[8]
”وري به در دري پيئي کليل؟ نڀاڳي، گهڻا ڀيرا جهليو ٿمانءِ، ته
در دري ائين کليل نه ڇڏ؟“
”بابا، تماڪ جو هٻو هٻ ٿي پيو هو، تڏهن چيم، کن کولي ڇڏيان، ته
ڪا وائکائي ته ٿئي.“
”چيو ٿمانءِ، مون کي اها وائکائي ڪانه کپي. در دري اَمالڪ ٻيڪڙي
ڇڏ!“
”تماڪ جي هٻ ۾ بيهي نٿو سگهجي.“
”ر..... جي ڌيءَ ! هڪڙي چوڻ سان ته مڃي ڪين – هاڻ ڪرين ٿي بند
يا نه؟“
ائنا،(رٿ جي داديءَ) تڏهن ٻيو ڪم اتي ئي ڇڏي، اُٿي وڃي در دري
ٻيئي بند ڪيا. گيوبرٽ نشي ۾ ٽاٽ هو. در ۾ پهندي ئي
ڪوٽ لاهي کڻي پٽ تي اُڇلايو هئائين، جو ائنا ڇنڊي
ڦوڪي، ڪليءَ ۾ اُبتو ڪري ٽنگيو هو - ۽ پوءِ
ماٽيليءَ ڌيءَ سان جو اهي سهنج پئي ڪيائين. اتي ئي
وري ساڻس هيئن اچي خستو پيو:
”مون کي برنڊي ذرو ڏي.“
”برنڊي باقي تِر مس ڪا ٿيندي. گراهڪ نه ڪو اچي گهري.“
”وري به سمهون جواب ! اڙي، گهر جو مالڪ آءُ آهيان، ڪين تون؟“
”بابا، برانڊي واري اڄ به پئسن خاطر ماڻهو مڪو هو. چيائين ٿي،
ته آئيندي اوهان جي ٿيت ئي اسان کي ڪانه کپي. اوڌو
تي اوهان کي اڌ ٻاٽلي ڪانه ڏبي.“
”چيو مانءِ اها ٽڪ ٽڪ ڇڏ. اَمالڪ اُٿي مون کي ٻاٽلي ڏي.“
ائنا ٻاٽلي ۽ گلاس ٻيئي کڻي اڳيانس رکيا. ٻاٽلي گلاس ۾ اوتي،
گرم پاڻي ساڻس ملائي، ٻه – چار ڳيتون ڏيئي رهيو،
تڏهن ٿو پڇي: رٿ اڃا آئي، ڪين اتي ئي غرق ٿي؟
ائنا ٻڌايس: ٻه گهڙيون ٿيس اچي ويئي. مون چيومانس، سويل ئي وڃي
سمهه.
گيوبرٽ اُٿي ڪوٺيءَ ڏانهن رخ رکيو، ته ائنا ڪوٺيءَ جي در وٽ
بيهي پڇيس: ڪيڏانهن ٿا وڃو؟
ورندي ڏنائيس: چڱا هي لڇڻ سيکاريا اٿئينس. آئي آهي ته وڃي هنڌ
تي پيئي آهي! مون سان ڳالهايائين به ڪونه. مون کي
ساڻس ڪا ڳالهه.....
”اها ڳالهه ساڻس سڀاڻي ڪجو. هينئر ننڊا کري هوندي.“
”نه، ننڊ پوءِ به ڪري ٿي سگهي. سمٿ چوي ٿو، ”منهنجو سڱ قبولي ته
توکي کڻي پاڻ سان ڀائيوار ڪريان“- سو وڃي ٻڌايانس
ٿو، ته مون هن کي پڪ ڏيئي ڇڏي آهي. انهيءَ کان مٿي
سندس لاءِ ٻي ڪهڙي مائٽي چڙهي ايندي؟ تنهن
کانسواءِ وڏو جو منهنجو اٺسٺو ٿي پوندو.“
”اها ڳالهه ساڻس اڄ نه ڪريو. منهنجي ڳالهه کڻي مڃو. ٻيون به
اوهان پاڻ ذڪر ڪڍندؤس ته مٺيان لڳنديس. سمٿ کي
چئو، ته اُهو پاڻ ساڻس ڳالهه چوري.“
”ڇو؟“
”هيئن سمجهندي ته اوهان سودو ٿا چڪايو. سو اها ڳالهه وڻنديس ئي
ڪانه. ماءُ جو لڇڻ منجهس گهڻو آهي.“
”هائو، تون سچ ٿي چوين. ماڻس ئي مون سان پلؤ ٻڌو، ته مرندي
گهڙيءَ تائين پئي تاڻيائينم – چي، ڪهڙو نانگ تي
پير پيم، جو تنهنجي ڳَل لڳيس !“
اتي بزار واري در کان ٻه گاڏيءَ وارا – ٻيڙيون واتن ۾ - مٿي
چڙهي آيا. ائنا سرهي ٿي، جو ڪي هيئن ڪي هونئن،
اڄوڪي رات ٽِڪر مڙيوئي ٽري ويو. گيوبرٽ اتي ئي
ڪرسيءَ منجهه ليٽي پيو، ۽ ائنا پيڍيءَ وٽ وڃي
گراهڪن جي خاطر ڪئي.
پر گهڙيءَ – اڌ کان پوءِ، پاڻ ڇنائي جاڻ کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ نهار
ڪري، ته ڇا ڏسي جو رٿ نر سنگهي وانگر اکيون ڦاڙيو
اڃا پيئي جاڳي، ۽ کاڏيءَ کي هٿ ڏيو، کٽولي جي بنهه
ايس تي ويٺي آهي.
چيائينس: شاباس هجيئي ! هي ننڊ ٿي ڪرين؟
رٿ ورندي ڏنيس: ننڊ اچيم ئي نٿي. اَنڌ مانڌ ٿي پيئي اٿم ! توکي
جڏهن سڀ حال ٻڌايان، تڏهن اک لڳيم.
”مٺڙي، سڀاڻي ڪانهي؟ سڀاڻي ٻڌائجانم، هينئر شاباس، ڏاهي ڀيڻ
ڪريانس، ليٽي پؤ، وري اوجاڳو نه ڪر ! جيئن تيئن
وڃي ساهه کنيو اٿيئي.“
”هڪڙيءَ رات جو اوجاڳو ماريندم ڪونه – دادي، توسان ڏاڍيون
ڳالهيون ڪرڻيون اٿم؟“
”ڀينڙي، اُهو آءُ سمجهان ٿي، پر چٺين ۾ ڪين سمورو حال ٻڌايو
اٿئنيم؟“
”هائو، پر ڪالهه قصو ئي هڪڙو اور بڻجي پيو. کن ويهه، ته ٻن –
چئن اکرن ۾ ٻڌائي وڃانءِ. پر سڃِي، اڳهڻو در وٽ هي
هل ڇا جو هو؟ وري ڪهڙو ڇٽو لڳو هوس؟
”ڪجهه ڪين هو؟“
”ڪجهه ڪين هو.“ تون ٻاروهي ائين چوين.“
رٿ، ڀيڻ کي ائين ورجائي، سندس ڳچِيءَ ۾ لٽڪي پيئي، ۽ نماڻن جيئن
سندس هنج ۾ ويهي ، چيائينس: دادي، ڪالهه اچي
پاڻمرادو آڇ ڪيائيم، ته ”مون سان سڱ ڳنڍ“.
ائنا تڪڙو تڪڙو پڇيس: ڪنهن؟ ڪنهن؟
رٿ چيس: هيڏي تڪڙ؟ تون ڀانئين ٿي ڪنهن؟ ”مون کي ڪهڙي سڌ؟“
”هيلڊار !“
”سچ؟“
”آءُ تڏهن توسان ڪوڙ ٿي ڳالهايان !“
”پوءِ ڀلا، تو اَتر ڪهڙو ڏنس؟“
”مون چيومانس: آءُ داديءَ کان پڇان!“
”سمجهه ته آءُ آنهه ٿي ڪريان ؟“
”پوءِ بس ! وهانو کان پوءِ تون به هلي مون سان گڏ رهج. اُهو ڪن
کڙو ڪري ڇڏيو اٿمانس.“
”سمجهه ته آءُ پير ئِي نٿي کوڙيان؟“
”پوءِ جيئن آهيون، تيئن ئي پيون هلنديونسين !“
ائنا سندس اکين ۽ منهن ۾ نهاريو ائين ٿي، ڄڻ سندس انت ٿي
سوڌيائين. نراسائيءَ جو اُهڃاڻ هڪڙو به منجهس نظر
ڪونه آيس. هوءَ اُٽلو سرهي پئي ڏٺي. ائنا تڏهن به
شڪجي پئي، پر نيٺ چيائينس : هن جي توسان پونت
پوندي ڪانه. صفا جواب ڏياري موڪلينس.
رٿ رڳو ڪنڌ سان وٺي ”آنهه“ ڪئي.
ائنا پوءِ ٻڌايس ته گيوبرٽ ڪهڙيون پيون سٽون سٽي. تنهن ۾ صلاح
ڏنائينس، ته تون في الحال ٽِڪ ڪرئي برنير ۽ اوٽو
جي گهر وڃي، جيستائين ڪ ٻيون ڪو بندوبست ٿئي. پر
هيءَ چوي، انهيءَ تريءَ تيل ئي نه پيو آهي، جو آءُ
توکي هتي ڇڏي، پاڻ وڃي سکي ٿيان-چي، جو آءُ توکي
هتي ڇڏي، پاڻ وڃي سکي ٿيان –چي، ”جتي تون اتي آءُ.
ڏکيو سکيو وقت گڏ پيون ڪاٽينديونسين.“
ائنا گهڻو ئي سمجهايس ته ”ڏاهي ٿيءُ. هينئر ڪجهه وقت مڙيوئي هن
جي منهن کان ٽري پاسو ڪر؛ پوءِ جيڪا رٿ تو چٺيءَ ۾
ٻڌائي هيم، انهيءَ پٽاندر کڻي هلنديونسين“ پر هن
صفا جواب ڏنس ته ”تو ڌاران ته آءُ پرائي گهر ڪڏهن
ڪين وڃي رهنديس. باقي جي منهنجي رٿ وڻيئي ٿي، ته
اُٿ ته هينئر ئي اوڏانهن نڪري پئون.
ائنا چيس: ڀينڙي، ائين ڪا تون شهر ڇڏي سگهندينءَ؟ ٻيو به
گيوبرٽ تنهنجو سنڀاليندڙ ! تون شهر جو شهر ۾ ٻئي
هنڌ وڃي رهندينءَ ته اها ڳالهه ڳڻبي ڪانه. باقي
سندس رضامنديءَ کان سواءِ، شهر ئي ڇڏي ڪيڏانهن هلي
ويندينءَ، ته پوءِ هو هروڀرو قاعدي جي ڇڪ ڪندو.
رٿ پڇيس: ڀلا جي آءُ سمٿ جي مائٽي کڻي ڀانسيان، ته پوءِ تون ۽
آءُ گڏ رهي سگهنديونسين؟
ائنا ورندي ڏنيس: متان وري مون سان اهڙي ڳالهه ڪندي آهين. سمٿ
کي سڃاڻين ڪين؟ اهو به ماڻهو آهي؟
”تڏهن هوءَ ڳالهه به مون سان نه ڪر. ترس، من رب ستار اسان جي به
کڻي واري واري. پر دادي، هيلڊار جي مائٽي توکي ڇو
نٿي وڻي؟
آءُ ڏسان ٿي، ته تنهنجو اُتي هنئون هچي ئي نٿو. وري هن کي به تو
جهڙيءَ ٻانهن مان گهڻي تائين ساءُ ايندو ئي ڪونه
! متان هو پنهنجو جيس پاڻ جهڙو مان ڳولي !“
ائنا پوءِ وري به کيس ننڊ جو تاڪيد ڪري، پاڻ ٻاهر نڪري ويئي. پر
رٿ جي اڃا پنبڻي پنبڻيءَ سان مس مڙي هئي، ته اوچتو
ئي هڪڙو ايڏو آواز ٻڌائين، جو امالڪ اٿي کڙي ٿي.
در پٽي ٻاهر آئي، ته ڇا ڏسي جو ائنا پٽ تي بيهوش
پيئي هئي، ۽ لنوندڙيءَ مان رت ٺينڊيون ڪيو پئي
وهيس، ۽ اڳيانس شيشي جا ذرا ذرا پٽ تي پيا هئا !
گيوبرٽ جي وات مان وري گڦ پئي وهي، ۽ ڪچ پئي
مئائين !
هن ڏڪي ڏڪي، پڇيس: ڇا ٿيو؟
گيوبرٽ جو پير ڌرتيءَ تي کپي ئي نه پيو، چيائينس: لڱن ۾ ڪرنهن
ٿي پيئي هيس، اُها ٿي لائيمانس.
رٿ کي ڀيڻ جو حال ڏسي، هيبت وٺي ويئي. پر جهڙو کيس پٽ تان
اٿاري، ڀاڪر پائي، چيائين پئي. دادي، آءُ آهيان،
مون ڏي نهار – تهڙو گيوبرٽ مرڳو هن کي به ٻانهن
کان گهلي، ڌمڪي ڪڍي: چي، خبردار ! وچ ۾ پيئي آهين؛
ته اڌ مئو توکي به ڪري ڇڏيندس !
