سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مقالات خانائي

باب-

صفحو : 16

 

سيد عبدالحسين موسوي

سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جي ”موسوي سادات“ مان هو. سندس والد، سيد وڌيل شاهه موسوي پڻ پنهنجي وقت جو وڏو  عالم، اديب، صحافي ۽ هڪ ڪامياب استاد ۽ اعليٰ درجي جو منتظم ٿي گذريو آهي.

سيد عبدالحسين موسويءَ 21- رمضان المبارڪ 1319هه/ 3- جنوري 1902ع تي خميس ڏينهن شام جو ستين بجي، پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو گهوارو پئي رهيو آهي. علمي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان گڏوگڏ، شاهه صاحب جي ذهن ۽ طبيعت تي هن علمي ادبي شهر جي ماحول جو پڻ فطرتي طور تي اثر پيو.

سيد عبدالحسين موسويءَ، ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ ان وقت جي مشهور استاد، قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي ميان پير محمد کان حاصل ڪئي. قاضي ميان غلام مهدي، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر، فقير قادربخش ”بيدل“ جي مجازي محبوب، قاضي ميان پيرمحمد جو فرزند ۽ بيدل سائينءَ جو شاگرد هو. شاهه صاحب، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ جي  مشهور درسگاهه، سنڌ مدرسته الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. ان کان پوءِ، کيس سندس والد بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليو. ليڪن، اتي سندس طبيعت ناساز رهڻ لڳي، تنهنڪري پاڻ سنڌ واپس موٽي آيو ۽ هتي ڪراچيءَ جي ڊي. جي. ڪاليج ۾ داخل ٿي، بي. اي. جو امتحان پاس ڪيائين.

هڪ شاگرد تي پنهنجي استاد جو وڏو اثر ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح، سيد عبدالحسين موسويءَ جي ذهن ۽ ذڪاءَ تي پڻ پنهنجي استاد قاضي ميان غلام مهديءَ جي تعليم ۽ تربيت ۽ شخصيت جو تمام گهڻو اثر پيو. پاڻ پنهنجي استاد کان متاثر ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي. جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ، شاهه صاحب سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو، جتي پنهنجيءَ قابليت ۽ ذهانت سان تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. ان دؤر ۾، سنڌ اندر ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڏا وڏا هاءِ اسڪول قائم ٿيل هئا، جتي نهايت ئي قابل ۽  محنتي استادن کي موڪليو ويندو هو. شاهه صاحب کي پڻ انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو شرف حاصل رهيو، جتي پاڻ وڏيءَ محنت ۽ اعليٰ اخلاق وسيلي پنهنجو نالو نروار ڪيائين.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هڪ ڪامياب منتظم واري حيثيت کان متاثر ٿي، کيس ان وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان دؤر ۾، تعليمي لحاظ کان مسلم اسڪولن جي حالت تمام گهڻو پوئتي پيل هئي. شاهه صاحب وڏيءَ محنت ۽ اورچائيءَ سان، سنڌ جي انهن اسڪولن جي حالت کي هر لحاظ کان سڌاري، ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو. سندس اعليٰ انتظامي صلاحيتن کان متاثر ٿي، بعد ۾ کيس ٽنڊي باگي جي مشهور هاءِ اسڪول جو پرنسيپال مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريائين. اهڙيءَ طرح، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪولن جو پرنسيپال ٿي ڪم ڪيائين.

پاڻ آخر ۾، ڪراچيءَ جي ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جو پرنسيپال مقرر ٿيو، جتان کيس ترقي ڏيئي پهريائين حيدرآباد ڊويزن ۽ پوءِ سکر ڊويزن جو ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ انهيءَ  عهدي تان سن 1957ع ۾ پينشن ٿي لٿو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن آرام ۽ سڪون سان پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ گذاريائين، جتي سندس گهڻو وقت مطالعي ۽ تصنيف وتاليف ۾ گذرندو هو.

سيد عطا حسين موسويءَ سن 1957ع ۾ ٻين علم دوست ساٿين سان گڏجي، ”سکر ايڊيوڪيشن سوسائٽي“ برپا ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ سکر ۾ هڪ اوريئنٽل ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ هـُـن اعزازي طور پاڙهڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح، شاهه صاحب پينشن تي اچڻ کان پوءِ به درس ۽ تدريس جي مشغلي سان وابسته رهيو.

سيد عبدالحسين موسوي نه صرف علم ۽ ادب جو شهسوار هو، پر علم طب ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. شاهه صاحب ملازمت جي دؤر کان وٺي ويندي پينشن تي اچڻ کان پوءِ به باقي حياتيءَ جو عرصو طب جي ذريعي عوام الناس جي خدمت ۾ گذاريو. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کان ان جو عيوضو نه ورتائين، ۽ نه وري طب کي ذريعه معاش بڻايائين. وٽس وڏن وڏن حاذق حڪيمن جا ناياب نسخا هئا، جي ڪيترن ئي مختلف مرضن لاءِ تير بهدف هوندا هئا. علم طب تي سندس چار پنج بياض قلمي صورت ۾، سندس لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر سيد عبدالحسين موسويءَ وٽ موجود آهن. انهن بياضن کي جيڪڏهن ڪنهن ماهر حڪيم کان ترتيب ڏياري شايع ڪرايو وڃي، ته عوام الناس جي وڏي خدمت ٿيندي. سيد عبدالحسين موسويءَ، بيبي شهزاد بنت ميرڪ سبحان علي شاهه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.

