سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :9

– حسام الدين

....3....

* مورخ 1954ع

عزيزم، السلام عليڪم: سلطان شاهه هٿ خط موڪليو هيم، اوهان ڪونه هوا تنهن ڪري ڪنهن ٻئي ڇوڪري جي حوالي ڪري آيو ته اوهان کي پهچائي. معلوم نه آهي ته خط پهتو يا نه. خط جو مختصراً مطلب هي هيو ته: (1) جويي صاحب پريسن جي سلسله ۾ جيڪو نئون انتظام ڪيو سو اطمينان جي قابل آهي يا نه؟ (2) جنهن ماڻهوءَ لاءِ اوهان کي ضرورت هئي ان جي سلسلي ۾ سفارش جيڪڏهن هئي ته اوهان کي پسند آهي. اهو اهم سوال آهي. منهنجي خيال ۾ اوهان پنهنجي مرضيءَ ۾ پسند تي مقرر ڪيو ته اهو بهتر ٿيندو. ان ڪم ۾ هم مذاق ماڻهوءَ جو هجڻ از بس ضروري آهي. جواب جي جلد عنايت ٿئي.

مان بورڊ جي ڪم کان ڪناره ڪشي ڪرڻ گهران ٿو، ذاتي معاملات سبب، اوهانجي صلاح ڇا آهي؟                 - حسام الدين

....4....

* مورخ 16 آڪٽوبر 1969ع، ڪراچي

برادرم عزيز،

خط پهتو، ان کانپوءِ ٻي بجه ٽاڪ منجهند جو اچڻ ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل هيو. ڪوبه شريف ماڻهو ان وقت بستري کان ٻاهر هوندو آهي؟

مان هتي پهچڻ بعد 10 – 12 ڏينهن ته خوش رهيس، ان کانپوءِ بخار زڪام کنگهه ڦڦڙ ۽ ٻيا لاڳ سڀ خراب. اڄ پندرهون ڏينهن آهي 3 سو رپيه خرچي ويٺو آهيان اڃان طبيعت صاف نه ٿي آهي. اهي آهن حال هتي پهچڻ بعد.

هاڻي عرض هي آهي ته آءٌ مستقل سڄي اهل سميت حيدرآباد ۾ رهڻ گهران ٿو. هتان جي آب و هوا قطعي سازگار نه آهي. مهرباني ڪري منهنجي لاءِ ڪنهن اهڙي جاءِ جي ڳولا ڪيو جيڪا سڀني لاءِ ڪفايت ڪري سگهي ۽ ساڳي وقت ڪرايو به ايترو هجي جو ڀري سگهان. اوهان ڪڏهن ايندا.                      – حسام الدين

....5....

* خط مورخ 20 جنوري 1961ع، ڪراچي

برادرم ڊاڪٽر صاحب،

موڪلائڻ واري ڏينهن ڏاڍي ڪوشش ڪيم ته اوهان سان ملان ليڪن رات جو غير حاضر ۽ ڏينهن جو يونيورسٽيءَ ۾ مصروف هيا. اوطاق تي اچي، آفيس ۾ ويهي، ميوزم واري بلڊنگ جي اڳيان انتظار ڪري هوٽل تي آيس جتان 30 – 3 بجي ڪراچيءَ ڏانهن روانگي ٿي.

اوهان جي مهرباني، ڪرم فرمائي ۽ محبت آميز سلوڪ لاءِ احسانمند آهيان. خدا اوهان کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي، صحت ۽ عافيت ڏي، عزت ۽ اقبال جا سڀ مدارج عطا فرمائي.

ڪالهوڪو ڏينهن سڄو ٿَڪُ رهيو ليڪن اڄ چاق چوبند آهيان. موٽندي نون صاحب جي خدمت گراميءَ ۾ حاضري ٿي. غالبا 5 تاريخ ٺٽي اوهان ۽ اسان سڀ ملون – ممتاز حسين صاحب، ڊاڪٽر خان صاحب وغيره.

22 تاريخ ڊاڪٽر باقر وارا هتي ميٽنگ ڪري رهيا آهن، اميد ته اوهان صاحب شريڪ ٿيندا. جيڪڏهن انهيءَ موقعي يا ٻئي موقعي تي اچڻ ٿئي ته هالن مان ورتل لڪڻ ۽ اوهان جيڪو غاليچو منهنجي لاءِ ورتو هوندو سو کنيون ايندا. ازانسواءِ هڪ بهترين اجرڪ يعني سٺي ڪپڙي ۾ سٺي نقشي وارو پڻ ورتيون ايندا.               – حسام الدين

.....6.....

