سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :2

زمانو بي قدر برابر آهي، بمصداق حافظ:

اسپ تازي شد مجروح بزير پالان،

طوق زرين همه درگردن خر مي بينم.

آخر سُٽ سُٽ ٿيندو ۽ پَٽُ پَٽُ ٿيندو.تون به دلشڪسته ٿئن ته سنڌڙي جو واهي الله! خاص ڪري هن وقت ۾ جڏهن اسان جي مٺڙي ٻولي غوطن ۾ آهي، تون سنڌڙيءَ جو تابنده ستارو آهين ۽ اسان جهڙا ڪيئي تنهنجا ثنا خوان ۽ مداح موجود آهن. سنڌي لغت کي اڌ ۾ نه ڇڏيو. سنڌي اسان جي جهوني ۽ پڪي زبان مگر مڪمل ۽ محقق لغت ٺهي ئي ڪانه! ان کي ڪنهن به صورت ۾ پايه تڪميل تي پهچائڻ گهرجي، ۽ اهڙو نازڪ ڪم تو جهڙي عالي اديب کان سواءِ ٻيو مشڪل سرانجام ڏئي سگهندو. همت مردان مدد خدا، آمين. ڪوبه ڪار خدمت لائق هن بنده جي هجي ته بلا حجاب ارشاد فرمائيندا. اوهان جو مخلص مداح.

محمد علي شاهه

............2............

خط مورخ 18 جون 1980ع رٽائرڊ ڪليڪٽر هالاڻي

اسلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته،

آنحضرت جي خط 24 مارچ جو جواب 5/6 تي (44 ڏينهن بعد) عرض رکيو ۽ حضرت شاهه صدر نيڪ نظر رح جي مدح پڻ نقل ڪرائي موڪليم، رجسٽر ٽپال رستي، جي اوهان صاحب کي 5/10 تي پهتا.ليڪن 48 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر جواب! کان ئي جواب. شايد مصروفيات سبب وقت نه ملندو هوندو. مون کي ڪيترن دوستن کان خط مليا آهن ته مدح سڳوري موڪلي وڃي. پير محمد اڪمل الدين صاحب راشدي ساڪن لاڙڪاڻو ضلعو به مدح لاءِ خواهان آهي، هو صاحب حيدرآباد علاج لاءِ آيل آهي. شايد اوهان صاحبن سان روبرو ملي جو مون کيس اهڙو عرض ڪيو آهي. سندس رهائش جي خبر اوهان کي ڊاڪٽر عالم شاهه لڪياري (مهاجر) کان پوندي. پير صاحب ممدوح وڏو اديب آهي. خط لکڻ جو خاص مقصد اهو آهي ته نوازش ڪري اها مدح جلد ڇپرائيندا. نئين زندگي ۾ يا مهراڻ ۾. موزون سمجهو ته جدا به ڇپرايو جو اها مدح مقبول عام آهي. ٻيو عرض ته مون وٽ حضرت با برڪت ميان غلام محمد صاحب بگائي رحه جي مدح آهي، جنهن ۾ ڪل 15 بند آهن. سنڌي جو هڪ شاهڪار آهي. مرحوم لنگڙو هو. نماز به کٽ تي ادا ڪندو هو ۽ اها مدح ورد زبان هوس. هڪ بزرگ مرحوم کيس هدايت ڪئي ته نماز جماعت سان پڙهه پوءِ کڻي ويٺي ئي ادا ڪر. ان بزرگ کي خواب ۾ اشارو ٿيو ته غلام محمد عاشق رسول صه آهي ۽ حضور جن کي سندس کٽ تي ويهي مدح پڙهڻ ۽ نماز ادا ڪرڻ پسند آهي جو هو لنگڙو آهي. هن تي ڪابه پابندي عائد نه ڪئي وڃي. والسلام

- مدد علي شاهه

محترم محمد حسين ڪاشف

چنبڙ، تعلقو ٽنڊو الهيار ( 21 مئي 2004)

مشفق مهربان اعلي شان جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

سلام و رحمت، آداب تسليم ۽ پاءِ بوسي جي هي احقر حقير بي نام نمو، تخليق تراب، صفات گلال معروف بنام ڪاشف آنجناب جي ستايش عنايت جي عرض گذار آهي ته:

