سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مقالات خانائي

باب-

صفحو : 15

 

 

سيد عطا حسين موسوي

سيد عطا حسين موسوي، سنڌ جي وڏي بلند مرتبي جي عالمن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ هو. پاڻ ”ميرڪي سادات“ گهراڻي جو چشم و چراغ هو. سندس والد جو نالو، سيد وڌيل شاهه هو.(1) شاهه صاحب 12- جمادي الثاني 1316هه/28- آڪٽوبر 1898ع تي پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.

سيد عطا حسين موسويءَ ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾ پرائي. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي پير محمد وٽان حاصل ڪيائين.(1) سن 1914ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ، ”سنڌ مدرسته السلام“، ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان نهايت ئي امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. سن 1921ع ۾ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين. جيئن ته سندس والد بزرگوار، سيد وڌيل شاهه پڻ تعليمي محڪمي سان لاڳاپيل هو ۽ سندس علمي شوق ۽ مشغلي  ڪري، هن پنهنجي فرزند کي پڻ علمي ۽ تعليمي ماحول مهيا ڪيو ۽ ان ئي ماحول ۾ سندس اعليٰ تربيت ڪئي. اهو ئي ڪارڻ هو، جو سيد عطا حسين موسوي تعليم مان فراغت حاصل ڪرڻ کان پو”، تعليم کاتي کي اهميت ڏني ۽ ان ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ هڪ قابل ۽ محنتي استاد جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي، آخر سنڌ جي تعليم کاتي جي هڪ اعليٰ عهدي تي پهتو.

شاهه صاحب سن 1921ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سن 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ، پاڻ ”ساهتي“ پرڳڻي جي مشهور تعليمي درسگاهه، مدرسه هاءِ اسڪول، نوشهري فيروز ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ، کيس اتان بدلي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول،  حيدرآباد ۾ رکيو ويو، جتي نور محمد هاءِ اسڪول جي ”بورڊنگ هائوس“  جو سپرنٽينڊنٽ پڻ ٿي رهيو. پوءِ اتان بدلي ٿي ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو. سن 1927ع  ۾ کيس ترقي ڏيئي، اتي ئي هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو. پاڻ هتي 1929ع تائين انهيءَ معزز منصب تي رهيو. (1) ان عرصي دوران پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان فارسي ادب ۾ ايم.اي جو امتحان پڻ پاس ڪيائين.

سيد عطا حسين موسوي ڪجهه وقت لاءِ ”مـُـلا محمدن اسڪولس آف سنڌ“ جو ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو.(1)  شاهه صاحب ان کان پوءِ ٿرپارڪر ضلعي جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر ٿيو.(2) پاڻ انهيءَ عهدي تي 1941ع تائين فائز رهيو. انهيءَ سموري عرصي دوران ٿر جي علائقي، جو تعليم ۾ بلڪل پوئتي پيل هو، جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين. شاهه صاحب سخت محنت ۽ اورچائيءَ سان ٿر ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪيو. سندس انهيءَ محنت ۽ سر ٽوڙ ڪوششن کي ڏسي، اسڪولن جي استادن ۽ عوام پڻ ساڻس ڀرپور  انداز ۾ ساٿ ڏنو. اهڙيءَ طرح، موسوي صاحب ٿر جي استادن، شاگردن ۽ عوام ۾ تعليمي روح ڦوڪيو ۽ سموري ٿرپارڪر ۾ اڄ تائين جيڪا تعليمي جاڳرتا قائم آهي، ان جو سهرو شاهه صاحب جي سر تي سونهي ٿو.

ان دؤر ۾، انگريزي تعليم لاءِ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ميرپورخاص کان سواءِ، ٻيو ڪوبه اسڪول قائم ڪونه هو.(3) شاهه صاحب، انهيءَ ڏس ۾ ڀرپور ڪوشش ۽ جتن ڪري، سموري ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر هنڌ اي. پي . ڪلاس ۽ اي.وي. اسڪول قائم ڪري، ٿر واسين کي جديد انگريزي تعليم کان روشناس ڪرايو. ان کان سواءِ، ڪن هنڌن تي ان وقت جي سنڌ سرڪار طرفان پڻ هاءِ اسڪول کولرايائين. مـِـٺـِـي شهر ۾ مسلم هاسٽل ۽ مسجد شريف، ۽ ڏيپلي ۾ هاءِ اسڪول به سندس اڻٿڪ ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ملازمت دوران پاڻ ٿري، ڍاٽڪي ۽ گجراتي ٻوليون سکيو، ۽ انهن لجهن ۾ ٿر جي استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن سان ڳالهائيندو هو. اهڙيءَ طرح، شاهه صاحب اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جو انسان ڪنهن به ڪم ۾ خلوص نيت ۽ ديانتداري سان محنت ڪري ٿو، ته پوءِ هو ان ۾ اوس ڪامياب ٿئي ٿو. شاهه صاحب جي ٿر واسين لاءِ ڪيل تعليمي خدمتن جي اعتراف ۾، ديوان نند لعل لکي ٿو:

”ٿر ۾ شاهه صاحب ئي هو، جو تعليم جو مشعلون کڻي  آيو هو. جيستائين هي اسڪول آهن، هي ٿر جا ادارا آهن، آفيسر ۽ عوام آهن، تيستائين ٿرين کان شاهه ڪڏهن به نه  وسرندو.“ (2)

سن 1941ع ۾ شاهه صاحب کي اتر سنڌ جي اسڪولن جو اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو. پاڻ انهيءَ عهدي تي 1947ع تائين رهيو. 1947ع ۾ کيس زميندارن جي ڇوڪرن جي اسڪولن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي اترئين حصي ۾ تعليم جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتائين، جيڪي وسارڻ جون نه آهن. انهيءَ ساڳئي سال ۾، شاهه صاحب کي سکر ڊويزن جي اسڪولن جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊيپوٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. شاهه صاحب، تعليم کاتي ۾ هڪ مدرس ۽ منتظم جي حيثيت ۾، پورا 32 ورهيه لاڳيتو سنڌ جي عوام جي بنا ڪنهن مت ڀيد جي لازوال مثالي خدمت سرانجام ڏني. پاڻ سن 1953ع ۾ پنهنجيءَ ملازمت جو عرصو نهايت عزت ۽ احترام سان پورو ڪري، پينشن تي لٿو.(3) موسوي صاحب پينشن تي لهڻ کان اڳ ۾، سن 1951ع ۾ حج پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي ۽ حرمين شريفين جي مقدس مقامات جون زيارتون پڻ ڪيون.(4)

