اسان جي ذهني دنيا جون تبديليون نه رڳو اسان جي
ادبي قدرن جون واڳون ٿيون موڙين، پر اُن سان گڏ
اسان جي قومي ۽ فطري لاڙن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي
منهن ڏيڻ جي انداز ۾ پڻ ڦيرو ٿيون آڻين. اهي ذهني
تبديليون وري بدلجندڙ ماحول ۽ حالات جو ردعمل آهن.
اسين نه رڳو مادي اضافيت (Relativity
Physical)
جي دنيا ۾ ساهه ٿا کڻون، هر شاعر ڪائنات ۽ زندگيءَ
جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ ٿو محسوس ڪري، ان ڪري
بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي ٿيو
پوي. هر شاعر جي ذهني اوسر ۾ نه رڳو ماحول، پر اُن
سان گڏ موروثي اثرات پڻ ڪارفرما ٿين ٿا، جنهن ڪري
هن جي شخصيت منفرد ٿيو پوي، ۽ سندس سوچڻ سمجهڻ ۽
بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ٿيو پوي. هو هر مسئلي
کي پنهنجي لاڳاپي ۾ محسوس ٿو ڪري.
جديد سنڌي شاعري هڪ وڏو ۽ اهم موضوع آهي، جنهن جي
پوري مطالعي ۽ تحليل جي حق ادا ڪرڻ لاءِ هڪ مسلسل
۽ ڊگهي مضمون جي ضرورت آهي. هونئن ته عام اصطلاح
۾، اڄ ڪلهه جو هرڪو شعر جديد، هر ڪا شاعري جديد
شاعري آهي، پوءِ چاهي اُهو شعر پارسي تغزل جو
نمونو هجي، يا ڪلاسيڪي ڪافيءَ جي هيئت جو. شاعري
دنيا جي ڪنهن به حصي جي هجي، ان جو تعلق انسان جي
بنيادي جبلتن مثال طور سونهن سان پيار، وطن دوستي،
زندهه رهڻ جو موهه وغيرهه سان آهي. شاعري جذبن ۽
احساسن جو اظهار آهي، جذبا ۽ احساس انهيءَ بنيادي
جبلتن جي ٿڙ جون ڌار ڌار شاخون آهن. هر قوم جي
شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اظهار انهن ئي بنيادي جبلتن جي
نشان دهي ڪندو آهي، تنهن هوندي به اُهو ڪنهن خاص
رنگ ۾ ٻُڏل ۽ ڪنهن خاص ماحول سان وابسته هوندو آهي
۽ ان قوم جي جغرافيائي، تهذيبي، معاشرتي، ۽
نفسياتي صورتحال جو آئينو هوندو آهي. سنڌيءَ ۾
روايتي شاعري، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، فارسيءَ
کان بي حد متاثر هئي، اُن ڪري ان جو ماحول به
ايراني هو (روايتي محفلون، جن ۾ ساقي شراب کڻي
پياريندو هو، رند ايندا هئا، جام تي جام طلبيندا
هئا، رقيب روسياهه به موجود هوندو هو) سَرو جا وڻ
(جيڪي اسان رڳو تاج محل جي تصويرن ۾ ڏٺا هئا) ۽
نرگس جا گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا آهن) ايتري قدر
ته بيان ڪندا هئا، ڄڻ ته اسان جي گهر گهر ۾ نرگس ۽
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سرو اُڀو هو. ان مان اهو نتيجو ٿو
نڪري ته اسان جا اڳيان شاعر مشاهدي، احساس ۽ تاثر
سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي اثر هيٺ ۽ مطالعي جي
سهاري تي شاعري ڪندا هئا، جيڪو سندن تخليقي قوتن،
مشاهدي جي ڪمي، احساس جي ڪُند هجڻ جو ظاهر ظهور
ثبوت هو ۽ منجهن تخليقي قوتن جي ناپيد هجڻ جو دليل
پڻ.
اڄوڪن شاعرن ’روايتي حسن‘ ۽ مطالعي جي سهارن کي
ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو آهي ۽
پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اَٿائون. سندن شاعري
سرنهن جي گلن جي سڳنڌ ڦهلايو ڇڏي، اونداهين راتين
۾ ٽانڊاڻا جهرمر لايو ڏين، ڪونجن جا ولر خيال جي
اُفق تي ڦڙ ڦڙ ڪيو اُڏامن ۽ سنڌوءَ جون لهرون سندن
احساسن ۾ اُٿل پٿل پيدا ڪيو ڇڏين.
هنن جي شاعري بنديخانن ۾ ليئا پائي، قيدين جي حالت
ڏسيو اچي، بلڪ قيديءَ جي اندر ۾ پيهي سندن جذبا پڻ
ڪڍيو ٻاهر ڪري.
گهنٽيءَ سان هت صبح ٿئي ٿو، گهنٽيءَ سان هت شام
ٿئي ٿي
وقت ڦري اطلاع ڏئي ٿو، گهنٽي ڪيڏا رنگ رچي ٿي.
ننڍڙي گهنٽي، گهنٽي شاهي،
پر دل ۾ هردم اونداهي:
اچ وڃ اچ وڃ پهري واري اُونداهيءَ ۾ آءٌ ٻڌان دو
روشن آيا رات اونداهي، اڀ کي پورو ڪين پساهه ٿو
-
هري دلگير
اڄوڪي شاعري ڪچن گهرن ۽ لوڙهن مان ليئا پائي، اندر
جو لقاءُ ڪري ٿي:
ڪراڙيون پاڻ ۾ ويهي جڳن جا راز کولينديون
نڪن تي آڱريون ڏيئي نرالا ٻول ٻولينديون
قطارن ۾ ويهي جيڏيون جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سيهه واسينگ کولينديون
ٿي عاشق بيقرار ايندو.
وطن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
بهار ايندو بهار ايندو.
