فارسي زبان، اسلامي تهذيبي ورثي جي علامت سمجهي
ويندي هئي. مسلمان خاندان ۾ ٻارُ ڄمندو آهي، ته
سندس ڪن ۾ بانگ ڏيندا آهن. پر، سنڌ جي مسلمان
خاندان ۾، ٻارُ، بانگ جي آواز سان گڏ، حافظ ۽
سعديءَ جون صدائون به ٻڌندو هو.
هن ماحول ۾ پنهنجي والد صاحب جي سنڌي علم ۽ ادب
سان گڏ، فارسيءَ سان رغبت فطري ڳالهه هئي. منهنجو
چاچو ته کانئس به وڌيڪ فارسيءَ جو دلدادو هو. مان
پرائمري اسڪول مان موٽي، پنهنجن ڀائرن سان گڏ،
چاچا وٽ ’ڪريما‘ جا سبق وٺندو هئس:
نداریم
غیر
از تو فریاد
رس
تو
ئی
عاصیان
را خطا بخش و بس
اهڙيءَ ريت، مون کي سنڌي زبان ۽ ادب سان محبت
(فارسي شعر ۽ ادب جو ٿورو گهڻو شوق) پنهنجن بزرگن
کان ورثي ۾ مليو- تنوير ۽ منهنجي دوستي، انهيءَ پس
منظر ۾ شروع ٿي.
شيخ سعديءَ ”گلستان“ ۾ لکيو آهي ته’ هڪ ڏينهن ڏٺم
ته جهرِڪُ ۽ ڳيرو گڏ پيا گهمن. ويجهو وڃي ڏٺم، ته
ٻنهي جا پَرَ ضربيَلَ هئا.‘ (ٻنهي ۾ قُربَتَ جو
سبب اها هڪجهڙا (COMMON-
FACTOR
هئي). انسانَ به جڏهن هڪٻئي سان دوستي رکن ٿا، ته
منجهن ڪي نه ڪي ساڳيا ذوق شوق ۽ شُغِلَ ٿين ٿا. يا
وري ڪي هڪجهڙايون ٿين ٿيون.
خاندان:
جڏهن اسان هڪٻئي کي ويجهو آياسين، ته مان شام جو
سندس گهر، ساڻس گڏ ڪاليجي ڪتابَ پڙهڻ ويندو هوس.
حيدرآباد ۾ سندس والد، چاچا سائين (مرحوم) گل
حسن، تڏهن مئنيجر، ’انڪمبرڊ اسٽيٽس‘ هوندو هو،
جنهن کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ ’کُٽل کاتو‘ ڪوٺيندا هئا.
سندس سرڪاري رهائشگاهه، صدر ۾ هوندي هئي. انهيءَ
کان اڳ، پوءِ نوابشاهه ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو.
چاچي ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرينءَ مان سندس وڏو
پٽ غلام نبي هو ۽ ٻيءَ مان ادا عبدالنبي. پوءِ نور
نبي، پوءِ اعجازالنبي، پوءِ الطاف النبي، ۽ آخر ۾
ارشادالنبي. (الطاف ڦوهه جوانيءَ ۾، روڊ جي حادثي
۾ هي جهان ڇڏيو).
چاچي جي نياڻين جي مون کي خبر ڪانهي. البت، سندس
هڪ نياڻي ادي نورجهان، اڃا ’سينٽ ميري هاءِ اسڪول
حيدرآباد‘ ۾ پڙهندي هئي، ته تنوير هڪ دفعي مون سان
گڏ کيس موڪل مهل وٺڻ هليو هو. اديءَ جو پٽ شاهد
هاڻي تنوير جي نياڻيءَ پارس سان پرڻيل آهي.
چاچا گل حسن مرحوم، نماز روزي جو پابند، پڪو
مسلمان ۽ نيڪ انسان هو. منهن تي مِٺي مُرڪ.
پوئينءَ عمر ۾ وڏي سونهاري رکايائين. تنوير مون
سان سندس ڳالهيون وڏيءَ سڪَ سان ڪندو هو.
هڪ دفعي تنوير مون کي ’صوڀي ديري‘ وٺي ويو. اتي
سندس نانو، مرحوم عيسيٰ مون سان اچي مليو پڇيائين
ته: ”ذات جو آگرو آهين؟“ مون چيو ته، ”هائو.“
چيائين ته ”توهان جي ڳوٺ ۾، محمد خان جي خاندان ۾،
منهنجون ٻه ماسيون پرڻيل هيون.“ مان ته اها ڳالهه
ٻڌي حيران ٿي ويس. انگريزيءَ پهاڪو ياد آيم ته
”هيءَ دنيا ڏاڍي ننڍي آهي.“
ٻئي ڀيري پنهنجي ڳوٺ ويس، ته وڏيري محمد خان جي
فرزند، چاچي (مرحوم) الاهي بخش سان اها ڳالهه ڪيم.
کلي چيائين ته ”هائو، اها ڳالهه صحيح آهي. پر اهو
محمد خان اسان جو ڏاڏو هو.“ پوءِ خبر پيم، ته انهن
ٻن خواتين مان هڪ جو نالو، خود منهنجيءَ گهر
واريءَ تي رکيل آهي، جيڪا وڏيري وڏي، محمد خان
آگري جي خاندان مان آهي.