سيد عطا حسين موسوي پينشن تي لهي اچڻ کان پوءِ به پنهنجي تعليمي سرگرمين کي انهيءَ ساڳئي خدمتِ خلق جي جذبي پٽاندڙ جاري رکيو، ۽ رات ڏينهن تعليم جي روشنيءَ کي ڦهـَـلائڻ لاءِ ڪوشان رهيو. انهيءَ ڏس ۾، پاڻ پنهنجي ڀاءُ سيد عبدالحسين موسوي، جيڪو پڻ ان وقت ڌاري ملازمت جو عرصو پورو ڪري پينشن تي لٿو هو، سان گڏجي 57-1956ع ۾ ”سکر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي“ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيائين. انهيءَ سوسائٽيءَ جي سهڪار سان سکر ۾ اوريئنٽل ڪاليج برپا ڪيائين، جنهن جو اعزازي وائيس پرنسيپال، شيخ عبدالرزاق ”راز“ مرحوم کي مقرر ڪيو ويو. ان ڪاليج ۾ شاهه صاحب خود پاڻ به ٻين ليڪچرارن سان گڏجي پڙهائيندو هو. ان تدريسي ڪمن ۾ سندس ڀاءُ، سيد عبدالحسين موسوي جو پڻ ساڻس ساٿ هو.

روهڙي، جو موسوي صاحب جو پنهنجو اباڻو شهر هو، ۾ به شهر واسين جي اولاد جي تعليم جي سهولت لاءِ ڪاليج قائم ڪيائين، جيڪو هن وقت ”سيد عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪاليج کي اعليٰ سطح تي هلائڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ، پاڻ اعزاري طور پرنسيپال ٿي ڪم ڪيائين. شاهه صاحب ملازمت جي عرصي دوران جيڪو تجربو ۽ مشاهدو حاصل ڪيو هو، ان موجب پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سان ان ڪاليج کي سنڌ جو بهترين معياري ڪاليج بڻايائين. ان تعيلم جي روشن شمع کي منور رکڻ لاءِ، سندس ننڍي ڀاءُ سيد جوادحسين موسويءَ پڻ ساڻس گهڻو ساٿ ڏنو ۽ شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ، اهو ڪاليج سندس ئي نگراني هيٺ هلندو رهيو.

”موسوي ڀائر“ انهن مٿين مذڪور ڪاليجن کي پنهنجي ذاتي ۽ خانگي وسيلن ذريعي هلائيندا هئا، ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان مدد لاءِ هٿ نه ڊگهيڙيائون. جيتوڻيڪ سنڌ جي هر طبقي سان سندن نهايت گهرا ۽ گهاٽا تعلقات هئا. سندن ڪي دوست کين اهو مشورو ڏيندا رهيا، ته ڪاليجن کي هلائڻ لاءِ مالي امداد حاصل ڪرڻ گهرجي. ليڪن، پاڻ مسڪرائي سدائين ائين چوندا هئا ته سائين! پاڻ کي ڪنهن آڏو هٿ ڊگهيڙڻ اچي ئي ڪونه!

اهل ۽ عيال

سيد عطا حسين موسويءَ ٻه شاديون ڪيون. پهرئين شادي ”ڀمڀاڻي“ خاندان مان ڪيائين. سندس انهيءَ گهرواريءَ 13- صفرالمظفر 1337هه/ 18- نومبر 1918ع تي وفات ڪئي.

شاهه صاحب ان کان پوءِ ٻي شادي بيبي بچل بنت احمد علي خواجائيءَ سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه فرزند - هڪ سيد شفقت حسين موسوي (ولادت: 28- جمادي الاول 1343هه/25- ڊسمبر 1924ع - وفات: 18- جمادي الاول 1387هه/24- آگسٽ 1967ع) ۽ ٻيو سيد امداد حسين موسوي (ولادت: 7- جولاءِ 1928ع - وفات: 20- اپريل 1981ع) ٿيا. موسوي صاحب جي انهيءَ گهرواريءَ 2- ذوالقعد 1352هه/16- فيبروري 1934ع تي رحلت ڪئي.

وفات

سيد عطاحسين موسوي 18- صفر المظفر 1386هه/ 8- جون 1966ع تي اربع جي ڏينهن پنهنجي خاڪي زندگيءَ جو سفر طيءِ ڪري، حياتِ جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. اردوءَ جي مشهور شاعر، ”عارف“ سنڀليءَ سندس وَصال جو هجري سن هن ريت وضع ڪيو آهي:

مونس و غمخوار صد دانشوران جاتا رها،
ارتقائي - علم وَ فن کان رازدان جاتا رها.
موسوي صاحب کي فرقت کان الم کيا پوچهيي،
پيکرِ اخلاص تها، اک مهربان جاتا رها.
خوش مزاجي سي هر اک دل کو مسخر کر گيا،
کاروان تو هي، اميرِ کاروان جاتا رها.
غم ني سايه کر ليا هي دوستون کي قلب پر،
وه مجسم آفتابِ ضوفشان جاتا رها.
جس ني پهولون کو لهو بخشا تبسم کي لئي،
گلشنِ تعليم کان وه باغبان جاتا رها.
اب کهان وابستگي کا ساز و سامان بزم مين،
محفلِ احباب کا روحِ روان جاتا رها.
کس طرح هو ان کي اوصافِ حميده کا بيان،
فيض کا تها ايک دريائـي روان جاتا رها.
حاکم و محکوم کيا سب ايک تهي اسکي لئي،
جو رها اک دوست بن کر درميان جاتا رها.
کيون نه هون غمگين به هنگامِ فراقِ موسوي،
چاره ساز و دلنواز اک مهربان جاتا رها.
هي جدائي موسوي کي کس قدر ”عارف“کو شاق،
اس کي سيني مين هي اب دل کي جگهه”داغ فراق“.(5)
                                                       1386هه