- گدائي
ڪڏهن ڪڏهن شيخ راز جهڙو شاعر ڪنهن کوهه طرف وڃيو
نڪري، ته ڏندين آڱريون اچيو وڃنس:
کوهه جي طرف وري ايندي ڇا؟
جنهن کي مون ڪالهه ڏٺو،
ڍاڪ تي جنهن جي هو هڪڙو گهڙو،
جنهن جي پازيب جي جهنڪار،
جنهن جي چوڙين جي جهنڪ
جنهن جي ڪڙين جي ڇنڪ،
ڄڻ وڳو ساز نئون، راڳ نئون ڪنهن ڳاتو،
۽ ٻُڌم گيت نئون،
منهنجي ڄڻ شعر جا بند،
پاڻ ئي پاڻ ٺهي راس ٿيا،
- شيخ راز
جو حامل هجي يا وري ترقي پسند خيالات جو ترجمان
هجي. پر هتي ٻين ڳالهين کان پاسو ڪري، مان چنڊ
خصوصيتون بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس، جن موجودهه دور
جي شاعريءَ کي اڳئين دور کان بلڪل نرالو ڪري ڇڏيو
آهي. اُن کان اڳ جو جديد شاعريءَ جي انهن خصوصيتن
کي بيان ڪريان، هيءُ لازمي ٿو سمجهان ته جن حالتن
۽ جن واقعن انهن خصوصيتن کي جنم ڏنو آهي، تن جو
مختصر طور جائزو وٺان.
جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گهڻو تڻو پاڪستان
جي قيام بعد ٿي آهي. جيتوڻيڪ ان جو ٻج گهڻو اڳ ۾
پوکجي چڪو هو. هندن جي لڏ پلاڻ ۽ اڙدو جي اوچتي
اُٿل اسان کي پنهنجي انفرادي وجود کي قائم رکڻ تي
مجبور ڪيو. هن کان اڳ جي مروج شاعري، فارسي
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ اڙدوءَ جي رنگ ۾ رنڱيل هئي، اُن
جو سبب هي هو ته فارسي عرصي کان دفتري زبان پئي
رهي هئي، ۽ اسان جي شاعرن جي اڳئين نسل فارسي
خواندهه هجڻ ڪري گهڻو تڻو اُن جوئي اثر ورتو. جيئن
ئي اسان جي نئين ٽهيءَ انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين
جو اڀياس ڪيو، تيئن اسان جي شاعريءَ ۾ وڌيڪ ندرت
ايندي وئي. اسان جي جديد شاعري هروڀرو مغربي فڪر ۽
طرز بيان جي تقليد به ناهي، جيئن گڏيل دور جي
شاعري رڳو فارسي تشبيهن ۽ استعارن جي اجائي اُپٽار
آهي. جديد شاعرن ته سنڌي لب لهجي ۽ ڪلاسيڪي روايتن
کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي، جيئن هيٺ هلي ظاهر ٿيندو.
هاڻي اُهي بنيادي خصوصيتون بيان ڪندس، جن موجودهه
دور جي شاعريءَ کي امتيازي رنگ بخشيو آهي.
اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو سليس ۽سادو،
وڻندڙ ۽ نرم آهي. ايئن چئجي ته اسان جا شاعر
اڄڪلهه پنهنجي ’قومي مزاج‘ کان با خبر آهن، سندن
شعر جو سڀاءُ، پنهنجيءَ قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي.
هنن جي تخاطب جا انداز پيارا آهن. هو پنهنجي
پرينءَ کي ’دلربا‘، ’مهه لقا‘، ’مهه جبين‘، ۽
’ماهه وش‘ بدران ’سائين‘، ’سهڻا‘، ’مٺڙا‘، ’ماکي
جهڙا‘ وغيره لفظن سان ٿا پُڪارين. هنن جو پيار
سنڌوءَ جي ماٿريءَ جو، مهراڻ جي مڌ ۾ ٻُڏل پيار
آهي. ان ڪري، هنن جي شاعري ۽ هنن جو اظهار فطري
پيو لڳي.
- منهنجا پرين- او بانورا، او سانورا- اياز
- ڪيتري نه گذري وئي راتڙي گهڻي، سائين
- آءُ ڀي کڻي سائين! - هري دلگير
- او پد مڻي، هيري ڪڻي! - گرامي
- تون به وسار ۽ مان به وساريان، آڻ مڃي پو جهڳڙو
ڇا جو؟ - شيخ راز
ٻي خصوصيت جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي
انفراديت. اسان جي جديد دور جي هر سٺي شاعر ڪوشش
ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي. پنهنجن ذاتي مشاهدن،
تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس. ان ڪري، هن دور ۾
ڪيتريون تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان
جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ
لاءِ بلڪل نوان آهن. تخليقي صلاحيت شاعري يا ادب
جي ڪنهن به حصي جي جان آهي. پوءِ اها تخليق ڪا سٺي
تشبيهه هجي، ڪو سٺو استعارو هجي، ڪو سهڻو محاورو ۽
اصطلاح هجي يا ڪو اعليٰ خيال. روايتي شاعريءَ جي
سٽيل ڪٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن کان بيزاري محسوس
ڪندي، اسان جي شاعرن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي،
هنن نرگس بيمار جي تصور ڪرڻ بدران، نِمن جي ٻور ۽
سرنهن جي گُلن جي سونهن کي سميٽي پنهنجي شاعريءَ
جو پاند ڀريو.
ڦٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا، نمن جهليو آ ٻور،
ڪيسين رهندين دور- اياز
آءُ سرنهن گل ڪيا، آءُ پرين آءُ -
اياز
اڄوڪي شاعري ۽ روايتي شاعريءَ ۾ ٻيو نمايان فرق
آهي ماحول. رات، اڪيلائي ۽ ڏيئو، ۽ اُلڪو- بردي ان
جو ڪهڙو ته نفسياتي نقشو ڪڍيو آهي:
سياري جي هر رات هيڪاندي مون آ ڏسڪي ڪاٽي،
اُلڪي کان سيرانديءَ سيري رکان روز ڌياٽي.
- بردو
اڄڪلهه جو شاعر ٺڪيل (Ready
made)
تشبيهن، اصطلاحن، محاورن، بيان
۽ اسلوب جي طريقن بدران پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي
مشاهدن، احساسن ۽ فڪر کي پيش ٿو ڪري، هن جي ڪائنات
ويڪري ۽ ڪشادي آهي ۽ ان جي سونهن اٿاهه. هو پنهنجي
پڙهندڙ جو ڌيان اهڙين شين ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي
لکندڙ ۽ پڙهندڙ ٻنهي جون ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سُڃاتل
آهن، ان ڪري هڪ طرف شاعر جو اظهار مڪمل ۽ جامع آهي
۽ سندس شعر تاثر سان ڀرپور آهي، ته ٻئي طرف پڙهندڙ
سندس شعر کي پوريءَ ريت پروڙي سگهي ٿو ۽ ان مان
پورو حظ حاصل ڪري ٿو.