* خط مورخ 1960ع، ڪراچي

برادرم محترم،

مسز انيس مرزا ڇنڇر جي صبح جو هتي ايندي. اوهان ۽ نون صاحب سان ملندي. اوهان ٻئي بزرگ سندس امداد ڪندا. ڀايان ٿو اوهان ڇنڇر آچر گهڻو ڪري ڳوٺ ويندا آهيو. جيڪڏهن هن دفعي ضرورت هتي رهڻ جي پوي ته اوهان رهڻ جي قرباني فرمائيندا جو مائي جي هر حالت ۾ امداد ڪرڻي آهي. جي اوهان هوندا ته سندس منه ماڙ کي ٽيليفون ڪري چئي ڇڏيو آهي. سندس نمبر هي آهي. پنهنجي لاءِ نون صاحب سان ٻئي دفعي لاءِ گڏجي ڳالهائبو.                                 - حسام الدين

....7....

* خط مورخ 1957ع، ڪراچي

برادرم عزيز،

السلام عليڪم: گرامي نامه پهتو. مظهر شاهجهانيءَ (دستور العمل) جو نسخو عنقريب گهرائيندس. اڄ سڀاڻ اڳيون نسخو واپس ڪندس، اوهان جي عنايت جو علمي تعاون فرمايو اٿو، منهنجي لکڻ تي ڊاڪٽر عبدالله چغتائي پڻ اهڙو ئي اطلاع ڏنو هيو.

سڀاڻي بورڊ جي ميٽنگ آهي. مان به شايد ٻن ٽن ڏينهن بعد 4 – 5 ڏينهن لاءِ حيدرآباد اچان، تار رستي اچڻ جو اطلاع عرض رکندس.

شيخ محبوب سان ٽيو ڏينهن کان جنگ جوٽي هيم، آخر ڪالهه کان منهنجو ڪم هٿ ۾ کنيون آهي ۽ 4 – 5 ڏينهن ۾ ڪتاب مطلوبه کنيون ايندس. پاڪستان جي ثقافتي سلسلي ۾ جيڪو ڪتاب چيو هيو سو پڻ ورتيون ايندس. اڃان وٺي ڪونه سگهيو آهيان. قاضي صاحب جن ته خير سان سفر اسيا، حبيبي صاحب لاءِ ڇا سوچيوَ.   – حسام الدين

....8....

* خط مورخ سنه 1957ع، ڪراچي

عزيزي،

السلام عليڪم: ڪارڊ پهتو، نوازش. مونکي ڇڙو ”معايير“ خريد نه ڪرڻو آهي ليڪن

معجم البلدان

نزهته القلوب

سيرت ابن هشام

معايير اشعار العجم

ليڪن چونڪ بيڪ وقت سڀني کي خريد ڪرڻ جي گنجائش ڪانه ٿي ٿئي تنهنڪري سهوليت سان هر هڪ ڪتاب جدا جدا گهرايان ها - ۽ اڃان به ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان مثلاً معابير جون، ۾ معجم ۽ نزهته جولاءِ ۾ ۽ اهڙي طرح آگسٽ ۾ سيرة.

جيڪڏهن استاد (ميمڻ) صاحب کي منظور هجي ته سندس وڌيڪ نوازش، ورنه دعاءِ خير جو طالب آهيان. ليوزڪ وٽ گب ميموريل جي ڪتابن جي وڌ ۾ وڌ قيمت ڏيڍ پائونڊ آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 8 شلنگ.

جيڪڏهن استاد محمدوح انهيءَ سودي ڪرڻ لاءِ تيار هجي ته سندس احسان مون ڏي معابير موڪلڻ فرمائي. باقي ڪتاب به گهرائيندس.

پنهنجي نالي جي تصحيح جو به شڪر گذار آهيان، ليڪن مان ته هميشه ح کي پيش ڏيندو آهيان، مان نٿو ڀانيان ته مونکان ڪا اهڙي غلطي ٿي هجي. بهرحال ممنون احسان. 1 – 2 – 3 نمبر ڪتاب پنهنجي لاءِ مخصوص ڪرڻ فرمائي کين عرض ڪندا.        - حسام الدين

....9....

