سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :34

سنه 1944ع ۾ عاجز راقم پنهنجي نسب وغيره ۽ تعليم ۽ شعر شاعري متعلق صاحب جن کي جيڪي لکايو هو سو تعجيل جي صورت ۾ لکايو ويو هو. براه نوازش اهو مسوده مون کي رجسٽري ڪري موڪلڻ فرمائيندا ته ان جي تڪميل ۽ تصحيح ڪري پوءِ خدمت ۾ موڪليان. اڳ به عرض ڪيو اٿم ۽ دوباره مستدعي ٿيان ٿو. آءُ صاحب جن جي تعديم خدمت ۽ ڪثرت امور منصبه کان بي خبر نه آهيان. صاحب جن احسان فرمائي جواب کان مسرور الوقت فرمائيندا.

- محمد صادق

.............2.............

مورخ 4 آگسٽ 1952ع، راڻيپور

حضرت الفاضل الجليل الدڪتور نبي بخش،

السلام عليڪم و رحمته الله و برڪاته، هن کان اڳ به هڪ خط ارسال خدمت ڪيو ويو ۽ جواب لاءِ منتظر رهيس براه مهرباني حالت خيريت کان مسرور الوقت فرمائيندا. مون کي مولوي لطف علي مرحوم جي تصنيف سيف الملوڪ جي تصحيح لاءِ ڪابه خواهش نه هئي صرف اوهان صاحبن جي حڪم جي تعميل لاءِ خواهش مند هيس ۽ آهيان جنهن لاءِ مون پنهنجي وطن طرف مولوي مرحوم جي سوانح حيات بابت سندس مولد ۽ وطن بهادرپور طرف تحرڪ ورتو هو. صاحب جن طرفان خاموشي سبب خاموش رهيس. الخير فيما وقع.

جيڪڏهن تڪليف فرمائي منهنجي هيٺين گذارش بابت تسلي بخشي جواب مرحمت فرمائيندا ته ممنون ٿيندس.

آءُ ڪو شاعر نه آهيان ليڪن شعر و سخن جي قدري سڃاڻ ضرور آهي. مون کي  حيراني آهي ته سچل سائين جهڙي شاعر قادر الڪلام جي لاءِ سنڌ جي اهل قلم حضرات کي ڪابه قدرداني نه آهي جنهن کي پوري قدر شناسي چئجي- حالانڪ سنڌي زبان ۾ هن سسئي، ماروي، مومل، نوري تماچي وغيره تي حضرت بادشاهه ڀٽائي عليه الرحمة جي طرز تي بيت چيا آهن ۽ وايون جنهن کي پوءِ ڪافيون ڪوٺيون وڃي ٿو، طرحين طرحين اوزان ۽ ٽي ٽي مصرعن واريون، چومصرون وغيره. سوز فراق، عشق مجازي، سسئي، مومل ماروي وغيره جي مضمون تي ۽ تصوف جي اسرار ۽ رموز تي تحير العقول وايون چيون اٿس ۽ بيتن ۽ واين کان اڳتي وڌي هن بي نظير شاعر سنڌي ۾ شعر جي اصناف تي عجيب شعر چيا آهن، مثلاً مداحون، سي حرفيون، مرثيه، جهولڻا وغيره. هن شاعر باوجود بسيارگوئي جي حضرت بادشاهه ڀٽائي عليه الرحمة کان پوءِ سنڌي کي اوپرن لفظن کان پاڪ صاف ڪري اهڙو سينگاريو آهي جو ڪنهن به فرهنگ جو ضرور ڪونه آهي. وڌيڪ هي ته هن شاعر بي نظر سنڌ ۾ چالو سرائيڪي ۾ اهڙيون ڪافيون، ڏوهيڙا، سي حرفيون چيون آهن جن کي ٻڌي ملتان، بهاولپور، پنجاب جا ماڻهو حيران ٿيو وڃن. وري مزيد هيءَ ته سچل جي زمانه جي جيڪا اردو هندوستان ۾ چالو هئي انهيءَ ۾ پخته چيا اٿس جو غالباً هن کان اڳ ۾ ڪنهن سنڌي شاعر ڪونه چيا آهن. وري اچو فارسي تي جا زبان حضرت ڀٽائي بادشاهه عليه الرحمة ۽ سچل جي زماني ۾ سرڪاري ۽ دفتري زبان هئي انهيءَ ۾ هن سنڌ جي مايه ناز فقيد المثال شاعر جو هڪ ديوان آشڪار آهي. ان کان سواءِ سوز نامه، گداز نامه، تاو نامه، عشق نامه، رحلت نامه، وغيره اهڙا آهن جو پڙهڻ ساڻ متعلق ٿا رکن.