جديد ادب جي ٽئين خصوصيت آهي، پنهنجي ڪلاسيڪي ادب
جي ورثي کي سنڀالڻ. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن (شاهه،
سچل، سامي ۽ حمل وغيرهه) جي شعرن جي هيئتن مثال
طور: بيت، ڪافي، وائي ۽ موضوعن کي پڻ نئين سر هن
دور جي ئي شاعرن جياريو آهي. اڄڪلهه بيت، ڪافيون،
دوها ۽ وايون ٻن مختلف طريقن سان لکيون وڃن ٿيون:
هڪ گروهه انهن جا موضوع، ٻولي ۽ اسلوب ساڳيا
ڪلاسيڪي رکيا آهن، ته ٻئي گروهه رڳو هيئت ساڳي
رکي، ان جا موضوع ۽ اسلوب توڙي ٻولي مٽائي ڇڏي
آهي.
پهرينءَ گروهه جيئن ته رڳو روايت ۽ تقليد جو سهارو
وٺي ڪوبه تخليقي ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي، تنهن
ڪري ان جو ذڪر اجايو ٿيندو. انهن جو حال به اهڙو
آهي، جهڙو فارسيءَ جي تقليد ڪندڙ غزل گو شاعرن جو.
رڳو محاورن جي ورجائڻ سان ٺهيل ٺڪيل موضوع کڻي،
لفظن کي ٻُڌڻ سان ڪو ڪارنامو ته ڪونه ٿيندو؟ ٻئي
گروهه انهن ئي هيئتن ۾ نوان موضوع آندا آهن.
مثال طور، ڊاڪٽر علي احمد جي ڪافي ’ٻڌ ائٽم جا
ڌڌڪارا‘ يا اياز جي بيت:
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍء بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي.
ان کانسواءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع
اسان جي جديد شاعرن بدلجندڙ ماحول جي نين تقاضائن
کي مدنظر رکي، هڪ دفعو وري استعمال ڪرڻ شروع ڪيا
آهن.
سسئي، مارئي ۽ ٻيجل بدران اسان جا فارسي زدهه شاعر
قيس، ليليٰ ’شيرين‘ فرهاد ۽ بهزاد جو ذڪر ڪندا
هئا. اڄڪلهه جي شاعرن نه رڳو اسان جي ڪلاسيڪي
شاعريءَ کي پنهنجو بنياد بنايو آهي، پر ان جي
ڪيترين روايتن کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ بنايو
اٿن ۽ نئين رنگ ۾ رنڱيو اٿن:
ڏيان آگ گرنار کي گاهي گاهي
وري سر وڍايان وري چنگ چوريان.
- شيخ اياز
زندگي بنجي نه شل سسئيءَ جا سور ۽ آس مومل جو
ڏهاڳ.
- نياز همايوني
اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي، موضوعن
جي فراواني ۽ ندرت. ’ورڊس ورٿ‘ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو
گل ۽ ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري ۽ ’شيليءَ‘ لاءِ چڪور ۽
’ڪيٽس‘ لاءِ بلبل شاعريءَ جا موضوع هئا. اسان جي
فارسي زدهه شاعرن جا موضوع فطرت بدران ڪتابن مان
چونڊيل هوندا هئا. سهڻا نظارا. ننڍڙيون ننڍڙيون
ڳالهيون ۽ روز مرهه جا واقعا سندن خيالن کي جاڳائي
نه سگهندا هئا. اڄ جا شاعر نه فقط پنهنجي ذاتي
مشاهدي ۽ فڪر جو رد عمل پڻ محسوس ٿا ڪن، ڇو ته اڄ
دنيا ۾ ادبي رشتن کي هڪ بين الاقوامي وسعت ٿي چڪي
آهي. شيخ اياز ’ٿوهر جو وڻ‘ ۽ ’هرڻ هٺيلا‘ جهڙين
عام چيزن کي ڏسي زندگيءَ جو فلسفو ٿو سمجهائي، ته
هري دلگير ’بمبئي جو شهر‘ کي ڏسي انسان جي ميڪانڪي
زندگيءَ جا راز ٿو سَلي ۽ بردو وري ’چڻن جا گل‘ ۽
’واهڻ جي ڇوري‘ کي ڏسي موج ۾ اچيو وڃي. بين
الاقوامي مسئلن تي نياز جو ’ايشيا‘ بشير مورياڻيءَ
جو ’وچ اوڀر‘ ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي نظم ملندا.
پنجين پر اهم خصوصيت آهي هيئت جا تجربا. موجوده
دور جي شاعرن هيئت جا ايترا ته تجربا ڪيا آهن، جو
اُن جي بيان ۽ فني ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هڪ ڌار مضمون جي
ضرورت آهي. مختصر طور رڳو ڪي خاص نڪتا آهن.
1- ٻاهرين ٻولين جي شعر جون هيئتون سنڌيءَ ۾ عام
ٿي ويون آهن- جيئن آزاد نظم، سانيٽ ۽ ترائيل
وغيرهه.
2- ڪلاسيڪي هيئتن، بيت، ڪافي ۽ دوهي جو موضوع.
3- ڪلاسيڪي هيئتن ڪافي ۽ وائيءَ ۽ فارسي ٽيڪنيڪ
واري بحرن وزن کي ملائي ڪي نيون هيئتون پيدا ڪيون
آهن. ان ڏس ۾ بردي ۽ شيخ اياز جو ڪم قابلِ ذڪر
آهي.
4- گيت کي اهو گيت رهڻ نه ڏنو ويو آهي، پر هڪ بند
۾ مصراعن جي انداز کي گهٽائي وڌائي ۽ مصراعن جي
رُڪنن جي انداز کي گهٽائي وڌائي اڪيچار اظهار جا
طريقا تخليق ڪيا ويا آهن.
5- غزل جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب لهجو ۽
ماحول مٽائي اُن کي ٺيٺ سنڌي ماحول، اسلوب ۽
موسيقيت جي ويجهو آندو ويو آهي.
مٿين تجربن جا ڪيترائي مثال ملندا، جيڪي طوالت جي
ڪري نه ٿا ڏجن.
اسان جي شاعريءَ جي ڇهين ۽ آخري اهم خصوصيت آهي
ترنم ۽ موسيقيت.
اسان جي اڳئين دور جي شاعرن وٽ موسيقيت ته هئي، پر
اُن جو آهنگ اسان جو ته نه پر فارسيءَ جو هو. هر
ٻوليءَ کي پنهنجا صوتي اثرات، پنهنجو لب لهجو ۽
پنهنجي موسيقي ٿئي ٿي.