رٿ ڇوهه مان کانئس پنهنجي ٻانهن ڇڏائي، وري به وڃي ڀيڻ جي اڳيان
بيٺي. گيوبرٽ تنهن تنا هيڪاري اچي مٽيو. چي، تون
به ڇوري، مڱر پئي چوکي ٿي آهين؟ پر بيهه... لڪڻ
ڪٿي آهي؟ ڏس تنهنجي به ٿو چوڙ پڄايان؟“
ائين چئي، رٿ کي ڳچيءَ کان مروٽو ڏيئي، پهريائين ته کڻي ڪنڊ ۾
ڦٽو ڪيائينس. پر اتي کڙ کڙ جو آواز ٿيو، ۽ ائنا به
اکيون پٽيون – سمجهيائين ته پاڙيوارا اچي مڙيا
آهن. اَمالڪ، جيئن تيئن پيرن ڀر بيهي، گيوبرٽ کي
ليلائي چيائين، ”هاڻ ماٺ ڪريو متان پوليس وارو نه
اچي سهڙي. پاڙيوارا اڳي ئي پيا دانهون ڪن“.
گيوبرٽ، سڌ نه آهي ٻيو ڪهڙو قهر برپا ڪري وجهي ها، پر جيڪس ڄمار
وڏي هيس، ڪي رٿ جي ڪرم ۾ سندس ڌڪ بجو لکيل ڪونه
هو، ته اوچتو پوليس واري اچي منهن ڪڍيو. مڙس جي
همٿ هارجي ويئي.
پوليس وارو به سنڀري آيو هو، ته اڄ هن کي مارڪٽ ڪندو ڏسان، ته
اَمالڪ گرفتار ڪري، چائڙيءَ تي وڍي وڃانس؛ پر ائنا
پوليس واري سان به مٺو ڳالهائي، قصو ٺاهي ڇڏيو.
پوءِ گيوبرٽ کي ٻانهن کان وٺي، وڃي هنڌ تي
ليٽايائين، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ اڳڙي ٻوڙي، ويهي
لنوندڙي ڌوتائين.
جڏهن ٻيئي وڃي هنڌن تي ليٽيون، تڏهن ائنا ڀيڻ کي چيو: ڏسين ٿي،
وڌيڪ هن گهر ۾ گهاري ڪين سگهبو. تنهن ۾ تون ته کڻي
منهنجي ڳالهه مڃ. ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني. توکي نه
ڪنهن ڏينهن ڦٽي وجهي.
رٿ کي اکين مان پاڻي پئي وهيو. ڀاڪر پائي، ڀيڻ کان پڇيائين:
ڇِڙيو ڇاتان؟
ائنا ورندي ڏنيس: ڀينڙي،ڪڇ نه؛ متان وري نه جاڳي پوي. پر پوءِ؟
اوَل خير ، ته صبوح جو تون ته نڪري وڃ.“
رٿ ڪڇيو ڪين. پرهه ڦٽي پرڀاٽ ٿي، ته سنڀري گهر کان ٻاهر نڪتي.
ڀيڻس ڏٺو،ته هٿ ۾ ڪو تار جو پنو به اٿس.
پڇيائينس: ٻيلاين کي ٿي تار ڪرين ڇا؟ رٿ وات سان
وراڻي ڪانه ڏنيس؛ رڳو ڪنڌ وٺي ڌوڻيائين. پر تار
آفيس ۾ تار ويٺي لکيائين، ته منهن رئي پئي ٿيس. هٿ
به پئي ڏڪيس تار واري کي تار ڏيئي، پٺ تي وري
پئي، ته هلندي هلندي واٽ تي بيهي، پاڻ کان پڇڻ
لڳي: ڪم چڱو ڪيو اٿم؟ ۽ انهيءَ ساهيءَ پاڻ کي
ورندي ڏنائين: چي، ”ٻيون نه، ته وٽس مٿو ته وڃي
لڪائينديونسين. مڙس نيڪ خصلت ۽ درياهه دل ته آهي.“
پوڃاڙين جو، رٿ جا مهل تي ڪم تان موٽي ڪانه، تنهن تي ائنا کي هر
کر ٿي پئي. گهڙيال ڏي نهاري، هر هر پيئي چوي: متان
برنير گهر ئي ته ڪانه، ٽِڪي پيئي؟
سڃ اڃا لٿو ڪونه، ته هڪڙو ڏسڻو وائسڻو ماڻهو دڪان تي چڙهي آيو.
ائنا سندس روشن مان سهي ڪيو، ته ڪير آهي پر پاڻ
اڃا اچرج پئي کاڌائين، ته هن پاڻمرادو سلام ڪري،
پڇيس: ائنا، تون آهين؟
ائنا چيس: هائو.
”رٿ جي ماٽيلي ڀيڻ به تون ٿين؟“
”جي.“
”رٿ کي ته هيڏانهن سڏي وٺ، ساڻس ڪا ڳالهه ڪرڻي اٿم.“
”رٿ سان؟“
انهيءَ گهڙِيءَ ئي هڪڙو ٽانگي وارو ٽَپ ٽَپ ڪندو مٿي
لنگهي آيو. ائنا کان برنڊي گهريائين. تنهن گلاس ۾
پاڻي ڏنيس، ته ڳيت ئي هڪڙي ڏيئي، سارو گلاس چاڙهي،
پئسا پيڍيءَ تي رکي، چيائينس: هاڻ ذرو ناس جو به
ته ڏجانم.
ائنا هونءَ هئي انهيءَ ڪم تي هريل، پر اڄ سُڌ ئي ڪانه
ٿي پيس، ته هٿ ٿڙڪيس ڇو پئي. ٽانگي واري کي ناس
چپٽي ملي، سو ته سڻڪ سڻڪ ڪندو هليو ويو، پر هن
ڏسڻي وائسڻي مڙساڙوءَ جي نِرواڙ ۾ هيڏو سارو گهنڊ
پڌرو ٿي بيٺو.
اتي رٿ به اچي سهڙي، ته هن مڙساڙوءَ جو گهنڊ به اَمالڪ
ويندو رهيو. رٿ کي تپرس به پئي لڳو، پر دل بهار به
پئي ٿيس – چيائينس: هيلڊار !
هيلڊار سندس هٿ وٺي، ڪري چپن تي رکيا. ٻڌايائينس:
تنهنجي تار مون کي ملي، ۽ اَمالڪ اتان روانو ٿيس.
بس، ڳالهه جي صفائي ٿي؟ ۽ اَمالڪ اتان روانو ٿيس.
بس، ڳالهه جي صفائي ٿي؟ داديهن کي ٻڌايو اٿيئي ته
منهنجو توسان ڪيڏو نه نينهن آهي؟
رٿ ڀيڻ ڏي نهاريو، ته ڇا ڏسي، جو وڃي سائي پِيرَ ٿيندي. چُري
پري به ڪانه ٿي، ۽ ڀِت کي ڪري ٽيڪ ڏني هئائين. رٿ
جهڙو ڀائنيو، ته وڃي ڀاڪر پايانس، تهڙو هيلڊار
روڪي کڻي بيهاريس. پڇيائينس: مون کي وراڻي ته ڏي:
سڱ بحال نه؟ رٿ کي اکين مان لڙڪ پئي وهيا. ورندي
ڏنائينس: هائو.
هيلڊار ڳراهٽڙي پائي سنديس اکيون چمي، چيس: تڏهن پنهنجو
مڱڻو ٿي چڪو؟
اتي ائنا ڀيڻ کي ڀاڪر پائي ڪن ۾ پڇيس: مٺڙي، منهنجي
ڪاتر پاڻ ڇو ٿي سهسائين؟
رٿ به ڪن ۾ ئي ٻڌايس: دادي تنهنجي ڪاتر نه، پر
پنهنجي ڪاتر هي ڪم ٿي ڪريان. ڇو ته توکان ڌار آءُ
گهڙي ڪانه گهاري سگهنديس. هاڻ تون آسيس ڪرينم، ته
ور جي سکي ٿيان.
ائنا مٿي تي هٿڙو گهمائي چيس: بابا، شل سهه چوڙين، سهه ماڻين،
ور جي وڏي ٿين. ڪرتار ڪري، ڪڏهن ڪڏهن اک به نه
اُٿيو.
پوءِ هيلڊار ڏي مهڙ ڪري، پڇيائينس: اوهان سمجهو ٿا ته ڪم سياڻپ
جو ڪيو اٿوَ؟ اوهان جو خاندان ڪٿي، اسان ڪٿي !
مون کي جان تان ڊپ پيو لڳي.
هيلڊار ورندي ڏنيس: تون ٻيو ڪوبه ويچار نه ڪر. تون ڀانئين ٿي،
لوڪ مون تي ٺٺولي ڪندو؟ سو لوڪ سان آءُ پاڻيهي پڄي
کائيندس.
ائنا کي تڏهن به پڪ ڪانه ٿي ٿِي. پر وري سندس منهن ۾ نهاري،
ڏاڍي ٺهر سان چيائينس: آءُ سمجهان ٿي ته رٿ کي
اوهان دل و جان سان ٿا گهرو، نه ته جيڪر هيئن سڱ
ڳنڍيوئي ڪين ها. پر هڪڙي مهرباني ڪجو: ساڻس
اوائلي ڌيرج ڌاري هلجو. هيڪر اوهان جي ڀيت تي پئجي
ويئي ته پوءِ آءُ پڪ ٿي ڏيانوَ، اوهان جي رڳ رڳ
ٺاري ڇڏيندي – ڇو ته ”دل سون ورني“ اٿس.
پر تماڪ ۽ بير جي هٻ ۾ بيٺي بيٺي، هيلڊار جا پير نيٺ تپي پيا.
چيائين: آءُ ڀلا هينئر موڪلايان ٿو، جو سوير جو
وري وڃي نوڪريءَ تي چڙهڻو اٿم. پر ”مصري“ رات جو
ئي ٿا کائي ڇڏيون. آءُ جتي لٿو پيو آهيان، اهو هنڌ
چڱو ٿيندو- ٻيو اوهان جي ماٽيلي پيءُ سان ڪنهن
ڳالهه مهاڙ جي صفائي ڪرڻي هجي، ته اها به ٻڌايوم،
ته انهيءَ جو به بلو ڪريان، ڇو ته رٿ جو سنڀاليندڙ
اوس پاڻ هوندو
پر ائنا ٻڌايس: انهيءَ کان اوهان ڇٽا آهيو. اُهو ڪم اسان تي
ڇڏيو.
هيلڊار چيو، تڏهن ته مهرباني. باقي ٻيون خبرون چارون ”مصريءَ“
مهل ڪنداسون. بابي کي به لکي ٿو موڪليان. وهانوَ
تائين رٿ ڪري داديءَ وٽ ٽڪندي.
ائنا پڇيس: وهانوَ جو ٽيڪڙ ڪڏهن تي ٿا رکو؟
هيلڊار ورندي ڏنيس: آءُ ته چاهيان اڄ ٿئي ته سڀان تي نه وجهان،
پر اهو اڃا نبيرو ڪونه ڪيو اٿم. تنهن وچ ۾ رٿ وڃي
داديءَ وٽ ٽڪندي، ته ڀل اتي هري مري، ۽سڌ پويس ته
اٿجي ويجهي ڪيئن. داديءَ جي به گهر واري جو عذر
اڃا تنهن ڏينهن لٿو. دادي گهٽ ڪانه گهرنديس.
رٿ پڇيس: پوءِ ائنا؟
هيلڊار ڏانهنس نهاريو ائين وٺي، ڄڻ سندس ڳالهه سمجهائين ڪانه ٿي
– چيائينس: ائنا؟
پر ائنا وچ ۾ پئي، ڳالهه کي ٺاهي ڇڏيو. هيلڊار کي چيائين: رٿ کي
فهم ئي بهي ويو، ته بابي کي آءُ ائين تڪڙو ڇڏي
نٿي سگهان.
رٿ تنهن تي رڏ ڪڏائي بِيٺي – چي، ”آءُ ائنا کان ائين ڌار بنهه
ڪانه ٿينديس!“
هيلڊار ڳرا هٽڙي پائي، سمجهايس: مٺڙي، ٿوري ويرم ڪاڻ
اوس کانئس ڌار رهڻو پوندءِ.
ائنا به دلاسو ڏنس: ڀينڙي، ڊڄ نه. منهنجو بلو ڀيڻي به ٿي پوندو.
هيلڊار اڃا بيٺوئي هو، ته مٿان گيوبرٽ اچي نڪتو.
پر جيتوڻيڪ نشي ۾ ٽاٽ هو، ته به هيءَ جا نئين صورت
ڏٺائين، سو اکيون ڦاڙي، بيهي ڏانهنس نهاريائين.
هيلڊار پهرين ته دوس ئي ڪونه ڏنس. پر هن جو واڪو
ڪري هيلڊار کان پڇيو: ڪير آهين؟ ۽ هيلڊار جو
ڏٺو،ته هن آئي، ٻيئي ڀينر سهمائجي ويون آهن، تڏهين
اَمالڪ راز سهي ڪري ورتائين.
هيلڊار کي بڇان اهڙي آئي، جو رٿ کان موڪلايائين به ڪين ٿي، تڪڙو
تڪڙو هيٺ لهي ٿي ويو. پر وري جو گيوبرٽ شرطائي
چيس: هون ! رٿ جو سريتو آهين ! تڏهين پير جهلي، رٿ
کي هٿ کان وٺي، ٻڌايائينس: آءُ هن جو مڱيندو
آهيان.
گيوبرٽ ٽنگون ڦاڙيو، تپرس ۾ ئي پئي ڏانهنس نهاريو، ته ائنا
هيلڊار کي منٿ ڪئي، ته اوهان پاڻ روانا ٿيو؛ سو ته
رٿ کان موڪلائي هليو ويو. پر گيوبرٽ اچي ڌين تي
مَٽيو.
