سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: سون ورنيون دليون

صفحو :3

[4]

ٻئي ڏينهن صبوح جو،، اڻ اُڀرئي ئي، رٿ سنڀري اتي ٻيلائيءَ جي مڪان ڏي هلي. پکي اڃا اَکيرن ۾ ويٺائي هئا، ۽ ڏاڍيون لاتيون پئي لنويائون. ماڪ جا ڦڙا به سائي سبز گاهه تي ثابت بيٺائي هئا. هن جتان پير کنيو ٿي، اتان البت ڦسي ٿي پيا، نه ته آسپاس ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ته ڪي زمردن سان جهنجهيل ۽ موتين ڳتيا غاليچا وڇايا پيا هئا.  ٿڌي هير به پئي لڳي، ۽ وڻن ۾ هوريان هوريان چر پر ائين ٿي ٿِي، ڀانءِ ته پاڻ منجهه ڪن سن ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون. هن تڪڙا تڪڙ ا اونها ساهه به پئي کنيا، ۽ دل ۾ ويچار به پئي ڪيائين ته – اهي بيشڪ ڀاڳن وارا چئبا، جي ٻاروهي هنن جي اوٽ ۾ ٿا رهن! آءُ سدوري تي پنج – اَٺ هفتا مس وٽن مهمان هونديس. پوءِ ته منهنجو پنڌ پيچرو هوڏانهن ٿيو. پر وري پاڻ کي سمجهايائين ته ”آئندي جي اوني ڪارڻ، هينئر جي خوشيءَ آءُ غم سان ڇو پئي ملايان؟ انهيءَ کي انهيءَ ويل ڏسي وٺبو. هينئر ته ڍؤ ڪري، هي ساءُ وٺي ڇڏيان“. هلندي هلندي جيڪا وڻراهه  هرٿا جي ماٿر ڏي ٿي ويئي، ان تي وڃي نظر پيس، پر هن اڃا پاڻ سان ڳالهيون پئي ڪيون، ته هيڪر مڙيوئي انهيءَ ڪشتيءَ ۾ ماٿر جو ديدار وڃي ڪنديس، ته وڻن جي جهمٽ مان، ڪنهن جي چرپر جو آواز ٻڌي ورتائين، ۽ هيءَ جيڪي سو شڪجي بيهي رهي.

هيلڊار – بندوق ڪلهي تي، ۽ ويس به ڪالهه جهڙوئي ڍڪيل – جهمٽ مان ٻاهر نڪري، اچي ڀرسانس بيٺو.

پڇيائينس: ڇو، ڊڄي ويئينءَ ڇا؟

هن ورندي ڏنيس: جان تان.

هيلڊار: سو ڪالهه جيئن چيئي ٿي، تيئن اڄ ڪري ڏيکاريئي، ۽ ساجهرئي هيڏانهن نڪري پيئي آهين! ڪيئن فرصت آهي نه؟

رٿ: ڏاڍيون پکين جون لاتيون ٻڌي. منهنجي به اچي دل ٿي، ته آءُ به ٿي وٺي ڳايان!

”پوءِ ڳايئي ڇو نه؟“

”ڳائڻ اچيم ته ڳايان!“

هيلڊار جي منهن تي هڪ ڇاپا پئجي ويئي – پڇيائينس: سو وري ڪيئن؟

چي، ڳائڻ جي ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي هجيم ته ڳائڻ اچيم، اِهين ڪيئن ايندو؟

”تنهنجيءَ ٽهيءَ وارين کي ته راڳ ۽ گاني جو شوق حد کان ٻاهر ٿو ٿئي. پوءِ تنهنجي دل انهيءَ ڌاران ڪيئن رهي؟ مون کي ته راڳ جو ڏاڍو خفت آهي. پاڻ به چڱو موچارو ڳائي ڄاڻان. منهنجي ڀيڻ سان ته ڳائڻ ۾ ڪنهن جو پڄڻ ئي ڪونهي.“

”راڳ وڻي مون کي به.“

”پر پاڻ ڳائي ڪونه ڄاڻين؟“

”نه.“

هيلڊار جي پيشانيءَ تي وري به ڇايا ڏيکاري ڏني.

هيڪاري جو رٿ ٻڌايس، ته راڳ ته پنهنجي ماڳ، ٻي تعليم به مون کي خاطر خواهه ڪانه ملي، تنهن تان هن کي وڌيڪ ئي حيرت لڳي، ۽ منهن به وڌيڪ ئي گهنججي پيس. پر وري جيڪس دل ۾ آيس، ته تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو وڌيپو ويو؟ تڏهن منهن جو چهرو ڦري ٻيو ٿيس. ٿورو رکي، ايترو سو چيائين: ڏات جا خدائي ٿي سا ڪنهن کي ڀاڳين ڪري ملي ٿي، ڪنهن کي نه به ٿي ملي. وري ڪنهن ڪنهن صورت ۾ شوق گهڻو ئي ٿئي ٿو، پر حالتون آڏو اچيو وڃن.

”مون سان به حالتن ڊوهه ڪيو. ابو – اما، آءُ هيڏڙي هيس، تڏهڻين ڇورڙي ڪري ڇڏي ويم، منهنجو ماٽيلو پيءُ....“ رٿ کي اتي ياد آيو،ته هيءَ  ته گهر جي اوگهڙ ٿي ڪريان، جنهن کان اڃا ڪالهوڻي ڪالهه ماساتيم پل وجهي ڇڏي هيم، تڏهن سهمائجي باقي ڳالهه ڳهي ويئي.

پر هيلڊار ورجائي پڇيس: هائو، پنهنجي ماٽيجي پيءُ چي ڪهڙي ٿي ڳالهه ڪيئي؟

رٿ کي داديس سچ جي ستي پيٽ وجهي ڇڏي هئي، سو ڪوڙ سان پوندي ڪانه هيس. اجايو پڏڪو ۾ منجهس ڪونه هو. ننهن صاف صاف ٻڌايس: منهنجي ماٽيلي پيءُ کي هڪڙو ته وسعت ڪانه هئي، ٻيو ته هن جو مون تي ارواح ئي ڪونه هو، جو منهنجي تعليم جو  ايڏو اونو ڪري رکي.

هيلڊار کڻي ماٺ ڪئي، ۽ ڪا مهل اکيون ڌرتيءَ ۾ کٻايو بيٺي نهاريائين. نيٺ ڪنڌ کي اُڇلڪو ڏيئي، منهن مٿي ورايائين. هن ويل سندس روش ساڳي اهڙي پئي ڏٺي، جهڙي پاڻ اوائلي پهرين ڏينهن اختيار ڪئي هئائين.

رٿ جو به جيءَ جاءِ ڪونه هو. اوائلي چُڪ ڪري ويٺي، نه ته چري ڪانه ٿي هئي، جو هئن ويهي ست ڌاريي کي گهر جو سير پار ڏئي ها. هيلڊار ڏي مهڙ ڪري، چيائينس: منهنجيءَ ماسيءَ ۽ ماسات کي جيڪڏهن کڙڪ پئجي وڃي، ته مون اوهان سان پنهنجي حال جي ڳالهه ڪئي آهي، ته هنن کي جيڪر ڏاڍي چڙ لڳي. تنهن ۾ اوهان کين ان جو انت متان ڏيندا آيو. ايتري مون سان ڀلائي ڪجو. اوهان مون کان سڌو سڌو سوال پڇيو، تڏهن چيم، اوهان کان لڪايان ڇا؟ ٻيو به مون کي پنهنجي سر ته مهڻو ڪونه ٿو لڳي. ويچار رڳو هنن مائٽياڻين جو ئي ٿو ٿئيم!

رٿ ڀانئيو، هٿ هٿ ۾ وٺي، هيلڊار کان پڪ ڪرايان، پر اُن مرڳو سندس هٿ ذرا ڇوهه مان پاسيرو اُڇلي، چيس: هن ويل ته آءُ پنهنجو هٿ تنهنجي هٿ سان ملائي نٿو سگهان!

هيلڊار پنهنجي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري ويو هو. آواز مان به سندس رنجش جي رؤن رؤن پئي آئي. رٿ هن کي هيئن بيتالو ڏسي،  ٻه وکون وڃي پري ٿي بيٺي. پر هيلڊار جو به اهو ڍنگ گهڻي ويرم تائين اسٿر ڪونه رهيو – اڳيانس اچي، چوڻ لڳس: مون کي معاف ڪج. آءُ لاچار هوس! رٿ وات مان ڪڇيو ڪين، رڳو ڪنڌ وٺي ڌوڻيائين. هيلڊار پوءِ کانئس موڪلائي، تڪڙو تڪڙو هليو ويو. پر رٿ وک مس اڳتي وڌي، ته ڏٺائين، جو آلڊينهوفر ڪشتيءَ  واريءَ وڻراهه تان گهوڙي کي ڇالون ڏياريندو ڪشتيءَ  ڏانهن پئي ويو.

رٿ ٻيلائيءَ جي مڪان تي پهتي، ته منهن ۾ پهرين پهرين ننڍي ساهيڙيس گڏي، جا اُمالڪ رڌڻي ۾ وٺي ويس ۽ وڏو شاهي جام کير جو ڀري چيائينس: ڪر صحت !

رٿ جام هٿ ۾ وٺي، ورندي ڏنيس: هيڏو جام ڪنهن کان پيتو ٿيندو؟

”ڇو، گهڻو آهي ڇا؟ اسان ته جيڪر ههڙا ٽي – ٽي جام يڪساهيءَ چاڙهي وڃون. تون به رک چپ تي، هتي جي هوا لڳيئي، پوءِ ڏس ڪيئن نه ٿا پيٽ ۾ ڪئا ڊوڙنئي، آڻ آڻ نه پيئي ڪرين، ته منهنجو نالو مٽائي کڻي ٻيو رکج ! پر مٺي، ڪيئن رڌڻو منهنجو وڻيئي ٿو؟“

”صفائي واه جي آهي ! مک پيئي ترڪي. پر سچي، رڌڻ پچائڻ جو ڪم سڀ تون پاڻ ڪرين ڇا؟“

”منهنجا هٿ نٿي ڏسين؟ ههڙا جبل تڏهن ڇو ٿيا آهن؟“

”جس هجيئي ! هٽجين به ڪانه؟“

”آءُ پاڻ وندري پيئي آهيان.“

”هائو، جتي کِٽ ڦِٽ ڪانهي، اُتي ڪم مان پاڻ مزو پيو اچي.“

”تنهن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي. پر تون مئي، هيئن ڳورو ڇو پيئي ڳالهائين؟ تنهنجو وقت گهر ۾ جيڪس سکيو نٿو نبري ڇا؟“

”ادي پڇ ئي ڪين.“

”پنهنجي داديءَ جي ته سا کن مان ڍاپين ڪانه ٿي، پوءِ گهر ۾ تڏهن ٻيو دک سور ڪهڙو اٿيئي؟“

”داديءَ جي ته ڳالهه ئي نه ڪر، پنهنجو پاڻ هن کي ياد ئي ڪونهي. ڏينهن رات منهنجي ئي تات اٿس: نَنهَن ۾ لڪايو کارائيم. سندس نمونو ڏسين، ته جيڪر حيرت وٺي وڃيئي ! مون تان گهورون پيئي گهوري. داديءَ جون ساکون آءُ جيڪي ڪريان. سي ٿورڙيون !“

”تڏهن ته  مون کي به ٿي ماٺ لڳي نه، جو چيئن ٿي، گهر ۾ مون لاءِ سک ئي ڪونهي !“

پر رٿ وڌيڪ ڪانه ڇلي. هيلڊار کي ئي پيٽ ڏيئي، ڏاڍو پڇتايو هئائين. سچ پچ ماسيءَ ۽ ماسات جو ڏاڍو ويچار ٿي ٿيس. کير پِي بس ڪيائين، ته ساهيڙيس چيس: هل ته واڙي مان ڦيرو ڏياري اچانءِ. واڙي ۾ گابن ۽ گابين آهر مان ڏارو پئي چنو، ۽ ڪڪڙيون ۽ بدڪون هيڏانهن هوڏانهن پئي آيون ويون. هي ٻيئي اندر گهڙيون، ته سڀيئي ساهوارا ساهيڙيس کي وڪوڙي ويا. هڪڙيءَ پکيءَ ته وس ڪيو ! ٽپ ڏيئي، اچي ائنا جي چپي تي ويٺو،  ۽  ڄڀ ڪڍي سندس هٿ چٽڻ لڳو – ساهوارا ، رٿ سان به پاؤ پلڪ ۾ هري ويا. ڀانءِ ته اڳ جي ساڻس ڏيٺ هين. هيءُ ڀاڪر پيئي پائين، مٺيون پيئي وٺين ! هنن به سرهائيءَ وچون ٺينگ ٽپا پئي ڏنا. ساهيڙيس کي به هي رنگ ڏسي، ڏاڍي سرهائي ٿي. چيائينس : ڪيتري ۾ نه هنن جي هڏن م پيهي ويئي آهين !

پوءِ ته ٻيئي ڄڻيون لنگهي اندر ٿيون. نيرن تي هوءَ وڏي ساهيڙيس ۽ سندس پيءُ به اچي ويٺو. هيءَ ته  هري مري ڪالهه ئي ساڻن ويئي هئي. اڄ جا باقي ماساتيس به ڪانه هئي، تنهن ڪري رهيو کهيو لهج، سو به هن جو لهي ويو.