شاهه صاحب 5- شوال المڪرم 1386هه/ 17- جنوري 1967ع تي اڱاري ڏينهن صبح جو يارهين بجي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. کيس سکر پراڻي ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان، ”ڏتل شاهه جي مڪان“ ۾ دفن ڪيو ويو.

تصنيفات

سيد عبدالحسين موسوي سنڌي ادب جي ناميارن ۽ بلند پايي  جي نثرنگارن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌي، فارسي، عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو هو. جيتوڻيڪ سندس لکيل ڪتابن جو تعداد ايترو گهڻو نه آهي، پر ان هوندي به اهي سنڌي ادب ۽ زبان جو وڏو سرمايو آهن. هتي سندس تصنيف  ۽ تاليف ڪيل ڪتابن جو مختصر طور تي جائزو پيش ڪجي ٿو:

1. ڇوڪرين جي ورنيڪيولر فائينل امتحان جا پيپر:

        سيد عبدالحسين موسويءَ سنڌي اسڪولن جي نصاب طور، ٻين تعليمي ماهرن سان شريڪ ٿي، ڪافي ڪتاب لکيا آهن. هن مذڪوره ڪتاب ۾ پڻ شاهه صاحب پنهنجي وقت جي مشهور هندو تعليمي ماهر، جڳتراءِ ايسرداس شوداساڻي ۽ قاضي ميان  جان محمد شڪارپور واري سان گڏجي، سنڌي فائينل امتحان ۾ ويهندڙ ڇوڪرين جي سهولت لاءِ، سن 1930ع کان سن 1934ع تائين آيل امتحاني سوالن جا پيپر حل ڪيا آهن. هن ڪتاب جي منڍ ۾، ان جي اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته:

”جڏهانڪر ڇوڪرين جو ورنيڪيولر فائينل امتحان ٿيڻ لڳو آهي، تڏهانڪر سوالن جوابن واري پيپرن جي ڪتاب جي ضرورت گهڻي قدر محسوس پئي ڪئي وئي آهي.“

ان مٿئين عبارت مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ ڪتاب انهن ٽنهي مصنفن، خاص طور سنڌ جي نياڻين لاءِ، سنڌي فائينل امتحان کي آسان بڻائڻ لاءِ لکيو هو. ڪتاب جي منڍ ۾، امتحان ۾ جيڪي مقرر ٿيل ڪم آهن، تن جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ نثر، نظم، گرامر، صورتخطي، مضمون نگاري، انگي ۽ گهرو حساب، جاگرافي، تواريخ، صحت سکيا، ڇوڪرين لاءِ سبڻ جو ڪم وغيره جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو به واضح ٿئي ٿو، ته ان دؤر ۾ سنڌي فائينل امتحان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ اَٺَ هيڊ مقرر ٿيل هئا.

هيءُ ڪتاب جيئن ته ٽن مصنفن جو لکيل آهي، ان ڪري اهو معلوم ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پيو آهي ته ڪهڙو حصو ڪهڙي ليکڪ جو لکيل آهي. البت، هن ڪتاب کي مجموعي طرح نياڻين جي فائينل امتحان جي سلسلي ۾، نهايت ئي آسان نموني ۾ لکيو ويو آهي. سڀني پيپرن جي سوالن جا جواب نهايت خبرداريءَ سان ڏنا ويا آهن. خاص طرح سان ڇوڪرين کي امتحان جي تياري ڪندي جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، تن کي سامهون رکي، هن ڪتاب کي نهايت مفيد بڻايو ويو آهي.

هن وقت جيتوڻيڪ ان ڪتاب جي اها تدريسي اهميت نه رهي آهي، تاهم ان جي مطالعي مان سنڌي زبان، شعر و شاعري، گرامر، جاگرافي، تواريخ ۽ مضمون نويسيءَ جهڙن اهم موضوعن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. هيءُ ڪتاب ديوان موتيرام ڌرمداس، موتي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس ، تلڪ روڊ، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ڪيو.

2. تفريق ۽ تقطيع:

        دراصل، سيد عبدالحسين موسويءَ هيءُ ڪتاب استادن ۽ شاگردن جي رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ لاءِ لکيو هو. ان دؤر ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ورنيڪيولر امتحان، جنهن کي عام طرح ”سنڌي فائينل“ سڏيو ويندو هو، جي نصاب ۾ ”علم نحو“ ۽ ”علم صرف“ شامل هئا. ان وقت “علم صرف” تي ته سٺا ڪتاب لکيل هئا، پر ”علم نحو“ تي ڪو مختصر ڪتاب موجود نه هو. شاهه صاحب جيئن ته انهن ٻنهي مذڪوره علمن تي مهارت رکندڙ هو، تنهنڪري ”تفريق ۽ تقطيع“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين. ظاهري طور تي اهو ڪتاب نصابي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر شاهه صاحب پنهنجي وسيع ڄاڻ ۽ عالمانه ذوق سبب ان کي ايترو ته مختصر ۽ جامع بڻايو، جو سچ پچ ته درياء ڪوزي ۾ سمايو ويو آهي. هن ڪتاب مان نه صرف ان دؤر جا نوجوان شاعر لاڀ پرائيندا هئا، پر ان کي سند طور پڻ پيش ڪيو ويندو هو. هن ڪتاب جي ترتيب ۾، ميان محمد ابراهيم عباسي پڻ شاهه صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

هيءُ ڪتاب سن 1934ع ۾ اشاعت هيٺ آيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سن 1945ع ۾ پوڪرداس ائنڊ سنز، ڪراچي سنڌ طرفان ڇپيو، ۽ ان جو پنجون ڇاپو سن 1958ع ۾ توفيق آرٽ پريس، دادو سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.