اسان جي سنڌيءَ جي اصلي موسيقيت کي رڳو اسان جي
ڪلاسيڪي شاعرن ۽ جديد شاعرن اُڀاريو آهي، ان جو
ترنم، آهنگ، لفظن جي نرمي جيڪا اسان جي ٻوليءَ جي
سونهن آهي ان کي ڪڍي نروار ڪيو اٿن.
رات انڌيري، هير ٿڌ يري، اُڀ تي تارا ڇايا
هاءِ پرين ياد آيا.
اڙي چنڊ اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه؟
سندس روپ سندس رنگ ائين آهه جيئن تون.
- شيخ اياز
ڪرڪن ڪونجون، لاهن مونجهون، سُتا اٿن سودائي
اڄ ياد پرينءَ جي آئي
- بردو
ڀلا اوج تنهنجي ڀلا موج تنهنجي
عجب تنهنجون ڇوليون، ڏين دل کي لوليون.
- حيدربخش جتوئي
مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته نه رڳو موسيقيت ۽
ترنم اسان جي ٻوليءَ جو پنهنجو آهي، پر ان جي
موضوع سان پڻ وابستگي آهي، اُن ڪري شعر وڌيڪ
اثرائتا ٿيو پون.
مختصر طور، اڄوڪو شاعر، سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز
۾ انفرادي، ذاتي مشاهدي، احساس ۽ فڪر سان وڻندڙ
پياري لهجي ۾ پنهنجي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار
مٺي موسيقيءَ ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري، جنهن به شاعر
۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن ته بنا هٻڪ جي سمجهو ته
اهو جديد شاعر آهي.
ادب ۽ سائنس
ادب نه رڳو زندگيءَ جي عڪاسي آهي، پر اُن سان گڏ
ان تي تنقيد پڻ- اسان جي سدا بدلجندڙ ٻاهرين
ڪائنات، اسان جي دل تي سدا بدلجندڙ عڪس ٿي وجهي،
اسان جي دل انهن مختلف اثرن جو مختلف طريقن سان رد
عمل ٿي ڏئي.
اديب به انسان آهي، ان ڪري هر اها شيءِ جنهن جو
سڌي يا اڻ سڌي طرح اسان جي زندگيءَ جي مسئلن يا
اسان جي ٻاهرين ڪائنات سان واسطو آهي، سا اديب جي
دل تي اثر ڪري ٿي، اديب نه رڳو پنهنجن مشاهدن،
تجربن ۽ پنهنجي آڏو لنگهندڙن واقعن جو اثر قبول
ڪري، ان جو سڌو سنئون عڪس موٽائي ٿو، پر اُن کي
پنهنجي ذاتي شعور ۽ جذبن جي رنگ ۾ رڱي ان جو اظهار
ٿو ڪري، اديب جي شخصيت ان ڪري ئي ادب ۾ وڏي حيثيت
ٿي رکي، جو ان ۾ اديب جو ذاتي شعور پڻ شامل آهي.
اديب جي شخصيت جي نشو ونما جنهن ماحول ۾ ٿئي ٿي،
ان جو سندس دور ۾ پيدا ٿيل ادب تي وڏو اثر پوي ٿو.
هر دور ۾ انساني شعور ڪجهه اڳتي وڌي ٿو. جيئن وقت
گذرندو ٿو وڃي، تيئن اسان جي علم ۾ اضافو ٿيندو
وڃي ٿو ۽ اهو اسان جي علم جو اضافو مختلف دورن ۾
مختلف قسم جو فڪري ماحول پيدا ٿو ڪري، جنهن سان
اديب جو سنئون سڌو تعلق آهي.
اسان جي دل اُن بي جان پٿر وانگر ناهي، جنهن تي
سدا وسندڙ مينهن ڦڙا سوراخ پيدا ڪريو ڇڏين، پر اها
جيئري جاڳندي، اثر قبول ڪندڙ ۽ متاثر ڪندڙ چيز
آهي. اديب نه رڳو ٻاهرين دنيا کان متاثر ٿئي ٿو،
پر اُن سان گڏ ٻاهرين دنيا کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت
رکي ٿو. ادب جا مکيه مقصد ٻه آهن- اظهار ۽ تاثر.
ٻنهي جو اسان جي چوڌاري وسندڙ ٻاهرين دنيا سان
ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي-
اچو ته ڏسون ته سائنس جو انهن ٻنهي دنيائن سان
ڪيترو ڳانڍاپو آهي.
اسان جي ٻاهرين دنيا- چنڊ تارن، گلن ڦلن، جهنگن
جبلن، انسانن ۽ جانورن واري دنيا سدائين پئي مٽجي
سٽجي، ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو اِهو سلسلو ازل کان ابد تائين
جاري آهي. انسان جي سونجهڻ جي جبلت (Curosity
Instinct)
جنهن مان اسان جي سائنس جو چشمو ڦُٽي نڪتو آهي،
تنهن انسان کي سدائين ڪائنات جي ذري ذري کي سونجهڻ
۽ سوچڻ تي پئي مجبور ڪيو آهي ۽ ان مان حاصل ٿيل
علم جي وسيلي، سندس نين نين کوجنائن، سندس چوڌاري
وسندڙ دنيا جي رخ تي نت نوان نقشا پئي ڪڍيا آهن،
اڄ کان سؤ سال اڳ جي اديب جي چوڌاري جيڪي چيزون
هيون، سي اڄوڪي اديب جي چوڌاري ناهن. اڄوڪو اديب
پنهنجي افسانن ۾ بيل گاڏين جي بدران ريل گاڏين جو
ذڪر ڪري ٿو. اڳي جو شاعر تيرن ۽ بڙڇين تي اڪتفا
ڪندو هو، پر اڄوڪو شاعر پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ
دنيا کان متاثر ٿيڻ شروع ڪيو آهي، احمد ملاح جو
هڪڙو شعر هتي مثال لاءِ ڪافي ٿيندو:
منجهه اکين احمد چوي، تو ڪئي دوناليون ڌاريون،
سي سڌيون سيني اندر ڇيرا وجهيو ڇوڙين بيٺو.