ائنا رٿ کي ته اَمالڪ اندر موڪلي ڏنو؛ پوءِ پاڻ ويهي پيءُ کي
ڳالهه سمجهايائين. پر هن جي مٿي ۾ ڳالهه ويهي ڇو
ٿي؟ ائنا کي پيو چوي: رَ... ڌوُتيون ڌڳڙيون! مون
کان لڪائي لڪائي منصوبا پيون سٽيو. سمجهيو ائين
ٿيون، ڀانءِ ته آءُ مري ويو آهيان!
ائنا اهو ئي پيئي اُتر ڏئيس: بابا، ڳالهه، ڳالهه سان ڇٽندي.
اوهان تپو نه. اڃا مائٽي چري اڄ آهي. اوهان جي
موڪل ڌاران اسين پير کڻنديوسين ڪو نه. پر هن جي
مٿي ۾ هو جو اُٺ ويٺو، سو اتان نڪري ڪيئن؟
نيٺ ائنا ٻڌايس ئي پئي، ته هيلڊار ڪهڙو آڪهائتو بڻائتو آهي، ته
هن ڇا ڪيو، جو پيڍيءَ تان بير جي ڀريل ٻاٽلي کڻي،
ٺڪ منهن ۾ ڦهڪائي ڪڍيائينس ! ائنا جا ڪپڙا سارا
بير ۾ ڀڄي ڀت ٿي ويا، ۽ پاڻ به نراڙ مان رت
ڳاڙيندي، ڦان ٿي ڪري پيئي. مٿي کي اهڙو چڪر پيئي
آيس، جو ڀانئيائين اجها ٿي دم ڏيان. اکيون اُپٽجنس
ئي نه، ۽ ساهه به بند ٿي ويس. اتي ئي ڪوٺيءَ جو در
کليو، ۽ بي سرتيائيءَ ۾ ئي ائنا ٻڌو، جو گيوبرٽ کي
هڪڙو ڌڪ لڳو، ٻيون ڌڪ لڳو، جو به رڙو رڙ ڪري،
پٺيءَ ڀر ڪري پيو!
ائنا زور ڏيئي، جيئن تيئن اکيون کوليون، ۽ گيوبرٽ کي
ڇڙيون هڻندو ڏسي، پڇيائين: ڇا آهي؟
رٿ کي هٿ ۾ ٿلهو ڏنڊو هو، ڀيڻ سان ڳالهه ڪيائين: ڏنڊا
مون هنيامانس – نه ته توکي آڦٽ ماري وجهي ها!
”ڇوڪري، تو هي ڪم ڪن سندو ڪيو؟“
”تڏهن، ڇڏي ڏيانس، ته ڀل توکي خون ڪري وجهي؟“
”چڱو مون کي کڻي ڪرسيءَ تي ته ويهار. پاڻي ڍڪ به ڏينم.
مٿو پيو جنڊ وانگر ڦرينم.“
رٿ ائنا کي ڪرسيءَ تي ويهاريو، ۽ پاڻي به ڏنائينس. پر
ائنا جو چتائي گيوبرٽ جي منهن م پئي نهاريو، سو
هيءَ ڏڪي پئي – پڇائينس: مري ته ڪونه ويو؟
ائنا به سهڪي پئِي – چيائينس: رٿ، اهڙي ته ڪا وائي نه ڪڍ.
پوءِ پير پير ۾، اچي گيوبرٽ جي نار ڏٺائين. نار هن جي
هلي پئي، تڏهن وڃي پيٽ ۾ ساهه پيس. رٿ کي چيائين:
هاڻ آءُ ته کڻي کٽ تي سمهاريونس.
پر رٿ ورندي ڏنيس: ٻيون جيڪي چئين، سو ڪريان. انهيءَ
مرونءَ کي آءُ هٿ ڪونه لائينديس.
ائنا سمجهايس ته وري به اسان جو پيءُ ٿئي؛ هيترا
ورهيه اسان کي پاليو نپايو اٿس. ٻيون به پاڻ بڇڙو
ٿيو، ته ان لاءِ اسان کي حق ڪهڙو، جو اسان ساڻس
وير ڀاءُ رکون؟ اسان تي ڏنڊ ڏوهه آهي، جو هن ويل
اسان سندس ٽهل نه ڪريون. لائق انسان کي ته جڳائي،
جو پاڻ سان ئي وڙهي، ته پريکيا مهل سندس رهجي
اچي.“ تڏهن لاچار ڀيڻ جي ڳالهه مڃيائين.
گيوبرٽ کي اُٿاري هنڌ تي سمهاريائون، ته هن به اک پٽي،
۽ سامت ۾ آيو. پوءِ ته ستت ننڊ کڄي ويس، ۽ سج
اڀرئي تائين ڦوڪون پئي ڇڏيائين.
جوت ٻري، سنجها ٽري، ته رٿ ڀيڻ کان پڇيو: هاڻ ڇا ڪجي؟
ڀيڻس چيو: در بند ڪر ته ٻڌايائين.
رٿ در بند ڪري، ۽ بتيءَ جي وٽ کي سوري وري اچي اڳيانس
ويٺي، ته آواز ڳورو – چيائين اڄ رات تنهنجي
”مصري“....
پررٿ وچ ۾ جهليس: ائين نه ڳالهاءِ. منهنجو من ٿو منجهي.
”ڀينڙي، تون ڪم چڱو ڪونه ٿي ڪرين.“
”دادي، ماني ته مانيءَ ته ٿڦي پيئون کائينديونسين؟“
”ڀينڙي، تنهنجو ڪو اتي هرک هاريل هجي، ته آءُ جيڪر
ويچار ڪريان ئي ڪونه. سمجهان ٿي، ته تون پنهنجي
وسؤن گهٽائيندينءَ ڪانه. گهوٽ جون رڳون چڱيون
ٺاريندينءَ. پر پريم جي اُسترڳيءَ ڌاران تون به
سندس ڪاتر جيڪي مروٽا کائيندينءَ، تنهن مان توکي
جَس ته ايندوئي ڪونه. تنهن وچ ۾ ڀڳوان نه ڪري، جو
هن جي دل به آڻاٽجي وڃي، ته ڄاڻين ٿي، نوبت ڪٿي
وڃي رسندي ! ڏٺءِ آتا ولائِي منجهس ڪيتري هئي؟
ڀانئي ته جيڪي طلبيان سو تيار رکيو هجي. هو پاڻ ته
هينئر توکي دليون جانيون گهري ٿو؛ پر تون ....؟“
”مون کي به دادي، پاڻ ڏاڍو وڻي پيو. ٻيون به دل شاهدي
پيئي ڏئيم، ته ڦِٽنداسون ڪڏهن ڪونه. ستت ئي هڪٻئي
جي ڀيت تي پئجي وينداسون. پر دادي، تون هي ڳالهيون
ڪري، منهنجي دل تي ٻيا فهم ڇو پئي وجهين؟“
”گهوري وڃانس ! مون ڀينڙي، چيو ته ڀل ٻڌائي ڇڏيانءِ، ته
وهانوَ جهڙي سنڪسار ۾ ماڻهو آڳو پيڇو جاچي هليو،
ته کاٻاربو ڪين. گڏي گڏيءَ راند ڪانهي: وڏي سرَ تي
جوابداري ٿي کڻجي. پاڻ چڱو لائقن ڀريو انسان ٿو
ڏسجي. پر سوال آهي، ته لوڪ هيڏي جا سندس لائي چائي
ڪندو، تنهن کي پاڻ مڙس ٿي منهن ڏيئي سگهندو؟ مون
کي ڏاڍو ڊپ پيو ٿئي، ته متان ڍڍر نه ڍرا ٿي پونس.
پوءِ پاڻ مورڳو جيوت مان ٿي نه ڪَڪ ٿي پوي!“
”اهو چيائين ڪونه، ته سڀ ڳالهيون ڳڻي ڳوتي، پوءِ وات
وڌو اٿم؟ ٻيون به، اکيون پوري ڪم ڪونه ٿو ڪري.
ٻڌايو ڪين مانءِ ته ڪيترا ڏينهن ته پاڻ منهنجي
منهن تي ئي ڪين چڙهيو. پر نيٺ، جڏهن سمجهائين ته
مون ڌاران سندس نٿي سري، تڏهن اچي دل جو راز
مليائينم. منهنجي تنهن ڪري دل لوڏوئي ڪانه ٿي
کائي.“
”تون سچ ٿي چوين. پر ڀينڙي، دنيا ۾ اهڙا جيوَ ڪين پيا
آهن ڇا، جي پهريائين ڏيکاري ڏين، جو ڀانءِ ته پريم
صدقي پاڻ ڪهڙو لَڪ به لنگهي ويندا، پر جڏهن ڪا
گهاٽي گهڙي اچي مٿان پوين، تڏهن سَٽ جهلي ڪانه
سگهن؟ آءُ هونئن جيڪر ڀيٽ ڪريان ئي ڪانه. پر
آلڊينهوفر نالي جيڪي تو مون کي لکيو هو، تنهن مان
جيڪر آءُ چوان، ته اهڙو جيوُ جيڪڏهن مون کان اچي
تنهنجي ٻانهن گهري، ته پوءِ آءُ هيڏي حجت دليل
هلايان ئي ڪانه – هيلڊار به ماڻهو برابر نيڪ نيت
آهي، پر دنيا جي رنگت اتس جان تان سرسيري چڙهيل
آهي. ٻيون اکين ۾ سندس نهارجي ٿو، ته منهنجيو
پئجي. سڌ ئي ڪانه ٿي پوي، ته منجهانئن ڀاوَ جو
شعاع پيو ڇڻي، يا منجهن سچي شهادت پيئي بکي !“
[9]
”ٻڌءِ؟ رٿ ۽ هيلڊار مڱيا اٿيئي !“
”ٿيڻي نه آهي.“
”اجهو مڱڻي جو ڪاغذ – پڙهي ڏس. هيلڊار جي صحيح چِٽي پيئي ڏسجي.“
” مون کي ته ڳالهه دل سان ئي نٿي لڳي.“
”تڏهن ڀانءِ ته اسان سان مسخريون ٿو ڪري ڪيئن؟ خط پاڻ پيو
ڳالهائي.“
”پر هيءَ جوڙي به نه ٺهي. هڪٻئي جي ڀيت تي پوندائي ڪين !“
”ڇو؟ هيلڊار پاڻ هرکيو – هينئر مون کي ڏاڍو پيو وڻندو. آءُ ساڻس
آئيندي آئٽنديس به ڪانه. اسان جي رٿ سندو جو گهوٽ
ٿيو !“
”پاڻ ۾ ڏٺائون وائٺائون ڪهڙو؟ ڪم تڪڙ جو ڪين ڪيو اٿن؟“
”ڇو؟ سنجهه صبوح پاڻ ۾ گڏ هوندا هئا: پوءِ اڃا به چي، پاڻ ۾
ڏٺائون وائٺائون ڪهڙو؟ ٻيون به دل ڦاسائيندي آهي
هڪڙيءَ نِهار سان؛ ان لاءِ مدتون ٿوروئي کپن!“
ٻنهي ڀينرن ائين ويٺي پاڻ ۾ اوٽيو موکيو، ته مٿان پڻهن به آيو.
ايوا ڳالهه ڪڍيس، ته تپرس ٿوڙو ڪونه لڳس.
ايوا شرطائي پڇيس: بابا، اوهان ڇا ٿا ڀائنيو؟
ورندي ڏنائينس: مڱڻي جو ٿي پڇيم؟ هڪٻئي جي ڀيت تي پئجي ويا، ته
جهڙن سکي ٻيون لڀندو ئي ڪونه.
”اوهان ڀانئيو ٿا ته هيلڊار رٿ جي رڳ سهي ڪري سگهندو؟“
” ڇو نه؟ رٿ جو سڀاءُ ڏونگر مٿان وهندڙ نهر وانگر صفا اوجل آهي،
پوءِ اٽڪ ڪهڙي ٿينديس؟ پر توکي ڳالهه ڇو نٿي وڻي؟
پاڻ آسيس ڪرين ته پاڻ ۾ سدائين کير کنڊ ٿي هلن.
پريم سندن سدائين قائم رهي !“
پر ٽپ وڏا ماسيس ٿي ڇڏيا – چي، ”ڇوريءَ گهٽايو ئي ڪينهي ! ههڙو
ٽسينگ ليٽائي وڌائين ! هوڏانهن ڏهاڙي ڀڳي به تڏهن
بيٺي هوندي هئي ! پاڻ چڱو، اِهوئي اسان جو پاسو
چڙهيو. اسان جي ڪل جو ناماچار وڌيو. اڄ ماڻهو پڇن
به نالي کي ٿا. هاڻ رٿ کي به گيوبرٽ وٽ ڪونه
ڇڏيو. ڏينهن اڌ ۾ هتي گهرائي وٺبس. هيلڊار تي به
ٿڌو ٿورو ٿيندو. اسان به پنهنجو پاڻ ملهائينداسين
!“
ڌيڻس ماءُ جو پڏڪو ڏسي، مشڪيو پئي، پر ڪڇيائين ڪونه ٿي. ماڻس
جڏهن چيو: هنن خاندانين کي نه ته اسانجو پاڇو ڪونه
وڻندو هو، هاڻ اسان جي وٽن اچڻ وڃڻ جي واهه ته
کلي، تڏهن ماءُ کي سمجهايائين ته ”امان خوش نه
ٿيءُ، اسان کي هي ماڻهو پنهنجو شاني شريڪ پوءِ به
ڪين سمجهندا.“
”ڇو ڪين؟ رٿ جي ماسي، جيجل ماڻس جي سڳي ڀيڻ. رٿ جو ٻيون ڪو سڱ
ڪو سياڪو، جنهن سان هي ملهندا مرڪندا؟ گهوٽهِن کي
به ٿي ٻڌايان ته هيلڊار سان هينئر اسان جو ڪهڙو
ناتو ٿيو. “
”تون پاڻ ئي پيئي پَڏ. هن سان ڳالهه نه ڪڍج. هو هونئن به مون کي
گهٽ ڪونه ٿو گهري. باقي رٿ کي آءُ واڌائي موڪليان
ٿي، ۽ لکانس به ٿي ته اَمالڪ هيڏانهن هلي اچي. “
آلڊينهوفر کي هيلڊار جو ڪاغذ مليو، تنهن ويل پاڻ ماڙيءَ جي
دريءَ وٽ بيٺو هو. ڪاغذ پڙهي، اکيون کڻي سمهينءَ
دريءَ منجهه کپايائين. رٿ جي وِيئي کان پوءِ گلن
جون چڪيون ته ماساتيس کڻي ڇڏيون هيون، ۽ دريءَ جا
طاق به ٻيڪڙيا پيا هئا، پر عالم رويا ۾ ڪا ته مورت
هن ڏٺي پيئي، جو ڪا وريم اُتان اک ئي ڪانه
ڦيرايائين – نيٺ ڪاغذ دريءَ تي رکي، اکرن جي مٿان
آڱر ائين وٺي گهمايائين، ڄڻ ڪو نالو ٿي ڊاٺائين.
