[15]
”ڀينڙي، چڳون ته لسيون ڪري ڇڏ. لنونڊڙين تي هيئن وار ڪي ٺهن ٿا
جڙن ٿا ! دستانا به ته پوندءِ ئي ڪين. گهوٽهن به
اچي ويو.“
هيلڊار ايندي ئي کيس ۽ ماساتيس کي کينڪاري، هن جي گهگهيءَ ڏانهن
نهاري چيو: هن ۾ رجين به ڪانه ٿي؟
الائيس ٻڌايس: اندر ٻاهر پائڻ لاءِ گهگهي اٿس ئي اها.
هيلڊار شرمندو به پئي ٿيو، پر چيائينس: مون ڪالهه ليئو به ڪونه
پاتو. معاف ڪج، داديءَ ڇڏيوئي ڪين.
رٿ ورندي ڏنيس: مون سمجهيو، ضرور اوهان کي داديءَ ترسايو هوندو.
پر رٿ جو زور ڏيئي دستانا پئي پاتا، تنهن تي هيلڊار پڇيس: هٿ کي
ڇا ٿيو اٿيئي؟
”ڪالهه ڪو مک چَڪ پاتو اٿم. پر سوڄ لهي وينديم.“
”باقي اهو چڪ کپندو هو ! دستانا وري ڪيئن پوندءِ؟ ٺهيو، ائين ئي
هل.“
”واٽ تي هيلڊار کي ته منهن ۾ شور پيوئي هو، پر نيٺ رٿ زبان چوري
– چي، مون کي ته پيئي دڪ دڪ ٿئي. داديءَ کي اوهان
جي آءُ الاجي وڻنديس ڪي نه ! مون سان هلندي ٺهي؟“
”تون ٿڙڪج سان نه، هوش جاءِ رکج، پوءِ ٺهي ڇو ڪين هلندي؟ پر
توکي تربيت جا ملي ڪانهي؛ سو منهنجو به هنيون پيو
وگهري. هوءَ ڀلا ماڻهوءَ جو انت هيتري ۾ سوڌي وڃي.
پر تون به اجايو ڊپ ته ڇڏي ڏي. آءُ ته ساڻ آهيائين
نه؟“
گهوٽ –ڪنوار اندر صفي ۾ گهڙيا ته سائڻ پنهنجيءَ ساهيڙيءَ هيلن
سان ويٺي ڳالهيون ڪيون، ڌڻي ٿو ڄاڻي ته پاڻ هن کي
سچ پچ ايندو ڏٺائين يا نه، پر هيلڊار سندس آجيان
لاءِ ترسيو ڪونه. رٿ کي ڀرسانس بيهاري چيائينس:
دادي، ڪنوار ! هيءَ سائڻ تڏهن به ڀاڄائيءَ کي کڻي
آءُ – جيءُ ڪري سو نه، اکين ۾ چشمو وجهي، ڪا مهل
ته ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پئي جاچيائينس.
هوءَ جا ساهيڙيس، تنهن به وٺي سنديس اها ڪئي – ڀانءِ ته اڳي
ڪڏهن رٿ کي ڏٺوئي ڪين هئائين.
رٿ جو منهن سو ڳاڙهو لال ٿي ويو، پر همٿ ڪانه هاريائين، اکيون
کڻي نِڻان جي منهن ۾ کپايائيس.
نيٺ جيئن تيئن سائڻ جي زبان تان مهر لٿي – ڀاءُ کي چيائين:
ٻانهن لائِي ڪانهي !
پر هٿ ڊگهاري ڀاڄائيءَ کي ڏنائين ته هوءَ جا ٿورو شڪي، تنهن مان
سهي ڪري ورتائين، ته ڪا مڙيائي هٿ ۾ وِڏ اٿس. اتي
ئي جا سوڄ تي اک پيس، سو ڀاءُ کان پڇائين: هٿ کي
ڇا ٿيو اٿس؟
هيلڊار ٻڌايس: ڪالهه ڪو مک جڪ پاتو اٿس، تنهن ڪري هٿ سڄي پيو
اٿس.
ڀيڻس چيو: آءُ به چوان، ڪجهه ته آهي !
پوءِ ساهيڙيءَ ڏي مهڙ ڪري، اُن کي ٻڌايائين: هيلڊار جي ڪنوار
اٿيئي !
پر هيلڊار چيس: انهيءَ کي اڳي ئي سڌ آهي.
سائڻ چيو: تڏهن ته پاڻ چڱو !
هيتري ويرم گهوٽ – ڪنوار بيٺائي هئا. هيلڊار کي چڪ پئي ويا، پر
سور پئي پيتائين. نيٺ سائڻ ڀاڄائيءَ کي ويهڻ جي
صلاح ڪئي.
رکي رکي، ڀاڄائي کان ٿي پڇي: عمر گهڻي ٿينديئي؟
رٿ کي جو وٽانس پريندي ئي اَب به هي مليو، سا ڄڻ ٿڌو ٺڪر ٿي
ويئي، تنهن هوندي به آنمانيو جواب ڏنائينس: سترهن
ورهيه !
نڻانس چيو: تون تڏهن اڃا ٻار چئبينءَ. آءُ نه ته توکان پورا
ارڙهن ورهيه وڏي آهيان !
هن ڀاڳن ڀريءَ جي هن گفتگو ۾ به وڏي معني رکيل هئي ! رٿ کي ڄڻ
شرطيائين ٿي، ته پاڻ کي مون سان ڀيٽي پوءِ چؤ ته
حسن، نزاڪت ۽ جوڀن جوانيءَ ۾ هن وقت به ٺاهوڪي ڪير
پيئي لڳي؟ نه ته عمر ۾ به تون منهنجي ڌيءَ سونهين
– رٿ سندس ورجاءُ سهي ڪيو، نه ڪين دل ۾ ڪيو، پر دل
۾ چيائين، ”اهو حسن ئي گهوريو جو حسن واريءَ کي
هٺيلو بنائي !“
پوءِ ته سائڻ ماءُ پيٽان ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ڇڏي، اچي فرينچ
ٻوليءَ ۾ پلٽي. ڀاڄايس ٻڌايس، ته آءُ اها ٻولي
ڄاڻانئي ڪانه، ته پاڻ ساهڙيءَ کي ميڇ ڏيئي، وٺي
مُرڪيائين. هن کان پڇيائين: ڀلا انگريزي ته ڄاڻين؟
رٿ کان ڳالهائڻ اڪيلو ڪونه ٿي، پر جيئن تيئن ورندي ڏنائينس:
”نه“.
”مٺيس، انگريزي به نه !“
”دادي، فرينچ ۽ انگريزيءَ جي؛ سمجهون ٿا، توکي چڱي ماهيت آهي.
پر اسان جو انهن ٻولين ۾ ڇا وڃي؛ اسان جرمن – جرمن
ٻوليءَ تي زبان نٿي وري ئي ڇا؟“
”بس، تنهنجي ڪنوار جي ڄاڻي ئي اها جرمن ٻولي، ته اسان به جرمن
ٻوليءَ ۾ ٿيون ڳالهه مهاڙ ڪريون. مون ڀانيو...“
اتي آيا سندس ڪڪي کي اندر وٺي آئي.
سائڻ جو ڌيان تنهن تان وڃي پُٽ ۾ کُتو، ۽ هوءَ ڳالهه پوري به
ڪانه ڪيائين، پٽ کان مٺيون وٺي، ڀاءُ کي ٿي چوي:
جئي شال ! وڻيئي ٿو، نه؟
ايڊورڊ يڪدم ماءُ کان پاڻ ڇڏائي وڃي هيلڊار کي لڳو. پڇائينس:
ماما، مامِي؟
هيلڊار من اَڇل تي پهريائين ڀاڻيجي کي تڙي ٿي ڪڍيو، پر وري پاڻ
سنڀالي، کيس هٿ کان وٺي، رٿ جي اڳيان بيهاري،
چيائينس: اجها تنهنجي مامِي.
ايڊورڊ جون اکيون وڃي رٿ ۾ کُتيون. مُنهن جو ڏٺائينس سائو هيڊ
ٿيو پيو اٿس، سو ڪنڌ پيو ڌوڻي، چويس ٿو: امان جهڙي
ٺاهوڪي تون آهين ڪانه، ڪپڙا به ڪهڙا ڪِنا پاتا
اٿيئي؟
ماڻس تنهن تان ٽهه ٽهه ڪري وٺي کليو، پر تڏهين به ٻاهريون ٻنو
رکندي آئي. پٽ کي جهليائين: بابلا، ڏس وري...
هاءَ جا ساهڙيس، تنهن وري هيلڊار ڏي مهڙ ڪري، ڦوڳڙو اُڇلايو:
اوهان مان هي تِرُ ڪين لاهيندو ! ناناڻي رڳ ڇڪي
اٿس.
سائڻ چيو: بابو به ائين چوندو آهي. اصل پارئي هيلڊار جا پيو
هلي. بابي پنهنجو وارث به تڏهن ئي ڪيس نه.
هيلڊار جو منهن تپي ٽامڻي ٿي ويو. چپ پئي چٽيائين.
سائڻ پٽ کي چيو: بابا، ماميءَ سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي گڏج – ڏاهو پٽ
ڪريانس.
ايڊورڊ هٿ کڻي پٺيان لڪايا، ۽ رٿ جي هٿ ڏي نهاري، چيائينس: هٿ
اٿيئي، ڇا اٿيئي؟ توکي آءُ هٿ ۾ هٿ ڪونه ڏيندس!
هيلڊار هيڪاري اچي کاڻو. ڀاڻيجي کي هڪل ڪيائين: ڏينس هاڻ هٿ، هٿ
۾ !
پر ايڊورڊ صفا پڙ ڪڍي بيٺو هو. ورندي ڏنائيس: نٿو ڏيانس ڏسو،
امان کي به پيئي کل اچي!
رٿ جي دل ۾ اُن مهل ڇا وهي گذريو هوندو، تنهن جو تصور هر ڪو پاڻ
ڪري سگهي ٿو. هيلڊار کي جوش ايڏو ڀرجي آيو، جو
منهن جون رڳون به چٽيون پئي ڏٺيس. ڀاڻيجي کي ٻانهن
کان ڌونڌاڙي؛ چيائينس: ماڻهين لڇڻ به اهي سيکاريا
اٿيئي؟ ورثي جا چور !
هيلڊار کان به وات مان اهي اکر نڪري ويا. سائڻ جو منهن ورن ورن
پئي ٿيو. ساهيڙيس کنگهه جو منهن ڪري، منهن کڻي ٻئي
پاسي ورايو.
سائڻ، ڀاءُ جي منهن سامهون، اوچي ڳاٽ بيهي چيو: خبردار، وري
منهنجي ڪڪي کي ڪي چيو اٿيئي !
پر هيلڊار ڀيڻ کي ٻڌو به ڪين، ڀاڻيجي کي پٽ تان ٿورڙو مٿڀرو
کڻي، وري اُتي جو اُتي کيس هيٺ بيهاري، چيائينس:
ڏين ٿو هٿ هٿ ۾ يا نه؟
ايڊورڊ وري ورندي ڏنيس: نٿو ڏيانس. زور ته ڪونهي!
پر ڀيڻ، ڀاءُ کي چيوئي پئي: متان ڪڪي کي هٿ لاتو اٿيئي، ته
اُنهيءَ وچ ۾ هيلڊار ڀاڻيجي کي چماٽ ٺوڪي ڪڍي.