* مورخ ...... ماسڪو (روس)

برادرم محترم، ڪالهه تار پهتي، دل کي جهبو آيو ۽ دل مان اوهان لاءِ دعائون نڪتيون، رب ڪريم اوهان جو نگهابان آهي، جتي هجو اتي شال خوش رهو، باعزت ۽ باآبرو رهو.

اڄ منهنجي ڄمڻ جو ڏينهن آهي 65 ورهه زندگيءَ جا پورا ڪيم. رب ڪريم هن وقت تائين آبرو ۽ عزت سان رکيو آهي ۽ ڪمن ۾ مشغول رکيو اٿائين، ڪنهن جو محتاج ڪونه ڪيو اٿائين، آئنده باقي جيڪي عمر بچي آهي شال پنهنجي مهر سان اها به ائين گذري. دعا ڪندا.

سڀاڻي صبح جو آپريشن آهي دعا ڪريو ته خير سلامتيءَ سان ٿي وڃي. اندازو اهو آهي ته 14 – 15 آڪٽوبر جي هتان اسپتال مان نڪرندس. زخم ڇٽي ۽ علاج ٿئي شايد ايترا ڏينهن لڳي وڃن. پورو هڪ مهينو تشخيص ۽ تحقيق ۾ ورتو اٿن. سر کان پيرن جي ننهن تائين هر شيءَ کي جاچيو اٿن. وڏي احتياط ۽ هر طرح جي يقين بعد آپريشن ڪن ٿا. سڄي روس ۾ اسپتال اول درجي جي آهي، شهر کان ٻاهر آهي ۽ هڪ شهر جي مانند آهي. علاج جي سلسله ۾ هر مشين ۽ هر ڪو سامان هنن وٽ موجود آهي. هتي علاج تي ڪو خرچ ڪونه ٿو ٿئي. دنيا جي هر ملڪ جا ماڻهو هتي علاج لاءِ موجود آهن، بشرطيڪ سندن هم خيال هجن. اهو وڏو اعزاز آهي جو مونکي هن اسپتال ۾ رکيو اٿن. ورنه ناممڪن آهي ته هتي ڪو داخل ٿئي. مرحوم دهلوي صاحب چند ڏينهن ٿيا ته بون (جرمني) ۾ انتقال ڪيو. هتي جڏهن هيو انوقت ڏيڍ سال ڪوشش ڪيائين ته هتي داخلا مليس ۽ علاج ٿئيس ليڪن اجازت نه مليس.

بهرحال رب ڪريم بظاهر ته بهترين موقعو ۽ مهل علاج جو مهيا ڪري ڏنو آهي، اڳتي شفايه سندس هٿ ۾ آهي. آءٌ وري به توهان جي همدرديءَ جو دل و جان سان شڪريو ادا ڪيان ٿو. اسلام آباد جي روشنين کي سلام ڏيندا. داني، قائم، رضي الدين وغيره وغيره.

سنڌ جي سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ جا هت تنهائي ۾ گهڻا خيال آيا نيون نيون سوچون ذهن ۾ آيون، ليڪن وسيلا ڪونه، ادارا احمقن جي هٿن ۾، نااهل برسر اقتدار، اسان محتاج انهن جا، ڇا ڪجي؟ شايد دنيا جو ڪاروبار هميشه ائين ئي رهيو آهي!                     - حسام الدين

.....10....

خط مورخ 10 فيبروري 1977ع

برادرم مڪرم و محترم جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اوهان ٽيو ڏينهن اهڙي وقت آيا جو آءٌ نه هيس. اڄ ڪلهه ڊاڪٽرن جي چڪر ۾ آهيان. ريڊيو ٿراپي ٿي رهي آهي، 5 هفتا هلندي. گهر موٽي اچڻ تي ڪارڊ مليو. افسوس ٿيو، ٻئي ڏينهن صبح جو آثار قديمه جي مهمان خانه ۾ پهتس اوهان سويل اسلام آباد اسهي ويا هئا، تنهن ڪري نااميد ٿي واپس آيس، عرض ڪيو اٿم ته ڪراچيءَ اچڻ ٿئي ته اڳ ۾ اطلاع ڏئي پوءِ اچو جو آءٌ موجود هجان، ۽ واندڪائي ۾ ڪچهري ڪيون. زندگي جي خبر ڪانه آهي، هنن ڏينهن کي غنيمت ڄاڻجي.