قبله محترم جن هن ناچيز تي پنهنجي لازوال شفقت ۽ بي انت محبت سان مزاج پرسيءَ لاءِ جيڪا وک وک کنئي ان تان آئون قربان وڃان. توهان جي بلند اخلاقي ’اعلي! حوصلي‘، انسان دوستي ۽ دلي محبت جو ڪهڙن لفظن ۾ نبيان ڪريان. هن فقير جي غريباڻي اجهي تي اچي جنهن دلداري، دلبري ۽ حوصلي ڏيارڻ جو سائين جن جيڪو اظهار فرمايو، انهيءَ آٿت مون کي جهڙوڪ نئين حياتي عطا ڪئي، ان جي شڪريه ۽ احسان مندي لاءِ مون کي ڪي لفظ ئي هٿ نٿا اچن، سواءَ ڪنهن سگهڙ جي ته ”عضوي جي آڻيان ته پکي ٿي پوان“ (عضوي جي زبان پکي شڪرو“، اها زبان ڪٿان آڻيان جو شڪريو بجا آڻيان. توهان جهڙي محسن مدبر، بلند اخلاق نظر شناس عالم ۽ فاصل لاءِ جو ڪجهه چوان، ٿورو آهي. هيڏي وڏي عمر ۾، هيتري ساري تڪليف وٺي پنهنجي دعائن ۽ شفقتن سان جيڪو نوازيو آهي، ان لاءِ لطيف رحه جي لفظن ۾ ته:

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

قبلا عالي! اوهان غريب خاني تي اچي منهنجي حياتي جي پوئواري ڪئي ۽ ڀرندڙ ديوار کي وڏي ٽيڪ ڏيئي وڌي! هونئن ته  موت ۽ حيات قدرت جي اختيار ۾ آهي. انسان جيترو حياتي کي عزيز ٿو تصور ڪري ۽ موت کا جيترو خائف ٿو رهي اها هن جي ڀل آهي. موت ته خود زندگي جي ضمانت آهي ڇو ته هن جو تعلق معين آهي، نه پل گهٽ نه پل وڌ، پوءِ به انسان پنهنجي نا سمجهي سبب ان کان ايترو خائف آهي، جو نالو ٻڌندي ڇرڪي پوي ٿو. قوت عزرائيله ڪائنات اندر انفصال جو فرض انجام ڏئي ٿي، جتي اها انفصالي صورت رکي ٿي اتي ان جي پوئتان توصل ڪارفرما آهي، جنهن لاءِ انهيءَ قدرت جي قوت جي آجيان ۾ انسان لاءِ هرج ڪونه آهي، ڇو ته هي هڪ لنگهه آهي ٻي حقيقت کي پسڻ جو.

توهان جي تشريف آوري اهو محسوس ڪرايو ته، ڪاشف تون اڪيلو ڪونه آهين تنهنجا واهرو ۽ واهپي وارا ويٺا آهن. دلگير ۽ دل شڪسته نه ٿيءُ انهيءَ رڃ مان اڃا رڙ اچي پئي. مور سارا مري نه ويا آهن، اهي ڪونڌر ۽ مهيسر اڃا موجود آهن، اهي اهل دل ۽ اهل ذوق وقت جي وڏي وٿ آهن. اهي محسن ۽ موبي شال جڳ جڳ جيئن! آئون هي رسمي ڪلمات ڪونه لکي رهيو آهيان پر اهي منهنجي اندر واري جي ترجماني آهن. جيڪر پيالو اوهان جي اچڻ سان خوشيءَ وچان ڇلڪي پيو ۽ اڃا تائين اندر ۾ انهيءَ جي اورڪ موجود آهي! سوچيان ٿو ته ڪٿي آئون ڪنڀار جو ٻار هڪڙو ننڍڙو ماڻهو جيڪو علم ۽ فهم کا ڪورو، ۽ ڪٿي جناب جن جهڙو متبحر عالم ۽ جوياءِ راز، اسرار و معاني جو مالڪ تڪليف وٺي اچي، هن ناچيز تي پنهنجي شفقت جو هٿ رکي ۽ دلداري ڏي ته:

متان ٿئين ملور................................!

