(14)
شاهي محلات مان ٻاهر ايندي مهل، نذير احمد جو منهن خوشيءَ وچان
ٽڙيل نظر پئي آيو. اکيون آسمان ۾ کوڙي، سينو ڪشي،
مڇون مروڙي، دليل پئي دؤڙايائين ته اڄ مون جهڙو
ملڪ ۾ ڪو ڳوليو لڀندو. دنيا دولت جي جوفي تي هڪ
مسڪين مگر شير دل سپاهيءَ کي قتل ڪرڻ جون رٿون پئي
رٿيائين. اهڙو ته آڦرجي ويو، جو پاڻيهي پاڻ تي
آفرين ڪري، پئي چيائين ته”نذير احمد! تون به ڪا
شيءِ آهين، تڏهن ته ڏينهون ڏينهن بخت وڃيئي ٿو
بالا ٿيندو، ۽ شان شوڪت اعليٰ ٿيندو. ويچار ته ڪر
ته اڳي جو ڳنڍيون پيو ڪتريندو هئين، سو اڄ اهڙي
منزل کي وڃي رسيو آهين، جو هاڪارا حاڪم به منٿون
ميڙون پيا ڪنئي. واه جو جگر ڌاريو اٿيئي! هاڻ گهڙ
ڪو اهڙو گهاٽ، جو دعيءَ مدعيءَ مان مؤجان ماڻين.“
اهڙا پہ پچائيندو، اهڙيون لاتيون لنوندو، گهٽيون گهوما
لتاڙيندو، اچي هڪ جهوپڙيءَ وٽ پهتو. در کي ٻه ٽي
دفعا کڙڪايائين، تنهن تي هڪ ٻڍڙي عورت ٻاهر نڪري
آئي ۽کيس منهن ۾ چتائي ڏسي، اندر وٺي ويئي. صفي ۾
چاليهارو کن ماڻهو ويٺا هوا، جن شراب جا پيالا پر
ڪيو پئي پيتا. نذير احمد کي ايندو ڏسي، سڀني عجب ۾
پئجي، پڪاريو ته ”تون وري هت ڪئن اچي نڪتو آهين؟
اسان ليکي ته تون بادشاه جو خاصخيلي بنيو ويٺو
آهين”شاهي خزاني جي لٽڻ جي ڪا تجويز سٽي هجيئي، ته
اسين هردم حاضر آهيون.“
نذير احمد جواب ڏنو ته ”اهڙو ته موقعو ملڻ اڃا مشڪل آهي؛ مگر
بادشاه جي چاڪريءَ ڪرڻ جو هينئر واه جو وجهه آهي.
ڪريو همت ته ٺالهي ٻڌا ٽڪا ڳنڍ ٻڌايانؤ.“
موالين مان ڪيترن پڪاري چيو ته ”بادشاه جي خذمت ۾ ته اسين هردم
ڪمر ڪشيون بيٺا آهيون. ڪئين سردارن ۽ سيٺين جو مال
ضبط ڪري، کين سڌو جهنم ڏي روانو ڪيو اٿئون! جي
ائين نه ڪريون ته هو جيڪر اهڙو فساد ۽ دنگو
مچائين، جو في الحال ته ساري سلطنت کي لوڏو ڏيئي
ڇڏين. هاڻ ٻڌاءِ ته اهڙي به ڪا ٻي خذمت؟“
نذير احمد مشڪي ورايو ته ”بيشڪ! اسان جو روز مره جو ڌنڌو تحسين
جوڳو آهي. پر اڄ ڪا ٻي ڳالهه آهي. قصو ڪوتاه، ته
جهانگير علي قلي بيگ جي سهڻيءَ زال تي مفتون ٿي
پيو آهي. هوڏانهن وري هو هٺيلو ايراني پنهنجيءَ
عورت تان هٿ نٿو کڻي، سو مونکي حڪم مليو آهي ته
ڪنهن به دستور وڃي، هن کي ختم ڪري اچ. آءٌ به
سمجهي ويٺو آهيان ته اوهانجي مدد کانسواءِ آءٌ ڪي
به ڪري نٿو سگهان. اوهان کي مڙساڻو انجام ٿو ڏيان
ته هن ڪم جي عيوض اوهان کي دل گهريا انعام وٺي
ڏيندس. صلاح آهي ته اڄ رات ئي چمڙا پوش پهري،
اوچتو هلي علي قلي بيگ جي مٿان ڪڙڪون؛ ۽ کيس قابو
ڪري، زوران زوريءَ زالس جو طلاق نامو لکائي
وٺونس.“
سڀني چيو ته ”سبحان الله! اهڙي به ڪا ٻي ڳالهه؟ اڌ رات ٿئي ته
سڀ تيار آهيون.“
نذير احمد: ”شاباس! پهلوانو! هاڻ ٽڙي پکڙي وڃو. اڌ رات جو چؤنڪ
وٽ گڏباسون.“
ائين چئي نذير احمد گهر ڏي راهي ٿيو.