’ڪراچي هوٽل‘ جون ڪچهريون
حيدرآباد ۾، تنوير ۽ مان رات جو نوين ڏهين بجي،
پڙهي ٿڪبا هئاسين، ته چاءِ پيئڻ لاءِ پاسي ۾
’ڪراچي هوٽل‘ ۾ ويندا هئاسين. هوٽل جي اندرئين هال
۾، هِتِ هُتِ ميزون رکيل هونديون هيون، جيڪي ٺهيل
ته ڪاٺ جون هونديون هيون، پر مٿن ٽاپ (Top)
سنگمرمر جا رُکيل هوندا هئا. هڪ مخصوص ميز تي،
مولانا غلام محمد گرامي، چاچو ايوب سرحدي، هڪ
ڪشميري (جنهن جو نالو هاڻي وسري ويو اٿم)، ڏنل
شاهه، سرائي اميد علي ۽ آزاد بڪ ڊيپوءَ جو مالڪ
سائين پير محمد شيخ چونڪڙي لايو ويٺا هوندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن شيخ علي محمد به اچي ساڻن شريڪ ٿيندو
هو، ۽ خود ڪراچي- هوٽل جو سيٺ ممن صاحب به دخل تان
اُٿي، اچي سندن گفتگوءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. سڀ
چاليهارو ورهين جي پيٽي ۾ هوندا هئا.
سندن گفتگوءَ جا موضوع مختلف هوندا هئا. پر، ڪڏهن
ڪڏهن ’انسان جي حياتي ۽ هن جهان ۾ سندس مقامُ‘
به بحث جو موضوع بڻبو هو. مولانا گرامي انهيءَ
بحث ۾ گهڻي سرجوشي ڏيکاريندو هو. جڏهن محفل رنگ تي
ايندي هئي، ته تنوير ۽ مان به ڪرسيون ريڙهي، آهستي
آهستي، سندن ويجهو وڃي وهندا هئاسين. شروع ۾
خاموشيءَ سان سندن ڳالهيون ٻُڌندا رهندا هئاسين.
پوءِ سندن گفتگوءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. جڏهن ساڻن
گهائل مائل ٿي وياسين، ته هڪ دفعي، مون مهل ۽
موقعو ڏسي، کانئن سوال پڇيو: ”انسان جي زندگيءَ
جو مقصد ڇاهي؟“
سوال ٻُڌي سڀ چپ ٿي ويا. محفل ۾ سناٽو ڇانئجي ويو.
گهڙي رکي، مولانا گراميءَ، ٿورو کنگهي، نڙي صاف
ڪري، گفتگو شروع ڪئي. پر، لفظ گهڻا، معنيٰ ۽ مطلب
ٿورو. ان ۾ سندس ڏوهه ڪونه هو. سوال ئي اهڙو اڻائو
هو. گرامي صاحب جي گفتگوءَ ۾ عقل جي ڳالهه ڪُلُ
هيءَ هئي ته، زندگي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جا
اڳيان ۽ پويان ورق ڦاٽل آهن.‘
مان حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾، تنوير وانگر، شيخ
حفيظ سان به گهرو گهاٽو هئس. انٽر سائنس ۾ هئس، ته
سندس صلاح تي، ڪراچيءَ هليو ويس. اتي، ادبي لاڙن
جي ڪري، ايس، ايم. آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ورتم ۽ اول
ماهنامي ’نئين زندگي‘ ۽ پوءِ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾
ملازم ٿيس. پر، تنوير، ڦليلي ڪاليج مان انٽر سائنس
جو امتحان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾
داخلا ورتي. اٺين ڏهين ڏينهن ڪراچيءَ مون سان ملڻ
ايندو هو يا وري مان وٽس حيدرآباد ويندو هئس.
تنوير هڪ ته ذهين شاگرد هو. ٻيو ته محنت ڪندو هو.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان .M.B.B.S
جِي ڊگري ورتائين ۽ ٻيو به هڪ وڏو معرڪو سرانجام
ڏنائين. -- ميڊيڪل ڪاليج ۾ عشق ڪيائين ۽ ان ۾ به
ڪاميابي حاصل ڪيائين. انگريزي محاوري ۾، ان قسم جي
عشقيه معاملي کي انگريزيءَ ۾ (AFFAIR)
ڪوٺيندا آهن. انگريزن جو عشق شايد ’معاملي‘ تائين
محدود هوندو آهي. مشرقي روايت موجب، عشق اُن کان
گهڻو مٿڀرو آهي. عاشقن جي مِٽي قدرت ڪنهن خاص خمير
مان ڳوهي ٿي. شاهه نصير پنهنجي دل جي واردات هنن
لفظن ۾ بيان ڪئي آهي:
ڪن کي دين مليو، ڪن کي دنيا،
عشق اصل کنئون انعام ڏئي وئين يار اسان کي.
دهليءَ جي فارسي شاعر، ناصر علي شاهه (متوفي 12
صدي هجري) وري عاشقن جي جِگَرِ لاءِ هيئن چئي ويو
آهي:
بنامِ خداوند جانِ آفرین
جگرہای
عاشق گداز آفرین.
شاديون ۽ اولاد:
تنوير جي پهرين شادي مائٽن ننڍپڻ ۾ ڪرائي هئي.
