سون ورنيون دليون
”پڪ اٿوَ ته گاڏي اچي پيئي؟ هيڏي تڏهن اوير ڇو
لاتي اٿس؟ وچ واٽ تي گم ته ڪانه ٿي ويئي؟“
”جناب، اڳي پوءِ نڪرندي اوس اچي. پر هن گڏهه
گاڏيءَ تي مدار ڪونهي. ٽپي ٽپي ٿو بيهڻو پويس.
منجهس چڙهي ئي گهڻو ڳوٺاڻو عالم ٿو. پر اوهان به،
ههڙيءَ نٽهڻ اُس ۾، ٻاهر ڇو ٿي بيٺا آهيو؟ هوڏانهن
اندر ويهي نٿا آرامي ٿيو؟“
”ڪٿي؟ هن ڪڙهه ۾! ڏٺو اٿوَ ته منجهس لڳو ڇا پيو
آهي؟“
سٽيشن ماستر ويٽنگ روم ۾ اندر نهاريو، ته ڏٺائين
جو ويهه – پنجويهه ڪمي ڪاسبي ويٺا هئا، جن بِيرَ
تي پئي وارا ڪيا. تڏهن چيائينس: معاف ڪجو! ڀلا،
هيڏانهن منهنجي آفيس ۾ هلي ويهو.
پر هن وراڻي ڏنيس: نڪو، آءُ اتي ئي بيٺو آهيان.
سٽيشن ماستر ٻڌايس: بس گاڏي به اجها آئي. سنگل
مليو اٿس.
نيٺ گاڏيءَ سيٽي هنئي، ۽ دونهان ڪڍندي، پاؤ پلڪ ۾
اچي پلئٽ فارم تي بيٺي.
گارڊ ٿرڊ ڪلاس جو دروازو پٽي چيو ته ”گاڏي فقط
پنج منٽ بيهندي“،. تنهن تي اَمالڪ، هڪڙي ننڍي
نيٽي مجهانئس لهي هيٺ ٿي!
هن مڙساڙوءَ فرسٽ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس ڏي گهڻيئي
اکيون ڦرڙايون، پر اهڙو ڪو مهانڊو ڏٺائين ڪونه، سو
جان تان فراس ٿي ٻاهر هليو ٿي ويو، ته سڌ نه آهي
ڪهڙي ڇڪ ٿيس، جو ڪنڌ ورائي کڻي پٺيان نهاريان.
ڪوليءَ، ننڍيءَ نيٽيءَ جي ٽرنڪ ۽ ٿيلهي کڻي مٿي
تي رکي هئي، ۽ هٿ سان اشارو ڪري، پريان ٽپال کاتي
وارن جي گاڏي پيئي ڏيکاريائينس.
هن اکين تي کوپا چاڙهي، پريان ئي بيهي تپاسي، ته
منهن هن جو ڍڪيو پيو هو، جو مٿي تي ڪري ٽوپلو وڌو
هئائين، پر سندس قد ۽ بيهڪ چڱا وڻيس. هي اڳيان،
ننڍي نيٽي پٺيان- ٻيئي گاڏيءَ وٽ اچي پهتا، ته هن
جون اکيون ننڍيءَ نيٽيءَ ۾ ئي کتل! هوءَ ٽپ ڏيئي
چڙهي وڃي اندر ويٺي.
هن ڪلهن کي وٺي ٿورڙو نچايو ۽ عينڪ لاهي کڻي هٿ ۾
ڪيائين. منهن تي ٺٺوليءَ جي مُرڪ، پنهنجي منهن
چپن ۾ ٿو چوي: ڏانهنس نهاريندو به ڪير؟ ٿرڊ ڪلاس
۾ چڙهندڙ!
تنهن وچ ۾ مزور ٻنهي ڄڻن جو سامان گاڏيءَ ۾ چاڙهي
ڇڏيو هو. هن سکر ماڻهوءَ جو پاڻ سان هڪڙي چَڪي
آندي هئي، اها هن ننڍيءَ نيٽيءَ جي ڀر ۾ ڪري رکي.
مزور کي پنهنجي مزوري ملي، ته هن مڙساڙوءَ کي
چيائين: سائين اڄ اوهان کي به منجهه ويهڻو پوندو،
جو شولز ڏسو ٿا چڪو سروس وٺي ويٺو آهي. مڙساڙوءَ
رڳو منهن ۾ کڻي گهنڊ وڌو.
*
*
*
گاڏي هلندي هلي، پر هنن ٻنهي ڪا مهل پاڻ ۾ اکر
ڪونه ڳالهايو. ننڍي نيٽيءَ ته منهن کڻي ٻاهر ڪڍيو،
جو ساوڪ ۾ وڃي اکيون کتيس. هن ٻاهر ڪڍيو، جو ساوڪ
۾ وڄي اکيون کتيس. هن يار وري چروٺ دکائي پئي
سُوٽا ڀريا. پهرين دل ۾ آيو هوس ته ري موڪلايو،
عورت ذات اڳيان، تماڪ پيئڻ سونهائي نٿو، پر سندس
ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهڻ واري ڳالهه ياد ڪري، نٽائي
ڇڏيائين.
ننڍي نيٽيءَ جو منهن اندر ورايو ئي نٿي، سو هي پيو
دل ۾ چوي: اُس لڳيس ئي ڪانه ٿي ڇا؟ کيس ڀلا اندرئي
تکيءَ تائوڙيءَ ماندو پئي ڪيو! خير، هن جي سوٽا
پئي ڀريا ته دونهون مٿڀرو چڙهندو، آخر درين مان
ٻاهر نڪرڻ لڳو. تڏهن ٺٺوليءَ طور، وٺي ننڍيءَ
نيٽيءَ کان پڇيائين: ڏکي ڪانه ويٺي آهين؟ سج جو به
تَوَ ڪونه ٿو ستائينئي؟
هن، منهن ٻاهرئي هوندي، ٺهه ڦهه وراڻي ڏنيس: سج ته
نه، باقي اهو اوهان جو چروٺ، اُهو سو اکيون ٿو
ڪڍي!
هن امالڪ چروٺ ڪري دريءَ کان ٻاهر اڇلايو.
چيائينس: آءُ ڀليس، معاف ڪجو.
ننڍي نيٽيءَ هيءَ جا سَهِمَ ڏنيس، تنهن تان جان
تان چاهه ٿيس، ساڻس رهاڻ ڪريان، پر وري به هن جي
ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهڻ پلَ وڌيس.
اتي ڪو گهوڙن ٿاٻو کاڌو، سو چڪي اونڌي ٿي، اچي
ننڍي نيٽيءَ جي پلاند ۾ پيئي. پر هو مڙساڙو اڃا
اُٿيوئي ڪين، تنهن کان اڳ، هن وري اُن کي ٿانئيڪو
ڪري، ٺاهي رکيو.
هن ڏٺو جو هٿ به چڱا ڊولائتا اٿس! هينئر هيڪاري
دل گهريس ته ڪيئن ساڻس ٻه – چار ڳالهيون ڪريان. پر
انهي ارادي سان، پاڻ جيتوڻيڪ سندس ٿورو به مڃائين،
ته به هن دوس ڪونه ڏنس.
واٽ تي هڪڙي سائي ويءَ تي وڃي ننڍي نيٽيءَ جي اک
پيئي، سو ڀانيائين ته ڪنڌ ورائي هن کان، پڇان، ته
ڪنهن جو آهي؟ پر اتي ئي شڪجي، کڻي ماٺ ڪيائين. هن
مڙساڙوءَ اَمالڪ سمجهي ورتس. تنهن جيتوڻيڪ
پاڻمرادو ٻڌايس به، ته اهو ويءَ ڪالر وٿ وارن جو
آهي، ته به هن وري، حال، ساڻس گفتگو ڪونه ڪڍيو.
کن پلڪ ۾ رستي ور کاڌو، ۽ گاڏي به ڦري اتهين هلڻ
لڳي، ته پريان وري هڪڙي سندر موري نظر آئي، جنهن
جي وچ ڌاري هڪ نازنين اکيون پابو بيٺي هئي.
هي مڙساڙو ڪو هن نازنين کي سڃاڻندو هو،
تنهن پريان ئي هن کي کينڪار ڪئي. هن ننڍي نيٽيءَ
ڏٺو، جو هڪٻئي کي ڏسي، ٻنهي جا چهرا بهار پئي ٿيا!
تڏهن مس، هن ننڍي نيٽيءَ جي زبان به کلي پڇيائينس:
ڪير هئي؟
هن مڙساڙوءَ ته اول وٺي ڏانهنس نهاريو.
دل ۾ چيائين: ڏاڏيءَ حوا جو لڇڻ، سنديس پوٽيون ڀلا
ڪٿان ٿيون ڇڏين! پر وري به ڌڻيءَ جو شڪر بجاءِ
اندائين، جو نيٺ هن جي زبان ته اُڪلي.
ننڍي نيٽي سوال پڇي، اندر ۾ ڏاڍو شرمائي،
سو وراڻيءَ لاءِ به ڪانه ترسي، منهن وري کڻي دريءَ
کان ٻاهر ڪڍيائين. مڙساڙوءَ ٻڌايس ته اها نازنين
ڪالروٿ پاڻ هئي، ته به هن رڳو ڪنڌ سان سندس شڪر
ادائي ڪئي، ٻيو وات مان اکر ڪونه ڪڇيائين.
پر هن پڄاڻا، مڙساڙو هڪڙي نه ٻي ڳالهه
ساڻس ڪندو رهيو – چي، هي گس هن ڳوٺ ڏانهن ٿو وڃي،
هو گس وڃي ٻيلي وٽ ڇيهه ڪندو.
ننڍي نيٽي هٻڪي به پئي، پر سڀاويڪ آهي،
جو زبان تان هيڪر مهر لٿي، ته پوءِ ماٺ مشڪل ٿي
اچي. ننڍي نيٽي تنهن هوندي به شڪجي پئي، پر هيل
توڻي هن هِز گهڻو ڀڃي ڇڏيو هو.
ڪنهن مهل مڙساڙوءَ کان پڇيائين: شهر ته هي
وڏو ڪونه ٿو ڏسجي؟
هن ورندي ڏنيس: منجهس 4000 آدم رهي ٿو!