اهڙيءَ طرح، سندس شاگرد، پروفيسر عبدالعلي فتح علي قلباڻيءَ فارسي زبان ۾، سندس وفات جو عيسوي سن وري هن ريت لڌو آهي:

هاتف بگفت ”اصبروا“ بگو بشريف زادا،

”ابدا غريق رحمت“ عطا حسين بادا.(6)

                                   1966ع

شخصيت

سيد عطا حسين موسويءَ پنهنجي سموري حياتي هڪ آدرشي انسان جي روپ ۾ گذاري. پاڻ هڪ مثالي استاد وانگر هئا ۽ ساري زندگي بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر ڪنهن انسان سان پيار ۽ محبت ۾ بسر ڪيائين. پاڻ نهايت اعليٰ شخصيت جا مالڪ هئا. ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري ڪانه ڪيائين. هر ڪنهن سان هميشه رواداريءَ سان پيش ايندو هو. سندس اعليٰ ۽ بلند شخصيت جي باري ۾، شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکي ٿو:

”هو هڪ مخلص دوست، همدرد بزرگ ۽ مشفق ڀاءُ هو، جنهن جي دل ۾ انسانيت ۽ خلوص جو هڪ اٿاهه سمنڊ موجزن هو. آءُ سمجهان ٿو ته اسان جي ماضي قريب جي  نيڪوڪار بزرگن جي سٿ جو آخرين چراغ هو،جو وسامي ويو ۽ چوڌاري اوندهه ٿي وئي. محبت و عشق ۽ حيا و حجاب جي چمن جو پويون گل هو، جو ڪومائجي ڪري  پيو ۽ باغ ويران ڏسڻ ۾ آيو.“ (7)

ازان سواءِ، شاهه صاحب جي گفتگو جو انداز پـُـر اثر ۽ موهيندڙ هو. جيڪو به سندس ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو، ته اهو علم ۽ بصيرت جي ڳالهين کان ڪافي فيضياب ٿيندو هو. پاڻ سڪ ۽ ساڃاهه جو وڏو قائل هوندو هو. سندس چهرو مرڪندڙ هوندو هو ۽ ان ۾ سنجيدگي سمايل هوندي هئي ۽ ڪنهن به قسم جو تصنع ۽ ظاهري ڏيک ويک نه هوندو هو. بهرحال، شاهه صاحب انيڪ خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هو.

سيد عطاحسين موسويءَ کي علم موسيقي تي به ڪافي مهارت حاصل هئي. پاڻ راڳ جو پارکو هو ۽ دِلي تي خود راڳ ڳائيندو هو. وٽس چوتار، طبلو، هارمونيم ۽ بينجو پڻ موجود هوندا هئا.

شاهه صاحب کي ”علم رمل“ ۾ به وڏو درڪ حاصل هو. روهڙيءَ جي وڏي رمال، قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي پير محمد کان رمل جو علم حاصل ڪيو هئائين. (8)

”ميرڪي سادات“ کاڌي خوارڪ ۽ طعامن وغيره جا وڏا شوقين هئا. مير محمد معصوم بکريءَ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ۾ سندن انهيءَ ڳالهه جو نهايت ساراهه جوڳن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي. (9) شاهه صاحب کي پڻ اها ڏات ورثي ۾ مليل هئي. پاڻ نون نون قسمن جي طعامن ۽ ست رڇين تيار ڪرائڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. چانهه به اعليٰ قسم جي واپرائيندو هو. چون ٿا ته کيس سن 1949ع ۾ حيدرآباد دکن جي نواب جي چانهه ٺاهڻ جو طريقو معلوم ٿيو. پاڻ پنهنجي سر اها چانهه تيار ڪيائين، جنهن تي ان وقت اسي روپيه کن لاڳت آئي. (10) ان سان گڏ، شاهه صاحب کي هرڻ جي شڪار جو شغف هو. پاڻ جڏهن ٿر ۾ انسپيڪٽر ٿي ويندو هو، ته واندڪائيءَ جي وقت هرڻ جو شڪار ڪندو هو. سيد صاحب مهمان نواز به هڪ ئي هو. اهو گڻ کيس خانداني طور ورثي ۾ مليو هو. ملازمت جي عرصي ۾ خواه پينشن تي اچڻ کان پوءِ به کيس مهمان کان سواءِ وقت تي کاڌو کائڻ سٺو نه لڳندو هو، ۽ وٽس هميشه مهمان موجود هوندو هو. اگر بدقسمتيءَ سان ڪنهن ڏينهن ڪو مهمان نه ايندو هو، ته شاهه صاحب اداس ٿي چوندو هو ته اڄ شايد اسان جو روز لکيل نه آهي. شاهه صاحب جي اها عادت زندگيءَ جي آخرين دم تائين قائم رهي. سندس اعليٰ مهمان نوازيءَ ۽ خاطر تواضع جي باري ۾، شيخ عبدالرزاق ”راز“ لکي ٿو:

”مهمان نوازيءَ جي حق ادا ڪرڻ ۾، شاهه صاحب جن نهايت انتها پسند هئا. مجال جو ڪو انڪار ڪري سگهي. کائڻ لاءِ هر شيءِ پنهنجي هٿ سان وڌائيندا هئا ۽ ان جا فضائل بيان ڪندا هئا. اهڙي چوڄ مان ڏيندا هئا، جو انڪار جي ڪا گنجائش نه رهندي هئي. موڪلائڻ کان پوءِ اوطاق جي ٻاهرئين دروازي تائين اماڻڻ ايندا هئا.“ (11)

سيد عطاحسين شاهه موسوي جيئن ته پنهنجي سڄي حياتي درس ۽ تدريس سان گڏ انتظامي عهدن تي فائز رهيو، پر ان هوندي به سندس طبع جو لاڙو مطالعي طرف گهڻو راغب رهيو. وٽس هڪ نادرالوجود ڪتبخانو هو، جنهن ۾ هر فن ۽ صنف تي ناياب ۽ قيمتي ڪتاب موجود هئا. سندس اهو علمي ڪتبخانو هر ڪنهن عالم ۽ محقق جي لاءِ هميشه کليل رهندو هو، جنهن مان ڪيترائي پنهنجي علمي پياس ٻجهائيندا رهندا هئا. سندس وفات کان پوءِ، سندس پونيرن انهيءَ ڪتبخاني جا اٽڪل ٽي سؤ کن قلمي ڪتاب، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري کي عطيي طور ڏنا، جتي سندس وڏي فرزند، سيد شفقت حسين موسويءَ جي نالي سان ڪارنر قائم ٿيل آهي.