انهيءَ اهليه، اديءَ نور بيبيءَ مان فقط هڪ نياڻي
ٿيس، جنهن جو نالو آهي روبي. اديءَ ڊاڪٽر قمر مان
ٻه نياڻيون ٿيس: پارس ۽ مارئي. ٻئي هاڻي شادي شده
۽ اولاد واريون آهن. اديءَ ڊاڪٽر قمر مان ٽيون ٻار
پٽڙو ٿيس. جيڪو امريڪا مان اعليٰ تعليم وٺي ملڪ ۾
موٽيو آهي. سرمد نالو اٿس. قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾
اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٽنهي ڄڻن پارس، مارئي ۽ سرمد
جي شخصيت، تنوير وانگر سٻاجهي آهي.
تنوير ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري اول حيدرآباد ۾
پريڪٽس شروع ڪئي. رهندو ٽنڊي آغا ۾ هو، جتي ادي
نور بيبي ۽ نياڻي روبي ساڻس گڏ هيون. سندس ناني به
گڏ رهندي هئي. 1961ع- 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون
آفيسون حيدرآباد آيون، ته تنوير مون لاءِ پنهنجي
گهر جي پاسي ۾، ڪرائي تي ڪمرو ورتو. چڱو عرصو،
ماني به سندس گهران ايندي هئي. ادي نور بيبي وڏي
اشراف عورت هئي. رڌ- پچاءُ جي ڪاريگر، طبيعت جي
سٻاجهي، صحيح معنيٰ ۾ هڪ سگهڙ زال.
تنوير جي اديءَ قمر سان شادي حيدرآباد ۾ ٿي. نڪاح
جي تقريب بسنت هال ۾ ٿي. مخدوم امير احمد صاحب
نڪاح پڙهايو. تنوير، نڪاح نامي ۾ منهنجو نالو شاهد
طور لکايو. ادا عبدالنبيءَ گهَرَ جي وڏي جي حيثيت
۾ شريڪ ٿيو.
حيرت جي ڳالهه آهي ته تنوير جي وفات کان پوءِ،
تازو، مون دوستن سان گڏجي، سندس ياد ۾ جيڪو تعزيتي
اجلاس ڪوٺايو، سو به بسنت هال ۾ ٿيو. تقريب جي
صدارت ادا عبدالنبيءَ ڪئي.
تنوير ڊاڪٽريءَ جي تعليم، ادا عبدالنبيءَ جي مشوري
تي ورتي هئي، جنهن چيس ته ’شعر شاعري ڀلي ڪر، گذر
سفر لاءِ ڊاڪٽري پڙهه.‘ تنوير ڊاڪٽريءَ جي پريڪٽس
لاءِ، آخرڪار، خيرپور ميرس جو انتخاب ڪيو. اديءَ
ڊاڪٽر قمر سان گڏجي، ’سنڌ- اسپتال‘ نالي هڪ خانگي
شفاخانو کوليائين، جنهن جي اڏاوت، پنهنجي حال آهر،
وڏي ذوق شوق سان ڪرايائين. اڳتي هلي، ساڳيءَ جاء
جو نالو ’سرمد جو گهر‘ رکيائين.
سندس ضمير جو خميرُ سنڌ جي مِٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان
ڳوهيل هو. سو، جاءِ جي مهاڙي ۾، سيمنٽ سان، اجرڪ
جي ڊزائين رکايائين. جاءِ جي پٺئين پاسي، ڇٻر جو
سرسبز ٻارو ۽ ان جي پاسن سان گلڙا رکايائين. جڏهن
جاءِ جي ڪمرن کي رنگ لڳي رهيو هو، تڏهن مون کي خط
لکيائين ته ’قمر ۽ مان، برش کڻي، پاڻ به پينٽ ڪندا
آهيون.‘
عمارت جي اڏاوت لاءِ زمين جو ٽڪرو، ’ميرواهه‘ جي
ڪَڙَ تي پسند ڪيائين، جنهن جي ٻنهي پاسن سان وڏا
وڏا ساوا وَڻَ، وهندڙ پاڻيءَ جي مٿان ڇانوَ ڪري
بيٺا آهن. شاعر ماڻهو هو. حافظ شيرازيءَ جي سُنت
ادا ڪيائين:
کنارِ آبِ کناباد و گلگشتِ مصليٰ را
علمَ ۽ دانش ۾ دلچسپي
خيرپور ۾ رهائش ۽ عملي زندگيءَ ۾ پير پائِڻ کان
پوءِ به ڀانئجي ٿو ته تنوير جي علمي دلچسپيءَ جا
موضوع ساڳيا رهيا. سندس هيءُ شعر پڙهي، مون کي ته
حيدرآباد ۾ ’ڪراچي- هوٽل‘ واريون ڪچهريون ياد
آيون:
هائو، آءٌ نٿو ڄاڻان، آهيان ڪير الائي مان؟
تنوير ۽ مان، رڳو ’ڪراچي هوٽل‘ جي ڪچهرين وارين
زماني ۾ نه، پرورهين جا ورهيه پوءِ به انهيءَ سوال
تي گفتگو ڪندا هئاسين، ڇو ته ماڻهوءَ کي اها خبر
ئي نه هجي، ته مان هن شهر ۾، هن ملڪ ۾، هن جهان ۾
ڇا لاءِ آيو آهيان، ته پوءِ کيس پنهنجو وجود ئي
مُنجهائي وجهندو. عمر خيام تڏهن ته چيو هو:
معلوم نہ شد کہ در طربخانہ خاک
نقاشِ ازل بہرچہ آراست مرا
ڏاهن جو چوڻ آهي ته هِنَ جهان ۾، انسان جي اڀياسَ
جو سڀ کان اهم موضوع خود ”انسان“ آهي. هڪڙي چيني
مندر جي دروازي جي مٿان هي ٻه لفظ لکيل هئا:
”پاڻ سُڃاڻِ.“ ڪي چون ٿا ته اهي اکرَ، ڊيلفيءَ
۾، اپولو جي مندرَ جي دروازي تي لکيل هئا:
.KNOW THE SELF
ڪي وري اهو گفتو فيثاغورث سان منسوب ڪن ٿا، ۽ ڪي
سقراط سان. بهر صورت، گفتو جنهن جو به آهي، ان ۾
معنيٰ جو سمنڊ سمايل آهي.