ايڊورڊ وڃي پٽ تي پيو. پر اک ۾ سندس ڳوڙهو به ڪونه
ٿي ڏٺو. اتي ڇوڪر هڪڙو وس ڪري چڪو: ٽپو ڏيئي،
اَمالڪ رٿ جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي پيو. چي، ”هاڻ امان مون
کي کڻي جهلي به، ته به آءُ توکي پيار ڪندس!“هيءُ
رنگ ڏسي، سڀن کي ماٺ لڳي ويئي !
هيلڊار ڀاڻيجي کي چيو: مار سان نيٺ سڌو ٿئين ؟
ڀاڻيجس وراڻي ڏنيس: اڌ مئو نه ڪري ڇڏيوم ها، ته به اوهان جي
ڳالهه ڪانه مڃان ها.
”تڏهن ڀلا، نيٺ ڪيئن مڃيئي؟“
”مون اوهان جي ڳالهه ڪانه مڃي: مون ماميءَ کي پاڻيهي ڀاڪر پاتو
!“
”سو ڪيئن؟“
”مون کي ڳالهه ڪرڻ اچي نٿي. پر ياد اٿم ته جهنگ ۾ هڪ لڱا هڪڙو
ڦٽيل هرڻ ڏٺو هوم، جنهن نهاريو ائين پئي ڄڻ چيائين
ٿي: مون کي هٿ متان لائيندا آهيو. شڪارين اڳيئي اڌ
مئو ڪري ڇڏيو اٿم. رٿ جي اکين هينئر ها ڏيکاري پئي
ڏني.“
مامي کي، اُها ڳالهه ٻڌائي، وري رٿ جي منهن ۾ نهاري، پڇيائينس:
مون تي ڪاوڙ ته ڪانه اٿيئي؟
[16]
”اڄ هوڏانهن بنگلي ۾ ڌمچرئي ڪونه پيو پوي. ڇو نڻانهن ڪيڏانهن
ٻاهر نڪتي آهي ڪيئن؟“
رٿ، ماسات کي اُترئي ڪونه ڏنو.
”نڻانهن جي سڪ ته هان مون کي ڪانهي، نڪا توکي ئي سندس ڪا ڳالهه
مهاڙ وڻي ٿي، پر ڏسين ٿي، توسان هلي ڪيئن پيئي؟
وري هيلڊار....“
”چپ، متان ڪي وڌيڪ ڪڇيو اٿيئي.“
”آءُ ته کڻي ٿي ماٺ ڪريان، پر....
”تنهنجو مطلب آهي، چارلس ڀيڻ جي خاطري نه ڪري ڇا؟ منهنجي
ڪارڻ...“
سچ، تنهنجي ڪارڻ هن جو رنج مٿي تي ڇو کڻي؟ پر اڄوڪيءَ
تاريخ، ڏسندي ۾، منهنجو ته وهانؤ ٿئي به ٿو.
هيلڊار کي ته جيڪس پنهنجي وهانوَ جي ڳالهه ياد ئي
ڪانهي.“
”ڀينڙي، اُٻهري نه ٿيءُ. هروڀرو سندس نيت ۾ شڪ نه آڻ.
هيل سوڌو ته چڱو سبتو پئي هليو آهي.“
”هائو، ڇو نه؟ خير، انهيءَ کي ڏسي وٺبو ! پر تون پنهنجي
شڪل ته ڏس. منهن جو رت باقي به سڪائي ڇڏيو اٿيئي
– ڇو، هينئر ٻاهر گهڻو نڪرين ڪانه؟ اَلڊينهوفر جي
گهر هن ٻڍيءَ وٽ هلندينءَ؟ ويچاري ڏاڍو پيئي
ساريئي.“
”هل ته ٻيئي گڏجي، منهن ڏيکاري اچونس.“
رٿ، ماسات سان گڏ، اَلڊينهوفر جي گهر آئي ته سهي، پر
ٻاهرينءَ دڪيءَ تي پير رکندي، اندر ۾ الاجي ڇا پئي
ٿيس. هيڪاري جا ماڙيءَ واريءَ دريءَ تي اک پيس،
تنهن تي اک ڇنڀ ۾، عالم رويا منجهه، الاجي ڪهڙا
ڪهڙا نظارا ڏسي ورتائين.
خير، هي ٻيئي اندر گهڙيون، ته ٻڍڙيءَ ڀاڪر پائي، اچي هن
کي اَڪير مان ملي، چيائينس: مون ته ڀانئيو، مون کي
وساري ڇڏيئي. وري به شڪر، جو ليئو ته پاتئي. نچ
آئينءَ، جيءُ آئينءَ ! منهنجي ته دل ڏهاڙي پيئي
توڏي ڪڍي ! توکي ته آءُ ايترو ياد به ڪانه هونديس.
رٿ اڃا سندس ڀاڪر ۾ ئي هئي، ته وراڻي ڏنائينس: آءُ ته
جيڪي ڀانئيان، تو وٽ ڏهاڙي پيئي ڀيرو ڪريان.
”اهڙي اُميد ته آءُ ٻڍڙي ڪانه ٿي رکان. پر تڏهن به،
پنجين ڏينهن، اٺين ڏينهن ته وٽم ايندي ڪر.“
هينئر آءُ تڪڙو تڪڙو پيئي تو وٽ ايندس.
”ڌيڙي، سمجهان ٿي، ته ٻين کان توکي واندڪائي ملندي ڪانه
هوندي. انهن جو حق توتي مون کان اڪثر گهڻو لڳي.“
”ٻي اهڙي پهر آهيئي ڪانه.“
تڏهين ته پاڻ چڱو. مون کي نه ته ڊپ ٿيو، نه اهي نه ڏکڙو
ڪڍن. پر ٻڌءِ؟ آءُ آهيانءِ ٻڍري، گهڻو گهڻو پيار
ڏيکاري مون، کي کاري نه ڇڏجانءِ؟ سچ سچ ٻڍڙيءَ کيس
چيو ڪي ٻيون ٿي، پر اهي اکر واتان نڪري ويس.
ٻڍڙيءَ ماساتيس کي ٻانهن کان وٺي پلنگ تي ڀر ۾ کڻي
ويهاريو، ته هن وري ڇا ڪيو، جو ننڍڙي منجي ريڙهي،
پاڻ اُنهيءَ تي سندس پيرن اڳيان ٿي ويٺي.
ٻڍڙيءَ ڏاڍا مٿا هنيس، ته مٿي ٿي ويهه؛ پر هن بنهه
ڪونه مڃيس: چي؛ ”هتي آءُ ڏاڍي سؤلي آهيان،
ڀانئيان ته سدائين تو وٽ هيئن ويٺي رهان.“
اتي ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٿيو. ٻڍڙيءَ ڪن ڦرڙايا،
ته ٻيليءَ اچي چتايس، جو اميرياڻي گوئرن آئي آهي.
هن کي ڳالهه وڻي ڪانه، پر آئي کي آدر ڪيئن نه ڪري؟
پوءِ اندر وٺي آيس. رٿ کي سا اهڙي چڙ ويئي، جو پاڻ
کي جهلي مشڪل ٿي سگهي. چي، نرلڄي، ڪهڙو منهن کڻي،
ههڙي جتي پرش جي گهر لنگهي آئي آهي؟ تنهن کان پاٽ
۾ پاڻي پاڻي ٻڏي نٿي مري !
اميرياڻي اندر گهڙندي ئي سڄو صفحو نظر مان ڪڍي ويئي.
پوءِ پلنگ تي ويهي- جتان تنهن وچ ۾ الائيس اُٿي
کڙي ٿي هئي – ٻڍڙيءَ کان ٿي پڇي: اَلڊينهوفر
تنهنجو ڇا ٿئي؟
ٻڍڙيءَ کي سندس هي اوتراهو سوال وڻيو ڪونه، پر لاچار
سور پي ويئي. منهن ۾ گهنڊ وجهي، ورندي ڏنائينس:
آءُ ڏنيس تڏهانڪر آءُ رهان ئي هنن وٽ. ماڻس منهنجي
ساهيڙي ٿئي، تنهن اسان ماءُ – پٽ کي ڇڏيوئي ڪين.
”تڏهن پيٽ ڄائو پٽ به اٿيئي؟ پٽهن ڪري ڇا؟“
”جيئي شال، برلن ۾ طبابت ڪندو آهي.“
”پرڻيل هوندو؟“
”نه.“
”سو وري ڪيئن؟“
”مڱيو ويٺو هو. پر ڪنوار سندس کي مڱئي ئي اچي دهڪو ٿيو،
۽ سون جهڙي ٻانهن تڳي ڪانه.“
”تنهن کي ڏينهن گهڻا ٿيا؟“
”گهڻيئي.“
”پوءِ ٻي ڪا ٻانهه ڪانه ٿي مليس ڇا؟“
”پاڻ اُن پڄاڻا وهانو جو ويچار پٽيءَ لاهي ڇڏيائين. اڄ
ڏينهن تائين اهو درد دل تي بيٺوئي اٿس. ٻيو وري ڪم
کان به واندڪائي ڪانه ٿي مليس.“
”تڏهن ته مون کي هڪڙيءَ ڳالهه تان هيڪاري ماٺ ٿي لڳي –
دل ۾ نه ڪرين ته پڇانءِ؟“
ٻڍڙيءَ سهي ڪيو، ته ڪهڙو ٿي سوال پڇيم، پر وات سان
وراڻي ڪانه ڏنائينس، ڏانهنس نهاريائين ائين، ڄڻ
چويس ٿي : ڇو نه؟
اميرياڻيءَ پڇيس: پٽهن جڏهن آهي به ڇڙو سر، تڏهن تون
کيس اڪيلو ڇڏي، هتي ڪيئن اچي رهي آهين؟
ٻڍڙيءَ ورندي ڏنيس: منهنجي دل ته گهڻيائي ٿي گهري ته
آءُ وڃي پٽ وٽ رهان، پٽم به ڀيري ڀيري لکيم پيو،
پر هتي الڊينهوفر کي ڪيئن ڇڏي وڃان؟ ڏهر سندس ڪير
سنڀاليندي؟
اميرياڻيءَ، کلي کلي چيس: پاڻ پرڻجي نٿو؟
انهيءَ تان منهن ڳاڙهو ٻڍڙيءَ جو به ٿي ويو. پر باهه
جيڪا رٿ کي لڳي ! وس ڪونه ٿي هليس؛ هونءَ جيڪر
منڍي پٽي ڪڍيس ها.
ٻڍڙيءَ ٻڌايس: پاڻ ته مون کي تنهن ڏينهن به ڏاڍا زور
ڪيائين، ته هاڻ ڀل وڃي پٽ وٽ رهه، پر مون چيس: تون
وهانءُ ڪر، ته پوءِ آءُ اهڙو ڪم ڪريان....
”پوءِ، پاڻ ڪهڙي وراڻي ڏنائين؟“
چيائينم: اهڙي مون سان ڳالهه ئي نه ڪر.ڍ
ٻڍڙيءَ، اتي انهيءَ بهاني سان ته مهمانن جي لاءِ ٽول
ٽانگر ته گهرائي وٺان، اُٿي ٻاهر هلي ويئي،
اميرياڻيءَ هينئر رٿ ڏي مهڙ ڪري، کيس چيو: معاف
ڪجانم، جو تو وٽ ڀيروئي ڪونه ڪيو اٿم. ڏاڍي لاچار
آهيان. وارئي ڪانه ٿي مليم. پر ڀاڻم ته منهنجي ڪثر
ڏيئي ڇڏي هوندءِ!