[10]
”ڏهه مهينا به ڪين ٿيا، هن هنڌان ٻيئي گڏ گاڏيءَ ۾ چڙهيا
هئاسين، تنهن وقت ڪنهن ٿي ڀانئيو ته اڄوڪي ڏينهن
آءُ سندس آجيان لاءِ هيئن اچي منتظر بيهندس؟
ورڌاتا جو لکيو !“
”پر هوءَ ڪير پيئي اچي؟“
”اڙي، ڪالروٿ !“
”هيڏانهن سندس ڪم ڪهڙو؟“
”رٿ جي هن کي ڪهڙي سڌ؟“
”رات جو ڪلب ۾ مون ڳالهه ڪڍي هئي، اُتان ٻڌو اٿس.“
- ”رٿ کي اسان بروقت ئي لکي موڪليو هو، ته هاڻ اسان وٽ هلي اچ،
پر پاڻ ڳالهه نه مڃائين، الائجي ڇو؟
”آءُ ڀانئيان ٿو، ته داديس جهليو هوندس. مون نه ته پاڻ
اها سٽ سٽي هئي، ته خير جو وهانو ٿئي، تيستائين رٿ
اچي داديءَ وٽ ٽڪندي. پر بابي ۽ داديءَ سان رڳو
مائٽيءَ جي ڳالهه ڪڍيم، ته اچي ورائي ورتائونم،
تڏهن اُهو خيال ئي لاهي ڇڏيم. پوءِ به منهنجي مرضي
اهائي هئي، ته رٿ وڃي ڪنهن مڪتب ۾ ضروري تربيت
وٺي. پر ائنا ڀڃڪڙي وڌي – چي، اهڙي تربيت برنير به
ڏيئي ٿو سگهيس، جنهن وٽان ٻيون انڇر به پرايو
آهيس. آءُ هونئن جيڪر پنهنجيءَ ڳالهه تي زور رکان
ها، پر رٿ جي پاڻ مرضي ڪانه ڏٺيم، جو ائنا جو پاسو
ئي نٿي ڇڏيائين. تنهن وچ ۾ سو آءُ پنجين – ستين
ڏهاڙي شهر ۾ وڃي، کيس پيو گهمائي گهتائي ايندو
آهيان. ناٽڪ ئي ٿيو، ناچ ئي ٿيو – جتي ڪٿي وٺي
وڃانس، ته ڀلي ڀوم پويس. مجلس ۾ چڱي پئي سونهي.
اڃا به ڪپڙا سادا ٿي پهري؛ تنهن تان آءُ جان تان
پيو وچڙان. تنهن ۾ تون جيڪر هڪڙي مون سان ڀلائي
ڪرين، جو سمجهائينس، ته آءُ سوکڙيءَ پاکڙيءَ طور
ڪجهه ڏيانس ته مون کان کڻي وٺي. منهنجي ته ڳالهه
ئي ڪانه ٿي ٻڌي - گهڻيائي منٿ زاري ڪئي ٿيمانس،
گهڻي ئي زور لاتا ٿيمانس، اصل پير ئي نٿي کوڙي.
آءُ ڄاڻان ٿي، اوهان کي اهڙو جهڙو وڳو وڻي ئي ڪونه.
ٽهڪندي وڳي سان گهڻي دل اٿوَ.
”هتي ٽهڪندو ته گهوريو، پرشائستو ته هجي. منهنجو خاندان
ڪهڙو ! تنهن ۾ مون سان سڱ ڳنڍي، پاڻ هيئن لڳڙ پيئي
گهليندي، ته ڳالهه ڪا ٺهندي؟ في الحال ٻه – چار
ديداري پوشاڪي وڳا هجنس ته ڪم پيو ٽپيس – تون
سياڻي آهين. ڪيئن به ڳالهه تي بهارجانس. تون پاڻ
ئي وٺي ڏينس. پئسا آءُ ڀريندس. رٿ کي انت کڻي نه
ڏج.“
”رٿ مڃينديائي ڪانه، آءُ به لڪائي اهڙو ڪم ڪريان به
کڻي، پر سڌ پئجي وڃيس، ته پوءِ گهر مان ٻه گهر ڪري
ڏئيم، تنهن ڌاران، داديس کي به مهڻو لڳندو“
”داديس به هڪڙو اچرج جهڙو جيو ٿي ڏسجي. ڄاڻائي ائين
پئي، جو ڀانءِ ته آءُ ڪو کائن مٿي ڪونه آهيان. هڪ
لڱا ته ان باري ۾ وڏو وعظ به لکي مڪائينم.“
”اها به اڃا گيوبرٽ وٽ رهي پئي آهي ڪيئن؟“
”هائو. مون سندس ڪاتر ٻيو بلو ڪيو ٿي، پر ڳالهه نه مڃائين.
گيوبرٽ ڪو بيمار ٿي پيو هو. تڏهن ڪا کائنس منهنجي
مائٽي قبول ڪرائي هئائين، تنهن لاءِ چئي ٿي، سندس
ڳڻ ڪين وساريندس.“
اتي گاڏيءَ سيٽي هنئي، ۽ گاڏي پاوُ پلڪ ۾ ڦهه ڦهه ڪندي.
اچي پليٽفارم تي بيٺي. هيلڊار تڪڙو تڪڙو وڃي، گاڏي
۾ نهاريو – رٿ ٿرڊ ڪلاس ۾ ويٺي هئي. دروازو کولي،
جنسي ڪري هنج ۾ کنيائينس. سامان سڙو به گاڏيءَ مان
سندس پاڻ لاٿائين.
هيلڊار سنديس ٻانهن ڪري ڪڇ ۾ جهلي. اسٽيشن تي ڄڻي ڄڻي
ڏانهن پئي نهاريو. هيلڊار سرهو پئي ٿيو – جو
ڏٺائين ته منهنجي ٻانهن سڀن کي وڻي پيئي.
اسٽيشن جي ٻاهران ٽپال وارن جي گاڏي بيٺي هئي. رٿ ان
ڏانهن اشارو ڪري پڇيس: هوءَ گاڏيءَ ياد پوئي ٿي؟
هيلڊار مشڪيو پئي، ورندي ڏنائينس: انهيءَ ڀاڳن ڀريءَ ۾
ته هڪٻئي سان سهي ڳهي ٿياسين. پر اڄ انهيءَ ۾ ڪونه
ٿا چڙهون: آلڊينهوفر کان سندس ٽانگو وٺي آيو
آهيان. هلائيندس به آءُ پاڻ، جنهن ڪري ٻيو ڊپ ڊآءُ
آهي ئي ڪونه.
اتي ڪالروٿ اچي ڀرسائن لنگهي. هيلڊار رٿ کان پڇيو:
سڃاڻينس ٿي؟
رٿ ڪنڌ سان اشارو ڪيس – ”ها.“
هيلڊار چيس: ڏس، ڪهڙي نه پوري وقت تي اچي مُنهن ڪڍيو
اٿس؟ اڳئين ڀيري به انهيءَ جي صدقي ئي مون کي پتو
پيو، ته تون برابر ڏاڏيءَ حوا جي پوٽي آهين !
رٿ کي ڳالهه ياد آئي، ۽ وٺي مشڪيائين.
ماساتيس پڇيس: ائنا ڪيئن آهي؟
ورندي ڏنائينس: اُها ويچاري اڃا اُتي ٻڌي پيئي آهي. پر
ڀانيان ٿي، ته وهانوَ کان اڳي اچي هتي سهڙندي.
چارلس به ائين ٿو چاهي. ڪيئن، برابر نه؟
هيلڊار چيس: جنهن ۾ تون راضي.
گاڏيءَ ۾ ويٺا، ته ماساتيس منهن ۾ نهاري، پڇيس: وري منهن سان ڇا
ڪيئي؟
ورندي ڏنائينس: شهر جي هوا هينئر ڀانئي ئي نٿي پويم. ٻيلي
ڌاران ڏاڍو وياڪل ٿي گذاريان. اڄ وري ڀانئيان
پيئي، ته بت ۾ نئون ساهه اچي پيو اٿم.
هيلڊار چيس: تڏهن ٻيلي سان اصل دل ٻجهي ويئي اٿيئي؟
ورندي واريائين: تنهن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي. ڀانئيان ته پاسو سندس
ڇڏيان ئي نه.
”ڏسين متان ٻيلي جي نينهن ۾ آءُ ياد ئي نه پوانءِ. مون کان ته
وڌيڪ ڪونه ٿي گهرينس؟“
”سچ نه پڇو، ته اها مون کي پاڻ سڌ ڪانه ٿي پوي !“
”تڏهن نئين سر وري ويهي توکي پرڀايان؟ ڇهه مهينا مڱئي ٿيا
اٿئون، سي جيڪس پورا نٿي سمجهين؟“
”ائين نه چئو.“
”تو کان مٿي آءُ ته ڪنهن کي ڪونه ٿو ليکيان ! تون به مون کي
اوتروئي گهر نه ! پيءَ ڪنهن بيجان شئي سان ئي تون
گهڻو آر رکندينءَ، ته مون کي پيو حسد ٿيندو. تنهن
۾ پنهنجو سمورو پيار مون کي ئي ڏي ! مون کان مٺو
ٻئي ڪنهن کي به نه ڪر !“
رٿ جي ڳلن ۾ لالائي سا اچي ويئي؛ پر وات سان ڪڇيائين ڪونه.
ماساتيس تنهن تان هيلڊار کي چيو: اوهان جي گهر
واجبي آهي. رٿ اوهان جي ئي رهندي. پر اڃا ٻار آهي،
تنهن ۾ رکو ته هري مري ويندي.
هيلڊار ورندي ڏنيس: اهو ته آءُ به ٿو سمجهان
وري رٿ ڏي مهڙ ڪري چيائينس: هينئر جيترو ٿي سگهيئي،
اوترو منهنجي سنگ ۾ ئي رهج ڪج. ٻيلاين وٽ وڃڻ کان
به آئيندي پير جهلجاءِ؟“
رٿ وائڙي ٿي ويئي – ويسهه ئي نٿي آيس، ته هيلڊار ساڻس
ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ڪئي. تنهن هوندي به پڇائينس: ڇا؟
ٻيلاين وٽ ٻئيندي نه وڃان؟
”نه، ڇو ته هو نيٺ به ٻيلائي ٿيا. تون هينئر منهنجي
ڪنوار آهين ! تنهنجو وٽن ريل ڇيل وڃڻ ٺهندو ئي
ڪونه. ٻيو به آءُ جو سڄو سارو ويٺو آهيان. ٻيلي ۾
ڏهاڙي آءُ پاڻ توکي وٺيو هلندس.“
”اوهان سان منهنجو سڱ ٿيو، تنهن ڪري آءُ ساڻن ناتو ٽوڙي
ڇڏيان ! مون کان اهڙي بيمحابائي ڪانه پڄندي!“
”مون جيڪا ڳالهه ڪئي، تنهن کان مڙندس ڪڏهن ڪونه، تنهن
جو خيال رکج.“
اهي اکر هن چيا ٿي، ڄڻ ته ڪنجهو ٿي وڳو؛ جيتوڻيڪ ٻاهران
کليائين پئي.
رٿ جو منهن روئڻهارڪو ٿي ويو. تڏهن ڏانهنس نهاري،
پڇيائينس: پياري، منهنجي ڪاتر تون ساهيڙي سڌ به
ڪانه سهسائي سگهندينءَ؟ آءُ پاڻ جيڪر تنهنجي صدقي
ڇا نه ڪريان!
رٿ ماٺ ۾ ئي رهي - ۽ ڪا ويريم هنن ٻنهي وري پاڻ ۾
ڳالهايو ئي ڪونه. الائيس ٻه – چار ڀيرا ڪوشش ڪئي،
ته ڪٿي هنن جو روسامو لاهيان؛ پر وريوئي ڪونه.
اتي ڇو نه پريان پريان، ائنا تي رٿ جي نظر پئجي وڃي-
هيلڊار هيترو سمجهايو هوس، تنهن جي سنڀار رهيس ئي
ڪانه- لغام ۾ هٿ وجهي، گاڏي ڪري بيهاريائين؛ ۽
خوشيءَ ۾ ڀرجي، وٺي رڙ ڪيائين: ”ائنا ! ائنا !“
هيلڊار به سور پي ويو. رٿ لهي هيٺ ٿي.
ائنا کي هٿن ۾ پنڊي هئي، اُها ڪري پٽ تي رکيائين؛ ۽ ڊوڙ
پائي، اچي رٿ کي ڀاڪر پاتائين.
