مولانا قاضي نظر محمد ديهاتي
قديم زماني کان وٺي ”ساهتيءَ“ جو پرڳڻو علم ۽ عرفان جو مرڪز پئي رهيو آهي.
هتان جي خاڪ مان وقت جا ڪيترائي جيد عالم، محدث،
مفسر ۽ فقيه پيا ٿيندا پئي رهيا آهن. هن پوئين دؤر
۾ به ڪيترائي فيض ۽ برڪت وارا عالم ٿي گذريا آهن،
جن مان ڪيترن جو احوال اڃا گمناميءَ جي ڪــُـنَ ۾
غرق آهي. ايتري قدر، جو خود سندن پوين کي به انهن
جي ڪا خبر نه آهي. ”ساهتيءَ“ ۾ جيڪي عالم، اديب ۽
شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان قاضي نظر محمد سومرو
ديهاتي به هڪ بلند پايي جو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي
گذريو آهي. قاضي صاحب درويش صفت، بزرگ صورت، علم
جو بحر، فيض جو درياهه، مردِ ڪامل، عالم فاضل ۽
سرزمين سنڌ لاءِ هڪ املهه گوهر هو.
مولانا حڪيم حاجي حافظ قاضي نظر محمد ولد حڪيم حاجي عبدالرحمان 25- ربيع
الاول 1304هه/ 22- ڊسمبر 1886ع تي پنهنجي اباڻي
ڳوٺ ”ديهات“(1)
۾ تولد ٿيو.سندس والد برزگوار، قاضي ميان
عبدالرحمان (المتوفي: 17- جمادي الثاني 1326هه/16-
جولاءِ 1908ع) زهد ۽ ورع، قناعت ۽ توڪل ۾ يگانه
روزگار هو. هــُـو عالم باعمل ۽ برڪت جو صاحب هو.
سندس مدرسو، علم ۽ معرفت، رموز ۽ حڪمت، احسان ۽
سلوڪ جو وهندڙ چشمو هو. هزارين طالب سندس مدرسي ۾
اچي ديني علم حاصل ڪندا هئا. قاضي ميان
عبدالرحمان، قطب الزمان خواجه عبيدالله المعروف
خواجه غلام جان مڪي واري جي هٿ تي بيعت ورتي هئي.
قاضي نظر محمد پنهنجي والد جي سايي هيٺ ابتدائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم
ورتي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. وڌيڪ
علم حاصل ڪرڻ جي خيال سان کيس ڪجهه وقت لاءِ ”محبت
ديري سيال“ ”سيٺارجن“ جي طرف پڻ وڃڻو پيو. ان بعد،
عربي ۽ ديني تعليم پرائڻ واسطي ”دار الارشاد“ ٽنڊي
سائينداد ويو ۽ ابتدائي صرف و نحو جا ڪتاب حضرت
عبدالله جان سرهندي عرف شاهه آغا(1)
وٽ پڙهڻ شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ خود شاهه آغا
صاحب، مولوي ميان عبدالقيوم بختيارپوريءَ وٽ
درگاهه شريف تي پڙهندا هئا. مولوي نظرمحمد نهايت
ئي ذهين ۽ ذڪاءَ وارو هو. ان ڪري پاڻ جلد ئي اهي
ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.
انهيءَ زماني ۾، دهليءَ ۾ مولانا عبدالرب جو مدرسو علمي لحاظ کان ساري
هندستان ۾ گهڻو مشهور هو. مولوي صاحب ديني علمن تي
ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ جي خيال سان وڃي ان مدرسي ۾
داخل ٿيو، جتان نه صرف ديني علمن جي تحصيل ڪيائين،
بلڪ علم طب ۾ به چڱو تجربو حاصل ڪيائين. دهليءَ
مان واپس وطن موٽڻ بعد، پاڻ وري به اچي ٽنڊي
سائينداد جي مدرسي ”دارالارشاد“ ۾ رهيو، جتان آخر
مولوي خير محمد مگسيءَ کان علم جي تحصيل ڪيائين.
مولانا قاضي نظر محمد ظاهري علمن کان فارغ التحصيل ٿي، باطني علم يعني: سلوڪ
جي راهه جي طرف زياده متوجهه ٿيو. زمين هر طرح سان
تيار هئي، باقي صرف ٻج ڇٽڻ جي دير هئي. سندس دل ۾
ننڍي هوندي کان وٺي الاهي عشق جو ٻوٽو پيدا ٿيل
هو، جنهن جي صرف آبياري ڪرڻي هئي. پاڻ ننڍي هوندي
حضرت مولانا عبدالرحمان جان سرهندي ٽکڙ واري
(1)
جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين. ان هڪ ئي نظر کيس اصلي
مرڪز ڏانهن ڇـِـڪي ورتو. جوانيءَ واري زماني ۾،
خواجه محمد حسن جان سرهندي ٽنڊي سائينداد واري
(1)
جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مرشد جي نظر مٿس اهڙو ته
اثر ڪيو، جو گويا قاضي صاحب جي ڪايا پلٽي ڇڏيائين.