رٿ جي ڇاتيءَ ۾ پئي ڌڪ ڌڪ ٿي، سو انهيءَ تي کڻي هٿ
رکيائين، پر هن کي نهايت ٺهر ۽ ڌيرج سان ورندي
ڏنائين: چارلس پنهنجا وڙ پاڻهي پيو ڪري.
مون پاڻ ائين سمجهيو. پر وهانو جو ٻول ته هڪٻئي سان ڀانئيان ٿي،
پيار وس ٿي ڪيو اٿو؟“
رٿ پنهنجون ڀوريون اکيون کڻي منهن ۾ کپايس. ڄڻ چيائينس
ٿي: هي سوال ڪهڙو ٿي پڇينم؟
اميرياڻيءَ چيس: آءُ هتي آيس ئي انهيءَ ڪاتر ته پنهنجين
اکين سان ڏسان، جو چارلس پنهنجيءَ ڪنوار کي پيار
ڪيئن پيو ڪري ! ڀلا چارلس، ۽ پيار ! سچ ٿي چوان،
ته مون کي اچرج لڳي ئي ڪونه ٿو. مون ته اڳي ئي
سمجهيو ٿي ته قصو ڪيئن هوندو. منهنجي هٿن جو
پاليل، آءُ ته چڱيءَ ريت سڃاڻانس. تون ڇوڪري،
پنهنجي سنڀال ڪج. متان ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو نه ڪڍي
وٺيئي. طبيعت ڏسين ٿي، ڪهڙي گرم اٿس ! سمجهان ٿي،
ته توکي پوءِ به ڏکيو بکيو ڪونه ڇڏيندو ڄاڻي ٿو ته
تنهنجو ڪو ٻيون اوهي واهي ويٺو ڪونهي. پر ڳالهه ۾
رهندو ڇا؟ تنهن ۾ چارلس هينئر ئي کڻي تو کان ڪنڌ
ڪڍائي، ته تون گهڻو ويچار نه ڪج. اسان سندس مائٽ
ته ويٺا آهيون! توکي اڙيو ڪونه ڇڏينداسون ! هاڻ
آءُ به پاڻ ۾ گڏجون ته سهي. هيءَ ڳالهه ڪنهن سان
ڪج ڪانه !
پر جهڙو هٿ ڊگهاڙي رٿ کي ٿي ڏنائين، تهڙو هن به زوم مان
ڪري هٿ پري اُڇليس. هوءَ ٻڍڙي جا ان مهل اندر آئي،
تنهن کي پاڻ اچرج لڳو ته رٿ ڪيو ڇا؟
اميرياڻيءَ کي سو بدن ۾ لوڇو اچي لڳو، ٻڍڙيءَ کي ٿي
چوي: هي اٿيئي هن جا حال! آءُ ٿي هٿ ڏيانس ته هي
مون سان سڱ ٿي ڳنڊي.
پر الائيس يڪدم منهن ٿي ٺوڪي ڏنس – چي، ”تو هٿ ٿي ڏنس،
ڪين وڍ ٿي وڌس؟ تو جيڪس ڀانئيو هو ته رٿ کي نڪ ناس
آهي ئي ڪانه، سا توکي تنهنجي هن اڍنگي ڳالهائڻ تان
ورجائيندي ته ڪونه پاڻ توسان ٺهي ويندي، پر متان
ڪو اهڙو ويچار ڪيو اٿيئي، نڌڻڪي ٻانهن ڪانهي!“
اميرياڻيءَ کي جا هيءَ تڙي نڪتي، سا ڏاڍي اچي ککي وکي
ٿي. پر، ته به شرم کي پرچائڻ لاءِ وٺي چيائين: مون
ڳالهه ڪهڙي ڪئي، توهان سمجهيو ڇا؟ ٻيون به مون پاڻ
چڱي صلاح ٿي ڏنيس. پر هاڻ سنديس مرضي، آءُ ڇو پاڻ
کي وچ ۾ ڪؤڙو ڪريان؟
اميرياڻي پوءِ اچي ٻڍڙيءَ کي لڳي، ته ڪمرو ڪمرو ڪري مون
کي سارو بنگلو هلي ڏيکار ! هتي اوس گهڻيئي رنگ ٿيا
هوندا، انهن جا بيان به سربستا ٻڌائينم. ٻيلي جي
بالا عملدار جو بنگلو، تنهن نسبت قصا کٽندائي ڪين.
پر ٻڍڙيءَ چيس: بنگلو ته ڏيکاريائين ٿي، باقي هتي
خاص ڪا اهڙي ڳالهه ٿيا ئي ڪانهي، جنهن جو قصو آءُ
کڻي توکي ٻڌايان.
”ڪا جن جي ڳالهه، ڪا ڀوت جي ڳالهه، ڪنهن ويچاري سڪايل
جي سڪ جو قصو، يا محبتي مستان جو درد ڀريو احوال
!“
”مون کي ته اهڙو حادثو سجهي ئي ڪونه. اسان جو ته خير سک
جو پيو وقت گذري. ڇا جو جن، ڇا جو ڀوت ! ڇا جو هي،
ڇا جو هو!“
وري ڏاڪڻ تان مٿي ماڙيءُ تي پئي ويون، ته ڏاڪا اُگهاڙا
ڏسي، اميرياڻيءَ پڇيس: ڇو؟ غاليچا هتان کڻي ڇڏيا
اٿو ڇا؟
ٻڍڙيءَ چيس: آلڊينهوفر جي غاليچن سان پوي ئي ڪانه. پاڻ
چوندو آهي ته ”ماڻهو ڏاڪڻ تان پيو مٿي چڙهي، ۽
سندس آواز نه ٻڌجي، سمجهڻ گهرجي جو هو خوشامدڙيو
آهي.“ تنهن کان مرڳو غاليچا اُتي وڇايون ئي ڪين.
”غاليچن سان ڏاڪڻ پيئي سونهي ! تون نٿي سمجهائينس؟“
”هو اها ڳالهه ٻڌي ڇو ٿو؟“
ڳالهين ڪندي، ٻڍڙيءَ ڪو ڄاڻايس ته دکي جيو هن گهر ۾ آهي
ئي ڪونه. ڌڻي پاڻ کي خوش، ٻيلي پنهنجيءَ ۾ پورا.
منهنجي به سک جي پيئي نبهي.
تنهن کي ٺهه ڦهه چيائين: تون ۽ ٻيلي ته سکيو وقت پيا
ڪاٽيندا هوندوُ. پر آءُ نٿي ڀانئيان، ته ڪو
آلڊينهوفر خود پاڻ کي سکيو ٿو سمجهي. ٻاهران چڱو
ميو متارو، رشٽ پشت هوندو، پر مڄاڻ ته اندر سان ڪا
مڙيائي لڳل اٿس!
ٻڍڙيءَ کي انهيءَ تان ڏاڍو: اچرج لڳو – پڇيائينس: تون
آلڊينهوفر کي سڃاڻين ڪيئن؟
اميرياڻيءَ مشڪيو پئي – ورندي ڏنائينس: ٿورا ڏينهن ٿيا
ته ڪنهن ٽياڪر جي گهر ۾ ڏٺو هومانس.
ٻڍڙيءَ ٻڌايس: ٻاهران کلمک ڪونه ٿو ڏسجي، سو برابر، پر
اندر جو آرام گهڻوئي اٿس، حياتيءَ کي پاڻ خدائي
ڏات ڪري ٿو ليکي، تنهن ڪارڻ عيشي جيون جيئن نفساني
لذتن مان کيس مزو اچيئي ڪونه. تنهن هوندي به سنسار
کي تياڳ ڪونه ڏيئي ڇڏيو اٿس، پر سنسار جي ڏيک ويک
تي اُجهڙي ڪونه ٿو.
ٻڍڙي پوءِ نيلي ڪمري ۾ وٺي آين. ٻڌائين: شڪار جي مند ۾
مهمان اچي مڙندا آهن ته نيرن سڀن کي هتي ڪرائبي
آهي.
پر اُتي جو ڀت تي چٽ گل هوئي ڪونه، ۽ سامان سڙو به
منجهس جاڏو پيو هو، سو اميرياڻي چيو: ڪمرو ٻسو پيو
لڳي!
الائيس تنهن تان ورجايس: ٻسو ڇا ۾ آهي؟ چڱو پيو سونهي.
تنهن کي ورندي ڏنائين: هائو، ڪم ته ٽپندو هوندو، پر وار
ڦير منجهس ڪجي، ته جان تان ڊول پيون ٿي پويس. آءُ
جيڪو گهر ڌياڻي هجان، ته خاص هن ڪمري جو رنگ ڍنگ
ئي ڦرائي ڇڏيان!
ٻڍڙيءَ تنهن تي چيس: اوهان امير خاندانين سان اسان جهنگ
جا ماڻهو ڪا ريس ڪري سگهنداسين؟ اسان جهانگي هيتري
۾ ئي سرها.
هيلتائين ته اميرياڻيءَ سڀ مان پئي ويڪ ڪڍي. ڪٿي سامان
جاڏو ٿي لڳس، ڪٿي مورت ڪانه ٿي وڻيس- مطلب ته پاڻ
سرهي ڪانه ٿي ڏٺي. پر ٻڍڙيءَ جڏهن تالو لاهي
ديوانخاني جو در کوليو، ۽ چيائين ته سرڪاري ڪم تي
ڪامورا ايندا آهن، ته آلڊينهوفر هتي گڏبو اٿن،
تڏهن اميرياڻيءَ جو منهن گل جيئن ٽڙي پيو. ڀلا ڇت
۾ هنڊيون ٽنگيل ڀتين تي سونن چونڪن ۾ آرسيول کتل،
درين تي زريءَ جا پرزا لڳل، چوڌاري اُچيءَ ۽ مخمل
جا ڪوچ پيل ! هيءُ سارو جنسار ۽ سينگار ڏسيو، سرهي
پئي ٿي. پر هن جون اکيون هن نظاري مان اڃا ڍايون
ئي ڪين هيون، ته ٻڍڙيءَ ڪري پاسي وارو در کوليو.
هيءَ جان ڪري اوڏانهن نظر ڦيرائي، ته هيڪاري تپرس
پئجي ويئي- رڳو زري زريفت لڳو پيو هو!
ٻڍڙيءَ ته پئي چپن ۾ مشڪيو. پر هن اڃا هتي نيڻن کي نيرن
ئي پئي ڪرائي، ته وري وٺي پاسي وارو ٻيو در
کوليائين. اميرياڻيءَ کي سرهائيءَ وچؤن وات مان
رڙ نڪري ويئي. رٿ ته ڀانئيو جو بنهه جهنگ جي سائي
مَنهه ۾ بيٺي آهيان: سڳنڌ جي هٻڪار اها پئي آئي،
ڀانءِ ته ڪنهن عطر کڻي اوتيو هو!
ٻڍڙيءَ ٻڌاين: آلڊينهوفر جي جيجل امان پٽ وٽ اچي ته رهن
ئي هن ڪمري ۾، پٺيان ڏاڪڻ سان خود آلڊينهوفر وارو
طبق ڳنڍيو پيو اٿس.
اميرياڻي ته ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. هڪڙو ناچ سو ڪونه ٿي
وڌائين، باقي هلي ٿي ته پير پٽ سان ڪونه ٿي لڳس!
ڀت ڀر هڪڙو ٽيڪ سان گاديلو رکيو هو. هيءَ پنهنجي
جبي جا چڻ ٺاهي، اَمالڪ وڃي اُنهيءَ تي ويٺي. اُن
ويل سندس سونهن ڪا هئي! چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر
کِڙِ پئي!
ٻڍڙيءَ سندس منهن ۾ نهاري چيس: بس ! هتي ته باقي تو
جهڙي ڪا ٻانهن هجي!