3. جاميٽري:

        سيد عبدالحسين موسويءَ نه صرف سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، پر پاڻ ”علم رياضيءَ“ ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هو. تواريخي لحاظ کان سندس خاندان مان ميرڪ عبدالباقي ٺٽوي(المتوفي: 983هه/1575ع) ”جاميٽريءَ“ جي فن جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ ۾ انهيءَ فن تي نوان نوان تجربا ڪيا. اهو خانداني اثر صدين کان پوءِ، سيد عبدالحسين موسويءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. شاهه صاحب کي ”علم رياضيءَ“ جي هر شاخ تي مهارت حاصل هئي، پر خاص طرح سان ”جاميٽريءَ“ جي علم ۾ وڏي ڄاڻ رکندو هو. هاءِ اسڪولن ۾ ورهين جا ورهيه علم رياضي پڙهائيندي،”جاميٽريءَ“ جي علم تي کيس ايڏو ته عبور حاصل هو، جو پاڻ ان تجربي جي بيناد تي هڪ ڪتاب لکيائين. جاميٽريءَ جو اهو ڪتاب سن 1936ع ۾ ڇپرايائين، جنهن کي ان وقت جي تعليم کاتي طرفان نصاب تي  رکيو ويو. هن ڪتاب جو پندرهون ڇاپو سن 1954ع ۾  چئن هزارن جي تعداد ۾ ڇپيو ۽ ان جو ارڙهون ڇاپو، سن 1957ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ٿيو.

4. تاريخ اسلام:

        سيد عبدالحسين موسوي نه صرف مذهبي قسم جو ماڻهو هو، پر سندس تواريخي مطالعو به ڪنهن وڏي اسڪالر کان گهٽ نه هو. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ گهڻي ڀاڱي طب، ادب ۽ تواريخ جا ڪتاب موجود هئا. مسلمانن جي عروج ۽ زوال جو نقشو، هر وقت سندس اکين آڏو رهندو هو. دنيا ۾ مسلم قوم جي ناگفته به حالت ڏسي، کيس گهڻو افسوس ٿيندو هو. انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿي، پاڻ تواريخ جهڙي خشڪ مضمون کي هٿ ۾ کنيائين ۽ پنهنجي قلم سان ان کي اهڙو دلچسپ بڻايائين، جو اهو ڪتاب سنڌ جي عالمن خواه نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هيءُ ڪتاب، سنڌ جي مشهور پبلشر، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ طرفان سن 1950ع ۾ شايع ٿيو.

5. سڳنڌ:

        دراصل، سنڌي ”لوڪ ادب“ جي ابتدائي ميڙ چونڊ جو سهرو، سيد عبدالحسين موسويءَ جي سر تي سـُـونهي ٿو. دنيا ۾ جيڪي به سڌريل قومون آهن، تن جي علم ۽ ادب جو وڏو سرمايو ”لوڪ ادب“ ئي هوندو آهي. ”لوڪ ادب“ قومن جي تهذيب ۽ ثقافت جو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾ سندن زندگيءَ جو هر لحاظ کان عڪس موجود هوندو آهي. سنڌي ”لوڪ ادب“، سنڌي قوم جو سرمايه حيات آهي، جنهن مان سنڌ جي تهذيب، تمدن، سورهيائي، سخاوت وغيره جهڙين ڳالهين جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

شاهه صاحب کي عموماً پنهنجي نوڪريءَ جي حوالي سان اڪثر سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ اسڪولن جي امتحان وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو، جتي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪچهرين ۾، لوڪ ڪهاڻيون، ڳجهارتون، هـُـنر، ڏِٺـُـون ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون اهڙيون شاعراڻيون صنفون اچي پيش ڪندا هئا ۽ ڪچهرين کي رونق وٺرائيندا هئا. شاهه صاحب جو جيئن ته علم ۽ ادب ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو، ان ڪري مختلف وقتن تي جتي جتي پاڻ ويندو هو، ته اتي ان قسم جي مواد کي سهيڙيندو رهندو هو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ”لوڪ ادب“ جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پر اسان ايترو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌي ”لوڪ ادب“ جو بنيادي پٿر، دراصل سيد عبدالحسين موسويءَ ئي رکيو هو. شاهه صاحب، ”لوڪ ادب“ جي ان گڏ ڪيل مواد جي عالمانه انداز ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ميان محمد ابراهيم عباسيءَ جي شراڪت سان ”سـُـڳنڌ“ نالي ڪتاب تيار ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جي خدمت ۾ پيش ڪيو. هيءُ ڪتاب سن 1950ع ۾ مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ، هن ڪتاب جا لاڳيتا چار ڇاپا، ترتيبوار سن 1951ع، 1952ع، 1953ع ۽ 1954ع ۾  قاضي ميان نصير محمد، توفيق آرٽ پرنٽنگ پريس، دادو سنڌ ۾ ڇپيا. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو سن 1959ع ۾ تاج محل پريس، حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ اٺون ڇاپو سن 1966ع ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان هن ڪتاب کي ڪيترا دفعا نصاب طور پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