ازانسواءِ قرآن شريف جو قاري حافظ هو ۽ جيد عالم هو ۽ اهڙو متشرع هو جو عمر ڀر ۾ رڳو حقو يا چلم به ڪونه ڇڪيو هوائين. باوجود حسن پرستي جي ڪڏهن به غير عورت کي هٿ به ڪونه لاتو هوائين ۽ سندس طالبن سندس اشعار جا ڪيترا بياض پيش ڪري هڪ دفعي چيائونس ته هي اوهان جا شعر آهن اهي وٺي باه ۾ ساڙائي ڇڏيائين ڪجهه پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيائين ۽ چيائين ته متان ماڻهو پڙهي شريعت جي راهه کان ڀلجي گمراهه ٿين. تن تنها خلوت ۾ڪاٺ جي صندلي يا زمين تي هميشه مراقبه ۾ اونڌي ڪنڌ ويٺو هوندو هو ۽ رات جو کائندو هو  ڏينهن جو هميشه روزه ۾ رهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن روزو نه هوندو هيس ته وات ۾ ڳاڙها مرچ وجهي جوئر جي ماني ڀوري کائيندو هو. مريد ڪنهن کي به نه ڪندو هو. اوائل ۾ بزرگن ساڻ مسجد ۾ باجماعت نماز جو پابندو هو پوءِ استغراق جي حالت ۾ اڪيلو مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو شايد خلوت ۾ ادا ياقضا ڪندو هوندو ته عجب نه آهي. جيئن علامه اقبال، مولوي عبدالغفور همايوني عليه الرحمة جي حالت آخر عمر ۾ هئي.

سچل وڏو عارف ۽ ولي ڪامل صاحب ڪشف ڪرامات جو هو هن حد تائين جو وقت جا واليان رياست باوجود شيعه هوئڻ جي سندس نهايت معتقد ها جنهن جو باعث سندس ڪرامات ڏيکارڻ هو.ڪيترائي  اهڙا واقعات تذڪره نويس لکيا آهن ۽ ڪيترا تواتر ساڻ عوام خواص ۾ متعارف بين الناس آهن. ازانسواءِ سندس طالبن ۾ ڪيترائي شاعر ۽ صاحب ولايت جا ٿيا جنهن نانڪ يوسف، گهرام فقير جتوئي، خير شاهه درقدس(؟) وارو ۽ عثمان فقير چاڪي لاڙڪاڻه وارو، محمد صلاح ڀئو، جنهن لاءِ سچل چيو هو ته جاڏي محمد صلاح تاڏي الله. نانڪ يوسف وڏو شاعر ۽ وڏو صاحب ولايت صاحب ڪرامات جو ٿيو. سندس ڪم ۾ شڪايت گهڻي آهي پر سندس وفات وقت 9 لک ستر هزار شعر هئا. حتمي نظر ساڻ شخصيات اٽي ۾ وار برابر آهن. جنهن تي مون هڪ مضمون مولوي سنڌي صاحب ايڊيٽر نئين زندگي کي مڪو آهي پر نه ان کي رساله ۾ شايع ڪو اٿس، حضرت بادشاهه ڀٽائي ساڻ سچل جو موازنو صرف شعر و سخن ۾ ڪرڻ اهل قلم جو فرض هو پر نه معلوم ڪهڙو سبب سچل پنهنجي جاءِ ته نه ٿو بيهاريو وڃي، جنهن لاءِهو مسستحق آهي. مون کي موجوده اهل قلم ۾ ۽ باالله صرف اوهان ۾ اها علمي ادبي لياقت سخن فهمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر سنڌي شاعرن کان باوجود ان فضيلت ۽ فوقيت جي سچل کي ڇو ڪڍايو ٿو وڃي ۽ ڇو کيس قرينا مرفوع القلم ڪيو ٿو وڃي. فيا للعجب! بعضي نظر ۾ حضرت بادشاهه ڀٽائي عليه الرحمة جي طرفداري ٿي نه ٿي سگهي ڇو ته سچل جي ڪلام سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي کي لڪائي نه ٿو سگهجي. انهي ڪري شايد ان جو هڪ سبب ته سندس زندگي جي وقت کان رهندو اچي ٿو جو شخصيات سبب علماءَ مخاديم مٿس ڪفر جون فتوائون ڏنيون هيون. ٻيو سبب سچل کانپوءِ پوين جاهل فقيرن صوفين سچل جي مسلڪ خلاف ظاهر ظهور شريعت خلاف نشو وغيره واپرائڻ شروع ڪيو ۽ علم جي جاءِ تي جهل ٿي ويو، ورنه سچل جي وقت تائين درازن ۾ علم جو دور دورو هو.

