاڪر
پائي موڪلايائين ۽ مون کان به. گاڏي اسٽارٽ ٿي ته
هٿ به کنيائين ۽ منهنجي مُرڪ جو مُرڪي جواب به
ڏنائين ۽ بالاخر ڪار اڳيان وڌي ويئي ۽ انسان جيڪو
هونئن ته پنهنجي دماغ جي ڪيترين ئي فيڪلٽيز کان
آگاهه ٿي چڪو آهي، افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اِن
ڳالهه کان اڳواٽ باخبر نه ٿي سگهيو آهي ته ڪير
ڪڏهن ۽ ڪٿي هُن سان پهريون دفعو ملڻ ۽ آخري دفعو
موڪلائڻ وارو آهي.
تنوير جي ڪار اسٽارٽ ٿي اڳيان وڌي ته بورڊ جي اوچن
وڻن مان ڇڻيل پيلا پنَ، ڪار جي اڳيان پٺيان ۽
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا ۽ ڪنهن وڻ تي لڪي ويٺل،
اجل جي ڪوئلي سمان ڪُوڪَ تنوير صاحب جي ڪار جي
ويندڙ آواز ۾ ضم ٿي ڪيتريءَ دير تائين منهنجن ڪنن
۾ پڙاڏجندي رهي هئي...!
تنوير صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن جو ذڪر
مون ڪيو پئي، 1985ع ڌاري ٿي هئي. ظاهر آهي ته هُو
اُن وقت هُو سنڌي ٻوليءَ جو ”سرموڙ شاعر“ ۽
مان.....؟... مان محض نؤآموز شاعر.... ٽين ايجر
ڇوڪرو، ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ نڪرندڙ هڪ ڀٽڪندڙ
روح، جنهن جا اُن وقت تائين ڪي ڏهه- پندرهن شعر مس
ڇپيا هوندا. منهنجو محبوب دوست طارق عالم به اُن
’سنڌ ياترا‘ ۾ مون سان گڏ هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته
اُن وقت تائين طارق جون به ڪي ٻه چار ڪهاڻيون ئي
مس شايع ٿيون هونديون ۽ ’سرمد جي گهر‘ ۾ هِنَ عظيم
انسانَ، اسان جي اِن مختصر ادبي سڃاڻپ تي، مُرڪي
دروازا کولي ڇڏيا هئا. (۽ تنوير صاحب جي ان
والهانه سواگت تي اسان ٻيئي دوست من ئي من ۾ ڪيڏو
نه خوش ٿي رهيا هئاسين!) جڏهن تنوير صاحب سان قليچ
بيگ سان پنهنجي رشتي ۽ مذهبي پس منظر جو ذڪر
ڇيڙيم، ته ٺهه پهه چيائين: ”منهنجي ناني به اهلِ
تشيعه هئي“- پر منهنجو مذهب.....؟ ۽ اُن جي وضاحت
۾ وري پنهنجو ئي هيءُ شعر پڙهيائين:
او تنوير! اسان هن جڳ ۾ هڪڙو نقطو ڄاتو آهي،
پيار سوا سڀ سياڻپ ڪوڙي، نينهن عجب هڪ ناتو آهي.
وري چيائين:
مان شاعر آهيان، مون وٽ آهي هر ماڻهوءَ جو مانُ،
منهنجو مانُ مگر ڄاڻن ٿا ڪي ٿورا انسان.
تڏهن مون تصديق ڪئي ته تنوير پنهنجي ذات ۾ خيرپور
جي مشهور باغ ’ڦول باغ‘ وانگر هرهڪ کي خوشبو ڏيندڙ
۽ پنهنجي سڀاوَ ۾ واقعي ’پنج تن پاڪ‘ چوڪ وانگر
آهي، جنهن وٽ اچي ۽ ويهي، هر مذهب هر نقطهء نظر جي
ماڻهوءَ جو ڏکندو ڏور ٿيندو آهي.
ڪلينڪ واري ڪمري ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ بعد هن اسان
ٻنهي جا هٿ پڪڙي اسان کي پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ اچي
ويهاريو هو. ڪنهن چيو آهي ته ’پاڻ کي باعزت ڏسڻ
چاهيو ٿا ته ٻين جي عزت ڪريو‘ ۽ تنوير اسان ٻن
اُڀرندڙ ليکڪن کي عزت ڏيئي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي عزت
ڏيئي رهيو هو. ۽ ادبي ڪچهري شروع ٿي ته مون نوٽ
ڪيو ته ٻين عام سينئر شاعرن ۽ دانشورن وانگر هن
رڳو پاڻ ئي گهڻو نٿي ڳالهايو، پر اسان جي ڳالهين
کي به ڀرپور توجهه سان ٻُڌو پئي. ۽ مان ڀانيان ٿو
ته هر اِها ڳالهه ڄاڻندڙ انسان هو ته ٻين کي به دل
وجان سان ٻُڌڻ گهرجي، جو ٻُڌائڻ لاءِ ٻين وٽ به
دلچسپ ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون ٿي سگهن ٿيون.
۽ تنوير جو اُهو گهر، جنهن ۾ تنوير صاحب سان گڏ
ويٺو هئس، مون کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي انگلش
اسٽائيل جي گهر وانگر لڳو، جنهن جي ڊرائنگ روم ۾
جديد انداز جا ڊزائين ٿيل صوفا ديوارن سان رکيل
هئا ۽ هيٺ ڪارپيٽ، ۽ ديوار تي ٽنگيل ائنٽيڪ قسم جو
گهڙيال. ٻئي پاسي ڪارنس، جنهن تي طرحين طرحين
انداز جا شو پيسز رکيل هئا. تڏهن تنوير ڊرائنگ روم
مان اسان کي پنهنجي لائبريري ڏيکارڻ لاءِ ڀر واري
ڪمري ۾ وٺي آيو، جتي ڊبل بيڊ رکيل هو. ڪنڊ سان
رائٽنگ ٽيبل ۽ ديوارن سان چؤطرف بوڪ شيلف... مون
اڳيان وڌي شيلفن ۾ رکيل هڪ هڪ ڪتاب کڻي ڏٺو ۽
ڪيترن ئي ڪتابن تي مون هن کي ائين داد ڏنو، جيئن
شاعرن کي سندن سٺي شعر تي داد ڏبو آهي. ڇا آرٽ،
ادب، تحقيق، ۽ بايو گرافيز!.... ۽ پئنٽنگ بابت ته
ڪتابن جي وڏي ڪليڪشن ڏسي سوچيو هئم: ”اَڇا! ته
تنوير صاحب کي ’مصوري‘ سان به ايڏو موهه آهي!“
۽ اُن ڏينهن تنوير سان ويهي ڪچهري ڪندي ۽ هُن جي
گهر جي ماحول جو مشاهدو ڪندي مون ڄاتو ته، هُن جي
رهڻ- ڪرڻ جو طور طريقو انگريزي اسٽائيل جو هو. ۽
مون کي نٿو سُجهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن شاعرن
مان قليچ ۽ سانگيءَ ۽ هاڻي تنوير کان سواءِ ڪنهن
ٻئي شاعر جو اهڙو لائيف اسٽائيل رهيو هوندو!- قليچ
۽ تنوير صاحب جي ادبي روين ۾ به هڪ ٻي حيرت انگيز
هڪجهڙائي هئي ته ٻنهي ليکڪن يورپ جي جديد ادب ۽
روشن خيال لاڙن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪيو هو.
قليچ صاحب جي يورپ جي افسانوي ادب ۽ ناٽڪ کي رواج
۾ آندو ته تنوير صاحب وري جديد سنڌي شاعريءَ جو
اُڀياس ڪندي، يورپ جي شاعرن ۽ نقادن مان ورڊ سورٿ،
ڪولرج، ايزرا پائونڊ ۽ ايليٽ وغيره جي قائم ڪيل
ڪسوٽين تي سنڌي شعر کي پرکڻ جو جديد معيار نروار
ڪيو، ۽ سنڌي شاعريءَ کي بنهه نوان ۽ معنيٰ آفرين
گَس ڏيکاريا.
شام جي چانهه تنوير صاحب اسان کي پنهنجي گهر جي
ننڍڙي لان ۾ پياري، جنهن ۾ هر طرف رنگ رنگ جا گلاب
کڙيا بيٺا هئا. ۽ اُنهن ۾ ڪارو گلاب ڏسي مان ته
حيران ٿي ويو هئس، جو اِن رنگ جو گلاب مون اڳي
ڪڏهن ڏٺو به ته ڪونه هونه! تڏهن ڪاري گلاب کي
ٽاريءَ تان ڇني طارق ۽ مون کي تحفي ۾ ڏنو... تنوير
صاحب ٻڌايو پئي ته هي سڀ گلاب جا گل مون پاڻ
پنهنجي لان ۾ الائي ڪٿان ڪٿان گهرائي لڳايا آهن.
’ڇو پوکيا آهن، تنوير صاحب هي ايترا گلاب؟‘... مون
پاڻ کان سوال ڪيو هو. ۽ پاڻ کي پاڻهي جواب ڏيندي
چيو هئم: شايد خيرپور ۾ گلاب جهڙن چهرن جي اڻاٺ
آهي، ان ڪري اکين کي ٺارڻ لاءِ گهر جي لانَ ۾ هن
اِها محنت ڪئي هجي متان!- ۽ تنوير جي گهر ۽ ڪلينڪ
۾ ڏينهن جو ڳچ حصو گهاريندي مون ائين به ڄاتو ته
ڊاڪٽري پروفيشن ۾ هن ڪا گهڻي دلچسپي ورتي ئي ڪانه
پئي ۽ اِهو شايد اِن ڪري به جو مون دل ۾ سوچيو ته
جيڪڏهن هو مريضن کان پئسن ميڙڻ ۾ مصروف ٿي وڃي ته
هُن جي اندر وارو حُسن پرست شاعر ڪنهن مرڪندڙ ۽
موهيندڙ چهري ڏسڻ کان جيڪر محروم ٿي وڃي ۽ سڄو
ڏينهن بيمار ماڻهن ۽ اذيت ۾ ورتل مهانڊن ۾ گهيريل
هجڻ ڪري ممڪن آهي ته کانئس شاعري به موڪلائي وڃي.
شام گهري ٿي ۽ تنوير جي لانَ مٿان تارا تجلا ڏيڻ
لڳا ته هن پهرين ته اسان کي پنهنجي نئين ڪوتا
ٻڌائي، پوءِ قمر تنوير سان ملرايو. مون کي ياد آهي
ته اسين ڀيڻ ڀائر جڏهن اڃا ڪمسن هئاسين، تڏهن
پنهنجي وڪٽوريا ۾ چڙهي ڀاڀي قمر جي ننڍي ڀيڻ آپا
مهرالنساءِ وٽ ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئاسين، ۽ هُن جي
اسان سان ايتري ته ويجهڙائي هئي جو هُوءَ اسان جي
والد صاحب کي اسان وانگر ئي ’بابا سائين‘ سڏيندي
هئي. ۽ حمايت الاسلام اسڪول مان موڪل وقت اسين
پنهنجي وڪٽوريا ۾ هُن کي گهر پهچائي پوءِ پنهنجي
گهر ايندا هئاسين.
آپا مهر بعد ۾ 1965ع ڌاري مرزا خاندان پاران قائم
ڪيل ٽنڊي ٺوڙهي واري گرلس پرائمري اسڪول ۾
هيڊمسٽريس به ٿي آئي هئي، ۽ ڏيک ويک ۾ نهايت
باوقار ۽ شاندار خاتون لڳندي هئي، ۽ جنهن جي بارعب
شخصيت ۽ ايڊمنسٽريشن جا قصا اڄ به ڪڏهن ڪڏهن
دُهرائبا آهن. ڀاڀي قمر سان سندس انهيءَ ننڍي ڀيڻ
’آپا مهر‘ جون ڳالهيون ڪندي، اُن ڏينهن هُن سان
ڪافي حد تائين گُهلي مِلي ويو هئس.
۽ 1975ع ڌاري ’سرمد جي گهر‘ ۾ تنوير صاحب سان ٿيل
اِنهيءَ پهرين ملاقات کان پوءِ مون ته ساڻس تعلقات
ائين ئي قائم رکيا، جيئن اُتان رواني ٿيڻ وقت پاڻ
آٽوگراف طور لکي ڏنل شعر ۾ تاڪيد فرمايو هئائون:
ڍر ڏي پريت جي ڌاڳي کي،
ڳنڍي نه پوءِ ڇنڻ گهرجي.
ساڻس خط و ڪتابت جو سلسلو جاري ڪيم ته ڄاتم ته
’هائيڪو‘ جي صنف کي گهڻو پسند ڪندڙ شاعر تنوير
عباسي صاحب خط جو جواب به هائيڪي جي صنف جيترو
مختصر ڏيندو هو. مون کي ياد آهي ته پهرئين خط ۾
جڏهن مون کيس محترم .... مانوارا.... وغيره مخاطب
ڪري خط لکيو ته فورن جواب ۾ لکيائون ته نصير! خط ۾
هي مون کي جناب... محترم..... يا مانوارا....
وغيره جهڙا لفظ لکي مخاطب نه ڪندو ڪر، جو آءٌ تو
لاءِ صرف تنوير آهيان..... ۽ مون کي بس اِن مختصر
نالي سان ئي خط لکندو ڪر، جو:
نڪو مان پيغمبر، نڪو مان رسول،
مان تنوير آهيان، پوان شل قبول.
۽ خيرپور شهر ۾ تنوير جهڙي اهم ۽ جديد شاعر جي
رهائش اختيار ڪرڻ جي ڪري ڀٽ شاهه، درازا ۽ سکر سان
گڏ، جن ۾ لطيف، سچل ۽ اياز جهڙن شاعرن رهڻ پسند
ڪيو هو، اُن شهر، تنوير صاحب جي رهائش سبب تاريخ ۾
ڄڻ هڪ اهم جڳهه والاري ورتي هئي. ۽ اِهو ئي سبب
آهي جو گذريل سال تنوير جهڙي روشن خيال، خوش فڪر ۽
صاحب مطالع شاعر ۽ نفيس محبتي انسان جڏهن ڪنهن
بنهه ذاتي عُذر سبب اُتان اسلام آباد ڏانهن هجرت
جو اعلان ڪيو ته خيرپور جي شهرين سان گڏ سڄي سنڌ
جي اديبن ۽ ادب دوستن هن جي هجرت جي اُن خبر تي ڏک
جو اظهار ڪيو! توڻي جو تنوير سنڌ، ادب، پنهنجي
ماضيءَ ۽ پنهنجي
Rootsمان
لڏڻ جو اعلان ڪونه ڪيو هو، ۽ ڏٺو وڃي ته وقت جي
وهڪري ۾ وهندا ماڻهو الائي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن
نڪري ويندا آهن (۽ ڪئي جهان جهاڳي موٽي ايندا آهن)
۽ ڪو اُنهن جو
Notice
ئي ناهي وٺندو، پر سنڌ واسين جو تنوير جي ذات، ڏات
۽ حيات سان ڪو اهڙو ته عشق هو جو هُن جي عارضي
هجرت به اُنهن لاءِ برداشت کان ٻاهر هئي ۽ هنن نٿي
چاهيو ته سنڌ، جتان هونئن ئي عظيم ماڻهو گهٽجي
رهيا آهن، تنوير جهڙو املهه ماڻهو به اُن جي نقشي
مان ٻاهر هليو وڃي. ۽ اِها ڳالهه به طئي هئي ته
تنوير اسلام آباد پنهنجا آدرش ترڪ ڪري ڪونه وڃي
رهيو هو. ۽ هُو اُتي ويهي به سنڌ، سنڌي ٻولي، شاهه
لطيف ۽ سنڌ جي ثقافت لاءِ سوچي لوچي ها، پر افسوس
جو اسلام آباد جون سرد ۽ ظالم هوائون هن کي راس نه
آيون. يا وري ائين هو ته منافقت جي ان ’ڪوفي‘ ۾
جتي رڳو سازشون پرورش وٺنديون آهن، قدرت اُتي جي
ڪاڪروچ – نما ماڻهن جي وچ ۾ هن نازڪ ۽ سچي انسان
کي ڏسڻ ئي نٿي چاهيو!