اسلامي روايت ۾ به هڪ اهڙو گفتو حضرت عليءَ سان
منسوب آهي. من عرف نَفسُہُ فَقدَ عَرَفَ
رَبُہُ، معنيٰ، ته ’جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو،
تنهن پنهنجو رب سڃاتو.‘ (هن گفتي ۾ خود شناسيءَ
۽ خدا شناسيءَ ۾ البت قربت نظر اچي ٿي.)
ڪي چون ٿا ته اها حديث آهي. ڪي چون ٿا ته، ڪنهن
صوفي بزرگ جو گفتو آهي. بهرصورت، ان ڳالهه ۾ ته
ڪو شڪ ئي ڪونهي، ته اسلامي روايت ۾ اهڙي قسم جي
’ادب‘ جي آبياري مسلمان صوفين ڪئي هئي. هونئن ته
اسلامي تعليم جو بنيادي سرچشمو قرآن ڪريم آهي ۽
قرآن ڪريم کي خود قرآن ’ڪتاب‘ ڪوٺيو آهي.
پر، ماڻهن ان کي پيغمبر صلعم جن جي زبان مبارڪ مان
ٻڌو هو. علامه آءِ. قاضي صاحب چوندو هو ته:
QURAN IS THE MIRACLE OF THE SPOKEN WORD.
ليڪن، قرآن ڪريم جي اسلوب کي، نثر يا نظم جي ڪنهن
به صورت سان تعبير ڪرڻ، مناسب ڪونه ٿيندو، ڇو ته
قرآنُ ’آسماني صحيفو‘ آهي، يڪتا آهي، ۽ بي مثل
آهي.
حضور ﷺ جن جون ڪي حديثون پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب کان
علاوه، عربي زبان جي حُسنِ بيانَ جي لحاظ کان به
لَعلَ ۽ گوهر آهن. ليڪن، انهن کي به ادب جي ڪنهن
مروج سانچي ۾ وجهي نٿو سگهجي.
عربن ۾ دور جهالت ۾ شاعريءَ جو عام رواجُ هو. پر،
طلوع اِسلام کان پوءِ ان جي نوعيت بدلجي ويئي.
عربي شاعريءَ خدا جي وحدانيت ۽ پيغمبر جي رسالت جي
’نقيب‘ جو ڪم ڪيو.
هونئن ته ’ابتدائي اسلامي تصوف‘ پڻ حضور صلعم جن
جي ’اقوال مقدس‘ جوئي پڙلاءُ آهي. ليڪن، وقت جي
گذرڻ سان، اڳتي هلي، ڪن صوفين کان اهڙا گفتا به
صادر ٿيا، جن خَلقَ کي ڇرڪائي ڇڏيو. غور سان ڏسبو
ته انهن گفتن جو ’محرڪ جذبو‘، وري به اها ئي انسان
جي اندر ۾، ’پاڻ سڃاڻڻ‘ واري لوڇ پوڇَ هئي.
اهڙن ابتدائي صوفين ۾ بايزيد بسطامي (875ع)
سرفهرست آهي. ڪنهن غير معمولي ذهني ڪيفيت ۾ چيو
هئائين ته:
”سبحاني ما اعظم شاني.“
ظاهر ۾ اهڙن قابل اعتراض گفتن کي صحيح قرار ڏيڻ
لاءِ، تشريحون ۽ تاويلون به ڪيون ويون، اهي
درحقيقت روحانيت سان لبريز آهن. منجهن خدا جي
وحدانيت جي صدا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي:
من نمی
گویم
"اناالحق"
یار
می
گوید
بگو
چون نمی
گویم
مرا دلدار می
گوید
بگو
’اناالحق‘ جو گفتو، حسين بن منصور الحلاج جي زبانَ
مان نڪتو هو، ۽ انهيءَ دور جي مذهبي، سياسي ۽
سماجي حلقن ۾ سخت هيجان پيدا ڪيو هئائين. نتيجتاً،
حلاج کي پنهنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پيو.
سنڌ ۾ شاهه سائينءَ ۽ سچل سرمست، ٻنهي منصور کي
ڳايو آهي. تنوير ٻنهي جي راهه جو پانڌيئڙو هو.
هونئن به کيس ٻين اهلِ دل انسانن وانگر ’پاڻ
سڃاڻڻ‘ جو شوقُ هو.