توهان جي عمر، ان جي تقاضا ۽ سائين جن جي نحيفي انهن سڀني ڳالهين کي ڏٺم، نظر ۾ رکيم ۽ چوڻو پيم ته: دل جوان آهي. عزم ۾ پختگي آهي، ذهن ۾ ان جي رَويَن تي جناب جن جي جيڪا گرفت آهي اها قابل داد ۽ متحير ڪن آهي. اهو سڄو ڪرشمو قوت ارادي ۽ خود ضابطگي جو آهي جنهن کي منهنجو سلام آهي، تمام ٿورا ماڻهو آهن، جن وٽ اها نظر شناسي نظر نواز ۽ ذهني باليدگي ۽ زرف نگاهي جو مادو آهي. جيڪو بيمارن لاءِ مسيحائي اٻوجهن لاءِ سٻوجهائي جو سامان بنجي واڍوڙين کي جيئڻ جي ڍنگ تي آماده ڪري ٿو.

قابل محترم! دلبري ڪندي مون لاءِ سائين جن جيڪي لفظ فرمايا انهن جي پوئتان جناب جن جيڪو مفهوم رکيو، آئون انهيءَ ويا کاڻ جي بنهه قابل نه آهيان. لطيف رحه چواڻي ته:

پلئه پايو پونيون در در ڀيرا ڏي

انهيءَ جي مصداق آهيان. ڏاهي ۽ ڏانو جو، فهم ۽ تفهيم جو، عرفان ۽ بصيرت جو متلاشي رهيو آهيان. اوهان جي آستاني جو هي فدوي سالن کان سلامي رهيو آهي. محض ان لاءِ من علم جي اورڪ جي ڇوهي ڇولي جا ڪي ڇنڊا، هن موڳي من تي پون ۽ انهن سان ڪا سڌير ۽ سمهت پيدا ٿئي.آئون ڪي ڪين آهيان. هي جو ڪجهه آهي اهو توهان جهڙن عالمن جي علمي توجهه ۽ نظر هدايت جي عنايت جو عطيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب! منهنجي دل ڏاڍو چاهيو ۽ تمام گهڻو ان سلسلي سان بيتاب رهي ته جناب جن جي ذات گرامي ۽ علم سان گڏ عرفان سان به سينگاريل هجي ته ڪهڙو نه چڱو! پر ڇا ڪجي قلم وس ڪريم جي آهي. آئون ته اڀاڳو رهيس ۽ انهيءَ رمز آفريني جو ڪو قرينو پلئه نه پيم. هڪ ته علم کان وانجيل ٻيو زماني سان سلهاڙيل. انهن لاڳاپن جا ٽڳا ٽوڙي توڪل جو ترهو اختيار ڪري پاڻ کي سهڻيءَ جيئن سير جي حوالي ڪري نه سگهيس. انهيءَ سڄي ماجرا جو نتيجو دل نادان جي هي دل آزاري ۽ آشفته سري پلئه پئي، هاڻي ڪاشف ۽ وره جو وڻاه، سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾. جيان آخر دم تائين رهندو، کٽن ڀاڳ! ”جي قيام مڙن ته هوند اوڏا سپرين“. وري به انهن بزرگن ۽ عارفن جا احسان جن جي توجهه ۽ القاءِ کي بارگاهه خداوندي ۾ قبوليت جو شرف جو حاصل ٿيو. هن گنهگار ۽ ڪني ڪاشف کي بيحالي مان ڪڍي، هن حال ۾ آندائون، ان لاءِ بارگاهه الاهيءَ ۾ جيتري به سجده ريزي ڪيان اها ٿوري آهي.

منهنجا محسن، منهنجا سائين! آئون نهايت شرمنده آهيان جو ڪنهن به طرف کان زندگي جا ڪا حاصلات نصيب نه ٿي جا خوشبوءِ آڻي: ان چرخ چاڙهي ڇڏيا، ۽ انهيءَ واس وياڪل ڪري وماس ۾ وجهي ڇڏيو”لڇان ڦٿڪان، لوچيان پچان مر پيئي“ ڪا ڳالهه نٿي هلي. قسمت جي ڳالهه آهي. ”اٿاري اٿي ويا، منهنجان مون آزار“ هاڻي جوڳ پوري ڪرڻي آهي.