شاهه صاحب سنڌي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي ڪافي عبور رکندو هو. پاڻ مجلس ۽ ڪچهريءَ ۾ ذري ذري تي ڪيترائي پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون ٽيڪا طور استعمال ڪندو رهندو هو، ۽ اهي موقعي  مهل پٽاندڙ نهايت موزون ۽ مؤثر لڳندا هئا. خاص طرح، سنڌي زبان جي ماهيت متعلق ۽ لفظن جي اشتقاقن جي باري ۾، وٽس هڪ وڏو خزانو هو ۽ اهو سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجيءَ وفات کان پوءِ، سيني ۾ سانڍي دفن ٿي ويو. پاڻ ”شاهه جي رسالي“ جي لغت جو وڏو ماهر هو. شاهه جي شرح ڪرڻ ۾ کيس وڏو درڪ حاصل هو. ادبي کيتر ۾ هر کوٽي کري کي پرکڻ ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو. پاڻ ساڳئي وقت اعليٰ درجي جو محقق، عالم، اديب ۽ مورخ، تصوف ۽ مذهبي علمن ۾ به وڏيءَ ڄاڻ جو صاحب هو.

شاهه صاحب ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون ڌارين ٻولين مان ترجمو ڪيا ۽ ڪيترن شاعرن ۽ مصنفن جي ڪتابن کي مرتب ڪيو. جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ علمي ۽ ادبي دنيا جا هر فن موليٰ هئا. ان سان گڏ اهو به واضح ٿئي ٿو ته پاڻ ”مقدمي“ ۽ ”ديباچي“ لکڻ ۾ به وڏا ماهر هئا. سندس ڀاءُ، سيد عبدالحسين موسويءَ جڏهن ميان محمد ابراهيم عباسيءَ سان گڏجي ”سڳنڌ“ نالي لوڪ ادب تي ڪتاب تاليف ڪيو، ته ان جو ”ديباچو“ موسويءَ صاحب پاڻ لکيو هو. ان ديباچي ۾، ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي جيڪا روشني وڌي ويئي آهي، ان مان سندس انهيءَ صنف تي ڪامل دسترس هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.

تصنيفات:

شاهه صاحب ملازمت جي گوناگون مصروفيتن جي باوجود، تصنيف ۽ تاليف جي ڏس ۾، تمام گهڻو قلمي پورهيو ڪيو آهي. هن سنڌي ادب جي دامن ۾ جيڪي ڪجهه نذراني طور ڏنو آهي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏو بي بها خزانو آهي. اسان هتي سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو مختصر احوال ڏيون ٿا:

1. ڪچ ڪوڏيون:

        سنڌي زبان ۽ ادب ۾ معياري مضمونن جي کوٽ آهي. شاهه صاحب انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪجهه لکيو. پاڻ سن 1920ع کان وٺي سنڌي زبان ۾، ”مضمون“ جي صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهيو. سندس اهي ادبي ۽ علمي شهپارا، وقت جي مشهور ادبي رسالن، مخزنن ۽ اخبارن، جهڙوڪ: ”صراط المستقيم“، ”اخبار تعليم“ ، ”ملا مخزن“، ٽماهي ”سنڌ مدرسه ڪرانيڪل“، ”ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسلني“، ٽماهي”مهراڻ“، روزنامه”مهراڻ“ ڪراچي وغيره ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.

”ڪچ ڪوڏيون“(1) جي عنوان سان سندس مضمونن جو هيءُ مجموعو، هڪ وڏو بي بها علمي خزانو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ لازوال ورثو آهي. دنيا جي هر مهذب ۽ متمدن زبان جي وڏن ودوانن ۽ اديبن، مضمونن جو هڪ وڏو سرمايو پيش پئي ڪيو آهي. ظاهريءَ طرح، اهو نه صرف منتشر خيالن جو مجموعو هوندو آهي، پر قوم ۽ ملڪ لاءِ اصلاحي قدم پڻ هوندو آهي. ان ۾ مضمون نگار جي وسيع نظري، حوصله مندي، طبع رسائي ۽ زنده دليءَ جو عڪس سمايل هوندو آهي. شاهه صاحب جي هن مجموعي ۾، ڪي مضمون سندس ذاتي تجربن ۽ مشاهدن تي ٻڌل آهن، ته ڪن ۾ وري فڪر ۽ خيال جي بلنديءَ جو عنصر سمايل آهي. ان سان گڏ لفظن جي سهڻي ويس ۾، طنز ۽ مزاح به ملي ٿي. هن مجموعي ۾ پيش ڪيل مضمونن جي سٽاءَ ۽ ترتيب، فني ۽ علمي لحاظ کان به بهترين آهي. مضمونن ۾ نهايت ئي سهڻي، سلوڻي ۽ سوادي ٻولي استعمال ڪئي ويئي آهي. لفظن جي چونڊ، اصطلاحن ۽ محاورن جي جڙاءَ، فقرن جي بندش نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ آهي. مضمونن ۾ ڪيترن هنڌن تي پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪماليت سان ڪتب آنديون ويون آهن. ان سان گڏ ڪيترن جاين تي فارسي، اردو ۽ سنڌي شاعرن جا شعر ۽ بيت ٽيڪا طور استعمال ڪيل آهن، جن سندس عبارت کي رنگين ۽ دلڪش بڻايو آهي. انهن ڳالهين کي ڏسي موسوي صاحب جي وسيع مطالعي جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو. هيءُ مجموعو، ”ڪچ ڪوڏيون“ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. ليڪن،  اهو بي بها ماڻڪن جو ميڙ آهي، جن جي قيمت ڪٿي نه ٿي سگهجي. انهن املهه ماڻڪن جو تعلق سڌو سنئون انساني زندگيءَ جي گهراين سان آهي ۽ معاشري ۽ سماج جي براين جو وڏو ميڙ لفظن جي روپ ۾ آهي. هيءُ ڪتاب سن 1950ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو ستون ڇاپو سن 1966ع ۾ پڌرو ٿيو.