منجهند ٽاڻي، رٿ، ايوا کي چيو: تون شهر جي گوڙ شور تي هريل ، هتي ڪڪ به ڪانه ٿين؟

ايوا ورندي ڏنيس: ڪڪ ڇو ٿيان؟ آءُ پنهنجي خوشيءَ هتي رهي پيس. ڪنهن مون کي ٻڌي ڪونه ويهاريو.

”آءُ ڀانئيان ٿي، ٻيلي ۾ ڪو مڙيوئي ڪو ڪٽ ٿو ڏسجي، جنهن ڪارڻ تون موٽي پڦيءَ وٽ شهر ۾ نٿي وڃين. پڦهينءَ وٽ نه ته روز محفل لڳي پيئي آهي. پوءِ انهيءَ کي تو ڪنهن ڳالهه جي ڪاتر ته سهسايو هوندو؟ نه ته ههڙا مزا شهر جا ڪير ڇڏي !“

”ٻيلي مون کي پنهنجي جادوءَ سان ڇَلي وڌو !“

”ٻيلي جي جادوءَ ، ڪين ڪنهن ٻيلي واري جي جادوءَ؟“

ڏسجانءِ، متان اُهو توتي به کڻي ڪو ڦيڻو پڙهي وجهي !“

”مون تي سندس جادو ڪامڻ هلندو ئي ڪونه، ائين آءُ ڏيٺي آهيان. . ٻيو به مون کي فرصت ڪٿي، جو تو جيئن پهه پيئي پچايان. جيتوڻيڪ ننڍي هوندي کان ئي ٻيلي لاءِ دل ڇڪون پئي ڏنيون اٿم، جو امان واري اها لڇ مون ۾ به رهيل ٿي ڏسجي، ته به آءُ فقط آرڙهه جا ڏينهن سو منجهس ڏاڍو خوش ٿي گذاريان، باقي سياري ۾ ته جيڪر وقت ئي وڌي پئيم. شهر ۾، نه ته منهنجي لاءِ ڪا وندر ۽ورونهن  ورهائجي ڪانه پيئي. آءُ ته روزگار لاءِ جڏهن ڏينهن رات نور نچوڙيان، تڏهن مس هلي سگهان.  وڏو ڇيهه ته رات جو  ڪا واندڪائي ملندي اٿم. پو اُتي، جي ٻي ڪا وندر ڪانه ٿئي، ته ڪم مهل ساهيڙيون سڌون ته مڙئي اچيو پاڻ ۾ گڏجون. اڪيلائي به هونءُ جيڪر مون کي ڪانه ماري، پر سياري ۾، ڇڙي سر، نه ماڻهو روئندو سونهي، نه پٽيندو سونهي.“  

”تو نينگر اڃا دنيا ڏٺي ڪانهي. حياتيءَ جي لاهه چاڙهه جي توکي ڪهڙي سڌ؟ ماڻهوءَ جي مٿان گهڻي ئي ٿا اهڙا دؤر اچن، جو مٺا پيارا سڀ کانئس ڦريو وڃن ! جنهن ٽڪريءَ تي پاڻ بيٺو هجي، سا تپايو ڏئيس: جن کي پاڻ اکين ۾ نور ڪيو سمجهي، سي سندس جاني دشمن بڻجيو پون – اُن مهل ڏس ته اڪيلائي ماري ٿي، ڪين پاڻ جياري ٿي !“

ماڻهو بي ايمان ٿين، ته پاڻ کي کڻي اڪيلائيءَ جو بند ڏجي؟ واه ! اهڙي ڪانئر آءُ به ڪانه آهيان. آءُ ته جيڪر اهڙن جيون جو ويچار به ڪونه ڪريان.“

اوڦٽو ماڻهن جي ڳالهه مون ٿورڙيائي ڪئي. انهن جي ڪاتر ڪو چريو جيؤ هوندو، جو پاڻ سان ائين وڙهندو ! پر ڏس، تنهنجي دادي آهي – سڀان اها توکي چوي: پاڻ ٻنهي جي نه بني. مون کي تون ڏٺي نٿي وڻين، منهنجو تولاءِ هينئر هڏ نٿو ڪرڪي، منهنجي جند ڪري ڇڏ....“

”دادي اهڙي ڪٺور دل آهي  ئي ڪانه، داديءَ نانءِ متان ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪئي اٿيئي.“

”آءُ ڀينڙي، رڳو مثال جي ٿي ڳالهه ڪريان، تنهنجي دادي شل توکي سدائين نبيهه هجي ! پر ڏسو، ماڻهوءَ جي مٿان اوکيون سوکيون گهڻيئي پيون اچن. مبادا هوءَ ڪنهن مهل تو کان ڦري بيهي، ته پوءِ؟“ رٿ اُتر ڪونه ڏنس. رڳو وڻن ڏي وائڙن وانگر پئي نهاريائين.

”ڇو، ڪڇين نٿي؟“

”آءُ جيڪر مري وڃان !“

”مرڻ به ته ورهائجي ڪونه پيو، ماڻهو مرندو به وهيءَ سارو. وهي هوندي ڪانه، ته موت ڪٿان ايندو؟“

”منهنجي دل تي جيڪر هيڏو داغ ٿي بيهي، وندر ورونهن سڀ وهه ٿي لڳيم !“

”اجهو ايڏو ٿو تاءُ  اڀري ! پوءِ اڳهڻون ڪيئن چَيئي، آءُ ته جيڪر اهڙي جيو جو ويچار به ڪونه ڪريان؟،“

”مون عام ماڻهن نانءِ ٿي ائين چيو. داديءَ جي ڳالهه ئي ٻي ٿي“

اتي ايوا چيس: هاڻ انهن ڳالهين کي ڇڏ، آءُ ته ٻيون ڪي ڳالهيون ڪريون اول ته تنهنجي دل تان اهو اثر لهرائڻو اٿم، جو ڀانئيو ويٺي آهين ته سياري ۾ هتي ڪا موج ٿيئي ڪانه.

رٿ وراڻي ڏنيس: توکي جيڪي وس هلائڻا هجن، سي ڀل هلاءُ، پر مون کان کٽيندينءَ مور ڪانه – ڇو ته پنهنجي طبيعت کي آءُ چڱيءَ پر ٿي سڃاڻان.

ايوا پڇيس، تڏهن تون ڪنهن ٻيلائي سان جيڪر پلؤ پائي ٻڌين ڪي نه؟

رٿ چيس: وس پڄندي ته نه. پر ڏسو، ورڌاتا منهنجو انگ ڪري ساڻس لکيو  هجي، ته سياري ۾ ته جيڪر آءُ وٽانئس ڀڄي وڃان.

هڪڙو سيارو هتي رهي ڏس، ته پوءِ سُڌ  پويئي، ته ڪيتري ويهين سؤ آهي ! پهيون پيچرا جڏهن برف سان ڇائنجي ٿا وڃن، ۽ برف جا ڳنڍا وڻن ۾ چانڊوڻن وانگر پيا چمڪن، تڏهن جيڪو ٻيلي جو رنگ ڍنگ ٿئجي ٿو، تنهن جي خبر انهن کان پڇ، جن جو ساڻس پيچ پيل آهي. مون کي ته منجهانئس اونهاري کان به سياري ۾ وڌيڪ مزو ٿو اچي. خصوصاً رات  ٽاڻي، جڏهن سن سناٽ لڳي ٿي وڃي، ۽ ٻالچندرما هن ماٿر مٿان کڙي ٿو  بيهي...“

ايوا تڪ پوري ڪانه ڪئي، ته ائنا ڳالهه کي وٺائيندي هلي – چي، ماٿر جي مٿان جڏهن ٻالچندرما کڙي ٿو بيهي، تڏهن، پوڻ، پاڻي ٻئسنتر، اچيو منهنجي داديءَ کي ڌتارين، ۽ دادي جو بت ڪري هتي ئي پيو رهي، ته به جان سندس هتي پيئي وسي. پر رٿ تون اهي ڳالهيون نه به سمجهي سگهين، ڇو ته جن کي لڳي ٿي، قدر انهن کي ئي ٿو پوي. منهنجي دادي به آلڊينهوفر جيان اٿيئي، جو به مهلن جون مهلون، وڃي انهيءَ ماٿري ۾، پرين جي ڪشتيءَ وٽ، پاڻ وندرائيندو آهي ڪشتي وڻي مون کي به، پر آءُ اتس ٻين جيئن مستان ڪانه آهيان. هيڪر ڏسي، ڍؤ ڪري ڇڏيو اٿماس هنن جي ته سنجهه – صبوح ڏانهنس ڊوڙ آهي. پر تو جا نه اڪيلائيءَ جي ٿي ڳالهه ڪئي، سو ائين نه ڄاڻج، ته سياري ۾ اسان وٽ پهر ئي ڪانه اچي. سياري ۾ پاڻ محفلون ۽ مجلسون هتي گهڻيون ٿيون لڳن، جو ٻيلاين کي اها مند ئي هيڪاندي واندڪائي واري ٿي ملي. پوءِ ناچ گانا هنن جا کٽن ئي ڪين. ٻيلي جي ٻئي نظاري جي ڪثر انهيءَ ۾  ئي  اچيو ڃي- انهن محفلن ۾ آلڊوينهوفر به اچيو شامل ٿئي.

اتي ايوا جي ڳلن ۾ لالائي اچي ويئي، ۽ ڀيڻ کي ڪو اشارو ڪيائين، جنهن ڪري ائنا هوءَ ڳالهه اتي ئي ڪري ڇڏي، رڳو چپن ۾ چائين: ڇو ! پاڻ ماڙيءَ تي اچي ويو ڇا؟ ايوا  وٺي ڪنڌ ڌوڻيو.

رٿ چيو: اسان ته کيس ايندو ڏٺوئي ڪونه.

ائنا ٻڌايس: سندس لنگهه هتان ٻئي پاسي کان آهي.

 گهڙي کن پوءِ، رٿ چين: آءُ هاڻ وڃان ٿي. سج به لٿو ڪي لٿو.

ائنا چيس: تڪڙ ڪهڙي لڳي اٿيئي؟ رک ته الائيس ته اچي. رٿ ٻڌايس: اُها واٽ تي ئي گڏبيم. پاڻ خوش ٿيندي. ڪالهه ئي پئي ورتي. هيڏو پنڌ کانئس جيڪيس پڄي نٿو.

 ايوا چيس: تڏهن اوستائينءَ ٿي توسان گڏجي هلان. پوءِ ٻيئي ساهڙيون نڪري ٻاهر ٿيون.

واٽ تي ايوا چيو: نماشام جو ٻاهر پير کڻجي  ٿو ته بت بود ۾ اچيو وڃي.

رٿ ورندي واري: سو به وري ههڙيءَ هوا ۾ !

ائين ڳالهيون ڪنديون، هلنديون پئي ويون، ته رٿ پڇيس: هتي ٻيا پکي ته گهڻيئي پيا ڏسجن، پر بلبل ڪانه ٿئي ڪيئن؟

ايوا ورندي ڏنيس: بلبليون آهن ڇو نه،پر انهن جو ٿاڻو ٺڪاڻو آهي هرٿا جي ماٿر ۾.

”سڀڪو پيو انهيءَ ماٿر جي ڳالهه ڪري. آءُ جيڪر هڪ وار اُتان ٿي اچان !“

”پر اتي اڪيلي متان وڃين !“

”ڇو؟“

”ماڻهو ڏاڍا ڊپ ٿا ڏين.“

”آءُ ادي، سنسو ڀرم واريائين ڪونه.“

ايوا ڪڇيو ڪونه. رڳو وٺي مشڪيائين.

رٿ پڇيس: ڀلا ڳالهه ته ٻڌائينم، ڪهڙو منجهس اسرار  آهي؟

        ايوا ورندي ڏنيس: هينئر ڇڏ، ڇو ته ڳالهه ٻڌائينديسانءِ، ته پوءِ وڃڻ تي دل ئي ڪانه ٿينديئي. هيڪر اکين سان رنگ ڏسي اچ،پوءِ ڳالهه پري ڪانهي.