اي سنڌ جا عظيم عالم! اي سنڌي زبان جي سونهن!! مون کي انهيءِ ڳالهه جو احساس آهي ۽ ان جو مون کي اندازو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جي فڪري پرواز ڪيتري آهي ۽ ڪيئن آهي. هن يگانه روزگار علم جي شهباز جي پرواز کي اهي چڙيون ڪٿي پهچي سگهنديون، جن جي حيثيت منڊي ماڪوڙي جيان آهن. اسان جي صاحب علم جي فطري بساط ايترو ته مضبوط ۽ سوچ جو انداز ايترو ته وسيع آهي جو بقول لطيف جي ته:”هي ڇاڙهون ۽ ڇڇ، اوڙاهه اڳي ٿيو“!

توهان جي ذهن جي رسائي جي منزل نهايت مٿاهين آهي. فڪر ۾ وسعت، لفظن جي گرفت، بيان ۾ پختگي، ڪيترين خوبين جو ذڪر ڪريان! اختلاف راءِ به اتفاق راءِ جي زمري ۾ وڃيو داخل ٿئي. سڄڻ سڄا سون آهن. اهو سون ڪنهن صراف جي قرب جي ڪوٺاري ۾ هجي ۽ پيو اجري ۽ رنگ رچي. اڄ بلوچ صاحب جو ڪجهه آهي ان کان ڪئين هزارين ڀيرا سندس اڏام اوچي هجي ۽ رومي رحه ۽ حموي رحه جون سڪون لاهي!

قبله عالي! هي هڪ رمز آهي جنهن کي اوهان جي ذات گرامي بخوبي محسوس ڪري سگهي ٿي. اهو احساس انڪشاف جي حد ٿي نٿو پهچي سگهي. ڇاڪاڻ ته نفس ناطقه جا پردا ان ۾ حائل آهن جيڪي ذات جي اصليت واري جلوي ۽ جمال کي جيڪا ذات حق جو مظهر بصورت امر جي آهي، ان کي آڏو آهن. ٿي سگهي ٿو ته قدرت وارو ذات جي گهرائي ۽ گيرائي ان جي ڪشش بي لوث سبب انهن پردن کي پاڻان پري ڪري پاڻ پسائي وجهي. عشق جي انهيءَ اولانڀي کي رد ڪري نٿو سگهجي. توهان جي ذات گرامي اڪيلائي ۽ خاموشي ۾ انهيءَ طرف سفر ڪري ٿي ليڪن اهو سفر آنجناب جن جي علمي بصيرت جو ڪرشمو آهي. جنهن کي اڳتي اجازت لاءِ اجابت جي درڪار آهي. توهان کي انهيءَ حد اڪارڻ لاءِ ڪنهن قائم باالزمان ابوالوقت اوڪار جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ جي درڪار آهي. اتي ٻئي ڪنهن جي حاجت نه آهي. اتي وارا پاڻ محتاج نظر ۾ جذب آهن، انهن اوڪارو ڪاپڙين جا قدم ئي ٻيا آهن. اهي بقول لطيف جي:

جن وڃايو وجود، فاني ٿيا في الله ۾،

نه تن قيام نه قعود، نڪو ڪن سُجود،

جيلاه ٿيا نابود، تيلاه گڏيا بود کي......“

منهنجا سائين،منهنجا محترم! معافي طلبگار آهيان، جهنگ جهڙي بيهي رهيس. پنهنجي ناداني ۽ نااهلي لاءِ معاف فرمائيندا. ان کي عفو سان درگذر ڪندا، توهان کي خدوند تعاليٰ علم ۽ حلم سان نوازيو آهي، وڏي کميا ۽ کيجپ ڏني آهي. توهان وت تنز لاقي (؟) سلسلي سان بي بها دولت آهي. باقي رهي ڳالهه پرين جي پار جي ته اهي صاحب لولاڪ آهن. پنهنجن کي ولهو ڪونه ڇڏيندا، ڏان ڏيندا، جي هينئر هنيون سڌير نه آهي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، ٻئي بار ڳورا آهن. شايد ان ڪري احتراز ڪيو ويو. جو ڪجهه هن وقت عنايات بي غايات جي صورت ۾ آهي، انهيءَ جي اوهان جي ذات گرامي کان ضرورت هئي ۽ ان جو صدور ٿيڻو هو. قلم جي قوت عنايت اوليٰ جو پرتو آهي. قلب صيقل ۽ دامن صاف آهي ته پرين ضرور پاڻ پسائيندا. ان جو مون کي يقين آهي. علم جي امانت به عرفان جو اولڙو ۽ عڪس آهي. آئون ڀورو بي عقل بي عمل نه هڙ ۾ نه هٿ ۾، ڪاشي ڪانه اٿم. خالي ڪنڀارڪو ڪچو ٿانو آهيان جيڪو ڪنهن کي ڪم نه اچڻ جهڙو؛ نه ڪو خريدار آهي نه وري ڪو طلبگار آهي. جي نينهن جي نهائين ۾ پچي پوان ها ته چڱو، من ڪنهن جي پلئه پوان ها! پر ائين نه ٿيو پر جي رَءِ پڪل هجان ها ته پوءِ ڳالهه ئي ٻي هئي! پر قسمت جا ڪم، ات اچي ڇڏيائين جت ناه جاءِ جانارن........!