اديب جي اندر ۾ وسندڙ ڪائنات- سندس خواهشن، جذبن،
اُمنگن، حيرتن ۽ خوفن واري ڪائنات- سائنسي تبديلين
سببان گهڻو ئي بدلجي ويئي. سائنس جي ترقيءَ گهڻن
ئي حقيقتن کي بي نقاب ڪيو. نين نين حقيقتن جي بي
نقاب ٿيڻ ڪري، انسان جي سوچ هڪ نئين موڙ تي اچي
بيٺي. اسان جا سڌو سنئون زندگيءَ سان تعلق رکندڙ
مسئلا بدلجي ويا، هڪڙا مسئلا ماضيءَ جي اونداهيءَ
۾ غائب ٿي ويا، ته ٻيا مسئلا زندگيءَ جا مستقبل جي
اُفق تان ڪر کڻي بيٺا، سماجي، اخلاقي، مذهبي،
معاشي ۽ سياسي قدرن ۾ گهڻو ئي ڦيرو آيو. اسان جي
چوڌاري سدا بدلجندڙ دنيا جي انهيءَ انقلاب، اسان
جي اندر وسندڙ فڪري ۽ جذباتي دنيا ۾ انقلاب آندو.
انهيءَ فڪري انقلاب جو اهم اثر جيڪو ادب تي پيو،
اهو هو حقيقت پسندي (Realism)
جو بنياد. اڳيان اديب گهڻو تڻو مابعد طبيعاتي
مسئلن ۽ غير فطري ڳالهين تي سوچڻ جا عادي هئا،
اسان جي سنڌي ادب ۾، گذريل صديءَ جو ادب گهڻو تڻو
اهڙي قسم جي ناولن ۽ قصن ڪهاڻين سان ڀريل هو، جن ۾
زندگيءَ سان گهٽ واسطو رکندڙ قصن کي هڪ عجيب ۽ غير
فطري نموني ۾ پيش ڪيو ويندو هو. قصا فقط بادشاهن
سان تعلق رکندا هئا ۽ انهن ۾ عام ماڻهوءَ جي
زندگيءَ جي عڪاسي ۽ انهن سان لاڳاپو رکندڙ مسئلن
جو ذڪر نمايان نه هوندو هو، فڪري انقلاب اچڻ
کانپوءِ اسان جي ادب کي پڙهندڙ طبقي ۾ وسعت آئي ۽
اديب حقيقت پسند ٿي پيا، ادب مان غير فطري سورمن
جا ذڪر نڪري ويا ۽ انهن جي جاءِ تي چرندڙ پرندڙ
جيئرن جاڳندن ڪردارن جي فراهمي ٿي (شيدو ڌاڙيل،
بلو دادا، شاهه جو ڦر ۽ ٻيا اهڙا افسانا حقيقت
پسنديءَ جو بهترين مثال آهن) ادب مان وهمن ۽ وسوسن
کي ڄڻ نيڪالي ملي ويئي.
والبيڪ ۽ ٽيلر پنهنجي ڪتاب (Civilization,
Pastomd Presant)
۾ فن ۽ ادب واري باب ۾ ارڙهين صديءَ جي انگريزي
ادب تي بحث ڪندي لکن ٿا ته: ”ارڙهين صديءَ جو ادب
گهڻو ڪري ذهن (Intellect)
جي پيداوار آهي، نه دل جي. منجهس جذبي کان وڌيڪ
دليل (Reason)
آهي.“ اها راءِ قدري صحيح هجي، پر قطعي طور تي مڃڻ
جهڙي ناهي، ڇو ته ادب جو واسطو جذبي ۽ فڪر ٻنهي
سان آهي، حالانڪ جذبو ۽ فڪر، ٻيئي اديب جي چوڌاري
وسندڙ ٻاهرينءَ دنيا جو رد عمل آهن، جذبو هڪ شديد
تاثر جو اوچتو، شديد ۽ فوري رد عمل آهي ۽ فڪر اُن
جو دير سان پيدا ٿيل سمجهيل ۽ سوچيل رد عمل آهي.
ورڊس ورٿ پنهنجي (Preface
of Lyrical Bballads)
۾ شاعري ۽ سائنس تي بحث ڪندي لکي ٿو ته: ”سائنسدان
سچ جي ڳولا ٿو ڪري، پر اُن لاءِ سچ هڪ پراهين ۽ اڻ
ڄاتل چيز آهي، جنهن کي هو پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ ويهي
ٿو پُوڄي، پر شاعر هڪ اهڙو گيت ٿو ڳائي، جنهن ۾
سموري انسانذات هن سان شامل آهي. هو سچ جي وجود
مان هڪ مسرت ٿو حاصل ڪري ۽ سچ کي پنهنجو جيئرو
جاڳندو دوست ٿو سمجهي. شاعري سڀني علمن جو ساهه ۽
لطيف روح آهي.“
اڳتي لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن سائنسدانن جون محنتون
اسان جي حالتن ۾ سڌو يا ڪو اڻ سڌو مادي انقلاب
آڻينديون ته شاعر به خاموش رهي ڪونه سگهندو، اهو
نه رڳو عام اڻ سڌن اثرن هيٺ، پر اُن سان گڏو گڏ
سائنس جي ئي شين مان احساس وٺي اڳتي وڌندو.“
اِهو ساڳيو ورڊس ورٿ ساڳي مضمون ۾ ’شعر کي جذبن جي
اوچتي اُٿل‘ ٿو سڏي. اسان جي ذهني انقلاب جو اثر
اسان جي جذبن جي ماهيت تي نه پوي ٿو، پر انهن جي
شدت تي نه ٿو پوي. جذبا هر حالت ۾ اوترائي شديد
رهن ٿا ۽ انهن جو اظهار به اوتروئي شديد. ان
کانسواءِ ادب جا ڪجهه قدر جن جو تعلق گهڻو تڻو
انسان جي جذبن سان آهي، انهن تي سائنس جو ايترو
گهرو اثر نه پيو، جيترو فڪري ادب تي، چنڊ جي
اونداهي گرهه هئڻ جي حقيقت جو واسطو اسان جي
زندگيءَ سان ايترو سڌو ۽ ويجهو تعلق ناهي، ان ڪري
اسان جو اديب ان حقيقت کي ڄاڻندي به لنوائي ٿو.
’گليلو‘ جي کوجنا، ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي،
انسان جي علمي ۽ فڪري دنيا ۾ طوفان مچائي ڏنو، پر
ادب تي ان جو اثر خير ڪي پيو. ’وزيوئلس‘ جي انڪشاف
ته عورت ۽ مرد ٻنهي کي ٻارهن پاسريون آهن، مذهبي
دنيا ۾ وڏو وڳوڙ مچايو، پر ان حقيقت کان جيترو
پادري متاٿر ٿيو، اوترو اديب ڪين ٿيو.