عجب اتفاق ٿيو جو تنوير صاحب جي وصال کان تازو ئي
پوءِ، ڪنهن ٽريننگ جي بهاني سان انهيءَ ساڳئي
PIMS
هاسٽل ڏانهن مون کي وڃڻو پيو هو، جنهن جي
ICU
وارڊ مان تنوير جو روح قفسِ عنصري مان پرواز ڪري
ويو هو... بعد ۾ ان رات جو پاڻ سان گڏ اسلام آباد
پهتل پنهنجي دوست طارق عالم ابڙي سان گڏجي سندس
ڀاءُ قيس ابڙي جي ڪار ۾ سوار ٿي
H-8
جي اُن ڀانڀاڙ بنگلي تائين وڃي پهتاسين، جنهن ۾
تنوير صاحب کي شايد ٻه ڏينهن به رهڻ نصيب نه ٿيا
هئا. ۽ اُهو گهر جنهن ۾ هنن خيرپور مان آندل پئڪ
ٿيل سامان اڃا کوليو مس پئي ته مسافر پنهنجي اڳئين
منزل لاءِ اُٿي کڙو ٿيو!
قمر ڀاڀيءَ سُڏڪندي ٻڌايو پئي ته تنوير وصال کان
صرف هڪ رات اڳ گهر جي پوئين پاسي اڱڻ ۾ وڃي بيٺو
هو، جتان جهنگ هو ۽ اسلام آباد جي ڪوهيڙي ۾ ورتل
آسمان ۽ اُنهن وڻن ۽ وڻن جي زرد ٿيندڙ پنن تنوير
کي ايڏو ته فيسينيٽ ڪيو، جو چيائين: ”خزان جي موسم
۾ هنن وڻن جا پَن، اُنهن جا شيڊس ۽ هوا ۾ اُنهن جي
کڙکڙ جا آواز مون کي ڪافي
Inspire
ڪندا ۽ لڳي ٿو ته اُنهن بابت هائيڪا لکڻ مون لاءِ
وڌيڪ آسان ٿي پوندو.“
۽ تنوير صاحب جي گهر تي پورنماسيءَ جو چنڊ کڙيو
بيٺو هو، جو ساڳي ڪار ۾ زيرو پوائنٽ کان ٿيندا
H-8
واري قبرستان ۾ تنوير سان ملڻ لاءِ پهتاسين، ته
چوڏهينءَ جو ساڳيو چنڊ تنوير جي لحد تي روشنيون
پکيڙي رهيو هو ۽ قبر جي ڪچي ڪتبي تي درج هو:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
نورالنبي
ڊاڪٽر تنوير عباسي
ڄم:8 – ڊسمبر 1934ع
تاريخ وفات: 25- نومبر 1999ع
انااللهِ واِنااليہ راجعون
پلاٽ نمبر 89- قبر 150
۽
H-8
جي اُن بي ڪنار قبرستان ۾ تنوير عباسي صاحب جي
اُها هائيڪي مِثل مختصر قبر، قبرن جي وچ ۾ ڄڻ ڪنهن
ننڍڙي پئنٽنگ وانگر لڳي رهي هئي.
۽ سال ٿيا... پاڪستان نئشنل سينٽر حيدرآباد جي هال
۾ آگم پبلشنگ ايجنسيءَ پاران تنوير صاحب جي ڀاءُ
الطاف عباسيءَ جي ياد ۾ ريفرنس ٿيو هو ۽ ان موقعي
تي رسالي ”نئين نياپي“ جي ”الطاف عباسي نمبر“ جو
مهورت به ٿيو هو. تڏهن تنوير صاحب کان اُن ڪتاب تي
آٽوگراف ورتم ته لکي ڏنائين: ”واٽون ويهه ٿيون،
ڪُهه ڄاڻان ڪهڙا پرين.“
۽ اڄ!... تنوير صاحب جي آٽوگراف طور لکيل اُنهن ئي
اکرن تي نگاهه وڌي اٿم ته ڀانيان پيو ته اُهي ئي
لفظ، خود جهڙوڪر هن وقت تنوير صاحب جو نالو وٺي
مون کان سوال پيا ڪن ته: ”واٽون ويهه ٿيون، ڪُهه
ڄاڻان ڪهڙا پرين!“
تنوير عباسي: موتيءَ
داڻو ماڻهو
ميرزا فياض علي بيگ
26 نومبر 1999ع جي صبح جو هميشه وانگي نياز
همايوني صاحب مون وٽ آيو ۽ اچڻ سان چيائين ته مرزا
صاحب، تنوير عباسي رات اسلام آباد ۾ انتقال ڪري
ويو ۽ سندس وصيت موجب سندس لاش اتي اسلام آباد
اسپتال ۾ ڏيندا ته جيئن سندس عضوا ڪتب اچي سگهن.
اِها خبر ٻڌي هيڪر ته ماٺ ۾ اچي ويس، يڪدم مير حسن
علي خان ٽالپر جو بي ثباتئ دنيا تي چيل مرثيه
”يارو ڪڏهن نه ٽرندو تقدير جو لکايو“ جون ڪيئي
مصرعون ذهن تي تري آيون...
يارو ڪڏهن نه ٽرندو تقدير جو لکايو،
سڀ ڪنهن بشر کي خالق در پنهنجي تي گهرايو،
آخر اهوئي ٿيندو جو ڪبريا جو رايو،
ڏسجي ته ڪڏ ٿو سڏ ٿي تڏ ان جو گهرجي سعيو.
ها يار دوست ڪيڏا تن مان ڪو اڄ ڏسو ٿا،
ٿي هڪڙو هڪڙو تنها دنيا کي سڀ ڇڏي ويا،
جي جمع هئاسون يڪجا تن سڀ وڃي ڪيو تنها،
نوبت وڄائي سڀ ڪنهن وارو سڀن لنگهايو.
فرمان الٰهي آهي: ڪل نفس ذائقة الموت، هر نفس کي
موت جو ذائقو چکڻو آهي.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته، انسانن مان حضرت نوح عليہ السلام
تمام وڏي عمر ماڻي، پر ان کي به موت جو ذائقو چکڻو
پيو! ... ۽ سنڌ جي ڪنهن شاعر چئي ڏنو، توڙي عمر
نوح هئي آخر فنا آخر فنا.
آدم کان ئي موت جو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو
ايندو. جيستائين هڪ به ساهه وارو هِن سرزمين تي
موجود آهي، ان کي موت جو ذائقو چکڻو آهي! تنوير کي
به هڪ نه هڪ ڏينهن هيءُ جهان ڇڏڻو ئي هو... اڄ نه
ته سڀاڻي! تنوير پنجهٺ سالن کي پهچي چڪو هو. اڄ جي
دور ۾ اِها عمر تمام وڏي نه آهي ته ننڍي به نه آهي
۽ هتان کان موڪلائڻ لاءِ پوري عمر آهي. تنوير وصيت
ڪئي ته، سندس لاش اسپتال جي حوالي ڪيو وڃي، جيئن
ان جا عضوا ڪتب اچي سگهن. مگر قدرتي طرح اُن ۾
رڪاوٽون پونديون رهيون! پهرين اسلام آباد جي
اسپتال ۾ لاش ڏيڻو هو، وري ٻڌوسين ته لاش
ايل.ايم.سي کي ڏنو ويندو. آخر ۾ معلوم ٿيو ته هن
جو لاش ماٺ ميٺ ۾ اسلام آباد ۾ دفنايو ويو! قدرت
جا پنهنجا اٽل فيصلا آهن، ڪٿي جو رهاڪو، ڪٿي وڃي
نڪتو... ۽ اُتي پساهه پورا ٿيس ۽ اتي ئي دفن ٿيو!
قدرت طرفان انسان جي مرڻ جو هنڌ ۽ دفن ٿيڻ جي جاءِ
مقرر ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪهڙي به صورت ۾
تبديلي نه ٿي اچي سگهي! اهڙو تازو مثال اسان جي
سامهون آهي. قدرت اهڙا اسباب پيدا ڪيا، جو تنوير
پنهنجي سنڌ اسپتال ۽ سرمد جو گهر وڪرو ڪري وڃي
اسلام آباد نڪتو. ڇاڪاڻ جو ان کي اتي ئي فوت به
ٿيڻو هو ۽ دفن به ٿيڻو هو! جنهنڪري قدرت پنهنجي
قدرتي طور تي اهڙائي سبب پيدا ڪيا جو هي بنا رنڊڪ
روڪ ۽ تڪليف جي اسلام آباد پهچي به ويو ۽ هي جهان
ڇڏي هليو ويو!
مذهبي عقائد هجي يا سائنسي ريسرچ هجي، انساني جسم
جو مرڻ بعد ختم ٿي وڃڻ کان ڪنهن کي به انڪار نه
آهي.
انساني جسم ساڙيو ته به ان جو وجود ختم ٿي ويندو.
انساني جسم کي پاڻي جي حوالي ڪريو ته به ان جو
وجود ختم ٿي ويندو. انساني جسم کي دفنايو ته به ان
جو وجود ختم ٿي ويندو.
باقي رهيو روح سو ان بابت هزارن سالن کان هر مذهب
وارن پنهنجي پنهنجي عقيدي موجب راءِ ڏني آهي.
اسلامي عقائد موجب روح ئي اصل شيءِ آهي، جنهن سان
مامرو متل آهي، دوزخ ۽ جنت ۾ روح جائگير ٿيندو.
تنوير جو لاش اسپتال کي ڏنو وڃي ها يا زمين جي
حوالي ڪيو وڃي ها، مگر ان جو ان جي روح کي ڪوبه
اثر ڪونه پوي ها.
تنوير جو روح به ڀلي جنت الفردوس ۾ هجي، بهشت برين
۾ هجي ۽ حورن ۽ غلمانن سان ڪچهريون ڪندو هجي، پر
هِن جي روح جا ريلا سندس شعرن جي صورت ۾ تاقيامت
پڙهندڙن کي فيض پهچائيندا رهندا ۽ سنڌ جي ادبي
ميدان جي آبياري ڪندا رهندا.
انهي روح انساني لبادي ۾ نور نبي نالي جو روپ وٺي
گل حسن عباسي جي گَهر ۾ جنم ورتو. رنگ تمام اڇو
لالاڻ ڏي مائل، قد نه ايڏو ڊگهو جو لانبٽ ڏسڻ ۾
اچي ۽ نه ايترو بندرو جو بلڪل ڄامڙو ڏسڻ ۾ اچي.
جسماني طرح نه ٿلهو نه سنهڙو بلڪل وچولو قدبت ۾
پورو پنو. انساني شڪل و شباهت جو تمام دل کي پسند
ايندڙ نمونو، جهڙو پنجويهه سالن ۾ تهڙو پنجيتاليهه
سالن ۾. ساڳي طرح پنجهٺ سالن جي عمر ۾ رهيو نه پاڻ
کي پوڙهو ظاهر ڪيائين نه ٻاراڻيون ٻوليون
ٻوليائين. بلڪل جوان بلڪه نوجوانن واري ڏيکائي
ڏيندو رهيو. نور نبي ولد گل حسن عباسي ڳوٺ سوڀي
ديري ضلع خيرپور ۾ سال 1934ع ۾ ڄائو. هِن ابتدائي
تعليم ڳوٺ ۾ ورتي ۽ سال 1951ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪري
حيدرآباد هليو آيو ۽ ڪاليج ۾ سائنس کنيائين. تعليم
جي سلسلي ۾ اين.جي.وي هاءِ اسڪول، ڊي.جي سنڌ
ڪاليج، لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس پاس
ڪري اچي ڊپارٽمينٽ ۾ هائوس سرجن ايل.ايم.سي ۾ مقرر
ٿيو. هيءُ سال 1960ع وارو زمانو هو، سرڪاري ملازمت
ڇڏڻ بعد خيرپور هليو ويو، جتي ڦول باغ لڳ سنڌ
اسپتال نالي سان اسپتال کولي پرئڪٽس ڪرڻ لڳو.
خيرپور واپس وڃڻ کان اڳ ۾ ڪجهه وقت ٽنڊوآغا
حيدرآباد ۾ رهيو. اسان جي ميرزائن سان دوستي هيس،
جتي ئي کيس ڏٺم صبح جو گهران نڪرندي ۽ شام يا رات
جو گهر ويندي. سندس گهرواري ادي قمر جا پڻ
ڊاڪٽرياڻي آهي، ان جا اسان ميرزائن جي مستورات سان
پن ساهيڙپ وارا رشتا هوندا هئا.
تنوير عباسي خيرپور واپس وڃڻ بعد پنهنجي پٽ سرمد
جي نالي سرمد جو گهر نالي گهر ٺهرائي رهڻ لڳو، جتي
زندگي جو گهڻو وقت گذاريائين. تنوير کي ننڍي وهيءَ
کان علم و ادب ۽ شعر و شاعري سان چاهه هو.
حيدرآباد پهچندي کيس ادبي ماحول ملي ويو. تن ڏينهن
حيدرآباد ۾ بزمٖ خليل طرفان تمام زبردست مشاعرا
ٿيندا هئا، هِن انهن مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي.
سرور علي سرور سلاوٽه جي شاگرديءَ م تمام سٺو شاعر
ثابت ٿيو. بزمٖ خليل جي مشاعرن سان گڏوگڏ جميعت
الشعراء جي مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيڻ لڳو. ترت ئي
حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي، هيءُ ان ۾ وڃي
شريڪ ٿيو. هِن جي شاعرانه پيڙهه اڳي ئي پڪي ٿي چڪي
هئي، جنهنڪري جهٽ سنڌي ادبي سنگت ۾ به مقبول ٿي
ويو.
تنوير پهرين ’مغموم‘ تخلص تجويز ڪيو. پوءِ نالي جي
مناسبت سان ’تنوير‘ تخلص اختيار ڪيائين ۽ دنيائي
ادب ۾ تنوير عباسي جي نالي سان مشهور ۽ معروف ٿيو.
نالي جي مناسبت سان تخلص تمام سٺو تجويز ڪيائين،
”نور نبي تنوير عباسي“. تنوير فن شاعري جي قديم
صنفن سان گڏوگڏ جديد صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي
۽ ٻنهي ۾ هڪ جهڙي ڪاميابي حاصل ڪيائين.
ظاهري طرح ته تنوير اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر
هو هميشه جي لاءِ سنڌين جي دلين تي حاوي ۽ دماغن
تي ڇانيل رهندو. سنڌي ڪڏهن به ههڙي پياري شاعر کي
ڪونه وساريندا، ڇاڪاڻ جو هن جا شعر ئي هن کي هميشه
جيئرو رکندا ايندا.