مونکي دعا ڪندا آءٌ وڏي زحمت ۾ آهيان، رب ڪريم پنهنجو فضل ڪري ۽ شفا بخشي. منهنجي ڪوتاهين کي شال حساب ۾ نه وٺي پنهنجي رحمت ۽ لطف کان ڪم وٺي.              - حسام الدين

.....11.....

* مورخ 6 آڪٽوبر ........

برادر مڪرم جناب ڊاڪٽر صاحب،

عرض ته مولانا ابو سلمان شاهجهان پوري، مولانا سني تي ڪم ڪري رهيو آهي. علمي ذوق اٿس ۽ مولانا سني سان عشق. اوهان سندس مقصد ٻڌي رهنمائي فرمائيندا. آءٌ ذاتي طرح به ٿورائتو ٿيندس. اميد ته خيريت هوندي.

- حسام الدين راشدي

.....12.....

 خط مورخ 21 فيبروري 1957ع

برادر عزيز،

السلام عليڪم: اميد ته خيريت هوندي. گذارش آهي ته مقالات الشعرا جي سلسله ۾ ”امير شاهه قاسم خان زمان“ جي سوانح اندر بيگلارنامه جي هڪ عبارت جي ضرورت آهي.

بيگلار نامه ۾ شاهه مذڪور جي پيدائش جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته 2 تاريخ هن جو پيءُ همايون جي جنگ ۾ مري ويو ۽ شاهه 2 تاريخ پنهنجي ماء سان گڏ انجي عزيزن وٽ وڃي رهيو. انهيءَ ڳوٺ جو نالو ۽ عبارت مقالات ۾ هن طرح آهي.

”حضرت خان زمان، باعشابر واقارب خود، مردم بتي، در ”ته کوسٺه“ که سکونت داشتند“

اها عبارت بيگلارنامه مان ورتل آهي. تڪليف فرمائي، جيڪي نسخه اوهان وٽ آهن انهن مان اها عبارت نسخن جي حوالان سان ورندڙ ٽپال ۾ عنايت فرمائيندا. اوهان انهيءَ ڳوٺ جي نالي تي ڪا تحقيقات ۽ راء وريسه والي عمرڪوٽ جي سلسله ۾ ڪا معلومات حاصل فرمائي هجي ته اها به ورندڙ ٽپال ۾ موڪليو. هي عريضه تار ڄاڻيندا.

- حسام الدين

....13....

* خط مورخ 22 مارچ

برادر محترم،

السلام عليڪم: ڪالهه معافي نامو مليو، دل تان بوج لٿو، خدا اوهانکي سلامت رکي. شال محبت ۽ دوستي زندگيءَ تائين سڀني نازڪ مرحلن مان لنگهي پار پوي. ڪالهه کان ذهن ۾ سڪون آهي.

ڪتابن جي سلسلي ۾ البته ڪاميٽي ٺهي ورنه اجايو خرچ، ۽ صرف وقت جو زيان ٿيندو. اردو ڪتابن جو سنڌي ترجمو غلط آهي، سيرت ۽ ٻين ڪتابن کي هرڪو سنڌي پڙهي سگهي ٿو. سنڌ تي لکيل انگريزي ڪتابن جا ترجما يا ٻين بهترين ڪتابن جا ترجما جيڪي موجوده ملڪي ۽ ٻين علمي ۽ ذهني معاملن ۾ مدد ڏين ٿيڻ کپن.

ڪي بلڪل غير مناسب ۽ غير موزون ڪتاب ڇپجڻ لاءِ تيار ٿي رهيا آهن. بهرحال اهي سڀ مسئلا ۽ معاملا آهن. جي اصلاح ٿئي ته واه، ورنه سمجهنداسين ته امت مرحومه جي هر منصوبه وانگر اهو منصوبو به درهم برهم ٿي ويو.

خوش درخشه ولي! دولت مستعجل بود. اوهان انهن سڀني ڳالهين تي هڪ نهايت هي اوچي اديب ۽ عالم جي حيثيت ۾ جيڪا اوهان کي خدا جي مهربانيءَ سان نصيب آهي. غور فرمائيندا.