اُها خـُشڪي، جيڪا اڪثر ڪري ظاهري عالمن ۾ هوندي
آهي، سان منجهانئس صفا نڪري ويئي ۽ اهڙو ته ڪم نفس
ٿي پيو، جو کيس پنهنجي وجود جو ڪوبه سماءُ نه
رهيو. زهد، عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ ۾ ايترو ته مشغول
رهندو هو، جو ڄڻ ته جيئري ئي هن دنيا کي تياڳ ڏيئي
ڇڏيو هئائين. انهيءَ زهد ۽ عبادت الاهيءَ سان گڏ،
ديني تعليم ۽ اسلام جي خدمت بجا آڻڻ کي پنهنجي
زندگيءَ جو معمول بڻايائين.
مولوي صاحب کي پنهنجي مرشد سان تمام گهڻي عقيدت هوندي هئي. پاڻ اڪثر ڪري
پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي چوندو هو ته، ”منهنجو
مرشد، جهان جو مرشد آهي.“ اها هڪ حقيقت آهي ته
جيستائين سعادت مند مريد جي نظر ۾ سندس مرشد جهان
کان وڌيڪ محبوب نه آهي، تيستائين ان مريد کي ڪوبه
روحاني فيض حاصل نه ٿيندو. ليڪن، شرط اهو آهي ته
مرشد به ڪمال اتباع شريعت ۾ ڪامل هجي ۽ ”عـَلـَيٰ
صـَاحـِبـِهـَا اَفضـَلُ الصـَلـَوَاتِ وَ اَزڪـَي
التسـِليماتِ“
(1)
تي پورو ڪاربند هجي. پوءِ ڀلي اهڙو مرشد ڪامل
پنهنجيءَ قوم ۽ جماعت ۾ اهڙي حيثيت رکي ٿو:
”اَلشيخُ فـِي قـَومه ڪـَا النبـِيِ فـِي اُمـَته“(2)
قاضي صاحب فنا في الشيخ جي منزل جي درجي تي هو.
فنائيت جو اهو درجو کيس پنهنجي والد محترم کان
ورثي ۾ مليو هو. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ هڪ سال
قرآن پاڪ جو ختمو پنهنجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پورو
ڪندو هو، ته ٻئي سال وري رمضان المبارڪ ۾ ختمو
ٽنڊي سائينداد ۾ مرشد جي خدمت ۾ پڙهي ختم ڪرڻ،
پنهنجي لاءِ سعادت ڪري سمجهندو هو.
مولوي صاحب بحث مباحثي ۽ مناظي جو به ڪوڏيو هوندو هو. جيڪڏهن ڪٿي به ڪو غير
شرعي ۽ بدعتي ڪم ٿيندو ڏسندو هو، ته هڪلي وڃي ان
کي بند ڪرائيندو هو. اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت ۾ پاڻ
ڏاڍيون تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪيائين. ليڪن،
پنهنجيءَ صداقت ۽ سچائيءَ سببان هميشه باطل تي
فاتح ۽ ڪامران رهيو. انهيءَ زماني ۾ آريه سماجين
جو ڏاڍو زور هو ۽ ”ساهتيءَ“ جي ڪيترن سنجوڳي شيخن
(3)
کي هندو آريه سماجي ٻيهر هندو ڌرم ۾آڻڻ جي ڪوشش ۾
هئا. ليڪن، مولوي صاحب ڏاڍيون تڪليفون سهي، انهن
کي مناظري ۾ شڪست فاش ڏئي، آريه سماجين جي وڌندڙ
سيلاب کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
مولانا قاضي نظر محمد هڪ سخي دل انسان هو ۽ سندس دسترخوان هر امير خواه غريب
لاءِ کليل هوندو هو. پاڻ هميشه پنهنجي مرشد ڀائين
خواه عام ماڻهن سان ڪمال شفقت ۽ خوش خلقيءَ سان
پيش ايندو هو.
مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ ”ديهات“ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو هو، جنهن ۾ پاڻ خود درس
۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس قائم ڪيل اهو مدرسو
اڄ به موجود آهي. سندس زبان مبارڪ ۾ الله تعاليٰ
ايترو ته تاثير ۽ وديعت رکيو هو، جو ڪيترائي بدڪار
۽ گنهگار سندس صحبت ۾ اچي ديندار ۽ پاڪباز زندگي
گذارڻ لڳا. سندس دعا به تير بهدف هوندي هئي. سندس
زبان مان نڪتل لفظ الاهي درگاهه ۾ قبول پوندا هئا.
درويشيءَ سان گڏوگڏ پاڻ اعليٰ درجي جو حڪيم پڻ هو.