تنوير غزل به چيو آهي ته نظم به لکيو آهي. وقت
ايندي قومي شاعري ڏي به توجهه ڏيندي قلم کنيو آهي.
جنهن مان پنهنجي دل جو مطلب ڪاغذ تي چٽيندو ويو
آهي.
ڪنهن شاعر جي ڪنهن ٻئي شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ يا ڪنهن
کي ڪنهن جو ثاني سڏڻ بلڪل غلط آهي. هرهڪ جو پنهنجو
مقام آهي، هرڪو پنهنجي ڄاڻ آهر ئي پنهنجون تخليقون
تخليق ڪندو آهي. اهڙي ريت تنوير نه ڪنهن جو معتقد
هو، نه ڪنهن جو پوئلڳ هو ۽ نه ئي ڪنهن جو ثاني هو.
هن جو ڪجهه لکيو آهي، سو پنهنجي هوشياري، محنت ۽
ذهانت سان لکيو آهي.
تنوير جهڙو صورت جو سهڻي سوڀيا وارو هو، تهڙو ئي
سيرت ۾ به سٺي سڀاءَ وارو هو. دوستي جو ننگ سڃاڻڻ
وارو، پنهنجن سان پيار ڪرڻ وارو، مخالفن سان
پنهنجي عالي ظرفيءَ جو ثبوت ڏيندي اخلاق سان پيش
اچڻ وارو، انسانيت وارو انسان، ماڻهپي وارو ماڻهو
هو.
تنوير کي پهرين ته ٽنڊوآغا ۾ ڏٺم، پوءِ ٻه چار
دفعا محترم نياز همايوني صاحب وٽ منظور چيمبر ۾
اردو بورڊ لائبريري ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ٻه دفعا
اورينٽ هوٽل مان کيس نڪرندي ڏسي، وڌي وڃي ملاقات
ڪيم ۽ وقتي کيس وٺي اچي پنهنجي آفيس ۾ ڪچهري ڪيم.
تنوير جهڙو سهڻو هو، تهڙو بااخلاق يار ويس هو.
تنوير ٻه شاديون ڪيون، پهرين زال مان فقط نياڻي
روبينه اٿس ۽ ٻي شادي مان ٻه نياڻيون پارس، مارئي
۽ هڪ پٽ سرمد آهي.
تنوير جا چار شعري مجموعا ڇاپيل آهن:
1- رڳون ٿيون رباب، 2- شعر، 3- سج تري هيٺان ۽ 4-
هي ڌرتي.
نثر ۾ ٻاراڻو ٻول، جديد سنڌي شاعري، شاهه لطيف جي
شاعري (ٽي جلد)، نانڪ يوسف جو ڪلام، خير محمد
هيسباڻي جو ڪلام، ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو)، هڪ
ويٽنامي ناول جو ترجمو ”جي ماريا نه موت“، مضمون،
خاڪا، انٽرويو، يادگيريون، هن جون ڇاپيل لکتون
آهن.
انٽرويو:
لفظ ڳالهائين ٿا
مون هڪ هنڌ لکيو هو ته جيڪڏهن سنڌ جي حڪمراني به
ايترن ملڪن تي هجي ها، جيترن ملڪن تي انگريزن ڪئي
ته شاهه ڀٽائي، شيڪسپيئر کان به وڏو شاعر هجي ها.
شيڪسپيئر محض ان ڪري وڏو شاعر آهي جو انگريزن گهڻن
ملڪن تي راڄ ڪيو، سو فنڪار کي حق آهي، مان ۽ مرتبي
ملڻ جو سمورو دارومدار ان قوم تي آهي، جيتري تو،
سجاڳ ۽ طاقتور هوندي، اوترو ئي فنڪار کي مان ۽
مرتبو ملندو.
- تنوير عباسي
لفظ ڳالهائين ٿا
]تنوير
عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه[
طارق اشرف
تنوير عباسي، جنهن جو پورو نالو نورنبي عباسي ۽
’تنوير‘ تخلص اٿس، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ صوڀي ديري ۾
7 ڊسمبر 1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري
فيروز ۾ شروع ڪيائين، ٻين درجي کان مئٽرڪ تائين
ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام
شوري مان ايم. بي بي. ايس جو امتحان پاس ڪيائين.
اُن وقت کان وٺي خيرپور ۾ رهي ٿو، جتي پنهنجي
خانگي اسپتال اٿس.
تنوير جو پهريون شعر 1950ع ۾ ’فنڪار‘ (حيدرآباد) ۾
ڇپيو ۽ شعرن جو پهريون مجموعو ’رڳون ٿيون رباب‘
1958ع ۾، ٻيو مجموعو ’شعر‘ 1970ع ۾، ٽيون مجموعو
’سج تريءَ هيٺان‘ 1977ع ۾ ڇپيا. اِنهيءَ کان سواءِ
’ٻاراڻا ٻول‘ (مختلف شاعرن جي ٻارن جي شعرن جي
چونڊ ۽ ترتيب)، ’جي ماريا نه مؤت‘ (ويٽنامي ناول
جو ترجمو)، شاهه لطيف جي شاعري (اڀياس) 1976ع ۾،
’خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام‘ (ترتيب) 1982ع ۾ ۽
’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (ترتيب) 1983ع ۾ ڇپيا آهن.
سندس يورپ جو سفرنامو ’ڏوري ڏوري ڏيهه‘ تازو پڌرو
ٿيو آهي.
تنوير هڪ ڪهاڻي ’لوئي‘ به لکي، جيڪا ٽماهي ’مهراڻ‘
۾ ڇپي. جنهن کيس ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ شامل ڪري
ڇڏيو. ان کان سواءِ هڪ ناول به لکيل اٿس، جو هن
پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ لکيو هو ۽
اڻ ڇپيل رکيو اٿس.
سندس شاعريءَ جو ڪجهه حصو مختلف ٻولين انگريزي،
پنجابي، سرائڪي ۽ اڙدو ۾ ڇپيو آهي.
ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن جي ’آرسي‘ جو پهريون شمارو
آيو ته ولي رام ولڀ مون تي ڪم رکيو ته آرسيءَ لاءِ
مان سنڌيءَ جي ڪنهن وڏي ليکڪ کان انٽرويو وٺان.
منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي نالا هئا، جن مان هڪڙو تنوير
عباسي به هو. خيرپور اچڻ لاءِ تنوير سدائين چوندو
هو. ۽ منهنجو ٻيو دوست غلام نبي مغل به اُتي هو،
سوچيم ته خيرپور وڃان ۽ ٻنهي کان انٽرويو وٺان. ۽
پوءِ سکر وڃي رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کان به انٽرويو
وٽان. مغل سان ڳالهه ڪيم. هن چيو: جڏهن به خيرپور
هلڻ چاهين، مون سان گڏ هل.
مون خيرپور وڃڻ جو پروگرام پئي ٺاهيو ته هڪ رات
اوچتو تنوير گهر تي ملڻ لاءِ آيو. کيس ڏسي ڏاڍي
خوشي ٿي. چيومانس: ’مان ته تو کان انٽرويو وٺڻ
لاءِ خيرپور پئي آيس، پر تون ته هتي ئي ملي وئين.
هاڻ هتي ئي انٽرويو ڏيڻ لاءِ وقت ڏي.‘ چيائين: ’ڇڏ
يار انٽرويو کي.‘ پر مون نه ڇڏيو. تنهن ڪري
چيائين: ’چڱو، سڀاڻي ادا جي جاءِ تي اچجان.‘ وقت
شام جا ساڍا پنج مقرر ٿيو.
ٻئي ڏينهن مون ولي رام ولڀ کي فون ڪري ٻڌايو ته:
تنوير آيل آهي. ۽ انٽرويو لاءِ کيس مڃرايو اٿم.
توهين مون کي خالي ڪئسٽون موڪليو. ولي رام ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ ڪئسٽون موڪلڻ جي حامي ڀريائين. وري مون
هڪ دوست عمر قاضيءَ کي فون ڪري چيو ته: ’جيڪڏهن
تون شام جو پنجين وڳي واندو هجين ته پنهنجي موٽر
سائيڪل تي اَچ ته تنوير کان انٽرويو وٺڻ لاءِ
هلون.‘ هن نه فقط آمادگي ڏيکاري، پر ڏاڍو خوش ٿيو
ته تنوير سان ملاقات ٿيندي. مون کيس اهو به چيو
ته: ’تون پنهنجو ٽيپ رڪارڊ کڻي اچجانءِ، ڇاڪاڻ ته
منهنجو ٽيپ رڪارڊ وڏو آهي، کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي.‘
وري اهو به چيومانس، ’ڏس تون وعدي جو ڪوڙو آهين،
ائين نه ٿئي ته مان تنهنجو انتظار ڪندو رهان، ۽
تون نه اچين.‘ هن چيو، ’سائين، هر دفعي ائين ڪونه
ٿيندو. مان وقت کان اڳ پهچي وينديس.‘
پر، عادت موجب عمر آيو ڪونه. مون سوا ڇهين تائين
سندس انتظار ڪيو ۽ پوءِ سندس گهر فون ڪيم. ڀاڻس
ٻڌايو ته عمر پڪنڪ تي ويو آهي. مون دل ۾ کيس گهٽ
وڌ ڳالهائيندي، فون رکي ڇڏي. ايتري ۾ خبر پئي ته
زيب سنڌي ٻاهر منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. مون
زيب کي چيو ته: ’تون مون سان تنوير وٽ هل.‘ زيب
چيو، ’مان هلان ٿو، پر جلدي موٽندس. مون کي
لاڙڪاڻي وڃڻو آهي.‘
اسين سرڪٽ هائوس جي پوئين پاسي، بينگالي ڪالونيءَ
وٽ پهتاسين. مون کي ياد آيو ته 1974ع ۾، انهيءَ
بنگلي جي ڀرسان هڪ سرڪاري بنگلي ۾ نسيم کرل جو
ڀاءُ فهيم کرل رهندو هو. نسيم کرل هن وٽ ترسيل هو،
۽ آئون ’سهڻي‘ جي ’نسيم کرل نمبر‘ لاءِ نسيم کان
انٽرويو وٺڻ ويو هوس. تڏهن مون سان گڏ ارشاد قاضي
۽ نورمحمد (ٽائيم فوٽوز وارو) هئا. پر نسيم اسان
کان بنا موڪلائڻ جي هيءُ جهان ڇڏي ويو ۽ ارشاد
موڪلائي آمريڪا هليو ويو.
بنگلي جي ٻاهران تنوير جو ڪو مائٽ بيٺو هو، جيڪو
اسان کي اندر وٺي ويو. تنوير سامهون ئي بيٺو هو.
مون کي ڏسي چيائين، ’يار ڏاڍي دير ڪري ڇڏيئي.‘ مون
کانئس معذرت گهري.
تنوير انهيءَ ڪمري ۾ هلي ويهاريو، جنهن ۾ پاڻ رهيل
هو. ڪمري ۾ هڪ کٽ، هڪ صوفو، ٻه ڪرسيون ۽ هڪ ننڍي
ميز پيل هئي. ڪمري ۾ پکو ته هلي رهيو هو، پر سخت
گُهٽ هئي. تنوير ڪمري جي هڪ دري کولي ڇڏي، تنهن
ڪري دريءَ مان ٻانگن جا آواز ۽ لنگهندڙ ريلن
(ريلوي پٽڙي ڀرسان ئي هئي) جا گڙگهاٽ گهڙي گهڙيءَ
ٻڌڻ ۾ پئي آيا. تنوير جي پٽ سرمد، الطاف جي پٽ ۽
ٻين ٻارن جو لنگهه به انهيءَ ڪمري مان هو. ڪڏهن ڪو
ڪرڪيٽ جي بئٽ کنيو ٿي لنگهيو، ڪڏهن ڇڏي ٿي لنگهيو.
مان صوفي تي وڃي ويٺس، جيڪو ڪاٺ وانگر سخت هو. مون
کي چيلهه جي سور جو آزار، ڪاٺ جهڙي صوفي ۽ ڏکئي
طريقي سان ويهڻ ڪري، ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ کان اڳ
ئي سور شروع ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن ٽي- ويءَ تي
ڀارتي فلم ايڪٽريس سلميٰ آغا (جنهن کي پاڪستان
وارا زوري پاڪستاني ڪيو ويٺا آهن) جي ڳائڻ جو
پروگرام هو. ۽ منهنجي خواهش هئي ته مان اِهو
پروگرام ڏسان. جنهن وقت مون تنوير سان ڳالهه ٻولهه
شروع ڪئي، تنهن وقت ڀرسان ڊرائنگ روم مان سلميٰ
آغا جي ڳائڻ جو آواز اچڻ لڳو، تنهن ڪري منهنجو
ڌيان گهڙيءَ گهڙيءَ انهيءَ پاسي کڄي ٿي ويو.
مون تنوير کان پهريون سوال ڪيو: تنوير، اوهين شاعر
آهيو. شعر جي معنيٰ ڇا آهي؟
تنوير: (ڪجهه لمحا سوچيندي) عام طرح، ڊڪشنرين ۾
جيڪا شعر جي معنيٰ آهي، اُها اِها ته شعر شعور مان
نڪتل آهي، جنهن ۾ عقل ۽ سمجهه جون ڳالهيون ڪيل
هجن. اِها آهي شعر جي لفظي معنيٰ. پر شعر آهي نظم،
جيڪو نثر کان الڳ آهي. انهيءَ کي شعر چئبو.
طارق: اوهان ڪافي آزاد نظم لکيا آهن. آزاد نظم تي
به ڪي پابنديون هونديون آهن يا نه؟
تنوير: بلڪل هونديون آهن. آزاد نظم جي معنيٰ ڇڙواڳ
ڪانهي. آزاد نظم جا ڪي پنهنجا اصول آهن. مون
پنهنجي هڪ مضمون ۾ به ڄاڻايا آهن. آزاد نظم ۾
موسيقيت به قائم رکڻي آهي، ردم به قائم رکڻو آهي.
ڪٿي ڪٿي قافيي جو استعمال به ٿئي ٿو، ڪڏهن وچ ۾،
ڪڏهن پڇاڙيءَ ۾. انهيءَ کان علاوه هڪ پرسنل ردم
آهي، جيڪو انفرادي ردم هوندو آهي- اُهو شاعر
پنهنجي آزاد نظم ۾ آڻيندو آهي. ائين جيڪي مروج ردم
آهن، مروج بحر وزن آهن، انهن کان هٽي ڪري پنهنجو
انفرادي لهجو، انفرادي ترنم قائم ٿو ڪري. آزاد جي
معنيٰ ته مروج ردم، مروج بحر وزن کان آزاد- ائين
نه ته مرڳو ردم کان ئي آزاد.
طارق: امداد حسينيءَ جي گهڻو وقت اڳ، ’سهڻي‘ يا
’تخليق‘ ۾ هڪڙو آزاد نظم ڇپيو هو:
آرسيءَ جي اڳيان
اچي
مون وگ لاٿي.