- حسام الدين

.....14....

* خط مورخ 28 ڊسمبر

عزيزي، السلام علڪيم:

ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏانهن، وري واءُ وريوم،

سارو ڪاڄ سريوم، ڄڻ هاڻي گڏيس هوت کي.

مان ٻن ٽن ڏينهن کان خط لکڻ تي سنبريس ٿي ته ڪالهه اوهانجو قرب نامو اچي پهتو. رب ڪريم اوهان کي خوش و خورم رکي. سوين احسان لکين قرب، هن غريب الوطنيءَ ۽ هن بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڏهن ڪڏهن سار سنڀار ته لهو ٿا. هن دور ۾ ايترو به ڪير ٿو ڪري. احوال پڙهي دل کي خوشي ٿي. منهنجي حالت ٻڌو، نروس بريڪ ڊائون، جيئن هارٽ وڏي ٿي تيئن شروع ٿي. ڪڏهن گهٽ، ڪڏهن وڌ، ليڪن ٻيو دفعو جڏهن هتي پهتس انوقت کان وٺي قطعي مايوس ٿي بار بار خودڪشيءَ ڪرڻ جو ارادو پيدا ٿيو، حالت اهڙي خطرناڪ هئي جو اهو خطرو علي محمد شاهه کي به ٿيو، ۽ هن مونکان لڪائي پنهنجا هٿيار جيڪي منهنجي ڪمري ۾ رکيا هوا اتان ڪڍي ڇڏيا. انهيءَ عذاب سان گڏ نه ڏينهن جو ننڊ نه رات جو، سليپنگ پلس روزانو ڊاڪٽر ڏيندم تڏهن ٿي اک لڳي. سيپٽمبر جي پوئين هفته ۾ منهنجي ڊاڪٽر مونکي نيون گوريون ڏنيون جن جو نالو آهي Niamid اڃان اهي گوريون زير تجربه آهن، مارڪيٽ ۾ ڪونه آيون آهن، انهن گورين کان پوءِ شايد ڊاڪٽر به مون مان مايوس ٿي وڃي ها. رب ڪرم ڪيو، گورين اهڙو اعجاز ڪيو جو ڪاڏي وئي نروس بريڪ ڊائون ۽ ڪاڏي ويون ٻيون ڳالهيون. اٿي کڙو ٿيس، اڄ ٽيون مهينو ٿيو آهي جو اهي گوريون استعمال هيٺ آهن، ۽ هاڻي ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿيو آهيان، انهن گورين جي وٺڻ بعد 15 ڏينهن کانپوءِ اهو پهريون مضمون لکيم جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هوندو. هاڻي روزانو اڳي وانگر صبح جا ساڍا ٽي ڪلاڪ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪيان ٿو، ڊاڪٽر وري جنوري جي 9 تاريخ منهنجي دل ۽ دماغ کي چڪاسيندو. ڊاڪٽر چون ٿا ته لکندڙ پڙهندڙ ماڻهو کي جڏهن هارٽ اٽيڪ ٿيندي ته انهيءَ سان گڏ انهي ۾ ٻه بيماريون ڏٺيون ويون آهن ته لازمي ٿين ٿيون، نروس بريڪ ڊائون ۽ ننڊ جو نه اچڻ.

عارضو ننڊ جو اڃان باقي آهي رات جو خواب آور دوا سان 2 – 3 ڪلاڪ ننڊ اچي ٿي باقي سڄي رات اکين ۾ ٿي گذري. 17 سيپٽمبر 1958ع کان وٺي خواب آور شين جو روزانو رات جو استعمال ڪندو رهان ٿو. اوهان خود اندازو ڪيو ته اهو ڪيڏو نه وڏو عذاب آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بروقت ڪراچيءَ جي ڊاڪٽر غلطي ڪئي جو هنن مونکي سخت قسم جون خواب آور شيون ڏنيون، ورنه ايتري مدت تائين اها بيماري شايد نه هلي ها. ساڳي دوا (Niamid) سندن چوڻ آهي ته عنقريب ننڊ به آڻيندي. جنهن ڏينهن ننڊ آئي، ان ڏينهن مان منيلا جا وڻ ڇڏيا. دعا ڪريو رب انهيءَ مان جند ڇڏائي. دل جي حالت درست آهي، ليڪن نارمل صورت ۾ اچڻ لاءِ اڃان ٻئي سال علاج هلندو رهندو. گيهه، ماني، چانور ۽ ٻيون اهڙيون شيون صفا بند، بلڪ هميشه لاءِ بند فقط اٻاريل گوشت ۽ اٻاريل ڀاڄيون. خير اهو به شڪ آهي، زندگي ته في الحال بچي، باقي بيماريءَ کان به رب نجات ڏيندو.