اڌ رات جو وڳڙو هو. جيڏانهن نظر ڦيراءِ، تيڏانهن اونده انڌوڪار.
نج نيلي آسمان تي تارن ٽمڪ ٽمڪ پئي ڪئي. زمين تي
صلح سانت لڳي پيئي هئي. ماڻهو مرون، پکي پکڻ، جيت
جڻيا، مطلب ته ساري مخلوقات دنيوي فڪراتن کان فارغ
ٿي، ننڊ جي نشي ۾ محو هئي. شاعرن ننڊ کي مؤت جي
ڀيڻ ڪري ڪوٺيو آهي. ننڊ ۾ انسان جو روح بدلجي پڃري
مان نڪري، ڪٿي جو ڪٿي شيل شڪار پيو ڪري. شاه ۽
گدا، غريب ۽ غني، حاڪم ۽ محڪوم هڪجهڙا ٿيو پون.
باندي پنهنجا بند وساريو ڇڏي. سلطان کي سلطنت
فراموش ٿيو وڃي، الم ۽ انديشا، غم ۽ وهم دل جي
ڦرهيءَ تان ميسارجو وڃن.
اجهو اهڙيءَ ويل نذير احمد ۽ سندس سڀ سنگتي اچي چؤنڪ وٽ نڪتا.
اونداهيءَ وچان ائين سرندا پئي آيا، جو ڄڻ ته ڪي
جن ڀوت آهن. پوءِ ته ويهي صلاحون ڪرڻ لڳا.ايتري ۾
سندن چارين اچي خبر چار ڏني ته ”پڙ پالهو پيو آهي.
هاڻ ته بنان تڪليف مقصد حاصل ٿي پوندو.“ انهيءَ تي
سڀ اُٿي کڙا ٿيا ۽ سڌو علي قلي بيگ جي گهر ڪاهي
پيا. ان بعد نذير احمد هڪ نئين نموني جي سيٽي
وڄائي، جنهن تي سندس ٻه چار سنگتي جي علي قلي بيگ
جي گهر ۾ ڇپيا ويٺا هوا، سي نڪري نروار ٿيا، ۽ هڪ
ننڍڙي کليل دروازي ڏي هٿ کنيائون. پوءِ ته سڀيئي
ڌوڪيندا اندر گهڙي پيا. اول ته اندرين درن دروازن
کي تاڙيون وجهي ڇڏيائون، ۽ انهن تي ڇهه ماڻهو
پهريدار بيهاري علي قلي بيگ واري ڪمري ڏانهن وڌيا.
علي قلي بيگ در دروازو کوليو، الغرضو ٿيو ستو پيو
هو. هي لٽيرا اُتي پهچڻ شرط، تراريون کپن مان ڪڍي
علي قلي بيگ کي وڪوڙي ويا. منجهانئن چئن ڄڻن
مهرالنسا کي کٽ سوڌو کڻي وڃي ٻئي ڪمري ۾ وڌو.
نذير احمد پنهنجي ترار جي نوڪ علي قلي بيگ جي سيني تي لڳائي،
تنهن تي هن ننڊاکري آواز ۾ پڪاري چيو ته ”ڪير
آهين؟ ڇا لاءِ هتي آيو آهين؟“
نذير احمد ورايو ته ”اسين به تو جهڙائي انسان آهيون. تو وٽ هڪ
نهايت نازڪ نياپو کڻي آيا آهيون.“
علي قلي بيگ جو اڃان ننڊ جي مؤ ۾ هو تنهن ڪر موڙي چيو ته ”ڇا جو
نياپو؟“
نذير احمد ترار جي نوڪ البت زور سان چڀائي چيو ته ”اُٿي اک پٽ.