”ائين ته پاڻ منهنجي دل اُٿارين ٿي. تنهن ۾ جيستائين ٻڌائينديم نه، تيستائين آءُ ڪن پيئي کائينديسانءِ.“

تڏهن هن ساري ڳالهه ڪري ٻڌايس – چي، ”هتي هڪڙو آهيڙي رهندو هو، جنهن کي ٻه ڌيون هيون. پر وڏيءَ کان ننڍيءَ جو منهن جو وڌيڪ نمڪ وارو هو. انهيءَ تي هڪڙو  امير زادو اچي موهت ٿيو. هيءَ ڪشتي، چون ٿا انهيءَ کڻائي: انهيءَ ڪشتيءَ وٽ، هوءَ ڏهاڙي اچي کيس گڏجي هئي، ۽ مهلن جون مهلون، هي پاڻ ۾ پيا پريت ونڊيندا هئا. هو وڏي، جا ائين ئي ريٽجي ٿي ويئي،  تنهن کي اچي انهي تان ساڙ لڳو، عضوا ڏيئي، وڃي هنن جون سنهيون سنهيون ڳالهيون ٻڌندي هئي. ڪنهن وقت امير زادي کي ڪو ٿورڙن ڏهاڙن ڪاتر ٻاهر وڃڻو پيو. هن وڏيءَ، وجهه وٺي ڀيڻ کي ڪشتيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. امير زادي موٽي اچي جڏهن خبر ٻڌي، تڏهن لاش ته پنهنجي ڪنوار جو وڃي ڪشتيءَ مان ڪڍايائين، پر پاڻ کانئس پڄاڻا تڳيوئي ڪين. کاڌو پيتو ڇڏي ڏنائين، ۽ ڳري ڪنڊا ٿي ويو. انت ويلي تائين سڌ ڪانه پيس، ته منهنجيءَ ٻانهن سان ڊوهه ڪنهن ڪيو. هن وڏيءَ کي به پاپ ڪُڪرم ڦٻيو ڪونه. اندر واري جو ڀونڊا هنيس، سو رات جو ننڊ ڦٽي پيس. پوءِ ته ديواني ٿي پيئي، نيٺ ڦاٽ کاڌائين. پر اوڏو ڪير ئي ڪونه ويندو هوس. ڪشتيءَ وٽ ويهي، گهڙيءَ پيئي روئندي هئي، گهڙي پيئي کلندي هئي. پڻس –ماڻس گهڻائي زور ڪندا هئس، ته هلي گهر ۾  ويهه، پر هيءَ ٻڌندي ڪانه هين. ورهين جا ورهيه ائين نبري ويا. نيٺ هڪ ڏهاڙي مٿانئس ڪا وڄ ڪِري، ۽ هيءَ  مري ويئي ! تڏهانڪر انهيءَ  ڪشتيءَ کي چون ٿا، پاراتو لڳي ويو آهي – هاڻ ته جيڪو ٿو هيڪر اڪيلو اُتي پير پائي، تنهن کي ملولائي وٺيو وڃي. آلڊينهوفر نانءِ به چون ٿا، انهيءَ جو ڪو اتس اثر پئجي ويو آهي.“  

 

 

 

[5]

Text Box: 56

 

ماسيس ته پيئي ڏجهي. چي، اَبائتو، مانائتو وڳوئي ڪونه اٿس. وٺي پاڻ سان اندر ٻاهر ڪهڙي وکڇر کي ٿي وڃي؟ پر ماساتيس ماءُ کي به  لنوائي ڇڏيو، ۽ شهر ۾ جيڪي به وڏا گهر هئا، تن وٽ رٿ جي وڃي ڄاڻ سڄاڻ ڪرايائين. ٻن – چئن گهرن ۾، البت ٿڌي ٿوري، وڏ – گهراڻين هنن جي سکڻي آءُ ڀاءُ ڪئي، پر هڪڙي هنڌ – جتي ان ويل هيلڊار به هڪيو هو، ۽ پاڻ هڪڙيءَ نازنين سان ڪن سن ۾ ڳالهيون پئي ڪيائين. اتي هنن پير پاتو، ته هن نازنين ته منهن  ڪونه ڏنن، پر  خود هيلڊار به ڪرسيءَ تان سو اٿي بيٺو، پر ڏيکاريائين ائين، ڄڻ هنن کي سڃاڻي ئي ڪونه، ۽ سڌئي ڪانه هيس، ته هي ڪنڊ ڪهڙيءَ جون آهن !

 

انهيءَ تان رٿ کي جان تان سراپ وٺي ويو، پر ڳالهه دل ۾ ئي رکيائين. باقي ماساتيس ٻاهر آئي، اها سا اچي ڇلي – چي، ”هي وڏا ماڻهو پاڻ کي سمجهن الاجي ڇا ٿا؟ ڀائنين ٿا، اسان مان به ڪجهه ٿي پيو ! اسان ڄڻ ته سندن ڪش آهيون ! پر اڃا شڪر جو اسان کي ملهه ڪونه ڳڌو اٿن. دخل ته ڏسين: ڏيڍ چانور ٿو ڏور رجهين. هن هيلڊار جا حال ڏٺئي؟  هونئن ڏس، ڪيتري نه چٽ چٽ ڪندو اٿيئي، هينئر ڀانءِ ته توسان رستو ئي ڪونه اٿس ! ماريو عيشي جيئڙو ! پاڻ جهڙن جي ريت رسمات جو پابند – متان سندس ڦند ۾ ڦاٿي آهين ! ههڙن ماڻهن تي جيڪا ويسهه ڪري، سا به پنهنجي عمر کاري. جتي لڳين، اتي دل وندرائي، پوءِ باغي ٿيو وڃن !“

رٿ ته ماٺ ڪيو پئي سندس ڳالهه ٻڌي.

 

[6]

ٻيلاين وٽ رٿ ڀيرو ڀڳوئي ڪونه ڏهاڙي پويون صبوح ڏيئي اٿندي هئي، ۽ سج اڀرندو ئي ڪونه هو، ته وٽن اچي حاضر ٿيندي هئي. ماسيءَ جي گهر وري رات جو چرڪيرو موٽندي هئي. سج لٿي هيلڊار اچي بيهندو هوس، تيتر انهيءَ  سان گڏ ٻيلي ۾ پيئي گهمندي ڦرندي هئي. هيلڊار، ڏينهن جو به ڪا گهڙي – اڌ واندو ٿيندو هو، ته وٽس لنگهي ايندو هو. هن جي صحبت اهڙي وڻي ويس، جو نت نوان نوان نظارا نظر مان ڪڍي، هن کي وڃي ڏيکاريندو هو. پاڻ ڳالهي به هڪڙو ئي هو. رٿ کي نيٺ پاڻ تي ايتريقدر هيري ڇڏيائين،  جو هوءَ به کانئس شڪ ڪندي ڪانه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اندر به کولي ٻڌائيندي هيس. هيلڊار به ڏٺو، ته جي پڙهي ڳڙهي گهڻو نه ڄاڻي، ته سمجهه ۽ عقل، پڙهيلن کان ڪنهن به ريت گهٽ ڪونه اٿس. گهڻين کان پاڻ چار رتيون سرس ئي ٿيندي. ڳالهائڻ سندس فهميندو، اٿڻ ويهڻ جي کرائتي، ڪنهن ڪنهن ويل سندس واتان جيوت نسبت اوچا اوچا خيال ڪن تي پوندا هئس، ته هي يار اچرج پيو کائيندو هو، ته خيال جي ههڙي بلندي هن پرائي ڪٿان؟ ان باري ۾ پاڻ نه ته اهڙو ڏکڻو هو، جو ڪا ذري منجهس ويڪ ڏسي ها ته وري سندس ويجهو به ڪين وڃي ها – پر هن سان هيتريءَ لڙهه و چڙ هوندي به، کانئس ڪري پڇجي ها ته ”ڪيئن ههڙي ٻانهن پسند اٿيئي؟“ ته اڳلي تي جيڪر ٽهه ٽهه ڪري بيهي کلي ها!

رٿ کي ٻيلي جي هوا ۽ جهانگين جو کير اهڙو لڳو، جو گندلي ٿي پيئي. منهن جي ڦڪاڻ هينئر رهيس ئي ڪانه. ڳل گلاب جيئن ٽڙي بيٺس. اکيون ته هونئن به آب –ڪٽوڙ هيس، هاڻ ته چهري جي زيب ڪارڻ هيڪاري منجهن نور جو تجلو وڌيڪ پئي ڏٺو.

هڪڙي ڏهاڙي، ٽپهريءَ جو، اڪيلي سر، منهه ۾ ويٺي هئي، ۽ وڻن جي چوٽين ڏي پئي نهاريائين، ته ٻن مڙساڙن جي ڳالهاءَ جو آواز اچي ڪن تي پيس. پاڻ گهڙي – اڌ ٿي هيس، جو خط لکي بس  ڪيا هئائين،  سي هينئر لفافن ۾ بندي، اتن سرناما وجهي، کڻي پنهنجي ڀرسان بئنچ تي رکيائين.

هيلڊار پنهنجي بالا عملدار آلڊينهوفر کي پئي چيو: جناب ! ڪم اهڙو ٿا ڪريو، جو وري ٿا کاتي ۾ بگاڙو وجهايو. ”هيريءَ سندس هير، ٽنگ ڀڳي نه لهي“. هو نجس، اصل پوءِ به ڪين سمجهندو، تنهن ۾ اڃا به وجهه اٿو، ههڙي نازڪ ڪم تي نه رکوس.

بالا عملدار ورندي ڏنيس: هي وجهه ڏيانس ٿو من سڌري پوي. روزگار جي تنگي به ماڻهوءَ کي تالان ٿي ڪري. ڪم ۾ لڳو پيو هوندو، ته من ڀٽڪندس ڪين.

”مرضيءَ جا مالڪ آهيو، باقي آئيندي ڳالهه  ڪا هيٺ مٿي ٿي، ته مون کي حرفي نه ٺهرائجو.“

”انهيءَ کان اوهان ڇٽا آهيو، مٿانئس آئيندي نظرداري برڪ ڪندو رهندو.“

آلڊينهوفر ترسيو ڪونه، کيس سلام ڪري ويو هليو. هيلڊار لنگهي اندر منهه ۾ ٿيو. اس ۾ اونهئي منهن ٽامڻي ٿي ويو هوس، هيڪاري جو بالا عملدار سندس ڳالهه نه مڃي هئي، تنهن ذراڪ وڌيڪ ئي جوش ڏياريو هوس. پر رٿ کي جو ڏٺائين، ته منهن جو چهرو وري ٻيو ٿي پيس – رٿ کي چيائين: ٻڌئي ! شولز کي وري به ٿا سان جي کاتي ۾ رکن !

رٿ ورندي ڏنيس: هائو، مون کي پاڻ ڪن تي اهڙو پڙلاءُ پيو.

”آلڊينهوفر کي سڌ  ڪانه ٿي پوي، باقي هن کي رکي، نيٺ ڏاڍو پڇتائيندوهو. بر تنهن ۾ منهنجو ڇا وڃي؟ منهنجو ته آئيندي ساڻس واسطو ئي ڪونه رهندو“

ڳالهه ٻاهران بيپرواهيءَ سان پئي ڪيائين، پر اندر ۾ آرام ڪونه هوس. کليائين به زور ڏيئي پئي. اهائي رٿ هتي هن ويل نه هجي ها، ته اهي ڪا ويرم پيو چڙي وچڙي ها. اتي اک وڃي لفافن تي پيس، بئنچ تي ويهي، رٿ کي چيائين: خط ته ڪين آهن، ڪي رسالا ٿا ڏسجن !

رٿ ٻڌايس: لکيا به اڄ ئي اٿم،  جيتوڻيڪ سويلو چڪر به ڏاڍا ماري آئي آهيان.

هيلڊار: چڪر ته چڱا، پر تون سڀاڳي، ايڏي جاکوڙ نه ڪر. آءُ ماساٿهين کي به ٽيٽ ڏيئي ٿو ڇڏيان، ته ائين توکي پنهنجي وهه نه ڇڏي ڏيئي.

رٿ پنهنجون اکيون کڻي سندس اکين ۾ کپايون. منهن تي مرڪ، چيائينس: پنڌ هينئر آءُ لکايائين ئي ڪانه ٿي. ڏسو، بت ۾ ڪيترو نه وري آهيان !

 هيلڊار ڏانهنس نهاري، سرهو پئي ٿيو. اتر  ڏنائينس: تنهن ۾ نه شڪ ئي ڪونهي. داديهن جيڪڏهن سياڻي هجي، ته سرؤ ۽ سيارو به چويئي ته اتي ئي رهي پئو.