2. ڪشڪول:

        سيد عطا حسين موسويءَ جي مضمونن جو هيءُ ٻيو ڇپيل مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب سندس وفات کان اٽڪل پنجويهه ورهيه کن پوءِ شايع ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ پڻ جيڪي مضمون پيش ڪيا ويا آهن، تن ۾ به شاهه صاحب جي تجربن، مشاهدن ۽ مطالعي  جو نچوڙ آهي. انهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي، سڀاءُ ۽ معاشري جي اهم ڳالهين ۽ نـُـڪتن جو تمام ويجهو ۽ عميق جائزو ورتو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي برک عالم ۽ اديب، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ صاحب جي سهڪار سان ”ڪافي پبليڪيشن“، ڪراچي سنڌ طرفان 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

3. اڻ ڇپيل مضمون:

        سيد عطا حسين موسويءَ  سنڌي ”مضمون“ جي صنف ۾ ”ڪچ ڪوڏيون“ ۽ ”ڪشڪول“ کان علاوه، ٽيهارو کن علمي ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو، اڻ ڇپيل صورت ۾ يادگار ڇڏيو آهي. انهن مضمونن جو جائزو وٺڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب وٽ مضمون نويسيءَ جي ڏس ۾ اڻ کٽندڙ موضوع هئا. انهن مضمونن ۾، سنڌ جي مارن، ملير، مارئي، ثقافت، لوڪ ادب، تصوف ۽ ٻين ڪيترن اهڙن موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.

سيد عطاحسين موسوي پنهنجي هڪ خاص ۽ منفرد طرزِ عبارت جو صاحب هو. پاڻ سنڌ ۾ ”لارڊ بيڪن“ هو. جيئن ”بيڪن“ جا مضمون انگريزي ادب ۾ مشهور آهن، تيئن اسان جيڪڏهن سنڌي زبان جي هن  مضمون نگار جي مضمونن کي ڀيٽينداسين، ته اهي ڪنهن به صورت ۾ ان کان گهٽ نه آهن. شاهه صاحب پنهنجي سموري حياتي اڪثر ”مضمون“ جي صنف تي طبع آزمائي ڪندي پوري ڪئي، ۽ سنڌي زبان ۽ ادب ۾ هن صنف کي لازوال بڻايو.

4. مذهبي مضمون:

        سيد عطاحسين موسويءَ ”مضمون“ جي صنف ۾، نه صرف خالص علمي، ادبي، سماجي، معاشرتي ۽ ٻيا ڪيترن ئي قسمن جا مضمون لکيا، پر ان سان گڏوگڏ وقت بوقت مذهبي مضمون پڻ لکيائين. شاهه صاحب خانداني طرح تشيع مسلڪ رکندڙ هو. پاڻ انهيءَ مسلڪ جي مطابق اٽڪل ويهارو کن مضمون لکيا هئائين. سندس والد بزرگوار، سيد وڌيل شاهه تعليمي شغل سان گڏ صحافت جي ميدان جو به شهسوار هو. هن روهڙيءَ مان ”صراط المستقيم“ جي نالي سان سنڌي زبان ۾ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. سيد عطا حسين موسويءَ جا اهي مذهبي مضامين انهيءَ رسالي جي مختلف پرچن (سن 1923ع کان 1927 تائين) ۾ ڇپجندا رهيا. اهي مضمون مختلف عنوانن تي پنهنجي نوعيت جا معياري ۽ بهترين مضمون آهن. انهن مضمونن کي ڏسي مذهب جي باري ۾ سندس وسيع معلومات ۽ عبور هئڻ جو ثبوت ملي ٿو.

5. جنس ڪوش سنڌي:

        سيد عطاحسين موسويءَ سنڌي لغت جي ڏس ۾، هيءُ هڪ ننڍڙو ڪتاب تاليف ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي زبان جي جنس ”مذڪر“ ۽ ”مؤنث“ جي لفظن کي گڏ ڪيو ويو آهي. دراصل، هيءُ ڪتاب سنڌي لغت نويسيءَ جو پنهنجيءَ نوعيت جو هڪ انوکو مثال آهي. هيءُ ڪتاب نوٽبڪ جي اٽڪل پنجاهه کن صفحن تي مشتمل آهي ۽ قلمي صورت ۾ آهي. ڪتاب جا پهريان ٻه ٽي صفحا گم ٿيل آهن. ممڪن آهي ته موسوي صاحب انهن غائب ٿيل صفحن تي پنهنجي هميشه جي دستور موجب، ڪتاب جو نالو، مهاڳ ۽ هن قسم جي لغت جي اهميت ۽ ترتيب جي باري ۾، ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکيو هوندو. راقم، شاهه صاحب جي ان ڇڏيل املهه پونجيءَ کي پنهنجيءَ سمجهه ۽ مطالعي آهر ترتيب ڏيئي، موضوع جي لحاظ کان ”جنس ڪوش سنڌي“ جي نالي سان مرتب ڪيو آهي. دراصل، سنڌي زبان ۾، گرامر جي ڪن مسئلن تي اڃا ايترو خاطر خواه ڪم نه ٿيو آهي. انهيءَ ڏس ۾، سيد عطاحسين موسويءَ جنس ”مذڪر“ ۽ ”مؤنث“ جي مسئلي کي سامهون رکي، هن ڪتاب کي لغت جي انداز ۾ ترتيب ڏنو آهي. شاهه صاحب هروڀرو تمام منجهائيندڙ قاعدن ۽ اصولن کي نه ڇيڙيو آهي ۽ جنس ”مذڪر“ ۽ ”مؤنث“ جي متعلق، سنڌي گرامر جي روايتي جوڙجڪ وارن اصولن کان هٽي، سنئون سڌو ”نر“ ”ماديءَ“ کي نروار ڪرڻ لاءِ صرف انهن جا ضد ڏنا آهن. جنس ”مذڪر“ ۽ ”مؤنث“ جي باري ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن، جيڪي اصول ۽ قاعدا واضح ڪيا آهن، تن مان شاهه صاحب صرف ٻن بنيادي اصولن کي پنهنجيءَ لغت ۾ استعمال ڪيو آهي، يعني معنيٰ ۽ مطلب جي لحاظ کان هر هڪ ”مذڪر“ يا ”مؤنث“ جو ضد ڏنو آهي. ائين کڻي چئجي ته اصلي معنيٰ جي بجاءِ، ان جي مرادي معنيٰ ضد جي صورت ۾ ڏني وئي آهي. سنڌيءَ ۾ جنس”مذڪر“ ۽ ”مؤنث“ لاءِ عام قاعدو آهي ته جن ”مذڪر“ اسمن جي پڇاڙيءَ ۾ ”او“ جو اچار اچي ٿو، ان جي آخر ۾ ”اي“ پڇاڙي ڳنڍڻ سان ”مؤنث“ ٺهندو آهي. موسوي صاحب پنهنجو مرتب ڪيل هيءُ ”جنس ڪوش سنڌي“ انهيءَ عام بنيادي اصول تي تيار ڪيو آهي. بهرحال، هيءَ لغت راقم وٽ تيار آهي ۽ ان تي ڀرپور انداز ۾ مقدمو پڻ ڏنو ويو آهي.