رٿ کي سا انهيءَ هلڪي ڳالهائڻ تان ٻڍڙيءَ تي ڏاڍي چڙ
لڳي. دل چيائين، ”ههڙي نڪار جيو کي ههڙي پاڪ مڪان
۾، هيءَ رڳو وٺي به ڇو آئي؟ جنهن جي لاڏ پٽ...“ پر
انهيءَ ويچار کي وري پنهنجي منهن سنهن به نروار
ڪونه ڪيائين.
اميرياڻي گاديلي تان اُٿي کڙي ٿي، ته ٻڍڙيءَ چيس: کن ته
هڪڙي ٻي ويهه! آءُ ته ڀانئيان جو تو تان اک پاسي
ڪريان ئي نه!
اميرياڻي وري ٺهي جڙي ويٺي ته ٻڍڙيءَ بلڪل ساڀيا ۾ چيس:
هيئن جيڪر آلڊينهوفر توکي ڏسي؟
اميرياڻيءَ تنهن تان ڪوڙ ڪوڙ کڻي منهن ۾ شور وڌو، ۽
اَمالڪ اٿي کڙي ٿي – چي، ”ماڻهن کي پنهنجو شرم ئي
ڪونهي.“
[17]
”آءُ سڙڪ ڏيو، شهر مان پيئي اڃان. هيءَ وڻراهه ته ٻڌائجانم، ڪٿي
وڃي ٿي پوري ٿئي؟“
”مون کان نه پڇ. آءُ ڪونه ٻڌائيندو سانءِ.“
”تون مون سان هيئن چِڀَ ڇو ٿو پوين؟“ ڀلا سد اٿيئي، ته هيلڊار
ڪٿي هوندو؟“
”مون کي ڪهڙي سڌ؟ پر تون هتي پنهنجي پريتم لاءِ ترسجانءِ نه!
موٽي هلي وڃ.“
پر رٿ موٽي اڃا شاهي سڙڪ وٽ آئي، ته پٺيان گاڏيءَ جو آواز ڪن تي
پيس. هيءَ آسائتي اکيون پائي بيهي رهي. گاڏي
ڀرسانس لنگهي ته گاڏيءَ واري اَمالڪ ڪري گهوڙي کي
جهليو. هن اَڪير مان وٺي هيلڊار کي سڏ ڪيو.
هيلڊار، ڪنڌ مٿي کڻي اچرج ۾ پڇيس: ڇو؟
هيءَ منجهي پيئي، پر هٻڪي هٻڪي ٻڌايائينس: اوهان کي گڏجڻ ٿي
آيس!
هيلڊار چيس: سو به هتي؟
پوءِ ته پاڻ گاڏيءَ مان لهي هيٺ ٿيو، ۽ گاڏيءَ واري کي چيائين:
تون گاڏي هڪليندو اڳيان هل.
رٿ کي سڌ ئي ڪانه ٿي پيئي، ته الائجي هيءَ ڳالهه منهنجي وڻي اٿس
يا نه! ويچار پئي ڪيائين ته ڇا کيس چوان- ته
هيلڊار جي وڃي پريان ڪنهن ماڻهوءَ تي اکي پيئي،
جنهن گلن جون چڪيون پئي کنيون ۽ پاتيون.
هيلڊار ويجهو اچي پڇيس: هي ڇا پيو ڪرين؟
پهريائين ته هن ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيس.
هيلڊار وري رڙ ڪري پڇيس: ٻڌين ٿو، هي ڇا پيو ڪرين؟
تڏهن لاچار ورندي ڏنائين: چڪيون ٻاهر وينديون، بند ويٺو ڪريان.
”ڇٽو ته ڪونه لڳو اٿيئي؟ هن مند ۾ چڪيون ٻاهر ڪيئن وينديون؟“
”برڪ مون کي چيو، نه ته منهنجو ڪهڙو ڪم!“
”اڳلن لکيو هو، تنهن کي ڀريا چار هفتا ٿيا، ان جي پوئواري اڃا
هينئر ٿي ٿئي؟ چڱا کاتي جا نمڪ حلال نگهبان ٿيا
ويٺا آهيو!ڏسجي ٿو، تون هتي هلي ڪونه سگهندين.
هروڀرو ڪم ۾ بگاڙو پيو وجهين.“
”اوهان کي ڪا اختياري ڪانهي، جو هيئن مون تي حڪم ٿا هلايو! آءُ
پنهنجي عملدار جي فهمائش پٽاندڙ ويٺو داڳينا ٻڌان!
ٻيون به دير ڪانه پئجي ويئي آهي، جو اڳلا داڳينا
وٺندائي ڪين. برڪ ته تاهوت لاتي ڪانه ٿي.“
”آءُ توکي چوان ٿو، هڪدم هٿ جهل – تون موقوف آهين!“
”موقف؟ مون کي مقرر اوهان ته ڪونه ڪيو هو؟ موقوف به ته اهي ڪنم،
جن مقرر ڪيم. اوهان مفت الائجي زبان ڇو پيا
هلايو!“
هيلڊار تپي لوهه ٿي ويو. ڏائي هٿ ۾ ڪپ جهلي، ڏانهنس آلر ائين
ڪيائين، جو ڀانءِ ته مٿان ٿو وڃي پويس؛ پر رٿ جهلي
ورتس – جي، ”متان!“
هيلڊار پاڻ ڇڏائي اُنهيءَ کي به ڇڙٻ ڏني: چي، ”تون
وچ ۾ نه پؤ! تنهنجو ڇا وڃي؟ هن جي اڄ مڙيائي جوڙ
پڄائڻي اٿم- گهڻا ڏينهن پئي مذاقون ڦٻيو اٿس. توکي
ڊپ ڇا جو ٿو لڳي؟ ڪهانس ڪونه ٿو.“
ائين ئي ڀر ڪري، وٺي هڪڙو منهن ڌارو چهڪ هن کي ٺڪاءُ ڪرايائين.
شولز جي منهن جي مشڪ مشڪ ۾ زلزلو پئجي ويو. شينهن
وانگر گجندو، اچي ٿي هيلڊار کي چهٽيو. پر هيلڊار
ماڳهين اڳيان اچڻ ڪونه ڏنس. ٻه ڌڪ ٻيا به ڦهڪائي
ڪڍيائينس:
شولز اَٿڙندو، وڃي پري پيو. هيلڊار چيس: ماڻهو هوندين ته وري
سنڀالي هلندين. حال اهو ئي لڳندوءِ، ته ڪيچ ڪندءِ.
پر منهن تي هن کي جواب ڪونه ڏنائين، هيلڊار پٺ ڏني، تڏهين
پٺيانس سڏ ڪري، چوي ٿو: ٻچا اسان جو به ڪنهن ڏهاڙي
وارو اچي ويندو!
هيلڊار، رٿ کي ٻانهن کان جهليو ائين هو. ڀانءِ ته کيس کڻي پڪڙيو
هئائين. هوءَ به سندس هي ڍنگ تي دهلجي ويئي هئي،
۽ لڱ اڃا پئي ڪانڊاريس.
اڳڀرو وڌايا، تڏهن ايترو سو چيائينس: اوهان هي ڪيو ڇا؟
تنهن کي ورندي ڏنائين: توکي سڌ ڪانهي آءُ بنهه ٽانڊي تپڻو
آهيان. هن بدمعاش ۾ ته اُهين ئي خار هئم. وري اڄ
ڏٺئي، ڳالهائين ڪيئن ٿي؟ تڏهين چيم، ٽڻ مڻ ته لاهي
ڇڏيانس، پر تون دل ۾ نه ڪج. آءُ ڏاڍو لاچار هوس،
پاڻ جهليو نه ٿيم.
رٿ منهن نماڻو ڪري، چيس: هو وري به ڪمي ماڻهو، تنهن سان اوهان
کي هيئن...
پر هيلڊار وچ ۾ ئي جهليس: اهي سهمون ته هاڻي نه ڏينم ! ائين
منهنجو سڀاءُ مٽجي ڪونه پوندو.
ائين ڳالهه ڪندي، ٻيلاين جي گهر کي اچي ويجها پيا. اتي هيلڊار
جي ڪن تي ڪو آواز پيو، سو وٺي ڪن ڦرڙايائين. پڇڻ
لڳو: آواز ڇا جو آهي؟
پر ٻه وکون اڳتي وڌيا، ته هيلڊار ڏٺو، جو جهنگ ۾ محفل لڳي پيئي
هئي. تڏهن ياد آيس ته برابر داديءَ چيو ٿي، اڄ
سڀني جي ماني موڪلائينديس، نڄاڻان ان جو سمورو
بندوبست هتي ئي رکيو اٿس. جهنگ ۾ ههڙو رنگ لڳو پيو
هجي، ۽ هيلڊار ان کي اورانگهي وڃي ! پر جڏهن رٿ جي
گهگهيءَ ڏي اک ڦيرايائين، تڏهن منهن هارجي ويس.
رٿ کي پنهنجيءَ گهگهيءَ جي سادگيءَ تان حجاب ڪونه ٿي ٿيو، پر
ڪنڊن مان لنگهندي هيٺڀري ڪا ان کي هيڏي ساري انگ
اچي ويئي هيس، تنهن ڪارڻ جيڪي سو پاڻ به شرمائجي
ويئي.
هيلڊار کي صلاح ڏنائين: اوهان ڀل وڃي محفل ۾ شامل ٿيو. آءُ
لنگهي ٻئي پاسي ٿي ٿيان.
هيلڊار چيس: ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ آءُ ڇڙو وري ڪيئن ويندس؟
تنهنجي پڇا ڪانه پوندي؟
”نه پيارا، آءُ انهيءَ محفل ۾ ڪانه هلنديس. مون کي ڇڏيو. محفل ۾
الاجي ڪير ڪير آيا هوندا ! آءُ پاڻ کي الاجي ڇا
پيئي سمجهنديس. وري ڪو اُبتو سبتو اُتي آٿان
ويهان، ته هرو ڀرو اوهان به رنج ٿيو.“
”اها گهپي به تنهنجي هلي ايندي. اُتي هلي پاڻ
اسانجن ڄاڻن سڃاڻن سان هِرِ مِر، ڪين هنن کان
ماڳهين ٽي ڪوهه پيئي پري پڄين! تنهنجي ڪاتر آءُ
تڏهن پنهنجن سڱ سياڪي وارن سان سنگ ٻه ڦاڪون ڪري،
رڳو توسان ۽ تنهنجي ٻيلاين سان ئي پيو سڱ جوڙيان
ڇا؟“
”چڱو آءُ هلان ٿي. پر اوهان هيئن ڪؤڙو ڇو ٿا ڳالهايو؟ آءُ ڊنيس،
ته متان اتي ڪجهه ڪري نه ويهان نه پوءِ اوهان کي
به ڏک نه ٿئي.“
”ڊڄ نه، هلي آءُ. ڏس؛ دادي به پيئي سڏ ڪريئون.“
رٿ کي ته اڳ ۾ ئي سمجهيو ٿي، ته مون کي هنن وڏن ماڻهن جي محفل ۾
مان ڪهڙو ملندو. هيءَ آئي، ته ڪا ڏس ته ڏانهنس
نهاري هجوَ جو پيئي اُتس کلي، ڪا وري ڀر واريءَ
کي ٺونٺ سان اشارو ڏيئي، ڪوڙ ڪوڙ پيئي کنگهي. ڪنهن
ته وري پنهنجا چار ئي چُنيءَ پاند ائين پئي سوڙها
ڪيا، ڀانءِ ته ڊپ ٿي ٿيس ته متان هن جو پلو لڳيم
ته ڇپي نه پوان، ڪنهن وري ڏٺو وائٺو موڙو ڏيئي؛
پريان ئي ائين پئي لکايس ته: تون هتي سونهين ڪانه
ٿي. اسان مورن ۾ ڪانءُ پئي لڳين. مڙساڙن به گهٽ
ڪانه ڪئي –هڪڙو ٿو چوي: هيلڊار جو عقل ته ڏسو!
