[24]
آءُ توکي ڌارين وٽ ڪيئن ڇڏيندس؟ منهنجي رات ڏينهن
جي ننڊ ڦٽي پوندي. تون حال ٻڍڙيءَ سان گڏ اسان جي
گهر ئي ٽڪي پيئي هج. داديهن جيستائين اچي،
تيستائين آءُ پاڻ وڃي ٿو ٻيلاين جي مٿان، ماڙيءَ
منجهه رهان. ائين ته ٺهيو؟
جهنگ مان موٽندي، ڳالهيون ڪندا پئي آيا، تڏهن واٽ
تي اهو به ذڪر نڪتو. پر رٿ جيڪو اتر ڏنس، سو
آلڊينهوفر ٻڌوئي ڪونه، ڇو ته ان ويل سندس ڌيان
داختر جي گاڏيءَ ڏي ڇڪائجي ويو، جا ڊوڙندي ائين
پئي ويئي، ڀانءِ ته سندس چيلهو پٽ سان ئي ڪونه ئي
لڳو. چيائين داختر کي شايد ڪٿان تڪڙو سڏ ٿيو ٿو
ڏسجي، تڏهن ڪري گهوڙي کي ڇڏيو اٿس.
رٿ اتي ڏٺو، جو گاڏي ڦيرو کائي، يڪدم جهنگ واري
سڙڪ ورتي. تڏهن ڊپ وچئوُن پڇيائين: ٻيلاين جي گهرن
ته ڪونه سڏايو اٿس؟
آلڊينهوفر چيس: منهنجي جان! تون ڊپ ڇاجو ٿي ڪرين؟
اُتي مڙيوئي خير هوندو! هن سڙڪ تي رڳو ٻيلاين جو
ڳوٺڙو ته ڪونهي.
”ائنا ويچاري منهنجي لاءِ اکيون پايو ويٺي هوندي.
مون چيو هومانس، ته موٽندي، اوهان وٽان ٿيندي
وينديس!“
هينئر ته دير ٿي ويئي آهي. سڀاڻي مون سان گڏجي وٽن
هلج، ته ٻڌائينداسون ته موٽندي منهن ڇو ڪين
ڏيکاريوسين. تيون مون ٿي چيو مانءِ ته داديهن
اعتراض نه اُٿاريو، ته آءُ توکي ٻن – چئن ڏهاڙن
ڪاتر پنهنجن مائٽاڻن ۾ وٺي هلندس. منهنجا مائٽ
ڏاڍي تنهنجي آءُ ڀاءُ ڪندا. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟
”جيڪا اوهان جي مرضي!
”تون هاڻ منهنجي ٿينءَ. آءُ توکي پاڻ کان کن ڪين
ڌار ڪندس. منهنجي اصل پر آهي، جو جن سان قرب ٿئيم،
تن کي پاڻؤن پري ڪريان ئي ڪين ان ڏس ۾ آءُ ڏاڍو
مطلبي آهيان.
آءُ به اوهان کان پل ڪين پري ٿينديس. سچ ٿي چوان،
مون پهريائين اوهان کي ڏٺو، ته منهنجي روح ريلو
اوهان ڏي ٿي ڏنو.“
آلڊينهوفر جي دل ڀنؤ سان ڀرجي آئي. خوشيءَ ۾ گد گد
پئي ٿيو. بيٺي بيٺي حال اچي ويس.
رٿ کي باقي اُنهي ويل کان ئي وٺي چونرا کونرا
لڳي ويئي. وري جو ڏٺائين، ته بتيون کڻي ماڻهو
بنگلي ۾ پيا اچن وڃن، تڏهن کيس وحدت مان جاڳائي
چيائينس: پير تڪڙو نه کڻو. ڏسو ٿا، بنگلي تي ڊڪ
ڊوڙ پيئي پوي،
هي پيئي بنگلي تي آيا، ته ماڻهن وٺي پڪاريو: سائين
اچي ويو.
هن پڇيس: خير آهي؟
ٻڍڙيءَ چيس: خير ڪونهي داختر کي اوهان واٽ تي ڪونه
ڏٺو ڇا؟
”هائو. پر سو ڇا؟“
”ٻيلاين جي واٽ تي ڳالهه ڪانه ٻڌيو؟“
”نه.“
”ويچارن سان قهر ٿي چڪو آهي. اڳهڻو وٽائن ماڻهو
آيو، چي، رٿ کي ٿا ڪوٺين، جو ايوا ۽ ايڊورڊ کي
الاجي ڪنهن زهر ڏنو آهي.“
رٿ جو ته هينئرن اڳيئي پئي وگهريو. باقي به پيٽ ۾
اچي گهوڙا پيس.