خير! ائنا ته وري پنڌ پيئي، ۽ هيءَ وري اچي گاڏيءَ ۾
چڙهي. گاڏي هلي، ته ٿوري ويرم رکي، رٿ هيلڊار کان
نماڻائيءَ سان پڇيو: اوهان کي جيڪس منهنجو هي
نمونو نه وڻيو؟ مون تي ڏمريا آهيو؟
هيلڊار ڏانهنس نهاريو ڪونه، باقي کري آواز چيائينس: تون
اڃا ٻار آهين. ڳالهه کي سمجهين ڪانه ٿي – مهميز...
”مهميز نه: پيار، قرب !“
پر پيار آءُ ڪونه ٿو ڪريانءِ ڇا؟ ڇا ۾ ٿو گهٽ گهرانءِ؟“
اوهان برابر مون کي پيار ڪريو ٿا، پر اوهان پنهنجو
پيار، پنهنجي ڪاتر ٿا مون کي ڏيو ! هي جهانگي
ويچارا، مون کي منهنجي صدقي، ٿا قرب ڏيکارين.“
اُنهي ڏينهن هيلڊار ٽپهري به ماسيس جي گهر ڪئي. سج به
مرڪيو ٿي، تڏهن رٿ کي چيائين: ٻيلاين وٽ آءُ به
توسان گڏيو هلندس.
رٿ ڏاڍي سرهي ٿي. وات مان نڪري ويس: سچ؟
هيلڊار مرڪي وراڻي ڏنيس: اڄ کان وٺي ڪنهن وٽ به وڃڻو پيو، ته
ٻيئي گڏيا هلنداسين.
رات پيئي ته رٿ دريءَ وٽ بيهي، سندس جاءِ ڏي نهارڻ لڳي
– دل ۾ پئي چيائين، ”سو نيٺ منهنجو سپنو سچو نڪتو“
! هيڪاري دل ٽپا ڏنس، جو ڄاتائين ٿي، ته بابو سرڳي
به انهيءَ جاءِ ۾ رهندو هو، ۽ وري امان جيجل به
هتان ئي بيهي، ڏانهنس نينهن ڀريا نياپا موڪليندي
هئي.
[11]
خير جو ٻيون ڏينهن ٿيو، ته هيلڊار سويروئي اچي سڏ ڪيس. کيس
پنهنجي عملداري پوشاڪ ڍڪي پيئي هئي، سو چيائينس:
معاف ڪج، جو هي وڳو پهريو اٿم. هن ۾ آءُ پاڻ کي
ڏاڍو خوش سمجهندو آهيان.
رٿ ته ساڳي ڪلهوڪي گهگهري ڪري ڍڪي هئي. هيلڊار سندس پوشاڪ ڏي
چتائي پئي نهاريو، ته الائيس کي اچي ڪالهوڪي ياد
گيري پيئي، تنهن رٿ کي چيو: تون هيلڊار جي ڪنوار،
تنهنجي منهن تي ههڙي گهگهي پوي ئي ڪانه ٿي وري ڪو
مڻيو منڊي، ڪو در والي؟ هيئن ته ٻسي پيئي لڳين.
ٻانهون به هيڏيون لپڇڙ ڪو سونهن ٿيون ڇا! ڪتري
ننڍو ڪري ڇڏين، ته ڪير تنهنجو ٻانهون ته ڏسي
وائسي. ٻانهن ۾ به ٻيون نه، ته چوڙائي کڻي پاءِ!
رٿ هٻڪي پئي، ورندي ڏنائيس: نه، نه ! مڻيو منڊي آءِ پائينديس ئي
ڪانه –
هيلڊار پڇيس: پر آءُ جي چوانءِ ته پوءِ ؟ چوڙا آءُ ٿو تو کي
گهڙائي ڏيان. هاڻ ته اها سوکڙي وٺندينءَ؟ هيلتائين
ته ائنا اجائي هوڏ ٻڌيو ويٺي هئي، جنهن ڪارڻ اها
سڪ سواد مون ڪئي ڪانه ٿي.
”منهنجي منهن تي اهي مڻيا پوندائي ڪين !“
”ڳالهه ڪي کل ! آءُ تڏهن توکي هر هر پيو ياد ڏياريان ڇا، ته تون
منهنجي هاڻ ڪنوار آهين، تنهن ۾ ويس وڳو آبائتو
مانائتو ڍڪيندي ڪر ! آءُ ڀلا الائيس کي ٿو
سمجهايان. اها ٿي ٻه – چار وڳا ۽ هڪڙو – اڌ ضروري
مڻيو وٺي ڏئيئي.“
الائيس به هيلڊار کي وٺايو – چي، ”گهوٽهن سچ ٿو چوي. ڏهاڙي
ڏهاڙي اهائي هڪڙي گهگهري پائي ساڻس گڏ اندر ٻاهر
پيئي ايندينءَ ويندينءَ، ته ماڻهو ڇا چوندا؟“
هيلڊار اتي چيو: خير انهيءَ کي ڏينهن – اڌ ۾ ڏسي وٺبو – پوءِ رٿ
کي اشارو ڪيائين سا دستانا ڍڪي، اچي ڀرسانس بيٺي.
جڏهن شهر جو دنگ ڇڏي ٻيلي جي سڙڪ تي ٿيا، تڏهن
هيلڊار ٻڌايس: ڏٺءِ، ماڻهن ڪيئن نه پيئي پاڻ ڏي
نهاريو! هاڻ تون اها ساڳي رٿ ڪانه آهين. مون سان
جو تنهنجو پلؤ ٻڌيو سو اڪثر ماڻهو هي تنهنجا لڳڙ
ڏسي، ورجائيندا ته سهي، تنهن ۾ منهنجو چيو موٽاءِ
نه، ڪپڙو لٽو زيبائتو ڍڪيندي ڪر. الائيس کي
آءُ....
پر رٿ وچ ۾ ئي روڪيس – چي، ”چارلس ! اها نڪ وري متان واتان ڪڍي
آٿو. مون سان پيار اٿوَ، ته انهيءَ ڳالهه تان لهي
وڃو.“
”ڏاڍي ڪا زوراور آهين ! هي لڳڙ پيئي گهليندينءَ ته مون کي ڳالهه
ڪيئن وڻندي!“
”اوهان کي تڏهن گهڻو رڳو ٻاهريون ڏيک ويک گهرجي؟“
”تنهن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي؟ خصوصاً تون جا منهنجي مڱ ٿينءَ، سو مون
کي ته ڏاڍو ويچار ٿو ٿئي.“
”آءُ اوهان کي ڇا چوان؟ پر آءُ به ٻڌائي ٿي ڇڏيانو، ته آئيندي
آءُ اهڙي ڳالهه ٻڌنديس به ڪانه.“
”تنهن جو مطلب ته تون مون کان سوکڙي پاکڙي به ڪانه وٺندينءَ؟
”بنهه نه !“
”هيلتائين آءُ سمجهيو ويٺو هوس، ته ائنا ٿي جيڪس توکي اهڙا فهم
وجهي. جيڪس پورالي....“
”اوهان وڏي ڀل ٿي ڪئي، منهنجي دادي پور پچائي ڄاڻي ئي ڪانه. مون
کي ڌڻيءَ پنهنجي سمجهه ڪانه ڏني آهي ڪيئن؟ آءُ
جيڪڏهن وهانو کان اڳ، تر جيتري ڪري اوهان کان
سوکڙي وٺان، ته منهن هوند پيو چهنڊڙيون پائيم،
اندر وارو پيو شرمائيم.“
”تڏهن وهانو سويل ئي ڪري ڇڏيون؟“
”هائو، وهانو ۾ سيڙاپو نه وجهو!“
هيلڊار هيءُ وراڻي ٻڌي، ڏانهس اچرج ۾ پئي نهاريو، ته وري
چيائينس: ڀلائي اوهان جي، ائنا جي صدقي وهانو جو
ترت تدارڪ ڪريو! تنهن تان هيڪاري هيلڊار وائڙو ٿي
ويو. منهن ۾ گهنڊ وجهي، پڇيائينس، وهانوَ آءُ
توسان ٿو ڪريان، يا ائنا سان، جو ائنا جو واسطو ٿي
وجهيم؟ هر هر وچ ۾ ائنا جي ڳالهه ٽپايو آڻين !
ڄاڻان ٿو، ته داديهن سان ڏاڍي دل اٿيئي، پر انهيءَ
دل مان مون به ته ڪجهه لهڻو! ڪين آءُ ڳڻت ۾ ٿي
ڪونه آهيان؟
”منهنجا مٺا، هي ڇا ٿا چئو!“
ائين چئي، منهن پنهنجو ڪري سندس هيانءَ تي رکيائين. رٿ جو
پاڻمرادو ساڻس هي سهج ڪيو، تنهن هيلڊار جو اندر
ٻاهر ٺاري ڇڏيو. ڀانئيائين پئي، ته ڄڻ سرڳ ڌام جو
اوج ويٺو ماڻيان. امالڪ وٺي سندس اکيون ۽ هٿ
چميائين، ۽ ڀاڪر ۾ جنسي چيڀاٽي، چيائينس پياري،
هيتري لاءِ ته آءُ سڪيس پئي ! نيٺ پنهنجو وڙ ڪيئي.
هاڻ، ائنا ڪاتر ئي وهانوَ ۾ دير ڪانه وجهبي – ائين
نه؟
رٿ گلڙي وانگر ٿڙي پئي، منهن ۾ نهاري، ورندي ڏنائينس:
مهل تي شل انسان کي عقل اچي !
”شاباش ! ائين جي قربائتو ڳالهايئي، ته آءُ ڪو وري
توکان پري آهيان ڇا؟ پر هاڻ جاءِ جي ته ڳولا ڪجي.
مون واري هاڻوڪي جاءِ ته پوري پوندي ڪانه. آءُ به
ٿو جاءِ ڪاتر نهاريان. تون به اونو رکج.
رٿ ورندي ڪانه ڏنيس، پر پريان ڪنهن ماڻهوءَ وڻن جي جهمٽ
مان جهاتيون پئي پاتيون، اشاري سان تنهن ڏي هيلڊار
جو ڌيان ڇڪايائين. هيلڊار جي منهن جو رنگ امالڪ
ڦري ويو، ۽ ڏنڊ وٺي ڪرٽيائين – چيائين: اهو بدمعاش
شولز آهي. مون کي سک جي گهڙي ته سهي ئي ڪانه!
اهڙيءَ ويل منهن سامهون بيٺوئي هجيم.
”اوهان به هيڏو مٿس ڪوپ ڇو ٿا ٿيو؟ آءُ ڀانئيان ٿي ته
وري اوهان جي کاتي ۾ گهڙيو آهي، ته سنڀالي ته هلي
پيو.“
”آءُ اهڙي ڳالهه مڃيندس ئي ڪانه. مون کيس اڳي نه آزمايو
هجي؛ ته پوءِ ڪري منجهس ڀروسو ڄميم.“
”ڇو ٿا غريب جو مٿي تي رنج کڻو.“
”مون سان پويس ئي ڪانه .“
”اوهان پاڻ ته ڪو ڇيهو ڪونه رسايو اٿس.“
”پاڻ جيڪس ائين ٿو سمجهي.“
”مون کي ته ساري حقيقت ٻڌايو.“
”بيشڪ.“
پوءِ تڪڙي تڪڙي کيس ڳالهه ٻڌائي ويو، ته ڪيئن نه سندس
مڱيندي مون تي چري ٿي پئي، ۽ ڇاڪاڻ ته ساڳئي سمي
شولز کي پنهنجي ئي افعالين نوڪريءَ کان جواب مليو،
ته هن به ساڻ آبدو آبد ڪري ڇڏي، جنهن تان ئي هن جي
دل تي اهو وهم ويهي ويو، ته سندس مڱيندي کي مون ئي
ٿيڙيو !
رٿ وري پڇيس: اوهان ڀانئيو ڪين ٿا، ته هينئر پاڻ سڏاريو
اٿس؟
هيلڊار ورندي ڏنيس: ڪم تي سخت نظر اڳئين جهڙي آهي ئي
ڪانه، تنهن ڪري چئي نٿو سگهجي، ته هي ڪهڙي پاڻيءَ
۾ آهي؟
”بالا عملدار اوهان جو، خدا ترس ماڻهو ٿو ڏسجي. انهيءَ
کي آخر اُتس ڪهل پيئي. هروڀرو هن جي وڏن ڏي ڪين
ڏٺائين.“
”برابر، پر تنهن هوندي به فرض ادائي ۾ ڪو پؤڻو پيو، ته
ڪن لاٽار هو ڪندوئي ڪانه.
ٻيئي ٻيلاين جي گهر وٽ اچي پهتا، ته هيلڊار چيس: تون
اندر وڃي ساڻن مِل. آءُ ڪلاڪ کن رکي، وري ٿو اچان.
پر ٻڌاءِ، ڏهاڙي ته وٽن ڪانه ايندينءَ؟
رٿ ورندي ڏنيس: ويچارا ڏاڍا قربائتا آهن. اڳئين ڀيري
منهنجي بت جي ٿوري ڪانه ڪيائون. تنهن ڌاران مون کي
پاڻ به، ٻيلي جي هوا ڏاڍي وڻي ٿي.
هيلڊار چيس: ٻيلي ۾ روز مون سان گڏ پيئي ڀيرو ڪج. آءُ رڳو چوان
ٿو، ته هنن ماڻهن سان گهڻو مائل نه ٿيءُ.