مٿين حقيقتن مان ايتري ڄاڻ پيئي ته سائنس جتي جتي
سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح، اسان جي زندگيءَ سان، اسان
جي فڪري دنيا سان ٽڪر کاڌو آهي، اُتي اُتي ادب ان
کان متاثر ٿيو آهي ۽ جتي سائنس ادبي روايتن ۽
انسان جي بنيادي جذبن سان هٿ چراند ڪئي آهي، اُتي
ادب تي اثر وجهي نه سگهي آهي. موجوده سنڌي ادب ۾
جتي اسان کي شمشيرالحيدريءَ جو اڄوڪي خلائي سائنس
جي ترقيءَ کان متاثر ٿي لکيل نظم ملي ٿو، اُتي پڻ
سندس اونهن جذبن جي اُپٽار ملي ٿي، جيڪي روايتي
رنگ ۾ بيان ڪيا ويا آهن:
لٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،
بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا.
شيخ اياز ٽرام کي زندگيءَ سان (Symbolize)
ته ڪري ٿو پر ساڳي وقت پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ
دنيا، بدلجندڙ حقيقتن کان پوري ريت با خبر هوندي
به چنڊ سان چاهه ٿو رکي- انهيءَ روايتي نموني ۾
جنهن طرح اسان جا ڪلاسيڪي شاعر لکندا هئا ۽ هو چنڊ
سان ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي:
چئي سگهندين چنڊ، مون کان ننڊ ڪنهن کسي،
ڏئي سگهندين چنڊ، مون کي پيار پرينءَ جو.
هري دلگير موجود دور جي افراتفري ۽ ڀڄ ڊُڪ واري
ماحول ۾ انسان جي ميڪانڪي جانور ٿي وڃڻ تي روئندي
لکي ٿو ته:
ريل بجليءَ تي هلي ٽرامون به بجليءَ تي هلن،
ڀانئجي ٿو هتي ته ماڻهو به بجليءَ تي هلن.
پر اُن سان گڏجي هن جي جذبن جي اوچتي اُٿل جو
موقعو اچي ٿو ته اتي چوي ٿو:
منهنجي راڻي ڏينم موڪل تنهنجي گلشن ۾ اچان،
ماڪ آلا اڌ ٽڙيل رابيل جا گلڙا ڇنان،
تنهنجي چوٽيءَ ۾ وجهان تنهنجي ڪراين ۾ ٻڌان.
موهن ڪلپنا جو افسانو ’پريم ۽ سندرتا‘ موجوده
ماديت ۽ جماليت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ تمام سهڻو عڪس
آهي، سندس ڪردار اهو سوچڻ لڳي ٿو وڃي ته آخر جڏهن
انسان جو جسم چند ڪيميائي ۽ طبعي اُڻن جي هڪ خاص
جوڙجڪ جو نالو آهي ته پوءِ پريم ۽ سندرتا ٻئي
ڪهڙيون چيزون آهن؟
سائنس انهيءَ حقيقت تان نقاب کنيو ته انڊلٺ جا رنگ
مينهن ڦڙن مان لنگهڻ ۽ اڇي روشنيءَ جو ٽڙي پکڙي
وڃڻ جي پيداوار آهن. تڏهن به انڊلٺ جي سونهن ۽
انسان تي ان جو اثر، ان جي جذبن سان لاڳاپو ۽
انسان جي سونهن سان پيار ڪرڻو جي جبلت تي ڪوبه اثر
نه پيو-
هيءَ رسيلي شام، کهنبي ۾ ڪنوار،
انڊلٺ جو پائي هار،
آسمان جي سيج تي ليٽي پئي.
(اياز)
اسان جو سنڌي ادب سائنس کان ايترو متاثر ٿيو آهي
جو اديبن جي سوچ جو رخ ئي ڦري ويو آهي. اُن جو
پهريون سبب سائنسي حقيقتن جو انساني فڪر کي سڌي
طرح متاثر ڪرڻ- جهڙي طرح ٻين ملڪن ۾ نه پر اُن کان
سواءِ اسان جي ادب ۾ تازي آيل اوچتي انقلاب جو
واسطو پڻ اڻ سڌي طرح سائنس سان آهي.
اسان جي ادبي ٻولي ۽ ادبي موضوع جيڪي گهڻو تڻو عام
جي سمجهه کان مٿي هوندا هئا، اهي هينئر گهڻي قدر
سليس ۽ عام فهم ٿي ويا آهن. ان جو وڏو سبب آهي ادب
جو اڳي کان وڌيڪ عام ٿيڻ. پريس جي ايجاد کان اڳ
ادب رڳو ڪن خاص حلقن تائين محدود هو. ڪتابن جي
ڇپجڻ سان ادب گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچڻ لڳو
۽ سستو ۽ سولو ٿي پيو. اديب جا مخاطب اڳي ٿورا ۽
محدود هئا، پر هاڻي انهن جي پڙهندڙن جو حلقو وسيع
ٿيندو ويو، سندس اهميت ۽ جوابداريون وڌي ويون. ان
ڪري اهو لازمي ٿيو ته هو پنهنجي ٻولي ۽ خيالن ۽
موضوعن کي نه رڳو عام ماڻهن جي سمجهڻ لائق بنائي،
پر پنهنجي ادب ۾ عام ماڻهن جي مسئلن، انهن جي
زندگي ۽ انهن جي جذبن جي اُپٽار ڪري.
اها تحريڪ جيڪا ’بيوس‘ کان شروع ٿي، سا اڄ وڌي وڻ
ٿي ويئي آهي. ’بيوس‘ جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، اُن دور
۾ ادب جا موضوع ۽ ٻولي ٻئي عام سمجهه کان ٻاهر
هئا، ان وقت کان ٿورو ئي اڳ ڪتابن جو ڇپجڻ عام ٿيو
هو. ’بيوس‘ جا موضوع عام سڌي سادي زندگيءَ مان ڦٽي
نڪتا هئا ۽ سندس ٻولي عام ماڻهوءَ جي زبان مان
نڪتل لفظن واري ٻولي هئي، اُن ڪري ڏسندي ڏسندي
سندس تحريڪ سڄي سنڌي ادب تي ڇانئجي ويئي.