”چونڊيندي ئي چوڙو وڃي گهڙيو ککرين.“ پڇينس،
پنهنجي خاندان مان توکي لائق ٻانهن ملي ڪانه ٿي
ڇا، جو هن ککيءَ هاڻيءَ تي دل ٿي ويئ؟ پر آءُ
ڀانئيان ٿو، ته هاڻ پڇتايو اٿس. اسان کي جو ويجهو
ئي نه پيو اچي، تنهن مان سهي ٿو ڪريان ته پنهنجي
ڀُل معلوم ڪئي اٿس – ٻئي ٻوڪ ڇڏيو: هيلڊار جهڙو
خوراڪي، ۽ ههڙيءَ ڪوجهيءَ ڪوڙهيءَ تي ريجهي! ڀائي،
ڪا منجهس اهل ڄاماڻي ڏٺائين، ڪنهن سندس آريکڻ تي
اَجهڙيو، پڇينس، تنهنجي مت هئين ڇو کٿي؟ پر نڪو:
ڪڄا چي، اجها، نيٺ منجهانس ڪڪا ٿي پوندو!
جٺ جيڪا رٿ سان نڻانس ڪئي ! اهڙي اٽڪل ويڙهايائين، جو ڀاڄايس
پٺيانس ئي بيٺي رهي، ۽ اُتان وائڙن جيئن پئي
نهاريائين. هيلڊار کي مڙساڙن سڏ ڪيو، سو ته وڃي
پيالي پاڻيءَ ۾ ساڻن ڀيڙو ٿبو. هيءَ ڪري سا ڪري
ڇا؟ ٻيلاين جي باغ جا وڻ چٽائي چٽا پئي ڏٺا. دل ۾
چيائين، سراڪو پائي، اوڏانهن ترڪي ٿي وڃان. پر اڃا
دل من پئي هنيائين، ۽ ڪنڊون پاسا جا چيائين، ته
اميرياڻيءَ ساهيڙين کي چيو: اچو ته لڪ لڪوٽيءَ
راند ڪريون، آگ آءُ پاڻ ٿي ڏيان. مڙساڙو ڀل پيا
پَٽَ چاڙهين. پاڻمرادو اچي شامل ٿيا، ته واه، نه
ته اسان پاڻ ۾ ئي بس آهيون. آءُ هاڻ پنجاهه ڳڻيان
ٿي، اوهان سڀ وڃي لڪو. پوءِ اکين کي رومال ٻڌي،
اچي ٿي اوهان کي ڳوليان.
اميرياڻي ٽيهه ڳڻيا هئا، ته رٿ لوڙهي تائين پهچي ويئي هئي.
لوڙهي ۾ ٻرگهل اڳي ئي ٿيل هو، ۽ پاڻ پئي ويچار
ڪيائين ته الاجي نڻانم پنجاهه پورا ڪندي، تنهن کان
اڳ منجهانس لنگهي ٻاهر وڃي سگهنديس ڪي نه، ته
پٺيان ڪنهن جي هلڻ جو آواز ڪن تي پئجي ويس. هيءَ
ڇپ ماري، بلوط جي اوٽ ۾ لڪي ويٺي. ڌڻيءَ کي پئي
آراڌيائين، ته شل ڪير ڏسي نه وٺيم.
کن پل پڄاڻا ڇا ٿي ڏسي، جو اميرياڻي هڪڙي وڻ کي ٽيڪ ڏيو، ڪنهن
خاص جيوَ لاءِ وياڪل بيٺي آهي.
اُتيئي ڪنهن مڙساڙو جو پاڇو نظر آيس، جنهن کي، ٻڌائين، ته
اميرياڻي ”لوديئر! لوديئر! ڪيو پئي پاڻ ڏي سڏي. هن
کي ته اڳي رڳو شڪ هو، هاڻ پڪ ڄميس.
لوديئر اميرياڻيءَ جو سڏ ورنائي، اڳيانس اچي بيٺو، ته اميرياڻي
اَمالڪ سندس سندس پيرن تي ڪري پيئي. چيائينس: آءُ
بڇڙي بدڪار، مون توسان ڊوهه ڪيو، هاڻي مون کي
معافي ڏي. آءُ سمجهان ٿي، مون تنهنجي دل ڏاري ڇڏي.
پر آءُ به هن گهڙيءَ لاءِ پئي سڪيس. شڪر، جو نيٺ
ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ، اڄ وري توسان هيئن مُکا
ميلو ٿيو اٿم.
لوديئر تپرس پئي کاڌو، ورندي ڏنائينس: اميرياڻي، هن جو مطلب ڇا؟
مون ته تڏهڻين توکي معاف ڪري ڇڏيو. ٻيون به مون کي
ته توڏي ڪاوڙ هئي ڪانه.
”مون نٿي ڀانئيو، تون مون سان سهجيئي اهڙو وڙ ڪندين. پر ڀاڳ
منهنجو سولو ٿو ڏسجي. هاڻ مون تي ٿورو ڪر. مون
سَرن – پيئيءَ جو ننگ رک. تون مون کي دل تان
اُتريوئي ڪونه آهين. تنهنجي سهڻي صورت ائين ئي
منهنجيءَ ڇاتيءَ تي اڪري پيئي آهي. مون هوءَ خطا
ڪئي ته سهي، پر سچ ٿي چوان، سک ڪونه پاتم. ريڌيم
ئي ڪانه. دل جو دلبر منهنجو تون ئي آهين!“
لوديئر تنهن تي بڇان وچؤن مشڪي ڏنو، ۽ منهن ڦيرائي هليو ٿي ويو،
پر اميرياڻي، جا اڃا سوڌو گوڏن ڀرئي ويٺي هئي،
تنهن اَمالڪ کڻي هٿ کان جهليس. پر هن به هٿ پنهنجو
کانئس ائين ڪڍائي ورتو، جو ڀانءِ ٽه نانگ جي چڪ
کان ٽارو ڪيائين.
اسرياڻيءَ کي آنسون پئي وهيون، ليلائي چيائينس: آءُ جيئن چئين
تيئن پاڻ بخشايان. تون رڳو منهنجي منٿ مڃ. آءُ
سکڻي نالي تي هرکجي، توکان پاڻ ٽه ڪڍائي ويس، پر
اندر وارو منهنجو سرهو ٿيو وئي ڪونه. ڏينهن رات
مون کي تنهنجي ئي تات هوندي هئي. تولاءِ پيئي
تڙڦندي هيس. هاڻ مون کي جيئدان ڏي. منهنجي مئي بت
۾ ساهه وجهه. مون کي نه ته ڇَٽ جي آڇ ٿي هئي. پر
مون تو ڪاتر ٿُڪ هڻي نه نهاريومانس.
لوڊيئر وک – اڌ پٺتي هٽي، وري سمجهايس: اميرياڻي، تون اجايو
پاڻي نه ولوڙ. مون کي ڳالهه ياد به ڪانهي. تون به
گئي گذري کي وساري ڇڏ. روئڻ پٽڻ مان ڪا ويئي ويل
هٿ ڪانه ايندي.
پر اميرياڻيءَ پڇر ڪانه ڇڏيس. وري به منٿ ڪيائينس: مون کان هيئن
منهن نه موڙ. چي، آءُ ڄاڻان ٿي، تون مون کي سبق ٿو
سيکارين، نه ته وسري توکي آءُ به ڪانه ويئي آهيان.
لوديئر جو ورجايس ڪونه، تنهن تان هن جي جيڪس اَس وڌي. چيائينس:
تون ڪوڙ ڳالهائيندين ئي ڪين، تڏهن ته نٿو ڪڇين.
هاڻ ڏاهو ٿيءُ. مون کي گهڻو نه ستاءِ. مون سان
ملهه مرڪ، ته مون کي به پيٽ ۾ ساهه پوي.
لوديئر وراڻي ڏنيس: اميرياڻي، آءُ توکي ستايان ڪونه ٿو، پر تون
به انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. آءُ سچ پچ ڌڻيءَ جو
ٿورو ٿو مڃان، جو تون پاڻمرادو ڪچيءَ ۾ ئي مون کان
ڪڍائي ويئينءَ. نه ته، آءُ سمجهان ٿو، آءُ پاڻ
توسان پلؤ ٻڌي، وڏي ڀُلَ ڪري ويهان ها. تنهن ۾ تون
به ننڍپڻ جون ڳالهيون وساري ڇڏ. ڏُڌو کير وري ٿڻين
پوندو ئي ڪونه ! باقي صحبت جو ناتو...
صحبت جو ئي نانءُ لوديئر ورتو، تنهن تان هن کي همٿ آئي، ڳلن تان
ڳوڙهو سڪس ئي نٿي، چيائينس: نه، نه صحبت ڇڙي نه.
مون کي پنهنجي محبت به ڏي. جي اُهو سَلو سُڪي ويو
اٿيئي، ته پاڻي ڏيئي وري ان کي سائو ڪر. آءُ پاڻ
ويهي تنهنجي دل جي ڌرتيءَ کي ريج ڏينديس. ٻيون،
مون کي هاڻ اميرياڻيءَ جي نالي سان نه ڪوٺ. آءُ
ڄاڻان ٿي، آءُ انهيءَ ڪاتر ئي توسان ڪؤڙي پيس. پر
اهي اولانڀا مون کي نه ڏي.
پر لوديئر هڪڙيءَ تي ٿي بيٺو ٻڌايائينس: تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾
هينئر گهڻو گهڻو ته رڳو صحبت جو ئي ناتو ٿي سگهي
ٿو. تنهن ۾، نه آءُ ئي توکي ڪنهن ٻئي نالي سڏيندس،
۽ نه تون ئي مون ڏي ڪنهن ٻيءَ مراد سان نهار.
اتي اميرياڻيءَ به اٿي کڙي ٿي. اکين مان چلڪاٽ اٿين پئي نڪتس،
ڄڻ شعلا ٿا ٻرن. پر پنهنجيءَ ڪاوڙ کي وس ۾ رکي،
نهايت ٺهر سان چيائينس: لوديئر! آءُ وري به پلؤ ٿي
پايانءِ!
ڪا گهڙي ماتر ٻنهي اکيون اکين ۾ ملايون، ۽ اميرياڻيءَ بيوس ٿي،
وري کڻي پنهنجو ڪنڌ لوديئر جي پيرن ۾ رکيو. پر هن
مڙس جي واتؤن وري اکر به ڪونه نڪتو. اميرياڻيءَ کي
انهيءَ حالت ۾ ئي ڇڏي رمندو رهيو.
اميرياڻي تنهن تي اٿي پيرن ڀر بيٺي، ۽ مُٺيون ڀيڙي، چوڻ لڳي:
ڏس، ته انهيءَ جو ڪهڙو نه ٿي ڀلو حساب وٺانءِ، رت
پاڻي نه رئاڙيومانءِ ته منهنجو نالو مٽائي کڻي ٻيو
رکج.