هيلڊار ويو، ۽ هيءَ باغ مان تڪڙا تڪڙا سراڪا پائي، گهر
جي در وٽ پهتي؛ ته هڪڙو وڏو ڪتو پڇ لٽڪائيندو، اچي
ٽنگن ۾ وچڙيس. هن امالڪ کڻي ان کي ڀاڪر پاتو. اتي
ئي ٻيا به ڪتا به ڀؤن ڀؤن ڪندا، مٿانس وري آيا؛ ۽
قرب وچؤن هٿ پير بيهي چٽيائونس ايوا ۽ ائنا جو هن
کي ايندو ڏٺو، سي در وٽ ئي اچي، ڀاڪر پائي گڏيس.
آلڊينهوفر جي ماءُ جي هڪڙي ساهيڙي، جا آلڊينهوفر
جو هتي گهر جهليو ويٺي هئي، ساهيڙينس اَمالڪ
انهيءَ سان به ڏيٺ ڪرايس، جا به انهيءَ وير اتي
حاضر هئي. رٿ کي ڏسي، هوءَ مائي ڏاڍي سرهي ٿي. رٿ
جي به ساڻ ڏسندي ئي دل ٻجهي ويئي.
ڪراڙيءَ چيس: اڳئين ڀيري آءُ هتي هيس ئي ڪانه، نه ته
توسان سهج ڪريان ها؛ پر هينئر به ويئي ڪانهي. مون
سان هيلڊار تنهنجون ڏاڍيون اچي ڳالهيون ڪندو آهي.
هاڻ اسان وٽ به شهر ۾ پيئي اچج وڃج.
ائنا تنهن تي شرطايس: اسان کي ته پوءِ ڪس لڳندي.
ايوا ڀيڻ کي چيو: هيلڊار کي به هينئر رٿ جو هنن وٽ وڃڻ
وڌيڪ وڻندو. تنهن ۾ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته رٿ اسان
کي ماڳهين وساري نه ڇڏي.
رٿ تنهن تي ڀاڪر پائي، پڪ ڏنيس: ڀينڙي، آءُ اوهان وٽ
پيئي اينديس، پر جا ڏهاڙي کڻي نه اچان، ته دل ۾ نه
ڪجو.
[12]
ٻڌءِ؟ دادسءَ تار مڪي اٿم. پاڻ ٿي سڀاڻي هيڏانهن اچي.“
”سچ !“
”مون کي ڀيڻ آهي ئي اها. سڌ ته اٿيئي – بابو ۽ پاڻ مون
تي ڪاوڙيا وتن، جو آءُ توسان ٿو وهانؤ ڪريان. سو
پاڻ، ٻيا هنڌ ڇڏي، جا هيڏانهن ٿي لڙي، تنهن مان
سمجهان ٿو ته، سٽ سٽي اٿس، ته تنهنجو اچي انت
سوڌي. هاڻ ڏسان، تون ڪهڙو ٿي اُتس اثر ويهارين؟
بهتر ٿئي هئا، جي پنهنجو وهانوَ ٿي ويو هجي ها. پر
آءُ منجهي پيو آهيان، ته رهايانس ڪٿي؟ اهڙو جس
ڀريو بنگلو ته مون کي سجهي ئي نٿو. اهڙو جهڙو مڪان
ته هن کي نظر ئي ۾ ڪونه ايندو. پاڻ ڀلا محلاتن ۾
رهي ڏٺو اٿس.“
”ونسيٽ جي ڇاپ مٿان، گهڻيئي خالي ڪمرا ٻيا ڏسجن. مون
تنهن ڏينهن اڇاتري اُتن نظر ڦيرائي. پاڻ ٻنهي ڪاتر
ڏاڍا خاصا ٿيندا. في الحال ڀيڻ کي، اُتي ئي کڻي
رهايو. اسان جو جيستائين ڪه پرڻو ٿئي.“
”ڳالهيون ته ڪهڙيون ٿي ڪرين؟ دادي تون ڀانئين ٿي، اچي
انهن ڪمرن ۾ رهندي؟ اسان جو به منجهس گذر نه ٿي
سگهندو. تون ڀلائي ڪري، هاڻ جاءِ لاءِ پاڻ نه
پتوڙ. اوهان جو زنانو عقل، اوهين رڳو پڪائي پيون
ڪنديون“.
”سچ آءُ بي آزمودگار، مون کي ڪهڙي سڌ؟ مون کي معاف ڪجو،
جو اهڙي اوهان سان ڳالهه ڪڍيم.“
هيلڊار ڳالهايو پئي. ڄڻ ٽپال گاڏي ٿي ڇٽي. منهن ۾ هيڏو
سارو کڻي گهنڊ وڌو هئائين. ورتو پئي – رٿ کي
چيائين: تنهنجن ڳالهين هيڪاري منجهائي وڌو اٿم.
رٿ ڏڪي ويئي – چيائينس: مِٺا، سو ڪيئن؟
چي، ”تون پنهنجي ڳالهه تان هٽين ته ڪانه ٿي. مون به
گهڻا مٿا هنيا ٿيمانءِ، ته ڪپڙي لٽي جي کڙائي وٺ،
پر تون اڃا به اهي ئي لغڙ پئي گهلين. پوءِ داديءَ
وٽ انهن حالن ۾ ڪيئن وٺي هلندوسانءِ؟ ماڻهو مڱڻي
هوندي، هڪٻئي سان الاجي ڪهڙيون سڪون پياڪن. تون
مون کان سوکڙي پاکڙي به نه وٺين!
رٿ جو ڳالهائڻ ڳورو ٿيو، چيائينس: مٺا، سڪ سواد به هڪٻئي سان
ڪجي، ته سونهي پيو. هتي منهنجو هڏ هيڻو، آءُ اوهان
سان ڪيئن پهچان؟
”پر توکان سوکڙي پاکڙي گهري ڪير ٿو؟ تون رڳو پاڻ کڻي
مون کان وٺ.“
”نه پيارا، نه، وري مون کي انهيءَ نالي نه چئجو.“
هيڏي هوڏ! آءُ ڀل پيو کلڻهاب ٿيان، پر تون ڳالهه کي سمجهندينءَ
ڪانه. هلڻ وري به ٿو منٿ ڪريانءِ: ڏاهي ٿيءُ –
منهنجي ڳالهه ڪري مڃ!“ رٿ ڪجهه چئي ٿي ڏنو، پر وات
کي هٿ ڏيئي، زور سان چپ ڪري ڀيڙيائين.
هيلڊار جو به من تپي ويو. وڌيڪ پاڻ جهلي نه سگهيو – چيائينس:
منهنجا ته اوسانا خطا ڪيو ڇڏين! ههڙي پريم کي جس
هجي، جنهن نسبت، نه ته ڪوي چون ٿا: اونهو اوڙاهه
ٿو ٿئي، ۽ جنهن جي صديقي ڌريون جيڪر ڇا به کڻي
سهسائين؟ پر ڏسجي ٿو، ته تون ۽ آءُ هڪٻئي جي ڳالهه
سمجهون ئي ڪونه ٿا! هاڻ ٻڌ: آءُ رڳو هيترو ٿو
چاهيان، ته داديءَ تي پريندي ئي تون اثر سٺو
ڄماءِ. تنهن ۾ منهنجي ڪري ڳالهه مڃ.“
رٿ جر منهن به ڳاڙهو ڳاڙهو لال ٿي ويو. وات مان سو اکر به ڪونه
ٿي اَڪلس، باقي ڪنڌ سان اشارو ڪيائينس، ”نه.“
هيلڊار جو باقي به ڌيرج ويندو رهيو. چي، ”ايتري هوڏ مون کان به
برداشت نه ڪئي ٿيندي.“
ائين چئي، کانئس ري موڪلايوئي، ٻاهر هليو ويو.هيءَ تنهن تي ڪجهه
مڙيائي ڀِني، ۽ پٺيان سڏ ڪيائينس ٿي، پر وري ڄم
کائي، اُتيئي بيهي رهي.
ماساتيس هي رنگ ڏسي، پڇيس: وري ڇو ڪاوڙايوٿئيس؟
تنهن کي ماڻس ٻڌايو: سوکڙي پاکڙي جا ويٺي زور ڪيائينس، پر هن
ٻڌس به ڪونه. ڳالهه، کل ! پڇينس، ڇوري تنهنجو
مڱيندو گهوٽ، تنهن کان سوکڙيءَ سڙيء وٺندي ڪهڙو ٿو
مهڻو لڳيئي؟ مائٽي ته ڇني ڇڏيس !
رٿ ڪڇيو ڪين، وائڙن جيئن پئي ڏانهن نهاريائين. الائيس
ڏٺو ته هيءَ وڃي سائي هيڊ ٿيندي سا اَمالڪ مٿي
ماڙيءَ تي وٺي ويس، ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ ٽوال پسائي،
چيانيس: ماڻهو، ڪير؟ هي ڪرين ڇا پيئي؟ اهڙين
ڳالهين جا ڪي وڏا ويچار ڪبا آهن ڪيئن ! ٻيون به
مڙساڙوءَ سان ايڏو شدو ڪو ٺهي ٿو، جڙي ٿو؟ هو پاڻ
ڏس، تنهنجي ڪارڻ، پاڻ کي ڪيڏي نه ٿو ڪس لائي، تون
سنديس ذرڙي ڳالهه نٿي مڃين! ماڻهو هيئن ٿڌو ٺڪر به
نه ٿئي. ٻيون به هيلڊار جهڙو رانجهن گهوٽ، مون
پاري ته جيڪو اُنانس گهورون پيئي گهوري توسان پان
ئي وڙ ڪيو اٿس. پوءِ تون جا هيڏي ٽيڏائي
ڏيکاريندين، ته هن جي دل به کٽي ڪانه ٿي پوندي؟
تنهن ۾ ڳهيلي نه ٿي، ڳالهه کي سمجهه ! قرب
ڏيکارينس، ڪڏهن ساڻس خجت هلاءِ – پوءِ مجال جي
توکان رسي کڻي !
الائيس جو هئين اچي پلٽي سو رٿ کي لڱن ۾ سياٽو پئي پيو.
هن وري به سمجهايس: هيلڊار کي وري نه موٽائج.
ڳالهه ڪري مڃجانس.
رٿ ورندي ڏنيس: پٽيءَ نه !
”سچ چوانءِ، مٺيان نه لڳي ئي، هيلڊار سان سچ پچ تنهنجو
هنيون هچيئي نٿو. نه ته، سندس پريم سانگي، هٺ ذري
به نه ڇڏين؟ وري به جس هن مڙساڙوءَ کي هجي. ڪيڏي
پاڻ کي ناڻي جي چماٽ هنئي اٿس ! پنهنجي پرائي جا
اولانڀا ڌار ويٺو سهي – تون هَٺَ- مُٺي، سندس قدر
اهو ٿي سڃاڻين!“
”اُها ويل اچي، ته ڏس آءُ ڪيئن نه ٿي سندس قدر سڃاڻان !
آءُ ڇسي ڄٺ ڪانه آهيان. ڄاڻان ٿي ته مون تي وڏو
توهه ڪيو اٿس. پر هن ڳالهه نانءِ وري نه مون کي
چئج. آءُ....
پر اڃا تڪ پوري ڪانه ڪيائين، ته ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿي.
الائيس اچرج ۾ پئي پٺيان نهاريو، ته ڏٺائين جو
هيلڊار پيو اچي. رٿ اَمالڪ وڃي اڳيانس بيٺي، ۽
سندس هٿ هٿ ۾ وٺي چيائينس: اوهان اڳهڻو ڪاوڙ وچؤن
مون سان ڳالهايو به ڪونه. ائين ئي هليا ويؤ. هاڻ
مون کي معاف ڪريو!
هيلڊار ماٺ ۾ ئي رهيو.
الائيس هيلڊار کي چيو: مون هينئر ويٺي رٿ کي سمجهايو.
اوهان به سندس ڳالهه دل ۾ نه ڪريو، ٻار آهي، نيٺ
ٺهي پوندي. آئيندي اميد ته جيئن اوهان چوندئوس...
پر هيلڊار وچ ۾ ئي جهليس – چي، انهيءَ ڳالهه تان هينئر
لهي وڃ. رٿ پنهنجي هوڏ پوءِ به ڪانه ڇڏيندي. سندس
پيار ڏيکارڻ جو نمونوئي پنهنجو ٿو ڏسجي.
رٿ چيس: پيارا چئو سچ ٿا. پر اوهان هيئن ڪؤڙو جو ٿا
ڳالهايو؟ ٿورو ترسو، پوءِ ويٺا ڏسجو. آءُ ڪيئن نه
ئي اوهان جو ڳڻ ڳايان؛ ڪيئن نه ٿي آءُ تهدل اوهان
جو شڪر بجا آڻيان ! اوهان هينئر سمجهو پيا، ته آءُ
ڪا وڏي بيشڪر آهيان. منهنجي....“
پر هيلڊار هن کي به تڪ پوري ڪرڻ ڪانه ڏني. ورندي
ڏنائينس، ”خير، انهيءَ کي ڏسي وٺبو- مون کي اڳهڻو
وسري ويو؛ ٻڌايو مانءِ ئي ڪونه: آلڊينهوفر سڀاڻي
مڱڻي جي واڌائي ڏيڻ ٿو اچي. سندس مرضي آهي، ته
ٻيئي گڏ هجون، پر آءُ حاضر ٿي ڪونه سگهندس. جو
داديءَ کي وٺڻ ويندس. داديءَ وٽ به پڇيوٿيمانءِ،
پهريون ڀيرو تون ڪندينءَ، يا پهرين هوءَ تو وٽ
اچي؟“
رٿ ٻانهن کي چهٽي پيس. چيائينس: اوهان مون تي هجوَ ٿا
ڪريو؟
پر وري به، رٿ کان پاڻ ڇڏائي، اڌو گابرو دعا سلام چئي،
هليو ويو.
الائيس هيٺ لٿي، ته گهوٽس پڇيو: خير آهي؟ هيلڊار اڄ
موڳو پئي ڏٺو.