مولوي صاحب متعدد تصنيفن جو صاحب هو، جن مان هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
1. مجموعه نظم ديهاتي
هيءُ ڪتاب مولانا نظر محمد ديهاتيءَ جي سنڌي ڪلام جو مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب
ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ خطبات ڏنل
آهن. هر خطبي جي مــُـنڍ ۾ عربي عبارت ڏنل آهي ۽
ان کان پوءِ سنڌي نظم ڏنو ويو آهي. ٻئي ڀاڱي
۾مولوي صاحب جا چيل قصيدا ۽ مداحون آيل آهن. هيءُ
ڪتاب سن 1951ع ۾ عباسي ليٿو آرٽ پريس، ڪراچي سنڌ
مان شايع ٿيو.
2. انوار الاحمديـه في حالات المشائخ النقشبنديه
هيءُ ضخيم ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرئين جلد ۾ حضور نبي
ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مختصر سيرت پاڪ،
خلفاءِ راشدين ۽ نقشبندي سلسلي جي اوائلي بزرگن جو
تذڪرو ڏنو ويو آهي. هيءُ جلد ڊبل ڪرائون سائيز جي
248 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سن 1986ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيو.
هن ڪتاب جي ٻئي جلد ۾حضرت امام رباني مجدد الف ثانيءَ جي زندگيءَ ۽ سندس
اولاد جو مفصل احوال بيان ڪيو ويو آهي. ڊبل ڪرائون
سائيز جي 416 صفحن تي ڦهليل هيءُ ڀاڱو 1973ع ۾
شايع ٿيو. هن ڪتاب جو ٽيون جلد اڃا قلمي صورت ۾
آهي ۽ سندس پوين وٽ محفوظ آهي.
3. احسن التقرير في جواب التحرير
هيءُ رسالو، سنڌي زبان جي مشهور تفسير، ”تنوير الايمان“ جي مصنف، مولانا
محمد عثمان نورنگزادي جي ڪن اعتراضن جي جواب ۾
لکيو ويو آهي. هيءُ رسالو ڊيمي سائيز ۾ 240 صفحن
جي ضخامت ۾ آهي ۽ سن 1418هه/ 1997ع ۾ نيو گرين
پرنٽرس، حيدرآباد سنڌ مان ليٿو ۾ ڇپيو.
انهيءَ کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهن:
1. الدرالمنظوم في تذڪرهِ المخدوم
هن ڪتاب ۾ مخدوم نوح عليه الرحمته جي سوانح ۽ مناقب کان علاوه سنڌ جي ڪن
بزرگن جا حالات پڻ ڏنل آهن.(1) هن ڪتاب جو هڪ قلمي
نسخو علامه آءِ.آءِ.قاضي لائبريري، سنڌ يونيورسٽي،
ڄام شوري ۾ موجود آهي.(2)
2. تحفته/ قاديان
هيءُ رسالو تمام سليس زبان ۾، سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾، وڏيءَ تحقيق سان
لکيو ويو آهي. مولوي صاحب، هيءُ رسالو پنهنجي عمر
جي آخرين ڏهاڙن ۾ تحرير ڪيو، جو مڪمل ٿي نه
سگهيو.(3)
3. رسالـه ابتدا سلوڪ:
هيءُ خواجه محمد حسن جان جي فارسي زبان ۾ لکيل رسالي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
آهي.(4)
مولانا صاحب جي انهن مٿين ڪتابن جي مطالعي مان سندس علميت ۽ قابليت جو پورو
ثبوت ملي ٿو.
مولانا قاضي نظر محمد 41 ورهين جي ڄمار ۾ 9 - جمادي الثاني 1345هه/14- ڊسمبر
1926ع تي هن فاني جهان جو جامو لاهي، عالمِ بقا جو
ويس پهري، ”ديهات“ ۾ پنهنجي والد بزرگوار جي
پهلوءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو. سندس وفات جي قطعه تاريخ،
حضرت خواجه محمد اسماعيل جان ”روشن“ سرهنديءَ هن
ريت چئي آهي:
آه کين حاجي و حافظ مولوي محترم،
رفت از ملک وجود الان به اقليم عدم.
آنچنان زاهد که باشد شمئه از زهد او،
تا ابد گر من بتقوايش بفرسايم قلم.
گرکف حسرت بسايد از پيش عالم بجا است،
زانکه درگيتي وجودش بود از بس مغتنم.
حور غلمان از قدومش در ارم فرحان خوش،
مرد زن از رفتنش اندر جهان در درد غم.