”سچ! ڀلا اڃا پنڌ ڳچ ٿيندو؟“
”نه! اجهو هن ٻيلي مان ٻاهر نڪتاسين، ته
... ڳوٺ ايندو اتان پوءِ باقي اڌ ڪلاڪ مس
لڳندوسين.“
”ڳوٺ به ڪي هتي هيڪا ندا ٿا ڏسجن! ڪوهه –
اڌ تي وسنئن.“
”زمين هتي جي آهي ڀلي، تنهن ڪارڻ هي هنڌ سونَ جو
ٽڪر ڪري ٿو ليکجي. آبادي نٿي ڏسين؟“
وري به ڪا ويرم ماٺ ٿي ويئي. ننڍي نيٽيءَ
ته دريءَ کان ٻاهر منهن ڪڍي، ٻاهر جو چهچٽو پئي
ڏٺو. هن مڙساڙوءَ کي ماندڪائي پئي ٿي. تڏهن رکي
رکي، چيائينس: توکي اعتراض نه هجي، ته گاڏيءَ جون
دريون کولي ڇڏيان؟ ائين جان تان هوا کي به اندر
لنگهه ٿيندو.
هن ورندي ڏنيس: ڀل کولي ڇڏيو. آءُ پاڻ
پگهر سڪائينديس.
بس، هن ڇڪي زور سان دريون کوليون، ته هُن
به پنهنجو ٽوپلو لاهي، کڻي ڀر ۾ رکيو.
مڙساڙو ٺري پيو! دل ۾ چائين: نيٺ ڌرتتيءَ ڪڪ ڪيس.
هيڪاري سندس سانوري صورت ۽ موهڻي مورت ڏسي، مڙس
جي دل ٽپا ڏيڻ لڳي. سينڌ صندل جيان طاق ٿي پيئي
هيس، ۽ ڀورين اکين مان هن جي پريم پئي ڇڻيو. وري
ڏانهنس نهاري، وٺي جو هُئن مرڪيائين، ته باقي به
جيڪا مڙساڙوءَ کي ڪنڌ ۾ ڪيلي هئي، سان هن جي نڪري
ويئي. هن پڄاڻا پاڻ ماڻهو ئي بيو ٿي پيو. ننڍي
نيٽيءَ جي ڳلن ۾ به ته اڻ لکائتي لالاڻ ڏيکاري
ڏني. هن به سهي ڪيو، جواني اڃا هينئر ٿي ڦٽيس، پر
دک به ڪي ڏاڍا ڏٺا اٿس!
مڙساڙوءَ جي اک جيئن اَنس پيئي، تيئن وري
اُتان پاسيري ڪانه ٿي، تنهن هن کي جان تان بي آرام
ڪري وڌو.”منجهي پيئي ته ڇا ڪريان؟ تڏهن هٻڪي هٻڪي،
پڇيائينس: ٻڌو ٿم، ته هن شهر جي ڇڪ ۾، ٻيلا ڏاڍا
گهاٽا ٿا ٿين، سا ڳالهه برابر آهي؟
”هائو، شهر ئي ڄڻ ٻيلن جي دُن ۾ آهي“
”تڏهن ته منجهس جهانگين جا گهر به ڳچ جيترا
هوندا؟“
”هتي رهن ئي گهڻو ڪري جهانگي ٿا. آءُ پاڻ
جهانگي آهيان. پر ڏسجي ٿو ته جهانگين لاءِ تنهنجي
دل گهڻو ٿي گهري. جهانگيءَ جي گهر ۾، تون جيڪر پاڻ
کي سکيو سمجهين؟“
اُهو آءُ ڪيئن چوان؟ مون ڪڏهن ڪنهن
جهانگيءَ جو گهر ڏٺوئي ڪونهي. پر ڀانئيان ٿي، ته
ههڙي ايڪانت واري آسٿان ۾ جن جو گهر گهاٽ هوندو،
تن جو حياتيءَ جو دم ڏاڍو سکيو نبرندو هوندو!“
ننڍي نيٽيءَ جي چتر زبان ته هيڪاري هن
مڙساڙوءَ کي ”منڊي وڌو. ڀانئي پيو. ڳالهائي ٿي، ڄڻ
عطر جي اوت ٿي اوتي.
پڇيائينس: تو ساري ڄمار جيڪس ڪنهن وڏي
شهر ۾ ڪاٽي ٿي ڏسجي؟
ننڍي نيٽيءَ ٻڌايس: آءُ برلن جي ويٺل
آهيان.
گاڏي تنهن وچ ۾ ٻيلي جو دنگ ڇڏي، اچي ڪا
سڙڪ تي پيئي هئي، پر سڙڪ ۾ کڏون کوٻا ڪي اَڻ ڳڻيا
هئا، سو گاڏي پئي هيٺ مٿي ٿي. ننڍي نيٽيءَ کي جي
جهوبا، آيا تنهن مڙساڙوءَ کان پڇيو: گهوڙا بتال ته
ڪين ٿي ويا آهن؟ متان گاڏيءَ واري کي اک لڳي ويئي
آهي؟
هن چيس: گهوڙا بتال ٿيڻ جا آهن ئي ڪين،
ڏهاڙي ٻه ڀيرا ٿا سڙڪ تان اچن وڃن. گاڏيءَ وارو نه
هجي، ته به واٽ ڀلبائي ڪين. سڙڪ جاچي پئي اٿن.
اتي مڙساڙوءَ جي اک وڃي پريان ڪنهن
گهوڙيسوار تي پيئي، جو گهوڙي کي ميدان گڻائيندو،
سندن طرف پئي آيو. هن اکين ۾ کوپا وجهي، ڏانهنس
نهار ڪئي، ته اَمالڪ سڃاتائينس، ۽ جڏهن هو بنهه
گاڏيءَ جي ڀر وٽان اچي لنگهيو، تڏهن کينڪاري نياز
ڪيائينس. هن به کينڪاري نياز ورايس.
پر گاڏي اڃا ڦيرو کائي، ڪچيءَ موريءَ تان
لنگهي، پرار ٿي ٿي، ته سندس پويون ڦيٿو پٿرن ۾
اٽڪي پيو، ۽ گهوڙا ، گاڏيءَ وارو، گاڏيءَ سوار- سڀ
ڌو هيٺ کڏ ۾ وڃي ڪريا! کن پلڪ ته گاڏيءَ سوارن کي
سڌ ئي ڪانه پيئي ته ٿيو ڇا. گاڏيءَ واري جا سي نشا
ئي ٽٽي پيا. تنهن جڏهن گهوڙا گهوڙا ڪئي، تڏهن هنن
به ڳالهه کي سمجهيو. گهوڙي تيتري ۾ ڇڙهيون پئي
هنيون.
هُن گهوڙيسوار ڪو سمور رنگ پريان ڏسي
ورتو، تنهن اُتان ئي موٽ کاڌي، ۽ موريءَ وٽ پهچي،
گهوڙي تان لهي، گاڏيءَ واري کي اُٿاري، چيائينس:
مطلب ته تون اها ڪُڌي چال ڇڏيندي ئي ڪانه! اڄ وري
به شڪ نه آهي، جو ڪو پٽ- اڌ وڌيڪ چاڙهيو اٿيئي؟
شولز ڏڪيو پئي، ورندي ڏنائينس: سائين! آءُ رڳو
ننڍا کڙو هوس. ٻيو سامهون سج ٿي اکيون...
گهوڙيسوار سمجهيو، ته هي ننڊ جو رڳو منهن
ٿو ڪري، سو اشاري سن سندس رو ڪپي، هن مڙساڙوءَ کان
پڇيائين: هيلڊار! اوهان ته سلامت آهيو؟
هيلڊار ورندي ڏنس: آءُ ته در کان اڇلجي،
بنهه کڏ منجهه اچي پيو آهيان، ۽ ورن ديوتا جي جهول
۾ پيو لڏان- پر آلڊينهوفر! هن نينگر کي ته ڏسجو،
ڪا جهڙپ ته ڪانه آئي اٿس؟
ننڍي نيٽيءَ اندران ئي ٻڌاين: مون کي به
رڳي ڪا ٿورڙي رهڙ آئي آهي-پهريائين ته دَ هڪو به
هوم، پر هينئر ڄاڻان پيئي جو بلڪل سلامت آهيان.
آلڊينهوفر، شولز کي هڪل ڪئي: وائڙو ٿيو
بيٺو نهارين؟ ستت وهٽن جو تنگ ۽ بالا تنگ ڇوڙي
اَجو ڪرين، نه ته هرو ڀرو گاڏي نه ڇيتيون ڇيتيون
ڪري ڇڏينئي!
ننڍي نيٽي ۽ هيلڊار تنهن وچ ۾ کڏ مان نڪري
ٻاهر ٿيا هئا. ننڍي نيٽي به پاڻيءَ ۾ ڀڄي ڀت ئي
پيئي هئي. پر هيلڊار ته سانگ بڻجي پيو هو، جو ڪوٽ
۽ پتلون ٻيئي چڪ ۾ چٽڪمرا ٿي پيا هئس.
هيلڊار ٻاهر ايندي ئي، اکيون ڪڍي، وٺي
شولز ڏي نهاريو- چيائينس: بدمعاش، آءُ توکي ڏسي
وٺندس!
شولز کانئس بخشايو ته ڪونه، پاڻ شر ٿيو.
چي: آءُ ڏاڍو سرهو ٿيو آهيان. منهنجي آڏو ڦريا
تنهن جو هي بدلو مليو اٿو. منهنجي ستيا ناس اوهان
ڪئي. سون جهڙي نوڪري نه ته منهنجي ڇو وڃي؟
منهنجيءَ مڱينديءَ کي ڌتاري، مون کي پنهنجيءَ
ٻانهن کان به اوهان ئي سڪائي ماريو!
هيلڊار هن جو ڇڙيو ڳالهائڻ ٻڌي، باهه ٿي
ويو. رڙ ڪري چيائينس: بدمعاش، زبان جهل، نه ته
بڇڙو ڪندوسانءَ! پوءِ ڏسان ڪير ٿو تنهنجو روادار
پوي؟
تڏهن به هن ماٺ ڪانه ڪئي. پاڻ ڏند ڪڍي،
بهي اُتس کلڻ لڳو – چي: سچ تان مرچ ڇو ٿا لڳنو؟
آءُ ڪوڙ ٿو چوان ڇا؟
آلڊينهوفر ڏٺو ته جهيڙو وڌي ٿو وڃي، تنهن
گاڏيءَ واري کي سهم ڏني-چيائينس: هتان ڳوٺڙي مان
وڃي ٻن – چئن ماڻهن کي سڏي آءُ، گاڏي ته کڏ مان
ٻاهر ڪڍاءِ.