آلڊينهوفر سندس چيلهه ۾ ٻانهه وجهي، ٻڍڙيءَ کي
چيو: رٿ جي خاص پارت اٿيئي. سندس بدران آءُ ٿو وٽن
وڃان.
رٿ جا گهٽ ته گهٽجي ويا هئا، تڏهن به جيئن تيئن
اکراکر وات مان ڪڍي، آلڊينهوفر کي ليلائي چيائين:
پاڻ سان گڏ مون کي به نيو. هيڪر ته هلي ايوا جو
مٺڙو منهن ڏسان.
آلڊينهوفر سمجايس: تنهنجا آنڊا پيا منهن ايندا.
تنهنجو بت ڪريو، ته ڄاڻين ڪونه ٿي، مون کان ڇا
اُڄهندو؟
پر رٿ روئي رڙي. چي، آءُ به اوس هلان. مون کي نه
ته آرام ايندوئي ڪونه.
نيٺ جڏهن آلڊينهوفر ٻڌايس ته تون هيئن پاڻ
سهسائيندينءَ ته تو ڌاران حياتي باقي به مون کي
وهه ٿي لڳندي، تڏهن لاچار کڻي سندس چيو مڃيائين.
چي، چڱو ڀلا آءُ ويهان ٿي.
آلڊينهوفر جي اکين مان سرهائي ثابت پئي بکي. ڀاڪر
پائي چيائينس: آءُ سمجهان ٿو ته دل تنهنجي رهي
ڪانه ٿي، منهنجي ڪاتر کڻي پاڻ پليو اٿيئي. پر آءُ
توکي وينديئي اجها ٿو خير خبر موڪليان.
ٻڍڙيءَ کي هيءُ رنگ ڏسي ماٺ پئي لڳي. دل ۾ پيئي
چوي: آلڊينهوفر ڇوڪريءَ سان هين قربائتو ۽ حجائتو
ڇالاءِ پيو ڳالهائي؟
آلڊينهوفر به سمجهيو ته ٻڍڙي ڪهڙا پيئي سوچ ويچار
ڪري، تڏهن ٻڌايائينس: هيلڊار ساڻس اڄ مائٽي ڇني، ۽
مون وڃي ساڻس اَميري پاتي.
بس ٻڍڙيءَ جيڪا تنهن تان ٿيان ٿيان ڪئي! اڃا به
هوءَ بد خبر نه ٻڌي هجيس ها ته الاجي ڪهڙيون
واڌايون ورائي ها!
[25]
آلڊينهوفر اندڙ گهڙيو، ته ٻيلاين جي گهر ماتم لڳو
پيو هو. ايڊورڊ کي رٻڙ جو کينهو اڃا هٿ ۾ ئي هو،
جو منجهند ٽاڻي ايوا کان حجت پائي ورتو هئائين؛ ۽
نرسنسي پلنگ تي پيو هو.
اميرياڻيءَ هٿ پئي مهٽيا، ۽ پار ڪڍي پئي رنائين.
آلڊينهوفر کي اهوئي وسواس، ته هيءَ ٻال – هچا ڪهڙي
پاپي جيو کان ٿي هوندي؟ ويچار آيس، ته متان ٻئي
ڪنهن جيو جو ڪيتو؛ هيءُ ابهم ته ڪونه ٿو لوڙي؟ پر
انهيءَ ويچار کي وري هٽائي ڇڏيائين. چي، نه، ائين
پٽيءَ نه هوندو.
اميرياڻيءَ کي اُن ويل به ڪام جي آڳ ديوانو بنائي
ڇڏيو. آلڊينهوفر کي اچي لڳي، ته هاڻ ته پنهنجو ڀال
ڀلاءِ – تنهن ٻانهيءَ جون ٻيون آسون اُميدون ته
سڀ چٽ ٿيون!
آلڊينهوفر گهڻوئي سمجهايس ته ههڙي نازڪ وقت تون
اهي ڳهيلائيءَ جون ڳالهيون نه ڪر – پر هوءَ ڪام –
وس ڪامڻ هوڏ ڇو ٿي ڇڏي؟ چي، اڃا تڏهن سا ٻانهي
ڪهڙي گهنگهاري ڪڍي؟ سا ٻانهي پنهنجي مٺي آنڊي کان
به وڇڙي؛ تڏهن به تون سندس گناهه اوسراڻ نٿو ڪرين؟
آلڊينهوفر کي سندس فضوليءَ تان هيڪاري بڇان ويئي.