[18]
”ٻڌءِ؟ تون هي وهانوَ جا ڏهاڙا وڃي ڪٿي ٻئي هنڌ رهه. الائيس جو
ڏير ۽ ڏيرياڻي ٻارن سميت اچي ويا آهن، سو تو
واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪري انهن کي ويهاريو اٿم. تنهنجي
ٽرنڪ به مون کڻائي رنڌڻي ۾ رکائي آهي.“
”ماسي، هن اڻانگي ويل آءُ ڪنهن جو وڃي سک ڦٽايان؟ رات ٿي پوي
ڏينهن جو نٿي چيئيم؟
”هينئر به دير ڪانه ٿي آهي. وڃي ڪو بلو ڪر.“
رٿ منجهي پيئي، ته ڇا ڪريان؟ ڪنهن وٽ وڃان؟ اوڏيءَ مهل ڇو نه
هيلڊار به اچي ڀيڻ سوڌو اتان لانگهاڻو ٿئي. رٿ
اَمالڪ سڏي چيس: ڳالهه ته ٻڌجو.
هيلڊار ڀيڻ کي اتي ئي بيهاري، پاڻ وٽس اچي منهن ۾ گهنڊ پائي،
پڇيس: چئو ڇا آهي؟
رٿ ٻڌايس: ماسيءَ وٽ منهنجي ڪاتر جاءِ ئي ڪانهي. هاڻ آءُ ڇا
ڪريان؟ اوهان کي اعتراض نه هجي، ته آءُ وڃي ٻيلاين
وٽ ٽڪان؟
هيلڊار چيس: اسان واري بنگلي ۾ به ڪمرا سڀ والاريا پيا آهن. آءُ
نٿو ڀانئيان؛ اتي ڪو بلو ٿي سگهندو. پر ٻيلاين وٽ
به، آءُ موڪل ڪانه ڏيندوسانءِ.
ائين چئي، هيلڊار ويو ٿي هليو. پر رٿ منٿ ڪري ترسايس. پڇيائينس:
جي ٻيلاين وٽ به نه، تڏهن ٻيو ڪٿي؟ ڪا ته واهه
ڏسيوم؟
تنهن تي ٿو پنهنجيءَ مڱيندي کي وراڻي ڏئي (جنهن سان سڪ پائي سڱ
ٿي ڳنڍيائين): آءُ وري ڪهڙي واهه ڏسيانءِ؟ تون اهو
ته مونجهو من سان نه لڳائينم ها. توکي سچ پچ ڄاڻ
ئي ڪانهي، ته جي اسان جي خاندان ۾ پرڻجي ٿي اچين،
ته هلڻ ڪيئن کپيئي.
تڏهن رٿ چيس: آءُ ڀليس. معاف ڪجو. جو اوهان کي هيءُ کن به
ترسايم.
هيلڊار ڏاڍو ڦڪو ٿيو. چيائينس: پوءِ ڀلا ڇا ٿي ڪرين؟
رٿ وراڻي ڏنيس: ڇا ڪريان؟ مون کي ته سڌئي ڪانه ٿي پوي. هن
ٻڍڙيءَ وٽ نٿي لنگهي وڃين؟ جيستائين ٻيون ڪو بلو
ٿئي، تيستائين وٽس ٽڪي پئو.“
”آلڊينهوفر جي بنگلي ۾؟ نه، اتي آءُ ڪانه ٽڪنديس.
”ڏٺءِ نه! منهنجي صلاح توکي ڏانوين لڳندي ڪانه هاڻ تنهنجي
مرضي. پر جي ٻيلاين وٽ وڃي ٽڪي آهين، ته ...“
”ته پوءِ مون کان بُڇو ٻيو ڪونه اٿيئي. آءُ توسان ڇني ڦاڙي
ڇڏيندس.
هيلڊار جا تيتري ۾ پير ئي تپي پيا هئا. رٿ پنهنجون ڀوريون اکيون
کڻي سندس منهن ۾ کپايون.
هيلڊار روانو ٿيو، ته هيءَ به پنڌ پيئي. بازار ۾ ٻي ته پهرئي
ڪانه ٿي ڏٺي. هڪڙو ڇوڪراٽ سو هو، جو سيٽون
وڄائيندو پئي ويو. پير اگهاڙا، ۽ بت تي لينگهون
پئي لُڏيس. رٿ دل ۾ ويچار ڪيو: هيءُ به ستت وڃي،
پنهنجن مائٽن جي ڀونگيءَ ۾ مٿو لڳائيندو. پر مون
ڀاڳن ڀريءَ ڪاتر هتي ڪنهن وٽ ايتريءَ جاءِ چَتي به
ڪانه ٿي لڀي ! تنهن کان ماڳهين موٽي برلن ڏي ڇو نه
هلي وڃان؟ پر وري پاڻ کي سمجهائين: چي؛ اُبهري نه
ٿيءُ. اٿنا سانگي اهو لڪ به لنگهائي چُڪ.
ٻڍڙيءَ وٽ آئي، تنهن کي اُها جاءِ نه لڀي، جتي کڻي ويهاريس.
چيائينس: نچ آئينءَ، جي آئينءَ!
”پر آلڊينهوفر ڇا چوندو؟“
چوندو وري ڇا؟ تنهن هوندي به، اجهو اچيئي پيو. کڻي کانئس پڇ.“
رٿ کي ڏسي. آلڊينهوفر اچرج ڪونه کاڌو.
رٿ پڇيس: آءُ ٻه – چار راتيون هٿ ٽڪي پوان، اوهان کي اعتراض ته
ڪونهي؟ داديءَ کي سُڀان لکي ٿي موڪليان. ٻن – چئن
ڏينهن ۾، انهيءَ وٽان ورندي اچي ويندي.
ورندي ڏنائينس: تون بابا، اسانجن اکين تي آهين. ڀل ٽڪي پيئي هج.
رٿ ٻڌايس: آءُ پاڻيهي ڪانه آئي آهيان.
هن چيس: توکي بابا، حجاب ڇو ٿو ٿئي؟ پاڻيهي ڇا، هونءَ ڇا؟ پر
مون ته ماسيهن جي گهر هيترا ڄاڃي ماڃي ايندا ڏٺا،
ته دل ۾ چيو، ته تون اوس اچي هتي رهندينءَ.
ٻئي ڏينهن منجهند ٽاڻي، رٿ ٻڍڙيءَ سان گڏ باغ ۾ پئي پسار ڪيو،
ته ٻيليءَ اچي خبر ڪيس، ته هيلڊار ٿو سڏيئي؛ پاڻ
ديوانخاني ڏي وڌي ٿي، ته ٻڍڙيءَ چيس: ماساتيهن جو
وهانؤ ٿئي، تيستائين ته تون هتي ئي رهي پيئي هج.
ڏسين متان گهوٽهن ڪٿي ٻئي هنڌ وڃي ٽڪائيئي.
”وهانوَ ۾ ته اڃا ڏينهن کپن. پر آءُ ماسيءَ جي گهر به موٽي ڪانه
وينديس.“
”ڇو، ساڻس جهيڙو ته ڪونه ڪيو اٿيئي؟ دل ۾ نه ڪج، جو آءُ توکان
اهو سوال ٿي پڇان.“
”ماسي سمجهي ٿي، ته آءُ اچي اُتس پاٽو پيئي آهيان. سو آءُ
پنهنجي لاءِ پيئي ڪا جاءِ ڳوليان.“
”ٻي جاءِ ڇو ٿي ڳولئن؟ اسان وٽ جاءِ کٽي آهي ڇا؟ تنهنجي وهانوَ
۾ به باقي ڏينهن گهڻا؟ متان اهڙو ڪم ڪندين آهين.“
”منهنجو وهانوَ؟ آءُ نٿي ڀانئيان، ته، منهنجو ڪو وهانو ٿيندو
ئي.“
”بابا، ڌيءَ، هي تون چوين ڇا ٿي؟ وهانو تنهنجو سدائين ٿيندو! شل
سهه چوڙيندينءَ، سهه ماڻيندينءَ. متان وري ڪڏهن
اهڙي اُبتي وائي واتؤن ڪڍي اٿيئي. هيئن ٿي دل لاهي
هٿ ۾ ڪجي. خفقان ته نه ٿي ويو اٿيئي؟“
”آءُ تڏهن پاڻ کي ڪوڙين آسن تي رکندي اچان ڇا؟ ڏسي وائسي، پاڻ
پيئي ڀرمايان ڇا؟“
”ڏاڍو ڪو تنهنجو سڀاءُ ڏکيو ٿو ڏسجي. ذريءَ ٿورڙيءَ ڳالهه جو
ايڏو ويچار ! ٻيون به هرک هاريو ته هاريو. متان
هينئر ڪنڌ ڪڍائيندي آهين. زبان ڏني، ته ڏني؛ گڏي
گڏيءَ راند ته ڪانهي، جو ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي؛
پاڻ ۾ ڇني ڦاڙي اُٿندا؟“
”هيلڊار جي دل هينئر مون ڏانهن وري ئي نٿي. پنهنجيءَ داديءَ جو
ڊول شول ڏسي، مون تان دل اَٽاڻجي ويئي اٿس. سندس
منهن پيو ڳالهائي. پر پاڻ وات مان ڪڇي نٿو، جو
سمجهي ٿو وچن ڏيئي ويٺو آهيان. ٻيون هي ٿو ويچار
ٿئيس، ته آءُ وَهِه ڪهڙي وينديس. پاڻ منهنجي ڪاتر
پنهنجو جيوت جو سک سهسائي ڇڏي، ۽ آءُ ويهي سندس پر
اَپڪار جو ڦل ماڻيان؟ ته تنهن کان آءُ نه وڏيءَ دل
سان چوانس، ته مو پاڻ توهان تان آسرو پليو.“
”تنهنجو من پيو ڊومائون کائي، جِيءُ جاءِ نه اٿيئي. ڌيئڙي،
هيلڊار جي نيت ۾ هروڀرو شڪ نه آڻ. داديس جو اُتس
برو اثر پيو آهي، اُهو آءُ به ٿي سمجهان. پر هوءَ
ٽري پاسو ڪندي، ته وقت پئي، آءُ ڄاڻان ٿي، پاڻ ٺهي
پوندو. تنهن ۾ تون پاڻ متان تڪڙي ٿي آهين. شابِس،
هاڻ وڃ. هو ترسيو ويٺو هوندو. پيار سان، حب سان
ساڻس ڳالهائج.“
رٿ اندر آئي، ته گهوٽس پيرن ڀرئي بيٺو هو. رٿ ڏٺو، ته ڏاڍي ڪا
آترويلا اٿس! منهن تي به ڇايا پيئي هيس. هن هٿ هٿ
م ڏيئي، چيس: مٺڙا، معاف ڪجو، دير لڳيم، جو ٻڍڙيءَ
بيهاري ڇڏيم.
پر پاڻ هٿ هٿ ۾ کن ماتر مس ملايائين، منهن به ائين ئي اُداس
ڪري، پڇيائينس: تون خوش آهين؟
رٿ ورندي ڏنيس: بلڪل. آءُ چڱو جو هتي آيس. ڏاڍو پاڻ کي خوش ٿي
سمجهان. هنن ڏاڍي منهنجي آجيان ڪئي.
”آءُ وري به ٻڍڙيءَ کي تنهنجي پارت ڪري ٿو ڇڏيان. توکي چڱو سکيو
رکندي.“
”پر اوهان بيٺا ڪيترو هوندؤ؟ ويهو ته سهين.“
”نڪو، آءُ تڪڙو آهيان. توسان هڪڙي ضروري ڳالهه ڪرڻي هيم، تڏهن
آيس. سڌ ته هوندءِ ته ماساتيهن جي ڏِک، دادي
پنهنجي هڙون ٿي ڪري؟ مرضي اٿس، ته مجلس رونق واري
ٿئي.“
رٿ کي سجهي آيو، ته هاڻ ڇا جو ذڪر نڪرندو؛ تنهن ڳالهه سندس ٻڌي
پئي، پر اکيون ٻاهر هيس.