6. ديوان بيدل:

        سيد عبدالحسين موسوي بنيادي طرح ته نثر نويس هو، پر شعر و شاعريءَ جي مذاق پڻ رکندو هو. پاڻ روهڙيءَ جهڙي علمي شهر سان واسطو رکندڙ هو، جتي ڪيترائي صوفي درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن سنڌي ادب جي صوفيانه شاعريءَ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ کانپوءِ، سنڌ جي قديم شاعرن جو ڪلام ڪٺي ڪرڻ ۽ ان کي جديد نموني سان ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. ان سلسلي ۾ روهڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر، فقير قادر بخش”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ سيد عبدالحسين موسويءَ جو انتخاب ڪيو ويو. شاهه صاحب، ”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان مواد گڏ ڪيو ۽ مختلف قلمي نسخن کي ڀيٽي، سموري ڪلام کي تحقيقي لحاظ کان يڪجاءِ ڪيو. ڪتاب جي منڍ ۾، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي سوانح حيات، سندس علمي ڪارنامن ، صوفيانه ۽ عاشقانه نظرين کي سهڻي نموني ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. ”بيدل“ جي ڪلام کي ”ديوان“ جي صورت ۾ ترتيب ڏيڻ ۽ ان تي عالمانه مقدمو لکڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته شاهه صاحب وڏيءَ ذهانت جو صاحب هو ۽ کيس جديد نموني تي ڪتاب مرتب ڪرڻ جي وڏي ڄاڻ حاصل هئي. ”ديوان بيدل“ سن 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، محترم ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جي سعي ۽ ڪوشش سان سن 1991ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڇاپي ۾ ”بيدل“ سائينءَ جي سوانح، پيغام ۽ ڪلام بابت ”شوق“ صاحب جا ضروري اضافا پڻ ڏنا ويا آهن.

7. سرهاڻ:

        ”لوڪ ادب“ جي سلسلي ۾، ”سـُــڳنڌ“ نالي ڪتاب ترتيب ڏيڻ کان پوءِ، شاهه صاحب وٽ اڃا به ڪافي اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو هو، جيڪو پهرئين ڪتاب ۾ اچي نه سگهيو هو. سيد عبدالحسين موسويءَ ”لوڪ ادب“ جي باقي رهيل سڀني صنفن کي گڏ ڪري ”سرهاڻ“ نالي ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن ۾ پڻ ميان محمد ابراهيم عباسيءَ جي ساڻس شراڪت رهي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب سن 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان پنهنجي ذاتي خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب پڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. هن ڪتاب کي به سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان نصاب تي رکيو ويو.

8. ديوان بيڪس:

        ”ديوان بيڪس“، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي فرزند، فقير محمد محسن”بيڪس“ جي ڪلام جو مجموعو آهي. سيد عبدالحسين موسويءَ. ”ديوان بيڪس“ پڻ انهيءَ ساڳئي نموني تي ترتيب ڏنو آهي، جنهن طرز تي ”ديوان بيدل“ مرتب ڪيو هئائين. هن ۾ ”بيڪس“ جي سوانح حيات سان گڏ، ان جي صوفيانه انداز کي تحقيقي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سندس شاعراڻي مذاق جي ساک ڀري ٿو. هيءُ ڪتاب سن 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو.

9. وکريل وٿون:

        شاهه صاحب پينشن تي لهڻ کان پوءِ، پنهنجيءَ ملازمت واري عرصي ۾ کيس جيڪي تجربا ۽ مشاهدا نظر آيا، تن کي مضمونن جي صورت ۾ قلمبند ڪيو. هن انهن مضمونن کي ”ڪمزوريون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ڏيئي، پنهنجي حياتيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ڪتاب جي منڍ ۾، سنڌ جي وڏي عالم ۽ اديب، ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ کان تقريظ لکائي، ان ۾ شامل ڪئي هئائين. اڃا ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ داخل ئي نه ٿيو هو. ته شاهه صاحب هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. ان کان پوءِ، هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ سندس پوٽي، ڊاڪٽر سيد امجد حسين موسويءَ ڪوشش ورتي ۽ ڪتاب جو مسودو پروفيسر محمد فاضل شيخ صاحب جي حوالي ڪيو. شيخ صاحب ان ڪتاب جي مواد کي ڪمپوز ڪرايو، پر اهو وڌيڪ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ کان رهجي ويو. ان کان پوءِ ، شاهه صاحب جي ٻئي لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر سيد عبدالحسين موسويءَ اهو ڪمپوز ٿيل مواد راقم جي سپرد ڪيو ۽ ان کي شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي ان مجموعي ۾ صرف ست مضمون هئا، جن کي ”ڪمزوريون“ جي عنوان سان مرتب ڪيو ويو هو. راقم، شاهه صاحب جي انهن ستن مضمونن کان سواءِ، سندس زندگيءَ ۾ لکيل ٻين مضمونن جي پڻ ڳولا ۽ جستجو ڪئي. ان سلسلي ۾، شاهه صاحب جا جوانيءَ جي زماني کان وٺي لکيل ٻيا به ڪيترائي مضمون مختلف رسالن مان هٿ ڪري، هن ڪتاب ۾ ”وکريل وٿون“ جي نالي سان ڏنا ويا آهن. هيءُ علمي ۽ ادبي ڪتاب اشاعت هيٺ آهي ۽ جلد ئي ڇپجي پڌرو ٿيندو.