جي اڃان به مهرالنسا کي طلاق ڏيئي آجو نٿو ڪرين، ۽
ڏهن هزارن اشرفين جو ڳوٿرو منهنجي حوالي نٿو ڪرين،
ته ڄاڻ ته جهنم ڏي روانو ٿئين.“
علي قلي بيگ هي حرف ٻڌي، ستل شير جيان اُڇانگ ماري، نذير احمد
جي هٿ مان ترار کسي ورتي؛ ۽ رڙ ڪري چيائين ته
”ڪنهن کي آهي اهڙي ٻوٿي جو اهڙا لفظ ٿو ڳالهائي؟“
نذير احمد چيو ته ”بيوقوف! ڪي سمجهه. موت اچي مٿي تي بيٺو
اٿيئي. جي ڀانئين ته سندس چنبي کان ڇٽان ته ماٺ
ميٺ ۾ کڻي پنهنجي زال کي طلاق ڏي، ۽ پنهنجي خزاني
جون ڪنجيون آڻي اسانجي سامهون رک.“
علي قلي بيگ اُمالڪ بسترو ڇڏي، کڙو ٿي بيٺو. ۽ گجگوڙ ڪري چيائين
ته ”آهي ڪير جو هي اکر ٿو منهنجي سامهون بڪي؟“
نذير احمد هاڻ پنهنجي ساٿين کي حڪم ڪيو ته ”علي قلي بيگ تي حملو
ڪريو.“ پاڻ به هڪ کليل ترار هٿ ۾ کڻي ساڻن شامل
ٿيو. سڄيون ساريون چاليهه تراريون هن بهادر
ايرانيءَ کي وڪوڙي وييون، پر هن بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ
جي بيپرواهيءَ سان پنهنجي تکي تلوار ڦيرائي، منجهن
اهڙو ته ٽاڪوڙو وجهي ڏنو، جو هنن جي همٿ ئي هارجي
ويئي، ۽ ساڻس وڌيڪ مقابلو ڪري نه سگهيا. ڪيترا ته
قتل ٿي ويا، ڪيترا اڌ مئا ٿيا، باقي زخمجي پيا.
علي قلي بيگ کي به گهڻائي زخم رسيا. نذير احمد وري
به هڪواريءَ يڪي سر حملو ڪرڻ تي هو، پر اچانڪ
دروازو کلي پيو؛ ۽ علي قلي بيگ جا ڪيترا نوڪر ساڻس
اچي ڀيڙو ٿيا.
انهيءَ تي ويتر نذير احمد ۽ سندس زخميل ساٿي پڇ پائي اٿي ڀڳا، ۽
ستت ئي ٽڙي پکڙي، غائب ٿي ويا. علي قلي بيگ جا
ماڻهو گهڻو ڪي سندن پٺيان پٺيان، پر هننجو پتو به
ڪونه پيو.
هوڏانهن وري علي قلي بيگ مهرالنسا کي پنهن جي ماڳ تي نه ڏسي،
ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ سندس ڳولا ڦولها ڪرڻ لڳو. آخر
کيس گهر ۾ صحيح سلامت ڏسي، نهايت سرهو ٿيو. مڙس کي
جوکي ۾ ڏسي، مهرالنسا جو به ساه قبض ٿي ويو هو، سو
هنجو سر سلامت ڏسي، ڏاڍي اُڪنڍ مان پڪاري چيائين
ته ”ڌڻيءَ جا لک شڪرانا جو مون مسڪين جي صدقي
اوهانکي نئين حياتي بخشي اٿس. مون جو اوهانجي ڪمري
۾ ڪن لفنگن جو لڙ ٻڌو، سو وڃي نوڪرن کي سجاڳ ڪيم.
هاڻ هت اسان لاءِ وڌيڪ رهڻ محال آهي.“
علي قلي بيگ گهر واريءَ جا اهڙا قرب ڀريا حرف ٻڌي، گد گد ٿي ويو
۽ کيس ڳراٽڙي پائي چيائين ته ”پياري! اڄ ته توئي
مونکي بچايو آهي. اِهي رهزن مونکي اهڙو وڪوڙي ويا
هوا، جو پاڻ ڇڏائڻ مشڪل هو، پر اوچتو نوڪر سهڙيا،
۽ هو هڪدم اُٿي ڀڳا. اُميد ته وري ويجهو نه
ايندا.“
مهرالنسا: ”اوهين ته ڏاڍا زوراور ٿا ڏسجو. هي ڪي رواجي چور نه
هوا. ڏٺم ته سڀني کي منهن تي برقعا پيل هوا. شڪ نه
آهي ته ڪنهن زبردست دشمن جا ڇاڙتا هوا.“
علي قلي بيگ: ”منهنجي من ٺار! ڪو ڳڻتي فڪر نه ڪر. جي دشمن ڏينهن
ڏٺي جو مون سان سامهون ٿيڻ کان ڇرڪن ٿا، تن جو
ڪهڙو اُڊڪو ڪبو. مٺڙي! ڇڏ انهيءَ پچار کي. اچ ته
هاڻ آرام ڪريون. جنهن مالڪ هن وير تائين اسانکي هٿ
ڏيئي رکيو آهي، سو اڳتي به ڪين ڇڏيندو.“
جهانگير تي مهرالنسا جي نينهن وري نئين سر آرا پئي ڪيا، سو
سلطنت جي معمولي ڪاروبار کان وهلور پئي ويو. شراب
جون پڪون پي، پئي پاڻ پر ڀاياءِ.