پر هيلڊار چهبڪ کڻي، هن ڏي رخ رکيو-چي:
وڃي پوءِ، اول آءُ ته ٽڻ مِڻ لاهيانس.
اَلڊينهوفر پاڻ جهڙي سکر ماڻهوءَ کي ٻيو
ڪيئن شرمائي؟ اشارو ڪيائين: عورت ذات جي بيٺي،
هيءَ هلت سونهي ٿي؟
ننڍي نيٽيءَ ته سمجهيو ئي ڪونه ٿي، ته
هيلڊار ۽ شولز پاڻ ۾ اَنٽيا ڇو؟ سو وائڙن وانگر
پئي ٻنهي ڏانهن نهاريائين
.
هيلڊار کي اَلڊينهوفر جي ڳالهه دل سان
لڳي آئي تنهن شرم کي پرچائڻ لاءِ زور سان وٺي
کليو، جيتوڻيڪ پيشانيءَ تي گهنڊ اڃا چٽو پئي ڏٺس.
شولز ته ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو، پر هيلڊار
منجهي پيو- چيائين؛ آءُ هن حال سان شهر ۾ ڪيئن
وڃان
اَلڊينهوفر ورندي ڏنيس: منهنجي گهوڙي تي
چڙهي، باغن وارو رستو ڏيئي، هليا وڃو. باغن ۾
هينئر پهر به ڪانه هوندي.
”اوهان پاڻ تڏهن سبز محل ڏي پنڌ ويندؤ ڪيئن؟“
”هائو ويس ته اوڏانهن ٿي، پر هينئر جيستائين شولز
ڳوٺڙي مان ماڻهو وٺي اچي، تيستائين ته هتي گاڏيءَ
جو راکو ٿي ٿو بيهان.“
”تڏهن گهوڙو موٽائي هيڏانهن ئي موڪلي ڏيانو؟“
”نڪو ضرور ڪونهي. جاءِ تي ئي ڪري ڇڏجوس.؟“
اَلڊينهوفر، هيلڊار کان ڄمار ۾ وڏيرڙو پئي
ڏٺو. شڪل شبيهه به هن جي، هن کان وڌيڪ شاندار ۽
سلوڻي هئي، توڙي سندس مهانڊن مان پڌرو هو، ته مڙس
پڪي ارادي وارو، ۽ زيرڪ به هڪڙو ئي آهي. چلولائيءَ
۽ هلڪائيءَ مان ڄاڻي ئي ڪين اکين مان ڏيا پڌري پئي
بکيس، نراڙ ۽ نڪ وات ۽ کاڏي ڊولائتي هيس. ننڍي
نيٽيءَ هڪ نهار سان ٻنهي جو اندازو وٺي ڇڏيو.
تنهن وچ ۾ هيلڊار چيو”ڏسان ته سهي، چڪي
بچي ويئي آهي؟ تنهن کي ننڍي نيٽيءَ تاڪيد ڪيو: اڳو
–پوءِ منهنجو ٽوپلو به ڏسجو! پر هن گاڏي ۾ اندر
وڃي نهار ڪئي، ته پتو پيس، جو نينگر جي ٽونڪ ۽
هرڙي سان سلامت هئي، باقي ٽوپلو ۽ چڪي، کڏ جي ميري
پاڻي ۾ پئي تڙ ڳيا.
ٻاهر اچي چڪيءَ تان ارمان کاڌائين: چي،
ڪٿان ڪري کنئي هيم! ننڍي نيٽيءَ کي به پنهنجي
ٽوپلي جو ڏاڍو ويچار ٿيو، پر وات مان ڪجهه ڪڇيائين
ڪين.
هيلڊار پوءِ ننڍي نيٽيءَ ۽ اَلڊينهوفر کان
موڪلائي، گهوڙي تي چڙهيو ٿي، ته وري ڪا غيرت آيس،
سو ننڍي نيٽيءَ وٽ اچي، پڇيائينس: هتي شهر ۾ تون
ڳچ ڏينهن رهندينءَ؟
هن ورندي ڏنيس: ڏهه- پندرهن هفتا ٽڪيس، ته
وڏو ڇيهه!
هيلڊار جي اکين ۾ جوت جهلڪو ڏنو.
هيلڊار گهوڙي تي لانگ ورائي روانو ٿيو، ته
شولز ٻه – ٽي ڳوٺاڻا وٺي اچي سهڙيو. گاڏيءَ کي ته
ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون، پر ساڄي پاسي وارو پٺيون ڦيٿو
نپٽ چٽ ٿي ويو هو. شولز منجهي پيو ته ڇا ڪريان؟
اَلڊينهوفر چيس: ڪنهن کان ڪري ڦيٿو اُڌارو وٺ.
تنهن کي وراڻي ڏنائين: پر سائين؟ ٽپال جا
دير پوندي، ٽپال ماستر ته الاجي ڇا سمجهندو؟
اَلڊينهوفر چيس: ٽپال ماستر کي آءُ ٿو وڃي
سڌ ڏيان. تون سگهو وڃي ڦيٿي جو بلو ڀيڻي ڪر.
ننڍي نيٽي هيءَ سڀ ويل ماٺ ڪيو بيٺي هئي.
الڊينهوفر هينئر ڏانهنس مهڙ ڪري، کيس چيو: ڦيٿي
پوڻ ۾ جان تان ويرم لڳندي تنهن ۾ تون لاچار اتي ئي
بيٺي رهه.
ننڍي نيٽيءَ ٺهه ڦهه وراڻي ڏنيس: آءُ
ترسان ڪانه ٿي. آءُ به اوهان سان ئي گڏ ٿي هلان.
اوهان کي الڪ ته ڪانه ٿيندي؟
اَلڊينهوفر مرڪي ڏنو. دل ۾ سوچيائين:
اڳهڻو ٻڌائين ڪونه ڇا، ته آءُ سبز محل ڏي ٿو وڃان؟
وري چيائين! متان هي سمجهندي هجي ته سبز محل به
انهي ئي سڙڪ تي آهي. پر دل – من گهڻي ويرم ڪون
هنيائين – چيائينس: تڏهن آءُ ته ڀلا پاڻ به کڙي
کڻون.
ڏينهن هنيئر ٽڪاو تي هو.سورج بنهه اکيون
ٿي ڪڍيون. ننڍيءَ نيٽيءَ ان ڪارڻ رومال ڪڍي ڪري
مٿي کي ٻڌو.
اَلڊينهوفر پڇيس: سج توکي جيڪس کائي ٿو؟
هن چيس: اَتت برابر آهي. پر مون کي وڻي
پيئي.
اَلڊينهوفر تپرس ۾ پئي ڏانهنس نهاريو، ته
ٻڌايائينس ڇو؟ چي، ورهين کان پوءِ، اڄ مس وار ملي
اٿم، جو هيئن آجي ٿي آهيان. ورهين لاڪون، پکي جيئن
پڃري ۾ بند پيئي هيس.
اَلڊينهوفر چيس: تنهنجو گهر گهاٽ تڏهن
جيڪس شهر ۾ ٿو ڏسجي؟
هن ورندي ڏنيس: آءُ برلن جي ويٺل آهيان.
الڊينهوفر چيس: وڏن شهرن ۾ جايون ڀلا
هڪٻئي سان ڳتيون پيون آهن، سو هوا ۽ روشني ڪا
منجهن خير ٿي ٿئي. ٻيو ماڙيءَ مٿان ماڙي، آسمان به
نظر گهڻو اچي ئي ڪونه. منهنجا مائٽ به برلن ۾ ٿا
رهن پاڻ ٻيئي تڏهي ڳوٺائي آهيون!
ننڍي نيٽيءَ تنهن تي وٺي تپرس وچون ڏانهنس
نهاريو. هن چيس؛ توکي جيڪس تپرس ٿو لڳي، ته ماڻهو
شهر ۾ پليو نپنو، تنهن جهنگ بن ڪيئن اچي وسايو؟ پر
زماني جي ڪنهن دؤر ڪري، مون تي هيڪر ڪڪر ڪارونڀار
ڇانئجي ويو. ان ويل ٻيلي مون سان ڏاڍي ٻيلهپ ڪئي.
تڏهانڪر آءُ به منجهس ٿاڻي پتي ٿي ويٺو آهيان.
ننڍي نيٽيءَ ٻڌايس: مون به بت سان اچي
ڀيڻي لڳي تڏهن آب هوا جي سانگي هيڏانهن لنگهي آئي
آهيان.
الڊينهوفر ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين کيس
تپاسي ويو. پڇيائينس: تڏهن طبيعت تنهنجي ٺيڪ ٺاڪ
نٿي ڏسجي.
هن ورندي ڏنيس: نه. هٿن جي پورهيي بت جيڪي
سوجهوري وڌو اٿم. آبهوا جي سانگي، وڃان ته جيڪر
ڪنهن ... پر ... ڳالهه پوري ڪانه ڪيائين. هٻڪي
پئي. جيڪس اندر واري پل وڌيس ته ائين اوڦٽو ماڻهو
کي پنهنجو پيٽ نه ڏي. اها گهر جي اوگهڙ ٿيندي.
اَلڊينهوفر آمالڪ سهي ڪيو، ته هيءَ هٻڪي
ڇوٿي، سو پاڻمرادو ڳالهه کي کڻي ٻيو ور
ڏياريائين. پڇيائينس: تڏهن هتي تنهنجي گهڻي ڄاڻ
پڇاڻ ڪانه هوندي؟
هن اَتر ڏنس: نه. جيتوڻيڪ منهنجي اما جيجل
ڄائي نپني هتي هئي. هينئر به منهنجي ماسي ۽ ماسات
هتي رهن ٿيون. آءُ وڃي انهن وٽ ٽڪنديس.
ائين ڳالهيون ڪندا، ٻيئي نيٺ اچي شهر کي
قابو پيا.
اتي ننڍي نيٽيءَ پڇيس: ٽپال آفيس ڪهڙي
پاسي آهي؟
هن چڱي مڙس پريان جاءِ ڏيکاري چيس: تڏهن
سٽلر جن تنهنجا مائٽ ٿين؟
هن ٻڌايس: هائو. پر اوهان کين سڃاڻو ڇا؟
چي: هن شهر ۾ سڃاڻپ وقت وٺي ئي ڪانه. شهر
وڏو ڪونهي، جشن جلسي تي سڀ اچيو ڪٺا ٿيون. پوءِ
ٿوري – گهڻي ڏوهاڙين، هڪٻئي سان ڄاڻ پڇاڻ ٿيو
وڃيئون.