*

(”تذڪره پـُوراني سادات سکر“ تان ورتل)

 

حڪيم قاضي محمد يعقوب ”صابر“ قريشي

وِئا اُهـَـرِي اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳـِهـِم،
جـُڳـَنِ جا جـُڳَ ٿـِئا، تـِئان موٽـِئو ڪوءِ،
گـُندَرُ مارِيندوءِ، ويچارِي وِئـَنِ جو!
                                     (شاهه)

سنڌ جي ”ساهتي“ پرڳڻي جي سرزمين مان جيڪي گوهر پيدا ٿيا، تن جي چمڪ کان هن خطي جو مانُ مٿانهون آهي. هتان جي خاڪ پاڪ مان ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ حڪيم پيدا ٿيا، جي پنهنجي وقت جو وارو وڄائي، واريءَ جي ڪـَـڻن وانگر وهي ويا. سندن علمي ڪارناما پڻ وقت جي رفتار سان گڏ، آهستي آهستي ٿي، اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويندا. اهڙين بزرگ هستين پنهنجون سموريون حياتيون علم و ادب، شعر و شاعري ۽ تعليم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ  پوريون ڪري ڇڏيون.

”ساهتي“ پرڳڻي، جيڪي باڪمال بزرگ شخصيتون پيدا ڪيون، تن مان ”خانواهڻ“ (ضلعي نوشهري فيروز) جي مردم خيز زمين مان حڪيم قاضي محمد يعقوب قريشيءَ جو نالو هميشه غير فاني رهندو. علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري ۽ حڪمت جو هيءُ روشن ستارو تاريخ 22 - ڊسمبر 1974ع تي آچر رات اڍائي بجي هميشه لاءِ اوچتو ئي اوچتو غروب ٿي ويو. حڪيم صاحب اسان کان هميشه لاءِ مـُنهن  موڙي، جــُدائيءَ جو داغ ڏيئي، اُن اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن اُسهيو، جتان ڪوبه وانگــِي وري نه آيو آهي. سندس لاڏاڻي جي ڪري”ساهتيءَ“ جي ستر سالن جي علمي ۽ ادبي تواريخ جو هڪ باب پورو ٿي ويو. سندس جدائي خاص طرح سان سنڌي ادب ، تواريخ، شاعري ۽ حڪمت لاءِ هڪ وڏو عظيم سانحو آهي ۽ اهو خال ڪيترين صدين تائين ڀرجڻ محال آهي.

هيءُ باڪمال بزرگ، حضرت خالد بن وليد جي پيڙهيءَ مان هو. سندس وڏا، اسلامي دؤر حڪومت ۾، قضا جي معزز عهدي تي فائز هئا. ان ڪري سندس خاندان ”قاضي“ ڪري سڏيو ويندو آهي. سندس والد بزرگوار، قاضي ميان امام بخش قريشي ، ”خانواهڻ“ شهر جو هڪ بااثر ۽ معزز شخص هو.  قاضي ميان امام بخش پنهنجي زندگيءَ جي اوائلي دؤر ۾ زماني جا وڏا انقلاب ڏٺا. پنهنجن ۽ پروان جا سـُـور ۽ سختيون سٺائين.آخر ۾ پنهنجي شهر ۾ هڪ ديني مڪتب کوليائين، جنهن ۾ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو. شهر جا اڪثر ننڍا خواه وڏا قاضي صاحب کي عزت ۽ احترام وچان ”ميان جي“ ڪري چوندا هئا.

حڪيم قاضي محمد يعقوب، ان وقت جي ماحول ۾ تاريخ 14 - اپريل 1904ع تي پنهنجي شهر ”خانواهڻ“ ۾ غربت ۾ اک کولي. پاڻ ابتدائي تعليم شهر جي بهترين استادن کان حاصل ڪيائين، جن ۾ ماستر محمد معروف، قاضي ميان ولي محمد ۽ ٻيا ڪيترائي ماهر استاد هئا. پاڻ انهن استادن وٽان قرآن پاڪ، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پرايائين. خانواهڻ شهر جي پرائمري اسڪول مان چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، کيس سندس مامي، قاضي ميان مير محمد بهلاڻيءَ واري انگريزي تعليم پرائڻ لاءِ پـِٿوري مدرسي (1) ۾ داخل ڪرايو. ان زماني ۾، انگريز سرڪار، ٿرپارڪر ضلعي جي پٿوري شهر ۾ ٿرين جي تعليم لاءِ هڪ مڊل اسڪول کوليو هو. حڪيم صاحب، پٿوري مدرسي مان پنج درجا انگريزي پاس ڪري، باقي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچيءَ ۾ اچي داخل ٿيو. انهيءَ مدرسي مان قاضي صاحب سن 1925ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.(2)

پٿوري مدرسي ۾ تعليم پرائڻ واري عرصي دوران قاضي محمد يعقوب فارسيءَ جا باقي رهيل ڪتاب پڻ پڙهي پورا ڪيا.فارسيءَ جي اها تعليم پاڻ پنهنجي قابل استاد، محمد علي شاهه ميسوريءَ وٽ پڙهي پوري ڪيائين. محمد علي شاهه ميسوري، پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو نامور استاد، تواريخدان ۽ يگانه روزگار عالم هو. وٽس هڪ وڏو علمي ڪتبخانو پڻ هو. قاضي صاحب پنهنجي انهيءَ استاد جي صحبت ۽ رهنمائيءَ مان ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. پاڻ هميشه پنهنجي استاد جي تعريف ڪندو هو.