سال تاريخ وفاتش جـُـست”روشن“چون زغيب،
گفت هاتف در جوابش “واهب فيض اُتم”!(5)
1345هه
مولوي صاحب کي خداوند تعاليٰ ٻه فرزند مولوي غلام حسين ۽ مولوي ميان نور
احمد نالي عطا ڪيا. اهي ٻئي بزرگ پنهنجي والد جي
نقش قدم تي هلي، علمي ۽ ديني خدمت ڪندا رهن ٿا.(6)
*
حوالا
(1) سومرو نظر محمد:”انوار الاحمديه في حالات مشائخ النقشبنديه“- جلد ٻيو،
مطبوعه سعيدي قرآن محل، ڪراچي سنڌ، 1973ع، ص 12
(2) مخدوم سليم الله صديقي: ”خزينته المخطوطات“ ج 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو سنڌ، 2006ع، ص. 196.
(3) سومرو نظر محمد: انوار الاحمديه في حالات مشائخ النقشبنديه“ - جلد
پهريون، مدرسه مجدديه، ديهات شريف، ضلع
نوشهروفيروز سنڌ، 1986ع، ص هه
(4) ايضاً
(5) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 14
(6) راقم پنهنجي مهربان دوست سيد نواز علي شاهه، زميندار، ساڪن خانواهڻ،
ضلعي نوشهري فيروز جو ٿورائتو آهي، جنهن مولانا
نظر محمد ديهاتيءَ جو احوال ۽ ڪتاب دستياب ڪري
ڏنا. (ق.ح.خ)
*
مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
”ساهتي“ پرڳڻي جي ڀلاري ڀونءِ مان وقت جا ڪيترائي بلند پايي جا عالم، محدث،
مفسر، فقيه، اديب، شاعر، حڪيم، قومي ڪارڪن، سخي ۽
بهادر انسان پيدا پئي ٿيا آهن، جن جي علمي ۽ عملي
ڪارنامن سان سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريا پيا آهن.
نوشهري فيروز ضلعي جي ”ڪنڊياري“ شهر جي اوڀر ۾
قومي شاهراهه جي وٽ سان ”ڄام نـُـور الله“
(1)
جي نالي سان هڪ قديم ڳوٺ آهي. اهو ڳوٺ ”سهتا“
قوم جي هڪ سردار ڄام نـُـورالله
(2)
جو ٻڌايل آهي.
اسلام جي فيض ۽ برڪت سببان قديم زماني کان وٺي ”ڄام نـُـور الله“ جي قديم
بستيءَ وقت جي وڏن عالمن، فاضلن، محدثن، فقيهن ۽
درويشن کي جنم ڏنو آهي. هن ويجهڙائيءَ واري دؤر ۾،
هن ڳوٺ جي سرزمين مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
(3)
وڏي بلند مرتبي وارو عالم، خطيب، صحافي ۽ حڪيم ٿي
گذريو آهي. ”ساهتي“ پرڳڻي ۾ مولانا عبدالخالق جهڙو
بلند مرتبي وارو عالم هن دؤر ۾ پيدا نه ٿيو آهي.
خدا جي هن نيڪ ۽ صالح بندي جي ساري عمر، ظاهري
توڙي باطني علمن جي اشاعت ۾ گذري. پاڻ ذات جو
”سهتو“ هو. ”سهتا“، سنڌ جي هڪ نج قديم قوم آهي ۽
”ساهتي“ پرڳڻي ۾ ڪثرت سان آباد آهي. محمد بن قاسم
جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت هيءَ قوم اسلام جي دائري ۾ آئي
هئي.
مولانا عبدالخالق جو خاندان، هڪ طرف درويش ۽ خدا وارن فقيرن جو گهر هو، ته
ٻئي پاسي هڪ علمي خاندان پڻ هو. سندس والد بزرگوار
، ميان محمد هاشم ۽ سندس ڏاڏو ميان شاهه محمد، ٻئي
فقير تن شخص ۽ وقت جا لاثاني عالم هئا. مولوي صاحب
جو چاچو، ميان نظام الدين پڻ پنهنجي وقت جو وڏو
عابد، زاهد ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس گهراڻي کي
اڪثر ماڻهو ”فقير گهر“ يا ”ميان وڏا فقير“ ڪري
چوندا هئا.
مولانا عبدالخالق جي ولادت سن 1892ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”ڄام نور الله“
۾ ٿي. جيئن ته سندس گهرو ماحول علمي ۽ فقيراڻو هو،
انهيءَ ڪري پاڻ هڪ نيڪ ۽ صاف سٿري علمي ۽ ديني
ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيو. پاڻ جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ
واريءَ ڄمار کي پهتو، ته کيس ڳوٺ جي ”ڄامن واري
مسجد“ جي مڪتب ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويهاريو ويو،
جتي آخوند الهه بخش سيٺر
(1)
کان قرآن پاڪ ناظره پڙهيائين. ابتدائي عربي، فارسي
۽ سنڌي ٻولين جا ڪتاب پڻ پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾
پرايائين. اهڙيءَ طرح، پاڻ پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي
محبت ۽ تربيت هيٺ وڌي جوان ٿيو ۽ ابتدائي تعليم جا
مرحلا طيءِ ڪيائين. ديني علمن جي وڌيڪ تعليم ۽
تحصيل لاءِ کيس سنڌ جي پري پري جي مدرسن ۽ مڪتبن
جو سفر ڪرڻو پيو. پاڻ سڀ کان پهريائين ”ڍينگي
شريف“(1)
جي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ان کان پوءِ ”کاهي ڪـُـنڍا“
۾ ديني علمن جو درس ورتائين. انهن ٻنهي مدرسن مان
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ”پير جهنڊي“ جي مشهور
مدرسي ۾ ويو، جتي وقت جي وڏي جيد عالم مولانا محمد
اڪرم انصاري ۽ برصغير جي وڏي عالم ۽ مفڪر، مولانا
عبيدالله سنڌي رحه جهڙن عالمن جي مسندِ فيض تان
علمي فيض پرايائين. آخرڪار، سجاول جي مدرسي ۾ وڌيڪ
ديني علمن جي تعليم حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو.