نيٺ ٽپال آفيس به آئي. اُتي هن لائقن ڀريي
مڙساڙوءَ کينڪاري کانئس موڪلايو، ۽ هيءَ ننڍي نيٽي
به وک ڀري، اچي آفيس جي در وٽ پهتي.
[2]
ننڍي نيٽيءَ ، ڏڪي ڏڪي در کڙڪايو، ته هڪڙيءَ
ٻڍڙيءَ در جو طاق پٽي، پڇيس: ڇوڪر، کپيئي ڇا؟ پر
هيءَ اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت . ويچاري دهلجي ويئي.
ٻڍڙيءَ چيس: مڱ پيا اٿيئي ڪيئن؟ ڇوڪري، آهين ڪن
سندي؟ تڏهن، چپ پيا ڌڏنس، ٻڌايائينس: ماسي آءُ رٿ
آهيان.
ٻڍڙيءَ تنهن تان وٺي منهن گهنجايو، ۽ هٿ ڇنڊي، ڪنڌ
کي اَڇلڪو ڏيئي، چيائينس: سا تون اچي ويئينءَ !
ڀيڻين جي چٺي مون کي پهتي ته هئي، پر مون ورندي
ڪانه ڏنيمانس- جو منهنجي ورهين کان اوهان سان
ڀاڄيءَ واٽ به ڪانهي. ٻيو به چيم جاءِ سوڙهي ۽
اسان جو هڏ پورو – اسان کان تنهنجي دڙد ڪٿان کنئي
ٿيندي؟ ماڻهين جيڪي پار هلي، تنهن ڪري آءُ ته
جيڪر تنهنجو منهن به نه ڏسان! پوءِ تون الاجي
اسان وٽ لنگهي ڪيئن آئينءَ؟
ماسيس جا پريندي ئي ههڙي رکي آءُ ڀاءُ ڪيس، تنهن
تان رٿ جو منهن ورن ورن ٿي ويو. هن جا ڇيهه ئي ڇڄي
پيا! زبان مان اکر اُڪليس ڪونه ٿي-پر جيئن تيئن
ڪري، هٻڪي هٻڪي، ماسيءَ کي چيائين: داديءَ کي سڌ
ئي ڪانه هئي، ته تون ڪا امان کي مئي پڄاڻا به
پيئي پڻيندي هوندينءَ؟
هونهن جيڪر مون کي هيڏانهن ڪڍي ئي ها ڪين. پر
ماسي، امان جيجل تنهنجي ڪهڙي ٻلي ماري، جو تون
اُهو ساڙ اڃا سانڍيندي اچين؟ مائٽن جو چيو موٽائي،
بابي سرڳيءَ سان جي پلؤ ٻڌائين، ته انهيءَ جي
گهنگاري جيئري به ڪانه ڪڍي ويئي؟
اتي ڀر واري صفي مان آواز آيو: رٿ ڀينري، تون ڀلي
آئينءَ، نچ آئينءَ! امان جو چيو متان دل ۾ ڪندين
آهين! ڳالهائڻ اصل اهڙو اٿس، پر دل جي بڇڙي ڪانه
اٿيئي!
تڏهن ڪا وڃي رٿ جي دل ڀري، ۽ امالڪ ڀاڪر پائي،
وڃي پنهنجيءَ ماسات الائيس کي گڏي.
ماساتيس پوءِ سندس وارن کي نهاري، اچرج ڏيکاريو:
چي، ههڙا سونهري وار! پر ماسيس وري منجهانئس ٻي
وِڏَ ڪڍي. ڌيءَ کي ٿي چئي: نه ٽوپي نه ڇٽيءَ، آئي
ڪيئن بيگانن وانگر آهي! ماڻهو ڇا چوندا؟ اسان جي
ڪين گهٽتائي ٿيندي؟
الائيس ڏٺو، امان چوي سچ ٿي-سو پڇيائينس: ڇوڪر،
ٽيشن تان پيرين پنڌ آئينءَ ڇا؟
ماساتيس جي ڳالهائڻ ۾ به هينئر ذراڪ رنجس معلوم
ٿيس. هيڪاري جو هن پنهنجو کلڻو منهن وٺي گهنجايو،
تنهن تان هيءَ وري به ٿي بَتلي، پر پاڻ سنڀاري،
ٻڌايائينس: واٽ تي گاڏي وڃي کڏ ۾ڪري، ۽ ...
ماسيس ۽ ماساتيس تنهن تي رڙ ڪري پڇيس: پوءِ !
”منهنجي ٽرنڪ ۽ ٻيو سامان گاڏيءَ ۾ ئي آهي.
هيڏانهن آءُ اَلڊينهوفر سان گڏجي آيس.“
اَلڊينهوفر جو نالو ٻڌي، ماءُ ۽ ڌيءَ کي تنهان ئي
وڌيڪ اچرج لڳو-چي، هيڏانهن تون اَلڊينهوفر سان گڏ
آئينءَ؟
هن تڪڙ ۾ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌاين، پر وري جو
هيلڊار جو به نالو ورتائين، تنهن تان ڌيءَ کي ٿي
ماءُ چوي: ٻڙي! ڏس ته سهي. پهريندي ئي وڏ وڏيرن
سان ههڙو پيچ! چڱي ڀاڳن ڀري چئبي! پر رٿ جي ٽرنڪ
شولز آڻي پهتي ڪئي، ته وري انهيءَ تان هن ٻڍڙيءَ
جي تن تن هلي: چي، پاڻ سان وڳو به هڪڙو آندو
اٿيئي؟ اندر ٻاهر نڪرندينءَ، سمهندينءَ ته
ڍڪيندينءَ ڇا؟ ڌيءَ تنهن تي ماءُ کي سمجهايو:
امان، انهيءَ جي توکي ڳڻتي ڪهڙي لڳي آهي؟ انهيءَ
کي ڏسي وٺبو. تڏهن مس ٻڍڙيءَ جي جهڻ جهڻ بند ٿي.
رت کي چيائين: چڱو، آئي آهين ته موٽائي ڪهڙو
ڪڍانءِ، رهي پؤ – نه ته هرو ڀرو ماڻهو اسان جي گلا
ڪندا.
ماساتيس پڇيس: ڀينري، هڏ ۾ ويچار ڪهڙو اٿيئي؟
ورندي ڏنائينس: ڪنڌ اونڌي سان، سيبي جو ڪم گهڻو
ڪيو اٿم، تنهن ڇاتي جهوري ڇڏي اٿم. سيبي مان چار
ڏوڪڙ ڪمايان، تڏهن منهنجو قوت گذارن ٿئي. آءُ پاڻ
ته جيڪر پوءِ به ڪم ڇڏي هيڏانهن ڪين اچان ها، پر
داديءَ کي داختر چيو، ته هيءَ مرض کي اتي ئي نه
پڪڙيندي، ته حياتيءَ تان به اُهو کڻي ڇڏي ! ڏس
ڏنائين ته هوا ۽ کائر جو کير ئي وري بت بود ۾
آڻيندس – داديءَ منهنجا تڻ پڻ تپائي ڏنا، تڏهن
لاچار...............
اتي ماسيس وري گهٽيس – چي، پاڻ سان ڪو پئسو ڏوڪڙ
آندو اٿيئي، ڪين ائي به هٿين خالي آهين؟
رٿ جو منهن ڳاڙهو لال ٿي ويو، پر هن کي ڪهڙو،
وراءُ ڏئي؟ ڀلا، هن ڏاڙيءَ ڏيهه اُڌاريءَ سان اچي
ڪم پيس- چيائينس: ماسي، داديءَ مون کي ڏوڪڙ ڏيئي
ڇڏيا آهن. وري به ڪو کپ پيو، ته چيو اٿس، ته
گهرائي وٺجانءِ.
هن جو هر هر دادي دادي پئي ڪئي، تنهن تان ماساتيس
پڇيس: اها دادي تنهنجي ٿئي ڪير؟ رٿ ٻڌائيس: اها
دادي نه هجيم، ته آءُ جيڪر جيان ئي ڪين. امان جيجل
جون سڪون اها ٿي لاهيم. منهنجو پارکد ٿيو ويٺي
آهي.
الائينس: متان اها تنهنجي ماٽي جي ڀيڻ آهي؟ ٺهيو
ٺهيو، مون سمجهيو.
رٿ؛ اٿم ماٽي جي، پر سڳين جي ساڻ جاءِ ڪانهي.
ماسيس جي وري زبان هلي – ڌيءَ کي ٻڌايائين: اها ڇوري به، ماٽيلي بڻس جي
ماٽيلي ڌيءَ ٿئي.مرايا کي بابي ۽ امان ڏاڍي سکيي
گهر ۾ ٿي ڪيو، پر هن جي وڃي ڪا رڊولف والڊن سان دل
ڦاٿي. بابي – امان گهڻيئي واسطا وڌس، ٻڌايائونس:
هن کي پاءُ اٽي جي وسعت ڪانه ٺهي- هن گهر ۾ منگوچا
وڃي ماڻيندينءَ. تنهن ڌاران اها مائٽي ٿيندي، ته
اڳلي جون جيڪي چار ڪوڏيون اسان تي قرض آهن، تن
لاءِ به ڇڪ ڪانه وجهندوسين - پر نڀاڳيءَ هوڏ ڪانه
ڇڏي، ته ڪانه ڇڏي. بابي امان به تتي هنئين ڪو
اُبقو پاراتو ڏنس، سو رٿ ڀانيان ٿي اڃا ڄائي مس
هئي، ته پڻس کي اوچتو جهاٽوءَ جهني نيو ! مرايا کي
پوءِ ڪير پڇي، ڪير ڳاڇي؟ نيٺ گوبرٽ جي ڦند ۾ ڦاسي
ويئي، ۽ سکڻيءَ ويسيءَ ڪاتر، اُنهيءَ سان کڻي پاؤ
ٻڌائين. پر انهيءَ حياتي وهر ڪري ڏنيس. پاڻ
ڀانئيان ٿي ته ان پڄاڻا ورهيه – اڌ مس ڪڍيائين.
ماسيس ڳالهايو ٿي، ڄڻ سر واهي ڳالهه ٿي ڪيائين. رٿ
۽ لائيس کي الاجي ڇا پئي ٿيو !