ان بابت مون جناب پير صاحب سائين حسام الدين شاهه صاحب راشدي کي به لکيو آهي، پر منهنجو عرض آهي ته اوهان شاهه درازن ۾ تشريف فرمائي سچل جي شعر و سخن سنڌي، سرائڪي، اردو فارسي جو غور ساڻ مطالعه ڪريو ۽ سندس غير مطبوع ڪلام کي درازن ۽ شڪارپور مان دستياب ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺو ۽ ان تي هڪ مبسوط رساله تاليف تصنيف ڪيو. به خدا مون کي اوهان جي مضامين ۽ تاليف جي مطالعه کان يقين آهي ته جڏهن اوهان سچل جي ڪلام کي مطالعه ڪندا ته اوهان تي وجد طاري ٿيندو. في الجملة سچل از روئي انصاف سڀني شاعرن تي غالب آهي، ليڪن ان کي گرده غبار مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ نه ڏکڻ سنڌ کان ڪو اهل قلم پيدا ٿيو ۽ نه اتر سنڌ ۾.

 آءُ درازن جو مريد ڪونه آهيان، منهنجي بيعت حضرت خواجه غلام فريد عليه الرحمة سان آهي جيئن اوهان کي سنه 44 ۾ معلوم ٿيو. صرف سچل ساڻ اهل سنڌ جي اديبن وغيره جي بي انصافي تي فرياد و فغان ڪريان ٿو.

 - محمد صادق

..........3...........

• مورخ 30 جنوري 1957ع، راڻيپور

حضرت الفاضل الجليل مخدومي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: هن کان اڳ ٻه نياز نامه لکيا اٿم. مگر جواب کان مسرور الوقت نه فرمايو ويو آهي. سبب موصول نه آهي براه مهرباني حالات خيريت کان مطلع فرمائيندا. ٻيو ته براه نوازش لکندا ته سرائيڪي ٻولي جي وجه تسميه ڇا آهي ۽ سنڌ جي تاريخ مان سرو ڪهڙي علائقه جو نالو آهي؟

مون کي سچل سائين جي سرائڪي ڪلام جي تاليف لاءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان آرڊر ڏنو ويو آهي جنهن لاءِ آئون سرائڪي ٻولي بابت مطالعه ڪرڻ ٿو چاهيان. صاحب جن وسيع النظر مورخ آهن ان بابت منهنجي مدد فرمائيندا ته ممنون ٿيندس. باقي خيريت آهي.   

- محمد صادق

..............4.............

• مورخ15 فيبروري 1957ع، راڻيپور

حضرت الفاضل الجليل مخدومي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

وعليڪم السلام: سيف الملوڪ جا ٽي نسخه مطبوعه ۽ جي، ايم سيد صاحب جو ڪتاب ۽ صاحب جن جو عنايت نامه هن عاجز کي پهتا. انهيءَ خيال ۾ رهيو آهيان ته ڪهڙن جملن ۽ لفظن ۾ صاحب جن جي همدري، شريف نفسي، ذره نوازي، رهنمائي جو شڪريو ادا ڪريان. اها آرزو پوري ڪرڻ جي لاءِ صاحب جن جي حق ۾ اڪثر اوقات ۾ دعا خير گهرندو آهيان. الله تعاليٰ صاحب جن کي دارين ۾ سرفراز ممتاز رکندو ۽ هم قلمي محبت ۽ همدردي جو اجر وغيره محدود عطا فرمائيندو. آمين. آءُ قلمي سيف الملوڪ جي لاءِ کوجنا ڪندي ڪاميابي دستيابي ڏانهن ڪوشان آهيان. البت سواءِ صاحب جن جي ڪنهن به طرفان مون کي سيف الملوڪ جي تصحيح بابت اطلاع نه لکيو آهي. ادبي بورڊ وارن کي ته اطلاع ڏيڻو هو. معلوم ناهي ته ڇو اطلاع نه ڏنو ويو آهي،البت مولوي حافظ عبدالوهاب سچل عليه الرحمة جي سرائڪي ڪلام بابت اطلاع پهتو آهي. اميد ته صاحب جن بخير عافيت هوندا.  