هڪ دفعي، مان اسلام آباد مان ڪنهن ڪم سان خيرپور
آيس، ته سچل جو موجوده سجاده نشين، صوفي قبول محمد
درازين وٺي ويو. قرب ڀري ڪچهري ڪيائين ۽ پنهنجي
لئبرري ڏيکاريائين. موڪلائڻ مهل، فرانس جي معروف
دانشور، ’مارسينو‘ جو منصور حلاج تي لکيل ڪتابُ ۽
هڪ خوبصورت نيڪ- ٽاءِ تحفتاً ڏنائين. خيرپور ۾
تنوير وٽ ٽڪيل هئس. درازن مان موٽي وٽس آيس ته
چيائين ته ”نيڪ ٽاءِ ڏاڍي سهڻي آهي، اٽليءَ جي
ٺهيل آهي. پر، اها تون رک. ڪتاب مون کي ڏي.“
تنوير پنهنجي گهر، سٻنڌڙي لئبرري ٺاهي هئي. منجهس
اسلامي تصوف، تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي چونڊ ڪتاب جمع
ڪيا هئائين. سانجهيءَ جو جڏهن آسمان مان شفق جا
ڪڪر غائب ٿي ويندا هئا ۽ تارا چمڪڻ لڳندا هئا،
تڏهن مئي جو جام ۽ منصور تي مارسينو جهڙي هاڪاري
مصنف جو ڪتابُ، تنوير لاءِ ذهني ڪيفَ ۽ سرور جو
سامان هوندو هو. سندس هي شَعر غالباً انهن ئي
ڏينهن جا آهن:
حق حق اناالحق حق اناالحق حق اناالحق حق
هڻو دوئيءَ کي ڌڪ، اناالحق حق اناالحق حق
سڀئي مشرب منهنجا آهن، مذاهب مون آڏو ڇا هن
نه آهي منهنجو ڪو مسلڪ، اناالحق حق اناالحق حق.
هنن شعرن ۾، تنوير جي حلاج سان عقيدت ۽ ارادتمندي
ته پڌري پئي آهي، پر مون کي کي خاطري ڪانهي ته
سندس پويون شعر، حلاج جي پيغام جو ڪيتريقدر صحيح
ترجمان آهي؟ سو، معاملي کي سمجهڻ لاءِ حلاج جو
ڪجهه ذڪر.
حلاج جو نالو حسين هو. منصور جو پُٽ هو. اصل
ايراني هو. چون ٿا ته سندس ڏاڏو، پڙڏاڏو آتشت پرست
هئا. پاڻ عيسوي سن 858 ۾، ’اياران‘ ۾ ايران جي
فارسي پرڳڻي ۾، ’طور‘ نالي هڪ وسنديءَ ۾ پيدا ٿيو،
جتي عربي زبان ۽ ڪلچر جو وڏو اثر هو. کيس پڻ عربي
زبان تي عبور حاصل ٿيو. طُور جو علائقو ڪپڙي اُڻڻ
لاءِ مشهور هو، سو سندس خاندان جو ذريعه معاش به
اهو ئي هو. انهيءَ ئي نسبت سان پاڻ ’حلاج‘ مشهور
ٿيو.
حلاج، ننڍپڻ ۾، غالباً، ٻارهن ورهين جي عمر ۾ قرآن
ڪريم ياد ڪيو. وڏو ٿيو ته پاڻ سڃاڻڻ واري
سوال سندس ذهن ۾ ڪَرُ کنيو. قرآن ڪريم جي مختلف
سورتن ۾ اندروني معنيٰ ڳولڻ لڳو. ”قاب قوسين او
ادنيٰ“ واري آيت سندس اکين ۾ چمڪَ ۽ مَن ۾ مؤج
آندي. اڳتي هلي؛ مسلڪ جي لحاظ کان تصوف جي’سهل
التستري‘ مڪتبه فڪر سان وابسته ٿيو.
بغداد ۾، مشهور صوفي، جنيد سان ميل ملاقات لاءِ
ويو ۽ چڱو عرصو ساڻس گڏ گذاريائين. پر، جنيد
بغداديءَ جي منع جي باوجود هڪ اهڙي خاندان مان
شادي ڪيائين، جو مٿس ’غالي شيعي‘ هئڻ جو الزام
لڳو. ’تاريخ فلسفه اسلام‘ جي مصنف، محمد شريف
لاهوريءَ ان باري ۾ رکيو آهي ته ”اهو الزام غلط
هو. حلاج سڄي عمر سني عقيدي جو رهيو.“ حقيقت جيئن
به هجي، اصل ڳالهه اها آهي ته حلاج انهيءَ مٽيءَ
مائٽيءَ ڪري، شيعا- سني اختلاف جو شڪار ٿيو. تن
ڏينهن ۾، ’عباسي خلافت‘ جا وڏي ۾ وڏا سياسي مخالفَ
اهلِ تشيعت هوندا هئا، سو، حلاج بغداد سرڪار جي
عتاب هيٺ آيو. هو انهيءَ سياسي چَڪَرَ ۽ ذهني
عذابَ مان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ حج تي هليو ويو. سڄو سال
حرم شريف ۾ اعتڪاف ۾ گذاريائين. اتان موٽي خزستان
آيو، ته صوفيانه پوشاڪ لاهي، عام ماڻهن جو لباس
پاتائين ۽ منجهن پيار جو پرچار ڪرڻ لڳو ته:
”هرڪو پاڻ ۾ پرين ڳولي.“
بلاشبه، ’پيار جو پرچار‘ اختلافن کي ختم ڪرڻ جو
ڪارگر نسخو آهي، بشرطيڪ اهو مؤثر ثابت ٿئي. پر
هِتِ ٿيو ائين ته شيعا، سني ۽ ٻيون سڀ مکيه
جماعتون حلاج جون مخالفت ٿي ويون. ’معتزله‘ فرقي
وارن ته کيس ’دوکيباز‘ ڪوٺيو، ۽ خَلقَ کي ڀڙڪايو.