قاضي صاحب، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي والد جي مالي حالت جي ڪمزوريءَ سبب وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو. پاڻ خانواهڻ جي ڀرسان محبت ديري جتوئيءَ ۾ هندو پنچائتي انگريزي اسڪول ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران پاڻ مادري شفقت کان محروم ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ اچي انجنيئري کاتي ۾ ڪلارڪي ڪيائين، پر جلدي ئي اها ملازمت به ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ، ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٺٽي واري دؤر ۾، ان وقت اتان جي مشهور شاعر زمان شاهه(1) سان سندس قرب ۽ محبت جا تعلقات قائم هئا. شاهه صاحب جي صحبت ۾ رهي، پاڻ شاعريءَ جي مشق شروع ڪيائين. قاضي صاحب خود پاڻ اڪثر ڪري چوندو هو، ته سيد زمان شاهه هڪ وڏو شاعر ۽ ڏاڍو کل مک انسان هو. اگر ساڻس حياتي وفا ڪري ها، ته سنڌي زبان ۾ شاعريءَ جو هڪ وڏو اڻ کٽ خزانو ڇڏي وڃي ها!

اهڙيءَ طرح، پاڻ مختلف نوڪريون ڪندو رهيو، پر کيس ڪٿي به دلي سڪون حاصل نه ٿيو. دراصل، قاضي صاحب جو قدرتي طرح ۽ جذباتي طور تعليم ڏانهن تمام گهڻو رجحان هو ۽ سندس گهرو ماحول پڻ اهڙو هو. انهيءَ ڪري پاڻ روينيو کاتو ڇڏي، تعليم کاتي ۾ گهڙيو ۽ آخر تائين ان ۾ رهي پينشن تي لٿو. روينيو کاتو ڇڏڻ بعد، پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ، نواب شاهه جي اي.پي.ڪلاس اسڪولن ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو، جو ٻهراڙين ۾ خاص طرح سان مسلمانن جي ٻارن کي جديد انگريزي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ، سنڌ جي هر ضلعي ۾ لوڪل بورڊ پاران اي. پي. ۽ اي. وي. ڪلاس اسڪول کوليا ٿي ويا، ته جيئن شهرين سان گڏ ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريبن جا ٻار پڻ نئين تعليم کان واقف ٿين.

قاضي محمد يعقوب کي نواب شاهه ضلعي ۾ لوڪل بورڊ جي طرفان هر نئين اي. پي. ڪلاس اسڪول کولڻ ۽ ان کي چڱيءَ طرح سان هلائڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. اهڙا ڏکيا، دُور دراز ۽ ڦـِـٽل اسڪول سندس حوالي ڪيا ويندا هئا، جتي ٻيو ڪوبه مشڪل سان ويندو هو. پر سندس شخصيت ۽ دوربين نگاهه هر هنڌ ڪامياب ويئي. انهيءَ ڪري قاضي ميان جان محمد، جيڪو ان زماني ۾ ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر هو، جو مٿس ڏاڍو راز هوندو هو. قاضي صاحب تعليم کي هڪ مقدس فرض ڪري سمجهيو ۽ ان ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتائين. ان ڏس ۾، پاڻ پنهنجيون سموريون صلاحيتون ۽ قوتون صرف ڪيائين.

قاضي صاحب تعليم ڏيڻ جي مشغلي سان گڏ، هڪ لاثاني حڪيم پڻ هو. دراصل، حڪمت سندس آبائي ڌنڌو هو. پاڻ سن 1940ع ۾ طبيه ڪاليج، گجرات مان ”شمس الحڪماء“ جي سند حاصل ڪيائين. پاڻ علم طب ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئائين. سندس نسخا ڪيترين بيمارين لاءِ تير بهدف هوندا هئا.

حڪيم صاحب سن 1929ع ۾ پنهنجي وڏي مامي، قاضي ميان فيض محمد بهلاڻيءَ  واري جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. قاضي ميان فيض محمد، پنهنجي وقت جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. قاضي محمد يعقوب، ابتدائي دؤر ۾، وٽس علم طب جو درس پڻ ورتو هو. قاضي صاحب کي ٻه فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيا، جن مان هڪ فرزند ۽ ٽيئي نياڻيون سندس حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. باقي سندس هڪ فرزند، حامد علي (راقم الحروف) حال حيات آهي، جنهن کي پاڻ اعليٰ تعليم ڏياريائين.

قاضي محمد يعقوب پنهنجي زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾، نواب شاهه ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نواب شاهه ۾ نوڪريءَ جو باقي حصو پورو ڪري، پينشن تي لٿو. پينشن تي لهڻ کان پوءِ،  کيس حقيقي سڪون ۽ آرام حاصل ٿيو ۽ طب تي زياده توجهه ڏيڻ لڳو. پاڻ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين طب جي شعل ۾ مصروف رهيو.