هيلڊار چيس: مون داديءَ کي تاڪيد ڪيو آهي، اها تنهنجا لاءِ وڳو
ٺاهي موڪليندي. تنهن ۾ هن ڀيري تون هوڏ نه ڪج. آءُ
پاڻ به، پنهنجي ڪا نه ڪا سوکڙي توکان گهري ٿو
وٺان. مون کي رڳو تپرس ٿو لڳي، جو تون منهنجي هيءَ
ٿورڙي ڳالهه ڇو نٿي مڃين. پر بس، توسان ٻڌس جو، سو
مٺي ڪري پيو ڀوڳيان. ٻيا مون سان؛ انهيءَ تان اوس،
ريسون ڪندا هوندا!
رٿ ورندي ڏنيس: اوهان ته پنهنجا وڙٿا ڪريو، پر اوهان هن ڀيري
ايڏي تڪليف وٺوئي نه مون داديءَ کي لکي موڪليو
آهي. اُنهيءَ وٽان وهانوَ تي ڪرڻ جهڙو وڳو ڏينهن –
اڌ م اچي ويندو.
اُنهيءَ تان مڙس اچي مٽيو: چي، ائنا جيڪي چوي، يا ڪري، سو
منهنجي لاءِ پيمانو ٿيو ڪيئن؟ آءُ انهيءَ سان ٻڌل
آهيان ڇا؟ ڳهيلي نينگر ! تون ڀانئين ٿي ته ائنا
توکي اهڙو وڳو سٽي موڪليندي، جو تون وهانوَ تي
پائي سگهندينءَ؟ سڌ اٿيئي، دادي ۽ هيلن ڪهڙا
ٽهڪندا وڳا ڍڪي اينديون؟ انهن سان ائنا جو موڪليل
وڳو مٽ پوندو؟ تنهنجي سمجهه تان ته مون کي ٻيون به
تپرس ٿو لڳي. داديهن کان سوکڙيءَ پاکڙيءَ وٺڻ ۾
پنهنجي گهٽتائي ڪانه ٿي سمجهين. مون کان سوغات
وٺندي، مهڻو ٿو لڳيئي! مون کي تڏهن ست ڌاريو ڪري
ٿي ليکين؟
”ائنا ۽ آءُ ڀينر آهيون!“
”۽ پاڻ ٻيئي؟“
”اسان ٻيئي؟“
”چو ! چو!“
”اسان ٻيئي، هڪٻئي سان ڏينهن ڏينهن ڌاريا ٿيندا وڃون!“
”انهيءَ لاءِ تلاهي ڪير؟“
”تلاهي...“
”ترس آءُ ٿو توکي ٻڌايان. تنهنجي هوڏ، تنهنجي من مت ۽ تنهنجي
خودي! اڃا به ڪي ٻيون چوان؟“
پيارا مون کي به ته پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ڏيو.“
”تون پاڻ ڪهڙي ڳالهه ڪندينءَ؟ خير آءُ توکي جهليان ڪونه ٿو؛ پر
آءُ ٻڌندو سانءِ ڪونه.“
ائين چئي، پاڻ ٻاهر هليو ويو. رٿ کي سڌ ڪانه ٿي پيئي، سا به
پٺيانس ڪاهي هلي. منٿ ڪيائينس: ائين ڪاوڙجي نه
هليا وڃو. منهنجي به ته ڳالهه ٻڌو.
ورندي ڏنائينس: چوانءِ ٿو، هروڀرو ڳالهه مان ڳالهڙو ٿي پوندو.
آءُ به توکي پنهنجي آخرين فيصلي جي سڌ – ٻڌين ٿي؟
آخرين فيصلي جي سڌ ڏينهن – اڌ ۾ ڏيندس. تون جو
ڏهاڙي ڏهاڙي مون سان ههڙي هوڏ ٻڌي ويهندينءَ، تنهن
کان ماڳهين، هڪڙي صفائي ڇو نه ڪري ڇڏيان؟ ڳٽ ڳچيءَ
۾ وجهي، پوءِ جو آءُ هٿ هڻان؛ تنهن کان ساجهر ئي
ڇو نه پاڻ سنڀاليان؟
هيلڊار کي وئي ڪا ويرم نبري، ته به هيءَ ڪنهن سائل وانگر در وٽ
بيٺئي هئي. اوچتو وٺي ڇرڪ ڀريائين. سامهون
آلڊينهوفر پئي آيو. منهن لاءِ پئي ڏٺس، ڀانءِ ته
اُس ۾ ٽاڻي ٿي ويو هوس. رٿ جو هن کي ڏٺو، تنهن
ڊوڙي وڃي سندس هٿ پڪڙيو. سڄي ٿڙڪي پئي. ليلائي
چيائينس: منهنجي پهريائين ڳالهه ٻڌي، پوءِ مون کي
ڏوهه ڏجو. آءُ ڪا من متي، هٺيلي ۽ خود – پسند ڪانه
آهيان، جيئن پاڻ ٿو سمجهي. آءُ سچ پڇ ڪنهن اُصول
مٺي آهيان.
آلڊينهوفر پنهنجو هٿ سندس هٿ مان ڪڍيوئي ڪونه. هوءَ جا ڏڪي پئي،
تنهن کي پاڻ آڌر ڏيئي اَمالڪ کڻي اندر ڪيائين.
پڇيائينس: مون اڳي ڪڏهن توکي سبب ڏنو آهي ڇا، جو
تون ڀانئين پيئي ته آءُ اُٻهرو ٿي توکي ڏوهه
ڏيندس؟
رٿ چيس: نه. پر آءُ اوهان جي گهر گنڀيرتا ڏسي ڊنيس.
”آءُ هونءَ گهڻو گهڻو ته اک سان سهم ڏيندو آهيان، پر هينئر ته
زبان سان به ٻه اکر چوندو سانءِ. آءُ توکان پڇان
ٿو، ته جڏهن هيلڊار سان تنهنجي دل ٻڌي به ڪانه ٿي،
تڏهن تو ساڻس وهانو جو ٻول ڇو ڪيو؟“
”هيلڊار سان منهنجي دل نٿي ٻڌي؟ سچ پچ آءُ پاڻ نٿي چئي سگهان.“
”معاف ڪج، جو تو کان اهڙو نازڪ سوال پڇيو اٿم.“
”انهيءَ جو اوهين ويچار ڪريوئي نه. پر آءُ ڀانئيان ٿي ته
پهريان ئي چڪ مون کان ٿي. آءُ اوهان کان ڳالهه ڇو
لڪايان؟ مون هيلڊار جي ڳالهه رڳو هن ڪري مڃي جو
چيم، ائنا ۽ آءُ آئيندي جي اُت پت کان ڇٽي
پونديونسين. آءُ گهر جي دکن سورن کان ٿي ڀڳيس. پر
هينئر آءَ سنڀري آهيان ته ڪو وڏو گهٽڪو کان،
هيلڊار سان منهنجي پونت پوندي ڪانه. تنهن ۾ آءُ
پاڻ ٿي کيس وڃڻ کان رهائي ڏيان. هروڀروپاڻ به
پوءِ دکي ٿئي، ۽ آءُ به سک ڪونه ڏسان، تنهن کان
هينئر ئي کڻي ٿي اسرو پليان.“
”خبردار، جي اهڙو اُبتو ڪم ڪيو اٿيئي. وچن ڏنو سو ڏنو. وچن کان
ائين ڪير ڦيري! ڌڻيءَ وٽان به اهڙو ماڻهو ڌڪجي
نڪري. تنهن ۾ به وهانوَ جو اقرار، حياتيءَ ۾ ڇا،
پر مماتيءَ ۾ به قائم، متان اهڙي اُٻهري ٿي آهين.
کاند ۽ صبر سان، پيار ۽ حب سان تتي هنئين تي ڇنڊو
وجهي، ٺاري ڇڏينس.“
[19]
”گهوٽهن جي چٺي، سندس ماڻهو سمهون ڏيئي ويو.“
رٿ چٺي پڙهي، چپ ٽورا ڪري، چٺي کڻي ٻڍڙيءَ کي ڏني
ٻڍڙي چٺي پڙهي ٿي، ته سندس آواز ٻڌو پئي.
”پياري، آلڊينهوفر مون کان تنهنجي موڪل وٺي ڇڏي آهي. تنهن ۾ تون
اڄ وهانو جو ڏينهن سندن گهر ۾ ئي گهارج. ڪير به
ڪارڻ پڇيئي ته هڪڙو نه ٻيوکڻي عذر ڏجانس. آءُ پاڻ
به تاڪيد ڪري ٿو ڇڏيانءِ، ته اهو سوٽي وڳو ڍڪي ڏک
تي نه اچجانءِ“
ٻڍڙيءَ کي سراپ وٺي ويو. دل ۾ چيائين، ته محبت صحبت وارا ته
ههڙا پار ڪين هلندا آهن. رٿ کان پڇيائين: تون پوءِ
ڇاٿي ڪرين؟
رٿ نهايت ٺهر سان وراڻي ڏنيس: آءُ ڪانه ٿي وڃان. آلڊينهوفر کڻي
ڪارڻ پڇيو، ته ڳالهه کانئس لڪائينديس ڪانه.
”داديهين وٽان جيڪس اڄ وڳو اچي به وڃي.“
”نڪو. آءُ ته آسرو پلي ويٺي آهيان. پئسو هٿ مان ڪونه ڇٽو اٿس،
تڏهن نه موڪلي سگهي آهي.“
مٿان آلڊينهوفر به اچي سهڙيو.
رٿ کان پڇيائين: هيلڊار توکي موڪل جو لکيو؟
رٿ کي ڳلن ۾ لالاڻ اچي ويئي، ۽ ٻڍڙيءَ کان چٺي وٺي، کڻي هٿ ۾
ڏنائينس.
آلڊينهوفر چٺيءَ تي اک ڦيرائي، چيس: هائو، برابر موڪل نانءِ مون
کيس وات وڌو. هاڻ آءُ توکي ان جو ڪارڻ ٻڌايان؟
”سوٽي ڪپڙا ڍڪي، ڏک تي آءُ ڪيئن وڃان ها؟“
”پر انهن سوٽي ڪپڙن ۾، آءُ پاڻ توکي ڏک تي وٺي هلندس.“
”مون سمجهيو. اوهان ڄاتو ٿي، ته هيلڊار مون کي پاڻ سان وٺي ڪونه
ويندو، تڏهن اوهان کڻي هي نمونو ورتو.“
کن نبري ته ٻاهرئين در تي کڙڪو ٿيو. آلڊينهوفر ته ويو هليو.
ٻڍڙيءَ هڪل ڪري، اُٿي پڇيو: ڪير آهي؟ تنهن تي
ورندي آئي: مسيءَ جو پارسل هينئر ٽپال وارو ڏيئي
ويو، اُهو آندو اٿم.
پارسل ۾ هڪڙو سٺو ٺهڪندو وڳو پيو هو. انهيءَ تان سرهائي جيڪا
ٻڍڙيءَ کي ٿي!چوي: دل تان بار لهي ويو اٿم! ڌَيڙي
هن وڳي ۾ ٺهندينءَ ڏاڍو! جس ڀرڻ سبڻ واريءَ کي به
هجي، نمونو واهه جو عمدو رکيو اٿس! هاڻ پائي ته
ڏس.