مولانا عبدالخالق علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، زندگيءَ جي عملي دؤر ۾ قدم
رکيو. پاڻ سڀ کان پهريائين پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو
کولي، درس ۽ تدريس ڏيڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ
وارو مدرسو ڇڏي، ڪنڊياري شهر ۾ ”شاهه زڪريا“ واري
ننڍڙي مسجد شريف ۾ تعليم ڏيڻ جو مشغلو جاري
ڪيائين. ان کان پوءِ، ساڳئي شهر ۾ ”کـَٽـِـُين“
واري مسجد شريف ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين.
ڪنڊياري شهر ۾ ميمڻن جي اسرار تي ميمڻن واري
قــُبائين مسجد شريف ۾ به ڪجهه وقت لاءِ اچي مدرسو
جاري ڪيائين. اهو مدرسو هن وقت تائين هلي رهيو
آهي.
ان زماني ۾، ڪنڊياري شهر ۽ ان جي آس پاس ”قادياني“ فتنو زور تي هو. ان ڏس ۾،
مولانا عبدالخالق قلمي توڙي عملي طرح ان فتني کي
ٽوڙڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. سندس وعظ ۽ نصيحت ۾ الله
تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. سندس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري
ڪيترائي راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌي راهه تي اچي ويا.
مولوي صاحب قادياني فتني خلاف ڪيترائي مفيد ۽
ڪارائتا مضمون تحرير ڪيا، مگر افسوس جو اهي مضمون
اڄ عدم موجود آهن.
مولانا عبدالخالق ظاهري عالمن وانگر ڪٽر مولوي ڪونه هو، مگر مذهبي ۽ ديني
علم سان گڏ سياسي بيداري ۽ سياسي سوچ پڻ رکندڙ هو.
انهيءَ لحاظ کان پاڻ ”جميعت العلماء هند“ ۾ شموليت
اختيار ڪيائين. پاڻ ”خلافت تحريڪ“ جو سرگرم رڪن پڻ
هو ۽ ڪنڊياري تعلقي ۾ خلافت تحريڪ کي ڏاڍو زور
وٺرايائين. ”دريا خان مري“ (ضلعي نوشهري فيروز)
واري مدرسي جو مشهور عالم، مولوي عبدالله خلافت
تحريڪ ۾ سندس رفيق هو. خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾،
مولوي صاحب ان دؤر جي انگريز سرڪار جي خلاف
ڏاڍايون زوردار ۽ پـُـراثر تقريرون ڪيون.
انهيءَ دوران برصغير ۾ ”هجرت تحريڪ“ زور ورتو، جنهن ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ
وڏو نمايان حصو ورتو. 9- جولاءِ 1925ع تي ميان جان
محمد جوڻيجي جي اڳواڻيءَ هيٺ هجرت تحريڪ وارن جو
قافلو سنڌ کان ڪابل ڏانهن روانو ٿيو. مولانا
عبدالخالق پڻ پنهنجي روحاني رهبر، مولانا تاج
محمود امروٽيءَ جي فرمان مطابق هجرت جو فيصلو ڪيو.
مولوي صاحب پنهنجن ٻارن، دوستن ۽ احبابن سان گڏ
ڪابل ڏانهن هجرت جو سفر اختيار ڪيو. مولوي صاحب
سان گڏ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار هئا، جن مان هڪ سندس
وڏو فرزند محمد هاشم پڻ هو. ڳوٺ ”ڄام نور الله“
مان ٻين ٻن گهرن پڻ هجرت ڪئي هئي، جن مان هڪ گهر
جـُـمعي فقير جو هو، جنهن ۾ ٻه مرد، ٽي عورتون ۽
هڪ ٻار شامل هئا. ٻيو گهر مولوي عبدالعزيز جو هو،
جنهن ۾ سندس ٻه ڀائٽيون ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو به هئا.
انهن کان علاوه، ميان شمس الدين سهتي ۽ مولوي محمد
عالم سومري، جو پير جهنڊي ۾ ڪاتب ۽ جـُـلد ساز هو،
پڻ مولانا عبدالخالق سان گڏ هجرت ڪئي هئي.