6. ڪير سمجهائي:

        سيد عطاحسين موسوي ”لغت نويسيءَ“ ۾ وڏو اعليٰ مقام رکندڙ هو. (1) سندس هڪ لغت ”جنس ڪوش سنڌي“ جو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون. انهيءَ سلسلي ۾، شاهه صاحب سن 1956ع ڌاري هڪ ٻي لغت پڻ مرتب ڪئي هئي. هن لغت جي منڍ ۾ سندس مهاڳ لکيل آهي، جنهن جو عنوان آهي. ”ڪير سمجهائي.“(1) هيءَ لغت پنهنجي جاءِ تي سنڌي لسانيات جي ڏس ۾، هڪ انمول موتي آهي. هن ڪتاب جي انهيءَ مذڪور مهاڳ جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته شاهه صاحب، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب ”تحقيق لغات سنڌي“ کان متاثر ٿي، اها لغت ترتيب ڏني هئي.

        دراصل، ”ڪير سمجهائي“ کي جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪبو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب، ڊاڪٽر سنديلي تي هڪ معياري ۽ صحتمند تنقيد ڪئي آهي. ان مان اهو بخوبيءَ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موسوي صاحب علم ادب جي ٻين صنفن سان گڏ اعليٰ درجي جو نقاد پڻ هو، ۽ ان مان سندس علميت ۽ سنڌي لغت نويسيءَ تي مڪمل عبور حاصل هئڻ جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو. هيءُ ڪتاب فل اسڪيپ سائيز ۾، 40 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قلمي صورت ۾ آهي.

7. سيد صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري جو ڪلام:

        شاهه صاحب پنهنجي دؤر جي مشهور شاعر، سيد صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري جي ڪلام  کي سـُـوڌي ۽ سنواري تيار ڪيو هو. هن ڪتاب جي تيار ٿيڻ ۾ کيس اٽڪل ٽن ورهين جو عرصو لڳي ويو. ڪتاب جي منڍ ۾، سيد صاحب ڏني شاهه جي سوانح حيات سان گڏ، سندس شعر و شاعريءَ بابت مقدمو پڻ ڏنو ويو آهي. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ هن ڪتاب کي ڇپرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي، مگر اهو ڇپجڻ کان رهجي ويو. انهيءَ ڪتاب جو قلمي مسودو راقم وٽ موجود آهي.

8. فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام:

        سنڌي ۽ سرائڪي زبان جي پوئين دؤر جي صوفي شاعرن مان فقير خوش خير محمد هيسباڻي هڪ نامور شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد عطاحسين موسويءَ فقير صاحب جو ڪلام گڏ ڪري، ان کي ترتيب ڏنو هو. ڪتاب جي منڍ ۾، فقير خوش خيرمحمد هيسباڻيءَ جي سوانح حيات ۽ سندس شاعريءَ جي متعلق سير حاصل مقدمو پڻ لکيو هئائين. شاهه صاحب، ان ڪتاب کي مڪمل حالت ۾ ڇپائڻ کان اڳ ۾ ئي هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو.

        هن ڪتاب جي باري ۾، جڏهن موسوي صاحب جي پوٽي، انجنئير سيد عبدالحسين موسويءَ سان رابطو قائم ٿيو، ته هن انهيءَ ڏس ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو بيان ڪيو. قاضي ميان محمد علي ”اختر“ مورائي، جو سنڌي زبان جو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، سن 1975ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي لاءِ، ”فقير خوش خيرمحمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو تنقيد جائزوءِ جي عنوان سان مقالي لکڻ لاءِ داخلا ورتي. قاضي ”اختر“ مورائي صاحب، موسوي صاحب جي ٻئي نمبر فرزند، ڊاڪٽر سيد امداد حسين موسويءَ کان ان ڪتاب جو مسودو وٺي ويو، محض انهيءَ خيال سان ته ان سلسلي ۾ رهيل باقي ٻيو ڪلام گڏ ڪري، آءٌ پنهنجي رنگ ڍنگ سان پي ايڇ.ڊي. لاءِ مقالو لکي پيش ڪندس. مرحوم قاضي صاحب پي ايڇ.ڊي. ته ڪانه ڪئي، پر مذڪور ڪتاب ڌڻين کي اڄ ڏينهن تائين موٽي نه مليو آهي. هن وقت اها خبر نه آهي، ته ان قيمتي مسودي جو الائجي ڪهڙو حشر ٿيو!