”سرؤ ۽ سياري ۾ هتي ڪير رهندي؟ آءُ ته جيڪر ڪڪ ٿي پوان، تنهن ڏينهن هنن منهنجين ساهڙين به اهڙي ڳالهه ڪڍي. پر هنن کي هتي جهڙو اونهارو تهڙو سيارو. گهر گهاٽ جو هتي ٿين.“

”تڏهن دنيا جو گوڙ شور توکي وڻي ٿو؟“

”گوڙ شور نه؛ باقي سنياسين جيان ايڪانت ۾ ٻارهوئي جيڪر آءُ به ڪانه گهاريان“

”ڳالهه  منهنجي دل وٽان ڪئي اٿيئي. هن باري ۾ آءُ توسان بلڪل شامل راءِ آهيان. انهيءَ ڪارڻ ئي، مون کي ڇٺ – ڇهه ماهيءَ شهر جي ڇڪ ٿئي ٿي.“

”اوهان جو سڀاءُ مون کي جان تان چئنچل پيو لڳي !“

”مون تنهن ڏينهن ڪين توکي ٻڌايو، ته ڪڏهن آءُ ٻيلي مان پاڻ ڇنائي وڃي شهر جي فرحت وٺندو آهيان. پرتڏهن به ٻيلو مون کي بنهه وسري ڪونه وڃي، ڇو ته اڳي – پوءِ منجهانئس جيڪا مؤج ايندي اٿم، تنهن سان شهر واري ساءَ جي ڀيٽ ڪري ڪانه سگهبي. سو چئنچلتا جو الزام متان مون تي مڙهيندي آهين....“

”ڇٺ –ڇهه ماهيءَ، ڏينهن – ٻه به ڪنانئس باغي ٿي ويندا آهيو نه؟ آءُ جيڪر اوهان جيان پنهنجيءَ رضامنديءَ سان هيڪر ٻيلي جي اچي اوٽ وٺان، ته پوءِ سرؤ ۽ سياري ۾ به، مون کي پاڻ مٺو پيو لڳي. شهر جي گوڙ گهمسان کي ماڻهوءَ ڇڏيو ته ڇڏيو. وري جو وڃي پاڻ منجهس لوئجي، تنهن مان رس جس ڪهڙو؟“

”تڏهين تون سچ پچ مون کي چئنچل سڀاءَ وارو سمجهيو ويٺي آهين؟ تون ڀانئين ٿي، ته منهنجي وفائيءَ تي ويسهه آهي ئي ڪونه؟“

”بيوفائيءَ جي ڪا مون ڳالهه ڪئي؟“

”صاف صاف ڪونه ٿي چوين، پر مطلب اهو اٿيئي، آءُ ان لاءِ توکي ڏوهه ڪونه ٿو ڏيان، پر ايتري پڪ ڄاڻج، ته وفائيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن ويل جيڪڏهن آءُ جفائي ڪيو ويهان، ته دل سالم اٿم. تون پنهنجيءَ داديءَ تانءِ چوندي آهين، ته دل اهڙي ”سون ورني“ اٿس، جو پنهنجو پاڻ هن کي ياد ئي ڪونهي. آءُ هن جي جتيءَ ۾ ايتريقدر ڪري پير نه به پائي سگهان، پر جن سان هيڪر منهنجي دل لڳي، تن سان آءُ توڙ تائين نباهي ڄاڻان. آءُ ايمان سان ٿو چوان، ته تنهنجو نينهن جهڙو پنهنجيءَ داديءَ سان آهي، اهڙو جي مون سان ٿي پوي، ته آءُ جهڙو هينئر آهيان، تنهن کان گهڻو گهڻو بهتر ٿي سگهان. پوءِ تون نٿي ڀانئين، ته تنهنجيءَ داديءَ سان ان ڏس ۾، آءُ جيڪر واه جو بَر مئچي وڃان؟“

رٿ ڪنڌ سان به”نه“ ڪيس، ۽ وات سان به ٻڌايس: دادي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جيان، توهان کان پنهنجو پاڻ نپٽ وساريو ٿيندو ئي ڪونه.

”تون سمجهين ٿي ڇا، ته هن ٿوري عرصي اندرئي تو منهنجو اندازو وٺي ڇڏيو آهي؟ تون ائين وسهيو ويٺي آهين ڇا، ته منهنجي پيار مان سدائين خوديءَ جي خوءِ پئي ايندي؟“

”اهڙي تهمت آءُ اوهان تي ڪانه ٿي رکان. آءُ ڄاڻان ٿي، ته ٻيءَ ڌر ۾ جيڪڏهن ڏَيا ۽ مڻيا ٻيئي هجن ته پوءِ اوهان وٺڻ جا نه آهيو.. اهڙيءَ حالت ۾ اوهان جيڪر پنهنجو پاڻ به بنهه وساري ڇڏيو. اهڙي جيوَ جي مٿان جيڪر اوهان اُٿندي ويهندي گهورون پيا گهوريو. ڇو ته اوهان جو هرک هاربو ئي اُتي، جتي خدائي حسن ۽ نزاڪت سان شامل، انساني جوڙ ۽ جنسار به موجود هوندو، پر منهنجيءَ داديءَ پاڻي ئي ٻيءَ پڙهه مان پيتو آهي. آءُ هن جي ساڳئيءَ گجيءَ مان ليٽيل ڀيڻ به ڪانه ٿيان، ته به منهنجي ڪاتر پاڻ کي سڪائي ڇڏيو اٿس. منهنجي صديقي ڦٽ لعنت، گار گند، ڌڪ بجو مِٺو ڪيو پيئي ڀوڳي: پورهيو به، نه ته ڇڪيو ٿي ڪري، ته به پاڻ تي قياس ئي ڪونه اٿس. بکون لنگهڻ ڪڍي به، مون کي رسد رسائيندي اچي. هيڏو پاڻ تي ڪوپ ڪاهي لاءِ کنيو ويٺي آهي؟ نه ته مون جيان ماٽيلي پيءُ وٽ رهڻ لاءِ ٻڌل به ڪانهي. ههڙو سدورو جيوُ، ڪٿي به جيڪر سمائجي وڃي. پر چوي: تو مٺيءَ ڀيڻ کي ههڙي جڙجيوَ جي پناري ڪيئن ڇڏيان؟ اُها ڀيڻ ڦاٽي نه مري، جا توسان اهڙو قهر ڪري! هاڻي اوهان سمجهندا هوندؤ، ته آءُ سندس ساکن مان ڇو نٿي ڍاپان؟ ٻيو اَجُر ته آءُ هن کي ڏيئي ڪانه سگهنديس، سو ڪير به کڻي پنهنجي سڻس ڀيٽ ڪري، ته مون کي ڳالهه پسند ڪين اچي !“

هيلڊار سندس هٿ وٺي کڻي پنهنجي چپن تي رکيو. چيائينس: آءُ سمجهان ٿو، ته تنهنجي دادي هڪ اعليٰ روح آهي ! هوءَ برابر ڪنهن اوچي عرش تي پيئي اُڏامي. پر پڪ ڄاڻج، ته آءُ به هينئر جي ڀڻون مٿي پونءِ پيو وسان، ته وچ جا ٻنڌڻ ڀڃي آخر انهيءَ عرش تي پهچي سگهان ٿو، جيتوڻيڪ سمجهان ٿو، ته انهيءَ ۾ اڃا ڪي مدتون لڳي وينديم !

رٿ ٻيو اُتر ڪونه ڏنس، رڳو منهن وٺي نماڻو ڪيائين. هيلڊار اٿي کڙو ٿيو- چيائينس: اها ڳالهه به جيڪس توکي نه وڻي. پوءِ انهيءَ اوگيان لاءِ آءُ توکان ڪيئن بخشايان؟

رٿ مشڪي وراڻيس: بس، اوهان بخشائي ڇڏيو. اُن جي عيوض آءُ اوهان سان ٻول ٿي ڪريان  ته داديءَ کي ساري اوهان جي حقيقت لکي ٿي موڪليان.

”ڌڻيءَ جي نانءِ ضرور لکجانس“

”پر ايترو به ٻڌائينديسانس، ته هڪڙي ڳالهه اوهان نسبت جاچي اٿم، جنهن جو اڃا ڦورو آءُ نه ڦوري سگهي آهيان“.

”اُها ڪهڙي ڳالهه؟“

”ياد اٿوَ، ته تنهن ڏهاڙي، آءُ ۽ ماساتيم اُتي آيونسين، ته توهان اسان کي دوس ئي ڪونه ڏنو؟ اُن وقت ڍنگ اوهان جو اهڙو هو؛ ڄڻ اڳي اسان کي ڪڏهن ڏٺوئي ڪونه هووَ ؟“

        ”ياد اٿم، پر اها ڳالهه آءُ توکي ڪنهن ٻئي ٽاڻي سمجهائيندس. هينئر معافي طلب آهيان.“

        ”خير! پر آءُ هتي باقي ڪي ڏهه- ٻانهن ڏينهن مس آهيان.“

”بس! ائين وري ڪيئن ٿي ڪرين؟ مهينو ماس ته ٻيون ٽِڪ.“

        ”نڪو، ڪالهه به هُتان چٺي آئي اٿم. مند به اجها ڦري ڪِي ڦري. ڪم بنان ڪا سرندي؟ مون به اجها، اڄ ورندي ڏني اٿمان ته اچان ٿي.“

        هيلڊار هيٺ نئڙي، سرناما چتائي پئي پڙهيا، ته رٿ چيس: اکر به آءُ سٺا ڪين لکي ڄاڻان.

        هيلڊار سرناما پڙهي، جان تان ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. خصوصاً هڪڙي سرنامي ڏانهن نهاري، ”منهن ۾ کڻي گُهمنڊ پاتائين – رٿ کي چيائين: وهي واٽ گهڻن ئي سان ٿي ڏسجيئي؟

        ”چڱا ڀَرتو ماڻهو ٿا ڏسجن.“

        هيءَ تُڪ هيلڊار نوع اهڙي ۾ چئي، جو رٿ سمجهي ڪانه سگهي، ته مطلب ڇا اٿس- هڪڙو خط ته پنهنجي داديءَ ڏي لکيو هئائين، ٻيو خط هٿ ۾ کڻي، هيلڊار کان پڇائين: اها تُڪ، اوهان هيءَ سرنامو پڙهي چئي؟ هن ماڻهوءَ  سان منهنجي ورهين کان صحبت آهي.

        ””پاڻ ۾ جيڪس رستو ڏاڍو گهاٽو اٿوَ؟“

        ”جيڪي سو آءُ هن کان پنهنجي حال جي تير خبر ڪانه لِڪايان. هينئر به هتي جو سمورو حال احوال ڏنو اٿمانس.“

        ”هائو، هن ٽهيءَ ۾ صحبت محبت وارا گهڻيئي اچيو ٻانهن ٻيلي ٿين !

        هن تڪ رٿ کي البت ڪاوڙائي وڌو، ٽِپ ڏيئي، اٿي کڙي ٿي. وات سان سو ڪجهه چيائينس ڪونه. هٿ پئي ڏَڪيس، خطن لاءِ بئنچ تي مناڙيائين پئي. هن ڏانهن گهور ڪري نهاريائين ائين ٿي، جو ڄڻ سُهم ٿي ڏنائينس.

        پر هيلڊار اَمالڪ پنهنجي چڪ سِهي ڪري ورتي. سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو جهلي، چيائينس: آءُ نهايت شرمسار آهيان. مون کي ائين چوڻ نه کپندو هو. پر ڏس، هي ڪم سڀ منهنجي گرم طبيعت جا آهن. آءُ توکان هاڻ لِڪ ڪانه ٿو ڪريان. صاف صاف ٻڌايانءِ ٿو ته مون ڌاران ٻيو ڪوبه بني بشر، تنهنجي اندر جي احوال مان هن ريت واقف ٿئي. آءُ ڀانئيان ٿو، ته تنهنجو حالڀائي آءُ ئي آهين، اهڙو حق مون کي ئي آهي!

        اتي هيلڊار سندس هٿ ڪري ڇڏيو، ۽ منهن ڦيرائي هليو ٿي ويو. پر وري پٺيان نهاري، چوڻ لڳس: ڏس، اڄ کان وٺي، آءُ ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي هن سرڳ ڌام مان لوڌي ٿو ڪڍان، ڇو جو ڄاڻان ٿو، ته منهنجي دل درياهه جيان اُڇلون پيئي ماري، ۽ سڌ ئي نٿي پويم، ته باز ڪيئن آڻيانس. آءُ وري به توکان معافي  ٿو گهران!

        رٿ جي اکين مان دک به پڌرو هو،. پر نهاريائين ائين پئي، ڄڻ هن کان ڪي ڳجها سوال پئي پڇيائين. نيٺ زبان مان هي اکر اُڪليس: ڪنهن ڪنهن ويل اوهان جو رنگ ڍنگ اهڙو ٿيو پوي، جو آءُ ڏڪيو وڃان. آءُ پوءِ پيئي چوان، ته جيڪس.....

         پر هيلڊار تڪ پوري ڪرڻ ڪانه ڏنيس. لنوندڙين وٽ کيس به رت مِڙي آيو. چَپ پئي ڀيڙيائين. چيائينس: تون مون مان ڪو ڊپ نه ڪر. آءُ توکي وڃن ٿو ڏيان ته تيستائين آءُ وري تنهنجي منهن تي ئي ڪين چڙهندس، جيستائين مون هي پنهنجي اندر جي باهه صفا اُجهائي نه ڇڏي آهي ! ڇو ته پوءِ ئي نهايت صافدليءَ سان آءُ تنهنجن انهن اونهن اوڙاهن ۾ نظر هڻي سگهندس.

        هيلڊار روانو ٿيو، ته ائنا سڏ ڪري چيس: اوهان جون ڳالهيون به کٽن ئي ڪين ٿيون – پر مائي، هن ماڻهوءَ کان سنڀال ڪجانءِ !

        رٿ زبان سان ڪڇيو ڪونه، رڳو خط کڻي هٿ ۾ ڏنائينس. ائنا پنهنجي ئي مو ۾ پئي ڳالهايو. چيائينس: خط، ماڻهوءَ کي چوان ٿي، وڃي ٽپال ۾ وجهندو، پر تو ته اڃا کير به ڪونه پيتو آهي. سيگهه ڪري وٺ.  ڀانئيان ٿي واچوڙو سنڀري ٿو اچي. تنهن ۾ ساجهر ئي ٻيلي مان گهمتاري ڏيئي آءُ. مينهن  واچ ۾ پوءِ نڪري ڪانه سگهندينءَ.