چيائين: آءُ به تنهنجي ٻولي سمجهي نٿو سگهان. هي
حادثو ڏسي، منهنجي ته زبان ئي نٿي وري. تون ڀانئين
ٿي ڇا، ته مون سان تنهنجي پر چاوَ ڪاتر هن ٻالڪ جو
صدقو درڪار هو؟ تنهن ۾ پنهنجي من کي ڌيرج ڏي.
ڀڳوان جو ڀاڻو مٺو ڪري ڀوڳ.
”آءُ هي صدقو تنهنجي ڪارڻ ٿي ڪريان. سو تون مون کي
جيئدان ڏي.“
”پوءِ جنهن هيءَ ٻال- هچا ڪئي...؟“
آلڊينهوفر تُڪ پري ڪانه ڪئي هئي، ته هيلڊار اندر
لنگهي آيو. اکين ۾ جوت هيس ئي ڪانه، ۽ منهن مان رت
ڄڻ بنهه سُڪي ويو هوس. ڀانءِ ته قبر مان اُٿي آيو
هو.
ڪارولائين نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، اچي ڀاءُ جي
مٿان پيئي، ۽ کيس ڪوٽ کان جهلي، چيائين: خون اجهو
هن ڪيو!
هيلڊار جو هوش جاءِ ڪونه هو. نهاريائين وائڙن جيئن
پئي.
ڀيڻ پڇيس: خون برابر تو ڪيو نه؟ جيئرو هو ته وڌيپو
تنهنجو ئي ٿي ويو! تو هي ڪم ورثي ڪاتر ڪيونه؟
هيلڊار ڏانهنس نهاريو ڪونه ٿي. پنهنجي روءِ سوءِ
پئي چيائين: هائو، هي ڪم مون ڪيو!
اميرياڻي کي باقي به ڄر لڳي ويئي واڪو واکاڻ اهڙي
لڳائي ڏنائين، جو ڀانءِ ته ڦاٽي ٿي. چي، مٺيس. هي
تو ڪهڙو قهر برپا ڪيو؟ ورثي ڪاتر ويهي تو منهنجو
نچندو ٽپندو ٻچو سهسايو؟
ڪهڙي انڌ ورتءِ!
هيلڊار بت ئي ٿي بيٺو هو. چيائين: هائو، هائو، سچ
ٿي چوين. مون کي انڌا الاجي ڪهڙي اچي ورتو!
هيلن جا اتي هَڪي هئي، ۽ ساهيڙيءَ سان گڏ ڳوڙها
پئي ڳاڙيائين، تنهن، ان تان پڇيس: تنهنجي هٿ چيو
ڪيئن ڪيو؟ ڪارولائين کان ورثو گهرين ها، ته ڪانه
ڏيئي ها ڇا؟
تنهن تي ورندي ڏنائين: ورثو؟ مون کي ورثو کپيئي
ڪونه! ورثو وڃي ايڊورڊ کڻي! اتي چو ڦير نهاريندي،
آلڊينهوفر تي اک پئجي ويس. تڏهن ان کان پڇيائين:
پر اوهان هتي ڪيئن پيا ڏسجو؟
اهو سوال هن کان پڇي، وري ٻيهر چوڦير نهار ڪيائين،
ڀانءِ ته ڪنهن ٻئي جيو کي به ٿي ڳوليائين، ته متان
اهو به نه هتي هجي. پر اتي ئي اُڇانگ ماري. اچي
ڀاڻيجي جي لاش تي پيو. رڙ ڪري پڇيائين: ايڊروڊ کي
ڇا ٿيو آهي؟ ڇا، ايڊورڊ مري ويو؟
آلڊينهوفر سمجهيو، ته هيلڊار پنهنجي پاڻيءَ ۾ نه
آهي. ڏاڍو دل ۾ ڏک ٿيس. پر ڪنهن جي وس جي ته ڳالهه
ڪانه هئي.
اميرياڻيءَ سو وري اچي ڀاءُ کي اُڀري ورتو. چي،
ههڙا تهڙا، ڀانس ڀانسي وري الي ٿو وڃين ۽ هيلڊار
جي مٿي ۾ اڃا ڳالهه ڄڻ ويٺي ڪانه ٿي. اکيون ڦاڙي،
آلڊينهوفر کان پڇيائين: هن جو موت ٿيو ڪيئن؟
آلڊينهوفر ورندي ڏنيس: چون ٿا، ڪنهن زهر کارايو
اٿس.