- محمد صادق

محترم محمد حسن رند

مبارڪ جو تڙ تعلقو، ڇاڇرو (1980-8-10)

جناب عاليشان ڊاڪٽر صاحب،

وعليڪم السلام، سائين جن جو 8/6 وارو نوازش نامون اڄ مليو اٿم. وڏي مهرباني جو واعده مطابق ياد فرمايو اٿو. هن کان اڳ رئيس محمد شريف سان تاريخ 7-29 جي ميرپورخاص ملڻ ٿيو هو، جنهن صاحب ٻڌايو ته عيد بعد ترت ڪچهريون ٿينديون.

ٿر ته تمام سٺو آباد آهي مگر ٿر کي برسات جي تمام گهڻي ضرورت آهي جو جولاءِ سڄو خالي ويو آهي. ڌڻي سڀ موچاري ڪرڻ فرمائيندو

خاص عرض ته ڪچهرين جو تاريخون مقرر ٿي وڃن ته جيئن اسان به دوستن کي ان بابت اڳواٽ اطلاع ڪري سگهون. بهرحال جيئن ئي سائين جن جو پروگرام چٽو ٿي وڃي تيئن احوال ڏيڻ جي نوازش ڪرڻ فرمائيندا. بابا سائين اوهان جي ملاقات لاءِ تمام گهڻو آتا آهن. وڌيڪ روبرو خير والسلام. دعاگو.

- محمد حسن رند

محترم محمد اسماعيل عرساڻي

هيڊ ماستر، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول، هالا

بوئي گل ناله دل دور چراغ محفل،

جو تري بزم سي نڪلا وه پريشان نڪلا.

پيارا نبي بخش،

السلام عليڪم: اوهان جو نوازش نامو پهتو، يادگيري لاءِ نهايت احسان، دل ڏاڍي خوش ٿي. الله تعاليٰ اوهان محبن کي حياتيءِ جي هر شعبه ۾ ڪامياب ۽ نامياب فرمائيندا. آمين.

برادرم مراد علي البته هالن ۾ مغموم هو. پڙهڻ تي هن جو ڪوبه چاهه ڪونه آهي مون کيس پنهنجي نوع ۾ نصيحتون گهڻيون ڪيون آهن، اميد اٿم ته اسان سان بلڪل ٺهي ويندو ۽ هن سال انشاءَ الله عزيز ته ڪاميابي سندس پير چمندي. سندس في پوئر فنڊ مان ڏيڻ جو ارادو ڪيو اٿم. مال ٽڪي جو انتظام مخدوم صاحب وٽ آهي، اوهان ڪنهن به قسم جو انتظار نه ڪندا. رب کي چڱي منظور آهي ته ڏکي وقت نه ڏسندو.

اوهان کي ياد هوندو ته مون اوهان کي صلاح ڏني هئي ته علي ڳڙهه جي ايم. اي ڏئي ڇڏيان. مون ارادو ڪيو آهي ته پرشن ۾ ايم. اي ڏيان. اوهان علي ڳڙهه ڇڏي آيا ته پوءِ ڪنهن کي لکندس. تنهن ڪري هي تڪليف به اوهان کي ڏيان ٿو. مون عليڳڙهه مان ريگيولر اسٽوڊنٽ ٿي سال 1967ع جي اپريل ۾ انٽر ميڊٽ پاس ڪيو آهي، هينئر هڪ هاءِ اسڪول جو پرنسپال آهيان. مسٽر اوپل لاڙڪاڻه مدرسه هاءِ اسڪول جي عارضي پرنسپال کي به انهيءَ آڌار تي ايم. اي ۾ اپيئر ٿيڻ جي اجازت مسلم يونيورسٽي ڏني هئي.