        رٿ کير  پي ٻاهر نڪتي، ته منهن تي جان تان مايوسي ڇانئي پيئي هيس. پندرهن – ويهه وکون اڳتي وڌي، ته ڀرسان هڪڙي سبزويءَ تي وڃي اک پيس. هيءَ اَمالڪ ڪنڌ کي ٻانهن جي ٽيڪ ڏيئي، ڊگهي ٿي، اُتس ليٽي پيئي. وڻن جي پنن ۾ ڦڪاڻ جا اُهڃاڻ ڏسي، سمجهيائين ته سر به اجها  ٿي – چي، ”پوءِ وڻ جي سڪي بنهه باڪَڙ نه به ٿي ويندا، ته به رستن تي رنگ هوندو ئي ڪونه. بلڪ هن هنڌ، جتي سائي گاهه جي مور پيئي ڏسجي، مريي ٻوڙ برف پيئي هوندي. پکي پکڻ به وڃي ٻيا ڪوسا ملڪ وسائيندا“- دل ۾ چيائين ته ”ايوا ته ان ويل پيئي ڦرندي، پر آءُ سدوري ڪٿي هونديس؟ آءُ ته ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڀرت ۽ سيبي تي نور پيئي نچوئينديس ! ورندي اونهاري به ته منهنجو هتي اچڻ نه ٿئي. پر وري الاجي دل ڪهڙي شاهدي ڏنيس، سو پاڻ کي اَٿت ڏيڻ لڳي، ته آءُ پاڻ ته اوس موٽي ايندس. پر جي ڌڻيءَ گهريو، ته داديءَ کي به پاڻ سان آڻينديس.

        پرڀوو، اڇي اوجل پاڻيءَ جي ڪا نهر پئي ويهي، جنهن ۾ ڪن ٽن ٻارن پير پئي پسايا، ۽ هڪٻئي کي ڇنڊا هڻي، ٽهه ٽهه ڪري پئي کليائون.

 انهيءَ آواز تي هيءَ اٿي کڙي ٿي، ۽ ٻارن وٽ اچي، ساڻن بيهي ڳالهيون ڪيائين. ٻارن ٽٻڪڙن ۾ ڪي ٻير چونڊي رکيا هئا. چيائينس: ڦانڊ ڀري ٻير مون کي به ته ڏيو؟

        منجهن جيڪو وڏڙو هو، تنهن ڇڙڪ ورندي ڏنيس. چي، ٻير پنهنجا نٿي وڃي چونڊين؟

        رٿ پڇيس: ڪٿان وڃي چونڊيان؟

        ٻارڙي سبز محل ڏي مهڙ ڪري چيس: ايڏانهن ٻيرون ڏاڍيون اٿيئي. هٿ هلايئي ته ٻير ججها !

         رٿ تنهن تي نهر جي پراڙ، وڻن جهنجهيءَ ٽڪريءَ ڏي نهاري پڇيس: ڇو، هيڏانهن ٻيريون ڪين آهن ڇا؟

        هن ڇرڪ ڀري چيس: ايڏانهين، هرٿا جي ماٿر ۾؟ اُتي ڪير ويندو؟

        ”پر آءُ ته وڃان ٿي.“

        ”اڙي، متان ويندين آهين !“

        ”ڇو؟“

        ”چون ٿا، جيڪو ٿو اتي وڃي تنهن کي ڏائڻ ڏاڍو ٿي ستائي !“     

        ”مون کي ڪانه ستائيندي. آءُ پڄڻ جوڳي آهيانس.“

        ائين چئي، رٿ نهر تان ٽپ ڏيئي پراڙ ٿي، ۽ وٺي تڪڙو تڪڙو پير کنيائين. هو  ٻار به اُمالڪ ٻاهر نڪري ڊوڙندو وڃي پنس، ۽ چيلهه کان پڪڙي چيائينس: آءُ توکي وڃڻ ڇو ٿو ڏيان؟  ٻير مون کان وٺ، منهنجو ڀينر به ٻڪ ٻڪ ڏينئي ٿيون !

        پر رٿ وٺي ماڻو ڪيو. چي، ”هينئر مون کي توهان جا ٻير ڪين گهرجن. آءُ ماٿريءَ ۾ پنهنجا وڃي ٿي چونڊيان.“

        ڇوڪر کي اکين ۾ پاڻي تري آيو. وري به ليلايائينس: ڏاهي ٿيءُ، ايڏانهن نه وڃ !

        ٻار جي هيڏي قربائتي هج ڏسي، رٿ کلي ڏنو. چيائينس: ڀائڙا، تون ڊڄ نه. آءُ اجها ٿي صحيح سلامت موٽي اچان.

        ”تون هيڪر ڪري موٽي به اچين، پر چون ٿا هن جي ڇڪ ڏاڍي بري آهي !“

        اُنهيءَ جو تون ڊپ نه ڪر. آءُ ائين ڏيٺي آهيان. تون پاڻ به سنسائي نه ٿيءُ، ماڻهو چوندا گيدي آهين !“

        انهيءَ  مهڻي تان، ڇوڪري جو منهن لال ٿي ويو ! چيائينس، ”ڇا؟ تو مون کي گيدي سمجهيو آهي؟ وڏي هوندي آءُ ڏس ته ڪهڙو نه بهادر ٿو ٿيان !“

        ”تڏهن هي ڳالهيون وري ڪيئن ٿو ڪرين؟ تو جهڙو مڙس... ماٿريءَ ۾وڃڻ کان ڊڄي؟“

        ڇوڪري لاجواب ٿي، اکيون ڪري زمين ۾ کپايون.

        رٿ پڇيس: ڀائڙا، تنهنجو نالو؟

        وراڻي ڏنائينس: فرانڪ ايبرٽ. انهيءَ ساهيءَ ئي ٻڌايائينس: اسان جو گهر به تنهنجيءَ ماسيءَ جي گهر سان لاڳيتو آهي. آءُ توکي اڳي ئي سڃاڻان. تنهنجي ماسي ته اهڙي مرچوٽ ٿي ڏسجي، جو تو ڪارڻ  ويلي جي وسعت نٿي ساري سگهي، تڏهن ته ٻيلاين سان سَٺو ڪيائين !

        رٿ کي ڳالهه ته ڪکي آئي. پر ڇوڪري جي ههڙي ريت ڇڙبي ڳالهائڻ تان دل ۾ ڏاڍو ٿيس. چيائينس: ڏس، ائين گهڻو نه ڳالهائجي. هاڻ ڀينرن کي وٺي، سگهو موٽي گهر وڃ. واچوڙو لڳو ڪي لڳو.

        ڇوڪري ساڻس مهاڏو ڪونه اٽڪايو. اَمالڪ ڀينرن سميت اٿي گهر ڏي پنڌ پيو. پر ٻه وکون کڻي پٺيان نهاري، وڏي سڏ رٿ کي وري به منٿ ڪيائين: تون به ڏاهي ٿيءَ، موٽي گهر هل!

        رٿ ورندي ڏنيس: منهنجي هينئر تڪڙ ڪانهي. منهنجو ڪنهن کي اوسيئڙو ٿيندو؟ اوهان ٻار آهيو، اوهان جا مائٽ اوهان ڪاتر ويٺا نهاريندا هوندا. ڇوڪري چيس: ٻيو ڪونه، ته هيلڊار ته اوس توکي ياد ڪندو، ڇو ته آءُ ڏسندو آهيانس، ته ڏهاڙي پوڃاڙين جو، پوسٽ ماستر کان اچي پڇندو آهي، ته تون اڃا گهر موٽي آهين يا نه؟

        رٿ وري ورجايس ڪونه.

        ٽڪري ڪا اَنانهين ڪانه هئي، پر وڻ اَتس، هيٺ مٿي پاسن کان ايترا ۽ اهڙا گهاٽا لڳا پيا هئا، جو منجهانئن اڳڀرو لنگهي وڃڻ ڪاتر، گس ئي ڪونه ٿي ڏٺو. سانت ۽ ايڪانت وري ڪهڙي هئي ! ماڻهوءَ جو آواز ته ٺهيو، پر ڪنهن پکيءَ پرندي جي لات به ڪانه ٿي سڄي. رٿ پٺيان نهاري، کن پل بيهي ويچار ڪيو، ته هاڻ ڇا ڪريان؟  ۽ اڳتي وڌان يا موٽي وڃان؟ پر امالڪ منهن ورائي، وڻن جا ڏار هٿن سان ڌار ڌار جهلي، وچائن واٽ جوڙي، منجهن اندر گهڙي ائين ويئي، ڄڻ ڪا ٽٻي ٿي هنيائين. وڻن جي ڏارن مان جو ڪئين مندون سڄ جو تر و روئي هيٺ پٽ تي ڪونه پيو هو، سو اتس گهاٽي سائي سينور جا ڇٽا ٻڌجي ويا هئا، جنهن ۾ رٿ جا پير مريي تائين ڀرجي پيا، وري وڻن مان جي پن ۽ گلن جا ورق ڇڻيا، سي موتين ۽ زمردن جيان مٿي ۽ گهاگهريءَ تي چنبڙي پيس. رٿ ڇنڊڪو  ڏيئي، پلڪ ۾ اُهي لاهي ته ڇڏيا، پر کِلي کِلي پاڻ کي چوڻ لڳي: جادوءَ  جو اثر هينئر ئي ٿو شروع ٿئي ! اڳيان ته هن کان به وڌيڪ گهاٽي جهاڙ نظر اَيس. بلوط جا وڻ اُڀا هئا، جن کي وليون ويڙهي ويون هيون، ۽ چوڌاري ڪار اونداهي لڳي پيئي هئي. هيءَ تڏهن به اکيون پوري، ڪاهيندي هلي، ۽ کن پَلڪ  ۾، گهسندي گهسندي، لنگهي جهاڙ جي هن طرف ٿي. هيٺ ماٿر وارو نظارو ڏسي سرهائيءَ وچون وات مان رڙ نڪري ويس. اتي پاڻ کان پنج – ست وکون پري ڏٺائين، ته گاهه تي ڪجهه ڳاڙهي رنگ واري شئي پيئي هئي، ۽ گهڙي پَلڪ اکيون منجهس، کپائي، جهٽ ڏيئي وڃي اها کنيائين. چوپڙيءَ کي رٻڙ ويڙهيو پيو هو، ۽ سمجهائين ته جيڪي هيلڊار جي ٿي ڏسجي. پرائي شئي کولي پڙهي به  ته نه، پر دل ۾ آيس ته پنو  ته ورائي ڏسان، متان ان تي مالڪ جو نالو لکيو پيو هجي. ائين ئي رٻڙ لاهي، پٺي تي اندران اک ڦيرايائين، ته هيلڊار جي بالا عملدار لوديئر آلڊينهوفر جو نالو لڳو پيو هو. هن چوپڙي بند ڪري، پنهنجي کيسي ۾ ٿي وڌي، ته اتي ئي پنن جي ٽڪرن تي وڃي اک پيس، جي به سمجهائين ته چوپڙيءَ مان ڪِريا هوندا. اهي به اُمالڪ کڻي هٿ ۾ ڪيائين. پر جهڙو موٽائي، انهن کي چوپڙيءَ ۾ وڌائين ٿي، تهڙو هڪڙي تي ڇا ڏسي، جو ڪنهن مرگهه، نين سندريءَ جي مورت چِٽي پيئي هئي، جنهن جو چهرو ڏَپ ڇڏي ويو هو ته به ڏسندڙ سمجهي سگهيو ٿي، ته هيءَ نازنين ڇا نه سونهن جي کاڻ هوندي!     

        رٿ ڪا ويرم بيٺي منجهس نهاريو. پر پوءِ ٿڌو ساهه ڀري، موٽائي کڻي چوپڙيءَ ۾ رکيائينس.

        چشمي وٽ عجب اسرار لڳو پيو هو ! چشمي جو ٻنارو پٿر جو هو، جنهن تي گهاٽو گهاٽو سينور چڙهيو پيو هو. چشمي جي بِنهه ڌَن ۾، پٿرائينءَ دِڪيءَ تي ”پوڻ پُتلي“ کڙي هئي، جنهن جي مٿي تي پَٿر جو ئي تراکڙو ڪٽورو رکيل هو، جنهن مان ڦوهاري جون لاٽون زور سان مٿڀرو چڙهي، موٽي چشمي ۾ به پئي پييون، ۽ چوڌاري سائي گاهه تي به بوندون پئي وسايائون. چشمي جي ٻاهران، ڪيتريءَ ساريءَ پکيڙ ۾، گلڪاري به واهه جي هئي ! گلن مان هٻڪار اَها ٿي آئي، جو  هوا واسجي ٿي ويئي.

رٿ ٻناري تي هٿ رکي، اڳيان بيهي چشمي جي تري ۾ نهاريو. جاچيائين ٿي ته سچ پچ ترو اهڙو اونهو  اٿس ڇا، جنهن جو مَپُ ملي ئي نٿو؟ ڦوهاري مان جي بوندون پئي آيون، هر هر اُهي پئي مُنهن تي جهٽِائين، وري چشمي مان جو پاڻي بڙ بڙ ڪري مٿي پئي چڙهيو، هَرَ هَرَ ڪَنڙو ڏيئي، ان جو آواز پئي ٻڌائين. ائين پئي ڀانئيو، ڄڻ چشمو ڳالهيون پيو کڻي، ۽ سڪ وارن جون جي آسون اميدون اڏامي ويون هيون تن کي اوساري، اوڇنگارون ڏيو پيو روئي. رٿ هي رنگ ڏسي محو ٿي ويئي، جو سڌ ئي ڪانه ٿي پيس، ڇا پئي ڪريان. ڪنڌ جيئن  پوءِ تيئن هيٺڀرو ٿيندو ويس. هيٺ تري ۾ ڀانئيائين، ته سچ پچ ڪنهن جي تصوير آهي، جا اول اڻ لکائتي، پوءِ چٽيائي چٽي پيئي ڏسجي، جنهن جون اکيون ڏياٽين جيان پيون ٻرن، پر الائجي ڇو، پاڻ ائين پئي وسهيائين، ته ڪٿي مڙيو ئي انهن اکين جو اڳي ديدار ڪيو اٿم.