ڇا اِهو آزاد نظم آهي؟ ڇا هن ۾ شعريت، موسيقيت ۽
ترنم آهي؟
تنوير: اِمداد منهنجو پيارو دوست آهي. اِمداد جي
قلم مان سنڌيءُ جا بهترين آزاد نظم نڪتا آهن. پر
جيڪي سِٽون اوهان هينئر چيون، انهن کي مان آزاد
نظم نه چوندس. مون پنهنجي مضمون ۾ به لکيو آهي ته:
ڪنهن به خبر، پمفليٽ، مختصر افساني، پوسٽر کي اسين
آزاد نظم چئون ته اهو غلط آهي. نظميت هئڻ ضروري
آهي. شعريت هئڻ ضروري آهي.
طارق: اڄ ڪلهه نوان شاعر جيڪي آزاد نظم لکي رهيا
آهن، ڇا واقعي اُهي صحيح آزاد نظم آهن؟
تنوير: نون شاعرن کي مان صلاح ڏيندس ته اڳ ۾ هو
مطالعو ڪن، ڇو ته مغرب جي نقادن جو چوڻ آهي ته:
آزاد نظم لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. پابند لکڻ تمام
سولو آهي. تنهن ڪري نون لاءِ مطالعو ضروري آهي. ڪي
نوان شاعر جن کي مون پڙهيو آهي، تمام سٺا شاعر
آهن.
طارق: مثال طور؟
تنوير: اسان جي ٽهيءَ کان پوءِ جيڪي شاعر آيا آهن،
انهن ۾ تاج جويو، اياز گل، سحر اِمداد، ذوالفقار
سيال- هنن جي شاعريءَ ۾ مون کي ڏاڍا سٺا آزاد نظم
ڏسڻ ۾ آيا آهن. بهرحال سڀئي آزاد نظم سٺا ڪونهن.
هڪ هنڌ ته مون هڪ عجيب آزاد نظم پڙهيو:
فلاڻي دوا وٺي آيس
۽ هن فائدو نه ڪيو
۽ هو مري ويو.
ڪجهه انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ. (تنوير کلڻ لڳو) هاڻ
انهيءَ کي ته آزاد نظم ڪونه چئي سگهبو.
طارق: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي شروعات ڪڏهن ٿي، ۽
ڪهڙي شاعر ڪئي؟
تنوير: ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو ڪتاب ’رهنمائي
شاعري‘ ڀاڱو ٽيون 1947ع ۾ نڪتو هو. انهيءَ ۾ آزاد
نظم تي بحث به ڪيل هو، ۽ آزاد نظم جا ڪجهه مثال به
ڏنل هئا، جيڪي خليل جا لکيل هئا. بهرحال اِها
شروعاتي ڳالهه هئي. انهيءَ کان پوءِ 1948ع ۾ مرحوم
غلام محمد نظاميءَ جي شعرن جو مجموعو ڇپيو هو
’بياض نظامي.‘ انهيءَ ۾ ڪجهه آزاد نظم هئا. پر
انهيءَ اسپرٽ ۽ نموني سان، جيئن مغرب ۾ آزاد نظم
لکيا ٿا وڃن، اُهي پهرين نارائڻ شيام، شيخ راز ۽
شيخ اياز لکيا. تنهن کان پوءِ ڪجهه آزاد نظم بشير
مورياڻيءَ لکيا ۽ پوءِ ٻين.
طارق: اوهان هينئر ابراهيم خليل جو نالو ورتو.
ابراهيم خليل، سردار علي شاهه ۽ رشيد احمد لاشاري،
اهي به شاعر هئا. اوهان، شيخ اياز، شمشيرالحيدري ۽
نياز همايوني، اهي به شاعر آهيو. هُنن ۽ اوهان جي
شاعريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
تنوير: جيتري قدر منهنجو تعلق آهي، مان ابتدائي
شاعريءَ ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان اصلاح وٺندو
هوس. مون هن کان باقائدي عروض ڪونه سکيو هو. پر
’بزم خليل‘ جون جيڪي ڪچهريون ٿينديون هيون، انهن ۾
هر هفتي شريڪ ٿيندو هوس، اُتي عروض تي بحث ٿيندا
هئا. رشيد احمد لاشاري مرحوم به اُتي ايندو هو. هن
سان به مان ڪافي ويجهو هوس. سردار علي شاهه مرحوم
سان به اُتي دوستي ٿي. ڪافي وقت مون هنن سان
گذاريو. بهرحال انهيءَ شاعريءَ کي اسين اڄڪلهه
’جمعيت الشعرا‘ يا ’شعرا‘ واري شاعري سڏيندا
آهيون. اوهين ڪهڙو ٿا فڪر پيش ڪريو، اِهو مسئلو هو
ئي ڪونه. شاعريءَ ۾ ڪا نواڻ آهي يا نه، اِهو مسئلو
به ڪونه هو. هُن شاعريءَ جو مقصد هو ته فوٽ پٽيءَ
تي سٽون پوريون اچن. وزن بحر تي سٽون پوريون هجن.
نئون خيال ڀلي هجي يا نه هجي، سٺو خيال هجي يا نه
هجي، جوت هجي يا نه هجي، انهيءَ جو خيال نه ڪيو
ويندو هو. هو هڪ سِٽ ڏيندا هئا. جيئن هاڻ به
’جمعيت الشعرا‘ جي ڪانفرنس ٿي رهي آهي 2- مئي
1983ع تي، گهوٽڪيءَ ۾، سِٽون ڏنيون اٿن- مصرع طرح
به، انهيءَ تي لکي اچو. اِها ته اُها ڳالهه ٿي ته
جيئن ٻار کي اسڪول ۾ ايڪسرسائيز ڪرڻ لاءِ ڏبي آهي
ته، بابا هي الجبرا جو هڪڙو حساب ڏجي ٿو، اٺ ڏهه
ٻيا حساب ڪري اچجو. هيءَ ڳالهه به ائين آهي ته
انهيءَ ڏنل سِٽ تي ڪو پنڌرنهن ويهه سٽون لکي
ويو،غزل لکي ويو ته چوندا: هي سٺو شاعر آهي. سندن
سڄو مول مقصد اِهو ئي هوندو آهي. پر پوءِ اسان جي
جيڪا شاعري اُسري، انهيءَ جا الڳ اصول هئا. پوءِ
اسان شاعريءَ ۾ تمام گهڻيون تبديليون آنديون. اِهي
هاڻ سڀني کي معلوم آهن.
طارق: اوهان رجعت پسند شاعري ۽ ترقي پسند شاعري ڇا
کي ٿا چئو؟
تنوير: (ڪجهه دير خاموش رهي) اهو ته صاف ظاهر آهي.
رجعت پسند شاعري اُها آهي، جيڪا ماٺي پاڻيءَ وانگر
هڪ جاءِ تي جُڳن کان بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. ۽
ترقي پسند شاعري اُها آهي، جيڪا پنهنجي دؤر سان گڏ
هلي. پنهنجي دؤر جي ضرورت سان گڏ، پنهنجي دؤر جي
ماحول سان گڏ بدلبي ٿي رهي، ترقي ڪندي ٿي رهي.
مثال طور اڄ 1983ع آهي، پر 1952ع ۾ اسان جو
ضرورتون ٻيون هيون، اسان جي شاعري ٻئي قسم جي هئي،
اڄ ٻي آهي.
طارق: ترقي پسند شاعريءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته
انهيءَ تي به روشني وجهو ته ترقي پسند ادب ۽ جدت
پسند ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
تنوير: ترقي پسند لفظ در حقيقت جهڙي لحاظ کان اسان
جي هن ننڍي کنڊ ۾ استعمال ٿيو، اُهو لفظ ترقي پسند
تحريڪ جي ڪري پيو. انهيءَ تحريڪ ۾ ڊاڪٽر اقبال،
جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض، منٽو ۽ ٻيا ڪيترائي
اديب هئا، گڏيل هندستان جا.، انهن انهيءَ
مينيفيسٽو تي صحيح ڪئي ۽ اُها هڪ خاص سياسي ۽ ادبي
نظرئي جي پوئلڳن جي جماعت هئي، جنهن مان پوءِ
منٽوءَ کي به خارج ڪري ڇڏيائون، فيض احمد فيض کي
به خارج ڪيائون. هنن ميراجيءَ کي به ترقي پسند
شاعر نه سڏيو. جدت پسند شاعري اُها آهي، جيڪا جدت
پسند ته هجي، پر ڪنهن خاص ادبي نظريي يا سماجي
نظريي سان واسطو رکندڙنه هجي.
طارق: اوهين وڏو شاعر ڪنهن کي ٿا سمجهو؟ اوهان جي
نظر ۾ وڏي شاعر ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
تنوير: (ڪجهه گهڙيون خاموش رهي) سڀ کان پهرين
ڳالهه اِها ته هن جو پنهنجي چؤگرد ماحول تي پورو
قبضو هجي. ۽ ٻي ڳالهه ته هو پنهنجي ماحول جي ذري
ذري کان باخبر هجي ۽ هن جي دل ۾ احساس ايترو شارپ
(Sharp)
هجي، جو هو انهيءَ کي پوري طرح محسوس ڪري سگهي،
ٽين ڳالهه اها ته هن جي ٻوليءَ تي ايتري ته قدرت
هجي، ايتري وسيع هجي، جو هو پنهنجي جذبن جو اظهار
کليءَ طرح بيان ڪري سگهي ۽ انهن کي جذبن جو روپ
ڏيئي سگهي. اهي ٽئي ڳالهيون جڏهن هڪ ماڻهوءَ ۾ ملن
ٿيون، تڏهن هن کي وڏو شاعر چئي سگهجي ٿو....
(تنوير جي پُٽ جي اچڻ ڪري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو
اوچتو ٽٽي ويو. تنوير کيس چانهه آڻڻ لاءِ چيو.
جڏهن هو ويو ته وري سلسلو اڳيان وڌيو.)
طارق: اوهان جي نظر ۾، سنڌ ۾ هن وقت ڪهڙا وڏا شاعر
آهن؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچيندي) هن وقت شيخ اياز آهي،
شمشيرالحيدري آهي، نياز همايوني آهي.
طارق: ۽ ڀارت ۾؟
تنوير: (يڪدم چيائين) نارائڻ شيام تمام وڏو شاعر
آهي. هري دلگير آهي، گوورڌن ڀارتي آهي.... (ايتري
۾ تنوير جو پٽ چانهه کڻي آيو ۽ انهيءَ سان گڏ
تنوير سان ڪا ڳالهه به ڪيائين، تنهن ڪري اسان جي
ڳالهين جو سلسلو هڪ دفعي وري ٽٽي پيو. مون ٽيپ
رڪارڊ جو بٽن آف ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن تنوير جو پُٽ
سرمد ويو ته بٽڻ وري آن ڪيم. تنوير ٽٽل سلسلو وري
جوڙيو) موهن ڪلپنا آهي.
طارق: (سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي) موهن ڪلپنا بيسي
ڪلي شاعر ته ڪونهي؟
تنوير: بيسي ڪلي ته شاعر ڪونهي. پر هن جيڪي ٿورا
نظم لکيا آهن.... (ايتري ۾ سرمد وري اچي تنوير کان
ڪجهه پڇيو ۽ اسان جي ڳالهين جو سلسلو هڪ دفعو وري
ٽٽي پيو. مون چاهيو ٿي ته تنوير کي چوان ته ڳالهين
جي وچ ۾ ڪو نه اچي ته بهتر. پر تنوير پنهنجي اڌوري
ڳالهه شروع ڪري ڇڏي، ۽ مان کيس چئي نه سگهيس) تنهن
کان پوءِ ارجن حاسد آهي، موتي پرڪاش آهي.
طارق: اوهان جي نظر ۾، سنڌ ۾ غزل جو ڪهڙو سٺو شاعر
آهي؟
تنوير: (ڪجهه سوچي چانهه جو ڍُڪ ڀريائين ۽ پوءِ
پڇيائين)
هن وقت؟
طارق: ها.
تنوير: هن وقت، همعصرن ۾ مون کي شمشير ۽ اِمداد
سٺا لڳن ٿا غزل ۾. باقي هنن کان اڳ، پراڻن شاعرن ۾
عبدالحسين سانگي ۽ (ڪجهه دير سوچي) مراد علي ڪاظم،
اِهي غزل جا بهترين شاعر هئا. ڀارت ۾ نارائڻ شيام
غزل جو بهترين شاعر آهي.
طارق: ذوالفقار راشدي ۽ علي محمد مجروح جي غزلن
بابت اوهان ڪهڙي راءِ ٿا رکو؟
تنوير: علي محمد مجروح جي غزل ۾ تغزل جون سڀئي
خوبيون آهن، جيڪي غزل جي شاعريءَ ۾ هئڻ گهرجن. پر
هڪڙي ڳالهه ته هن تمام ٿورو لکيو آهي، ٻي ڳالهه ته
سندس شعرن جو ڪو مجموعو نه ڇپيو آهي، ٽين ڳالهه ته
هن وٽ نواڻ گهٽ آهي. باقي تغزل تمام گهڻو آهي. ۽
ذوالفقار راشديءَ وٽ، هن جي غزل بابت مان تمام
فرينڪ ٿي ٿو ڳالهايان، پڪ اٿم ته ذوالفقار دل ۾ نه
ڪندو. ذوالفقار غزل ۾، يا هن جي سڄي شاعريءَ ۾، هو
ٻوليءَ جي خالص هُجڻ جو ايترو ته گهڻو خيال ٿو
رکي، جو انهيءَ تي ٻيون شيون قربان ڪيو ڇڏي. هن جو
ڌيان محض ٻوليءَ جي پيورٽي تي محدود رهي ٿو وڃي.
انهيءَ جي ڪري، هن جا غزل، ٻوليءَ جي لحاظ کان ته
بهترين آهن، باقي تغزل جون جيڪي خوبيون آهن اُهي
اورشيڊو ٿيو وڃن.
طارق: اوهان ڪهڙي شاعر کي، وائيءَ جي لحاظ کان هند
۽ سنڌ ۾ سٺو ٿا سمجهو؟
تنوير: وائيءَ ۾، هند ۾ نارائڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ
اياز سٺيون وايون لکيون آهن. انهيءَ کان پوءِ
شمشيرالحيدري، جيتوڻيڪ هن هڪ ٻه وايون چيون آهن.
باقي جيڪي نوان شاعر آهن، انهن ۾ تاج جويو، خاڪي
جويو ۽ يوسف شاهين. خاص ڪري مون کي خاڪي جويي جي
وائيءَ ڏاڍو امپريس ڪيو. مون کي ائين لڳو ته هي
ڪلاسيڪل وائي جي حدن کي ڇيڙي پيو.
طارق: يوسف شاهين جي شاعري متعلق اوهان جو ڪهڙو
رايو آهي؟ هن جي شاعري ڪٿي به ڇپي ڪونه، اوچتو
سندس شعرن جو مجموعو اچي ويو. سندس شعرن جي مجموعي
تي اوهان جو پيش لفظ لکيل آهي. شمشير به ڏاڍو
ساراهيو آهي. اِهو ممڪن آهي ته هڪڙو شاعر ڪٿي به
نه ڇپجي ۽ ايڏي سٺي شاعري ڪري؟ بقول غلام نبي مغل
جي ته يا شاهه عبداللطيف هن کي لکي ڏنو آهي يا هن
شاهه عبداللطيف کي لکي ڏنو آهي.
تنوير: (کلندي) ائين ٿيندو آهي. ادب ۾ ڪڏهن ڪڏهن
معجزا ٿيندا آهن. مثال طور رانبو، جيڪو فرينچ شاعر
هو. هن سڄي عمر شادي ڪونه ڪئي، اوچتو شاعري
ڪيائين. ۽ اُها به ڪجهه سال. وري شاعري نه ڪيائين.