”مـَـچلا “(1)
قوم جا ماڻهو پڻ انهيءَ سفر دوران مولوي صاحب سان
گڏ هئا. ڪابل وارن جي سرد مهريءَ سبب جڏهن اها
تحريڪ ٿڌي ٿي، ته مهاجر واپس سنڌ موٽي آيا. مولانا
عبدالخالق به واپس ڳوٺ ”ڄام نور الله“ موٽي آيو ۽
ڳوٺ واري مدرسي کي ٻيهر جاري ڪيائين. مولانا
عبدالخالق، هجرت تحريڪ کان پوءِ، مولانا شوڪت
عليءَ جي ”ترڪ موالات تحريڪ“ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو.
مولوي صاحب سن 1925ع جي آخر ڌاري پنهنجي آبائي شهر ڪنڊياري کي ڇڏي، نواب
شاهه ۾ اچي رهيو. پاڻ سن 1938ع تائين نواب شاهه جي
جامع مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو. انهيءَ عرصي
دوران عام مسلمانن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ وڏو ڪم
ڪيائين. سن 1939ع ۾ نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر،
مسٽر ڊو سان سندس سياسي اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري
نواب شاهه کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، حيدرآباد ۾
اچي رهيو.(1)
مولوي صاحب جلد ئي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج
فارمين ۾ فقه ٽيچر مقرر ٿيو. ٽريننگ ڪاليج جو
پرنسيپال، خانبهادر محمد صديق ميمڻ سندس ڏاڍو
معتقد هوندو هو ۽ مولوي صاحب کي عزت ۽ احترام جي
نگاهه سان ڏسندو هو. مولوي صاحب، ”مدرسته البنات“
۾ به محمد صديق ميمڻ سان گڏجي وڏو ڪم ڪيو. مولوي
صاحب سرڪاري ملازمت سان گڏوگڏ ، پهريائين ”واڍن جي
پڙ“ واري مسجد ۽ بعد ۾ ”ڪورين جي پڙ“ واري جامع
مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. ”ڪورين جي پڙ“ واري مسجد
۾ پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين پيش
امام جا فرائض بجا آڻيندو رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر
عبدالرئوف ميمڻ جي روايت آهي ته حيدرآباد جي
”ڪورين جي پڙ“ واري مسجد شريف ۾ حاجي پيرو، حاجي
محمد رمضان، حاجي محمد عثمان، ميان عبدالرحمان
ميمڻ ۽ غلام محمد، مولانا عبدالخالق جا خاص معتقد
۽ جماعتي هوندا هئا.
مولوي صاحب تعليمي لحاظ کان وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ ڪيترين ئي فضيلتن جو مالڪ
هو. ديني علمن سان گڏ، پاڻ علم طب،علم منطق ۽ سنڌ
جي تواريخ جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. نواب شاهه ۽
حيدرآباد ۾ رهائش دوران مولوي صاحب جو هميشه اهو
دستور هوندو هو ته سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ،
حديث شريف جو درس ڏيندو هو ۽ فجر جي نماز کان
پوءِ، قرآن پاڪ جو تفسير بيان ڪندو هو. مولوي صاحب
نه صرف علم جي دولت سان مالا مال هو، پر روحانيت
جو به صاحب هو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ حضرت مولانا
تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي ”قادري“ طريقي جي
بيعت ڪئي هئائين. مولانا امروٽيءَ جي وفات کان
پوءِ، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي هٿ تي بيعت
ڪيائين، جو مولانا امروٽي رحه جو خليفو هو. مولوي
صاحب جي روحاني فضيلت ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي،
ڪافي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. سندس روحاني
فيض پڻ ظاهري علمن وانگر جاري هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي
”ڏوڪري“ طرف ”تـُنيا“ ذات جا ماڻهو اڪثر سندس مريد
هئا. مولوي صاحب ظاهري پيرن ۽ مولوين وانگر ڪنهن
کان به ڏَنُ وغيره ڪونه وٺندو هو. پاڻ هميشه شرع
جو پابند رهيو ۽ غير شرعي ڪمن ۽ بدعتن جي خلاف ڪم
ڪندو هو. مولوي صاحب پنهنجي ڳوٺ ”ڄام نور الله“ جي
ماڻهن مان بد رسمن ۽ بدعتي ڪمن جو بلڪل خاتمو
آندو. ڳوٺ جي عورتن ۾ پردي جو سختيءَ سان رواج
وڌائين ۽ سمورن ماڻهن جي عورتن لاءِ پردي جو تاڪيد
ڪيائين. مولوي صاحب هڪ لاثاني حڪيم پڻ هو. سندس ڪي
خاص نسخا ڪيترين بيمارين لاءِ تير بهدف هوندا هئا.