        هيءَ جيڪر بيخراً اڃا به هيٺڀرو نئڙندي وڃي ها، پر ڪنهن سندس نالو وٺي، چتاءُ ڪيس: ”ٻني تي ائين اُترڌو نه ويهه.“ تنهن تي هيءَ ڇِرڪ ڀري، اٿي کڙي ٿي ۽ ڏٺائين، جو ڀرسان آلڊينهوفر بيٺو اٿم، هيءَ منجهي پيئي.

        آلڊينهوفر چيس: آءُ جيڪر توکي هيئن منجهايان ڪين ها، پر ڏٺم تون بلڪ اڻانگي ويٺي هئينءَ، تڏهن بهتر سمجهيم، ته توکي سڏي سجاڳ ڪريان. هن پٿر جي ٻناري تي ويسهه ئي ڪونهي. ڪنهن وير ۾ ڊهي پوي. هيڪاري، جهڙي تهڙي جيوَ جو ئي اُتس بار ٿيو ته ڪِرندي ويرم ئي ڪانه ڪندو. تنهن هوندي به ههڙيءَ ريت وچ ۾ پوڻ لاءِ آءُ معافي طلب آهيان.

        رٿ ٺهه ڦهه وراڻي ڏنيس: آءُ پاڻ اوهان جو ٿورو مڃان، ڪين اوهان کي معافي ڏيان؟

        پر آلڊينهوفر وري ان باري ۾ ورجايس به ڪين. ڳالهه ڦيرائي ڇڏيائين. چي، ”توکي به تڏهن هيءَ ريس – مٺي گهلي ٿي ويئي؟“

        رٿ چيس: آءُ نٿي  ڀانئيان ته انهيءَ ۾ ڪو ريس. مٺيءَ جو ڏوهه چئبو. ان لاءِ تلاهي آءُ پاڻ آهيان. ٻيو به اهڙا سنسا ۽ ڀرم مون کي ڀرمائين ئي ڪين. البت هن ويچاريءَ جي حال تان ويچار ٿئيم ٿو.

        آلڊينهوفر پڇيس: تڏهن حقيقت مان سندس اڳئي واقف ٿي آئي آهين؟

        رٿ ڪنڌ جي اشاري سان چيس: ”هائو“

        هن وري پڇيس: تو جو پريندي  ئي هن ماٿر ۾ پير پاتو، ته دل ۾ سمجهيئي ڇا؟

        رٿ ورندي ڏنيس: ڀانيم ٿي، ته ڪنهن عاليشان مندر ۾ بيٺي آهيان، جنهن ۾ هنڌ پَٽ ڪنهن ڪري سرهاڻيون ڇٽيون آهن.

        ”سچ پچ ! هي آسٿان ديومندر مان تِرُ ڪين ٿو لاهي ڇو ته جيڪو به ماڻهو سندس اوٽ اچي وٺي ٿو، تنهن جي تتي هنئين تي ڇنڊو وجهي، کيس نرمل ڪيو ڇڏي. هتي جيڪو حادثو ٿي گذريو، تنهن جي يادگيري سمجهان ٿو، ڪڏهن وسرندي ڪانه ! پر تڏهن به هن هنڌ پير پائڻ سان ماڻهوءَ جا ڪيترا پاپ ڪڪرم، اوسراڻ ٿيو وڃن.“

        ”قدرت کان مون کي ته پاڻ بخشائڻ جي گهرج ڏسجي ئي ڪانه ٿي.“

”ڇو ڪين؟“

        ”ڇالاءِ، جو آءُ اُتانس هزار جان سان قربان آهيان.“

        ”پر ٻيلي تان  ته نه؟“

        ”قدرت ۽ ٻيلي ڪي وراهيو آهي ڇا؟“

        ”پر منجهند ٽاڻي، ته تو ڳالهه ئي ٻي پئي ڪئي. سياري ۾ ته چيئي ٿي، آءُ جيڪر هتي ڪڪ ٿي پوان !“

        رٿ منجهي پيئي. سمجهائين ته هيلڊار سان جيڪا مون گفتگو پئي ڪئي، سا اوس ٻڌي ورتي اٿس. هٻڪي پئي – چيائينس: سياري ۾ اسان وٽ هتي گوڙ گهڻو ٿو ٿئي.

        ”پر گوڙ گهمسان جي وچ ۾ به، ماڻهو اڪيلو نٿو  ٿي سگهي ڇا؟“

        ”منهنجو مطلب ٻيو هو. مون کي ٿوري کڻي وار سياري ۾ ئي ملي ٿي. انهيءَ سمي به جي مون وٽ ڪا ساهيڙي سڌ نه اچي وڃي، ته جيڪر منهنجا خيال خطرائي منهنجي ڇاتي ڇني ڇڏين !“

        ”معاف ڪج“ جو آءُ توکان هي سوال پڇان ٿو. پر ڇو؟  تنهنجي جيوت جي اهڙي دکي ٿي گذري، ته پوءِ شهر ۾ تنهنجي لاءِ رکيو ڇا آهي، جو سمجهين ٿي، ته ٻيلي کان وري  به اُتي تنهنجو دم خير جو پيو گذرندو؟“

        اُتي دادي جا ويٺي اٿم.“

        ”ڀلا جي داديهين به توسان گڏ هتي هجي ته پوءِ؟“

        ”پوءِ ته بس ! ٻيو مون کي گهرجي ئي ڪين. داديءَ سان رڻ پٽ ۾ به جيڪر منهنجي لاءِ وسنئن ٿي پوي !“

        ”تنهنجي دادي ڪا اچرج جهڙو جيو ٿي ڏسجي. ماٽي جي ڀيڻ ٻي ته اسان اهڙي ڪٿي ڪانه ٻڌي !“

        ”سچ پچ، روءِ زمين تي اهڙي ڪانه لڀندي. آءُ ڪهڙي سندس واکاڻ ڪريان ! ڪهڙا سندس ڳڻ ڳايان! سنتن مان تر ڪونه گهٽايو اٿس. آءُ جي پاڻ کڻي سڄو ئي اُتانس گهوريان، ته سندس هڪڙي ٿوري نه ڀڄي سگهان !“

        داديءَ جي نالي وٺندي، پاڻ گد گد پئي ٿي، ۽ خبر ڪانه ٿي پيس، ته وري به ٻني تي ليٽ پئي کاڌائين.

        آلڊينهوفر تڏهن چيس: توکي هيترو سمجهايم ته به پنهنجي سنڀال ڪرين ڪانه ٿي !

        اتي آسمان سارو ڪڪرن سان ڇانئجي ويو. هيٺ پاڻيءَ ۾ ولوڙا پئي پيا.

        آلڊينهوفر ٻڌايس: واچوڙو اچي ويو. اسان کي سڌ ئي ڪانه ئي پيئي. هاڻ هل ته توکي گهر اماڻي اچان.

        رٿ ورندي ڏنيس: آءُ هتي ئي بيٺي آهيان. ڀل واچوڙو لڳي رهي.

        ”واچوڙي لڳندي، ٻيلي ۾ ماڻهو نه بيهي.“

        ”پر ٻڌو اٿم، اوهان کي  ته مزو ئي واچوڙي لڳندي اچي.“

        ”خير، پر توکي ڊپ ڪونه ٿو ٿئي؟“

        ”ڊپ؟ ڌڻي سان آهي، ته ڊپ وري ڇا جو؟“

        ”هن واچوڙي ۾ تون نه بيهه. هل ته توکي ساجهر ئي گهر ڇڏي اچان.“

        رٿ دل من پئي هنيو ته هاڻ ڇا ڪريان، ته اتي چوپڙيءَ جي اچي سانڀر ٿيس، سو اَمالڪ کيسي مان چوپڙي ڪڍي، کڻي هٿ ۾ ڏنائينس.

        آلڊينهوفر چوپڙي وٺي، ڪري کيسي ۾ وڌي.

        رٿ چيس: مون کي معاف ڪجو، جو ري موڪلايو مون اوهان جي چوپڙي کولي ڏٺي. هونءَ نه ته سڌئي ڪانه پويم ها، ته ڪنهن جي آهي. مورت به موٽائي منجهس وجهي ڇڏي اٿم.

        آلڊينهوفر چوپڙيءَ مان مورت ڪڍي پڇيس. مورت هيءُ؟

        رٿ چيس: هائو. شڪ ڪا اٿس ! شهه پري نه هجي ! منهنجي ته دل ئي کسي ورتائين. ڍؤئي نه ٿئيم. چيم ته منجهس نهاريان پيئي.

        ”هائو، نهارڻ سان بيشڪ ڇليو ٿي وجهي. پر وري ڪو متان سندس جادو ڪنهن تي اثر ڪري، تنهن کان مرڳو کيس ئي نهوڙي ٿو نيان.“

        ائين چئي، مورت کي ڦاڙي، کڻي چشمي ۾ اڇلايائين، چشمي به ڄڻ ڪو انهيءَ ڪاتر ورهين گان ويٺي واجهايو، سو ان جو پرزو به نظر ڪونه آيو.

        رٿ کي سو اهڙو تاءُ اڀريو، جو آلڊينهوفر کي اچي ورتائين. چي، ”مون کي سڌ ئي ڪانه هئي ته اوهان ڪي اهڙا پٿردل آهيو. ههڙيءَ وسن جهڙيءَ مورت ڦاڙيندي، اوهان کي ارمان به ڪونه ٿيو؟ سچ ٿي چوان، مون کي ته گهاوَ وجهي ڇڏيو اَٿو.“

        ”معاف ڪج، پر جنهن سندريءَ جي اها مورت هئي، تنهن جي سيرت سراسر  ان جي ابتڙ هئي.“

        ”اها به ڪا ٿيڻي آهي؟“

        تنهن وچ ۾ اُڀ ائين پئي گجيو، ڄن ڪو جنگ جنگائو لڳي ويو هو. گجگوڙ جا ڪڙڪاٽ پئي پيا. کِنوڻ ڌار پئي کنوي. ڪنهن مهل کن پلڪ بنهه ماٺ ٿي ويئي، ۽ اُتي ئي هڪڙو اهڙو ڌڌڪاءُ ٿيو، جو ڊپ وچؤن ر ٿ اکيون کڻي بند ڪيون. انهيءَ حالت ۾ ائين پئي ڀانئيائين ، جو ڄڻ ڪنهن منهن تي ڇنڊا پئي وڌس. پوءِ ته سرت بنهه رهيس ئي ڪانه. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن سرجيت ٿي، تڏهن ڏٺائين، جو آلڊينهوفر ته اڳيانس بيٺو هو، پر منهن تي سندس وياڪلتا ڇانئي پيئي هئي. آسمان ۾ تيتر صاف صفائي ٿي ويئي، جيتوڻيڪ سنهيون سنهيون بوندون اڃا پئي پييون. رٿ اُٿي کڙي ٿي.

        آلڊينهوفر پڇيس: جهڙپ گهڻي ته ڪانه رسي اٿئي؟

        رٿ وراڻي ڏنيس: بچي ويئي آهيان. پر چشمو ڪيڏانهن ويو؟

        ”چشمو ويو ته گهوريو. تنهنجو سر ته بچيو. ڌڻيءَ کڻي ڪا پنهنجي مهر ڪئي !“

        ”ڄاڻان ٿي مون کي بروقت اوهان نه گهلِي هيڏانهن ڪريو ها، ته چشمي سان گڏ وڄ، نهوڙي مون کي به نِئي ها !“

        ”هينئر وري ته تون هن ماٿر ۾ ڪڏهن ڪانه ايندينءَ؟“

        آلڊينهوفر جي سوال پڇيس ٿي، ته اندر ۾ الاجي ڇا پئي ٿيس. پر رٿ جڏهن ٻڌايس، ته هن ماٿر ۾ ته مون سان پاڻ وڙ ٿيو، جو آيو موت  منهنجو موٽائي ڪڍيائين، سو آءُ ته نت پيئي ياد ڪنديسانس، تڏهن هن جو به جيءَ وڃي جاءِ ٿيو.

چي، ”هتي تڏهن اينديءَ  پيئي؟“

رٿ ڪنڌ ڌوڻي چيس: ”هائو.“

 

 

 

[7]

”سا نيٺ تون وڃين ٿي؟  اول خير ورندي اونهاري پاڻ سان داديهن کي به وٺيو اچج.“

”ورندي اونهاري نه، باقي ٻئي – چوٿين اونهاري ته پاڻ ساڻ اوس آڻينديسانس. پر تنهن وچ ۾ الاجي ڪهڙا وَرَ وري وڃن، ڪهڙا ڦيرا ڦري اچن؟ اوهان مرڳو هتي هجوئي نه !“

”ڇو؟ ٻيو ڪيڏانهن وينديونسين؟“

”پرڻجي وڃي ساهرا گهر وسايو !“

ايوا چيس: آءُ پرڻيس ئي ڪانه. آءُ ته حق بخشي ئي ويهان. تنهن تان ڀيڻس پڇيس: ڇو آرنولڊ کي صفا جواب ڏياري مڪئي ڪيئن؟ ايوا ڪنڌ ڌوڻي ٻڌايس، ”هائو.“

ڀيڻس چيو: ههڙي وسن جهڙي مائٽي ڇني ڇڏيئي ! آلڊينهوفر اڃا ڪالهه بابي سان سندس ساکون ويٺي ڪيون.