پر هن جي شعرن جو مجموعو ’ليزاليومينيشن‘(Les
Illumination)
اڄ به فرينچ ادب جو وڏي فخر لائق سرمايو آهي. ۽ هر
فرينچ کي انهيءَ تي فخر آهي. حالانڪ هن شاعري رڳو
ٻه ٽي سال ڪئي، نه مُنڍ ۾ ڪيائين نه پڇاڙيءَ ۾.
اِها ڳالهه حقيقت کان بعيد ڪونهي ته، ڪو ماڻهو
اوچتو ئي اوچتو شاعر بڻجي وڃي.
طارق: يوسف شاهين جي بيتن جي باري اوهان جو خيال
ڇا آهي؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) يوسف وٽ پنهنجي دؤر جو
شعور آهي. ۽ بيتن جي صنف ۾، هن پنهنجي دؤر جي شعور
کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي
اٿئين. ڪٿي ڪٿي تمام ٿورن بيتن ۾ هو ردم قائم نه
رکي سگهيو آهي.
طارق: اوهان فرينچ زبان پڙهي آهي (سکي آهي)، ڇا
ڪنهن خاص سبب ڪري؟
تنوير: منهنجي لائبريريءَ ۾ هڪڙو ڪتاب، 1958ع ۾
مون خريد ڪيو هو. ڪڏهن اوهان کي ڏيکاريندس-
’ائنٿالاجي آف فرينچ پوئٽري‘. انهيءَ ۾ هڪ پاسي
فرينچ زبان ۾ شاعري ڇپيل آهي، ٻئي پاسي انگريزيءَ
ترجمو آهي. جڏهن مون اُهي ترجما پڙهيا ته انهن مون
کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. تڏهن کان منهنجو اِهو
خواب هو ته مان فرينچ زبان سِکان. مون جڏهن شروع
۾، مطالعو شروع ڪيو هو، ڏٺم ته شارٽ اسٽوري فرانس
مان شروع ٿي- بالزاڪ ۽ موپاسان. آزاد نظم فرانس
کان شروع ٿيو. تجريدي آرٽ فرانس کان شروع ٿيو.
ڊرامو فرانس کان شروع ٿيو. پهرين ته گريڪ (يونان)
۾ شروع ٿيو، پر جديد ڊرامو فرانس کان شروع ٿيو.
بهترين پرفيوم فرينچ، بهترين فيشن فرينچ. ائين ٿو
لڳي ته سڄو يورپ ۽ سڄي آمريڪا، فرانس جي ڪلچرل
ڪالوني آهي، يعني ثقافتي نؤ آبادي. انهيءَ ڪري مون
سوچيو ته جيڪڏهن جديد ذهن کي سمجهڻو آهي ته
جيستائين فرينچ زبان نه سمجهبي، انهن کي سمجهي نه
سگهبو ۽ اِها خبر ئي نه پوندي، ڪيئن انهيءَ ٻوليءَ
سڄي يورپ تي اثر ڪيو. خود ٽي. ايس ايليٽ پڻ فرينچ
شاعر سينٽ جان پرس جي اُڀياس جو ترجمو ڪيو. هن
ڪيترن فرينچ شاعرن کان تاثر ورتو آهي. مون کي هڪڙو
تمام سونهري موقعو مليو. خيرپور ۾ منهنجا ٻه دوست
هئا، ڊچ جوڙو هو- مِڪي ۽ ڪيس. اُهي منهنجا تمام
سٺا دوست هئا، اُهي فرينچ ڄاڻندا هئا. مون هنن سان
ڳالهه ڪئي ته مان فرينچ سکڻ ٿو گهران. هو ڪراچي
ويا ۽ منهنجي لاءِ ڪراچيءَ مان فرينچ ڪتاب وٺي
آيا. اُهي هفتي ۾ ٻه ڏينهن مون کي فرينچ پاڙهيندا
هئا. هنن ٻه سال مون کي فرينچ پاڙهي. هاڻ هو هليا
ويا آهن، ڊڪشنريءَ جي مدد سان. هينئر مان فرينچ
شاعري، فرينچ زبان ۾ پڙهي ٿو وٺان. ٿوري گهڻي
ڊڪشنري ريفر ڪرڻي پوي ٿي. ٻيا ڪتاب ۽ ناول به
پڙهيو وڃان.
طارق: ڪهڙي فرينچ شاعر جي شاعري اوهان کي وڻي آهي،
يا هن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيا آهيو؟
تنوير: وڻڻ جي ڳالهه ڪريو. باقي متاثر ٿيو آهيان،
انهيءَ جو فيصلو ته ٻيو ڪو ڪندو، مان ڪيئن ٿو ڪري
سگهان؟ انهن ۾ ’سينٽ جان پرس‘ آهي. جنهن جو هڪڙو
نظم مون شعر ۾ به ترجمو ڪيو هو. جنهن کي 1960ع ۾
نوبل پرائز مليو هو. ’سي مارڪس‘
(Seamarks)
هن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سڄو نظم سمنڊ تي
آهي. هن سمنڊ کي سمبل ڪري استعمال ڪيو آهي تنهن
کانپوءِ پال ورلين آهي، جنهن کي فرينچ زبان جو
پوورلين چون. هن جا ننڍا ننڍا نظم آهن، پر ڏاڍا
ردمڪ آهن، مان ڪوشش ۾ آهيان ته اُنهن جو به ترجمو
ڪريان. ۽ هاڻ مان انهيءَ لائق آهيان جو سڌو سنئون
فرينچ مان ترجمو ڪري سگهان ٿو. ٽيون مشهور شاعر
آهي چارلس بودليئر، جنهن پهرين پهرين نثري نظم
لکيا: پٽي پوئم آف فلورينس. اهو مون وٽ فرينچ زبان
۾ آهن، جيڪي مان پڙهندو رهندو آهيان. انهيءَ کان
پوءِ جديد شاعر آهن- سيروائيل، جيڪب، دينساس. انهن
جو مون مطالعو ڪيو آهي. دراصل فرينچ شاعريءَ ۾
منهنجو مطالعو 1950ع تائين آهي، انهيءَ کان پوءِ
جي شاعري مون کي هٿ نه آئي آهي، تنهن ڪري انهيءَ
جي باري مان چئي نٿو سگهان.
طارق: مون اوهان جي لائبريري ڏٺي آهي، ۽ اوهان جا
ڪتاب به ڏٺا اٿم. اوهان وٽ- انگلش پوئٽري، جاپاني
پوئٽري، چائنيز پوئٽري جا ڪتاب آهن. اوهان جي خيال
۾ ڪهڙين زبانن ۾ سٺي شاعري ڪيل آهي، ۽ ڪهڙا سٺا
شاعر آهن؟
تنوير: فرينچ کان پوءِ مون کي چيني ۽ جاپاني
شاعريءَ وڌيڪ اٽريڪٽ ڪيو آهي. (ڪجهه دير خاموش
رهي) باقي فارسيءَ جا جيڪي ڪلاسيڪي شاعر آهن، هنن
جو جواب ڪونهي. خيام آهي، عرفي آهي، نظيري آهي،
سرمد آهي، حافظ آهن- اِهي بهترين شاعر آهن.
طارق: اوهان جي نظر ۾ ڪهڙا سنڌي شاعر آهن، جن جي
شاعريءَ کي ڪلاسيڪي شاعري چئجي، يا وڏو شاعر چئجي؟
تنوير: سنڌيءَ جو پهريون وڏو شاعر ’قاضي قادن‘
آهي. تنهن کان پوءِ شاهه عنايت، شاهه ڪريم ۽ شاهه
لطيف اچن ٿا. شاهه لطيف کان پوءِ وچ ۾ وڏو گيپ
آهي. ممڪن آهي ته انهيءَ گيپ وارا شاعر گم ٿي ويا
هجن يا نٿا لڀجن. پوءِ سچل سرمست آهي. سچل جي دؤر
کان پوءِ بيدل، حمل، نانڪ يوسف ۽ سنڌي ڪلاسيڪي
شاعر آهن، جن کي لينڊ مارڪس چئي سگهجي ٿو.
طارق: اوهان ساميءَ جو نالو نه ورتو؟
تنوير: (کلندي) عادت آهي نه مسلمانن جي.
طارق: اڪثر ٽن شاعرن جو نالو گڏ ورتو ويندو آهي-
شاهه، سچل، سامي. شاهه جا ميلا ٿين ٿا. سچل جا
ميلا ٿين ٿا، هينئر سچل سيمينار به ٿيو هو. اوهان
به انهن ۾ باقاعدي حصو وٺندا آهيو. پر ساميءَ کي
هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. اوهان خود به شاعر
آهيو، مضمون نگار آهيو، اوهان به......
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) منهنجي ڏاڍي خواهش رهي آهي
ته ساميءَ تي ڪو سئمينار ڪرايو وڃي، هن جو ڏينهن
ملهايو وڃي، يا ٻيو نه ته ساميءَ تي رسالن ۾
تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ڏنا وڃن. سامي تمام وڏو
شاعر هو. هن جا ڪي شعر ته ايترا اونها آهن، جو
ائين ٿو لڳي ته، سنڌيءَ جي وڏي ۾ وڏي شاعر شاهه
عبداللطيف سان گڏ بيٺو آهي.
طارق: اوهان جي چوڻ جو مقصد آهي ته سنڌ جو سڀ کان
وڏو شاعر شاهه عبداللطيف آهي؟
تنوير: ها، شاهه عبداللطيف آهي.
طارق: شاهه جي ذڪر تي مون کي هڪ ڳالهه ياد آئي
آهي. شاهه جو رسالو جيڪو علامه آءِ. آءِ. قاضي
مرتب ڪيو آهي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي،
انهيءَ مان علامه صاحب ’سُر ڪيڏارو‘ ڪڍي ڇڏيو آهي.
منهنجي علامه صاحب سان ٻه دفعا ملاقات ٿي هئي. مون
هڪ ملاقات ۾ علامه صاحب کان پُڇيو هو ته: اوهان
شاهه جي رسالي ۾ سُر ڪيڏارو ڪهڙي خيال سان شامل نه
ڪيو آهي؟ علامه صاحب چيو: انهيءَ ڪري جو سر ڪيڏارو
شاهه جو ڪونهي. اوهان جو انهيءَ باري ۾ ڪهڙو خيال
آهي؟
تنوير: منهنجي علامه صاحب سان نيازمندي هئي. مون
کي به ائين فرمايو هئائون. پر مان انهيءَ ڳالهه
سان متفق نه آهيان. ’ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته
ڏاڙهون گُل جيان‘ اهو شعر، شاهه کان سواءِ ڪو ٻيو
شاعر چئي نٿو سگهي. سُر ڪيڏاري ۾ ڪيترا اهڙا شعر
آهن، جيڪي يا ته شاهه جا آهن، يا ڪو اهڙو همعصر
بلند شاعر هجي، جنهن لاءِ چئجي ته سنڌ ۾ ٿي گذريو
آهي، اهي شعر هن جا هجن. باقي ڪا به ثابتي نٿي ملي
ته اهي شعر (ڪيڏارو) شاهه جا نه آهن. محض هڪڙي
تعصب جي ڪري، بيتن کي ڪڍي ڇڏڻ.... (ڀرسان ريل جي
لنگهڻ ڪري جملي جو آخري حصو سمجهه ۾ نه آيو.)
طارق: اوهان جي خيال ۾، علامه صاحب سُر ڪيڏارو ڇو
ڪڍيو؟
تنوير: جيتري قدر منهنجون علامه صاحب سان ملاقاتون
ٿيون هيون، مون ڏٺو هو ته علامه صاحب تعصب کان
گهڻو مٿي هو. چيو ٿو وڃي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي جو
انهيءَ ڳالهه تان اختلاف ٿيو هو. ڊاڪٽر دائود
پوٽي، گربخشاڻيءَ کي چيو هو: سُر ڪيڏارو شامل نه
ڪري. سنڌ ۾ ٻه گروهه هئا، جن مان هڪڙو گروهه سُر
ڪيڏارو کي شاهه جو چوندو هو، ۽ ٻيو انهيءَ جي خلاف
هو. ٿي سگهي ٿو ته علامه صاحب تي ٻئي گروهه جو اثر
پئجي ويو هجي، ۽ هو ذهني طرح تسليم ڪري ويٺو هجي
ته ڪيڏارو شاهه جو نه آهي.
طارق: اوهان کي سنڌيءَ جو ڪهڙو شاعر وڌيڪ وڻي ٿو؟
تنوير: شاهه لطيف.
طارق: ٻين ٻولين مان؟
تنوير: ٽيگور. (رابندر ناٿ ٽيگور)
طارق: شاهه لطيف جي شاعري اوهان کي وڻي ٿي، انهيءَ
جا سبب ؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) شاهه لطيف جي شاعريءَ تي
مون سڄو ڪتاب لکيو آهي.
طارق: ڪيترن ماڻهن اهو ڪتاب نه پڙهيو هوندو. اوهين
مختصر طور تي ٻڌايو؟
تنوير: پهرين ڳالهه اِها ته شاهه لطيف شاعريءَ کي
عوامي بڻايو. عواميءَ مان مقصد آهي- عوامي ٻولي،
عوام جا جذبا، عوام جو ماحول، عوام جا مسئلا. نمبر
ٻيو ته شاهه لطيف، شاعري کي عوامي بڻائڻ جي باوجود
به، شاعريءَ کي جيڪا عظمت آهي، انهيءَ تي پوريءَ
طرح قائم آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ردم، موسيقيت،
عڪسيت، رمزيت، اُهڃاڻ، سڀ ملندا. شاهه جي شاعريءَ
۾ وحدت جو تصور- هتي وحدت مان منهنجي مراد آهي
Unity of Universe،
اصولي وحدت جو تصور قائم رکڻ ۽ انهيءَ کان سواءِ
هن کي اهڙو سولو بڻائڻ جو هڪ عام ماڻهوءَ جي زبان
تي به شعر اچي. اِهو شاهه صاحب جو وڏو ڪارنامو
آهي. اِها ڳالهه تمام گهٽ شاعرن ۾ ملندي. اقبال
تمام وڏو شاعر آهي، غالب تمام وڏو شاعر آهي، پر
ڪاليج جا پروفيسر، ايم- اي جا شاگرد يا انهيءَ
ليول جا ماڻهو ئي هنن جي شاعريءَ کي سمجهي سگهندا.
باقي مزدور، هاري، ٽانگي وارو هنن جو شعر سمجهي نه
سگهندو. پر شاهه لطيف ڪمال اِهو ڪيو آهي ته هڪ عام
ماڻهوءَ کان وٺي هڪ وڏي ۾ وڏي اسڪالر تائين، ٻئي
جڏهن شاهه جو شعر پڙهن ٿا ته ساڳي طرح سمجهن ٿا.
طارق: شاهه جي شعرن مان اوهان کي ڪهڙو شعر سڀ کان
وڌيڪ وڻي ٿو؟ ڇا ڪو اهڙو شعر آهي، جنهن کي اوهين
ڪڏهن ڪڏهن جهونگاريندا هجو؟
تنوير: مان شاهه جو رسالو ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو آهيان.