مولانا عبدالخالق جي قلم ۾ خداوند تعاليٰ وڏو اثر رکيو هو. پاڻ هميشه حق ۽
انصاف جو قائل رهيو ۽ سموري زندگي ان مقصد لاءِ
جدوجهد ڪندو رهيو. مسلمان قوم، خاص طرح سان سنڌي
مسلمانن جي ديني اصلاح سان گڏ، سياسي بيداريءَ جي
لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهيو. مولوي صاحب اهو چاهيو
ٿي ته سنڌ جي مسلمانن اندر ، صحيح نموني ۾ سياسي
جاڳرتا پيدا ٿئي ۽ ساڳئي وقت ان سان گڏ صحتمند
اسلامي اصولن تي معاشرو قائم ٿئي. مولوي صاحب ان
ڏس ۾ وڏو قلمي جهاد ڪيو ۽ بي سروسامانيءَ ۾ انهيءَ
ڪٺن ۽ مشڪل راهه ۾ ڪيتريون ئي ذهني ۽ مالي تڪليفون
سٺائين. پر انهيءَ ڏس ۾ پاڻ هميشه اٽل ۽ اورچ
رهيو.
مولانا عبدالخالق پهريائين پنهنجا قيمتي ۽ عالمانه مضمون، ان دؤر جي مشهور
ديني رسالي ”توحيد“ ۽ مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾ شايع
ڪرائيندو هو. مولوي صاحب کي انهيءَ شوق صحافت جي
ميدان ۾ گهلي آندو. پاڻ سن 1936ع ۾ نواب شاهه مان
”معارف“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين. اهو رسالو سري
ڪرشنا ليٿو پريس، سکر ۾ ڇپبو هو ۽ ان جي سالياني
قيمت سوا ٻه روپيه هوندي هئي. هن رسالي ۾ مذهبي،
علمي، تواريخي ۽ اخلاقي مضمون شايع ٿيندا هئا.
رسالي جي اندرئين ٽائيٽل واري صفحي تي رسالي جا
اغراض ۽ مقاصد لکيل هوندا هئا. هن رسالي جي جاري
ڪرڻ جو وڏو مقصد هيءُ هو ته قرآن پاڪ جي ترجمي ۽
تفسير جي اشاعت ٿئي ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ ان جو شوق
پيدا ٿئي. ان سان گڏ اسلامي تواريخ، اسلامي تصوف ۽
اعليٰ اخلاقي قدرن جي باري ۾ پڻ عمدا مضمون ڏنا
ويندا هئا. هيءُ رسالو مالي مشڪلاتن جي باوجود، سن
1938ع تائين باقاعدي هلندو رهيو ۽ اهو سنڌ جي
عالمن، اديبن، شاعرن، آفيسرن ، وڏيرن، زميندارن ۽
ٿوري علم وارن ماڻهن ۾ پڙهيو ويندو هو.
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت واري زماني ۾، ڪاليج مان نڪرندڙ رسالن،
جهڙوڪ: ”اخبار تعليم“ ۽ ”مـُـلا مخزن“ ۾ پڻ مولوي
صاحب جا علمي، ادبي، تواريخي، اسلامي فقه ۽ قرآن
پاڪ جي تفسير بابت بهترين علمي شهپارا شايع ٿيندا
هئا.
مولانا عبدالخالق سن 1930ع ۾ ”سورهِ ڪوثر“ جو سولي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ تفسير
لکيو.
(1)
هن تفسير ۾ نماز اضحيٰ، حضرت رسول ڪريم صلي الله
عليه وسلم جن جي تابعداري ۽ سندن دشمنن جي بد
عاقبت جو تمام عمدي نموني ۾ بيان ڪيل آهي. سن
1932ع ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي
سيرت پاڪ تي هڪ ننڍڙو رسالو ”حالات حضور“ جي نالي
سان پڻ ڇپائي پڌرو ڪيائين.