منهنجا محسن، منهنجا سائين! ڪهڙا ڳڻ ڳايان، ڪهڙا حال اوريان، اوهان جا وڏا وڙ ۽ ڪرم جو هن ناچيز کي پنهنجي پاٿاري آڏو ويهڻ جي لائق سمجهيو. قبله محترم! دوائون هلندڙ آهن دعا جي ضرورت وڌيڪ آهي. هي به هڪ امتحان آهي، صبر جو پيمانو ڏنو ويو آهي ته نه ڪڇان نه لڇان، بس ماٺ ئي ماٺ آهي. توهان پنهنجا محبت ڀريا هٿڙا منهنجي پٺيءَ تي ڦيري جيڪو آٿت ڏنو، ان مون ۾ جيئڻ جي سگهه پيدا ڪئي آهي ۽ اهو به احساس پختو ٿيو آهي ته وقت کي اجايو ڪونه وڃائبو، پاڻ کي بيمار تصور نه ڪبو، ڪابه ڳالهه نه آهي. عزيز گرامي! وقت ۽ علم به متضاد ۽ مقتضيات سان وابسته رهن ٿا.نص ۽ فروعات ۾ هڪ جي حيثيت دائمي ۽ احساسي ته ٻئي جي حواسي ۽ شعوري؛ سفر ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ، معروضات ۽ قضايا ۾ ڪڏهن مدمقابل ته ڪڏهن متصل، متواتر ۽ متوازن ته ڪڏهين وري متبائن ۽ متجاوز. اهو احساس ٿيندو اٿم ته ماڻهوءَ کي پاڻ سمجهڻ واري ساڃاهه پلئه ڇو نٿي پوي. اي علم جا گوهر ۽ جوياءِ راز تنهنجي ته هر گفتي ۽ نڪتي تان قربان وڃجي.

توهان جي ذات گرامي تاريخ جي هن دور کي سنڌي سماج کي علمي ۽ ذهني طور تي جو ڪجهه ڏنو آهي، ان کي رڳو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته خبر نه آهي،ته علم ۽ فڪر جا ڪهڙا ۽ ڪيترا موتي ۽ لال جواهر نکري نروار ٿيندا. اتفاق ۽ اختلاف پنهنجي جاءِ تي، ليڪن سچائي کي قبولڻ اسان جو فرض آهي. مون توهان جي ڪافي سمع خراشي ڪئي آهي. موڪلاڻي ڪانهي، الله اوهان کي سلامت رکي،حياتي رهي ته پاءِ بوسي لاءِ اچي حاضر ٿيندس. خدا حافظ والسلام. نيازمند – محمد حسين ڪاشف

• مورخ 4 جون 2004ع

عالي محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب.

السلام عليڪم ادب ۽ تسليمات جي فدوي عرض گذار آهي ته ڪالهه آجناب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي شرف بارياني جي سعادت حاصل ٿي، دل کي نهايت سڪون ۽ قلب کي تقويت حاصل ٿي، ڇو ته عالم ۽ اهل دل جي صحبت جي هڪ گهڙي به سئو سالن جي عبادت جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته اهي مئل دلين کي جيارڻ وارا آهن.”ولاتموتن الا وانتم مسلمون“ جي ستي انهن کان ئي نصيب ٿئي ٿي. آن ڪريمن جي شيرين گفتار ۽ خلايق بيسار جي الحافي ڪيفيت روح کي راحت ڏني ۽ طبع نارسا کي گنجينه مخمور عطا ڪيو. بقول لطيف ته ”قدر ڪيف ڪلال جو، پياڪن پيو.“ سو سائين انهن چئن گهڙين جي رفاقت جي ڪهڙي حقيقت بيان ڪريان.