شاهه جا اهڙا شعر گهڻائي آهن، جيڪي مون کي وڻندا
آهن. پر جڏهن مون هڪڙو شعر پڙهيو، بلڪ جڏهن مان هن
شعر تي پهتس ته مون رسالو بند ڪري ڇڏيو، ۽ اکيون
به بند ڪري ڇڏيم. اُهو شعر آهي ته:
’نه ڪو سنڌو سور جو، نه ڪو سنڌو سِڪَ‘
اُتي شاهه انفنيٽيءَ جو تصور ڏنو آهي. ۽ انفنيٽي
هڪ ميٿيميٽڪل فنامنا آهي، جيڪا شاعريءَ کان تمام
پري آهي. پر جڏهن شاعر سوچي ٿو، سندس ذهن ۾ اچي
ته- ڪا حد ناهي، ته اُتي چوي ٿو:
نه ڪو سنڌو سور جو، نه ڪو سنڌو سِڪَ
عدد ناهي عشق، پڄاڻي پوي.
طارق: ٽيگور جي شاعريءَ ۾ اوهان کي ڪهڙيون خوبيون
نظر آيون؟
تنوير: ويهين صديءَ جي خلفشار واري دؤر ۾، هن
ماڻهوءَ- محبت، سڪون، امن، پيار، نوڙت، نهٺائي،
ميٺاج کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. ائين کڻي
چئجي ته هن وٽ برصغير جي سڄي شاعريءَ جي مطالعي جو
نچوڙ آهي. ميران ٻائي، ڪبير، تُلسيداس جي شاعري ۽
جيڪي ڀڳتي تحريڪون آيون يا تنهن کان پوءِ اسلامي
تعليم- انهيءَ ۾ جيڪو تصوف جو عنصر آهي، انهن سڀني
جو هڪڙو خوبصورت ۽ خوش رنگ ميلاپ مون کي ٽيگور جي
شاعريءَ ۾ نظر آيو.
طارق: اوهان شعر جي ڪهڙي صنف تي گهڻي طبع آزمائي
ڪئي آهي، اوهان جي خيال ۾ نظم وڌيڪ سٺا لکيا اٿؤ
يا غزل يا....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اهو ته ڪو ٻيو ٻڌائي
سگهندو.
طارق: جيڪڏهن اوهان جي شاعريءَ لاءِ اوهان کي ئي
جج مقرر ڪجي ته؟
تنوير: منهنجي شاعريءَ جا دؤر گذريا آهن. ڪنهن دؤر
۾ غزل چوڻ پسند ڪندو هوس، ۽ غزل ئي لکندو هوس.
منهنجي شاعريءَ جو پهريون دؤر اُهو هو. ٻئي دؤر ۾
گيت، دوها ۽ بيت وڌيڪ لکيم. هاڻ مان سمجهان ٿو نظم
۽ آزاد نظم وڌيڪ لکان ٿو. باقي ڇا ٿو لکان، اهو ته
ڪو نقاد ٻڌائي سگهندو. منهنجي ذهن ۾ جيڪو اچي ٿو،
اهو لکان ٿو.
طارق: اوهان کي پنهنجي شعرن مان ڪهڙو شعر وڌيڪ وڻي
ٿو؟
تنوير: اڃا تائين اِهو شعر وڻندو اٿم:
هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
طارق: اوهين شاعر به آهيو ۽ ڊاڪٽر به. پر جيڪڏهن
اوهين شاعر ۽ ڊاڪٽر نه ٿي سگهو ها ته ڇا ٿيڻ پسند
ڪريو ها؟ ٽين به ڪا شيءِ آهي، جنهن ۾ اوهان جي
دلچسپي هئي يا آهي؟
تنوير: ٿورو عرصو مصوريءَ ۾ منهنجي دلچسپي هئي.
شايد مصور ٿيان ها. موسيقيءَ سان ڪافي لڳاءُ اٿم.
مصوري يا موسيقي- بهرحال ڪنهن فن لطيف سان. آهيان
انهيءَ پيڃري جو پانڌيئڙو. ڇا هجان ها (کلندي) چئي
نٿو سگهجي.
طارق: ڪهاڻيءَ ۽ شعر جو اسٽائيل ته بدليو آهي. پر
هاڻ ڇپجڻ جو اسٽائل به بدلجي ويو آهي. آرسيءَ جو
پهريون شمارو اوهان جي آڏو آهي، مضمونن يا ڪهاڻين
۾ ڪا پئرا ڪانهي، بلڪ بلڪل سِڌ ۾ ڇپيل آهن. شعر به
ساڄي پاسي واري صفحي تي، ساڄي پاسي سڌائي ۾ آهن، ۽
کاٻي واري صفحي تي کاٻي پاسي سڌائيءَ ۾ ڇپيل آهن.
اهڙيءَ طرح ڇپائيءَ ڪري عروضي شاعري به ڪٿي شروع
۾، ۽ ڪٿي پڇاڙيءَ ۾ سڌي ڪانهي. اهو طريقو غلط ته
ڪونهي؟
تنوير: مون کي ته انهيءَ ۾ برائي نظر نٿي اچي.
مغربي ملڪن ۾ جيڪي جديد ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن ۾ اهڙا
تجربا ڪيا ٿا وڃن.
طارق: ڪن ليکڪن جو خيال آهي ته عروضي شاعري سِڌي
ڇپجي نه ته....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اُهو ته مون اڳيان چيو آهي
ته پوءِ فوٽ پٽيءَ سان ماپ ڪري رکجي. اُهو پهرينءَ
زماني ۾ چوندا هئا ته سٽون هڪ جيڏيون رکجن، پر
هاڻي ته انهيءَ جي ضرورت ڪانهي.
طارق: اوهان ڪجهه ڪهاڻيون لکيون آهن......
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) هڪڙي.
طارق: ٻه ٽي ننڍڙيون به.
تنوير: ها.
طارق: اوهان جي ’لوئي‘ سنڌيءَ جي بهترين ڪهاڻيءَ
جو درجو رکي ٿي، اِها اڙدوءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪي
آهي. اوهان وڌيڪ ڪهاڻيون ڇو ڪونه لکيون؟
تنوير: ائين چئجي ته شاعريءَ ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيس
ته ڪهاڻين تان دل کڄي ويئي. باقي ڪو خاص سبب نه ٿو
ڏيئي سگهان ته مون ڇونه لکيون. ڪجهه وقت اڳ هڪ
ناول به لکڻ شروع ڪيو هو. پر ناول هڪ وڏي خفي جو
ڪم آهي، سُستيءَ جي ڪري اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏيم. جيڪڏهن
وري ڪهاڻيون لکان ته هاڻ سري کان سکڻو پوندو، پوءِ
شايد لکي وڃان.
طارق: ڪافي وقت کان اسان وٽ اهڙيون ڪهاڻيون لکجي
رهيون آهن، جن کي جديد ڪهاڻي چيو پيو وڃي، انهن ۾
ٻوليءَ جو استعمال غلط هوندو آهي. سنڌي زبان ۾ فعل
هميشہ پٺيان ڪم ايندو آهي. هاڻ هندي زبان وارو
طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، يعني فعل اڳيان، وچ ۾،
پڇاڙيءَ ۾، ڪٿي به ڪم آڻجي پيو. ڇا اهو طريقو سنڌي
ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار ڪونهي؟
تنوير: ڳالهه سڄي اِها آهي ته ڪير لکي ٿو ۽ ڪيئن
لکي ٿو. اهي سڀئي ڳالهيون اسان وٽ نئون ٿيون اچن.
انهن جا ٻه قسم آهن. مثال طور جيئن غزل آهي سنڌيءَ
۾. غزل اسان جي شيءِ ڪانهي، فارسي آهي. پر انهن ۾
هڪڙا غزل فيض بخشاپوريءَ جا ڏسڻ ۾ ايندا، ٻيا مراد
علي ڪاظم ۽ عبدالحسين سانگيءَ جا به ڏسڻ ۾ ايندا.
جيڪو ماڻهو غزل لکي ٿو، ڏسڻو اِهو آهي ته هن جو
ڪيترو مطالعو آهي، پنهنجي ٻوليءَ تي ڪيتري قدرت
اٿس جو انهيءَ کي پنهنجو پاڻ ۾ ضم ڪري ۽ هن جو
تجربو ڪامياب وڃي. ساڳيءَ طرح آزاد نظم آهي، آزاد
نظم لاءِ اوهان به جيئن چيو، مون به اوهان کي
ٻُڌايو ته ڪي اهڙا آهن جيڪي آزاد لکن ٿا، پر انهن
جو مطالعو ڪونهي، انهن کي آزاد نظم جي ٽيڪنڪ جي
ڄاڻ ڪانهي. انهيءَ ڪري اُهي جيڪي آزاد نظم لکن ٿا،
اهي يا ته اخباري خبر وانگر لکن ٿا يا اشتهاري
پمفليٽ وانگر لکن ٿا. هنن جا آزاد نظم پوسٽر ٿا
لڳن. پر جن شاعرن جو واقعي مطالعو آهي، شاعريءَ
تي، ٻوليءَ تي قدرت اٿن، اُهي ڪامياب نظم لکن ٿا.
ته ڪهاڻي به ائين آهي. سيڪنڊ ورلڊ وار کان پوءِ
سوريلزم جي شروعات ٿي، البرڪاميو، سارتر- يا
فرائيڊ جي نظرين کان پوءِ جيڪي تحريڪون ادب ۾ شروع
ٿيون- داد ازم ٿي، سرريلزم ٿي، انهن جو ليکڪن گهرو
مطالعو ڪيو، انهيءَ ليول تي پهتا، انهن جيڪو لکيو
ته اُها واقعي سٺي شيءِ هئي. پر جيڪو ماڻهو بنا
مطالعي جي، رڳو لکيل شيءِ کي ڏسي، انهيءَ اسٽائيل
کي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، اُهو صحيح ته نه لکي
سگهندو. انهيءَ ۾ هارم ڪونهي، گهرو مطالعو ڪري،
انهيءَ ليول تي پهچي، پوءِ تجربو ڪجي. نه ته اها
اَهل ٿيندي. جيئن ’جميعت الشعرا‘ واري دؤر ۾ غزل
جي اهل ٿي. جيئن هائيڪو آهن، مون هائيڪو تي مضمون
لکيو آهي، مون پاڻ به هائيڪو لکيا آهن. مان سمجهان
ٿو ته سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي شروعات ئي مون ڪئي.
طارق: نارائڻ شيام نه؟
تنوير: هن پوءِ لکيا. 1959ع ۾. جمال رند سانگهڙ
مان ڪو رسالو ڪڍيو هو، هن ۾ مون پهريون دفعو
هائيڪو لکيا، هائيڪو نه چئجي، ڇاڪاڻ ته اُهي
هائيڪو نه بلڪ ٽه سٽا هئا. تنهن کان پوءِ جڏهن مون
هائيڪو جو مطالعو ڪيو ته مون هائيڪو لکيا ئي ڪونه.
ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هائيڪو ڇا آهن. منهنجي
خيال ۾ نارائڻ شيام کان سواءِ ڪوبه اهڙو شاعر
ڪونهي، جنهن هن صنف جي روح کي سمجهيو آهي. تنهن
ڪري نارائڻ شيام هائيڪو لکي ٿو ته اُهي وڻن ٿا. پر
هي جيڪو ٽه سٽا لکن ٿا پيا ته:
مان گهرو ويٺو هوس
ڪانءُ اُڏامي آيو
پوءِ هيئين ٿيو....
ته اهي هائيڪو ته ڪونهن. ساڳيءَ طرح جديد ڪهاڻيءَ
۾، يا جنهن کي ’اسٽريم آف ڪانشسنيس‘ ٿا چئو، لکڻ
واري تي منحصر آهي. جيڪڏهن لکڻ وارو مئچور آهي ۽
هن جو سٺو مطالعو ٿيل آهي ته اُهو سٺو لکندو.
سارتر ’ورڊس‘ لکيا آهن. مون اِهو ڪتاب ڪئين دفعا
شروع ڪيو، پر شروع ڪري وري ڇڏي ٿو ڏيان. پر مان
ڪجهه نه ڪجهه انهيءَ ڳالهه تي پهتو آهيان ته سارتر
ڪهڙي ليول تي پهچي، پوءِ اهو ڪتاب لکيو. مون
اڙدوءَ جي ٻن عظيم ترين ڪهاڻيڪار خاتونن جون
آٽوباءِ گرافيون پڙهيون آهن.....
طارق: ڪنهن جون؟
تنوير: اڙدو وارن جا نالا کڻبا ته (اسان جا ماڻهو)
وڙهي پوندا. قرةالعين حيدر ۽ آمرتا پريتم.
طارق: امرتا ته پنجابي زبان جي ليکڪا آهي.
تنوير: ها پنجابي. هنن به ساڳئي نموني ۾ لکڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. پر سارتر جو لکڻ پنهنجو آهي ۽ هنن
جو پنهنجو. سو ڪنهن جي به اسٽائيل کي رڳو اَئڊاپٽ
ڪرڻ سان، ڪنهن به وڏي اديب جي اسلوب کي اختيار ڪرڻ
سان، ماڻهو وڏو اديب نٿو ٿي سگهي. مهانتا انهيءَ ۾
آهي ته ماڻهو پنهنجو ذاتي اسلوب اختيار ڪري، يا
جيڪڏهن ڪنهن جو اسلوب اختيار ڪري ٿو ته اُهو
انهيءَ کان بهتر هجي.
طارق: ’اسٽريم آف ڪانشسنيس‘ لاءِ اسان جا اڄ ڪلهه
جا ڪجهه ليکڪ چون ٿا ته جيئن اسان جي ذهن ۾ خيال
ايندا آهن، اسين ائين جو ائين لکون ٿا. پر ڪيترن
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته انساني ذهن ۾ خيال ايتري
تيزي سان ايندا آهن جو....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) جو اُهي لکي نٿا سگهجن.
طارق: ها. انهيءَ جي باري ۾ اوهان جو رايو ڇا آهي؟
تنوير: اهي سڀ تحريڪون هڪ خاص دؤر جون پيداوار
هيون. يورپ ۾ اهي تحريڪون ’فرسٽ ورلڊ وار‘ کان
پوءِ شروع ٿيون. پهرين جنگ عظيم ۾ جيڪي واقعا ٿيا
يعني- خون ريزي، ڦٽيل ماڻهو ۽ جنگ کان پوءِ جيڪي
واقعا ٿيا، اخلاق ڪري پيا، انهن اديبن ۽ سوچيندڙن
کي ذهني جهٽڪو ڏنو، تڏهن هنن بغاوت ڪئي. ۽ اُها
بغاوت هئي مروج زماني ۾ جيڪي صنفون هيون، اسٽائيل
يعني جيڪي اسلوب هئا، انهن کان. تنهن سان گڏ فرائڊ
جيڪا سب ڪانشس جي ٿيوري ڏني- شعر، لاشعور، ايگو،
سپر ايگو وغيرهه. هن صديءَ ۾ ٽن ماڻهن دنيا کي
لوڏي وڌو. دنيا جو جيڪو سڄو فڪر آهي، قديم
هندوستاني ۽ قديم يوناني فلاسافرن کان وٺي هن
صديءَ جي شروعات تائين به، انهيءَ کي جيڏو وڏو موڙ
هن صديءَ جي شروع ۾ آيو آهي، سو انسان جي تاريخ ۾
ڪڏهن نه آيو آهي. اُهي ٽي ماڻهو هئا- ڪارل مارڪس،
سگمنڊ فرائڊ ۽ چارلس ڊارون. ڊارون اووليوشن جي
ٿيوري ڏني، جيڪا قديم زماني کان هن وقت تائين
انسان سوچيندو آيو آهي، انهيءَ کان قطعي مختلف.