پر، پيار جي پرچار دوران، ڪيترا ماڻهو حلاج جا
مداح ۽ معتقد به ٿيا هئا. سو، هو اهڙن چئن سون
مريدن ۽ معتقدن سان گڏجي، وري حج تي هليو ويو.
اُتان موٽيو، ته هندستان ۽ ترڪستان جي سير تي هليو
ويو، جتي هندو- مت، ٻڌ- مت ۽ ماني- مت جي ماڻهن
سان ملاقاتون ڪيائين. ان کان پوءِ ٽيون حج به
ڪيائين.
ماڻهو عمر جي انهيءَ حصي ۾ پهچندي پهچندي ٿڌو ٿي
ويندو آهي. پر، حلاج مستيءَ جي ڪيفيت ۾ هيڪاري
وڌيڪ مبتلا ٿي ويو. گهر ۾ ڪعبي جو نمونو ٺاهيائين،
جنهن ۾ عبادت ڪندو هو. رات جو قبرن ۽ مزارن تي
ويندو هو. ڏينهن جو بازارن ۾ وڏي واڪي اهڙيون
ڳالهيون ڪندو هو، جي ٻُڌي، ماڻهو ڇرڪي ويندا هئا.
انهن ئي ڏينهن ۾، المنصور مسجد ۾، شبليءَ جي اڳيان
’اناالحق‘ جو گفتو زبان تي آندائين.
سندس انهيءَ قول، فعل، عام ماڻهن ۾ ڏاڍو چوٻول
پيدا ڪيو. بغداد ۾ سياسي اقتدار جي ڪشمڪش عروج تي
هئي. خليفو ’المقتدر‘ اڃا صغير هو. سندس وزير، ابن
الفرات هونئن ته اهلِ تشيعت وارن مان هو. پر، حلاج
جو کلايو دشمن هو. حلاج پاڻ بچائڻ لاءِ ’سوس‘ شهر
ڏي هليو ويو. پر، ٽن سالن کان پوءِ گرفتار ٿي،
بغداد آيو، جتي هاڻي وري سني مسلڪ جو هڪ وزير،
حامد، سندس جبرو دشمن هو. حلاج ڪن دوستن احبابن جي
اثر سان عارضي طرح آزاد ٿيو. پر ستت وري پڪڙيو ۽
ٽي ڏينهن ڪاٺ ۾ پيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ مٿس
قرمطين سان همدردي رکڻ جو الزام عائد ٿيو، ڇو ته
هن گهر ۾ ڪعبو اڏيو هو. قرمطي ڪنهن زماني ۾ ڪعبة
الله مان ’حجر اسود‘ چورائي ويا هئا. ڪيترن سالن
کانپوءِ، ڀُنگ وٺي، موٽائي ڏنو هئائين. پر، اصل
ڳالهه اها هئي، ته هو به اسماعيلي شيعن مان هئا ۽
بغداد جي عباسي خلافت جا سخت دشمن هئا. سو، حلاج
تي قرمطين واري الزام باهه تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو.
بغداد سرڪار جو غصو باهه وانگر ڀڙڪڻ لڳو.
حلاج بغداد ۾ نظربنديءَ واري زماني ۾، عباسي خليفي
جي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪيو هو. هو ان مان چاق
ٿيو هو، سو خليفي جي ماءُ کي اهو احسان ياد هو.
هُنَ حلاج جو بچاءُ ڪيو. اهڙيءَ ريت، حجاج في
الحال ته حاسدن ۽ دشمنن کان بچي ويو. پر، هاڻي پاڻ
ڪو گمنام ماڻهو ڪو نه هو. سندس شخصيت تي بحث هلي
رهيا هئا. جڏهن سندن مخالفن جو پاسو ڳورو ٿي ويو،
ته مٿس مقدمو هليو. کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي. ماڻهن
جي هڪ انبوهه اول کيس سخت مار ڪُٽَ ڪئي ۽ پوءِ
ڦاسي ڏني. آخر ۾ سندس لاش تي تيل ڇڙڪيو، ان کي
باهه ڏئي، ساڙيو ۽ پوءِ خاڪ کي به درياءَ ۾ وهائي
ڇڏيو!
حلاج جو انجام ايڏو درد ناڪ ٿيو. پر، اُن جا اثر
به پري پري پيا. اسلامي دنيا ۾ ته ڄڻ زلزلو اچي
ويو. خاص طرح، اديبُ، شاعر ۽ دانشور طبقو ڏاڍو
متاثر ٿيو. حلاج کي اهڙو ته ڳايائين، جو کيس شعر،
ادب ۽ تصوف جي تاريخ ۾ هميشه زندهه ڪري ڇڏيائين.