پيش ڪيل ڪاغذن جي سلسلي سان جيڪي ڳالهيون هن ناچيز جي گوشه گذار ڪيون ويئون اهي جناب جن جي علمي تبحر ۽ ذهني ڪمال جون آئيندار ۽ مون لاءِ سونهپ جو سامان آهن. پاڻ کي چيم ته ”ڪاشف“ اڃا تون اروٽ....“

عالي محترم پنهنجي ڪم علمي جو پلنده حضور والاجي خدمت ۾ پيش ڪري وڏي سعادت حاصل ڪئي اٿم. ان سان گڏ منهنجي عقل جي نقل جي رهنمائي ٿي ۽ نفس نادان جيڪو بود ۾ ڀريل هو پاڻي جي ڦوٽي جي مثل نظر ۾ آيم. چيومانس ته ڏٺئي، هام ٿو هڻين! تنهنجو علم ان ڏيئي مثال آهي، جيڪو شمع فروزان آڏو ماند آهي. منهنجي ڪم علمي ۽ بي بضاعتي جو مون کي احساس آهي ڪچهري هلندي منهنجي ڪچي ڦڪي ۽ ناپخته گفتگو ڪنهن موڙ تي آن ڪريمن تي بار خاطر ٿي هجي ته ان لاءِ هن حقير تي عفو جي نظر ڪندا ۽ پنهنجي شفقت سان نوازيندا.

جناب جن ڪتاب جي سڄي سلسلي ۾ پاڻ تي هموار ڪري مون کي شرمنده ڪري وڌو آهي. آئون ايترو لهان ئي ڪين. جيترو جناب جن ڪرم فرمائي ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن، الاحسان و جزاءُ الحسان) خداوند تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عظيم عطا ڪندو. آمين.

سائين جن ڪتاب جي اشاعت لاءِ تجويز ڏني ته چمبڙ مان شايع ڪجي. آئون سوبر دست ڪوبه مناسب جواب ڏئي نه سگهيس. ان لاءِ معافي خواستگار آهيان ۽ ان سان گڏ عرضگذار پڻ ته هتي چمبڙ ۾ اسان جو هڪ دوست نالي حاجي انور حسين مغل هو جيڪو نهايت سخي ۽ غريب پرور هو غريبن کان علاج جو پسئو نه ورتائين، خانه خدا جي تعمير خبر نه آهي، ڪيترن هنڌ ڪيائين ۽ اسڪولي ٻارن لاءِ ڪتاب ۽ اسڪالرشپ، بي وس فردن جي نياڻين جي بار لاهڻ ۽ مريضن جي ڪراچي تائين مدد سندس شيوو هو. هن پنهنجي انهيءَ ڪم کي ڪڏهن به جتايو نه، چندو بي حساب ڏيندو پر شرط اهو ته منهنجو نالو نه ٻڌائيندا. اهي سندس خوبيون هيون. هو هڪ مسيحا هو. دل چيو ته ڇو نه اهڙي سخي ۽ نيڪ انسان دوست جي نالي سوسائيٽي يا سٿ ٺاهي ڪتاب جي اشاعت ان پاران ڪجي.

فقط اوهان جو عرض گذار.

- محمد حسين ڪاشف

..........3.............

• مورخ 18 آڪٽوبر 2004ع، چمبڙ

عالي محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

سلام و رحمت، ادب و تسليمات جي عرض ته؛ طرفين ڏانهن هر طرح سان خير خيريت ۽ عافيت رب تعاليٰ جي طرف کان هوندي جنهن جو هر وقت آن ڪريمن لاءِ بنده درگاهه ايزديءَ ۾ تمنائي ۽ خواهان آهي.

جناب والا جن جو شفقت ۽ محبت ڀريو عنايت نامو، بصورت خط جي پهتو، احوال کان آگاهي ٿي. جناب عالي! پنهنجي ڪوتاهي ۽ نااهلي تي زود پشيمان آهيان ڇو ته 04-7-26 تي اماڻيل خط بعد ڪنهن به احوال جي اورڪ ڪري نه سگهيس. ان لاءِ معافي طلب اميد ته نظر عفو سان نوازيندا.