”زهر؟ زهر ڪنهن وٽ هو؟ ڪنهن جي هن ٻالڪ سان عداوت
هئي؟“
”زهر تو وٽ ئي هو. تنهنجي ئي ساڻس عداوت هئي. تو
ئي کيس زهر ڏنو. آءُ ثابت ڪري ڏيکارينديس.“
پر ڀيڻس هيءَ ڌمڪي ڪڍي، ته به هيلڊار تي اثر خير
ڪو ٿيو.
اتي داختر اچي آلڊينهوفر کي ٻڌايو، ته هوڏانهن جو
ٻيون پراڻي پيو آهي، جو باقي پل – اڌ مس ڪڍي، سو
ٿو اوهان کي سڏي.
آلڊينهوفر اندر گهڙيو، ته ايوا جي اکين ۾ نئين جوت
اچي ويئي. ساهه جيتوڻي اُڀو پئي کنيائين، ته به
آلڊينهوفر کي ڏسي، چيائين؛ آءُ پران تياڳيان؛
تيستائين اوهان هتي ئي ويٺا رهجو.
آلڊينهوفر کي به اکين ۾ پاڻي اچو ويو. جوان نينگر
هيڏي پيڙا پئي سٺي، ته به جهڄي وجهلي بنهه ڪانه
ٿي.
ايوا پڇيو! نيٺ خبر پيئي يا نه، ته کير ۾ زهر ڪنهن
وڌو؟
ائنا ورندي ڏنيس: ڀينڙي، اڃا ته سڌ ئي ڪانه ٿي
پوي. پر مون کير جاري تي رکيو، تنهن ويل ڀرسان
بيٺو رڳو هيلڊار ئي هو.
ايوا چپن ۾ چيو: هيلڊار بيڏوهو آهي. متان ڪو
هيلڊار کي ڏوهه ڏيندو هجي!
وري آلڊينهوفر کي اشارو ڪري، پاڻ ڏانهن سڏيائين.
آلڊينهوفر ويجهو آيس؛ ته پڇيائينس: رٿ جي ڪا خبر؟
آلڊينهوفر ورندي ڏنيس: رٿ هاڻ منهنجي آهي.
ايوا جي اکين ۾ وري چمڪاٽ ٿيو، پر ساڳيءَ ويل ڳل
تان ڳوڙها به ڪِري پيس. ايوا پوءِ پل – اڌ مس
ڪڍيو. هٿ آلڊينهوفر جي هٿن ۾ ئي هوس، ته دم
ڏنائين.
آلڊينهوفر کي تڏهن پتو پيو، ته هن ستياڻيءَ جي دل
۾ به، پاڻ ڪهڙا ڪهڙا نه ڀاوَ اُٺاريا هئائين!
ٻيلي مان موٽي پئي آيو، ته ساڻس گڏ داختر به هو.
پاڻ ته ويچارن ۾ ئي محو هو، پر داختر جي زبان پئي
هلي، چئي پيو: زهر به ڪو قاتل ٿي ڏٺو. ترياق
پڙيوئي ڪونه. پر هيلڊار نسبت ڇا ٿا سمجهو؟
آلڊينهوفر ٺهه ڦهه ورندي ڏنيس: هيلڊار بلڪل بيڏوهو
آهي. هيلڊار کان اهڙي هچا ڪڏهن ڪانه ٿي هوندي.