9. مصري شاهه جو ڪلام :

        سيد عطا حسين موسويءَ سنڌ جي ”ڪافين جي بادشاهه“، سيد مصري شاهه نصرپور واري جو ڪلام به ترتيب ڏنو هو. انهيءَ ڪتاب جو مسودو به پنهنجي جاءِ تي مڪمل هو، جو شاهه صاحب جي ننڍي ڀاءُ سيد جواد حسين موسويءَ، سيد پناهه علي شاهه کي ڇپائڻ لاءِ ڏنو هو. هن وقت انهيءَ مسودي جي ڪا خبر ڪانهي، ته انهيءَ جو ڇا حال ٿيو.

10. رباعيات سرمد شهيد :

        سيد عطاحسين موسويءَ سن 1957ع ڌاري برصغير هند و پاڪ جي مشهور صوفي بزرگ ۽ درويش، سرمد شهيد جي فارسي رباعيات جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ”رباعيات سرمد شهيد“ جي منڍ ۾، سنڌ جي مشهور فارسي زبان جي عالم ۽ اديب، ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جو پيش لفظ لکيل هو. هتي نهايت ئي افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته شاهه صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ، سندس ڪافي قيمتي قلمي خزانو دستبرد جو شڪار ٿي ويو. جيئن ته سندس خاندان علمي ۽ ادبي هو، پر زماني جي انقلاب جا وهڪرا اهڙا به ٿين ٿا، جن ۾ ڪافي قيمتي سرمايا ضايع ٿي وڃن ٿا. هن وقت انهيءَ ڪتاب جو صرف پيش لفظ ۽ خود شاهه صاحب جو لکيل مقدمو يادگار طور رهجي ويا آهن، جن کي ڏسي افسوس ۽ ارمان جون تريون مهٽڻيون پون ٿيون، ته اهڙو بي بها خزانو زماني جي ستم ظريفيءَ جو شڪار ٿي ويو. هن ڪتاب جي متعلق، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب پنهنجي پيش لفظ ۾ لکي ٿو:

”هيءُ ڪتاب لکي، شاهه صاحب سنڌي ساهت جو سرمايو سرس ڪيو آهي، جنهن لاءِ هن کيرون لهڻيون. سرمد جي رباعيات جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن جي وسيلي پڙهندڙ سرمد شهيد جي فڪر مان واقف ٿيندا.“

قاضي صاحب جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ”رباعيات سرمد“ جو سنڌي ترجمو اڄ باقي سلامت هجي ها، ته سنڌي ادب جو مـُـنهن مٿانهون هجي ها! ساڳئي وقت، موسوي صاحب جي فارسي زبان تي عبور هئڻ جو پڻ واضح ثبوت مهيا ٿئي ها!

11. رباعيات عمر خيام :

        شاهه صاحب،فارسي زبان جي جڳ مشهور شاعر، عمر خيام جي رباعين جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. عمر خيام جي رباعين جو ترجمو، دنيا جي هر ڪنهن علمي ۽ ادبي زبان ۾ ٿيو آهي. هن کان اڳ، سنڌي زبان ۾، عمر خيام جي رباعين جو ترجمو، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، خيرپور رياست جي حاڪم - مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر ۽ ديوان ڏيارام گدومل به ڪيو آهي. سيد عطاحسين موسويءَ جي ڇڏيل ڪن قلمي مسودن مان سندس انهيءَ ترجمو ٿيل ڪتاب ”رباعيات عمر خيام“ جو پتو پوي ٿو. سردست ان ڪتاب جو ڪو به نام و نشان باقي نه رهيو آهي. ان ڪري سندس انهيءَ ڪاوش جي متعلق ڪجهه وڌيڪ چئي نٿو سگهجي.

12. سنڌ جا قديم ڪتبخانا :

        سيد عطاحسين موسويءَ پنهنجي ملازمت جو عرصو پورو ڪري پينشن تي لهڻ کان پو”، تصنيف ۽ تاليف جي ڪم طرف وڌيڪ توجهه ڏنو. انهيءَ دؤر ۾، شاهه صاحب “سنڌ جا قديم ڪتبخانا” جي نالي سان هڪ ڪتاب جو مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ديوان نند لعل شرما ڏانهن لکيل هڪ خط ۾، شاهه صاحب ان ڪتاب جي مرتب ڪرڻ جو اشارو ۽ مقصد بيان ڪيو آهي. (12) شاهه صاحب جو مقصد هو ته سنڌ ۾ جيڪي به قديم ڪتبخانا آهن، انهن جي فهرست تيار ڪئي وڃي، ته جيئن ايندڙ دؤر ۾ سنڌ جي محققن کي تحقيق ڪرڻ ۾ دشواري نه ٿئي. ساڳئي وقت، انهيءَ مواد سان گڏ سنڌ ۾ جيڪي تواريخي ماڳ ۽ مڪان آهن، تن جي ڪتبن بابت به ڪافي مواد گڏ ڪيو هئائين. ليڪن، افسوس جو سندس وفات کان پوءِ اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. (13)

13. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ ڪـُـهنگي :

        شاهه صاحب هيءُ ڪتاب 1956ع کان اڳ ۾ لکيو هو، جيئن پاڻ پنهنجي هڪ مضمون بعنوان ”سنڌ“ ۾ اهڙو اشارو ڏنو اٿائين.

سيد عطاحسين موسويءَ جي انهن مٿين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کان سواءِ، سندس لکيل ڪن ٻين ڪتابن جي به نشاندهي ٿئي ٿي. اسان هتي صرف انهن جا نالا ڄاڻايون ٿا:

1. فلسفه حج

2. عرب، عربستان ۽ عرب جو ملڪ

3. سوانح امام علي نقي عليه السلام

4. نصحيت آميز ڳالهيون

(مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو سليس ترجمو)

5. تواريخ روهڙي.