ماءُ کان ڌيُ پڇيو: تو وري ماسيءَ جو منهن به ڪونه
ڏٺو؟
ماءُ ڌيءَ کي ورندي ڏني : ڇوڪري چوين ڇا ٿِي؟
هوءَ اسن سان ابدو ابدو ڪري ويئي، پوءِ اسان وري
ساڻس ڪاهي لاءِ ڳنڍيون؟
ڌيءَ: تڏهن ڀلا توکي سڌ پيئي ڪيئن؟
ماءُ: هن ڇوريءَ گوبرٽ جي به ماٽيلي ڌيءَ، مون کي
سارو سيرپار ڏنو. مرايا جي مئي پڄاڻا لکي مڪائينم،
ته رٿ کي پاڻ وٽ تون رهاءِ. چي، هن جو اڃا نيپاڄ
گهرجي.
ڌي: پوءِ، تو سنديس ڳالهه ٻڌي به ڪانه؟
ماءُ: آءُ ٿي چوان، اڄ ڇٽو ته ڪونه لڳو اٿيئي؟ رٿ
کي آءُ وري پاڻ وٽ ڪيئن رهايان ها؟ بابي – امان
گذر ڪيو ته اهي ئي قرض جا ڪوٽ ڇڏي ويا. جي ڪاشيءِ
ڪروٽ کائي، جيئن تيئن ڪري اسن لاٿا، جو مرڳو اسان
جوئي گهر ڏتڙجي ويو! پوءِ آءُ وري نئون گهنگهر
ڳچيءَ ۾ ڪيئن وجهان ها؟
ڌڻيس ماسات کي ڀاڪر پائي، وٺي چيو: صدقي وڃانس!
سمجهان ٿي، بلي، ڏاڍا ڪي دک ڏٺا اٿيئي !
رٿ کي اکين ۾ پاڻي تري آيو، ۽ ٿڌو ساهه ڀري،
چيائينس: دک سور جي لکان مون کي داديءَ وڌي ڪانه –
مون تان ٻلهار پئي ويندي هئي. اڃا به اکين ۾ نور
ڪيو سمجهيم – سچ ٿي چوان، انهيءَ جو آٿٿ نه هجيم،
ته آءُ جيڪر جيان ئي ڪين.
الائيس: اها پرگهور امان کي لهڻ کپندي هئي. پر
ٺهيو، ٿي سا ٿي. هاڻ ڀلا ٻڌائينم، چار اکر ڪي پيٽ
۾ وڌا اٿيئي، ڪين نه؟ ڇو ته هتي وارن سان جا هلي
ڏيٺ ويٺ ڪرائينديسانءِ، ته تو ۾ به ڪو ته کر هئڻ
کپي.
پر رٿ ورندي ڏئيس ئي ڏئيس، وچ ۾ ماڻس ٻوڪ ڇڏيو:
پڇيس ڇا ٿي؟ چار اکر هن جي پيٽ ۾ ڪٿان پيا؟ سڌ
اٿيئي ته ماٽي جو پڻس ڪرت ڪهڙي ڪندو آهي؟ بير جو
دڪان اٿس، جنهن ۾ سهنج صبوح، گاڏيءَ وارا ۽ ڪمي
ڪاسبي بيٺا ئي آهن. ٻيو به هوءَ ڇوري، جنهن کي مٿي
تي هيڏا مچا ڳاڙهن وارن جا، نه منجهس ڊول نه شول
سڄو ڏينهن ٻيئي ماٽي جي پيءُ جي بيلداري ڪمائي،
تنهن هن کي ڪهڙو کر سيکاريو هوندو!
رٿ جي سڄي ڌرن پئي ڏڪي – هٿ ٻڌي، ٻڍريءَ کي واڪو
ڪري چيائين: ماسي! مون سان جيڪا جٺ ڪرڻي هجيئي، سا
بلاشڪ ڪر، پر الله ڪارڻ، داديءَ نانءِ ائين آترڌو
نه ڳالهاءِ ! توکي سڌ ڪانهي، پر هن جي دل در
ناسفتو اٿيئي. سو منهنجي ٻڌندي، متان ڪو هن سون
ورنيءَ دل واريءَ جي حق ۾، گٿو حرس ڪڍندي آهين.
ڌيءَ به ماءُ کي منت ڪئي: تون ويچاريءَ ٻار کي اهي
وڍ نه وِجهه. هن ڇاتيءَ ڇنل کي ڀل هڪڙي اهڙي جيو
جو ته ڏڍ هجي !
ماساتيس پوءِ چيس: هل ته پاڻ هلي مٿي ماڙيءَ منجهه
رهون – ماڙيءَ ۾ درين تي گلن جون چڪيون رکيون
هيون. گل منجهن ٽڙيا پئي. رٿ گل ڏٺا،ته سندس منهن
به گل جيان ٽڙڻ لڳو، ماساتيس چيس: گل ڏاڍا ڪي
وڻنئي ٿا ! هن ٻڌايس: منهنجي گلن سان ڏاڍي دل آهي.
الائيس: تڏهن ته پاڻ چڱو، آئيندي هنن چڪين جي
سنڀال تون ئي ڪج.
رٿ: مون کي پاڻ وندر ٿيندي.
الائيس: هائو، هاڻ دريءَ مان نهار ته ٻي ڳالهه
ٻڌايانءِ- سمهون هوءَ ڇڄهريءَ ڏسين ٿي؟ هيلدار
انهيءَ ۾ رهيدو اٿيئي. جاءِ ڪهڙي عاليشان آهي !
رٿ جاءِ ڏي نهاري، الاجي ڪهڙيون ڳالهيون ياد پئي
ڪيون، ته ماساتيس اتي ئي ٻيءَ ڪوٺيءَ جو در کولي،
سڏي چيس: ڪيئن ئي ڀائين؟ هيءَ ڪوٺي رونق واري آهي
نه؟
رٿ: واه ! پر هن ۾ رهي ڪير؟
الائيس ! آءُ توسان ڳالهه ڪن سن ۾ ٿي ڪريان.
تون ڪنهن کي پيٽ نه ڏجانءِ هيٺ ٽپال ماستر ڏٺَءِ
نه؟ منهنجو سائٽيءَ سوٽ ٿئي. ڀانئيان ٿي، اڳي –
پوءِ پاڻ اوس منهنجو سگ ڇڪيندو. پوءِ اسان گهوٽ –
ڪنوار ٻيئي هن ڪمري ۾ ٽڪينداسين !
رٿ: تيتر ڪوٺيون خالي پيون هونديون؟
الائيس: هائو، اڳ جو سٺو وري به چڱو آهي. آءُ
هينئر ننڍڙي ڪانه آهيان، جو اهي اڳ جا اونا نه
رکان، تنهنجي وهيءَ ۾ اهڙي اون جيڪس نه به سونهي.
پر مون توکي هن ڳالهه جي لک هن ڪري به وڌي، ته
توکي سمجهايان، ته امان توسان هيئن کونسي ڇو پيئي.
هونءَ جيڪر ڪنهن کي ڪو انت ڏجي؟ امان کي ڊپ ٿو
لڳي، ته متان تنهنجي ڪري اها مائٽي بنهه ٿئي ئي نه
!
رٿ کي تنهن تان جيڪي سو مٺيان لڳي. منهن ڳاڙهو لال
ٿي ويس.
ماساتيس سهي ڪيو – چيائينس: آءُ سمجهان ٿي، توکي
دل ۾ ٿو ٿئي. پر تون پاڻ منهنجو ٿورو مڃ، جو آءُ
توسان لڪ ڇپ ڪانه ٿي ڪريان.ٻڌ، تون اڃا ٻار ئي
چئبينءَ. آءُ ٽهين ورهين جي پڪي جوان آهيان.
منهنجي دل ۾ ڇا پيو وهي واپري، تنهن جي توکي لک
خبر ڪا پوندي – اسان جو هڏ ڀريل ڪونهي. بابي مئي
پڄاڻا، سرڪار مان پينشن مليئون، سا اسان ٻن جيون
کي سوتي پوتي مس ٿئي. سو، جي هي سٺو نه بيٺو، ته
ڀائين ٿي ته اسان کي ڪيڏي نه ٻيجاري اچي ويندي!
امان کي به انهيءَ ئي ڳالهه ٿي منجهايو، ته متان
تنهنجي آئي، مائٽيءَ ۾ ڀنگ..... پر رٿ ڳالهه پوري
ڪرڻ ڪانه ڏنيس – وچ ۾ ئي ٻڌايائينس: ڪڏهن به نه !
الائيس چيس: اُهو آءُ سمجهان ٿي. منهنجي سؤٽ جي دل
به ترڪڻي ڪانهي. تڏهن به پڪائيءَ سانگي، مون
تنهنجو ڪن کڙو ڪري ڇڏيو. هتي رهه ڪر ته سڌ پويئي،
جو اسان جو گذر ڪيئن پيو ٿئي. ساهيڙي سَڌَ، آئي
ويئي، هن سان هُن سان ڀاڄيءَ واٽ، پوءِ شاني شريڪ
سان جو ملبو مرڪبو، ته جيڪي سو هڏ، گسائبو: نڪ کي
مر ته ڪانه لائبي ! وري جو ڪن خاندانن سان دعا
سلام جو رستو ٿيو، ته انهيءَ جي به، ڪوئي سوئي،
پيئي سر انجامي ڪجي. هاڻ ڀانئيان ٿي ته ڳالهه کي
سمجهيو هوندءِ، ته امان هيئن توسان چِڀ ڇو پئي
پيئي – ٻي هڪڙي سنڀال ڪج، متان ڪڏهن به، ڪنهن کي
ڀليي ڀلائي، پنهنجي يا اسان جي گهر جو حال ٻڌايو
اٿئي. ماڻهو ڏاڍا ڦيٽهڙ ٿا ٿين. پيا وچ
ڦولهائيندا. تنهن ۾ ڏسين ٿي اسان الاجي ڪيئن پيا
هلون. متان اسان جي لوڏ لاهي ڇڏين – شاباس ! ڏاهي
ڀيڻ.
ماساتيس پوءِ گهڻي مهل ڪانه ترسي. رٿ کي چيائين:
تون هينئر کن ليٽي، ٽنگون ساهه، چانهه تيار ٿئي،
ته آءُ توکي سڏي ٿي وٺان.
الائيس پٺ ڏني، ته رٿ جي دل ماءُ ۽ داديءَ کي
سنڀاري، ڀرجي آئي. پر ڏاڍن جتنن سان پاڻ جهلي، اچي
دري وٽ بيٺي، ۽ ڪنڌ ٻاهر ڪڍي هيڏي هوڏي نهارڻ لڳي.