عالي محترم! سائين جن جا محبت ۽ قرب ڀريا سلام ٽي چار ڏينهن ٿيندا ته رئيس ميان ٻڍي خان، هن ناچيز کي پهچايا جنهن پنهنجي برادر ميان علي محمد سان گڏ سائين جن جي خدمت ۾ حاضري ڀري. ميان ٻڍي خان ملاقات جو سڄو حال بيان ڪيو، سائين جن جي سادگيءَ، حسن اخلاق ۽ قومي محبت جي اظهار جو جنهن احترام ۽ التزام سان ٻڍي خان بيان ڪيو ان مان اهو محسوس ٿيو ته سائين جن جي بلند اخلاقي دوستن کي مسحور ڪري وڌو. ”چيائون ته اسان سڄي عمر ائين وڃائي ڇڏي“ اسان کي ته ڊاڪٽر صاحب جن جي خدمت ۾ گهڻو گهڻو اڳ حاضر ٿيڻ کپندو هو. ڊاڪٽر صاحب اسان جو قومي هيرو آهي. دوست نهايت ئي متاثر هئا ۽ توهان جي ذات گرامي تي کين فخر آهي.

منهنجا محسن! منهنجا سائين! غائبانه طور تي انهن آيل دوستن آڏو هن هيچمدان جي سلسلي ۾ جيڪي تعريفي ڪلمات اوهان ارشاد فرمايا آئون انهن جي بنهه لائق نه آهيان، مون کين چيو ته ادا! جناب ڊاڪٽر صاحب جن جو اهو چوڻ ته ”ڪاشف“ اهو هڪڙو ئي ٿيو آهي:”اها مون تي ڪرم گستري ۽ نوازش ۽ سندس علم ۽ حلم جي فيض پروري آهي. آئون انهي جي لائق نه آهيان ڪاشف ٻيا پيدا ٿيندا رهندا پر تاريخ ۾”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ وري ٻيو پيدا نه ٿيندو. اهو ئي آهي ۽ تاريخ جي صفحن تي ان جو ئي نالو هوندو ۽ رهندو. رب سائين کين ست ڄمارون ڏي جيڪو سڄو سون آهي. باقي مون جهڙي جاهل ۽ نااهل لاءِ ڊاڪٽر صاحب جن جا اهي ڪلمات سندن بلند اخلاقي شرف نگاهي جو دليل آهن. آئون ڪي ڪين لهان، ڪچو ڪنڀارڪو ٻار آهيان، اهو سندن لائق ۽ وڏو وڙ آهي، جو ان محبت واري نظر سان ڏسن ٿا.

سائن جن جي وقت سان گڏ مصروفيت بجا آهي، زماني ۾ اٿي ويٺي جي تقاضائن کي به پورو ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته وقت جي اها هلي چلي آهي. سائين جن جي پيرا نه سالي، علمي مصروفيت جي مدنظر زماني سان نباهه جي صورت لائق تحسين آهي ۽ اسان ٻارن لاءِ هڪ سبق: جيڪي ٿوري ڳالهه ۽ وقت جي سختي تي نالان ۽ مايوسي جي عالم ۾ اچي ويندا آهيون ۽ صبر جو پيمانو ڇلڪي پوندو آهي. بقول لطيف سائين جي ويڄن مان ته اهوئي فائدو آهي، جو گس ملي پوي ٿو، پر ساڃاهه وند ماڻهن جي صحبت گهڻو ڪجهه سيکاري ٿي. اسان ته عمر اٿين وڃائي ڇڏي؛ نه اڏيو نه مڏيو، نه رکيو نه چکيو، نه سانڍيو نه سانڍيوريو. وجود ۾ ڪا سرت ۽ سمڪ ئي پيدا نه ٿي.توهان جي انهن لفظن سان ساڃاهه ۽ سرت ڏانهن اشارو مليو ته:

اڳين عادت مٽ، ته اگها عاجز نه ٿئين

جناب جن جي دلبري ۽ توجه شامل حال رهيو ته اميد اٿم ته ماڻهپي ڀيڙو ٿي پوندس.7-26 وارو خط غالباً سائين جن کي نه پهتو آهي، ان لاءِ اهو خط فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ۽ پنا وغيره دوباره عرض آهن. ان سان گڏ ڊاڪٽر اينمري شمل تي جيڪو مضمون شايع ٿيو آهي، ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي پڻ عرض آهي.

