سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :28

- مولابخش سانگي

محترم محب الله شاهه

پير جهنڊو، تعلقو هالا (24 جنوري 1945ع)

جامع الفضائل خاص دوست با اخلاص ميان نبي بخش صاحب

بعد السلام عليڪم و رحمته الله و برڪاته خيريت طرفين من جانب الله تعاليٰ مدام مطلوب، مقصد ته توهان جو مڪتوب محبت اسلوب مليو دل کي از حد مسرت حاصل ٿي ياد آوري لاءِ بيحد شڪريه. مون کي پاڻ توهان جي خط جو گهڻو اشتياق ۽ انتظار هو مگر ان ڳالهه جو پتو بلڪل نه ٿي پئجي سگهيو ته ڇو  الائجي اڃا تائين ڪوبه خط نه آيو آهي مگر الحمد الله خط ملڻ کان بعد سڀ انتطاري دور ٿي وئي.

توهان لکيو آهي ته مون اخبار adiance وي پي ڪري موڪلي آهي. اها ڳالهه به بلڪل گهڻي باعث مسرت جي آهي مگر افسوس جو وي پي مون کي اڃا تائين موصول نه ٿي آهي. ڇا سبب آهي؟ غالباً توهان ايڊريس ۾ ضلعو نوابشاهه وڌو هوندو  خط ان ڪري مون کي دير سان مليو آهي. ايڊريس اها صحيح آهي جو مون چوٽي تي لکي آهي، اميد ته اڳتي ان ئي ايڊريس تي لک پڙهه ڪندا. اخبار جي پڇا ڳاڇا ڪندا ۽ پوءِ وري مون ڏي ارسال ڪندا. مون کي تمام گهڻو انتظار ٿي بيٺو آهي ته متان رلي رلي وري توهان ڏي واپس آئي هجي ۽ توهان اهو انومان ڪڍيو هجي ته شايد اها وي پي مون وصول نه ڪئي. اميد ته ورندڙ ٽپال ۾ تفيصل احوال کان واقف ڪندا ۽ پنهنجي خيريت جو احوال به ڏيندا جيڪڏهن ڪو ڪتاب قابل مطالع نظر اچي ته ان بابت به مطلع ڪندا.

والسلام خير الختام

- محب الله شاه عفي عنه

محترم مظهر قاضي

3 جنوري 1967ع، لنڊن

بخدمت ڊاڪٽر بلوچ صاحب آداب،

اسلام عليڪم،اميد ته سائين جن خير سان حيدرآباد پهچي ويا هوندا ۽ هاڻ ڪجهه موڪل وٺي آرام ڪندا جو ڪافي ڀڄ ڊڪ ڪئي آهي اوهان گذشته ٽن مهينن ۾.

فرانس، ترڪي، عراق، ايران ۽ افغانستان جو سير ڪيئن رهيو ۽ اوهان جنيوا ۾ ڪيترو وقت رهيا ۽ ڪهڙي شخصيتن سان مليا؟ اميد ته اوهان کي سير ۽ گشت جي دوران ڪا به تڪليف درپيش نه آئي هوندي.

مان ٻه هفتا کن ٿيا جو جاءِ بدلائي آهي ۽ هاڻ nw ڪالوني ۾ آيو آهيان. ڪمرو مليو آهي. فليٽ تمام مهانگا آهن. لهذا في الحال گذر ننڍڙي ڪمري ۾ ڪبو.  ڪمري ۾ ئي ڪُڪر ۽ سِنڪ وغيره آهن! ڪاليج ڪرسمس جي ڪري بند آهي ۽ هاڻ سومر 9 جنوري تي کلندو.

جناب صوفي صاحب سان اڃا تائين ملاقات نه ٿي آهي جو سفارتي تعلقات عارضي طور تي ختم ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر روهيءَ جي بيگم صاحبه شايد وچ ۾ اچي صلح ڪرائي. خير اميد ته صوفي صاحب جن بلڪل خوش هوندا.

هت سردي شروع ٿي وئي آهي ليڪن اڃا برف نه وسي آهي ۽ نه ئي امڪان آهي. ويجهڙائي ۾ ڏينهن ۽ رات هڪ برابر آهن جو انڌيرو ئي انڌيرو ڇانيل رهي ٿو.

محبوب وطن جي باري ۾ ڪجهه لکندا اميد ته سنڌڙي شاد ۽ آباد هوندي ۽ سنڌي ڀائرن ۽ پاڪستاني ڀائر سڀ سڪون ۽ آرام ۾ هوندا. منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته ضرور حڪم ڪندا.

ادا فضل الحق صاحب سان اگر ملاقات ٿئي ته کيس منهنجا آداب ڏيندا، از انسواءِ منهنجي بابت سربستو احوال نه ڏيندا جيئن سندن الڪو دور ٿئي. آخر ۾ سڀن دوستن لاءِ ۽ اوهان سڀن لاءِ دعا، سلام ۽ آداب صرف حب سان.

- مظهر قاضي

محترم حڪيم پيرمعين الدين خياروي

شهر نوابشاهه (مؤرخ 7 آڪٽوبر 1965ع)

سائين ڊاڪٽر ميان نبي بخش خان صاحب،

بعد سلام سنت سيد الانام عليه الصلوات والسلام عنايت نامو نامي صحفيه گرامي ڪه ازروءِ شفقت مهرباني بمع ڪتاب فتحنامه سنڌ عرف چچنامه پهتو. هڪ طرف خوشي بيحد حاصل ٿي ۽ ٻئي طرف نهايت شرمساري ۽ بيحد پيشماني حاصل ٿي. شرمساري هن سبب جو اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود هو، مون بار بار پئي پڇا ڪئي، مون کي جيڪڏهن خبر هجي ها ته ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ مان ملندو ۽ هڪ سو رپيا ملي ها تڏهن به سائين جن کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏيان ها. اميد ته اوهان دل و جان سان معافي ڏيندا.

        اميد ته ميان غلام محمد بگائي وارو قلمي نسخي وارو بيت خدمت ۾ پهچي ويو هوندو. جيڪو محمد طالب اوهان ڏانهن خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. خاص ۽ پرزور التجا آهي ته محمد طالب جي ڪم جي ڪيل وعده موجب يادگيري ڪرڻ فرمائيندا ۽براهه ڪرم هر طرح ڪوشش فرمائي ماستريءَ جو آرڊر وٺرائي ڏيڻ فرمائيندا ته شڪريه. درخواست حضور ۾ اميد ته ضرور پهتي هوندي. ٿي سگهي ٿي ٻه اکر لکندا ته بيت پهتو ته دلجاءِ ٿئي.

- حيڪم پير محمد معين الدين

محترم ڊاڪٽر محمد حسين مگسي

المهراڻ هاسپيٽل ميهڙ

خدمت ۾ جناب عاليشان مسٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب

اسلام عليڪم جي گذارش ته توهان جي قومي خدمت ڪرڻ جي ساراهه هر ماڻهوءَ کان ٻڌي آهي ۽ هاڻي سائين جن کي آگاهه ٿا ڪريون جيڪو اسان ڪم کنيو آهي مهرباني ڪري وڌ ۾ وڌ اسان جي مدد ڪندا ۽ لکيل مضمون توهان ڏانهن پوسٽ ڪري موڪليون ٿا ۽ هن قومي ڪم کان واقف ڪريون ٿا ته سائين جي ڪڏهن اها هل اسٽيشن گورک تي ٺاهين ٿا ته سڄي ٿڌي لٺ کيرٿر جي آباد ٿي ويندي جيڪا 150 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ 5 ميل کن ويڪري، پر هتان پاڻ ويو آهيان ۽ زبردست ٿڌي آهي. 20 کان 25 ميل اها جابلو سنڌ جي پٽي ٿڌي 5 ميل ويڪري باقي گرم آهي. هي ٽڪري وڏي اهميت رکي ٿي، رڳو روڊ مٿي تائين ٺهي وڃي. يونيورسٽيون، ڪاليج، اسڪول، شهر، اسپتالون ڊولپمينٽ ٿي سگهن ٿيون ۽ وڏي ايراضي آهي. انڊس هاءِ وي کان 30 ميلن تي شهدادڪوٽ کان ويندي جوهي تائين اها ساڳئي مفاصلي تي آهي جنهن ۾ قدرتي طرح پاڻي جا وڏا ذخيرا، معدنيات ۽ وڏيون بوٽيون اٿس. خوش قسمتي سان 7000 هزار فوٽ اوچائي اٿس. گرمي جي موسم ۾ اسان سنڌ واسين لاءِ اهڙي ٿڌي جڳهه واري ايراضي وڏي اهيمت رکي ٿي. اسان هڪ ٽيم ٺاهي، هڪ پروپوزل تيار ڪري، وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي پيش ڪرڻ گهرون ٿا.

        اسان گورک کيرٿر ويل فيئر ايسوسيئيشن ٺاهيون ٿا ۽ ڪو آپريٽو سوسائيٽي ٺاهيون ٿا جنهن ۾ ماڻهو ڪافي ڪوآپريٽ ڪن پيا. مهرباني ڪري توهان به پنهنجي نالي سان سنڌ جي اخبارن ۾ ڪو بيان شايع ڪرائيندا. مطلب ته جهڙي به نموني ۽ هر حال ۾ جيتري به توهان کان اسان جي مدد پڄي اوتري اسان جي مدد ڪندا ۽ وڌيڪ توهان پاڻ ڄاڻو ٿا اميد ته سائين جن وڌيڪ پنهنجي خيالن کان اسان کي آگاهه ڪندا ته مهرباني ۽ سائين جن جواب جي عنايت ڪندا.*

- ڊاڪٽر محمد حسين مگسي

محترم محمد عثمان ڏيپلائي

20 جنوري 1967ع، حيدرآباد

بخدمت عالي جناب ڊاڪٽر صاحب،

اسلام عليڪم: عرض ته ذڪر ڪيل غزل هٿ ڪرڻ لاءِ ڏيپله خطه لکيل آهي، پر خط لکڻ وقت ساڳين زمانن ۾ پکڙيل هڪڙي ٻئي غزل جو ٿلهه به ياد آيو.

چل چل چنبيلي باغ ۾، خوشبوءَ اڙائينگي

خبر ناهي ته اهو غزل ڪنهن جو آهي، پر انداز ساڳيو خيلفي صاحب جي غزلن جو آهي.

جنهن وقت ماستر رامجي مل صاحب مرحوم کان اهي غزل ڏيپلي ۾ پکڙندا هئا اهو سال 1912ع جي قريب هو ۽ ان وقت منهنجي عمر نو سال هئي، يعني هيءَ نياز نامو به رڪارڊ تي رکڻ لاءِ آهي.

- ڏيپلائي

.....2.....

• مورخ 16 جنوري 1968ع، حيدرآباد

بخدمت عاليجناب ڊاڪٽر صاحب

السلام عليڪم: عرض ته سائين جن جي ملاقات بعد مون پوري غور بعد اهو خيال ڪيو آهي، ته اوهان جي ڪتابي سلسلي جو نالو”ڪچهري سلسلو“ رکيو وڃي ۽ هر ڪنهن نمبر جو نالو عليحدهه رکجي. مثلاً ڪچهري سلسلي جو پهرين نمبر ”پارس کاڻ“ ٿئي جنهن ۾ اوهان جي اڳ لکيل ”پارس کاڻ“ کي ڪجهه وڌائي لکيو وڃي ۽ پوءِ ٻيا به ڪچهري جا ننڍا وڏا مضمون هجن.

اهڙي طرح هڪ  ڪتاب ٿئي هن جي قيمت هڪ رپيو هجي ۽ منجهس 52 صفحا هجن، ڪور ڪارٽيج، پيپر جو هجي، ڪل چار سوخرچ ٿين. ان طرح سال ۾ پنج هزار خرچ ٿيندا ۽ ٻارهن هزارن رپين جا ڪتاب تيار ٿيندا. جيي سانهه سَتيءَ سان نيڪال ڪبا رهبا ته اٺ هزار پيدا ٿيندا نه ته جيتري جلدي ڪبي اوترا پئسا گهٽ ملندا. مگر هيءَ ڪتاب ڪي آخري ڇاپا نه هوندا پر دراصل ڪتابن جا خاڪا هوندا جن مان وقت به وقت مڪمل ڪتاب ازسر نو تيار ٿيندا ويندا.

اوهان شايد ساڌو واسواڻي جا ڪتابڙا ڏٺا هوندا جي بلڪل ان طرح اڍائي سو کن جي تعداد ۾ نڪتا آهن. هڪ ضروري ڳالهه آهي ته ڪتابن جي ٻولي بلڪل سليس هجي.جهڙي ڄڻ ته ڳوٺاڻين ڪهچرين جي آهي، دقيق مواد خواهه لفظن کان هنن کي پاسي رکجي.

اڳتي هلي مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب ٻه ٻه هزار ڇپبا، ان وقت مٿن ڇهه ڇهه سو لاڳت ايندي ۽ هزار ٻارهن  سو پيدا ڪندا رهندا ان طرح ان مان فائدو به ٿيندو رهندو ۽ علمي خدمت به ٿيندي رهندي.

آئون اڄ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويو هئس ۽ محسوس ڪيم ته هنن کي هاڻي لوڪ ادب کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو ارادو ئي ڪونهي جو ڪن هستين کي ذاتي ضد به پيا ڏسجن، خير جيئن هنن اڄ ڊڪشنري جاري ڪئي آهي تيئن نيٺ ڪڏهن لوڪ ادب به جاري ٿيندو، پر انهي انتظار ۾ ٻانهون ٻڌي ويهڻ نه گهرجي، پنهنجي ڪم کي جاري رکجي ته بهتر ٿيندو. آئون سمجهان ٿو ته ”ڪچهري“ نالو موزون آهي وڌيڪ سائين جن مرضي وارا آهن.

- نياز مند ، ڏيپلائي

....3....

• مورخ 23 فيبروري 1969ع، ايڊيٽر ”انسان“ قرآن پريس، حيدرآباد

بخدمت رفيع منزلت عاليجناب ڊاڪٽر دام الطافه

اسلام عليڪم جيئي سنڌ

معروض ته هونئن ته اوهان جو عطا ڪيل رسالو قادري اڳ به مطالع ڪيو هئم پر اڄ وري به عرساڻي صاحب جي هڪ ڪتاب مرتب ڪرڻ وقت کيس وڌيڪ مطالعو ڪيم ۽ مطالعو ڪندي هڪ خيال دل تي آيو جيڪو عرض رکان ٿو.

سنڌي اشاعتن ۾ ڊرائنگ يا ڪارٽيج سپر جو استعمال ڪرڻ جو انوکو ۽ عمدو رواج سائين جن شروع ڪري هڪ نهايت مفيد ايجاد ڪئي آهي. مگر جيئن ته انهي ڪري ڪتاب مهانگو ٿئي ٿو ۽ غريبن لاءِ سندس وٺڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. ان ڪري منهنجو عرض آهي ته سائين جن هر ڪتاب جا ٻه ايڊيشن ڪرائين. هڪ اچو ٻيو سادو، اچو اميرن ۽ لائبريرين لاءِ ۽ سادو غريب عوام لاءِ. هنن جي قيمت هڪ ٻئي کان اڌ يعني ٻيڻي هجي ۽ اهو ايڊيشن مجلد هجي. سادو ڪارڊ بورڊ جي جلد سان. ان طرح سان هيءَ رسالو جيڪر اچو ايڊيشن بجاءِ 5،5 جي 6 رپيا ٿئي ها ۽ سادو ٽي رپيا جي ٻنهي ڌرين لاءِ وڌيڪ مفيد ٿئي ها. بلڪ آئون جيڪر ائين به چوان ته سادو اڍائي رپيا ۽ اچو ساڍا ست رپيا ٿئي ۽ سندس جلد اڃا به سٺو ٿئي.

اها ڳالهه ته اوهان جي سانڀر کان اڳ جي هوندي ته مرحيات هندو پبلشر هڪ ”سستو ساهتيه“ نالي سلسلو به شروع ڪيو هو جنهن ۾ ڪتاب بنهه سستا ڏيندا هوا. اگرچه سنڌي پبلشر تي ”پيئي کڻي پساهه“ واري دور ۾ مس ان ڪري کين ڪجهه به چوڻ بدران مورڳو ڇڏي ڏيڻ ئي مناسب آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهن، پر انهي هوندي به دل کين صلاح ڏيڻ چاهي ٿي ته هرڪو ايڊيشن ٻه بلڪه ٽي ايڊيشن ڇپين ته چڱو، جن ۾ عليٰ الترتيب1-2 ۽ 3 رپيا قيمت ٿئي ۽ قيمت رکڻ جي اسڪيل به هن طرح رٿي وڃي.

سادو ايڊيشن لاڳت کان ٻيڻي1000 عدد 1 رپيو

وچولو ايڊيشن لاڳت کان ٽيڻي 500 عدد 2 رپيا

اچو ايڊيشن لاڳت کان چوڻي 500 عدد 4 رپيا

جيڪڏهن ان طرح ڪجي ها ته رسالي قادريءَ جي قيمت هيئن بيهي ها؛

سادو ايڊيشن 2 رپيا   - وچولو 4 رپيا - اوچو 8 رپيا

ان طرح سان ٻه هزار ڇپجن ها ۽ کپڻ ۾ به آساني ٿئي ها. هيءَ رٿائون آهن جيڪڏهن موزون هجن ته خيال رکندا نه ته بس..

        - ڏيپلائي

محترم منظور حسين ڪالرو

ٽنڊو الهيار، خط مؤرخ 11 ڊسمبر 1982ع

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم: گذارش ته توهان جتي سر زمين سنڌجي تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي، اُتي هن عظيم ڌرتيءَ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، رسم و رواج ۽ انهن ”ذاتين“ جي تي پڻ معلومات حاصل ڪري قلمبند ڪندا رهيا آهيو، جنهن لاءِ توهان صاحبن کي جس هجي.

ذاتين متعلق توهان جا ڪجهه ليک نظر مان گذريا پر انهن ۾ ”ڪالرو“ ذات جي باري ۾  ڪوبه ذڪر نه ڏسي، حيرانگي ۽ سخت ڏک ٿيو!! اسان (ڪالرو) خاص طرح سان تعلقي ٽنڊوالهيار ۾ ڪيتري ئي عرصي کان گهڻي اڪثريت سان آباد آهيون، ڪامارو شريف (ميرپورخاص روڊ) جي اولهه طرف ڳوٺ ڏتو ڪالرو تعلقي ٽنڊوالهيار جو (آبادي توڙي معاشي حالتن کان) وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي ۽ شايد پوري سنڌ ۾ ڪالرو برادريءَ جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ به آهي. ان کان سواءِ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي ڳوٺ ڪالرو ذات وارن جا آهن، تعلقي سامارو ۾ هڪ جهوني ريلوي اسٽيشن ” محمد رحيم ڪالرو“ جي نالي سان پڻ آهي  ۽ تعلقي جيمس آباد ۾ هڪ يونين ڪائونسل جو چيئرمين (محمد رمضان ڪالرو) پڻ ڪالرو آهي. ضلعي نوابشاهه ۾ ڪافي وقت کان ڪالرو برادري مختلف ڳوٺن ۾ رهائش پذير آهي. ضلعي بدين ۾ به ڪيترائي ڳوٺ ڪالرو برادري جي مختلف  بزرگن جي نالن سان مشهور آهن. ان سان گڏو گڏ ملتان ۾ پڻ ڪافي تعداد ۾ ڪالرو آباد آهن، جن ۾ ملڪ حاجي نور محمد ڪالرو (نواب پور) وڏي حيثيت وارو ليکيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سندن گهڻو واسطو سرائيڪي ٻولي سان پوڻ ڪري لهجو ۽ ٻولي به سرائيڪي بنجي وئي آهي...

ڪالرو ذات جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ، ڪنهن ڪتاب ۾ ان جو ذڪر يا اهڙي معلومات ڪٿان حاصل ٿي سگهندي وغيره ته ان کان مهرباني فرمائي پنهنجي محققانه جواب کان مطلع ڪرڻ فرمائيندا ته اسان توهان جا نهايت شڪر گذار رهنداسين.               

- منظور حسين ڪالرو

محترم سگهڙ محمد ملوڪ عباسي

ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو، ڏوڪري (84- 12-19)

عزت ماب مهربان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب

اسلام عليڪم جناب عاليٰ باڊهه ۾ پير تقي شاهه رحمت الله جو ميڙو هو ربيع الاول جي 12 تاريخ، چاليهه کن سگهڙ ڪٺا هئاسون، ڪچهري کان بعد ۾ اوهان جي قربن جو ذڪر هليو، سڀن دوستن اوهان کي دعائون ڪيون، آئون دعا سان گڏ هڪ ڀلائي سگهڙ سنگت تنظيم جي ڪوشش ۾ آهيان ته جيئن دکي سکي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهجي. ان لاءِ هن جماعت جو سرپرست هڏ ڏوکي اوهان کي رکون ٿا. سائين اها ٻاجهه شفقت اسان تي ضرور ڪندا.اوطاق ۾ هڪ ڪوٺي جنهن ۾ ٻه ڪپڙي جا بورڊ لڳايا اٿم جنهن ۾ اوهان جي امر ڪچهري جا فوٽو لڳايا اٿم. مهرباني حجت معاف ڪندا.

تون سڄڻ آهين سهڻو ڪيم تاڪ تڏان

مون تي ماڙ ملوڪ چئي ڪيئي هوت هڏان

بلوچ قسم باريءَ جو اوهان ٽپايون اڏان

توتي پرين پڏان ٿو سڄڻ پنهنجي ساٿ ۾

- دعاگو. فقير محمد ملوڪ عباسي

محترمه مهتاب اڪبر راشدي

ڊائريڪٽر انچارج سنڌالاجي (27 نومبر 1987ع)

مان وارا سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

اسلام عليڪم: گذارش آهي ته انسٽيٽيوٽ سنڌالاجي جي قيام جا 25 سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ جي موقعي تي مؤرخ 27 ۽ 28 ڊسمبر 1987ع تي شاندار نموني سان سلور جوبلي ملهائي پئي وڃي

        انهيءَ سلسلي ۾ مؤرخ 27 ڊسمبر 1987ع تي افتتاحي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ اوهان کي اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ گذارش ڪجي ٿي. اوهان مهرباني فرمائي ڪيل عرض کي قبول ڪندي اجلاس جي صدارت ڪرڻ فرمائيندا. اوهان جي آمد اسان لاءِ باعث مسرت ٿيندي.مهرباني فرمائي پنهنجي منظوريءَ کان جلد آگاهه ڪندا ته جيئن دعوت نامي ۾ نالو لکي ڪارڊ موڪلي سگهجي.

- مهتاب اڪبر راشدي

محترم محمد حنيف عاقلاڻي

نيوگوليمار، معرفت محمد صديق جنرل اسٽور، ڪراچي

محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

اميد آهي ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان مڪمل طور خيريت سان هوندا. آمين.ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سائين جن سنڌي ادب توڙي تاريخ کي سنڌي قوم جي سامهون پنهنجي قابل ستائش ڪوشش ۽ اڻٿڪ محنت سان پيش ڪيو آهي جنهن جي هڪ سنڌي پڙهيل لکيل فرد جي حيثيت سان جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي.

اسان کي پنهنجي پياري ڌرتي سنڌ جي تاريخ، فارسي ڪتاب، تحفته الڪرام جنهن جو سنڌي ترجمو سائين مخدوم امير احمد صاحب ڪيو آهي ۽ جنهن کي مرتب سائين جن ڪيو، گهڻي تفصيل سان ملي ٿي، ان ڪتاب جي ترتيب ۽ حاشين جي سمجهاڻي به قابل قدر آهي. ان کان علاوهه سنڌي لوڪ ادب جي تصنيف عمر مارئي لاءِ ڳوٺ ڳوٺ وڃي داستان گو ماڻهن کان عمر مارئي جو قصو ٻڌڻ، ڪتابن ۽ بيتن مان حواله ڳولهي انهن کي پيش ڪرڻ ڏاڍي محنت جو ڪم آهي ۽ اهڙي ئي محنت جا شاهڪار ڪتاب، دودو چنيسر ۽ سومرن جو دؤر آهن جنهن کي سنڌي قوم جو پڙهيو لکيو طبقو ڪڏهن به فراموش نه ڪندو ۽ سائين جن جي محنت جو دل سان قدر ڪندو. ان کان علاوه ڊڪشنري کي مرتب ڪرڻ ته ڏاڍو ئي مشڪل ڪم هو جيڪو پاڻ سائين جن سنڌي قوم جي حقيقي علمي خدمت ڪندي جامع سنڌي لغات جي شڪل ۾ ڪري ڏنو. ديگر احوال جنهن جي ڪري سائين جن کي تڪليف ڏني هن ريت آهي ته سائين پنهنجي ذاتي اثر رسوخ کي استعمال ڪندي سنڌي ادبي بورڊ کي (ٻيلاين جا ٻول) ۽ ٻين ڪتابن جي دوبارهه اشاعت لاءِ شفارش ڪندا.


*  ڊاڪٽر بلوچ جو هن خط تي نوٽ”صحيح نالو گورغ ۽ نه گورک؛ کين همتايم ته ڪوشش جاري رکن ۽ آئون به ساڻن گڏ آهيان.“

. [1]  ڊاڪٽر بلوچ جو نوٽ ’ڪالرو‘ ترڪ آهن. اصل ڪارلوخ آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org