”اوهان ڳالهه ائين ٿا ڪريو، ڀانءِ ته سندس اندر
مان پيهي نڪتا آهيو. سائين، طمع ڪارڻ ماڻهو الاجي
ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري ٿو چڪي! پاڻ به ڏٺوَ، پهريائين
ڏوهه ڀانسي، پوءِ ڪيئن الي ويو؟ خود ڀيڻس، به کيس
ئي ٿي خوني ٺهرائي. ٻيون تڏهن ڪنهن کان ههڙڍو هچا
جهڙو ڪم ٿيو هوندو؟ هيءُ ته وري به ڀاڻيجو آهي. پر
اهڙا به قصا ٻڌا هونداسين، جو پيٽ ڄاون خود
ڄڻيندڙن کي نهوڙي نيو هوندو!“
”۽ ڪڏهن ڪڏهن خود ڄڻيندڙن پنهنجن سڪيلڌن پيٽ ڄاولن
کي کپائي ڇڏيو هوندو!“
”يعني ته؟“
”هينئر انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃو. منهنجي دل ۾ ته
الاجي ڪهڙا ڪهڙا اڌ ماند پيا اٿن! پر ڇا، اوهان
ڀانئيو ٿا ته هيلڊار تي تهمت ثابت ٿي سگهندي؟“
”تنهن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي. جاري وٽ ان ويل کانئس
ڌاران ٻيون ڪير هئوئي ڪونه. ورثي ۾ وڌيپو سندس ئي
ٿي ويو. باقي پاڻ بچاوُ ڏئي، ته آءُ ساڳهين سرزمين
تي ئي ڪونه هوس، پوءِ جيڪس ڇٽي به وڃي.“
”پر کير جو جام ائنا جاري تي رکيو ته رٿ ڪاتر ئي
هو؟“
اهو سوال پڇيائين پئي، ته وري دل ۾ ٻي غيرت آيس،
پر انهيءَ کي به جهپي ڇڏيائين.
”خير، پر هيلڊار صاف ائنا کي چيو، ته ايڊورڊ کي
اُڃ آهي، پاڻي جهلو ڪرائجانس.“
[26]
”ويچاريءَ جو هڪڙو پنڙيو پٽ، مئيءَ مٽيءَ جي
نشاني؛ چؤ ڀاڻس جو جگر، ورثي ڪاتر ويهي جيو- هچا
ڪئي اٿس!“
”ڀاڻس ته اُتانس گهورون پيو گهوريندو هو. پوءِ ٿيس
ڇا؟“
”اها رڳي ٻاهرين چٽ چٽ. اندر ۾ ڪي ڇريون هيس. پڻس
مائٽيءَ تان ڪيترو جهليس، پر نيٺ پنهنجي ڳالهه مٿي
ڪيائين. تڏهن هن به لاوارث ڪري ڇڏيس!“
”هائوڙي زمانا! اڃا الاجي ڪهڙا رنگ ڏيکاريندين!
سج ڪَنِي ڪانه ڪڍي هئي، ته خلقون اچي ٻيلاين جي
مڪان تي مڙيون هيون. پوءِ شُوڪارا ڀري، ائين پئي
پاڻ ۾ ڌنيائون.
ٻڍڙيءَ چيس: هاڻ اُٿ ته پاڻ به پٺتي ورون.
ورندي ڏنائينس: آءُ هينئر ڪانه ٿي هلان.
”مون کي تاڪيد ڪري ڇڏيو اٿس، ته اڪيلو نه ڇڏجانس.“
”پر آءُ ڪيڏانهن ڀڄي ڪانه ٿي وڃان- آءُ هتي ئي ٿي
ترسان. ڏسان ڪنهن کي ٿي جرئت ٿئي، جو هيلڊار تي ٿو
تهمت رکي؟“
رٿ اهي اکر اهڙا زور سان چيا، جو ائنا کي ٻڌي،
ڏاڍو سراپ وٺي ويو.
ٻڍڙيءَ چيس: آءُ ته وڌيڪ ڪانه ترسي سگهنديس. ورندي
ڏنائينس: تون ڀل وڃ. ماڻهو ويٺو هجي.
”چڱو، ائين ٿي ڪريان.“
”آءُ به، تحقيقات ٿي رهي ته اجها آيس.“
سرڪاري ماڻهن اظهار وٺي، اَمالڪ کڻي هيلڊار کي
گرفتار ڪيو. رٿ کي اکين اڳيان انڌ اچي ويو. موٽي
پئي، ته سڌ ڪانه تي پيس، ته ڌرتيءَ تي ڪا پير
کوڙيان ٿي يا نه. جاءِ تي پهتي، ته ٻنڀي وٽ ئي
پورهيت ٻڌايس، جو داديهن اچي ويئي. هن ڀانئيو ته
ڏاڍي سرهي ٿيندي. پر هن رڳو وائڙن جيئن وٺي ڏانهنس
نهاريو. اندر صفي ۾ گهڙي، ته ائنا ڀاڪر ۾ جهلي
پڇيس: آءُ آئي آهيان، توکي سرهائي به ڪانه ٿي ٿئي؟
تڏهن به ڀيڻ جي گردن ۾ لٽڪي، رڳو چيائينس: هينئر
ڇڏينم. آءُ ڄاڻ آيس.