هونئن ته گهڻن ئي شاعرن حلاج کي ڳايو آهي، پَرَ،
مير تقي مير جا هي اکر ڪيڏا نه دل کي ڇهندڙ آهن:
موسم آیا
تو نخلِ دار میں
میر
سرِ منصور ہی
کا بار آیا
حلاج جي شخصيت کي تاريخي تناظر ۾ ڏسبو ته، حلاج هڪ
’بي قرار روح‘ نظر ايندو، جيڪو سڄي عمر
’پاڻ سڃاڻڻ‘ واريءَ لوڇ پُوڇ ۾ ڦٿڪندو
رهيو. ائين کڻي چئجي، ته مٿس اها ئي ڪيفيت طاري
هئي، جيڪا ڀٽائيءَ پنهنجيءَ ٻاڄهاريءَ ٻوليءَ ۾
بيان ڪئي آهي:
ڪيڏاهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪو.
بهر صورت، حلاج جو قَتلُ ڪُڌو ڪم هو. جن به اهو
ڪِيسُ ڪيو، تن تي قيامت تائين لعنت ۽ ملامت وَسندي
رهندي. پر، انساني تاريخ جي ورقن تي، هر هنڌ،
شهيدن جي خون جا رت ڦڙا آهن. سنڌ ۾ مخدوم بلال ۽
شاهه عنايت شهيد جا قَتُلَ ڪيڏا نه دردناڪ آهن.
اهي ٻئي قتل، بنيادي طرح، سياسي سببن جي ڪري ٿيا
هئا. تاريخ نويسَ هاڻي ان ڳالهه تي متفق آهن، ته
حلاج جو قتل به بنيادي طرح سياسي سببن جي ڪري ٿيو
هو. عباسي خلافت واري زماني ۾ شيعا- سني سياست
عروج تي هئي. حلاج اُن جو شڪار ٿيو. بادشاهن جي
محلاتن ۾ هڪڙيون سازشون کُٽنديون آهن، ته ٻيون
شروع ٿينديون آهن. ڪو به حاڪم پنهنجي اقتدار لاءِ
خطرو برداشت ڪونه ڪندو آهي. عباسي خليفن جا
ڪارناما عام بادشاهن وارا هئا. تاريخ طبري ته انهن
سان ڀري پيئي آهي. بادشاهن ۾ سچ ٻُڌڻ جي طاقت ڪا
نه هوندي آهي:
نازک
مزاجِ شاہان تابِ سخن ندارد.
اهو ٿيو مسئلي جو سياسي پهلو. مذهبي پهلو هي آهي
ته حلاج قرآن شريف جو حافظ هو، ٽي حج ڪيا هئائين.
جنيد بغداديءَ جهڙن وڏن وڏن صوفين ۽ اڪابرن سان
ميل ملاقاتون هئس. هندو- مت، ٻُڌ- مت، ۽ ماني- مت
جي عقيدت جي به پروڙ هئس. اسلامي تصوف ۾ سندس
پنهنجو بلند مقامُ ۽ مرتبو آهي. بلڪه پنهنجو مخصوص
مڪتبئه فڪر آهي. خود کانئس هڪ صوفيانه مسلڪ به
شروع ٿئي ٿو، جنهن کي حلاجيه ڪوٺن ٿا.
ڀانئجي ٿو ته حلاجَ دل جي سموريءَ سچائيءَ سان
ائين ئي سمجهيو، ته انسان ئي هن جَهانَ جي حَقُ
حقَيقَتَ آهي. بلاشبه، اِنسانُ، هن ڌرتيءَ جي
ٻين سمورن ساهوارن کان سياڻو آهي، پر اها به حقيقت
آهي ته سڀڪجهه سندس اختيار ۾ به ڪو نه آهي.
انِسانُ، زمان ۽ مڪان جي مجبورين جي باوجود، ’من
موسيڙي‘ وانگر، هِتان هُتان، تِنڪا ۽ ڪَکَ پَنَ گڏ
ڪري، سهڻو ۽ آرام وارو آکيرو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پر، هڪڙو ئي قدرتي طوفان، سندس آکيري کي اُڏائي،
وري ڪکُ پَنُ ڪري ڇڏي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هو آکيرو جوڙي
راس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ مَنَ موسيڙي وانگر، ڪا
دير اُن ۾ قرار وٺي ٿو. پر، اها سوچ ته ”مون جو
هئڙو سهڻو آکيرو ٺاهيو آهي ۽ ان ۾ مزي سان لڏي
رهيو آهيان، سو، مان ئي هن جهان جي حق حقيقت
آهيان،“ صحيح ڪانه آهي.
عارفن جي ٻوليءَ ۾، آخرين حق حقيقت
(THE ULTIMATE REALITY)
ته فقط خداوند تعالي جي ذات
آهي. ’وجود حقيقي‘ به انهيءَ ئي ذات مطلق جو آهي.
انسان جو وجود ته
عارضي آهي. اڄ آهي سڀاڻي ڪونهي.