رٿ کي وڳو منهن تي پيو ڏاڍو ٿي. ٻڍڙيءَ چوٽي به اهڙي ٺاهي ڪئي
هيس، جو ڀانءِ ته ويڏي هن جي ٿي پڙهي.
ٻڍڙي پيئي ٺري. رٿ کي چيائينس: هيئن جيڪر داديهن ڏسيئي؟
رٿ پنهنجيءَ داديءَ جو نالو ٻڌي وجد ۾ اچي ويئي. چي، دادي!
منهنجي دادي!
رٿ وري وڳو لاهي ٿي رکيو ته ٻڍڙيءَ چيس: لاهين ڇو ٿي؟ پاڻ سنڀري
ويهه نه. باقي ڏک ۾ وريم گهڻي؟ هوڏانهن نهار،
مهمان ديول ڏي وڃن پيا. آلڊينهوفر جي گاڏي به پيئي
سنڀرجي. اوجهو، پاڻ به اچي ويو. پر هي ڇا؟ بنهه
پنهنجيءَ جيجل واريءَ گاڏيءَ ۾ ٿو چاڙهيئي! واه!
واه! هاڻ ڏک شل سک جي نبري!
آلڊينهوفر ٻنڀي وٽ آيو، ته رٿ کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ڀلا سو
ٻٽ مان ڦري پوپٽ ٿي پيو هو. رٿ پاڻ سان مئجهي
پيئي. هن وري سو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين بيهي
جاچيس، سو هن جي اکين جي اُهاءَ ڄڻ سندس اکيون ٿي
ڇيڙيون.
رٿ منهن ڪُمنِهن ٻڍڙيءَ کان پڇيو: چارلس کي ڳالهه وڻندي؟ ڀانئين
ڪيئن ٿي، هن مان به ويڪ ڪڍندو؟
ٻڍڙيءَ ورندي ڏنيس: ويڪ ڇاجي ڪڍندو؟ ڏس ته ڪهڙي نه ٿي وڻيس. چڱي
سونهي پيئي.
آلڊينهوفر ته اڃا ماٺ ڪيو بيٺي ڏانهنس نهاريو پوءِ انهيءَ کان
پڇيائين: اوهان کي ڳالهه وڻي ٿي؟
هن ورندي ڏنيس: مون کي تنهنجي سڀڪا ڳالهه وڻي ٿي. پر هن سوٽي
وڳي ۾ تون مون کي سرس لڳندي آهين.
اهي اکر هن نوع اهڙي ۾ چيا، جو ٻڍڙيءَ اچرج ۾ پئي، اَمالڪ وٺي
سندس منهن ۾ نهاريو.
نوڪر چاڪر به ٻنهي کي گڏ ويندو ڏسي، پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا.
هڪڙو ٿو چوي: جوڙي سا واهه جي ٿي ٺهي!
تنهن کان ٻيون ٿو ڄاڻائي: پنهنجي خاوند جو جيس اميرياڻي وڌيڪ
سونهي.
”اميرياڻيءَ کان ير، اُنهين ئي ڀلي! سونهن جي کاڻ کي ڇا ڪبو؟ هٺ
۾ ڏس، ڪهڙو نه پيئي ڇڄي؟ ٻيون به سکڻيءَ ٻاهرئينءَ
سونهن کي ڌڻي باهه ڏيندو! هيءَ مائي سدوري اندر جي
ڪاري ته ڪانه آهي.ڏس ته وِڏوهه ۽ نمرتا بکنس
پيا.“
” پر هن جي اندر مان تو پيهي نڪتو آهين ڪيئن؟“
”ڇو؟ هن جي ڳالهه ٻڌي ڪانه اٿيئي ڇا؟ پيءُ کي ڇيڙي؛ ڀاءَ کي
ڪين لاوارث ڪرائي ڇڏيائين: هتي به چون ٿا، ول پيئي
ولي ته ڪيئن مڙيوئي گهوٽ – ڪنوار جي وچ ۾ ڦيٽارو
وجهايان.
[20]
محفل ۾ رٿ اچي پاڻ کي ڪبوتر وانگي پئي ڀانئيو. وڏ گهراڻيون
هونئن جيڪر نهارينس به ڪين ها، پر آلڊينهوفر جي
سانگي، ڪنهن کي جرت ڪانه ٿي ٿي، جو ساڻس کڻي ڪا
اُبتو هلي. هيڪاري اميرياڻيءَ آلڊينهوفر ڪاڻ جو
سرڻ وانگر والارا پئي ڏنا، سو سڀن جون اکيون هن ئي
جوڙي ۾ وڃي کتيون. اميرياڻيءَ وڏائي وس هلايا، ته
ڪٿي آلڊينهوفر جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايان، پنج – ستر
گهمرا ته وٽانئس لنگهي، ته ڄاڻي ٻجهي ڪنڌ کڻي هن
جي ڪلهي سان ڇهايائين، پر هن نهاريس به ڪونه ٿي.
هيلڊار وري هيلن سان جوڙيدار ٿيو پئي ڦريو. آلڊينهوفر کيس ويجهو
ايندو ڏسي، پاڻمرادو رٿ کان پاسي پئي ٿيو، پر هن
يار رٿ سان هڪ لڱا سو اڌ چچريو ڳالهايو، نه ته،
ٻيون سارو وقت هيلن سان لڳو پئي وتو.
ڏِک جو پهريون دور پورو ٿيو، ته ڪن مهمانن چيو: هاڻ ناچ به
ڏسجي. اتي ئي پڙدو مٿي کنيو، ۽ هيلڊار ۽ هيلن ناچ
ڪندا، اچي ناظرينن جي سامهون بيٺا. رٿ کي ڳلن تان
لڙڪ لڙي پيا. دل ۾ چيائين: مون کان هيءُ ڳالهه
لڪايائين ڇو؟ ائين به ته ڪونه هوندو، جو چيو
هوندائين، ڀل اوچتو ڏسيم، ته هيءَ اچرج کائي. ڇو
ته جهلي پاڻ مڪائينم، ته ڏک تي اچجانءِ نه. پڪ ئي
پڪ سمجهيو اٿس، ته هي انهيءَ جي لائق ٿوريائي آهي،
جو انت ڏيانس.
ٿوريءَ کان پوءِ رٿ وري ٻيون رنگ ڏٺو. اميرياڻيءَ ڳايو پئي، ته
آلڊينهوفر جو ويچار الاجي ڪيڏانهن کڄي ويو. رٿ جو
ته هنئون ٿي وگهريو. اُٿي اچي اڳيانس بيٺي.
ڳالهائي ته ڳالهائڻ نه پيو اُڪليس. نڙيءَ ۾ ڳنڍو
اٽڪي پيس.
اميرياڻيءَ راڳ بند ڪيو. ته رٿ ڏي نهاري، هن پڇيس: ڇو؟ منهنجو
ڊپ لڳءِ ڇا؟ مون ته رڳو راڳ ٿي ٻڌو. نه ته...
پر ڳالهه پوري ڪانه ڪيائين، رٿ کي ٻانهن کان وٺي. ڀر واريءَ
ڪوٺيءَ ۾ هليو ويو. رٿ جو تڏهن وڃي جيءُ جاءِ ٿيو.
کن ڪانه نبري، ته هيلڊار هڪڙي مڙساڙوءَ کي ساڻ وٺي
رٿ کي اچي چيو: اُٿي هن سان جوڙيدار ٿي، چيڪلي
پاءِ !
رٿ ورندي ڏنيس: اوهان کي سڌ ڪانهي، ته آءُ چيڪلي پائي ڪانه
ڄاڻان؟
”ڇا، چيڪلي ڪانه پائي ڄاڻين!“
”مون کي معاف ڪجو، جو مون اڳي ئي اوهان کي اها ڳالهه ڪانه ٻڌائي
ڇڏي.“
”ڳالهيون ته ٻيون به ڪي ٻڌائي ڇڏينم ها. پر ٺهيو.هاڻ چيڪلي
پائي ڄاڻين يا نه، هن سان اٿي، هڪڙو – ٻه پير
مڙيوئي گساءِ.“
”آءُ وري به اوهان کان معافي ٿي گهران. چيڪلي آءُ پائي ڪانه
ڄاڻان، پوءِ هڪڙو – ٻه پير به ڪيئن گسايان؟“
هن مڙساڙوءَ تنهن تي وٺي مڇ کي مروڙيو. هيلڊار کي چيائين: ههڙي
ڳالهه ڪٿي ڪانه ٻڌي. چيڪلي نه پائي ڄاڻي، اچرج
چئو!
هيلڊار پنهنجي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري ويو. سنگتي کي چيائين: تون
زور سان اُٿاري ، مٿي وٺي وڃينس چيڪلي اوس
پائيندي.
پر هن مڙساڙوءَ اڃا رٿ کي چيلهه ۾ هٿ وجهي اُٿاريو ٿي، ته رٿ
پٺتي هٽي، هيلڊار کي چيو: اوهان ليڪو لنگهي ٿا
وڃو. ههڙي ڳالهه ۾ به زور!
هيلڊار مٿو پئي کنهيو، ورندي ڏنائينس! وري به منهنجو ڪنڌ هيٺ
ڪيئي! خبر اجهائي بجليءَ جيئن وٽڙي ٿي وڃي. دادي
سچ ٿي چوي: نيات وارا مون کي تنهنجي افعالين، اڳي
– پوءِ ٿالهيوُن لاهي ڇڏيندا.
رٿ کي ڳوڙها پئي ڳڙيا. چيائينس: آءُ سمجهان ٿي، آءُ هن عتاب جي
لائق آهيان. پر آءُ به ڪهڙي وهه وڃان؟ ٻڌايوم،
ڪيئن اوهان کي خوش ڪريان؟
هيلڊار وري بيٺو ڪونه، تڪڙو تڪڙو هليو ويو.
اتي ماسيس اچي رٿ کي ورائي ورتو. چي، چوري، ڪهڙي نڀاڳ لڳئي؟
ڪنهن ڳالهه ۾ نٿي هن سان سرچين! ڀانئين ٿي، ته
منٿائتو پهريائين پاڻ ٿيو، ته تو مان به ڪجهه ٿي
پيو. وڌي الاجي ڇا ۾ ويئي آهين؟ اهو سکڻو دم ڇڱو
ڪونهي ئي. هن کي ڪاوڙائي، هاڻ ڀتر ٿيو، بيٺي
پٺيانس نهار. آءُ ته سمجهان ٿي ته وري پاڻ توڏي
نهاريندو به ڪونه تنهن ۾ چڱيان سمجهين، ته ساجهر
ئي هتان ٽپڙ سوءِ. وڃي داديهن ڀيڙي ٿيءُ.
هيءَ اڃا ٻيو به ڪجهه گهٽ وڌ ڳالهائيس ها، پر مٿان ڌيڻس اچي
ويئي؛ تڏهن هن جي زبان به جهلي.
ماڻس ٽري پاسي ٿي، ته الائيس رٿ کي چيو: توسان خير ته آهي؟ منهن
ڇو هيئن سڄايو اٿيئي؟ آءُ ڪو جهڄان وجهلان ٿي ڇا؟
هت ته پنهنجي گهر ۾، اسان پاڻ مهمان پيا لڳون !
اميرياڻي هلي ائين پئي، ڄڻ ڏک ئي ڪا پاڻ ڪئي اٿس.
هاڻ اچ، ته هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ. آءُ ڀانئيان ٿي،
ته اميرياڻيءَ آلڊينهوفر تي چري ٿي پيئي آهي. هر
هر پيئي منجهس اٽڪي. سڌ نٿي پوي، نيٺ ڳالهه ڪٿي
بيهندي؟ |