ٻڍڙيءَ نه ته هيتري مهل پئي مشڪيو، تنهن جو سندس
هي حال ڏٺو، سو پڇيائينس: پر وڃين ڪيڏانهن ٿي.
ورندي ڏنائينس: آلڊينهوفر وٽ. ساڻس تڪڙي ڳالهه
ڪرڻي اٿم.
ڀيڻس چيس: بيهه ته آءُ توسان گڏ هلان.
تنهن کي جهليائين: چي، تون وٽس پوءِ وڃج. آءُ ساڻس
ڳالهه پنهنجي منهن ڪنديس.
ائنا ۽ ٻڍڙي وائڙيون ٿيون،پر هيءَ وري بيٺي،
ڪانه؛ڏاڪڻ تان ڄڻ ٽپندي ويئي.
آلڊينهوفر ٻانهون ٻڌيو، سبز ڪمري ۾ بيٺو هو. ڀانءِ
ته ڄاڻ هوس، ته رٿ هن ٽاڻي اوس وٽس ايندي. هيءَ در
وٽ آئي، ته جيڪي سو هٽي؛ پر وري همٿ جهلي، اندر
گهڙي.
آلڊينهوفر رڳو ڪنڌ کڻي ڌوڻيو. اکيون آليون ۽ چهرو
زرد هن مڙس جو به هو.
”پوءِ اوهان ڇا ٿا ڀانئيو؟ منهنجو مَرڪَ ڇا آهي؟“
واتي ويڻ ورندي وري به ڪانه ڏنائينس. رڳو وٺي منهن
۾ نهاريائينس. انهيءَ نهار جو بيان نه قلم نه ڪلام
کان پڄندو. قلب پنهنجي ڪلپنا ڊوڙائي! ڪنڌ ائين ڪري
نئڙايائين، ڄڻ پنهنجي موت جي وارنٽ تي صحيح ٿي
وڌائين. ٻي بنهه چپ چاپ لڳي پيئي هئي. باقي دلين
جي دڪ دڪ سان ثابت پئي ٻڌي. ڀلا پنهنجيءَ پَر ۾
ڄڻي ڄڻي وڏو معاملو ڪري منڊيو هو. آلڊينهوفر ته
جنسي ڊنو ٿي. سڏڪا پئي ڀريائين؛ منهن کي هٿ ڏيئي.
ڪرسيءَ تي ليٽي پيو.
ڪهڙي ٿي گُپ چُپ ۾ هڪٻئي سان سٽ سٽيائون ڪهڙي ٿي
ڳجهه ڳوهه ۾ منزل چتايائون؟ بنان واتي ويڻ ڪهڙا
پئي گهاٽ گهڙيائون؟
رٿ به پنهنجي پريتم جي پيرن ۾ کڻي گوڏا کوڙيا.
منهن مان سندس ائين پئي ڏٺو، جو ڀاڻو مٺو ڪري ٿي
ڀوڳياٿين. پر ڳالهائڻ ڪونه ٿي اُڪليس. تڏهن به
جيئن تيئن زبان چوريائين چيائينس: پيارا، اَسرو
نام جو،
آلڊينهوفر پڇيس: بس، تڏهن ٻي واهه ئي ڪانهي؟
ورندي ڏنائينس: نه، آءُ هينئر ڀرسانس هئڻ گهرجان.
لوڪ اُتس فتوا ڏني، هاڻ وارو منهنجو آهي.
”پر توکي جواب ته پاڻ ئي ڏنائين؟“
”پيارا، اهو ڪالهه !“
”سچ، ڪالهوڻي ڳالهه ڪالهه هئي، اڄ جي آءُ توتان
آسرو نه پليان ته هن کي ڄڻ ڦُري فقير ڪريان !“
”لوديئر!“
”پوءِ جو ڀلا ڪو ويچار ڪيو اٿيئي؟“
”نه، انهيءَ لاءِ وقت ئي ڪونه مليو اٿم. جي ڇٽو، ۽
دل شاهدي پيئي ڏئيم ته ڇٽندو اوس، ته....
تُڪ اڻپوري ڪيائين، باقي اکر ڳيهي ويهي.
آلڊينهوفرسَهي ڪيو ته مطلب ڇا اٿس. پنهنجي هٿن سان
پنهنجي ڪنڌ تي ڪهاڙي ٿي وهايائين.