سائين جن 04-10-12 واري خط ۾ ڪتاب جي باري ۾ راءِ ته مضمونن جي مجموعي بجاءِ هڪ سلسله ڪتاب جي صورت ۾ ڏيئي شايع ڪجي.*  جناب جن جي راءِ تمام بهتر ۽ سهڻي آهي. ڇو ته اڃا ڪجهه سر رهيل آهن، ان لاءِ سلسلي وارو خيال بهتر رهندو. مون کي جناب جن جي راءِ سان ڪلي اتفاق آهي، محترمي جڏهين انسان پنهنجو پاڻ کي ٻئي جي سپرد ڪري ٿو. تڏهين پويان مڙي ڪونه ڏسبو ته ڪيڏهن ٿو ڪوٺيو وڃي ۽ ڪٿي ٿو بيهاري. اها اڳلي جي مرضي. اتباع جو اهو اصول آهي، شينهن سان ياري رکبي ڪانه آهي جي رکبي ته ڪنڌ ڪونه ڪڍائبو اهو اصول رهيو آهي. درويشن سان به ائين رهيو آهيان عالمن سان به ايئن رهڻ کپي ڇو ته اهي مدينته العلم آهن. ڊڄان ٿو ته ڪٿي ڪالغزش نه پيدا ٿئي جيڪا منهنجي عقيدت ۽ حسن ظن کي آخر  عمر ۾ لوڏي نه وجهي وما توفيق الاباالله جو متمني آهيان.

عالي محترم! علاج جي سلسلي ۾ مليل هدايتن تي ڪاربند آهيان پرهيز ۽ دوائن جي استعمال ۾ ڪا ڪمي ڪانه ٿي رهي. باوجود ان جي ڪڏهن سير  ۽ ڪڏهن پاءُ ڏيکاريندو رهان ٿو. سڀ ڳالهه مالڪ الملڪ جي اختيار ۾ آهي”هلايو ته هلي وڃان، بيهاريو ته بس، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.“ اوءَ مالڪ شافع ۽ نافع حافظ ۽ ناصر غفور رحيم آهي. ڪهڙين ڪيفيتن مان گذرڻو پوي ٿو ان لاءِ اظهار کان قاصر آهيان توهان بزرگن جي دعا گهرجي. حال سارو لکڻ پڙهڻ جو ڪم به ٿيندو رهي ٿو. سائين جن جي طرف کان منهنجي مزاج پرسي مون لاءِ غنيمت ۽ قلبي طمانيت جو باعث آهي. الله اوهان کي سلامت رکي. پنهنجي شفقت ۽ ٻاجهه ڀرين لفظن سان نوازيندا رهندا ته عنايت ٿيندي. و السلام.    


*  محمد حسين ڪاشف، شاهه جي رسالي جي مستند متن تي مختلف مقالا لکيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي علمي تنقيد جي مبني هئا. مون چاهيو ته کيس ترغيب ڏجي ته هن مواد کي ايڊٽ ڪري، جدا جدا مقالن جي مجموعي بدران ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪجي. غير ضروري عبارتون حذف ڪيون وڃن

معلوم ٿيو ته  محترم ڪاشف دل جي بيماري سببان صاحب فراش آهي، آءُ به ٽي ڀيرا کيس ڏسڻ لاءِ چنبڙ ويس، ساڻس مليس ۽ کيس پنهنجي راءِ کان واقف ڪيم ۽ کيس تڪليف ڏيڻ بدران مسوده کي مون ايڊٽ ڪرڻ قبوليو ۽ پڻ ڇپائي جي خرچ جو انتظام سوچيم. نظرثاني ڪرڻ بعد هي مواد اهو آهي جنهن کي مون ڪمپوز ڪرائڻ شروع ڪيو. پر پوءِ ڪاشف صاحب پنهنجو فيصلو پڪو ڪري نه سگهيو ۽ افسوس جو ڳالهيون ڪندي ڳالهه رهجي وئي. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org