ايوا تڪڙو تڪڙو پڇيس: ڪيئن؟ ڪيئن؟

”چيائين ٿي: جهڙس لائقن ڀريو مڙس مون کي سجهي ئي ڪونه. ايوا وٽس وڃي الوليون ماڻيندي. مون کي مائٽي وڻي ٿي. ايوا.....“

آلڊينهوفر کي مائٽي وڻي، ته مون ڇا؟ منهنجو ڪو ساڻس سڱ سياڪو؟ تون به هاڻ گهڻو نه ڳالهاءِ.“

”ادي، پڇيئي تڏهن ڳالهه ڪئي مانءِ. منهنجو نه ته ڪهڙو پروجن؟ تنهنجو ڪم تون ئي ڄاڻ !“

اتي پڻهن به اندر لنگهي آيو. رٿ کي چيائين: اصل ائين؟ هفتو – اڌ به وڌيڪ نٿي رهينءَ؟

”نه“ هنن جي پيئي بريز بريز پوي. ٻيو به اَن. جو منهن جنڊ ڏانهن. آءُ به وڃي ڪم کي منهن ڏيان. هيئن نکمڻي ڪا آءُ گهڻا ڏينهن ويهي سگهنديس !“

”تون منهنجي ڳالهه الاجي ڇو نٿي مڃين؟ داديهن  ۽ تون اسان تي بار ڪين ٿينديون. جتي ايوا ۽ ائنا، اتي تون ۽ داديهن به مون کي ڌين....“

پر رٿ وچ ۾ ئي جهليس- چيائينس: اوهان ته پنهنجا لائق ٿا ڪريو. پر دادي قبول ڪندي ڪانه. منهنجو جيءُ به ائين پيو ماندو ٿيندو. منهن پيو چهنڊڙيون پائيندم. نه ته ويچار مون کي به دل ۾ گهڻيئي پيا اچن. هتي پنهنجن بازن جي پورهيي سان آدر پورنا ڪري سگهون، ته پوءِ ڳالهه جسائتي ٿيندي. وري به داديءَ سان وڃي صلاح ڪريان. منهنجي دل ته گهڻيائي ٿي چاهي، ته هيڏانهن ستت موٽي اچان.

ائنا خوش ٿي پڇيس: تڏهن اڳي – پوءِ ايندينءِ اوس ! پر ٻڌءِ رهج اسان جي ئي ڀرسان اچي.

رٿ ورندي ڏنيس: هونءَ ته جيڪر آءُ پاڻ انهيءَ ۾ سرهي ٿيان. پر هو منهنجون مائٽياڻيون دل ۾ ڪين ڪنديون؟

ائين موڪلائي توڪلائي، پڇاڙيءَ جو کير جو ڀريل جام پي، واندي ٿي، کيسي مان ڳوتري ڪڍي ائنا کي چيائين: داديءَ هيءَ ٿورڙي رقم ڏياري مڪي اٿم. اوهان جو بار لاهي ته آءُ پوءِ به ڪانه سگهنديس، پر حال هيءُ وٺ...

ائنا تڪ پوري ڪرڻ ڪانه ڏنيس. وچ ۾ ئي هٿ کان جهلي چيائينس: ماڻهو، ڪير ! متان ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪندي آهين ! تون رهينءَ اسان وٽ مهمان ٿي، اسان تو کان ويسي ڀرائي وٺون؟ پر مهمان نه ئي هجين ها، ته به اسان ٻيلاين جو وڙ ئي ڪونهي. جو هن ٿوريءَ ڪار خذمت ڪاتر ڌارين سان ئي اهڙو بي محابا ٿيون، تنهن ۾ به تو جهڙيءَ ساهيڙيءَ کان، جنهن اسان وٽ ڌيءَ – ڀيڻ جيان اچي وقت ڪاٽيو، رقم وٺي پاڻ لڄايون؟

رٿ بنهه لاجواب ٿي پيئي.

پوءِ ته ٻنهي ڀينرن کان پڇاڙيءَ جو ڀاڪر پائي، موڪلائي اٿي رواني ٿئي ٿي، هنن چيس: بيهه ته ماسيهن جي گهر تائين اسان اُپڙائي اچونءِ. پر هن جهلين – ” چي، آءُ اڪيلي ويندس، جو واٽ تي ٻيلي کان موڪلائڻو اٿم.“

تنهن تي ايوا شرطائس: ڏٺئي ! ڏانوڻ ۾ سندس ڏائنجي تون به وئينءَ نه؟ مون کي ته اصل پار سجهيا ٿي.

ٻيلي سان رهاڻ ڪندي، ٻيون ته گهڻي ئي اچي يادگيريون پيس. پر ماٽيلو پڻس ساڻس ۽ داديهنس سان ڪيئن هلندو هو؛ ڇِڙندو هو ته ڪيئن نه وٺي اتن ڪٽڪا وجهندو هو، تنهن ۾ به داديهنس سان ڪهڙا نه ويل وهائيندو هو – اهي صورتون هوبهو هر هر اکين اڳيان تري پئي آيس. هن کي اچرج پئي لڳو ته ”ائين ڇو ٿو ٿئي؟“ ويچار پئي ڪيائين، ته متان جيوت منهنجي هينئر کان وٺي ڪو وڏو ور ته ڪانه ٿي کائي؟“ پر ان جو وراءُ اڃا پاڻ کي ڏنوئي ڪونه هئائين، ته اوچتو وڻن جي جهمٽ مان سڏ ٿيس. هن اوڏانهن مهڙ ڪري، سڏ ورنايو ٿي، ته اڳيان اچي هيلڊار بيٺس. تنهن چيس: ٻنپهرن کان وٺي ڪيترو نه مون تنهنجي لاءِ نهاريو آهي ! ماٿريءَ  ۾ به ڏسڻ  ويو هوسانءِ. مون ڀانيو، ته اتان ته اوس موڪلائڻ ويندينءَ. هينئر به ڳچ ويرم توسان پير پير ۾ پئي هليو آهيان. پر توکي سڌ ئي ڪانه پئي پيئي، جو پنهنجن ويچارن ۾ ئي محو هئينءَ“

رٿ اُتر ڏنس: اُتان اڄ آءُ ساجهر ئي ٿي آئي آهيان. پر چڱو جو اوهان  به گڏجي ويوم.  مون کي ڊپ هو، جيڪس اوهان کان پڇاڙيءَ جو موڪلائي ئي ڪانه سگهنديس. هاڻ، ڀلا آسرو نام جو – وري جيءَ جئندن جا ميلا !

هيلڊار نماڻو منهن ڪري، چيس: رٿ ......مون هيترا   ڏينهن، وچن پٽاندر، پاڻمرادو توکان گوشو پئي ڪيو. پر تنهن وچ ۾ نيٺ پتو پيو اٿم، ته تو ٻاجهون منهنجي ڏاڍي ڏکي نبرندي. آءُ ڄاڻان ٿو . ته آءُ توسان ڪنهن ڪنهن ويل ڏاڍا اُبتا پار هليو آهيان، پر هينئر پڪ ٿو ڏيانءِ؛ ته هن پڄاڻا وري مون ۾ ڏنگ ڪونه ڏسندينءَ !

رٿ وائڙي ٿي ويئ. بدن  ۾ سياٽو پئجي ويس. اکيون هن جي اڳين ۾ کپائي، چيائينس : اوهان سراسر ڀل ٿا ڪريو. آءُ هڪ ڇني ڇوري، نه ذاتيري نه ڪليري. اوهان جهڙي آڪهائتي ۽ بڻائتي مڙساڙوءَ سان منهنجي ڪهڙي بڻت بڻي سگهندي؟

”هينئر جيڪا مون باس  باسي، تنهن مان توسهي ڪين ڪيو، ته آءُ توکي ڇا نه ڪري ٿو سمجهان؟ بس منهنجي لائق ٻانهن تون ئي آهين !“

”ڪٿي اوهين؛ ڪٿي آءُ ! سچ ٿي چوان: اسان ٻنهي جي جوڙي ٺهندي ڪانه !

”مون ڳالهه جو هيٺ – مٿ سڀ جاچي ڏٺو آهي. مائٽن کان ڪيئن مڃائيندس، اها به سٽ سٽي ڇڏي اٿم. تون رڳو اَنهه ڪر. آءُ ڄاڻندس ته مون کي جيئدان ڏنئي.“

”اوهان پنهنجي ڪاتر، پاڻ جهڙن مانئي ڪو جيس ڳولي لهو. آءُ هڪڙي اڻپڙهيل، ڏتڙيل گهر جي ڪنيا – مون مان اوهان کي ساءُ ايندوئي ڪونه ! ٻيو به اوهان جا ويچار وڏا؛ اوهان جي پيماني تي آءُ پهچي ڪانه سگهنديس .“

Text Box: 83
66
4
2
 
116
112
 
102
 

 

”برابر ؛ منهنجا ويچار وڏا هئا، پر هينئر ڏسان ٿو، ته منهنجي ڪاتر ڌڻي توکي ئي  اَپايو آهي. منهنجي سانگي قبول ٿو ڪريان، توکي هڪ – ٻه نئين ڳالهه سکڻي پوندي، پر اهو ذمو آءُ پاڻ تي ٿو کڻان، آءُ توکي پاڙهي پڪو ڪري ڇڏيندس. تنهن ۾ آءُ پنهنجي پريم جو پلئو ٿو وجهانءِ. منهنجي دل ڏي ڏس – دل منهنجي تولاءِ تڙڦي ٿي !“

 

”پر اوهان به اوچتو اچي مون کي ورايو آهي. مون نٿي ڀانئيو، ته ...“

”هائو، تو نٿي ڀانئيو ته ڪو مون جهڙو ڏکيو جيو توتي هيئس اچي اَجهڙندو. پر آءُ سچ ٿو چوان، ته تون ئي منهنجي من جو مڻيو آهين ۽ منهنجي جان ! منهنجي نيت ۾ شڪ نه آڻ....“

”آءُ جي اوهان جي ڳالهه وسهان به کڻي، ته به ٻڌايوم، ڇا ڪريان؟“

”ٻيون ته، مون کي رڳو ورندو پيار ڏي، پوءِ باقي  رساڪاريءَ کي پڄي وينداسين.“

”آءُ پاڻ منجهي پيئي آهيان. دل مَن پيئي هڻان، ته اوهان جو پيار سئيڪار ڪريان يا نه ؟“

”تون سمجهين ٿي، ته آءُ تنهنجي پريم جو اڌڪاري  ئي نٿو سگهان !“

”آءُ ائين چوان ئي ڪانه ٿي.“

”تڏهن هيترو مون کي ستائين ڇو پيئي؟ جڏهن آءُ پاڻ وچ جا لڪ لنگهي، ۽ ٻنڌڻ ٽوڙي تو تائين اچي پهتو آهيان، تڏهن تون پاڻ مون کي هيئن ڌڪي، پاڻ کان ڌار ڇالاءِ ٿي ڪرين؟“

”آءُ ڄاڻان ٿي، ته منهنجي ڪاتر اوهان گهڻو ئي ٿا سهسايو؛  تنهن لاءِ آءُ اوهان جو ٿورو ٿي مڃان. پر آءُ پيئي سمجهان، ته انهيءَ مان اڳي – پوءِ اوهان کي  ڇيهو رسندو.“

”پياري ! منهنجي ڇيهي جو تون ويچار نه ڪر. مون کي ڏينهن رات تنهنجي تات ٿي رهي. ٻيون ڪجهه مون کي گهرجي ئي ڪين؛ مون کي تون ملينءَ، ته سمجهندس ته لک کٽيم.“

رٿ پنهنجو هٿ سنئون ڪيو، ته هيلڊار ان کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي، وٺي چيمون ڏنيون – چيائينس: هيڏو ڦيرو مون ۾ توئي آندو. هاڻ ڪريان اُميد ته تنهنجي پار کان به مون سان نيٺ جو ڳائتو وڙ ٿيندو؟

”آءُ جيڪڏهن هينئر اوهان کي پڪ نه ڏيان ته ڏکڙو نه ڪڍجو. آءُ ويندي ئي، داديءَ سان وڃي ڳالهه چورينديس. ڏسان اُها ڇا ٿي چوي؟“

”آءُ پاڻ توسان گڏجي، سڀاڻي وٽس هلان ٿو.“

”نه، اوهان ايتري تڪليف نه وٺو.“

”پر مون کي جو تيتر سک ئي ڪونه ايندو !“

”آءُ بروقت وڃي اوهان کي خبر موڪلينديس.“

”پر آءُ به توسان گڏ، اوڏانهن اوس هلندس. آءُ پاڻ هلي، داديهن کي ٻڌائيندس، ته آءُ توکي  ڇا نه ڪري ٿو سمجهان ! پاڻ به ڀَل، منهن مقابل مون کي ڏسي، خاطري ڪري.“

”ڏسو، زور وارو نه ٿيو.“

پر هيلڊار به هڪڙيءَ تي ٿي بيٺو.

تڏهن  چيائينس: منهنجي پريم سانگي من ڳالهه مڃو.