”۽ جي عدالت سزاياب ٺهرائيس؟“
”تڏهن ته هٿؤن منهنجي ڏڍ جي گهڻي گهرج ٿينديس. هر
حال ۾ هاڻ آءُ سنديس آهيان.“
”تنهنجو ڄم ننڍو، هي سفر وڏو، ان جو ڪو ويچار ٿئي
ئي ٿو، يا نه؟“
”اِهي ڄاڻ مون کي هن مهل ڇو ٿا وجهو؟ ڄاڻو ڪين ٿا،
ته آءُ هينئر مڙنديس بنهه ڪانه؟“
”توکي جس هجي ! مون کان وڌيڪ همٿ واري تون آهين.
ڌڻيءَ جيڪس مون کي اپايو ئي انهيءَ لاءِ ته آءُ
عمر ڇڙو ڇانڊ رهان. پر آئيندي آءُ توکي ياد ڪيو
پاڻ کي ڏڍ پيو ڏيندس. لوديئر جي مڱينديءَ جو اهوئي
لائق آهي. آءُ دل سهسايان ٿو، ته منهنجا آنڊا منهن
برابر اچن ٿا، پر تنهنجو ٻليدان ڏسي، مون کي فخر
ٿو ٿئي. جوانيءَ جو پور منهنجو هڪ عياش، خود غرض
عورت جي افعالن ڏکيو نبريو، پر هي پڇاڙيءَ جو پور،
جي مون کي ٻيون سنساري سک نصيب نه ٿيو، ته به
تنهنجي برڪت سان اندر وارو ته منهنجو اوس ترپت
رهندو. هن اونداهيءَ واٽ تي تون منهنجي لاءِ قطب
ٿي آئي آهين. آءُ انهيءَ لاءِ تهدل تنهنجو ٿورائتو
آهيان. دل جو درد به هينئر مٺو پيو لڳندم، جو آٿت
هوندم ته تنهنجي ئي صدقي هي سور ويٺو سهان. هاڻ
منهنجي موڪل اٿيئي!“
[27]
”چارلس ! چارلس ! اجها! هيڏانهن ! آءُ آهيان !“
چارلس هيلڊار پڪڙيو، ته به هوش اڃا به جاءِ ڪونه
آيو هوس، ائين ئي رڳو خالگيءَ ۾ چتائي پئي
نهاريائين. ماجسٽريٽ گهڻوئي اٿلايس پٿلايس، پر ان
کي به هڪڙي سوال جو جواب اڌ ڳيتو ڏنائين ٿي ته ٻئي
تي بنهه ماٺ ڪري ٿي بيهي رهيو.
هينئر رٿ سڏ ڪيس، تڏهن سو اکيون مٿي کنيائين. پر
وري به نهاريائين ائين پئي، ڄڻ وائي پتر نه هجي.
رٿ ليلائي چيس: پيارا، ائين نه نهاريو. آءُ ڊڄان
ٿي.
تڏهن بڇيائينس: مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿيئي؟
”آءُ ... آءُ... اوهان ... آءُ ڏسو ٿا مٺا، ڏوهيءَ
کي ڪيئن نه ٿي ڳولي ڪڍان !“
”اجايو پاڻي ولوڙيندينءَ، ڏوهي گرفتار ٿي ويو.“
”توهان ڏوهي؟ آءُ ويسهه ڇو ٿي ڪريان؟!