حضرت محترم قاضي صاحب جج جي سلسله ۾ بورڊ نهايت موزون، مناسب ۽ ضروري فيصلو ڪيو آهي. کين اوهان منهنجي طرفان پلئو پائي رب جو واسطو وجهي عرض ڪيو ته اها دعوت قبول فرمائين.

شاهه جي سڄي رسالي جي ترجمه جي ضرورت نه آهي البته بهترين انتخاب علامه موصوف جن ڪن ۽ اسان لاءِ اهو ورثو ڇڏي وڃن. شاهه کي اهڙو مترجم ۽ شارح ڪٿي نصيب ٿيندو. کين ۽ بيگم صاحبه جن کي منهنجي طبيعت جو احوال پڻ ٻڌائجو ۽ کين عرض ڪجو ته:

دورم بصورت، از در دو تسرائي دوست ليڪن بجان و دل، زميقيان حضر تم.

مونکي شاهه جو هڪ يا ٻه بيت کپن جن ۾ ”سر“ بمعنيٰ واهڙ، چشمي، يا تلاء جي ڪتب آيو هجي. مهرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ موڪليندا.

        – حسام الدين

....15....

*خط مورخ ........

برادر عزيز، هن کان اڳ عريضو لکيو اٿم، جواب ندارد، شايد اوهان مصروف آهيو، اڳين صنف جو جواب عنايت ڪندا. هيٺيان فوٽا گهرجن:

ميان آدم شاهه سکر واري جي مقبره جو فوٽو

ميان شاهل محمد جو مقبرو، لاڙڪاڻه

ميان نصير محمد جي مقبري جو فوٽو. جوهي

ميان عبدالنبيءَ جي مقبره جو فوٽو جيڪو توهان ڪڍيو هيو.

شاهه محمد مڪئي جي قلعه جو سمورو فوٽو

حيدرآباد جو قلعو، عام خوبصورت منظر.

انهن فوٽن جا جي نگيٽو هجن ته اهي موڪليو، مان هتي اندراج ڪرائي نگيٽو حفاظت سان اوهان ڏي موڪليندس.

عطر خان جي قبر سان ٻئي ڪهڙي ڪلهوڙي جي قبر آهي، اهو به لکندا. – حسام الدين

.....16.....

خط مورخ 20 فيبروري 1966ع

برادر مڪرم، جناب ڊاڪٽر صاحب،

ٻه ڪتاب فوري گهرجن جيڪڏهن عنايت ٿيندي ته آءٌ شڪر گذار رهندس.

1 . خريتر واري، پورن تعلقات ته مهان ڇپرائي آهي. (؟)

2 . سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ اوهان جي تصنيف آخري ايڊيشن.

اهي ٻئي ڪتاب رجسٽرڊ ڪري موڪليو. آءٌ موسيقي جي سلسله ۾ لکيل ڪتابن لاءِ ڪوشان آهيان، اميد ته جيڪي هٿ آيو سو پيش ڪندس.

- حسام الدين

....17.....

* خط مورخ 20 فيبروري 1966ع، منيلا

عزيزم، السلام عليڪم: محبت نامه پهتو، غريب الوطنيءَ، دوستن کان دور افتادگيءَ ۽ بيماريءَ جي عالم ۾، اوهانجي خط ڏاڍي تسڪين ڏني، اوهان جون علمي مشغوليون پڙهي دل مان دعائون نڪتيون، رب ڪريم رحمتون ڪري توهان تي. پنهنجي صحت جو خيال رکندا ڪجو. لغت، شاهه جو رسالو ۽ فوڪلور اوهان پورو ڪيو، ڄڻ سنڌ سڄيءَ کي پاڻ وٽ گروي ڪري ڇڏيو. ڪوبه ٻيو ماڻهو ڪونه آهي جو اهي ڪم سرانجام ڪري.