اميد ته مون کي به ملڻ ۾ بندش نه پوندي. شامل درخواست به عرض رکان ٿو. ڪوشش ڪري اجازت به وٺي ڏيندا ۽ اهو به لکي موڪليندا ته ايم. اي ۾ جيڪڏهن پرشن کڻجي ته فقط هڪ سبجيڪٽ ۾ ئي امتحان ڏيڻو پوندو يا ان سان گڏ ٻيو به ڪم ٿيندو. پرشن جا ڪتاب ڪهڙا آهن ۽ انهن جي قيمت ڇا آهي.اها لسٽ به موڪليندا ته مان اوهان کي پئسا بذريعي مني آرڊر روانه ڪريان يا مون کي اهي ڪتاب وي پي ٿين. يعني جيئن به مشورو ڏيو. جيڪڏهن ڪٿان سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب هٿ ڪري سگهو ته گهڻي خرچ کان بچي پوندس.نوٽس جي ضرورت هر حال ۾ پوندي. اهي سڀ ڳالهيون ويچار ۾ رکي هدايت بخشيندا. هينئر مون کي وئڪيشن آهي. حيدرآباد ۾ آهيان ائڊريس لکان ٿو. جواب باصواب جي عنايت ڪندا. برادرم........... جا نهايت گهڻا سلام مطالع ڪندا. مراد علي کي چئي آيو هوس ته وئڪيشن ۾ ڳوٺ نه وڃي جي سندن ڪورسز ٿيندا رهندا جن لاءِ انتظام ڪري آيو آهيان. انجام ڪيائين ته ڪو نه ويندس. اميد ته ڪونه ويو هوندو، جيڪڏهن ويو ته به ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اجازت ڏني هئي مانس.*

وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾. اوهان جي ديدار فرحت آثار جو شوق آهي اميد ته جلد ملنداسين. خدا ڪري ته مدرسه ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسري ملي وڃي. اسان لاءِ فخر ٿيندو.             

- محمد اسماعيل عرساڻي

محترم محمد اسماعيل شيخ

ڊڪشنري آفيس حيدرآباد

قبله ڊاڪٽر سائين،

السلام عليڪم: احوال عرض ته هت سڀ خير-

1- اوهان جو خط مورخه 13-10-1963ع تي انڊيانا (آمريڪا) مان لکيل19-10-1963ع تي مليو. نهايت خوشي ٿي. شامل چٺي مسٽر مراد علي خان کي ڏني وئي. حڪيم صاحب ۽ سعيد کي اوهان جا سلام پهچايا ويا، تمام خوش ٿيا ۽ سلامن ۽ يادگيريءَ جو شڪريو ادا ڪيائون. ڊڪشنري آفيس جي سنگت اوهان لاءِ سلام چيا آهن ۽ اوهان جي عافيت جا متمني آهن. حبيب الله جا خاص سلام رسن.

2- اوهانجي حڪم موجب ”ٻاهريان عشقيه قصا“ ۽ ”ڳاهن سان ڳالهيون“ ڪتابن جو ڊميون ۽ انهن جا نوٽس 19-9-1963ع تي ڊاڪٽر رالف جي معرفت روانا ڪيا ويا. چيائون ٿي ته رواجي ٽپال آگبوٽ ذريعي  ويندي ۽ ٻاويهين ڏينهن اتي پهچندي. هن وقت تائين ٽپال اوهان تائين پهچي وئي هوندي.

3- شاهه عنايت جو انگريزي مقدمو پهتو. مسٽر اڪرام علي جي نظرثاني بعد پريس ۾ موڪليو ويو. ان جا پروف جويي صاحب به پڙهيا. اهو حصو ڇپجي ويو آهي. ازانسواءِ اوهان شاهه عنايت جي مقدمي جا سنڌي پيج پروف پڙهي موڪليا، اهي پڻ ڀيٽي ڇپايا ويا آهن. اهڙيءَ طرح ڪتاب گهڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪو آهي. ڪتاب ۾ اچڻ جوڳيون تصويرون، تن جا بلاڪ ٺهي آيا آهن. اهي اڃا ڇپيا نه آهن، باقي اوهان وٽان مقدمي جي باقي حصي ملڻ جو انتظار آهي.