الائيس ٿوري ۾ ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ چيائين: رٿ جو سڀاءُ
ڏکڻو ۽ اِڇا پرٻل، ۽ هيلڊار ڀانئين ته جيئن آءُ
ڪنهن کي هلايان، اڳلو تيئن ئي هلي. تون ڀانئين ٿي،
ته هي نيٺ هڪٻئي جي ڀيت تي پئجي ويندا؟
[13]
ٻئي ڏينهن اُٿڻ سان، ماساتيس وري اچي بابا پٽ ڪري سمجهايس، تڏهن
مس مس مڙي، ۽ داديس ويچاريءَ جيڪو وهانوَ لاءِ وڳو
ٺاهي موڪليو هوس، اهو کڻي ڍڪيائين. پوءِ دريءَ
منجهه اکيون وجهي بيٺي، ته اجهو ٿو هيلڊار ليئو
پائي، پر هن يار مرڳو ٽيشن ڏي ويو ٿي، ته ڪنڌ مٿي
کڻي، روزمره وانگر دريءَ ڏانهن اک ڪانه ڦيرائي. هن
کي تنهن تان ڏک ڏاڍو ٿيو. گهڙيءَ – اڌ پڄاڻا لهي
هيٺ ٿي، ۽ اڱڻ واري باغ ۾ پئي آئي ويئي. اتي ڀر
واري گهر مان ڪنهن سڏ ڪيس. هن ڪنڌ ورايو، ته
ڏٺائين جو فرئنڪ ايبرٽ آهي.
فرئنڪ چيس: اڄ ته بلي بلي ٿي پيئي آهين! سمجهيم – هوءَ سائڻ ٿي
اچي. ماسيهن ڪراڙي به ٽهڪندو وڳو ڍڪي، ڏاڍو پيئي
پڏي. پر سڱ به ڇڪي ڇڪي پيئي ڳنڍي، تنهنجي لاءِ ته
اڃا سڪي روٽي کِنگهو پاڻي به دل تان نٿو اُتريس.
”فرئنڪ ڏس، وري وات ٿو ڪرين نه !“
”دل ۾ نه ڪجانءِ؛ پر آءُ ڪوڙ ڪونه ٿو چوان. امان توڙي ٻيون
پاڙيواريون ڪنهن ڏينهن اچي ٻڌ، نه ڪهڙيون ٿيون پاڻ
۾ ڳالهيون ڪن؟ خير، مون هينئر توکي ٻئي ڪم لاءِ سڏ
ڪيو. هڪڙي شئي گهرانءِ – ڏينديَم؟“
”چوان.“
”اوهان جي باغ جا ٿورا گل کپنم؛ اسان جا اڃا ٽڙيائي ڪينهن.“
”ڀائڙا ! منهنجو باغ هجي، ته آءُ گل توکي دَلَ ڏيان: باغ پرائو،
آءُ گلن کي هٿ ڪيئن لايان؟“
”پنج – ست گل ڇندينءَ، ته هنن کي ڪهڙي سڌ پوندي؟ تنهنجي
اکين ۾ ديد ٿو ڏسان، تڏهن وات ٿو وجهانءِ. ماسيهن
۽ ماساتيهن سان جيڪر آءُ حجت هلايانئي ڪانه. هنن
جا پار سجهنم ڪين ٿا؟ گلدستو ٺاهيندس. ڏاهي ٿيءُ.“
”گلدستو ڪيڏانهن ڪندين؟“
”ٻڌايانءِ ٿو. پر منهنجي به ڳالهه مڃ.“
”ڀائڙا ! وري مون کي نه چئو. آءُ ري پڇيو، اهڙو ڪم ڪڏهن
ڪانه ڪنديس.“
”توکي ڏٺم، آءُ ڏاڍو سرهو ٿيس. هنن کان جيڪر گهران، پر
گهٽ وڌ ڳالهائينديم.“
”گلدستي جي ڳالهه وري ڳهي وئين؟“
”گلدستو آلڊينهوفر ڪاتر ٿو ٺاهيان.“
”ڇو“
”سندس جنم اڄوڪي ڏينهن ٿيو هو، جنهن جي سڌ مون کي به
آهي. سو آءُ وٽس گلدستو کڻي ويندس، ۽ پاڻ مون کي
خرچي ڏيندو.“
”سندس ڄَمَ وار جي توکي سڌ ڪيئن پيئي؟“
” ٻه ورهيه ٿيا، آءُ ٻير چونڊي پئي گهر موٽيس، ته واٽ
تي مون کي گڏجي ويو. چيائيم: گهوڙي کي لغام کان
جهلي بيهه، آءُ ٻيلي ۾ ڪا شئي وساري آيو آهيان،
اُها وڃي ٿو کڻي اچان. اتان موٽيو، ته پڇيائينم:
عمر گهڻي اٿيئي؟ مون ورندي ڏنيس: ورندي مئي جي
پهرينءَ تاريخ، يارهين ۾ پير پوندم تڏهين
ٻڌايائيم: آءُ به ساڳي ڏينهن ڄائو هوس. هاڻ آءُ ته
پاڻ ۾ ياراڻي پايون. سو، پَرُ پهرين مئي ڏٺي، ته
امان کان هڪڙو سٺو گلدستو ٺهرائي، وٽس کڻي ويس.
پهرين البت پئي شڪيس؛ پر هيڪر سندس اڳيان وڃي
بيٺس، ته مڙس ماڻهو ٿي پيس. پوءِ به اندر ۾ جيڪا
ڳالهه ٺاهي ويو هوس، سا ته وسري ويم. خير، گلدستو
هٿ ۾ ڏنومانس، ته پهرين ته پاڻ به مطلب ڪونه
سمجهائين. پر اَمالڪ يادگيري پيس؛ ۽ کيسي مان اڌ
گيني ڪڍي، کڻي هٿ ۾ ڏنائيم. ايترو سو شرطائي
ڇڏيائينم ته ”گل هي به چڱا، پر مون کي جهنگ جا گل
وڌيڪ وڻندا آهن. تنهن ۾ آئيندي جي چاهين، ته آئون
خوش ٿيان، ته انهيءَ جي يادگيري رکج. اڄ هي جهنگ
جا گل ته ميڙي آيو آهيان؛ پرچيم ، ڀل باغ جا گل به
هجن، ته وڌيڪ مزو ڏينس.“
”هاڻ اهي گل مون کي ڏي، ته گلدستو آءُ ٿي ٺاهي ڌيانءِ.
باغ جي گلن جي کپتي پوءِ ٿيندي ئي ڪانه .“
فرئنڪ اَمالڪ کڻي گل سندس جهول ۾ اُڇلايا، تن منجهان هن
هڪڙوسهڻو گلدستو ٺاهي، چيس: هاڻ ويرم نه ڪر، جنهن
جي لاءِ ٺاراهيو اٿئي، وڃي انهيءَ کي ڏي. فرئنڪ
گلدستو وٺي سندس ٿورو پئي مڃيو، ته ڏٺائين جو هٿ
سڄيو دڙو ٿيو پيو هوس- پڇيائينس: ماکيءَ جي مک ته
ڪونه ڏنگ هنيئيءِ؟
رٿ هٿ کي پئي چتائي ڏٺو، ته فرئنڪ جي اک وڃي ماکيءَ جي
مک تي پيئي، جا مئي پيئي هئي. چيائينس: ڏس، مک چڪ
پاتو اٿيئي نه؟ پر توکي سڌ به ڪانه پيئي !
”هي سنڌا به هجن، ته جيڪر آءُ اڃا به ڪين سمجهان، ته ڪو
مک ڏنگيو اٿم.“
”امان کي چوندو ٻڌو اٿم؛ ته جن کي دل تي ڪا ڳڻتي هجي،
اهي ڏک سور لکائين ڪونه. متان توکي به ڪا چت سان
چنتا لڳل آهي؟“
رٿ، نٿو چئي سگهجي، ڪهڙو اُتر ڏئيس ها. پر رٿ کي اُن
ويل ماسيس سڏ ڪيو، ته اچي اندر ويهه، آلڊينهوفر
پيو اچي، سا وري ترسي ڪانه. فرئنڪ به انهيءَ ويل
پسار ٿي ويو.
آلڊينهوفر کي رٿ ويجهو پوندو ڏٺو، ته بدن ۾ هڪڙو ٿڌو
سياٽو پئجي ويس، ۽ ڳل به لالائڻ لڳس. اک ڇنڀ ۾ هو
اچي اڳيانس بيٺو. ڏٺائين ته اکيون مون ۾ ئي اٿس، ۽
ڪجهه چويم به پيو، پر تنهن هوندي به هن جي ليکي ته
اَلڊينهوفر ۽ سندس وچ ۾ ڪا ديوار اچي ويئي هئي. هٿ
هٿ ۾ به ڏنائينس ائين، ڄڻ سڌ ئي ڪانه ٿي پيس.
آلڊينهوفر تپرس پئي کاڌو، ۽ کن ماتر اڻ لکائتي
ڇايا هن جي سانت واري سروپ تي به پئجي ويئي، پر
اتيئي پاڻ سنڀاري، هن جو هٿ کڻي چپن تي رکيائين.
رٿ جي ماسيءَ ۽ ماسات اٿي، پوءِ آلڊينهوفر جي
آجيان ڪئي، ۽ هنن پاڻ ۾ ڳالهايو پئي، ته به هن کي
سڌ ڪانه ٿي پيئي، ته ڇا ٿو وهي ڇا ٿو واپري. دل ۾
ڌڪ ڌڪ اُها اچي ٿيس، ڀانءِ ته درياهه ٿو اُٿلي،
جنهن جو آواز ڪنن ۾ تي پڙيس. پرون به الائي ڪهڙا
ڪهڙا پئي آيس، پر ڪو سندس اندر مان اُن ويل پيهي
نڪري ها، ته سڌ پويس ها، جو پاڻ ويچاري انهيءَ کي
نيسائڻ لاءِ مٿا ڏاڍا پئي هنيا.
رٿ جي مٿي کي اتي چڪر اچي ويو، ۽ رڙ ڪري پٽ تي ڪري
پيئي! ماسيس ۽ ماساتيس اَمالڪ اٿي کنيس ماسيس ڏٺو،
هٿ سڄيو پيو اٿس. سمجهائين، ته باغ مان مکين کان
چڪ پارائي آئي آهي. وٺي ڇنڊ ڪڍيائينس، ته ڇوڪري
هيترو ٿو چئجيئي، ته سنڀالي گلن ۾ هٿ وجهه، ته ٻڌو
اڻٻڌو ڪيو ڇڏين. ڪالهه هتان ٻيلاين وٽان به هٿ
سڄائي آئينءَ اها ڳالهه هيلڊار ٻڌي، ته چوندو ڇا؟
هيترا ڀيرا توکي جهليو اٿس، ته اوڏنهين ريل ڇيل نه
ويندي ڪر !“
ماساتيس به مهميز ڪيس – چي، ”اهڙو وائي ڀتر ماڻهو وري
چڱو ڪيئن؟ باغ ۾ گهم ڦر ڀلي؛ پر هوش ته پنهنجو
جاءِ رک.
ماسيس کي ته اهائي اچي ڳڻتي لڳي، ته نڻانس ڪيڏي مهل به
اچي سهڙي؛ پوءِ هن جا جي هي حال ڏسندي، ته سمجهندي
ڇا؟ هيءَ ٻڍڙي اڃا ڪنهن وڏي بحر ۾ اچي پٽڪي، ها پر
آلڊينهوفر، رٿ کان پڇيو: ڏاڍو سور هوندوءِ؟
رٿ ڪنڌ سان اشارو ڪيس، ”ها.“
آلڊينهوفر ماسيس کي چيو: مون کي ذرو تيل جو ته ڏجو. ڏنگ
کي تيل مکيس، ته سوڄ هٽجي ويندس.
ماسيس ورندي ڪانه ڏني، پر بخيلي ڏاڍي ويس.
آلڊينهوفر، رٿ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، منجهس نهاريو
ائين پئي، ڀانءِ ته سندس ڀاڳ ويٺو جاچي. اتي
ٻاهران گاڏيءَ جي گهڻ گهڻ جو آواز ٿيو.
الائيس امالڪ دريءَ مان منهن ڪڍي، وڏي آواز چيو: اڙي
نڻانس !
رٿ هتان چري ڪانه پر پريان ئي اک ٽيٽ ڪري نهاريائين،
گاڏيءَ منجهه هڪڙي اهڙي مهانڊي تي وڃي اک پيس جنهن
کي ڀانءِ ته اڳي ڪٿي ڏٺو هئائين.
[14]
”هي منهنجي لاءِ مسواڙ تي بنگلو ورتو اٿيئي؟ هن ڪڙهه ۾ رهندي
ڪير؟ ڀانئيو هو، ته داديءَ کي وسعت ئي ڪانهي ڇا؟“
”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پرين – هن ٻهراڙيءَ ۾ هن
کان بهتر مڪان ته آهي ئي ڪونه. توکي جنهن ڏانو
واري جاءِ کپي، تنهن لاءِ مٿا ته گهڻيئي هنيم؛ پر
ڪا هجي، ته مل!“
”مون کي ته ماٺ ٿي لڳي، ته تنهن جو نيپاڄ ڪهڙو، تون هتي
ڪيئن اچي پئين؟“
”مون کي هن جهنگ مان بهشت جي فرحت پيئي اچي.“
جهنگ ۾ رهي، پنهنجو رس پرک ڀاءُ ته نيساڻي ڇڏيو اٿيئي.