هيلڊار ميڻ ٿي ويو – چي، تنهنجي پريم سانگي؟ تنهنجي پريم سانگي، ڌڻي شل اُهو ڏينهن سگهو ئي آڻي، جو آءُ توکي ثابت ڪري ڏيکاريان ، ته آءُ ڇا نٿو سهسائي سگهان ! چڱو، جي اها ڳالهه توکي وڻي ٿي ته آءُ پاڻ  اوڏانهن نٿو هلان. پر منهنجي سا پارت اٿيئي. داديهن کي ڀل منهنجي سموري حقيقت بيان ڪري ٻڌائج. ڪوبه منهنجو عيب صواب کانئسِ لڪائج نه. پڇاڙيءَ ۾، خدانخواسته، مون واري پڙ ۾ ڪا ڪاڻ ٿي پوي، ته منهنجي پاران منجهس ڪري پنهنجو پريم جو ذرڙو وجهج. پوءِ پڪ اٿم ته اٽل اوس اوڏانهن  ئي ٿيندي.“

هي ڳالهيون ڪندا، شهر ۾ مارڪيٽ وٽ به اچي پهتا هئا. رٿ جي ماسي ڪا ان ٽاڻي دريءَ وٽ ويٺي هئي. انهيءَ هن کي هيلڊار سان گڏ ڏٺو،  تنهن کي اچي باهه لڳي. ڌيءَ کي ٿي چوي: هن ڇوريءَ جي افعالين، هروڀرو اسان جي گهر جي اوگهڙ ٿي پيئي آهي. هاڻي ڪٿي موٽي گهر وڃي، ته اسان ته منجهانس ڇٽون.

ڌڻيس تنهن تي اچي ورتس چي، هوءَ ويچاري اسان وٽ ويٺي ڪهڙو، بيٺي ڪهڙو؟ کاڌائين؟ پيتائين؟ رات جا ڪي ٻه – اڍائي پِهر، هنڌ ۾ سو اچي سمهندي  هئي. پوءِ تون هيئن بَلَ ڇالاءِ پيئي کائين؟

”انهيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه؟ ٻيلاين وٽ ڏهاڙي ڀڳي به پاڻ بيٺي هوندي هئي. هتي آرام ايندو هوس؟ هتي ڀلا صحبت...“

”بس، بس ! اکيون، ڍڪي نه ڳالهاءِ. پنهنجيءَ واري آهين، اهو به ويچار ڪونه ٿو ٿيئي؟“

ماڻس جيڪس انهيءَ تي سهمائجي وڃي ها، پر پريان جو ڏٺائين ته هيلڊار رٿ کان موڪلايو ائين حجائتو پئي، جو ڀانئي ته پاڻ ۾ ڏاڍو ڪو گهاٽو ۽ ويجهو رستو هون؛ سو ڌيءَ کي سڏي چيائين: مرم شرم واري ! ڏٺئي؟ هاڻ ته بس؟

خير، رٿ اچي گهر ڀيڙي ٿي، ته ماسيس ۽ ماساتيس ٻنهي دوس ئي ڪونه ڏنس، رٿ  سهي ڪيو، ته ڇا تان مٺيان لڳي اٿن، پر پاڻ به سَور پيئي وئي.

ويهي ويهي؛  ماسيس پڇيو: ٻيلاين  سان ته ليکو چڪتو ڪري ڇڏيئي نه؟ متان ڏهاڙي پيا سندن ماڻهو منهنجي در تي ڀيرا ڪن.

رٿ کان ڳالهائڻ آڪليو ڪونه  ٿي. نڙيءَ تي ڳنڍو اٽڪي پيس. پر تڏهن به جيئن تيئن اڌ ڳيتو اَتر ڏنائين: ”هائو.“ ماسيس وري پڇيس:  ڀاڙي لاءِ پئسا پورا اٿيئي؟

رٿ ڪنڌ سان اشارو ڪيس ”ها“

 ماسيس چيس: وات ۾ مڱ ته ڪين پيا اٿيئي؟ سنئون  سنواٽو جواب ڇو نٿي ڏين؟

رٿ ٻڌايس: پئسا مون وٽ ڀاڙي کان پاڻ وڌيڪ ٿيندا، جو جهانگين مون کائي پائي به ڪانه ورتي.

ماسيس تنهن تان اچي کاڻي – چي، اوس هنن سان رت پاڻي رنو هوندءِ ، تڏهن هنن پئسا ڪونه ورتا اٿيئي. پر هاڻ مون کان گهر به ڪري ڏسن. آءُ سڌي اهڙي ٻڌائينديسان، جو عمر پيا ياد ڪندا !

رٿ پڇيس: ماسي، تون مون کي هينئن ڇيڇلائين ڇو ٿي؟

ڌيڻس به  چيس: امان، توکي ٿيو ڇا آهي؟

هن ڏاناسر جي زبان تڏهن ٽَڪ ٽڪ ڪانه ڇڏي – ڌيءَ کي چيائين: رک رکاڻي وري ڇاجي ڪريانس؟ مفت اسان کي کڻي دانگيءَ رائو ڏنو اٿس.

ڌيڻس پڇيس: اسان کي وري دانگيءَ رائو ڪيئن ڏنائين؟ ٻيون به رٿ سان هيلڊار پاري ماڻهوءَ حجت هلائي، ته انهيءَ ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن جي اندر واري کي ڳالهه نٿي وڻي، ته به هيءَ ڇا ٿي ڪري سگهي؟

ماڻس چيس: ڏاڍو ٿو ماسات جو تاءُ اُڀري ئي ! ٿيو ڇا آهي؟ هاڻ موگهرس: وڃي ته گهپي ته لهي.

 ماسيس جڏهن ٻاهر نڪري ويئي، تڏهن ماساتيس سڏ ڪري چيس: ٻڌين ٿي؟

رٿ  وراڻي ڏنس:  چوُ.

”اڄ نيٺ وهانوَ جي مون سان ڳالهه چوريائين.“

”ڪنهن“

”ڪنهن وري ڪنهن، سئوٽم ٻيو ڪنهن؟“

”سچ، پو تو ڇا چيس؟“

مون وري ڇا چيس – سمجهين ڪانه ٿي؟

ڀلا پوءِ؟“

اول خير، ته پلو پلئي ورندي  اونهاري ۾ ٻڌنداسين.“

”ڏاڍو چڱو!“

”پر تون وهانوَ تي اچجانءِ اوس.“

”آءُ نڪو؟“

        ڏس وري ٻار ٿي ٿين نه ! چيو مانءِ ڪين، امان ٻڍڙيءَ جي ڳالهه دل ۾ ڪر ئي نه. هن کي ڏينهن رات ننگ ناموس جو اَلڪو ٿو رهي. پيريءَ ۾ ائين ئي خفو گهڻو ٿئي ٿو. هينئر هيڪاري سو ساٽ اڀريس، جو هيلڊار جو ڍنگ کيس نه  وڻيو.“

”بس، بس ! اها ڳالهه مون سان نه ڪر.“

اَءُ پاڻ جيڪر توکي اهڙي ڳالهه ڪانه ورجايان. پر هيلڊار پاري- خوش پڏڻي ماڻهوءَ تي متان ويسهه ڪندي آهين. اهڙا ماڻهو ويساهه گهاتي ٿا ٿين. ٻيڙيءَ چاڙهي، ڦرهو ڪڍيو وٺن !“

اتي ديول جي گهنڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ماساتيس سهي ڪيو، ته گهنڊ ڇا جو ٿي وڳو. رٿ کي  ٻڌايائين ته ”ڪيئن نه ويچاريءَ سان سندس پريتم ڊوهه ڪيو ! هن وسوڙيل کي چڙهه ڏيئي، ٻيڙو وڃي ٻيءُ کي ٻانهن ۾ ٻڌائين. هن جي پوءِ ڪل ٿڙڪي پيئي، جو اڄ نيٺ پران تياڳيا اٿس.

”-۽ هو؟“

”هو هن ٻيءَ سان منگوچا ويٺو ماڻي. وفائي به ڪنهن ڪنهن مڙساڙوءَ ۾ ٿي ٿئي.“

”هانو، جن جي دل  سون ورني آهي.“

”اهڙن  کانپوءِ درد  وسري ئي ڪونه. آلڊينهوفر کي ئي ڏس – آءُ نه سنڀران، ته هن مڙس ڪڏهن چپ کولي، کليو. مرڪي ئي ڪونه. اڳيون ڳالهيون ياد ڪيو، اندر سان پيو اوري، نه ته مڙس جي ڌَيا ڀانءِ ته ڇا نه آهي!“

”کلي مرڪي ڇو ڪين؟“

”چون ٿا، ته جوانيءَ ۾ ڪنهن سان اک اڙيس، پر مڱ سنديس وڃي ڪنهن ٻئي سان پلؤ ٻڌو هي اڄ ڏينهن تائين دل ۾ اُهو درد سانڍيندو اچي.“

”ٿيڻي نه آهي.“

”توکي ڪهڙي سڌ؟“

 ”مون کي سچ سڌ ڪهڙي ! پر ههڙي رڄ چڱي مڙس سان ڪنهن به ڊوهه ڪيئن ڪيو هوندو؟ مون کي ته ڳالهه ويسهه ۾ ئي نٿي اچي.“

”ڇوڪري تون اڃا ٻار آهين. انسان جي مٿان الاجي ڇا ڇا وهي ٿو گذري ! سو چيم ٿي، جس اهڙن مڙسن لهڻو. سندن حال تان ارمان به پيو ٿئي. اهڙا جيوَ اڳيون ڳالهيون سنڀاريو؛ دل کي پيا آٿت ڏين.

”پر جي اڳلي ماڳهين بيوفائي ڪئي هجي، ته پوءِ دل کي آٿت ڇا مان ايندو؟ انهيءَ حالت ۾ اهڙي جيوَ کي هن ٻئي رڳو ياد به ڪيو، ته چئبو نرٻل آهي.“

”وات سان  ته ڳالهه ڪري ويينءَ، پر آلڊينهوفر جو ئي مثال وٺ. جنهن ساڻس بيوفائي ڪئي، تنهن کي وساري به ڇڏيو هجيس، ته به هن جهڙو ماڻهو وري ته ڪٿي دل نه ڦاسائي. ڇو ته پنهنجو جيس هن کان لڀي ڪٿان؟ انهيءَ حالت ۾ تون ڇا ٿي ڀائنين، حياتيءَ مان هن کي مزو ايندو؟ پوءِ اُتانئس ارمان کائجي، ڪين نه؟“

پڇاڙيءَ واريءَ رات جو به رٿ دير  تائين پئي جاڳي. هڪڙي ٿڌي هوا، ٻيون برسات جون بوندون. دري کولي، منهن ٻاهر ڪڍي بيهي رهي. ويچار پئي ڪيائين ته ”هن ٿوري عرصي ۾ ڪيڏا نه رنگ ڏٺا اٿم !“ ائين ئي سامهين مڪان ڏي نهاري، دل ۾ چيائين: ساڳيو شخص، جنهن کي پهريائين منهنجي پلوَ ڇتي عار ٿي ٿيو، سو اڄ مون کان منٿون ڪري سڱ پيو ڇڪي !

اڻ اُڀرئي جو تارا بيٺا ئي هئا، ته ٽپال وارن جي گاڏيءَ جو توتاڙو وڳو، ۽ هيءَ اَمالڪ، لهي اچي منجهس چڙهي. ماتيس سو پڇاڙيءَ جو کانئس موڪلايو اچي، پر ماسيس اُٿي به ڪانه.

گاڏي شهر جو دنگ ڇڏي، ٻيلي ۾ ٿي گهڙي، ته اوچتو بيهي رهي. رٿ تنهن تان تپرس پئي کاڌو ته مٿان هيلڊار اچي گاڏيءَ جو در پٽيو. هيءَ جيڪي سو ڏڪي پئي، پر سرهي به ٿي. هن سلام ڪيس، ته هن به ڏَڪ ڏڪندا هٿ کڻي هٿن ۾ ڏنس.

هيلڊار چيس: آءُ توکي هلي ٿو اپڙائي اچان. اعتراض ته ڪونهي؟

رٿ هٻڪي پئي، ۽ اکيون اکين ۾، ورندي ڏنائينس: وري به شڪر، جو اوهان کي ته منهنجي سار ٿي.

هيلڊار چيس: وري به وسري ويئي نه، ته آءُ  توکي ڇا نه ڪري ٿو سمجهان! منهنجي دل ائين رهي ها؟

ڏِس، تنهنجي لاءِ هي گلدستو به آندو اٿم. گل منجهس بنهه تازا اٿيئي. اڃا ماڪ جا ڦڙا اَتن سالم پيا ڏسجن.

رٿ گلدستو وٺي، کڻي اکين تي رکيو. پڇيائينس: هن ٿوري لاءِ آءُ اوهان جو شڪريو ڪيئن مڃان؟

هن ٺهه ڦهه ورندي ڏنيس: منهنجو شڪر ڪيئن مڃين؟ ٻڌايانءِ؟ ويندي شرط – اڄ ٿي سگهي ئي ته سڀان تي به نه وجهج- مون کي خير جي خبر اَمالڪ موڪلي ڏج. ڇو ته گهڙي گهڙي مون کي ورهيه ٿِي ٿي نبري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org