سنڌي ادب جي موضوعن ۾ پڻ گذرندڙ دور ۾ ڪافي تبديلي
آئي آهي، هڪ ته اهو ذهني ۽ فڪري انقلاب اُن جو سبب
آهي جيڪو سائنس جي ذريعي اسان جي اديبن جي ذهن کي
سڌي طرح متاثر ڪندو ويو آهي ۽ ٻيو سبب آهي هن
ڌرتيءَ جو ويڙهجي سيڙهجي سوڙهو ٿي وڃڻ. سائنس نه
رڳو پريس جي ايجاد ڪري ادب کي سستو ۽ عام ڪيو آهي،
پر اُن سان گڏ مواصلات جي سهوليتن، ريڊيو، ريل ۽
تارن جي ڪري سڄي دنيا ڄڻ هڪ گهر ٿي ويئي آهي، اُن
ڪري هڪڙي ملڪ جو ادب سولائيءَ سان ٻئي ۾ پهچي ٿو ۽
اُتي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. اڄ جو ائٽمي دور سڄي دنيا
جي ماحول کي ايترو اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، جو ڪنهن به
هڪڙي ملڪ جا حالات، مجموعي طرح، سڄي انسان ذات سان
وابسته آهن. مٿين حقيقتن ڪري، اسان جا اديب ٻي
ٻوليءَ جي ادب جو اثر تڪڙو تڪڙو قبول ڪن ٿا ۽ بين
الاقوامي ڍنگ ۾ سوچڻ شروع ڪري ڏنو اٿن. ’گوورڌن
محبوباڻيءَ‘ جو نظم ’مان انسان‘ اُن اجتماعي شعور
جو دليل آهي. ’نياز همايونيءَ‘ جو نظم ’اٿو اٿو جو
زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري.‘ موجوده دور جي بين
الاقوامي ڇڪتاڻ ۽ عالمي امن لاءِ آس جو دليل آهن.
’سراج‘ جو افسانو ’انسان ۽ ديوتا‘ دنيا جي موجوده
معاشرتي مسئلن جو حل آهي، جنهن کي بين لاقوامي رنگ
۾ لکيو ويو آهي. اسان جا موضوع اڄڪلهه اسان جي
ذاتي ۽ قومي مسئلن کان وڌي اڳتي آيا آهن. اسان جو
سنڌي اديب سڄي دنيا جي اديبن جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي،
پنهنجي سوچ ۽ صلاحيتن کي ساري انسان ذات لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو آهي. انسانيت جي گڏيل ترائي ۾ سڄي دنيا
جي اديبن سان گڏ، سنڌي اديبن جو آواز پڻ شامل آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پس منظر
جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
سڀوئي سي ٿيا، سوريءَ سزا وار
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
مون شاهه لطيف جو هيءُ شعر اُن ڪري چونڊيو جو شاهه
لطيف جي شاعريءَ ۾ اسم خاص (Proper
Nouns)
تمام گهٽ ملندا، سواءِ نيم تاريخي داستانن جي
ڪردارن جي. اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن جن کي شاهه
لطيف ان لائق سمجهيو آهي جو انهن جو نالو کڻي جيئن
ابڙو آهي، جکرو آهي، لاکو آهي. پر شاهه لطيف انهن
سڀني نالن مان ڪنهن کي به اهڙي اهميت نه ڏني آهي،
جو اهي وڻ ٽڻ جي وائي ٿي وڃن، ۽ جرتڙ تائين انهن
جي تک تنوار پهچي. اهو ڇا جي ڪري-؟ اهو ان ڪري جو
منصور جي شخصيت ئي اهڙي آهي. حسين بن منصورالحلاج-
جنهن اناالحق جو نعرو هنيو ۽ پنهنجو سر صدقي ڪيو.
تڏهن شاهه لطيف ٿو چئي ته اهو منصور هڪڙو نه هئو،
جيڪو سوريءَ تي چڙهيو. هزارين منصور آهن. جرتڙ ۾
اهي آهن. وڻ ٽڻ ۾ انهن جي وائي آهي. اها ئي
اناالحق جي وائي. تون انهن مان گهڻا ڦاهي تي چاڙهي
گهڻا چاڙهيندين.
ته دوستو، شاهه لطيف کي ڇا به چيو وڃي- گهڻا
اختلاف آهن هن جي شخصيت، هن جي خيالن ۽ نظرين جي
باري ۾، پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن. اها هيءَ، ته
شاهه لطيف صوفي هيو، ۽ وحدت الوجودي هئو.
هاڻي اچو ته ڏسون ته تصوف جي اها جيڪا وحدت
الوجودي شاخ آهي، اها هند ۽ سنڌ ۾ ڪيئن آئي، اُن
جا ڪهڙا سياسي، سماجي ۽ تاريخي سبب هئا. ان جو
ڪهڙو ضرور هيو.
وحدت الوجود جو مطلب آهي وجودن (هئڻ) جي هيڪڙائي
Unity of Existances
پرينءَ سڀ ۾ آهي. خدا هن ڪائنات کان ٻاهر ۽ الڳ نه
آهي. جيڪي فلسفي جا شاگرد آهن، انهن کي خبر هوندي
ته فلسفي ۾ ٻه اسڪول
Dualism Monoism
آهن. مونو ازم موجب ڪائنات ۽ خدا ٻئي هڪ آهن. خدا
ڪائنات کان ٻاهر ڪونهي، ۽ ڊيوئلزم جو مطلب آهي ته
خدا ۽ ڪائنات ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ٻنهي جو وجود
هڪ ٻئي کان ڌار آهي.
ته اهو تصور جيڪو مونو اِزم آهي، جنهن کي وحدت
الوجود ٿو چئجي، اُن ۾ خدا جو وجود هن ڪائنات کان
ٻاهر آهي ئي ڪونه. اها ذري گهٽ وڃي مٽيريلزم ٿي.
ته هن مئٽر ۾ ئي خدا سمايل آهي. ان کان ٻاهر ڪجهه
به نه آهي. بهرحال اهو فلسفو قديم يوناني فلاسافرن
وٽ به ملي ٿو، ته قديم هندستاني ڪتابن ويدن،
اپنشدن ۾ به آهي. قديم هندستاني فيلسوف شنڪر
آچاريه وٽ به آهي، ته قديم چيني تائو ازم
Taoism
۾ به.