پريان جنهن جاءِ ۾ هيلڊار رهيو ٿي، اُهڃاڻن مان
سهي ڪيائين، ساڳي بابي سرڳيءَ واري جڳهه ٿي ڏسجي،
جنهن ڪوٺي ۾ پاڻ بيٺي هئي، تنهن نانءِ، ڄاتائين
ئي، ته امان جيجل جيڪس هتي ئي رهندي هئي، ۽ بابي
سان به هتانئي بيهي، نينهن ڀريا نياپا ڏنا ورتا
هوندائين – دل جو دل ۾ چيائين: منهنجي مٺي امڙ !
آءُ تنهنجون ڳالهيون ڪيئن نه ياد ڪريان؟ مٺا ابا!
آءُ توکي اڄ ڪيئن نه ساريان؟
اتي سامهون ٻي هڪڙي ماڙي هئي، تنهن مان هڪڙي قد
آور مڙس تي وڃي نهار پيس، جو پنهنجيءَ دريءَ
منجهان ٽپال آفيس تي اکيون کپايو بيٺو هو. هيءَ
پاڻ کان بڇڻ لڳي: هي سوڻ چڱو ٿيو، بڇڙو ٿيو؟ پر
وري ان جو گهڻو ويچار ڪونه ڪيائين. ايترو سوچائين:
داديءَ جو روح مون کي هتي به رکي وٺندو، داديءَ جي
اَتما مون سان ڦرندي وتي! پوءِ کٽ تي وڃي لپٽي، ۽
اکيون پوريائين ته ننڊ کڄي ويس، ڪي مهلون سمهي
پيئي هئي. سج ڏونگر ۾ لڪو ٿي، تنهن وير، ڀر ۾ ڪو
هيٺيان نانوائي رهندو هو، تنهن زور سان وٺي چيو:
جناب هيلڊار صاحب! سلام ٿئي. تڏهن انهيءَ آواز تي
مس هن جي اک پٽي. هيءَ ڇرڪ ماري اُٿي، ۽ اَمالڪ
وڃي دريءَ وٽ بيٺي. ڏٺائين ته هيلڊار سلام ورائي،
ماسيس جي جاءِ کي هيٺ مٿي چتائي پئي نهاريو. هيءِ
وري دريءَ وٽ ترسي ڪانه.اکين تي ڇنڊا وجهي، منهن
ويٺي آگهيائين، ته الائيس به ٽپ ٽپ ڪندي مٿي چڙهي
آئي. چيائينس: ڏاڍي ڪا ٿڪل هئين؟ اَءَ به هي ٽيون
لڱو ته آئي آهيان. هاڻ هيٺ هل. بک لڳي هونديئي.
ڪجهه پيٽ ۾ ته وجهه.
رٿ: نڪو، بک ته ڪانه اٿم، باقي ننڊ سا گهاٽي کڄي
ويئي هيم – سپنو پئي لڌم..................
الائيس: ايندي ئي سپنو لڌءِ؟ جاءِ مٽ ڪري، مائي
سپنو لهجي، ته چون، ويهه ويسوا لڳي اچي. پر ٻڌاءِ،
سڀني ۾ ڏٺءِ ڇا؟
رٿ: سڀني جو آنڍ منڍ ته ياد ئي نٿو پويم. باقي
ڀانئيان ٿي ته هن جاءِ منجهان هڪڙي چکيا نڪتي ٿي،
جنهن تي هار چڙهيا پيا هئا، ۽ منجهس بابي جو لاش
پيو هو! آءُ ڳوڙها ڳاڙيندي، ڪائيءَ سان سر پئي
ويس، ته ڪفن جو طاق کلي پيو، ۽ بابي سرڳيءَ ڪنهن
قد آور مڙس ڏانهن اشارو ڪري، مون کي پئي چيو”بابا
ڌيءَ ! هيڏي نهار“. مون کي پهرين سڌ ئي ڪانه ٿي
پيئي. نيٺ منهنجي انهيءَ ماڻهوءَ تي نظر پيئي، ۽
آءُ ڏانهنس وڌيس، ته هن به مون کي ڀاڪر ۾ جهلي،
کڻي ڇاتيءَ سان لڳايو. هن جي پريم وچون، مون کان
بابي جو ڪفن دفن به وسري ويو، اتي اوچتو هيٺيان
آواز ٿيو، تنهن تي آءُ جاڳي پيس. پر اهو قدار مڙس
ڪير هو؟ تنهن جو اهڃاڻ مون کي ياد ئي ڪونهي.
الائيس: سپنو ته اچرج جهڙو لڌو اٿيئي. پر ! مائي،
تون سنسائڻ ته ڪانه آهين؟ چوندا آهن، سپني ۾ مردو
ڏسجي ته پنهنجيءَ جند تائين ڀلائي نه آهي ! پر
تنهنجو ته اسين هتي وار به ونگو ٿيڻ ڪونه
ڏينداسين. اسان تنهنجي ڪاتر اهڙو پورو بندوبست ڪيو
آهي، جو پنجن – ستن ڏينهن اندر، ڏس ويٺي، ته منهن
جو رنگ ڪيئن نه ڦري ٿو وڃيئي! اسان جو هڪڙو جهانگي
سچي ٿئي، انهي وٽان کائر جو کير به ججهو ملندءِ، ۽
سندس وڻن جي ڇانو به مزو پيئي ڏيندءِ. سڀان مون
سان هلجانءِ، ته منهن مقابل پارت ڪري ڇڏينديسانءِ-
ماڻهو ڏاڍا لائق ڀريا آهن.
[3]
ٻئي ڏينهن ٻنپهرن کان به پوءِ، الائيس ۽ رٿ، ٻيئي
ٽپال ماستر سان گڏجي، جهانگيءَ جي گهر ڏي روانيون
ٿيون. سائي وڻڪار ڏسي، رٿ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.
جهانگيءَ جو مڪان سار ولين سان جهنجهيو پيو هو.
چوڌاري سبز ويءَ لڳا پيا هئا. هي ٽيئي ڄڻا اڃا
ٻنڀي وٽ ئي ڪين پهتا، رٿ چيو جهڙو پرستان !
اتي ڪنهن ڪن ۾ وٺي ڀڻڪيس: پوءِ انهيءَ پرستان ۾
پري ڪير ؟ ۽ پري جو پريتم ڪير؟
هن اچرج ۾ پئي ڪنڌ ورايو، ته ڏٺائين جو هيلڊار
بيٺو هو، جنهن کي ڪلهي تي بندوق هئي، ۽ ويس اهڙو
ڍڪيل هوس، ڀانءِ ته شڪار تي ٿي ويو. رٿ کان هيلڊار
پڇيو: ڪالهوڪي ڪالهه تنهنجي ڪيئن نبري؟
هن منهن ۾ سڌ نهاري، ورندي ڏنيس: خير سک سان !
هيلڊار چيس: تون تڏهن ڀاڳ واري چئبينءَ.. منهنجي
ته ساري رات اک به ڪانه ڀني. سنڌ سنڌ ۾ سور جون
سوٽون پئي اُڀريم. اڄ سو پاڻ کي ٻئي حال ۾ پيو
سمجهان.
اتي پوسٽ ماستر وچ ۾ پڇيس: هيئن سنبري نڪتا، جيڪس
شڪار تي آهيو!
هيلڊار وراڻي ڏنيس: نڪو. سرڪاري نوڪريءَ پٺيان
نڪتو آهيان. ڏسان وڃي، پر پٺ منهنجي حڪم جي بجا
آوري ٿي آهي يا نه؟ کيٽ نانءِ چئي ويو هوسان، اتي
به الاجي ڇا ڪيائون؟ - پر مون ٿي اوهان کان پڇيو،
اوهان هن شولز کي نوڪري کان جواب ڏنو ڪيئن؟
پوسٽ ماستر چيس: اڃا ته گاڏي هلائي پيو.
هيلڊار : اهڙي نجس آدميءَ کي اوهان رکيو الاجي
ڪيئن ويٺا آهيون؟ اسان جي ته ذري گهٽ جان جوکي ۾
وڌي هئائين.
پوسٽ ماستر: ڏاڍيون ٻوليون ٿو ٻولي، ته آئيندي
سنڀالي هلندس. وري دارونءَ کي اوڏو ئي ڪونه ويندس.
پر آءُ پاڻ سمجهان ٿو ته هي سڌرندو ئي ڪين.
هيلڊار: ڪتي جو پڇ به ڪڏهن نڙ ۾ پئي سنئون ٿيو
آهي؟ هڻوس ڪنڌ، ته وڃي پنڌ، نه ته هرو ڀرو مسافرن
لاءِ آزار ٿيندو.
پوسٽ ماستر: بس! ڏينهن – اڌ ۾ صفائي ڪري ڇڏبي.
هيلڊار پوءِ ٽنهي ڄڻن کان موڪلائي، تڪڙو تڪڙو هليو
ويو. پڇاڙيءَ ۾ ايترو سو چيائين: آءُ وري ٿو اچي،
اوهان کي جهانگيءَ جي جاءِ تي گڏجان.
هن پٺ ڏني، ته الائيس سؤٽ کان پڇيو: شولز اصل اهڙو
ويل آهي ڪيئن؟
هن ٻڌايس: هونئن ڪم جو گهڻو ئي چالاڪ، پر دارونءَ
جي ڪا مار اٿس. هيلڊار کي هونئن به ڏٺو ڪين وڻي،
جو ٻيلي ۾ جڏهن وٽس بيلداري ڪندو هو، تڏهن کيس
ڏاڍو ڪڪ ڪيو هڻائين. هيلڊار نانءِ، ٻڌو اٿم،
عملدار ڪرڙو آهي، سو هي ڇيڳلو ڏهاڙي ڏمرائيندو
هوس. وري جو هن نوڪري مان ڪڍائي ڇڏيس، تنهن تان هي
اڻاسو اڄ ڏينهن سوڌو پيو پڻيس. انهي تان به هيلڊار
جا منجهس خار ٿا ڏسجن.
ائين بيٺي ڳالهيون ڪيائون، ته جهانگيءَ به اچي
منهن ڪڍيو. پوسٽ ماستر کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي، چيائينس:
ورهين ڪري ٿا ڏسجو. ڇو اسان جهانگين سان ڪا ڪاوڙ
ته ڪانه اٿو؟ وري الائيس ڏانهن نهاري، ان جي آجيان
ڪيائين. رٿ کي ڏسي، انهيءَ کي به کينڪاريائين.
پوسٽ ماستر ٻڌايس: اسان ڪالهه هن نانءِ اوهان کي
چوائي مڪو هو. هيءَ هاڻي اوهان وٽ ڏهاڙي پيئي
ايندي، اوهان کي پارت ڪهڙي ڪريون!