(2)
مولوي صاحب سن 1361هه/ 1942ع ۾ ”معارف القرآن“ جي
نالي سان عام فهم سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جو تفسير
لکيو. هيءُ تفسير سنڌي زبان جي معياري تفسيرن مان
هڪ آهي. مولوي صاحب، قرآن پاڪ جو اهو تفسير، ان
دؤر جي وڏي عالم، مولانا احمد علي لاهوريءَ جي
هدايت تي لکڻ شروع ڪيو هو. هن تفسير جا ماخذ ڪافي
معتبر تفسير آهن، جهڙوڪ: تفسير ابن ڪثير، تفسير
حقاني، تفسير روح المعاني، تفسير ڪبير، تفسير
الجواهر الطنطاوي مصري وغيره. مولوي صاحب جي عبارت
تي مولانا ابوالڪلام آزاد جي عبارت جو گهڻو اثر
غالب نظر اچي ٿو. مولوي صاحب ڪـُـل پنجن پارن جو
تفسير لکيو هو، جن مان پهريان ٻه پارا ”سنڌ مسلم
ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد“ ۾ ڇپيا ۽
انهن کي ”وقف ۽ مسجد سوسائٽي، حيدرآباد“ شايع
ڪرايو. باقي ٽن پارن جو تفسير قلمي صورت ۾ سندس
پوين وٽ محفوظ آهي.(1)
مولانا عبدالخالق جو قلم سموري زندگي هلندو رهيو ۽ اُن ۾ آخري وقت تائين
ڪنهن به قسم جي ڪمي ڪانه آئي. پاڻ ”صحيح بـُخاري“
۽ ”مثنوي مولانا روم“ جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو
هئائين. ان کان سواءِ، ڪي ٻيا ڪتاب به ضرور لکيا
هوندائين. ليڪن، افسوس جو پوين جي بي قدريءَ ۽
لاپرواهيءَ سبب مولوي صاحب جو اهو سمورو علمي
ذخيرو برباد ٿي ويو!
مولوي صاحب ديني ۽ سياسي خدمتن سان گڏ شعر و شاعري به ڪندو هو. پاڻ عربي،
فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪيترو ئي شعر چيو هئائين.
پاڻ شاعريءَ ۾ ”عبد“ تخلص ڪندو هو. سندس شاعريءَ
۾ اسلامي ۽ اصلاحي رنگ زياده سمايل هو. هتي سندس
هڪ طويل نظم مان ڪجهه بند انتخاب طور پيش ڪجن ٿا.
نظم
عيد آ دلڪش نظامِ حسنِ شانِ زندگي،
عيد آ هڪ روح پرور جلوهِ آنِ زندگي.
عيد جيئرن لاءِ آهي ارمغانِ زندگي،
صد مبارڪ عيد توکي شادمانِ زندگي.
تنهنجي دم سان قوم و ملت کي ملي منزل وئي،
ازل کان تنهنجي لئه ٿيو هفت خوانِ زندگي.
زندگيءَ کي زندگي تنهنجي ئي صدقي ٿي عطا،
تنهنجي ئي دم کان رهيو قائم نشانِ زندگي.
زندگي اقوام جي تنهنجي مسيحائيءَ جو نشان،
فيض تنهنجي کان ٿيو زنده جهانِ زندگي.
عيد راحت گاهه آهي ڪاروانِ زندگي،
تون سنڀالي ڌر قدم اي رهه روانِ زندگي.
پردهِ گل ۾ سوين مستور آهن مارزار،
مثل بلبل جي هي رنگِ بوستانِ زندگي.
ڪالهه قومن کي ڪيو جيئرو تو ميرِ ڪاروان،
ڪيئن ٿئين تون پاڻ اڄ ننگِ جهانِ زندگي.
زندگيءَ جي نبض آ بي تابي - جوشِ عمل،
تو نه سمجهيو آ مگر رازِ نهانِ زندگي.
ذوق راحت جي توکي ڪمزور ۽ بزدل ڪيو،
تون کڻي سگهندين ڪٿي بارِ گرانِ زندگي.
جاهل و بيڪار دنيا ۾ جيئڻ جنجال آ،
دم بدم دشوار آهي امتحانِ زندگي.
زور بازوءِ، حڪومت جو زمانو اڄ ويو،
علم جي ئي هٿ ۾ آهي ٿي عنانِ زندگي.
جلوه آرا هٿ مٿي تنهنجي ئي هو نـُـورِ مبين،
تر ڪيو روشن زمين و آسمانِ زندگي.
کـُـهه پيا ذلت غلامي جا هـِـي ڪاٽڻ چار ڏينهن،
خاڪ هي آزادگيءَ جي آهه شانِ زندگي.
مولانا عبدالخالق 55 ورهين جي عمر ۾ سلهه جهڙي موذي مرض ۾ ساندهه ٻه سال
مبتلا رهڻ بعد، جون 1947ع ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي
خانداني قبرستان واقع ڳوٺ ”ڄام نورالله“ ۾ دفن ڪيو
ويو. مولوي صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرئين
گهر مان ٻه فرزند، هرهڪ محمد هاشم ۽ عبدالرزاق
نالي ٿيا، جي ٻئي هڪ ٻئي پوئتان الله کي پيارا ٿي
ويا. ٻئي گهر مان صرف هڪ فرزند محمد هاشم نالي
ٿيو، جو حال حيات آهي ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر
آهي.
مولوي صاحب جي شاگردن ۾ مولوي رضا محمد مڱريو، مولوي عبدالرحمان کوسو، مولوي
غلام محمد رند ۽ مولوي نهبندو خان اُڄڻ وغيره وڏا
ديني عالم ٿي گذريا آهن.(1)
*
(ماهوار”نئين زندگي“ حيدرآباد سنڌ، مئي جون 1981ع
- سـَـنواريل ۽ وڌايل )
|