اسلامي تصوف جي ڪن اڪابرن جو خيال آهي ته هي
جَهانُ، خدا کان جدا ڪونه آهي، بلڪ جدا ٿي ئي ڪونه
ٿو سگهي. ڇو ته سڀڪجهه خدا آهي. اهڙو اولڙو اسان
کي ’وحدت الوجود‘ جي فلسفي ۾ ملي ٿو. ڀٽائيءَ جهڙو
عظيم مفڪر، صوفي شاعر ۽ اعليٰ انسان به ’وحدت
الوجود‘ جي فڪر کان متاثر هو. فرمايو اٿس ته:
جَرَ تَڙَ، تِک تنوارَ، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوارَ،
همہ منصور هزارَ، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟
پر، سنڌ ۾ ڪيترائي نام نهاد صوفي شاعر به ساماڻا،
جيڪي لڪير جا فقير هئا، منجهن ڪابه اونهي سوچ ڪانه
هئي. ڪن ته معاملي کي مورڳو خراب ڪيو. ماڻهن کي
گمراهه ڪيو. مون تنوير کي سنڌي ادبي بورڊ مان ٻه
ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. اهي ڪتابَ ايڊٽ ڪندي،
اڳوڻي دور جي صوفي شاعرن جا احوال پڙهيا هوندائين.
سو، هڪ ڏينهن، مون کي ٻڌايائين ته ان دور جو هِڪُ
وڏو صوفي شاعر هوندو هو، جنهن کي خيرپور جي مير
صاحب جاگير ڏني. انهيءَ جي ڪمائي لاڙڪاڻي جي ڪڃرين
تي خرچ ڪري، پاڻ، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، ڳاڙهو پڙو پائي،
”منصور دم“ هڻندو هو.
بلاشبه، ڪن عالمي مذهبن ۾ عقيدو آهي ته خدا هيٺ
لهي، انساني جسم جو قالب اختيار ڪري ٿو ۽ اهڙو شخص
اوتار ٿي وڃي ٿو. ويدانت جي فلسفي ۾ اهڙو اولڙو
نظر ايندو. سنڌ جي هاڪاري عالمَ، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
به ’مقدمه لطيفي‘ ۾، ويدانت ۽ وحدت الوجود کي ائين
پيش ڪيو آهي، جو ڄڻ ته اهي هڪ ئي درياءَ جا ٻه
ڪنارا آهن. پر، خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب
’تشبيهات رومي‘ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ’وحدت الوجود‘
جو وڏي ۾ وڏو شارحُ، محي الدين ابن عربي هو. سندس
هڪ ئي جملو مَنَ جا سَڀُ مونجهارا ختم ڪري ڇڏي ٿو:
اَلرّبُ رَبُ وَان تَنُزُلُ، وَالعَندُ عَبد وَان
تَرقيٰ
خدا تعاليٰ خدا رهندو، ڀلي ڪيترو به نزول فرمائي،
ٻانهو، ٻانهو ئي رهندو، پوءِ ڀلي ڪيتري به ترقي
ڪري.
شخصيت:
تنوير جي شخصيت ۾ محبت جي ماکي هئي. مٺو ماڻهو هو.
مٺو ڳالهائيندو هو. نفيس ۽ نرم مزاج هو، ڪاوڙ ڪونه
ڪندو هو. يارن جو ته يارُ هو. پر، دشمن کي به
درگذر ڪرڻ وارو هو، بلڪ معاف ڪرڻ وارو هو. وِيرُ
ته ڪونه وٺندو هو، پَرَ ميارَ به ڪونه ڏيندو هو.
گلا غيبت نه ڪندو هو، نه ٻُڌندو هو. ڀلا جي ڪو شخص
کڻي سندس اڳيان اهڙي ڳالهه ڪندو به هو، ته چوندو
هئس: ”وتائي فقير جو پَراين ڳالهين ۾ ڪهڙو ڪم؟“
وڏو مهمان نواز هو. سندس مهمانن ۾ رڳو نو آموز
لکندڙ شامل ڪونه هئا، پير حسام الدين راشديءَ جهڙا
عالم به راتين جون راتيون وٽس ٽِڪندا هئا. پنهنجي
اعليٰ اخلاقَ، قرب ۽ اخلاق سان، بيشمار دوست ۽
مداحَ پيدا ڪيائين، جيڪي هر هنڌ سندس نيڪي ڪندا
هئا. اڄ پاڻ هن جهان ۾ ڪونه آهي، پر سندس نيڪيءَ
جي خوشبوءِ هر هنڌ ڦهليل آهي. سنڌي اخبارن ۾ شايع
ٿيل هيءَ خبر انهيءَ حقيقت تي شاهد آهي:
اسلام آباد- .2- اپريل- اڄ هتي ’سگا‘ ۽ ادبي تنظيم
’دائره‘ پاران ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ ادبي
ريفرنس ٿيو، جنهن ۾ خيرپور مان آيل ڊاڪٽر تنوير
عباسي يادگار ڪاميٽيءَ جي 20 رڪني وفد به شرڪت
ڪئي:
مختيار ٽالپر، ڊاڪٽر تنوير جي زندگيءَ تي روشني
وجهندي چيو ته، ”ڀڳت ڪنور جي ڪلام کي نئين انداز ۾
جيارڻ ۾ ڊاڪٽر تنوير جو وڏو ڪردار آهي.“ پروفيسر
گل ڪٽوهڙ چيو ته ”ڊاڪٽر تنوير سٺو ڊاڪٽر، سٺو
والد، سٺو شاعر، سٺو سياستدان ۽ سٺو انسان هو. هو
عظيم انسان دوست ماڻهو هو.“ ادبي تنظيم ”دائره“ جي
چيئرمن احسان ڪبريا چيو ته ”تنوير سڄي زندگي ادب
جي خدمت ۾ گذاري.“
|