 

حوالا

(1) سيد عبدالحسين موسوي: ”ديوان بيدل“ (قلمي)- ”قاضي پير محمد جو احوال“

(2) نند لعل ”نندن“ شرما: ”آديسي اسور وڄائي واٽ ٿيا“، ڇاڇرو سنڌ، 1966ع، ص 26

(3) سيد، جي. ايم: ”جنب گذاريم جن سين“- جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 1979ع، ص 348 ۽ 349.

'(4)'Biogrphical Encyclopedia of  Pakistan''، Edition 1960-61، pp 19

(5) ڏسو حوالو نمبر (2) ص 5

(6) ايضاً، ص 96

(7) شيخ عبدالرزاق ”راز“: ”مرحوم سيد عطا حسين شاهه موسوي“ (مضمون) - ماهوار ”نئين زندگي“، ڪراچي سنڌ، سيپٽمبر 1966ع، ص 22

(8) ڏسو حوالو (1)

(9) مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو 1959ع،ص 255

(10) بروايت قاضي ميان شاهه بخش، ساڪن روهڙي سنڌ

(11) ڏسو حوالو نمبر (7)، ص 21

(12) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 77

(13) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر: ”گهڙيون گهاريم جن سين“، مهراڻ اڪيڊمي، ڪراچي سنڌ، 1994ع، ص 15

 

*

(”تذڪره پوراني سادات سکر“ تان ورتل)


(1) سيد وڌيل شاهه بن سيد مريد علي شاهه 22- جمادي الثاني 1289ع/ 27- آگسٽ 1892ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس نسب جو سلسلو، حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان هن طرح ملي ٿو: سيد وڌيل شاهه بن سيد مريد علي شاهه بن غلام حيدر شاهه بن محمد علي شاهه بن غلام عبدالقادر بن رضي الدين محمد بن مير تقي الدين محمد بن ميرڪ عبدالاول بن ميرڪ محمد عبدالله بن ميرڪ عبدالباقي بن ميرڪ بايزيد الحسيني پـُـوراني بن سيد جلال الدين ابو سعيد بن امير سيد محمد بن امير سيد علي عرف سيد عرب شاهه بن سيد هادي بن سيد قاسم بن سيد احمد بن سيد محمد بن سيد حسين بن سيد محمد حائري بن سيد ابراهيم مـُـجاب بن سيد محمد العابد بن حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام.

            سيد وڌيل شاهه ان دؤر جي رواج مطابق، سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري، پرائمري استاد  جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. شاهه صاحب ورنيڪيولر اسڪول روهڙيءَ جو هيدماستر ٿي رهيو. ان کان پوءِ، تعليم کاتي ۾ ترقي ڪندي، ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تان پينشن تي لٿو. 1923ع ۾ روهڙي شهر مان صراط المستقيم جي نالي سان سنڌي زبان ۾ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ٿي رهيو . شاهه صاحب 74 ورهين جي ڄمار ۾ 14- رمضان المبارڪ 1365هه/ 12- آگسٽ 1946ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. کيس ٽي فرزند ٿيا: سيد عطا حسين موسوي، سيد عبدالحسين موسوي ۽ سيد جواد حسين موسوي.

(1) راقم جو مامو، قاضي ميان عبدالخالق قريشي پڻ ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ ساڻس گڏ استاد ٿي رهيو ۽ آخري دم تائين ٻنهي دوستيءَ جو ناتو نباهيو.

(1) سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ ملڪ ٽالپرن کان فتح ڪيو، ته ان وقت سنڌ جي روايتي ديني مدرسن ۾ تعليم ڏيڻ جو رواج عام هو، جنهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ مروج سنڌي ۽ مذهبي تعليم ڏني ويندي هئي. سنڌ جي عوام ۽ مذهبي حلقي ۾ انگريزن لاءِ نفرت هئي. ان ماحول کي سازگار بنائڻ لاءِ انگريزن محمدن اسڪول قائم ڪيا، جن کي ملان مڪتب به چوندا هئا. سالياني امتحان ۾ پاس ٿيندڙ ڇوڪرن جي انداز مطابق، في ڇوڪري تي ملن يا مولوين کي گرانٽ ڏنو ويندو هو ۽ اهو رواج پاڪستان قائم ٿيڻ تائين سنڌ ۾ رهيو. 

(2) پاڪستان کان اڳ ۾ پرائمري تعليم، اي.پي.ڪلاس ۽ اي.وي.اسڪولَ - لوڪل بورڊ جي حوالي هوندا هئا. لوڪل بورڊ جي ميمبرن مان اسڪول بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويندو هو، جو تعليم جو انتظام سنڀاليندو هو.

(3) ٿر ۾ هڪ انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر - مسٽر ميڪنج، پٿوري شهر ۾ انگريزي تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪيو هو.

(1) هن ڪتاب جو اصل قلمي مسودو، تمام گهڻن مضمونن تي مشتمل هو، جنهن مان ڳچ مضمون انهيءَ عنوان سان ڇپيل ڪتاب ۾ شايع ٿيل آهن، ۽ ان جو باقي حصو اڃا قلمي صورت ۾ آهي.

(1) سنڌ جي مشهور سياسي شخصيت ۽ قومي رهنما، سائين جي.ايم.سيد جو سيد عطا حسين موسويءَ ڏانهن لکيل هڪ خط مؤرخه 12 ڊسمبر 1943ع نظر مان گذريو، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي لغت جو پهريون جلد تيار ٿي شايع ٿي چڪو هو ۽ اڃا باقي جلدن جو ڪم رهيل هو. سائين جي.ايم.سيد جي انهيءَ خط جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو، ته پاڻ سيد عطاحسين موسويءَ جي ان وقت سنڌ ۾ علميت ۽ لغت نويسيءَ کان وڏو متاثر هو. انهيءَ ڪري ئي هن موسوي صاحب کي اهو لکڻ مناسب سمجهيو، ته اوهان جيڪڏهن باقي ٽن جلدن جو ڪم پورو ڪري سگهو، ته آءٌ بورڊ کي اهڙو مشورو ڏيان ته هو اوهان سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪن.

(1) هيءُ مهاڳ انهيءَ ساڳي عنوان سان ماهوار پيغام، ڪراچي سنڌ جي جنوري 1988ع  واري اشاعت ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org