4- جويي صاحب سان اڄ ڌينهن تائين مون نهايت گهڻي نموني ۾ نباهيو آهي، اميد ته کيس مون کان ڪابه شڪايت ڪانه هوندي.

5- ديوان سانگي جي ٽئين جلد جي ڪاپي ڪي قدر تصحيح ڪرائي وئي هئي. ان ۾ ٿيل ڦير گهير ڏانهن جويي صاحب جو زوردار نموني ڌيان ڇڪايم، مون اصل لفظن قائم رکڻ تي زور ڏنو ۽ ڦير گهير وارن لفظن تي بحث ڪيو. تقريباً ڇهه سيڪڙو منهنجي ڳالهه کي وزن مليو. پروفن پڙهڻ ۾ مون کي ڪيترين جاين تي تصحيح لاءِ اٺ اٺ ڏهه ڏهه سلپون ڪري موڪلي ويندي هئي ۽ مون تصحيح کي رد ڪري اصل لفظ قائم رکيا. جيئن ته ڪاپي کان مطمئن نه هئس. تنهن ڪري فقط 32 پيجن جي ڪاپي تصحيح لاءِ موڪلي وئي، ان بعد مون ڪاپي موڪلڻ بند ڪري ڇڏي.

6- سانگي جو اردو ۽ فارسي ڪالم مير حاجي علي احمد صاحب کي نظر ثاني لاءِ ڏنل هو. ڪافي ڪوشش جي باوجود مير صاحب سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي.

7- سائين جن سنڌ جي ماڻهن جي مزاج ۽ نفسيات کان چڱيءَ طرح واقف آهن. ”جيئرن سان جهيڙو، مُئن سان محبت“ اسان جو بنيادي اصول ٿي چڪو آهي. بزرگن ۽ عالمن جي بيقدري، علمي جستجو کان بيزاري ۽ نيڪيءَ کان حسد پڻ چوٽ چڙهي چڪا آهن. حيرت ۽ ارمان ان وقت ٿئي ٿو جڏهن جويو صاحب ۽ رباني ۽ ٻيا ويهي ”ٻين متعلق تنقيدي جائزو“ ٿا وٺن. مون کي وٽن هڪ اهڙيءَ ڪچهري ۾ ويهڻ جو موقعو مليو. لوڪ ادب سلسلو ۽ ڊڪشنري بحث هيٺ گهٽ هئا. پر اوهان جي ذات جو جائزو گهڻو ورتو ٿي ويو، در اصل اهي ئي نادان دوست آهن، جي پاڻ سان گڏ ٻين لاءِ به کڏو کوٽين ٿا. گذريل هفتو سڄو ادبي بورڊ جي اڪائونٽ ۽ عمل جي آڊٽ هلي، آڊٽ پارٽي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ وارن جي مقرر ڪيل آهي. پارٽيءَ ۾ ميمبر مسٽر غلام رضا ڀٽو، مولانا غلام اصغر ونڊير ۽ ايڊوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو اڪائونٽنٽ آهن. اسان جي آفيس جا ڪيش بوڪ ۽ ووچر فائيل به چڪاسڻ لاءِ گهرايا اٿن.

8- سردار علي شاهه اڳي ته فقط مسٽر جويي خلاف اخبار ۾ لکندو هو، پر هاڻي جملي بورڊ سندس تنقيد جي زد ۾ آهي. هڪڙي خبر سان آغاز ڪيو اٿس ته ”ادبي بورڊ ۾ گهوٻيون ۽ سيڪريٽري جو آڊٽ ڪرائڻ کان انڪار“ ڪڏهن ڪڏهن سردار علي شاهه سان ملاقات ٿيندي آهي. غالباً هاڻي مخالفت مٿاهين ليول تي ٿي رهي آهي.

9- اڄ اوهان جي آفيس جو ٽيليفون ڊاڪٽر هاليپوٽي صاحب ڏانهن ٽرانسفر ٿيو.

انشاء الله وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾ عرض رکبو. ائڊريس مولانا صاحب نقل ڪري روانگي رجسٽر ۾ محفوظ ڪئي هئي. جيئن ائڊريس لکي، ائين اسين به لکندا رهياسين.هاڻي درست ائڊريس ڪئي وئي آهي. مزار صاحب اوهان ڏانهن جدا خط لکڻ جي سانباهي ۾ آهي.