انسان وائڙو ٿي ويو ته ائين ٿي سگهي ٿو؟ فرائڊ
لاشعور ۽ سيڪس جي ٿيوري ڏني، ۽ ڪارل مارڪس ٿيوري
ڏني ڪئپيٽل جي، يعني سرمائي جي، ۽ سرمائي جي
ورهاست جي ۽ انهيءَ جي استعمال جي. انهن ٽن ماڻهن
دنيا جا ماشا ئي ڦيرائي ڇڏيا. ائين کڻي چئجي ته
عقل حيران ڪري ڇڏيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ ادب ۾، فن
لطيف يعني پينٽنگس ۾، اهي سڀ تحريڪون آيون. اهي
تحريڪون، اُن دؤر جون پيداوار آهن، ۽ هڪ مختصر
عرصي تائين يورپ ۾ هليون، تنهن کان پوءِ اُتي ختم
ٿي ويون. پر اسان وٽ انهن جو پڙاڏو اڃا هاڻ پهتو
آهي. هاڻ انهيءَ کي اسٽائيل ۾ لکڻ شروع ڪيو اٿن.
طارق: اوهان اسٽائيل جي ڳالهه ڪئي آهي. هر ٻوليءَ
جو پنهنجو مزاج آهي. اڄڪلهه گرامر کي چينج يا ائين
کڻي چئجي ته اُبتو ڪرڻ جو رواج پيو آهي، اوهين ڇا
ٿا سمجهو ته انهيءَ سان نئين لکندڙ ۽ پڙهندڙ تي
سٺو اثر پوندو؟
تنوير: مان ته چوان ٿو نه ته اهل ڪرڻ سان، ٻئي جي
ڪاپي ڪرڻ سان، يا ڪنهن جي اسٽائيل کي ائڊاپٽ ڪرڻ
سان، ڪوبه ادب عظيم ادب يا پاپولر ادب نه ٿي
سگهندو. اسين اکيون ٻُوٽي جيڪڏهن ٻين جي تقليد
ڪنداسين ته پوءِ اهو ضروري ته ڪونهي ته اسان جو
ادب انهيءَ ترقي يافته ليول تي پهچي ويو آهي. هڪڙي
ڳالهه مان توهان کي ٻُڌائي ڇڏيان، مون به گهڻا
دفعا اهو سوچيو آهي ته، مان به انهيءَ اسٽائيل ۾
شاعري ڪريان، جيڪا مون پڙهي آهي- جيئن فرينچ
شاعري، يا انگريزي شاعري يا ٻين جي شاعري. پر مان
اهڙي شاعري ڪندس ته معنيٰ مان هوا ۾ آهيان. ڇو ته
جيستائين اسان جو سماج انهيءَ ليول تي ناهي پهتو،
تيستائين مان جيڪڏهن اهڙي شاعري ڪندس ته اها اصلي
شاعري نه ٿيندي. جڏهن اسان جو سماج انهيءَ ليول تي
پهچي، جتي يورپ آهي، ته پوءِ مان انهيءَ اسٽائيل ۾
شاعري ڪريان ته پوءِ ٺيڪ آهي. مان پنهنجي سماج کي
ريپريزنٽ ڪندس. پر جيڪڏهن اها شاعري هاڻ مان ڪندس
ته معنيٰ مان پنهنجي سماج کي نه پر يورپ ۽ آمريڪا
جي سماج کي ريپريزنٽ ٿو ڪريان. جيئن ’اسٽريم آف
ڪانشسنيس‘ آهي، اُها به ائين آهي. هينئر جيڪي دوست
انهيءَ قسم جي لکڻين کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا
آهن، اُهي اڃا تائين هوا ۾ لٽڪيل آهن. ڇو ته اسان
جو سماج اڃا انهي ڪامپليڪيٽيڊ دؤر ۾ داخل نه ٿيو
آهي.
طارق: اسان جو گهڻو عوام ٻهراڙين ۾ رهي ٿو ۽ گهٽ
پڙهيل لکيل آهي. اسين اڄ جيڪا شاعري ڪري رهيا
آهيون، يا ڪهاڻيون لکي رهيا آهيون، ڇا اسان جو اهو
عوام پڙهي سگهي ٿو، سمجهي سگهي ٿو؟ انهيءَ مان هنن
کي ڪو فائدو ملي سگهي ٿو؟
تنوير: مان ته اِهو چوندس ته اسان جا اديب ڏاڍي
سولي پوزيشن ۾ آهن. هنن کي هتي تاريخ جو هر دؤر
جيئرو جاڳندو ملي ٿو. اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اڃا
جاگيرداري دؤر آهي. ڪراچيءَ ۾ اچو ته جديد ترين
سوسائٽي ملندي. اسان جو نڙ تي لوڪ ادب جو جيڪو
ڳائڻو آهي، اسان جي ٻهراڙيءَ ۾ اُهو به کپي ٿو
وڃي، انهيءَ کي به ٻُڌڻ وارا آهن. جيڪي اسان جا
جديد ترين سوچ رکندڙ اديب آهن، هنن کي به پنهنجو
حلقو ملي ٿو وڃي. ڏسڻو اهو آهي ته اوهين ڪهڙي
گروهه کي مخاطب آهيو. ڇو ته اسان وٽ اڃا
يونيفارمٽي سوسائٽيءَ ۾ نه آئي آهي، جنهن کي
سوسائٽي ۾ هڪ ڪرائي، سماج ۽ سوچ ۾ هڪ ڪرائي چئجي.
اسان وٽ قديم دؤر جي سوچ به آهي ته جديد کان جديد
به. تنهن ڪري اسان وٽ اڃا نڙ جي بيت وارا شاعر به
آهن ته جلال چانڊيو به کپي ٿو وڃي. شمشيرالحيدري
کي به ٻُڌڻ وارا ملن ٿا، امداد حسينيءَ کي به ملن
ٿا.
طارق: رسول بخش پليجو جيڪو نه فقط سنڌيءَ جو وڏو
اديب آهي پر وڏو ليڊر پڻ آهي، انهيءَ جو چوڻ آهي
ته: سنڌ جي عوام لاءِ لکو، يعني هاري ناريءَ لاءِ،
ٻهراڙيءَ جي ماڻهن لاءِ جيڪو سنڌ جي اصلي قوت آهي.
انهيءَ باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟
تنوير: ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ئي سڀ ڪجهه آهي، ته اِهو
سياسي نظريي ۽ سياسي سوچ تي منحصر آهي. ۽ جيڪڏهن
اوهين لکڻين جي ذريعي سياسي ڪم ڪرڻ گهرو ٿا ته
رسول بخش پليجي جو چوڻ صحيح آهي، ۽ اوهان کي
ٻهراڙي وارن لاءِ ئي لکڻو پوندو. پر جيڪڏهن اوهان
ادب کي ٻي ڪنهن معنيٰ ۾، ڪنهن ٻئي زاويي ۽ نظريي
سان ڏسو ٿا ته پوءِ هر اديب جي پنهنجي ڪمٽمينٽ آهي
طارق: اديب کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي؟
تنوير: اديب کي سياست ۾ اچڻ گهرجي، يعني اليڪشن ۾
حصو وٺڻ گهرجي، اليڪشن ورڪ ۾ حصو وٺڻ گهرجي،
پارٽيون جوائن ڪرڻ گهرجن- جيڪڏهن مطلب اِهو آهي ته
منهنجو ذاتي خيال آهي، نه. باقي نظرياتي سياست، سو
اديب آخر پيغام ته ڏيندو. اُهو پيغام هن جي پنهنجي
دؤر لاءِ به هوندو، پنهنجي ملڪ لاءِ به هوندو ۽
سڄي انسانيت لاءِ به هوندو. شاهه لطيف اليڪشن ته
ڪونه وڙهيو يا نور محمد ڪلهوڙي جي خلاف نعرا ته
ڪونه هنيائين. سچل سرمست ٽالپرن جي دؤر ۾ هو. پر
هن به ڪو سياسي ڪم ڪونه ڪيو. ڪا بغاوت ڪونه
ڪيائين. پنهنجي شاعريءَ ۾ پيغام ڇڏي ويو، جيڪو اڃا
تائين اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي- نه رڳو اسان جي
لاءِ، بلڪ سڄي انسانيت لاءِ. جڏهن انهيءَ حد تي
اديب ۽ شاعر پهچي ٿو، جڏهن هن جو پيغام پنهنجي قوم
کان ٽپي سڄي انسانيت لاءِ، ۽ سڀني دؤرن لاءِ ڏئي
ٿو ته اُتي هن جي ڪمٽمينٽ رڳو پنهنجي دؤر يا
پنهنجي ماڻهن سان ڪونه ٿي ٿئي. پر هن جي ڪمٽمينٽ
هن کان به مٿي هلي ٿي وڃي. هڪڙي بين الاقوامي ۽
آفاقي ڳالهه ٿيو پوي. ٽيگور جو مثال اوهان جي
اڳيان آهي.
طارق: ڪجهه سال اڳ اوهان عوامي ليگ ۾ شامل ٿيا
هئا، اوهان ڇا سوچي هڪ سياسي پارٽي جوائن ڪئي هئي؟
تنوير: اُهو ون يونٽ وارو دؤر هو. ون يونٽ جي دؤر
۾ اسان سڀ.... (تنوير جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي.
ڇاڪاڻ ته تنوير جي پُٽ اچي ٻڌايو ته حميد سنڌي آيو
آهي. تنوير کيس چيو ته اُتي ئي وٺي اچينس. مون ٽيپ
رڪارڊر جو بٽڻ آف ڪري ڇڏيو. ٿوري دير ۾ حميد آيو.
دعا سلام کان پوءِ تنوير پٽس کي چيو: حميد لاءِ
چانهه کڻي اچ. حميد چيو ته: اوهان نه پيئندا ڇا؟
تنوير چيو: اسان هاڻي پي ويٺا آهيون. ڪجهه دير کان
پوءِ مون بٽڻ آن ڪيو ۽ تنوير چوڻ لڳو) انهيءَ دؤر
۾ اسين سڀئي اديب سياست ۾ ڪاهي پيا هئاسين. ڇو ته،
اسان سوچيو هو ته جيستائين اسان سياسي حل ڳولهي نه
لهنداسين، جيڪا اسان جي غلطي هئي، تيستائين سنڌي
ماڻهن جو ڪوبه ڀلو نه ٿيندو. بهرحال انهيءَ دؤر ۾
سياسي ٺاهه ۽ ڊاهه انهيءَ حد تائين وڃي بيٺي جو
اسان سمجهيو ته عوامي ليگ سنڌين کي ون يونٽ کان
نجات ڏياريندي. محض انهيءَ ڳالهه جي ڪري ٿوري عرصي
لاءِ، اسين هن جماعت ۾ شامل ٿيا هئاسين.
طارق: قومي شاعري ۽ نعري بازي واري شاعري- انهن ۾
ڪهڙو فرق آهي؟
تنوير: وڏو فرق آهي. مان اهو ئي مثال ڏيندو آهيان:
برطانيه جي خلاف، آزاديءَ جي تحريڪ دوران ٻه شاعر
هئا- هوند راج دکايل ۽ ڪشن چند بيوس. ٻئي تحريڪ
سان وابسته هئا، ۽ ڪميٽيڊ هئا. هوند راج ’دکايل‘
جا شعر انهن ڏينهن ۾ گهٽيءَ گهٽيءَ، گهر گهر، هر
اسڪول، هر ڪاليج، هر جلسي ۾ ڳايا ويندا هئا. ٻار
ٻار جي زبان تي هئا. ۽ ڪشن چند بيوس جا شعر اخبارن
۾ ڇپبا هئا ۽ وڌ ۾ وڌ هو مشاعرن ۾ پڙهندو هو.
بهرحال انهيءَ وقت هوند راج دکايل شهرت جي چوٽ تي
هو. پر اڄ توهان به آهيو، مان به آهيان. نوجوان
اديبن کان پڇو ته: هوند راج دکايل کي سڃاڻو؟ ته،
هوند راج کي ڪير نه سڃاڻيندو، ڪشن چند بيوس کي
سڀڪو سڃاڻندو. ته اهو فرق آهي قومي شاعري ۽ نعري
بازي واري شاعريءَ ۾. خود پاڪستان جي تحريڪ ۾ به
ڪئين اهڙا شاعر هئا، جن جو ڪلام گهٽيءَ گهٽيءَ،
گهر گهر ۾ ڳايو ويندو هو، پر هاڻي هُنن جو نالو
ادبي تاريخ ۾ ڪونهي. پر جن صحيح معنيٰ ۾ قومي
شاعري ڪئي، انهن جو تاريخ ۾ نالو آهي.
طارق: ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين واري دؤر ۾ سٺي
شاعري ڪهڙي دؤر ۾ ٿي آهي؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) ورهاڱي کان پوءِ 1954ع کان
وٺي 1970ع تائين.
طارق: سنڌي شاعريءَ جي، دنيا جي ٻين زبانن جي
شاعريءَ سان ڀيٽ ڪجي ته اسان جي شاعري ٻين زبانن
جي شاعريءَ کان اڳيان آهي يا پٺيان؟
تنوير: ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف سڀني کان
اڳيان آهي. جيڪڏهن جديد شاعريءَ جي ڀيٽ ٿا ڪريو ته
اڃا پوئتي آهيون. ڪيتريون اهڙيون ادبي تحريڪون
آهن، اهڙا ادبي نظريا آهن، تنقيدي اصول آهن، جن جي
اسان کي اڃا خبر ڪانهي.
طارق: ڪنهن شاعر لاءِ اوهان کي رشڪ پيدا ٿيو آهي
ته ڪاش اوهين به اهڙي شاعري ڪريو ها؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) اها خواهش مون تي (وري
ڪجهه دير سوچي) شروعاتي دؤر ۾ هر شاعر کي اهڙي
خواهش ٿيندي آهي. جيئن مون ٽيگور کي پڙهيو ته دل
ٿيم ته مان اهڙا شعر لکان ها. يا شروع ۾ خيام کي
پڙهيم ته دل چاهيم ته مان به اهڙي شاعري ڪيان.
حضرت ابراهيم وارو قصو آهي، پهرين تاري کي ڏٺائين
ته چيائين: اهو منهنجو رب آهي. چنڊ ڏٺائين ته
چيائين: اهو انهيءَ کان وڌيڪ آهي:
جستجو
ہہے
خوب سے
خوب تر کہاں
پر پوءِ هڪڙو اهڙو دور ٿو اچي، جو شاعر چوي ٿو.
مان پنهنجو ذاتي اسٽائيل ائڊاپٽ ڪيان.
طارق: هڪ شاعر جي حيثيت سان اوهان کي جيڪو مرتبو
حاصل آهي، اوهين انهيءَ مان مطمئن آهيو؟
تنوير: مون ته اڃا اهو سوچيو ئي ناهي ته مون کي
ڪهڙو مرتبو حاصل آهي يا ٿيڻ گهرجي. بهرحال مان
پنهنجي شاعريءَ کان اڃا مطمئن ناهيان. مان چاهيان
ٿو ته انهيءَ کان به اڳتي وڃان.