جهانگيءَ چيس! ڇٽا آهيو. اسان کي پنهنجي ٻار مان
آهي.
پوءِ ته ٽنهي کي وٺي اندر ويو. جهانگيءَ جون ڌيَر
اڪير مان اچي ساڻن مليون. رٿ کي جا سڌ پيئي،
ننڍيءَ جو نالو به داديس وارو ”ائنا“ آهي، تنهن
سان ته ٺهندي پاڻ ويرم ئي ڪانه ڪيائين. وڏيءَ
ايوا سان به چڱي گهائل مائل ٿي ويئي. ائنا آٿي، سا
ٽول ٽانگر کڻي آئي. کاڌائون به پئي، ڳالهيون به
پئي ڪيائون. جهانگيءَ رٿ کي تسلي ڏني، ته اسان جو
کير پيتئي، ۽ هنن وڻن جي هوا جهٽيئي، ته ڏس منهؤن
پاڻي ڪيتري ۾ نه ٿو وريئي. مون کي رڳو ڊپ ٿو لڳي.
ته ايوا جيئن، متان توتي به هن ٻيلي جا وڻ ڪو
پنهنجو جادو پڙهي نه وجهن ! هوءَ به تو جيئن برلن
شهر ۾ پنهنجي پڦي وٽ وٽ نپني هئي. پر ماڻس ساسين
سکالي ٿي، تنهن جي سسڪار تي گهرائي ورتوسينس.
تڏهانڪون ته وري هتي ئي کپ کوڙي ويهي رهي. داديءَ
گهڻيئي چٺيون لکيس، نياپا موڪليائينس، هيءَ چوي،
آءُ ٿي موٽي شهر ۾ وڃان ! – ڪيتن ايوا، آءُ سچ ٿو
چوان نه؟
ايوا: بابا ! مون چيو، ائنا کي هتي اڪيلو وري ڪيئن
ڇڏي وڃان؟ ٻيو به سچ پڇو، ته امان مئي کان پوءِ
شهر جو گوڙ شور مون کي وڻي ئي ڪين ها. شڪ نه آهي،
جو هنن وڻن ۾ به ڪو جادو هو! ڇو ته هتي ائين پيئي
ڀائنيان، جو ڄڻ پرستان ۾ آهيان !
رٿ کي هري آيو، ته ڪالهه اَلڊينهوفر به ائين ئي ٿي
چيو: خود اَلڊينهوفر جي اکين ۾ به پاڻ اهڙو ئي
جادو ئي اثر پوکيو هئائين. پر ڳالهين جي گوڙ ۾ وري
اُن جو گهڻو ويچار ڪيائين ڪونه.
ايوا، رٿ جي اکين ۾ نهاري، چيو: هن جي اکين ۾ ته
ڪو اسرار ٿو ڏسجي. اونهو اوڙاهه نه ڪو لڳو پيو
هجي! هيڏانهن هوءَ هو هرٿا جي ماٿر ۾ پرين جي ڪشتي
آهي، هي به انهيءَ جيان پئيون ڀاسن.
رٿ وري، سندس اکين ۾ اکيون کپائي چيو: گهٽ تنهنجين
اکين ۾ ڪانهي!
ايوا ورندي ڏنيس: منهنجون اکيون آرسيءَ جيان آهن،
جن ۾ منهنجا ڀاوَ ۽ ويچار چٽا پيا ڏسجن. تنهنجين ۾
نهارجي ٿو، ته هر هر نيون نيون پروليون پيون ڏسين
– اهي ته ڪو سلڻ وارو سلي!
رٿ کڻي ماٺ ڪئي. سمجهائين نٿي، ته هن ههڙو ذڪر ڇو
چوريو. پر پاڻ سان ٻول ڪري ڇڏيائين، ته وري ڪنهن
کي پنهنجين اکين ۾ ائين نهارڻ ڪونه ڏينديس.
اتي هيلڊار به اچي سهڙيو. رٿ ۽ الائيس به ساهڙين
کان موڪلائي، ٻاهر نڪتيون ٿي. هيلڊار رٿ کان پڇيو:
هواخوريءَ لاءِ اڳ ڀري هلندينءَ؟ رٿ رڳو ڪنڌ سان
کڻي ”ها“ ڪئي. پوءِ هي ٻيئي اڳيان، ۽ الائيس ۽
سؤٽس ٻيئي پٺيان، هلندا هليا.
واٽ تي پکين جون مٺيون مٺيون لاتيون ٻڌي، رٿ سرهي
پئي ٿي. وري جو سج لٿو ٿي، ۽ پنهنجي روشن سواريءَ
جو نشان شفق جي صورت ۾ - ڇڏيندو پئي ويو، تنهن
نظاري هن کي موهي وڌو. هيلڊر ٻڌايس: جهنگ جو نظارو
ڏسڻو هجي، ته سج اُڀرئي ڏسجي. پرهه پا کون ڪڍيون،
ته هوريان هوريان وڻن جي چوٽين تان ڪوهيڙو گم ٿي
ويندو، ۽ وڻن جا جهمٽ سِس ُ ڪڍي، ائين پڌرا ٿي
بيهندا، ڄڻ سؤڙ لاهي، اُٿي کڙا ٿيا آهن. پوءِ جيئن
صاف صفائي پئي ٿئي، تيئن پٽ سجن چڙهندا وڃن، ۽ سج
جا ڪرڻا ڄڻ رجي، ساريءَ وڻڪار ۽ سبزيءَ کي رڱيو
ڇڏين!
هيلڊار ڳالهايو ٿي، ته امنگ پئي اُٿيس. رٿ به
اکيون کڻي منجهنس کپايون. هن پنهنجو وستار پورو
ڪيو، ته هن چيس، آءُ اوهان سان هڪڙي ڳالهه ڪريان،
اوهان کي دل ۾ ته ڪين ٿيندو؟ مون جيئن اوهان کي
ڏٺو آهي، تيئن پاڻ کي اهوئي سوال پئي پڇيو اٿم، ته
اوهان جي طبيعت وارو آدمي، هيئن ٻيلي ڀيڙو ڪيئن
اچي ٿيو؟
هيلڊار ورندي ورايس: تون تڏهن سمجهين ٿي، ته مون
جهڙو ماڻهو شهر ۾ وڌيڪ سونهندو؟
رٿ رڳو وٺي ڪنڌ ڌوڻيو.
هيلڊار چيس: تون ڀلي آهين.سچ ، آءُ ٺهڪڻو ڦهڪڻو
جوان ۽ تڪلف مزاج وارو آدمي آهيان، پر اُن سان گڏ
طبيعت ۾ منهنجي شاعراني لِڇَ به ڪا گهٽ نه اٿيئي.
توکي قدر تڏهن پوندو جڏهن آءُ توکي ٻڌائيندس، ته
ڪيڏا نه مٿا هڻي، مون مائٽن کان جند ڇڏائي، ۽ اچي
هن کاتي ۾ گهڙيس. ائين به ڪونهي، ته شهر کي بنهه
بدا ڏيئي ڇڏي اٿم، ورهيه ۾ هڪڙو – اڌ ڀيرو شهر ۾
وڃي گهمتاري ڏيئي ايندو آهيان. پر سچ ٿو چوان، ته
اُتي جي عيش عشرت ۾،اها مدت، جيتوڻيڪ محو ٿي ويندو
آهيان، ته به اندر ۾ ٻيلي لاءِ اها اَڪير بيٺي
هوندي اٿم، ۽ پاڻ ڇڏائي، پناهه وري به اچيو سندس
گود ۾ وٺان. ماڻهو ان ڪارڻ مون کي ڪوٺين ٻهروپي،
پر آءُ ورجايان ئي ڪونه – پر تون ته ٻڌاءِ، توکي
هي جهنگ بن وڻي ٿو؟
رٿ وراڻي ڏنيس: هن ويل ته ڏاڍي منجهانس موج ٿي
اچيم.
ٻيلي منجهان هڪڙي وڻراهه پئي وهي. هيلڊار ٻڌايس،
اها ڇيهه وڃي، پرين جي ڪشتيءَ وٽ، هرتا جي ماٿريءَ
۾ ٿي ڪري. تنهن کان پڇائين: تڏهن اها ڪشتي پري
ڪانهي؟
هيلڊار ورندي ورايس: نه هتان سڏ پنڌ تي مس ٿيندي.
چي، مڪان ڏسڻ وٽان آهي. هن ٻيلي جي ته سونهن آهي.
مرضي ٿئيئي ته ڪنهن ڏهاڙي اوڏانهن وٺي... پر نه،
اوڏنهين متان ويندي آهين!
رٿ پڇيس: ڇو نه؟
پر انهيءَ جي وراڻي هيلڊار رڳي هيءَ ڏنيس، جو
پنهنجون سڪ ٻڏنديون اکيون کڻي، هن جي اکين ۾
کپايائين. رٿ کي به هن ٻول جي سانڀر رهي ڪانه، جو
اڳهڻون، پنهنجن اکين نسبت، پاڻ ساڻس ڪيو هئائين.
ٻنهي جون اکيون، ڪا ويرم، ائين پاڻ ۾ مامرو منڊي
بيٺيون رهيون.
نيٺ هيلڊار جي زبان اُڪلي. طبع جي هلڪائي سندس
ويندي رهي. اکين ۾ هڪڙي نئين جوت اچي جا ڳيس بلڪل
گنڀيرتا ۽ سنجيدگيءَ سان چيائينس: چون ٿا، جيڪو به
ايڏانهين اڪيلي سر وڃي ٿو، تنهن کي پوءِ ملولائي
اچيو وٺي. اندر ۾ الاجي ڪهڙو آرزو اُٿيو پويس –
ڦوهاري مان جو پاڻي لاٽون ڪيو پيو وهي، تنهن ۾
عجيب غريب روپ پيا نظر اچن، ۽ سندس پاڇي ۾ اهڙو ڪو
غيب جو اثر ٿو ڏسجي، جو ڏسجندڙ جي ڪلپنا، عالم
رويا ۾، الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون تصويرون پيئي چٽي !
ٻيو وري، اُتي ڪا پهرلڀي ئي ڪانه – تنهن ۾ تون
ڪڏهن به متان اوڏانهن ويئي آهين!