- محمد اسماعيل شيخ

.......2.........

• مورخ حيدآباد سنڌ (1977-5-25)، بطرف اسلام آباد

قبله ڊاڪٽر سائين،

السلام عليڪم: عرض ته موسيقي واري ڪتاب جا پروف موڪلجن ٿا. احمد کي جيترو چوڻو هو يا تاڪيد ڪرڻو هو، شايد ان کان وڌيڪ چوڻ جي گنجائش ٿي سگهي. آهيون ته سڀ ڏٽئي، پر احمد اسان جو اڳواڻ سونهي، پنهنجي مرضي سان ڪجهه ڪمپوزنگ ڏني اٿس. هلندڙ سال 1977ع جي اها پهرين ڪمپوزنگ آهي.

ممتاز جي اوهان سان گفتگو ٿيندي رهندي آهي، ان جي وسيلي سان مون تائين پيغام ۽ سلام اوهان جا پهچندا آهن، مهرباني.

شاهه جو رسالو پڻ اتيئي آهي، ٽيڪسٽ پورو ٿي ويو آهي. پٽي هلندڙ آهي.

2- لوڪ ادب جا ٻه ڪتاب، دودو چنيسر ۽ريتون رسمون ڇپائي هيٺ آهن. مولابخش ميراثي واري ڳالهه ختم ٿي آهي.

3- صادق فقير جو راڳ نامو، بورڊ جي پريس ۾ موڪلڻ کان اڳ اوهان کان رهنمائي وٺڻ ضروري آهي.

شاهه جي رسالي جا بيت، جيڪي راڳ نامي ۾ آيل آهن، اهي جيئن لکيل آهن تيئن رهڻ ڏجن يا انهن کي (1229-1270هه) واري رسالي سان ڀيٽي اها پڙهڻي لکجي.

- محمد اسماعيل شيخ

.............3...........

• مورخ 25 جولاءِ 1989ع

قبله ڊاڪٽر سائين،

السلام عليڪم عرض ته اوهان جي اسلام آباد ڇڏي اچڻ تي مون کي توڙي گهڻن دوستن کي خوشي ٿي آهي. اڪثر دوست اوهان جي پڇا ڪندا رهن ٿا ته ڊاڪٽر صاحب جن ڪڏهن ٿا موٽي اچن انهن کي اوهان جي لکئي موجب ايندڙ مهيني جو ٻڌائبو آهي. ڌڻي خير ڪندو. اوهان جي صحت سلامتي جا گهورا آهيون.

عيد ۽ ان کان يڪدم پوءِ حيدرآباد شهر جون حالتون صحيح نه رهيون آهن، سنڌين تي حملن جو سلسلو ختم نه ٿيندو، ٻئي چوٿين ڏينهن هنگامو ٿيندو ئي رهندو، شهر جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ هڪ اڌ فائر سان ماڻهو زخمي ٿيندا رهن ٿا هاڻي ته شهري ماڻهو قدري ٺڪاٺوڪي کي پيٽاريي ته ويا آهن، پر تڏهن به جيئرو ساهه ڊڄي ٿو. ٺڪاءَ ٿيو ناهي ته ڀڄ ڀڄان شروع، دڪان بند ٿيو وڃن ماڻهو سِر لڪائن ۾ حيران. سٽجن ڪٽن گهڻو ڪري ٻهراڙي يا ٻين شهرن مان آيل سنڌي ٿا جن کي ڀڄڻ جون گهٽيون کٽيو وڃن. مقامي ماڻهو به حادثن جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. ڪنهن کي به ڪا سلامتي جي خاطري ڪانهي، پوليس ۽ فوج نالي ماتر آهي، جيڪي ڪن خاص هنڌن تي چونڪيون ٺاهيون ويٺا آهن يا گاڏين ۾ ويهي گشت ڪندا رهن ٿا.


*  مراد علي خان منهنجو ننڍو ڀاءُ (مائيتو) هو. کيس پڙهائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ نيٺ وٺي وڃي علي ڳڙهه مان مئٽرڪ جو امتحان ڏياريم. ڪامياب ٿيو پوءِ وڏو سمجهدار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ ايمانداري سان يونيورسٽي جي خزانچي جي اعليٰ عهدي تي پهتو. رحمه الله. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org