قاضي صاحب زماني جا ڏاڍا انقلاب ۽ ڏکيا ڏينهن ڏٺا. زندگيءَ جا آخرين ڏينهن ٽٽل دل سان پئي گذاريائين. پنهنجن ويجهن عزيزن کيس ڏاڍو رنجايو، جڏهن ته پاڻ هميشه سڀني کي زندگيءَ جي ڪٺن گهڙين ۾ ڪم ايندو رهندو هو. سندس وفات کان ڇهه مهينا اڳ هڪ وڏو حادثو درپيش آيو، جنهن کان پوءِ سندن طبيعت بگڙجي پئي ۽ وري اصل حالت تي اچي نه سگهي. حڪيم صاحب جي اباڻي گهر ۽ مدرسي واري جاءِ تي سندس همشيره ۽ ڀيڻيويي ناجائز قبضو ڪيو. قاضي صاحب اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ آخرڪار هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو. سندن وصيت موجب سندس ميت کي ڳوٺ نيو ويو، پر سندس عزيزن کيس مــُئي کان پوءِ به پنهنجي اباڻي گهر ۾ اچڻ نه ڏنو. قاضي صاحب جي اها تمنا هئي، ته زندگيءَ جا آخرين پساهه اباڻي گهر ۾ پورا ٿين، ليڪن پاڻ اها حسرت به دل ۾ سانڍيو ويو. سموري حياتي مسافر ٿي رهيو ۽ آخر ۾ به مسافرن وانگر وڃي ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿيو. کيس پنهنجي والد جي پهلوءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

سندس وفات جي موقعي تي جناب ايڇ. ايم. خوجا صاحب، چيئرمن، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد سنڌ سندس فرزند کي هڪ تعزيتي خط لکيو، جنهن مان مرحوم جي شخصيت ۽ تعليمي خدمتن جو چڱيءَ طرح پتو پوي ٿو. جناب خوجا صاحب لکي ٿو:

”توهان جي والد بزرگوار، محمد يعقوب قريشي جي المناڪ موت جي خبر ٻڌي نهايت ئي ڏک ٿيو. اِنا لله و اِنا اليه راجعون. مرحوم منهنجو عزيز دوست ۽ ساٿي هو. نواب شاهه واري اسڪول جي تعمير ۾ مون سان همراهه ٿي ڪم ڪيائين. مرحوم اعليٰ ڪردار ۽ ڪئين خوبين جو مالڪ هو. پاڻ نهايت ايماندار، محنتي ۽ قابل استاد هو. منهنجي توهان ۽ ٻين پسماندن سان دلي همدردي آهي. رب سائين کيس جنت الفردوس نصيب ڪري ۽ توهان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي!“ (1)

قاضي صاحب پنهنجن ٻين عزيزن وانگر گمبٽ جي جيلاني پير، حضرت سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو مريد هو ۽ سموري حياتي ”قادري“ طريقي جو ذڪر ڪندو رهيو. مٿس سندس مرشد جي هميشه مهر ۽ قرب جي نظر رهندي هئي.گهڻي ٺاهه ٺوهه سان ڪانه پوندي هـُـئس. سموري زندگي سادگيءَ سان گذاريائين. زهد ۽ عبادت به گهڻي ڪندو هو.

قاضي محمد يعقوب، سنڌ مدرسـته الاسلام ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ٺٽي ۾ نوڪريءَ واري زماني ۾، پاڻ شاعريءَ جي باقاعدي مشق ڪيائين. سندس  شعر نهايت سادو، سهڻن لفظن ، بلند خيالن ۽ محاورن سان سينگاريل آهي. شعر ۾ سواءِ ڪن ڪافين ۾ ”صابر“ ۽ باقي اڪثر ڪري ”يعقوب“ تخلص اختيار ڪندو هو. سندس ڪيترين ڪافين کي ڀڳت جاڙي مل رڪارڊ ڪرايو هو، جي سنڌ ۾ ڪافي مقبول ٿيا.

حڪيم صاحب فارسي ٻوليءَ ۾ چڱو عبور رکندو هو. پاڻ سنڌي زبان جو به هڪ سٺو نثرنويس هو. سنڌي نثر ۾، ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب شايع ڪرايائين، مگر افسوس جو زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري سندس گهڻا مضمون ضايع ٿي ويا. ”راهبه جميلا“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ ناول لکيو هئائين، جنهن ۾ اسپين جي سرزمين جو هڪ داستان ڏنل آهي. اهو ڪتاب سن 1939ع ۾ لطيف پريس، نواب شاهه مان ڇپيو هو. ”تذڪره يعقوبي“ سنڌي نثر ۾ فارسيءَ جو ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ ”ساهتي“ پرڳڻي ۾ رهندڙ قريش خاندان جو احوال ڏنل آهي. علم طب ۾ سندس ناياب  ڪتاب ”بياض يعقوبي“ تحرير ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب علم طب ۾ سندن هڪ بي بها تصنيف آهي.

”قربائتيون ڪافيون“، ”ڪلام قريشي“، ”ديدار دلبر“ ۽ ”ناز دلبر“ سندس شاعريءَ جا مجموعا آهن، جي ان دؤر ۾ سکر ۽ حيدرآباد جي ڪتب فروشن شايع ڪرايا هئا. سن 1937ع ۾ ڪلاسيڪي نظم ”الف اشباع“ واري قافيي ۾ ”سيده جو لال“ نالي هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ڪربلا جي خوني واقعي جو درد انگيز ذڪر بيان ڪيو ويو آهي. اهو ڪتاب اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي

حڪيم قاضي محمد يعقوب کي ڪتابن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. کيس پنهنجن وڏن جو هڪ عاليشان ڪتبخانو هو. سندس ڪتبخاني ۾ هر فن تي عربي ۽ فارسي ۾ قلمي توڙي ڇاپي ڪتاب موجود آهن. علم طب تي اٽڪل چار سؤ کن ناياب ڪتاب آهن، جن جو هن وقت ملڻ مشڪل آهي. سندس اهو عاليشان ڪتبخانو هن وقت سندس فرزند (راقم الحروف) وٽ محفوظ آهي.