”منهنجي لوڏ لٿي آهي، تڏهن مون وٽ آئي آهين؟“
”لوڏ ويرين جي لٿي، مون ۾ مٺا متان اهڙو شڪ آڻيندا
آهيو. هاڻي اچو ته اسان وري پاڻ ۾ سڱ ڳنڍيون،
ڪالهوڻي ڳالهه مون وساري ڇڏي. اڳي جيڪي ٿيو ٿايو،
تنهن کي آءُ ياد به ڪانه ڪنديس. هن اوسر ۾ آءُ
نئين سر اوهان سان پيچ پائينديس. آءِ سمجهان ٿي ته
آءُ اڃا اوهان ساڻ ٻڌل آهيان. هاڻ ته ڪونه پڇندا،
مون ۾ ڪهڙو ڪم اٿيئي؟“
هيلڊار ڍرڪيو ائين، ڄڻ بت کي مروٽو ٿي آيس. اکين ۾
هينئر شعلا پئي ٻريس، اتي ئي وٺي وڏو سارو ٽهڪ
ڏنائين. پر ڳالهائڻ ڳورو ڪري چيائينس: تڏهن تون
مون کي شرمندو ڪرڻ آئي آهين؟ پنهنجي دريا دلي
ڏيکاري، مون کي ڦڪو ٿي ڪرين؟ رٿ! تنهنجو وير بڇڙو
! منهنجا چِڪيا چاڪ ٿو اُٿاري. ڦٽن تي لوڻ ٿو
وجهي. ڇا آءُ، جنهن تو جهڙيءَ نازنين کي اٿئي ويٺي
پئي دڙيو، آءُ جنهن سکڻي ڏيک ويک ۽ لوڪ مرجادا جي
سانگي، تو جهڙيءَ پريءَ رُو پيڪر سان مهل ڪمهل
ڇهنگ بازي پئي ڪئي، آءُ، جنهن تو جهڙي بينظير جوهر
جو قدر ئي ڪونه سڃاتو، جنهن تو جهڙي سدا گلاب کي
ٽاريءِ مان ڇني، وري لوڪ نندا جي ڊپ کان پٽ تي
اڇلائي ڦٽو ڪيو، تنهن سان تون وري ناتو ڳنڍڻ ٿي
چاهين؟ نه! ائين هر گز نه ٿيندو، مون پنهنجي پير
تي ڪهاڙو پاڻيهي هنيو، تنهن ڪري ڇڏ، آءُ ئي ان جو
ڪيتو لوڙيان. آءُ تنهنجو هي ٻليدان قبول ڪونه
ڪندس، تنهن هوندي به آءُ تنهنجو ٿورو ٿو مڃان.
رٿ ٻيئي هٿ ڊگهاري وٺي رڙ ڪئي. چي، مُٺيس. اوهان
تڏهن مون کان ٽهو ٿا؟
”نه ! آءُ توکي منٿ ٿو ڪريان، ته تون مون ڪاتر
پنهنجو سک نه سهساءِ. آءُ ههڙو ذليل شخص تنهن سان
پلؤ اٽڪائي، تون پنهنجي ڄمار نه کار.“
”چارلس ! هي ڇا ٿا چئو ! خطائون ته انسان کان ٿين
پئيون. اوهان منهنجي ڳالهه موٽايو نه. آءُ پلؤ ٿي
وجهانوَ، ته جيئن مون پاڻ اڳيون ڳالهيون سڀ وساري
ڇڏيون، تيئن اوهان به انهن کي وري زبان تي ئي نه
آڻيو.
”تڏهن توکي ويساهه ڪونه ٿو اچي، ته ايڊورڊ کي وهه
ڪو مون ڏنو؟“
”آءُ ساک پت سان ٿي چوان، ته مون کي اهڙي
ڳالهه دل سان ئي نٿي لڳي!“
”هيلڊار کي تڏهن وڃي مُنهؤن پاڻي وريو. ڳچ وريم ته
وري ماٺ ۾ ئي هو. نيٺ پڇيائبنس: پوءِ سچ پچ منهنجي
ڪاتر تون پنهنجو سک سهسائي ٿي ڇڏين؟
رٿ به ٺهه ڦهه وراڻي ڪانه ڏنيس. آلڊينهوفر جي شڪل
اکين اڳيان پئي ڦريس. دل تي هٿ رکي، نيٺ نهايت چٽي
آواز ورندي ڏنائينس: پيارا ! هائو.
”رٿ آءُ وري به ٿو چوان ته تون اهڙو ڪم نه ڪر. ڏس،
تنهنجو مون سان پريم آهي ئي ڪونه.“
”پريم کان مٿي آءُ ڌرم ٿي سمجهان!“
”وري به ماٺ ٿي ويئي. هيلڊار جون اکيون اها مهل رٿ
۾ ئي هيون. نيٺ اکين ۾ اوچتو اُهاءُ آيس. ٻانهون
کڻي، ڇاتيءَ تي واريائين، ۽ پنهنجي منهن ئي پئي
چيائين: ”سون ورني دل!“
رٿ اڃا منتظر بيٺي هئي. ليلائي پڇيائينس:
پوءِ مون کي موٽايو ته ڪونه ٿا؟ هيلڊار ڪهڙو آتر
ڏئيس؟ منهن ڪري ڀِت ڏي ورايائين. هڪڙو انامي امنگ
دل ۾ اچي اٿيس. اندر سندس روشن ٿي پيو. پوءِ اڳڀرو
وڌي، مٿو ڪري پَٽ تي نئڙايائين، ۽ رٿ جي ساديءَ
گهگهيءَ جي ڪنار ۾ هٿ جهلي، ٻهيءَ کي وٺي چاهه
سان چميائين. |