رٿ، هيلڊار جي ڳالهه ڪن لائي ٻڌي ائين ٿي، ڄڻ اکر
اکر پي ٿي ويئي. اتي سندس چڳ وڃي ڪا ٽاريءَ ۾
اٽڪي، جا هيلڊار اُتان جهٽ ڏيئي ڇڏايس ته سهي، پر
ان کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي، چيائينس: ههڙا سندر ڪاڪل،
تن کي رڳو طاق ڪري ڇڏيو اٿيئي، ڪجهه کڙائي ته
وٺائين، ته ڪي قدر وارا سندن قدر به ڪن !
رٿ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. پر وات مان هڪ حرف ڪين
ڪڇيائين. هٻڪي به پئي. ڪنڌ کي رڳو اڇلڪو ڏيئي، چڳ
چڳن سان ملائي ڇڏيائين.
الائيس پنهنجي سوٽ سوڌي، ڳچ جيترو پٺ تي رهجي
ويئي هئي، تنهن هينئر هڪل ڪيس ته ”ڀڄندي ڇو ٿي
وڃين؟ بيهه توسان هڪڙي ڳالهه ڪرڻي اٿم – تو جو هنن
ڌرين سان هيئن هجائتو پئي ڳالهايو، سا ڳالهه مون
کي وڻي ڪانه. اڳلا ڇا چوندا؟ هو نيٺ به جهانگي،
اسان جو پنڌ پيچرو وري به شهر وارن سان!“
رٿ چيس: پر هنن پاڻ ته دل ۾ ڪيوئي ڪونه. مون سان
ته ٺهه ڦهه ٺهي ويٺيون. ٻيو به مون ته رڳو هن
ننڍيءَ انا سان حجت ڪئي – چيومانس آءُ ته ساهيڙپ
پايون. مون سرتي هئي.
پر الائيس پنهنجيءَ تي ٿي بيٺي – چي: تڏهن به
ماڻهو کِرُ سکي. شهر ننڍي ۾ ڳالهه لڪي ئي ڪانه
ساهيڙپ هن سان پاتيءِ، تنهن تان آءُ ڪانه ٿي
جهليائين، آءُ رڳو چوان ٿي، هن در جي جي پر هنڌي
ماڻهوءَ تي، ايڏي حجت نه هلائجي. هيلڊار کان پڇي
ڏس ته آءُ سچ ٿي چوان يا نه؟
هن ڏاهيءَ هيءُ بار، جو لاهي کڻي هيلڊار تي وڌو،
تنهن فرضاً سندس ڳالهه کي ٽيڪو ته ڏنو، پر
انهيءَ سان گڏ رٿ کي هيءَ خاطر جمع ڪرايائين، ته
”تون هنن سان حجائتي هلينءَ، تنهن ۾ تو ڪا ٻلي
ڪانه ماري، ٻيو به هو جهانگي ٿيا، ته پوءِ ڇا؟ پاڻ
رڳو شهر وارن جيئن سکڻو دم ڪونه هڻي ڄاڻن. پيٽ کي
پٽيون ٻڌي، ٻاهر دٻدٻي سان ڪونه ٿا هلن، نانءَ بڙا
ديهه بيران، اهڙو سندن حال ڪونهي. تنهن ۾ به هنن
ڇوڪرين ته تعليم ۽ ترتيب شهر وارين کان به چڱي
پرائي آهي.“
الائيس سمجهيو، ته هيلڊار هي ڏاٽو مون کي ٿو هڻي،
تنهن موٽائي اُتس هِجوُ ڪيو – چي، ايوان ڀلا شهر
مان رهي آئي آهي، تنهن کي توهان جهڙا شوقين به نه
پڏائيندا ته ڳالهه ڪٿان ٺهندي؟
هيلڊار ڏٺو ته منهنجي ويڻ پوسرايو اٿس، تنهن
هيڪاري وڌيڪ چيڙايس – چي، ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو
کٽا“.
تنهن تي پوسٽ ماستر وچ ۾ ٽپي پيو. هيلڊار کي
چيائين: منهنجي ته پڙهيلن ڇوڪرين سان پوي ئي ڪانه.
اجايو مغز ۾ غرور ٿو ٿئين. ٻه اکر پيٽ ۾ ڪين ٿيون
وجهن، ڀاءُ ته ڪنهن کي ملهه ٿيون ڳنهن. آءُ هنن
ڇوڪرين جي ڳالهه ڪانه ٿو ڪريان؛ جيتوڻيڪ هنن
مئجهان به، هوءَ ايوا ته ڀانئيندي آهي جو پڙهي
ڪانه آهيان، ڪا اول ورائي اٿم.
هيلڊار ورندي ڏنيس: آءُ ان باري ۾ اوهان جي بنهه
اُبتڙ آهيان. مون ته عمر اهي گهاٽ پئي گهڙيا آهن،
ته ٻانهن وٺندس پڙهيل، فهميدي، عقل ۾ اڪابر، علم ۾
ماهر، جا منهنجي صفي جي سونهن، ۽ اسان جي سڀاءَ جو
سينگار اچي ٿيندي. البت هر ڪنهن انسان کي پنهنجو
جيس پاڻ جهڙن ۾ ئي ڳولڻ گهرجي. نه ته، زال مڙس جي
هڪٻئي سان پونت پونديائي ڪانه، ٻيون، جوڙي سالم
تڏهن ٺهندي، جڏهن هڪڙي جي ڪثر ٻئي ۾ اچي ويندي –
بس ڀاڳن سان اهڙي ڪا ٻانهن ملي ويم، ته سمجهندس
مون لک کٽيا.
رٿ ته ماٺ ڪيو سڄو قصو ويٺي ٻڌو. الائيس سو هيلڊار
کي ورجائي چيو: مطلب ته اوهان جي علم سان پوي ئي
ڪانه. اوهان بنهه خاص جا خواهن آهيو؟
هيلڊار وراڻي ڏنيس: تون ڀلي آهين. خاص جي مون
ڳالهه ئي ڪانه ڪئي. آءُ هن باري ۾ پاڻ کي اُستاد
رازو سمجهندو آهيان، ۽ پنهنجيءَ عمارت جي اڏاوت
ڪاتر، سرن جي بدران پنهنجي خيالن جي اوساري کڻندو
آهيان، ڪٿي ڪو شاندار لقاءُ ڏٺم، ته پڇندس ” نظاري
۾ باقي ڪهڙو چٽ گڏجي، جو سندس حسن بينظير ٿي پوي؟“
جنهن جوان جا خيال وڏا ۽ اميدون اعليٰ هونديون،
تنهن جو آئندو شاندار لقاءُ وانگر رنگين هئڻ
گهرجي، جنهن ۾ وري سندس ٻانهن چٽ جيان جهڳمڳ پيئي
ڪري: رنگ ڦڪو ٿيو، يا روپ چٽو نه بيٺو، ته مون کي
اُٻٿا پيا ايندا.. ڪهڙو به لقاءُ هجي، اها منجهس
اوڻائي ڏٺيم، ته ڏانهنس نهاريندس به ڪين، راڳ ئي
راڳ- سر سندس سولو ئي ٿيو، پر هرڪا سندس تانءَ ۽
مرڪ چٽي ٻڌيم ته گد گد پيو ٿيندس، نه ته پيو
ورچندس. سو ٻانهن منهنجي به سونهن سوڀيا ۾ گهڻيائي
ڪري سرس هجي، پر پڙهيل ۽ اڪابر نه ٿي، ته منهنجي
ڏانهنسءَ دل ورندي ڪانه. منهنجي نظر ۾ اهڙي ٻانهن
انهي اڏاوت جي نيلائي ٿيندي، جنهن جو اڳ گهڻو ئي
جلويدار، پر پٺيان سندس سڃ، صفا ملڪ ميدان لڳو پيو
هجي. پڙهيل ٻانهن، آءُ سمجهندو آهيان گنج ڀرپور
آهي، جنهن جو ٻاهريون ڏپ جيڪس هليو به وڃي، پر
منجهس جي املهه ماڻڪ ڀريا پيا آهن، تن جو جلوو يا
عمر ڪونه ميٽبو. اُهي انت ويلي تائين اکين جي
سونهن رهندا ايندا.
ائين ڳالهيون ڪندا، چارئي ڄڻا شهر کي اچي قابو پيا
هئا.
هيلڊار بس ڪئي، ته رٿ چيس: تنهن جو مطلب ته اوهان
کي اعليٰ ۾ اعليٰ ۽ حسين ٻانهن کپي!
هيلڊار ورندي ڏنيس: دل ته ائين ٿي گهريم: پر
منهنجي منوڪامنا الاجي سڌ ٿئي يا نه ؟ تون ڇا ٿي
ڀانئين، مون سان اهڙو وڙ ٿيندو؟
رٿ چيس: رکو ڌڻي ءَ تي، اُهو ڪري اوهان جي مراد
پڄائيندو. ٻيو ڪوشش سان، ويهه ويسوا، ڪوبه ڪارج سڌ
ٿي سگهي ٿو، آدم اُچت آهي.
هيلڊار: آءُ ڀانئيان ٿو ته جيوت جي سک لاءِ پاڻ
جيئن گهڻو ٿو پتوڙجي، تيئن مول ڳالهه جو اسان کان
وسريو وڃي. پوءِ انڌي گهوڙي ڪل ۾، اهو قصو اچيو
بنجي.
... ... ... ...
رٿ اُنهي رات جو يارهين بجي تائين پئي جاڳي، جو
جيڪو وهيو واپرايو هو، تنهن جي سموري خبر چار
پنهنجيءَ داديءَ ڏي ويٺي لکيائين. ڏيئو وسائي، کن
اچي درءَ وٽ بيٺي. دل ۾ آيس، هيڏي رات نبري آهي،
جاڳان رڳي آءُ ئي پيئي، ڪين ٻئي ڪنهن جي به پنبڻي
پنبڻيءَ سان نٿي مڙي؟ ائين ئي ٻاهر نهار ڪيائين،
ته جنهن سمهينءَ دريءَ مان ڪالهه هن قدر آور مڙس
تي وڃي اک پئي هيس، اتي به ڏٺائين، ته بتي پئي
ٻري. هوڏانهن جنهن مڪان ۾ هيلڊار رهندو هو، تنهن ۾
اوندهه لڳي پيئي هئي. پر تڏهن به هيلڊار جي صورت
وري وري اکين اڳيان پئي ڦريس ! دل ۾ چيائين، پر
جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيائين، تنهن مان ڏسجي ٿو ته مڙس
ڪو اونهو اوڙاهه! هيڪاري هن استاد رازي وارو مثال
ورتو هو، تنهن هن جي دل جي تار تن تن لڳائي ڏني،
جو سڌ هيس، بابو به استاد رازو هو. |