قاضي صاحب جو ڪلام گهڻو هو، پر افسوس جو زماني جي ڦيرين گهيرين جي ڪري ناپيد ٿي ويو. سندن ڪلام لاءِ ڳولا جاري آهي. جو ڪجهه به هٿ آيو، سو گڏ ڪيو ويندو. هتي سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:

 

ڪافي

نه هيءُ ڀؤنر، بلبل، نه بستان هوندو،
نه هوندي شمع هيءَ، نه پروان هوندو.

 

1-      سدا گل حسن جو، نه خندان هوندو،
                        نه خوش خال خط هيءُ، نه ريحان هوندو.

                2-     نه هيءُ ناز دولت، نه هوندو خزانو،
                        نه هيءَ فوج هوندي، نه سامان هوندو.

                3-     نه ساقي نه پيالو، نه پيمان هوندو،
                        نه هيءَ ميز هوندي، نه مهمان هوندو.

                4-     نه هيءَ ارض هوندي، نه آسمان هوندو،
                        سواءِ ذات حق جي، نه انسان هوندو.

                5-      گذر نيٺ “يعقوب”، هو محشر به ٿيندو،
                        نه ميزان هوندو، نه ميدان هوندو.

*

(اخبار ”پنجتني“ حيدرآباد سنڌ، 1926ع ۾ ڇپيل)

 

 

ڪافي

تنهنجي دِلا ڀانئيا دغا ڪين،
قسمت چوان ڪا منهنجي ڦٽي.

 

1.      آس اندر ۾ ڪيڏي هئي،
پنهنجي ميهر سان گڏ ٿينديس هلي،
ورق وصل جا ويندا ملي،

 

پر سورن ڏني ڪا پنهنجي پٽي.

 

2.      دِلو ڀڳو درياءَ ۾،
ٻيڙي وسيلو نه واءَ ۾،
نه طاقت رهي ٻانهن ۾.

 

اهڙي اچي ڪا منهنجي ٽـُـٽي.

 

3 .   آخر رضا تي راضي رهي هي،
هئه وڃان ٿي لالن لـُـڙهي،
اصل ازل کان ائين لکي.

”يعقوب“ چوان ڪا منهنجي ڇٽي.

*

(ڀڳت جاڙي مل جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل، 1935ع)

 

 

ڪافي

ڏٺو مون ڪونه ڪو ڪاٿي، مثل محبوب تو جهڙو،
ننگي تلوار جنهن هٿ ۾، عاشقن لئه هي قتل ڪهڙو؟


 

1.      سوين مون سير آهن ڪيا، دنيا جي باغ گلشن جا،
چمن چين ارم سائين، نه هو گلزار تو جهڙو.


 

2.      گل لاله هزارين هئا، سمن سورج مٺا موتي،
مگر مجلس محسن ۾، نه هو ثاني صنم جهڙو.


 

3.     گلابي گل گهڻا پيدا، سوين سرو صنم سهڻا،
لکين ”يعقوب“ ڏٺا کلڻا، مگر گلڙو نه توجهڙو.

-

(رام پنجواڻيءَ جي مرتب ڪيل”سڪ جي سوغات“ 1959ع تان ورتل)

 

*

 

(ماهوار ”الرحيم“ حيدرآباد سنڌ، نومبر - ڊسمبر 1977ع)


(1) پٿوري مدرسي واري اها عاليشان عمارت اڄ به ريلوي لائين جي ڀرسان قائم آهي ۽ منجهس تپيدارن جو ڪاليج هلندڙ آهي.

(2) سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسيلر، محترم حسن علي عبدالرحمان سندس هم ڪلاسي هو.

(1) سيد زمان شاهه رضوي بن مرزا شاهه، رضوي سادات گهراڻي مان سيد محمد يوسف رضوي بکري مهدويءَ جي اولاد مان هو. سيد زمان شاهه سن 1890ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ مهارت رکندڙ هو. سيد زمان شاهه، سنڌي زبان جو هڪ وڏو شاعر هو.ساقي تخلص استعمال ڪندو هو. خاص طرح، ڪافي ۽ غزل جي صنف ۾ بلند پايي جو شاعر هو. راقم جو والد، انگريزن جي دؤر ۾ سن 1924ع- 1925ع ڌاري ٺٽي جي تعلقي آفيس ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. ان زماني ۾ سيد زمان شاهه سان سندس ملاقات ٿي ۽ ڪافيءَ جي صنف ۾ کانئس اصلاح ورتائين. والد مرحوم، ان زماني ۾ پنهنجو ڪلام قربائتيون ڪافيون جي نالي سان ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو هو. سيد زمان شاهه سن 1928ع ۾ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سيد حسام الدين راشديءَ جي قول موجب، ته زمان شاهه هن خاندان جو آخري شاعر هو.(مڪلي نامه“، ص 641)

(1) سيد حسام الدين راشدي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻين ڪيترن ئي صاحبن جا تعزيتي خط پڻ آيل آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org