منصور حلاج جو ذڪر شاهه لطيف ڪيو آهي. ان کان
پوءِ محي الدين ابن العربي ٿو اچي. اهو پهريون
عالم ۽ فلاسافر هئو، جنهن هن وحدت الوجود جي نظريي
تي، قرآن مجيد ۽ حديث شريف مان حوالا ڏيئي،
باقاعدي هڪ ڪتاب ”فصوص الحڪم“ لکيو ۽ ثابت ڪيو ته
سڀ ۾ پرين آهي. ڪائنات کان ٻاهر ڪوبه خدا ڪونهي.
سڀ ڪجهه خدا آهي. ۽ اٽڪل ست اٺ سؤ سال ڪوبه اُن
ڪتاب کي رد نه ڪري سگهيو.
بهرحال، منصور حلاج ئي پهريون شخص آهي جنهن کُليو
کلايو اناالحق جو نعرو هنيو، ۽ سوريءَ تي چاڙهيو
ويو. سڀ کان پهريون شخص، جنهن منصور حلاج تي تحقيق
ڪئي، ۽ هن جي سوانح عمري لکي، اهو آهي فرينچ
اسڪالر لوئي ماسينان.
منصور حلاج جي باري ۾ تحقيق ڪندڙن صاف لکيو آهي ته
هن جو قتل سياسي قتل هئو. مذهبي الزامن ۽ فتوائن
جو رڳو بهانو هئو. هن جي دور ۾ اميرن طرفان غريبن
تي جيڪي ڏاڍايون پئي ٿيون، منصور انهن جي خلاف
آواز اُٿاريو. وقت جي پرمار جي خلاف ڳالهايائين،
انڪري وقت جي حڪومت ۽ مذهبي اڳواڻن هن کي ڪافر ۽
زنديق ٺهرائي، هن جي خلاف مذهبي فتويٰ لڳارائي، هن
کي بي درديءَ سان قتل ڪيو. انهيءَ ئي منصور جي
نالي، جنهن جو اصلي نالو حسين بن منصور حلاج هئو،
شاهه لطيف چيو آهي:
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
هاڻي اچو ننڍي کنڊ تي- مان ان معاملي ۾ ٿورو تفصيل
۾ وڃڻ ٿو چاهيان. ته برصغير ۾ پهريون پهريون آريا
آيا. انهن آرين، جيڪي هتان جا مقامي يا لوڪل ماڻهو
هئا، اُنهن کي اڻ آريو يا اڻ سڌريل چيائون. انهن
لاءِ تعليم منع هئي. هنن کي ويد ۽ پُران پڙهڻ نه
ڏنائون ۽ چيائون ته اُهي ان لائق ئي نه آهن جو
پڙهي سگهن. انهن کي تمام هيٺئين درجي جو ڪم
ڏنائون. پاڻ قابض ۽ حڪمران رهيا. ته ان وقت حاڪم
قوم، ۽ محڪوم قوم ڌار ٿي پئي. حاڪم قوم ٻاهران آيل
ماڻهو هئا، ته محڪوم قوم مقامي يا ملڪي ماڻهو.
اُن کان پوءِ گوتم ٻُڌ آيو. گوتم ٻڌ ويدن واري يا
هندن واري انهي طبقاتي (ڪلاس) سسٽم جي خلاف هڪڙو
انقلاب آندو. هن جي تعليم به سيڪيولر هئي. هن چيو
ته هن حياتيءَ کان پوءِ ٻي ڪا حياتي آهي يا نه.
مان اُن لاءِ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان، پر گهٽ ۾
گهٽ هيءَ حياتي جيڪا توهان کي ملي آهي، انهيءَ کي
ته سجايو ڪريو. انهيءَ کي ته پاڻ ۾ جنگ جهيڙو ۽
فساد ڪري خراب نه ڪريو. هڪ ٻئي سان پيار ڪريو، هڪ
ٻئي سان مِٺ محبت سان هلو. هڪ ٻئي کان نفرت نه
ڪيو. ڪوبه شودر گهٽ ڪونهي، ڪوبه برهمڻ مٿي ڪونهي.
اها هئي گوتم ٻُڌ جي تعليم.
تنهن کان پوءِ مسلمان آيا. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ
۾ آيو، ته چچ نامو لکي ٿو ته محمد بن قاسم اچڻ سان
سنڌ ۾ ٽئڪس جا ٻه اگهه مقرر ڪيا.. هڪڙو اگهه
مسلمانن لاءِ، ته ٻيو اگهه غير مسلمانن لاءِ..
جيڪي غير مسلم هئا، انهن کي وڌيڪ ٽئڪس ڏيڻي پوندي
هئي. اهو هڪڙو
Incentive
هئو، جيئن مقامي ماڻهو مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿين،
ٽئڪسون بچائڻ جي لاءِ.
بهرحال اها ڳالهه اتي جو اتي رهي. تنهن کان پوءِ
محمود غزنوي آيو. يا ٻيا جيڪي به حمله آور آيا،
اهي ايندا ويا ۽ واپس ويندا رهيا. تان جو دهلي
سلطنت قائم ٿي، ۽ قطب الدين ايبڪ پهريون شخص هو،
جنهن اها سلطنت قائم ڪئي ۽ ان کان پوءِ حڪمران
مستقل طور دهليءَ ۾ رهڻ لڳا.
مسلمان فاتحن ۽ حڪمرانن پاڻ سان گڏ جيڪي فوجون
آنديون، انهن جا فوجي به هن سرزمين جا نه هئا. اهي
ٻاهريان هئا. مثلاً افغان هئا، مغل هئا، يا ايراني
هئا. ته انهن حڪمرانن پنهنجي انتظام لاءِ سڄو ملڪ
فوجين ۾ ورهائي ڇڏيو. يعني هڪڙو ساڳيو ماڻهو جيڪو
فوج جو جنرل به هئو، ته ساڳيو ماڻهو انتظامي طور
گورنر به هئو. ۽ وري ساڳيو ئي ماڻهو جاگيردار پڻ
هئو. يعني ٽي طاقتون هڪ ئي ماڻهوءَ وٽ اچي ڪٺيون
ٿيون. بيورو ڪريٽ به اهو ته فيوڊل به اهو ته آرمي
جنرل به اهو. انهن کي حڪمرانن جاگيريون ورهائي
ڏنيون. ڀلي وڃي هنن جاگيرن جي هارين ۽ ٻين ماڻهن
کي ڦريو لٽيو، پر هر سال سرڪاري خزاني ۾ هيتري رقم
ڏيندا رهو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ اهو طريقو هئو. |