اڌ دهقاني ته ٿي ويو آهن؛ باقي اڌ ٿيڻ ۾ به گهڻي
ويرم ڪانه لڳندئي. پر هي وري ڇا؟ سڄو ڏينهن منهن
سامهون سج بيٺوئي هوندم! مون کي ڪا اُس ۾ پنهنجي
چمڙي ڪاري ڪرڻي آهي ڪيئن، جو ههڙي ڏانو جي جاءِ
کڻي منهنجي لاءِ ورتئي؟ آءُ پنهنجو هتي هڪ گهڙي به
ڪانه رهنديسانءِ، تنهن ۾ منهنجي لاءِ ڪو ٻيون مڪان
هلي ڳول !“
نيٺ هيلڊار هيٺيون مٿيون ڏيئي مڃايس. پر وري چيائين ته
سينگار جو ڊول مون کي هي نه کپي؟
پوءِ ته ڪا ويرم سامان جي کڻ پاءِ پئي پيئي. هتان جي
شئي هتي، هتان جي شئي هتي. هيلڊار جا ماڻهوئي
ويچار ٿڪجي پيا. ڄڙهه ئي نڪري وين. اُس واري پاسي
کان پڙدا پڙديون ٽنگيا، ۽ اندر صفن ۾ اوندهڙو ٿيو،
تڏهن هيءَ ڀاڳن ڀري سرهي ٿي. تنهن تان هيلڊار
ايترو سو ورجايس: اوندهه سان هيتري جا دل اٿيئي،
تنهن مان ڀانئجي ٿو، ته طبيعت تنهنجيءَ کي سوجهرو
ڏنوين ئي نٿو لڳي. شايد تنهنجيءَ دل جي تهن اندر
اهڙي ڪا شئي ڏسجي ٿي، جا سج جي ساکيا کان پيئي ڏنو
ڇڏي.
پر ڀيڻس سڌو اتر ڪونه ڏنس؛ رڳو چيائين: جهنگ ٻيلي ۾ ڏٺو
الاجي ماڻهن ڇا آهي؟ ههڙن ڀنگين ۾ سندن گذر به
الاجي ٿئي ڪيئن ٿو؟
هيلڊار ٻڌايس: جنهن ماڻهوءَ جي طبيعت سالم هوندي، ۽ پاڻ
نويڪلائي – پسند هوندو، تنهن جي لاءِ هتي گهڻيائي
موج آهي.
”پر ڀائڙا، تون مائٽن جو هڪڙو سڪيلڌو پٽ، ڀينڙيءَ جو
هڪڙو دادلو ڀاءُ، ناز جو پاليو – تون نويڪلائي –
پسند ڪڏهن ٿئين؟ شهر ۾ ڀائي، ڪنهن توکي دوس نٿي
ڏنو، يا ڳڻت ۾ هئين ئي ڪين، يا پنهنجن پراون وٽ
تنهنجي هلندي ڪانه هئي، يا ڪو خانداني ڀلڪُليرو تو
وٽ وار ڪين وڇائي ها – ٻڌائينم ته سهي ڪهڙي ڊاءَ
ڊڄي، جهنگ منهن ڏيئي هيڏانهن ڀڃي آئين؟“
”مطلب ته تون اهو سر گاهه بيگاهه اَلاپيندي ايندينءَ.
هاڻ مهرباني ڪري، وري ان باري ۾ مون کي نه
چئجانءِ. آءُ هتي بلڪل خوش آهيان، جهنگ سان نينهن
لڳي ويو اٿم. شهر جي موج کي ڇٺڇماهيءَ ياد پيو
ڪريان. پر جيڪو مزو جهنگ مان ٿو اچيم، سو شهر سونو
ٿي پوي، ته به منجهانس نه ايندم.“
”بابو ۽ آءُ به ته اچرج پيا کائون، ته اهي ويچار تو
جهٽيا ڪٿان؟ اسان جي اَڪهه ۾ ته پيڙهين کان اهڙو
سنياس ورت وارو اُپڄيوئي ڪونه، پوءِ توکي چوٽ ڪيئن
لڳي؟ پر آءُ ته سمجهندي آهيان، ته تون ٻه روپو
آهين ! سچ چئجانءِ، اندر ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو پاڻ
سان وڙهندو هوندين؟“
”هڪڙي جيوَ سان ئي ٻاهر گهڻو پيو وڙهان. باقي اندر ۾ ته
منهنجي سانت لڳ پيئي آهي. ائين نه ڄاڻج، ته آءُ ڪو
چلولو ۽ چئنچل سڀاءَ وارو آهيان. جهنگ سان پريت
منهنجي يا عمر قائم رهندي.“
ٿوري مهل ماٺ ٿي. ذري کان پوءِ ڀيڻس ڀر واري گهر ڏانهن
مُهڙ ڪري پڇيس: هن بنگلي ۾ ڪير ٿو رهي؟
هيلڊار ٻڌايس: اسان جو بالا عملدار،
”آلڊينهوفر تڏهن اڃا هتي ئي آهي؟“
”آلڊينهوفر ! تون سڃاڻيس ڇا؟“
”خير، ڪٿي ڪري ڏٺو هوندومانس پر پاڻ اڃا پرڻيو ڪونهي؟“
”نه !“
”وٽس تڏهن رهن ڪير – مائٽهنس؟“
”مائٽهنس شهر ۾ ٿا رهن. هتي ماڻس جي هڪڙي ساهيڙي، سندس
گهر جو هلٽ پيئي هلائي.“
”ائين؟ تون لوديئر مان رلين ملين، ڪين نه ؟“
”منهنجو جو بالا عملدار ٿيو، سو منهنجو ته ڏهاڙي پيو
منجهس ڪم پوي. پر پاڻ ماڻهن سان گهڻو گڏجي مسجي ئي
ڪونهي. نويڪلائي – پسند آهي.“
”نويڪلائي – پسند ته تون به آهين. هي جيڪس تو کان به
چار رتيون سرس ٿو ڏسجي.“
”برابر.“
”ڪارڻ؟“
”مون کي به ذاتي خبر ڪانهي. پر ٻڌم ٿي ته ورهيه ٿيا،
مڱيو ويٺو هو – پوءِ مڱ الاجي سندس گذر ڪري ويئي،
ڪي ٻئي ڪنهن سان وڃي پلؤ ٻڌائين. تڏهانڪر هي مڙس
ويڳاڻو وتي.“
”تڏهن اُهو درد اڄ ڏينهن تائين دل ۾ سانڍيندو اچي؟“
ڏسجي ته ائين پيو. پر زال ذات مان سو ايمان نيٺ نڪري
ويو اٿس: زال ذات کان دور پيو وڃي.
”وفائي انهيءَ کي چيو اٿن!“
”وفائي؟ تو منهنجي ڳالهه ڪن لائي ٻڌي؟ مون چيو ڇا؟ زال
ذات سان هينم پويس ئي ڪانه !“
”ڀائڙا، جهنگ ۾ رهيو آهين، ته دنيا جي آچار وهنوار جي
پوري سُڌ ئي نٿي پويئي. آلڊينهوفر زال ذات کان
وَنءُ ڇو ٿو وڃي؟ ڇو ته جنهن کي هيڪر پنهنجي دل
ڏني هئائين، انهيءَ جهڙيءَ ٻي ڪا لڀيس ئي ڪانه ٿي
اُهائي سندس اکين جو نور هئي، اُهائي سندس من جو
مڻيو هئي!“
هيلڊار ڪڇيو ڪين، ڪلهن کي وٺي نچايائين.
ڀيڻس چيس: دل هن جي ٻين عام ماڻهن جي دل جيئن ڪانهي. هن
جي دل – ڇا چوان – ڪيئن توکي ٻڌايان؟
هيلڊار کي ياد اچي پيو ته رٿ، ائنا جي ڳالهه ڪندي، ڇا
چوندي آهي - سو، ڀيڻ کي ٻڌايائين: هن جي دل ”سون
ورني“ آهي !
”هائو، سون ورني ! ڏاڍو پورو اکر ٻڌايو اٿئيم. آءُ
جيڪر تنهنجيءَ دل نانءَ اهڙي ساک ڪانه ڀريان.“
”نه؟ پر ڪهڙي خبر؟“
ائين چئي، هيلڊار نهاريو ائين، ڄڻ اَڪاسي جوت مان منجهه ٿي
لڌائين، ته آئيندو منهنجو ڇا ٿو چوي؟
رکي رکي، وري ڀيڻس ڳالهه چوري – چي، ”جس هجي هيلن کي،
جا ٽيشن تي ته آئي. ٻانهن چڱي پيئي سونهي. پر مون
تي ڀانئيو هو، جو تون ليٽ نيٺ اُتي کائيندين!
هيلڊار منهن بڇڙو ڪري چيس: ڳالهيون ڪهڙيون ٿي ڪرين؟
”ڇو؟ ڪهڙي منجهس گهٽتائي آهي؟ خاندان اسان جهڙو به ڪونه
اٿن ڇا؟
”مون سمجهيو، تون ڪٿان پيئي اچين !“
”تون ڀانئين ٿو ته تنهنجي هن مڱ تان ڳالهه ڪڍيم؟ آءُ
هروڀرو ائين ڪانه ٿي چوان ته مون کي اها مائٽي وڻي
ئي نٿي. ٻانهن تنهنجي جي کر واري، اَبائتي مانائتي
هجي، ته آءُ ڇو ارهي ٿيان؟ ٻيون به تو سڀ ڳالهيون
ڳڻي، پوءِ اهو ڪم ڪيو هوندو. بابو ۽ آءُ سڀ ڄاڻون
ٿا – بابي ته انهيءَ سورئون وارث به منهنجي ايڊورڊ
کي ٿاڦي ڇڏيو.“
”ڇا، تنهنجي ڪڪي کي؟“
”هائو، اسان جيڪو ورثو ڇڏيو، تنهن جو ته قبضو تو ڪڏهوڪو
وٺي ڇڏيو.“
”تڏهن مون کي بابو پٽيءَ مکائيندو ئي ڪين؟“
”اهڙي آس توالاجي ڪيئن ٿي رکي؟“
”تو پاڻ نٿي ناڪارا ڪئي، ته مون کي اهو ورثو ڪونه کپي؟“
”تون چوين ڇا ٿو؟ بابو جو ڪڪي جو سنڀاليندڙ ٿيو، پوءِ
آءُ چوانس ته ڪڪي کي ورثو نه ڏي! ٻيون به تنهنجي
نانءِ ته پائي به ڪانه ٿي رکيائين، پوءِ آءُ
ڇالاءِ ڪڪي کي ڪس لاراهيان؟“
”بابي جا هي حال، پوءِ تون تڏهن هتي ڇو آئينءَ؟ مائٽي
جڏهن وڻيو ئي نٿي، تڏهن تنهنجو باقي هتي ڪم ڪهڙو“
”منهنجو ڪم؟ هڪڙو ته چيم، آءُ پاڻ اچي واتي ويڻ توکي اها خبر
ٻڌايان، ٻيو ته مون کي پنهنجو به سانگو هو.“
”ڪوڙ! سراسر ڪوڙا!“
”جس هجيئي، شابس هجيئي! پر هنن دهقانين جي سنگ ۾ ٻيو کر
تون ڪهڙو سکيو هوندين؟“
”مون کان چڪ ٿي. سچ، زبان مان اهڙو اکر ٻاهر ڪڍڻ نه کپندو هوم.
آءُ تو کان معافي ٿو گهران.“
”پر مون کي ته ڪوڙو ٺهرائي ڇڏيئي!“
”مون کان ڳالهه لڪاءِ نه. آءُ سمجهان ٿو ته ڪا ته مڙيائي سٽ
سٽي، تون هيڏانهن آئي آهين؟“
”ڳالهه هيئن...“
”بابو جيڪس هڪڙي حساب، وصيت ڦيرائي منهنجي نالي ڪري به !“
”هائو...“
”ڀينڙي، هٻڪ نه. آءُ ته آءُ توکي وٺايان: هائو، هيءَ مائٽي
ڇنان، ته پوءِ سو بيشڪ بابو ورثو ڪري ڏئيم! ڪيئن؟
ائين نه! نوڪريءَ ڀيري به بابي ساڳي رمز ويڙهائي
هئي، پر آءُ خبر اٿيئي ڪونه مڙيو سانس.“
”ورثو ٻيءَ ريت به توکي ملي سگهي ٿو.“
”يعني؟“
”بابي وصيت ۾ ڄاڻائي ڇڏيو آهي ته ڏسو ڀاڻو اهڙو اچي بڻي، جو
ڀڳوان ڪڪي کي پاڻ وٽ گهرائي وٺي، ته پوءِ بابي جو
وارث تون ئي آهين.“
هيلڊار ڪڇيوئي ڪونه. منهن تي ڇايا پئجي ويس.
ڀيڻس پيار جو هٿڙو گهمائي پڇيس: پوءِ ڪندين ويچار؟
هيلڊار ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو- ورندي ڏنائينس: تون مون کي جيڪس
پئسي جو يار سمجهيو آهي؟ ورثي ڪارڻ تون ڀانئين ٿي،
آءُ ٿڪ چٽي ويندس؟ خبردار، مون سان انهيءَ ڳالهه
جو وري ذڪر چوريو اٿيئي!
”ڀائڙا، آءُ ته تنهنجي مٺگهري ڪانه آهيان. مرضيءَ جو مالڪ
آهين.ٺهيو، آءُ ڀلا هاڻ اُٿان ٿي. ڪڪي کي ڇڏئي
ڪيتري ويرم ٿي اٿم.
”ڪنوار کي توسان پوءِ ڪڏهن گڏايان؟ اڄ ئي وٺي اچانس؟“
”اڄ؟ نڪو هينئر ته آءُ وڃي ٿي ساهي پٽيان. تنهنجي ڪنوار کي به
ڪنهن ڏينهن ڪري ڏسنديس. |