مان بظاهر خوش آهيان، زخم دل جو مندمل ٿيو آهي، ليڪن زخم جو نشان باقي آهي، جڏهن اهو نشان وڃي تڏهن ڊاڪٽر مونکي صحتمند سمجهن، سو خدا ڄاڻي ڪڏهن! عام وقت 12 مهينا آهي، جنهن مان ڇهون مهينو 17 کان شروع آهي، غالبا 8 مهينن بعد خطرو لهي وڃي. اها حالت آهي، آخر ته دلجو زخم آهي، افسوس جو ڪنهن شاعر کي دلجو درد ڪونه ٿيو آهي، فقط رسمي طرح ٻڌ سڌ تي پيا پنهنجن شعرن ۾ اهو داستان ٻڌن. الامان والحفيظ! جي سچ پچ ڪنهن کي ٿئي ته هوند وري ڀلئي به نالو نه کڻي. اهڙو سخت ۽ اهڙو شديد ٿئي ٿو. اوهانجون ڪچهريون رب قائم رکندو. خير خوبيءَ سان شل اهو ڪم سرانجام ٿيندو. ادبي بورڊ جي ميٽنگ ڇونه ٿي آهي، سڀئي اچي فيلسوف گڏيا هوندا خبر نه آهي ڇا ڪري اٿندا.

شاهه جي رسالي جو ترجمو ۽ مقدمو (شيخ اياز وارو) ختم ٿيو. جويه صاحب جي حوالي ڪيو اٿم ته حضرت قاضي صاحب جي حوالي ڪري، هن وقت غالبا جوش مليح آبادي وٽ راءِ لاءِ موڪليل هوندو. بهرحال هفته عشره ۾ اوهان وٽ ايندو، خدا جي نالي نااهليءَ وٽس وڃڻ نه ڏجو، ڪٿي سڄي محنت ئي رائگان نه وڃي.

ذهني طرح سان هن شهر (منيلا) سان ڪا مناسبت نظر نٿي اچي، سائين ميران محمد شاهه هجي تي شايد هتي خوش رهي. بهرحال راشدي صاحب جو آءٌ به شڪر گذار آهيان جو هن ٻوسٽ ۽ بيماري واري ماحول مان ڪڍي هتي آندو ۽ کلي هوا ۾ آندو. رب ڪندو عنقريب خير سان وطن واپس ورندس.

تازو ڪڇ تي هيٺيون ڪتاب نڪتو آهي.

The Black Hills

KuTch

In History of legends

By

L.F Rushrook William

منجهس سنڌ ۽ ڪڇ جي تعلقات تي ڪافي معلومات آهي، ڪٿي ملي ته وٺجو. هتي راشدي صاحب جي ذخيره ۾ پڙهيو اٿم. فيبروري واري تاريخي ڪانفرنس ۾ منهنجو به ارادو هيو ته مقالو پڙهان، ليڪن هي حالت ٿي پئي. خدا کي جيڪا شي منظور ان ۾ بندو به راضي.

اوهان پنهنجن ڪچهرين ۾ ٽيب رڪارڊ کيون ويندا. مسيح الزمان کي چوندا ته اهو به توهانجي مدد ڪندو. انهن ڪچهرين کي رڪارڊ ڪندا رهو ته بهتر. جناب قاضي صاحب قبله جي خدمت ۾ دست بسته سلام ۽ دعا لاءِ التجا. سلام سڀني عزيزن ۽ اصحابن کي.

– حسام الدين

....18....

* خط مورخ 17 مئي 1966ع

برادر مڪرم،

السلام عليڪم: آءٌ 15 تاريخ هتي واپس پهتو آهيان. سفر سنجيدو هيو. الحمدالله، اميد آهي ته اوهان ڏانهن خيريت هوندي.

هڪ دفعي اوهان مونکي بابر جو هڪ وثيقو يا فرمان ڏيکاريو هيو. اوهان کي ڇاپڻ جو ارادو هيو. خبر نه آهي ڇا ٿيو. ڇپيو هجي ته ڪاپي، ورنه ٻيءَ حالت ۾، جيڪڏهن مناسب سمجهو، ته فوٽن جي ڪاپي موڪلڻ فرمائيندا. آءٌ علم اخلاق مطابق، ڪٿي به انهيءَ فوٽي کي ڪتب نه آڻيندس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org