طارق: شاعريءَ جو ڪافي ذڪر ٿيو آهي، ڪجهه ڪهاڻيءَ
جو ذڪر به ڇيڙجي. هڪ دؤر هو، جڏهن نسيم کرل، آغا
سليم، اَمر جليل، غلام نبي مغل ۽ عبدالقادر جوڻيجي
جهڙا ڪهاڻيڪار آيا. پر هن دؤر ۾، مان انهن
ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪونه ٿو ڪريان، جيڪي شروع کان
اڃا تائين لکن پيا، نون جو ذڪر ڪريان ٿو، جن ڪجهه
عرصو اڳ کان لکڻ شروع ڪيو آهي- انهن مان ڪوبه اهڙو
نالو ڪونهي، جيڪو اُڀري مٿي آيو هجي. انهيءَ جو
ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
تنوير: اهو نه فقط ڪهاڻيءَ سان آهي، ادب سان اِهو
الميو آهي، پر سڄي سماج سان اِهو الميو آهي.
انگريزي تعليم ڏانهن گهٽ ڌيان جيڪو آهي، اهو اسان
جي نوجوان اديب کي انهيءَ قابل نٿو بڻائي، جو هو
پنهنجو مطالعو وسيع ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته فقط سنڌي ۽
اڙدو پڙهڻ سان ته ڪافي مطالعو نه ٿو ٿئي. ۽ هن جو
انگريزيءَ سان اڻ ڄاڻ هجڻ ئي، هن ۾ اُهو رچاءُ، هن
جي ذهن ۾ اُها وسعت پيدا نٿي ٿئي، جو هو سٺو لکي
سگهي. اسان ته مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ شيلي، ڪيٽس
۽ شيڪسپيئر پڙهڻ شروع ڪيو. ۽ هاڻي جيڪي انگريزيءَ
۾ ايم. اي پاس آهن، اُهي به شيلي، ڪيٽس ۽ شڪسپيئر
نٿا پڙهي سگهن.
طارق: اسان جو چوڻ آهي ته اسين هڪ ڪروڙ سنڌي
آهيون. هڪ ڪروڙ مان ٻه ٽي لک پڙهيل لکيل سنڌي ته
هوندا، ۽ انهن مان اٺ ڏهه هزار سنڌي اهڙا ته
هوندا، جيڪي ادب پڙهندا هوندا. پر انهيءَ جي
باوجود اسان جا ڪتاب هزار ٻن کان مٿي نٿا وڪامن.
انهيءَ جو سبب اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو آهي؟
تنوير: مان تازو يورپ مان چڪر هڻي آيو آهيان. ادبي
ڪتابن جو وڪرو اُتي به گهٽ آهي، جيتوڻيڪ هنن جي
مارڪيٽ به وسيع آهي، سڄي دنيا مارڪيٽ اٿن. اڙدوءَ
۾ به ادبي ڪتاب پنج سؤ مس ٿا هلن. مان اڙدوءَ جي
ڪيترن وڏن اديبن سان ڳالهايو آهي، انهن جا ادبي
پرچا به مشڪل سان پنج سؤ کن وڪامن ٿا. هي دؤر ئي
اهڙو آهي. ٻي ڳالهه ته اسان ڪمرشلائيز به نه ٿيا
آهيون. نه اسان اڃا پڙهندڙن جي نفسيات کي سمجهيو
آهي. پڙهندڙن کي سسپينس ۽ ايڊوينچر وڻن ٿا، اسان
جي ڪتابن رسالن ۾ اِهو آهي ڪونه. جيڪڏهن سنڌيءَ ۾
جاسوسي ناول ڇپين ته اُهي ڏاڍا هلندا.
طارق: اوهان جو خيال آهي ته پڙهندڙن جو حلقو وڌائڻ
لاءِ اسان کي ڊائجيسٽ ۽ جاسوسي ڪتاب ڇپڻ گهرجن؟
تنوير: منهنجي خيال ۾ ته هن ۾ ڪو حرج ڪونهي.
جيڪڏهن اسين سنڌيءَ ۾ نه ڇپينداسين ته اُهي اڙدوءَ
۾ پڙهندا، انگريزيءَ ۾ پڙهندا. سو جيڪڏهن اسين
انهن کي سنڌيءَ ۾ اهو مواد ڏينداسين ته اسين گهٽ ۾
گهٽ سنڌيءَ جي ٿوري خدمت ته ڪنداسين.
طارق: جاسوسي ادب يا ڊائجيسٽن ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجن
ٿيون، انهن کي اوهان ڪهڙي ادب ۾ شمار ڪندا؟
تنوير: جاسوسي ادب ۾ جيئن ’سر آرٿر ڪانن ڊائل‘ جو
’شرلاڪ هومز‘ آهي، انهيءَ کي اوهين بهترين ڪلاسڪ
چئي سگهون ٿا. يا ’الفريڊ هچڪاڪ‘ کي اوهين اوريجنل
پڙهو ته اهو به هڪ زبردست ادب آهي، ادب جو هڪڙو
شعبو آهي. باقي جيڪي ڊائجيسٽن ۾ عام رواجي لکڻيون
اچي رهيون آهن، اُهي تمام هيٺينءَ ليول تي آهن.
جاسوسي هجي يا ايڊوينچر، ڏسجي اهو ته انهيءَ ۾
رچاءُ ڪيترو آهي، بلندي ڪيتري آهي، فن ڪيترو آهي،
تاثر ڪيترو ٿو ڇڏي.
طارق: اوهان جي خيال ۾، ڪهڙي قسم جو ادب پيش ڪرڻ
گهرجي؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) اسان کي اهڙو ادب پيش ڪرڻ
گهرجي، جيڪو عام پڙهندڙن کي ائڪسيپٽيڊ به هجي، ۽
هن جي ذهني تربيت به ڪري. ٻئي ڳالهيون هن ۾ هجن.
ڇاڪاڻ ته اسان جي عام ماڻهوءَ جي اڃا ذهني تربيت
نه ٿي آهي.
طارق: رسول بخش پليجو صاحب، جيڪو هڪ سٺو نقاد پڻ
آهي، هڪ دفعي مون کي چيو هو ته- ادب براءِ ادب،
ادب براءِ زندگي، اها مسخري مهاجرن جي پيدا ڪيل
آهي. ادب ۾ اهڙي ڪا شيءِ ڪانهي. اوهان جو انهيءَ
باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟
تنوير: (کلندي) مهاجرن جي نه، اها مسخري ته سڄي
دنيا ۾ هلي رهي آهي. انهن غريبن جو ڪهڙو ڏوهه!
لٽريچر فار لائف، لٽريچر فار لٽريچرسيڪ آهي.
آسڪروائيلڊ پنهنجي ڪتاب ’پڪچر آف ڊورين گري‘ جي
فور ورڊ ۾ لکيو آهي: ادب جيڪو آهي، سو- اٽ از فار
آرٽ سيڪ. دير از نٿنگ ڊولائيڪ. اسين انهيءَ ڳالهه
کان ڪيترو به ڀَڄون، پر ’پڪچر آف ڊورين گرين‘ مون
کي ادب براءِ زندگيءَ جو هڪڙو وڏو زبردست شاهڪار
لڳندو آهي. جيڪي به اخلاقي قدر آهن، انهيءَ کي
بيان ڪيو اٿس، انهيءَ تي بحث ڪيو اٿس، انهيءَ جي
سڄي تصوير ڏيکاري اٿس.
طارق: ادب براءِ ادب ڇا آهي؟
تنوير: ائين کڻي چئو ته. هڪڙو گروهه هو، ڪنهن
زماني ۾، جنهن جي سوچ هئي ته سماجي، اقتصادي ۽
معاشرتي شعبن سان ادب جو واسطو نه هئڻ گهرجي. اهو
آهي ادب براءِ ادب.
طارق: هڪ دفعي وري شعر طرف موٽان ٿو. اوهان جاپاني
شعر هائيڪو جو ذڪر ڪيو. جاپاني شاعريءَ ۾ واڪا به
آهي. اهو واڪا ڇا آهي؟
تنوير: جاپاني شعر ۾ ’واڪا‘ به آهن ۽ ’رينگا‘ به
آهن، ’سيڊوڪا‘ به آهن- اِهي سڀيئي جاپاني شاعريءَ
جون صنفون آهن. ۽ ٽنڪا به آهن. پر انهن جو تفصيل
مون کي هن وقت ياد ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ڪافي عرصو اڳ
پڙهيا هئم.
طارق: اوهين جڏهن شعر لکو ٿا ته اوهان جي ذهن ۾
عام ماڻهو هوندو آهي، ڪي خاص ماڻهو يا اوهين رڳو
پنهنجي لاءِ لکو ٿا؟
تنوير: (ڪجهه دير سوچي) يار مون ڪڏهن اِهو سوچيو
ڪونهي ته ڪنهن جي لاءِ ٿو لکان- عام ماڻهوءَ لاءِ،
خاص لاءِ، پنهنجي لاءِ. بهرحال شعر مان لکي ويندو
آهيان، پوءِ ڪي دوست پسند ڪندا، ڇو پسند ڪندا آهن،
اِها خبر هُنن کي. مون ڪڏهن سوچي ڪنهن جي لاءِ
لکيو ڪونهي. جيڪو ڪجهه ذهن ۾ هوندو آهي، اُهو ڪاغذ
تي اُتاريندو آهيان.
طارق: ڇا اوهان جي زال کي اوهان جا شعر پسند آهن؟
ڪڏهن اوهان خاص هن لاءِ به لکيو آهي؟
تنوير: حقيقت ۾ اهو ادبي جاسوس جو ڪم آهي ۽ انهيءَ
کي ڪرڻ گهرجي. اِها ته توکي خبر هوندي ته منهنجا
ڪجهه شعر اهڙا آهن، جيڪي گذريل دؤر ۾ لکيا هئم.
هاڻ به مون هڪڙو نظم لکيو آهي، انهيءَ قسم جو.
حميد: (وچ ۾ ڳالهائيندي) هڪڙو سوال مان ٿو پڇان؟
تنوير: (کلڻ لڳو ۽ چيائين) منڪر نڪير پورا ٿي ويا؟
حميد: اوهان جي جيڪا شاعري آهي، منهنجو خيال آهي
ته اوهان جو رومانس انهيءَ تي...... وڌيڪ اوهين
چئي سگهون ٿا. اوهان جي رومانس جي ڪري اوهان جي
شاعريءَ ۾ نکار پيدا ٿيو، يا اوهان پوءِ شاعري ڪرڻ
لڳا؟
تنوير: شاعريءَ ته مان اڳ ۾ به ڪندو هوس.
حميد: منهنجو مقصد آهي ته شاعريءَ ۾ نکار پوءِ
پيدا ٿيو؟
تنوير: اهو ته اوهان منهنجي اڳ ۽ پوءِ جي شاعري
پڙهي، پاڻ فيصلو ڪري سگهون ٿا.
حميد: اوهان جي شاعريءَ تي رومانس جو اثر ڪيترو
وقت رهيو؟
تنوير: اهڙو اثر هڪڙي دور تائين رهي ٿو.
حميد: ’رڳون ٿيون رباب‘ جيڪو اوهان جي شعرن جو
مجموعو هو....
تنوير: (ڳالهه ڪٽيندي) اهو انهيءَ کان اڳ جو هو.
حميد: اڇا، اهو اڳ جو هو؟
تنوير: ٻيو مجموعو ’شعر‘ پوءِ جو هو. هاڻ اوهين
فيصلو پاڻ ڪريو: نکار پهرين هو يا پوءِ آيو.
طارق: اوهان جي گهرو زندگيءَ تي اوهان جي لکڻ ڪري
ڪو اثر پوي ٿو؟ اوهان جي زال کي ڪڏهن اعتراض ٿيو
آهي اوهان جي لکڻ تي؟
تنوير: عورتون مڙئي عورتون آهن.
طارق: اوهان جي ٻارن کي ادب سان چاهه آهي؟
تنوير: منهنجي ڪڪي پارس ڏاڍا سٺا شعر لکندي آهي،
پر ايترو محبوب آهي، جو ڇپائي نه ٿي. هڪ دفعي مون
وٽ ڪيترا شاعر دوست آيا، هنن پنهنجا شعر ٻڌايا ۽
پارس به ٻڌايا. ڪيترا شاعر، جيڪي ويهن سالن کان
شعر لکن پيا، انهن چيو: اسان هن وقت تائين جَک
ماري آهي، هيءَ ڇوڪري اسان کان سٺو ٿي لکي. پر
هوءَ ڇپائڻ لاءِ تيار ناهي. باقي ادب پڙهڻ تائين
سڀني ٻارن کي شوق آهي.
طارق: اوهان خود اِها ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان جا
ٻار به ليکڪ بڻجن؟
تنوير: نه. ڪوشش مون ٻار کي ڪجهه به بڻائڻ جي نه
ڪئي آهي. مون ٻارن کي آزاد ڇڏيو آهي ته جيڪو ڪجهه
بڻجڻ چاهين، بڻجن.
طارق: آغا سليم سنڌيءَ ۾ ڏاڍو سٺو ڪهاڻيڪار آهي.
سال کن اڳ هن مون کي هڪڙو خط لکيو هو ته: توکي
پڙهي خوشي ٿيندي ته مان شاعري ڪرڻ لڳو آهيان. ۽
تنهنجا جيڪي وڏا وڏا شاعر آهن، انهن کان وڌيڪ سٺي
شاعري ڪئي اٿم. تازو ’برسات‘ مخزن ۾ آغا جي شاعري
- ڇپي آهي، اوهان جو هن جي شاعري متعلق ڪهڙو
رايو آهي؟
تنوير: سٺا شعر آهن. واقعي سٺا شعر آهن.
حميد: (وري وچ ۾ سوال ڪندي) تنوير صاحب، شيخ اياز
جي جيڪا نثري شاعري آهي، انهيءَ متعلق اوهان جو ڇا
خيال آهي؟ اها سهل پسندي ڪانهي؟
تنوير: انهيءَ تي اڳ ۾ بحث ٿي چڪو آهي. اسين هتي
ڳالهائي چڪا آهيون. اياز جي حوالي سان نه، پر
جنرل. آٰزاد نظم جي ٽيڪينڪ تي.
حميد: مان اياز جي حوالي سان چوان ٿو ته اياز جهڙو
ماڻهو به اهڙا نظم لکي؟
تنوير: اياز جو مطالعو تمام گهڻو آهي. مون سان
ويجهڙائيءَ ۾ ملاقات نه ٿي اٿس، انهيءَ ڪري مان
اِهو چئي نٿو سگهان ته هو ڪهڙي دؤر مان پيو گذري.
پر مان اهو چوندس ته اهي نظم هن جا پراڻا آهن،
اسان کي گهڻو وقت اڳ ٻڌايا هئائين. بهرحال اياز
جيئن پابند نظم ۾ پنهنجو ڌاڪ ڄمائي چڪو آهي يا
بيتن، گيتن، واين يا آزاد نظم ۾ جيڪو ڌاڪ ڄمايو
آهي، اُهو ڌاڪ هو نثري نظم ۾ ڄمائي نه سگهيو.
طارق: رسول بخش پليجي جو چوڻ ته ڪهاڻيون اهڙيون
لکجن، جنهن ۾ رڳو معاشري جا مسئلا نه هجن، پر
مسئلن جو حل به هجي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟ |