خير بهرحال جاچ پوري ڪري مون تحرير لکي تيار ڪئي. جڏهن روانه
ڪرڻ جو خيال ڪيم تڏهن ايڊريس جي ضرورت ٿي مگر گهڻي
جاچ بعد ۾ تو وارو لکيل خط جو اگرچه ڪٿي هٿيڪو ڪري
رکيو هوم هٿ نه آيو. پوءِ ته ڏاڍو لاچار ٿي پيس،
مگر ڪٿان به ايڊريس نه پئي ملي. مراد علي کان پڇا
ڪيم انهيءَ مان پته نه پيو. ڪراچي مان ڪن کان پڇيم
مگر ڪونه ٻڌايائون. آخر ڪنهن ڪم سان ڪراچي وڃڻ ٿيو
اتي ڪن خاڪسارن کان پڇيم مگر پته ندارد. شهدادپور
لهي مولا بخش کان پڇيم انهي به ڪجهه نه ٻڌايو ته
نااميد ٿي ويهي رهيس. خيال هوم ته جڏهن مسٽر غلام
مصطفيٰ امتحان تي ويندو، تڏهن انهي کي ڏيندس، پر
پوءِ اوچتو خيال آيو ته جهونا ڳڙهه مان محمد حفيظ
کان پڇا ڪرايان متان انهي کي پته هجي. سو نيٺ اتان
ائڊرييس ملي جنهن تي خط لکان ٿو. مان سمجهان ٿو
توکي رنج ٿيو هوندو. پر توکي ٻيو خط يادگيري لاءِ
ضرور لکڻ گهربو هو. هن خط جي جواب ملڻ تي توڏانهن
لکيل تحرير موڪليندس. جي جواب نه مليو ته پوءِ مان
به ڪاوڙجي پوندس.
- امير احمد
محترم امام علي خان لغاري
ڳوٺ ڪرم علي خان لغاري، پوسٽ جهڏو
محترمي و مڪرمي فخر قوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ دائمه اقباله،
السلام علڪيم: خيريت طرفين مطلوب، آئون لغاري صاحب کان موٽندي
اوهان سان گڏجي ڪونه سگهيس. نڪو اوهانجي شڪريه
ادائي ڪيم. آئون اوهانجو بيحد شڪر گذار آهيان ۽
معافي جو خواستگار پڻ ڇو جو اوهان جي ناپسند جو ڪم
اوهان کي چئي تڪليف ڏنم. ناپسند جو هن ڪري جو
اوهان سوالي ٿيڻ پسند نٿا ڪريو. اها هڪ موحد مجاهد
انسان جي صفت آهي، جا اوهان ۾ به اتم اعليٰ موجود
آهي. منهنجو تصور ۽ اندازو پڻ ڪجهه غلط هو. اوهان
بقول ڀٽائي صاحب جي، هن جا قائل آهيو ته:
سکو سڀن کان، سرتيون ريت سڪڻ جي،
مڱن جر مٿان، اوري ڪن نه آسرو.
اهو بلڪل درست آهي. اها انسانيت جي بلند ڪردار جي چٽي نشاني
آهي. هر انسان جي سوچ ۽ فڪر جو نوع ۽ انداز جدا
جدا آهي. منهن جو عقيده اوهان جي اعليٰ ۽ بلند
شخصيت لاءِ ذري گهٽ مرشد ۽ رهبر جي درجي وارو آهي.
اوهان کي الله سائين پنهن جي فضل سان گهڻين خوبين
جو مالڪ بنايو آهي. هرڪو مخلص انسان اوهان جهڙي
مُحب وطن ۽ انسان دوست خوش خلق ۽ انسانيت جي عالم
بردار جو مداح هوندو. پر مون کي ته خاص فخر ٿيڻ
کپي جو منهن جي قوم جي هڪ فرد ۾ ايتريون خوبيون
بيڪ وقت موجود آهن.
سو سائين منهنجا هر ڪو ماڻهو ڪنهن به مشڪل وقت پنهنجو مونس ۽
حال محرم ڳولي ان کي حال عرض ڪندو آهي. جتان کيس
دلاسو ۽ دلبري ملڻ جي اميد هوندي آهي ۽ پنهنجي همٿ
۽ حوصله افزائي ٿيڻ سبب منزل ڏانهن يقين محڪم سان
وڌندو آهي. سو انهيءَ جذبه جي تحت مون توهان کي
تڪليف ڏني، معاف ڪجو. اوهانجو شڪر گذار آهيان،
اوهان مون کي پنهنجو دوست هجڻ جو شوق بخشيو. منهن
جي مقرر ڪيل اندازي مطابق، ان مهل مون ڪجهه وڌيڪ
اوهان کي مڱيو، اُن لاءِ ناراض نه ٿجو*،
هر هڪ انسان فطرتا خود غرض هوندو آهي ۽ اهل غرض
مجنون.
متارا مري ويا، موکي ڇونه مرين،
ڪيهيءَ پر پرين، ڏکي ڏاتارن ري.
- امام علي
محترم الهڏتو ڀرڳڙي
الهندو ڪچو اسٽيشن روڊ حيدرآباد (1977 – 5 – 23)
محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم: عرض ته سائين توهان جي ڪيل ٽيليگراف جي ڪاپي اسان
کي آفيس ۾ ملي هئي. پر انهيءَ تاريخ تي هي 77 – 5
– 23 ڪورٽ ۾ ڪونه ملي هئي. پر انهيءَ هوندي به
جوابدار امين ترين آيو هو تنهن ڪورٽ کي عرض ڪيو ته
مون پنهنجي طرفان يعني بچاءَ جا شاهد اڳ ۾ ڏنا آهن
جن کان پڇا ڪئي وڃي تنهنڪري اسان جهڙو درخواست ڏيڻ
کانسواءِ توهان جو ڪيس وري 77 – 6 – 25 تي بچاءُ
جي شاهدن جي هلڻ لاءِ رکيو ويو آهي. هي توهان کي
اطلاع لاءِ عرض آهي.*
- الهڏتو ڀرڳڙي
محترم بشير احمد لغاري
ڳوٺ غلام علي فقير لڳ ڊگهڙي (2004 – 5 – 20)
قبله محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب بلوچ،
السلام عليڪم: طالب دعا، تمام گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن جو نه
توهان سان بذريعه خط يا فون ذريعه رابطه رکي سگهيو
آهيان تنهن لاءِ نهايت شرمنده آهيان، ڪجهه طبيعت
جي ناسازي ڪجهه پنهنجي روايتي سستي وغيره جي ڪري
ائين ٿيو آهي، اوهان کي شاهه لطيف ”لائيف اچيومينٽ
ايوارڊ“ ملڻ تي اسان سڀني ننڍن وڏن طرفان تمام
گهڻيون مبارڪون. الله تعاليٰ توهان کي صحت ڏي جو
توهان وڌ کان وڌ پنهنجي ٻولي، صوبه، عوام، ملڪ جي
خدمت ڪري سگهو. آمين.
هن وقت هتي مٽي ڌوڙ جا طوفان روان دوان آهن پاڻي بلڪل نه آهي
حتيٰ پيئڻ جو پاڻي به ناياب آهي. دعا ڪندا ته خيرو
خيريت ٿئي ڪي برساتيون وسن امن ٿئي. برسات بعد وري
توهانکي تڪليف ڏينداسين هن طرف اچڻ جي جيئن علائقه
۾ ساوڪ ٿئي.
وري به هڪ نماڻو عرض ته هميشه وانگر لائبريري جي لاءِ ڪي ڪتاب
ٿي سگهن ته رکندا، حيدرآباد مان توهان کان ڪو کڻي
ويندو. تڪليف لاءِ معافي. آخر ۽ اسان سڀني طرفان
توهان لاءِ تمام گهڻا سلام ۽ يادگيريون، دعائون.
بشير احمد لغاري
محترم (جج) بخت علي جکراڻي
وارهه، ضلعو لاڙڪاڻو (1975 – 9 – 20)
بخدمت جناب محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر صاحب،
عرض ته نوازش نام بمع فوٽن جي پهتو. يادگيري ۽ فوٽن لاءِ شڪريه.
مون هت چڱي طرح ميان نصير محمد ۽ ٻين ڪلهوڙن جي قبن بابت پڇا
ڳاڇا ڪئي آهي معلوم ٿيو ته هن تعلقه ۾ اهڙا قبا
ڪونه آهن. شايد تعلقي ميهڙ ضلع دادو ۾ اهڙا قبا
ڪلهوڙن جا آهن جو اهو تعلقو به هن تعلقه سان دنگئي
آهي.
باقي سڀاڻي شڪار جو ليسن گهرائيندس پوءِ انشاء الله شڪار لاءِ
چرپر شروع ڪبي. شوق هجيو ته ڪنهن چڱي موقعي تي
اوهان صاحبن کي عرض ڪري گهرايون. اوهان کي شڪار
سان گڏ تفريح سيرو سفر ۽ اسان کي صحبت ۽ ملاقات جو
شرف نصيب ٿيندو. اڳتي سائين جن مالڪ آهن.
ٻيو ته مان 4 سيپٽمبر کان هت ٻار ٻچا وٺي آيو آهيان، غلام محمد
۽ اسان سڀ خوش خورم آهيون. وقت عزت ۽ پڙدي جو پيو
ٿو گذري. الحمد الله دعا ڪندا رهندا ته الله باعزت
وقت گذاري. آمين هن طرف ڪو حڪم احڪام هجي ته بنده
حاضر آهي. فقط سلام، نياز ڊاڪٽر هاليپوٽه صاحب کي
منهنجي طرفان ڏيندا.
- بخت علي جکراڻي
محترم ٻيڙو فقير ڪنڀار
سنه 1963ع، ڪالوني موري، حيدرآباد
جناب محترم لائق، اميد فخرِ سنڌ استاد سائين،
گهڻن نيازن ادبن سلامن جي عرض ته هت سڀ خير آهي خدا جي فضل سان
توهان صاحب پڻ خوش هوندا. استاد سائين شاهه جو بيت
ياد آيو آهي. ”تن جني جي تانگهه، سيئي سڄڻ سفر
هليا، لئج لات لطيف چئي ڪڏهن ايندم ڪانگه“. (ان
وقت ڊاڪٽر بلوچ امريڪا ويل هو)
جناب محترم سائين، جانب نه ڪرڻ گهرجن ايڏيون جدايون! هن بندي
ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد اچي وسائي محض توهان صاحبن جي
ڪچهري ۽ قرب لاءِ وري به خداءِ جو فضل جناب نون
صاحب جن موجود آهن جو سڀئي دکه ميٽيو ويٺا آهن ۽
لکا ڪانه آهي، پر توهان صاحبن جو هئڻ ته وري کير ۾
کنڊ آهي. شل خدا پاڪ توهانجا سانگه سفر سرها ڪندو
پر هتي شاهه صاحب جي چوڻ موجب ”کُهه سا کاڻي راتڙي
جا پرين ري پيئي“ پر پوءِ توهان جو ايڏو سفر به
ضرور شاهه جي چوڻ موجب؛ جوڳي ڪنهن ضرور، لڪا ڀڻن
لوڪ ۾، باقي خداءِ جي فضل سان هتي توهانجا بنگلا
آفيسون ڳوٺ اوطاقون، زمينون برابر آباد آهن ۽ پيا
وسن. مراد علي خان مچايو ويٺو آهي مگر وري به شاهه
جو چوڻ ياد پيو اچي. ”سئو مڙي سوڍن ته به مٽ نه
ڀانيان مينڌري“! وري به دعا آهي ته توهان پنهنجن
ارادن ۾ ڪامياب ٿي خير سان واپس ايندا. سائين
منهنجا جڏهن توهان ڪراچيءَ کان روانا ٿي ٿيا، تڏهن
هن بنده کي پوري خبر نه پئي نه ته ضرور سلامي ڪجي
ها. خير اها سڀ ڳالهه دل جي ارادي ۽ محبت جي آهي.
توهان صاحبن جون لکه مهربانيون جو هن بنده کي
ولايت ۾ ياد ڪيو اٿو. مونکي ٻه دفعا سلام مليا آهن
هڪ مراد علي خان ۽ ٻيو جناب نون صاحب جن جي هٿان.
مونکي آيا سڄڻ جا سلامڙا، استاد سائين هڪ ڏينهن
علامه قاضي صاحب سان ملاقات ٿي جناب نون صاحب جن
جي بنگلي تي ويندي ڏٺم ته پاڻ بيٺا آهن. عرض ڪرڻ
تي زيارت نصيب ٿي. سڄي زندگي ارمان رهجي وڃي ها ته
علامه صاحب جن سان گفتار نه ٿي. منهنجي عافيت ڪرڻ
کانپوءِ توهان جو پڇائون ۽ فرمايائون ته اسانکي
پاڻ ڊاڪٽر صاحب چئي ويو هو ته جلد ايندس. مطلب ته
مڙئي علامه صاحب جن کي يادگيري گهڻي هئي. ٻه ڏينهن
ٿيندا ته مراد علي خان کان سائين جن جي ائڊريس ملي
۽ ڪالهه رات عرض محمد مليو. سڄي خبر چار پڇي مانس
شفيق رفيق ۽ ٻيا سڀ خوش ويٺا آهن ۽ جناب نون صاحب
جن پڻ خوش ويٺا آهن ۽ جناب نون صاحب جن پڻ خوش
آهن. سڀاڻ ميرپورخاص دوري تي روانا ٿيندا. پاڻ
سلام گهڻا ٿي چيائون. جيڪب آباد کان احمد ميان
سومرو ڪامياب ٿيو. خط لکي جناب نون صاحب جن کي
مبارڪ ڏيندا احمد ميان جي ڪامياب جي ته بهتر جو
سندس دوست آهي. شهدادپور مان ڄامن کٽيو انجي توهان
کي مبارڪ آهي.
محترم سائين، ”سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.“ وڌيڪ ڪل خير آهي،
زمانو تمام گهڻو گرفتار ڪندو ٿو وڃي. وري شاهه ٿو
ياد اچي ته ”مونکي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾“ آئون
هڪڙو بيڪمون ۽ مزدور ماڻهو هوس ۽ آهيان مگر توهان
صاحبن جي صحبت مان وڌي حيدرآباد پهتس ۽ آخر جناب
نون صاحب سان توهان صاحبن واقف ڪيو ان کان پوءِ ته
هيڪاري ٿوم مان جعفران ٿي ويس. حيدرآباد ۾ جاءِ به
توهان جي دعا سان ملي، واقفيت به توهان صاحبن ۽
جناب نون صاحب جن جي صحبت سان وڌي وئي. ”هاڻ اُڀا
ايئن چون ته متان پاند پسائين.“ منهنجا سائين،
روئي جا مهمان کي ماني کارائبي سان کلي ڇونه
کارائجي. توهان جهڙن اديبن جو چوڻ آهي ته ڪاتي آئي
پيٽ نه ڪوئبو. جناب نون صاحب جون لک مهربانيون.
جڏهن بنده جون سڀ آريون سهيو ويٺا آهن، مگر ڪچهري
مون کان وسري ويندي! توهان خير سان اچو ته وري
ڪچهريون ڪريون ۽ ڪي ڳجهارت ۾ ٽاڻا ڏيون ۽ کلي خوش
ٿيون. توهان خاطري ڪريو ته جيڪو وقت ولايت ۾ هوندا
اهو ادب کي ۽ زبان کي ڌڪ لڳندو. اونداه لڳي پئي
آهي، سڀڪو هڻ هڻان ۾ آهي. زياده ادب، پنو ڇا ڪم
ڏيندو، اکر به جڏا آهن مگر دل جون ڳالهيون دلبر
توسان، نه آهن لوڪ سڻاوڻ جون. ڪجهه ڪپهه جون
پوڻيون کڻي خريداري ٿي هئي، ان برابر هي نياز
نامون آهي. اميد ته قبول پوندو.
- ٻيڙو فقيرو
....2....
* خط مورخ 22 جولاءِ 1976ع، ڪاري موري حيدرآباد
جناب محترم استاد سائين دائم اقبال،
السلام عليڪم جي عرض ته فون تي ٻٽي الفاظ ٿيا. بنده کي ڪمن روڪي
ڇڏيو، صبوح جو سويل آيس مگر توهان خير سان روانا
ٿي چڪا هئا، قبلا سائين توهان ڪرم ڪري ٻه ٽي اکر
ڇڏي ويا هئا، مگر عشقي صاحب ڪجهه مٿي آهي. خير
انجي مرضي، اسان پيا نڀائينداسون. عرض آهي ته
ٽالپر وڏا وارن نهايت گهڻو تنگ ڪيو آهي ته ڊاڪٽر
صحب جن اچن، اسان وٽ ڪچهري ٿئي. شايد توهانکي به
خط لکيو اٿن، آئون به عرض ڪندس ته اها جاءِ برابر
ڪچهري ڪرڻ جهڙي جاءِ آهي توهان کي ٽائم برابر گهٽ
آهي ان ڳالهه کي بنده ٿو ڄاڻي مگر ”اڻ هيرئا مَ
هير، ڀڃ مَ هيرَ هِرئن جي“! خاص عرض ته ڪڏهن ڪا
فون ٿي سگهي ته عشقي کي ڪندا نهايت سگهڙن جي
پروگرام کي خراب ڪري رهيا آهن. محرم خان جيڪو شايد
پروفيسر آهي، 20 جولاءِ تي بنده سان گڏ هو ڳجهارت
تي ڳالهايائين. توهان جو ڪتاب ڳجهارت وارو هٿ ۾
هئس، جڏهن بڪ ڪري بس ڪيائين ته هڪ ڌڪ ۾ جهلي بڪ
ختم ڪئي مانس. مون چيو ته ڏور ڳجهارت وغيره جملي
ڪچهري جو علم آهي، جنهن کي ٻئي ڪنهن اديب ڪونه
ڄاتو، ڊاڪٽر صاحب کي خدا پاڪ جي رحمت هجي جن
انهيءَ ڪچهريءَ جي گن کي ڪتابي صورت ۾ آندو. اها
شاهدي انشاء الله پوري سنڌ قبول ڪئي هوندي. قبلا
سائين ٻڌو اٿم ته جاءِ اڃان اوهانکي نه ملي آهي نه
ته پِني سِني ڀاڙو ڪري اچي ڪي ٻه ٽي ڏينهن رهاڻيون
ڪجن ۽ ڪجهه ڪم به آهن. هتي حسين بخش، عبدالغفور،
مصري فقير وغيره کي ڏاڍا پروگرام ٿا ڏين، پڇ کڻي
ته هنن لاءِ مٿان حڪم آهي، قبلا سائين توهان ڄاڻو
ٿا ته انهن ماڻهن هڪ ڪافي به بنا عيوضي انعام جي
نه چئي آهي. بنده خادم ته پوري عمر ادب ۾ ڏني
هينئر تازو ڳوٺ ڀٽين تعلقي گمبٽ ۾ ڪچهري هئي.
برابر 150 رپيا گهر جا خرچ ڪري آيس. معاف ڪندا
ڊيگهه ڪئي اٿم. ڀلا ٻيو ڪونهي سور سڻايان جو
اسانکي ڄاڻي.
قبلا سائين ميرن جي حڪومت ۾ گهڻا واهه ڪڍيا ويا جن مان هڪ واهه
فيض بحر پڻ آهي جو گمبٽ کان 12 ميل اولهه طرف آهي.
اتي ڳوٺ ڀٽين ۾ ڪچهري هئي، اتي محبت جا مڻ هئا.
توهان جي ڏسڻ جهڙي جاءِ آهي. بنده پنهنجي تقرير ۾
آپي کان ٻاهر نڪري توهان جي اتي هلڻ جو واعدو ڪيو
مگر ”اورڀ به اهڙي هئي“، ڪچهري به اهڙي هئي.*
- ٻيڙو
فقيرو
....3....
* مورخ 10 فيبروري 1964ع، ڪاري موري حيدرآباد (نيويارڪ جي
ائڊريس تي) بخدمت ۾ جناب استاد سائين،
گهڻن نيازن جي عرض ته جناب نون صاحب جن خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾
ڏور لکيل هو. تمام خوشي ٿي جو ٻئي کنڊ (آمريڪا) ۾
به بنده کي ياد فرمايو اٿو. هتي به ڪچهريءَ جي رسم
ادائيءَ جناب نون صاحب جن وٽ ٿي. استاد سائين هت
سڀ خير آهي، بنده پهاڪن کي لڳو پيو آهي، اميد آهي
ته عيد کان بعد ڪجهه اپر سنڌ جو دورو ڪري مواد گڏ
ڪبو. توهانجي مهرباجي جو وري بنده کي ڪم سان لايو
اٿو ۽ ادب کي به ڪجهه مدد ايندي. عبدالرحيم
ڏاهريءَ کي به عيد کان بعد آڻبو ۽ گن جيڪو ضرورت ۾
هوندو اهو هٿ ڪبو.
|