اڄ رات وٽس وڏي محفل متي پيئي هئي. مشهور گوئيا، تانسين جا
ثاني، لاثاني قانون هڻي، من موهيندڙ آلاپ ڪڍي،
ڀانت ڀانت جا راڳ ۽ راڳڻيون ڳائي رهيا هوا. شيرازي
شراب جا دؤنگ پئي لٽيا. نازڪ بدن نينگرين ناچ نچڪا
وجهي، مجلس کي پرستان بنائي وڌو هو. جهانگير جي
روح ويتر ريلا پئي ڏنا. پل پل پنهنجي پرينءَ جون
واٽون پئي واجهايائين. اَسر ڌاري مس محفل برخاست
ٿي. جهانگير نذير احمد جي اوسيڙي ۾ اُتيئي ويٺو
رهيو. نيٺ نذير احمد به اچي نڪتو. سندس منهن مان
ئي پئي بکيو، ته مطلب حاصل ڪري نه موٽيو آهي.
جهانگير پريان ئي پڪاري چيس ته ”منهن جو نصيب اڃا
ڪي کُٿل ٿو ڏسجي.“
نذير احمد: ”خدا جا شڪرانا، جو شينهن جي چنبي مان جند ڇڏائي
اٿم. منهن جي ڪن ساٿين ته سائين جن جي خذمت ۾ سر
ڏنو آهي.“
جهانگير: ”ساري حقيقت پيرائتي سڻاءِ.“
نذير احمد ”علي قلي بيگ ته رستم ۽ اسفنديار جو به ڏاڏو آهي.
سندس همت ۽ بهادريءَ جي ڪهڙي تعريف ڪريان؟ مطلب ته
قهريءَ ڪيهر وانگي اچي اسان تي ڪڪڙيو. اسان ۾ ته
ٽاڪوڙو وجهي ڏنائين. ڪي ڪٺا، ڪي ڦٽيا، باقي ساه مٺ
۾ ڪري اٿي ڀڳا.“
هيءَ واردات سڻي جهانگير غصي ۾ ڀرجي چيو ته ”انهيءَ جو کانئس
ضرور بدلو وٺڻ گهرجي. تنهنجن همراهن جي پويرن جي
قوت گذران لاءِ آءٌ پاڻيهي جوڳو بندوبست ڪندس.“
نذير احمد: ”وڏي مهرباني. حضور جن جي جلال جو شال ساري جهان تي
جلوو پوندو رهي. جيسين علي قلي بيگ کان انهيءَ جو
وير نه وٺندس، تيسين مونکي نيڻين ننڊ حرام آهي.“
جهانگير: ”هاڻ ڪا ٻي رمز رچي اٿيئي؟ اُميد ته هاڻ هڻي وڃي هنڌ
ڪندين.“
نذير احمد گهڻي غور بعد عرض ڪيو ته ”قبلا! اجهو هينئر هڪ ڳالهه
دل تي تري آئي اٿم. سڀاڻي جو علي قلي بيگ درٻار ۾
ايندو، سو ضرور پاڻمرادو انهيءَ حادثي جي حڪايت
ڪندو. اوهين به سندس سرجوشيءَ تي کيس خوب ساراهجو.
ائين ڪرڻ سان هو اهڙو ته ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو، جو
ڪهڙو به جوکائتو ڪم مٿس رکبو ته نابري نه واريندو.
پوءِ ته آءٌ به هڪڙو ڇتو بکايل چيتو وٺي، اچي
لڙائيندوسانس.“
جهانگير: ”ائين وري ڪئن ٿيندو؟ آءٌ ته تنهنجي پرولي نٿو
پروڙيان. چٽو چؤ.“
نذير احمد: ”آءٌ سندس دليريءَ تي ٺٺوليون مچائي ڏيندس ۽ ڀريءَ
محفل ۾ چوندوسانس ته ’جيڪي ٻڌائين ٿو سو شايد سپني
۾ ڏٺو اٿيئي.‘ انهيءَ تي ضرور ڪاوڙبو. پوءِ
چوندوسانس ته ’يار! جي اهڙو پهلوان آهين، ته
اسانکي به ڪو انهيءَ جو اُهڃاڻ ڏيکار. ترار کڻي،
چيتي سان ته وڙهي ڏيکار‘.“
جهانگير خوش ٿي چيو ته ”هيءَ ته چڱي رمز لڌي اٿيئي. جي ائين ڪرڻ
سان مقصد حاصل نه ٿيو، ته به وندر ته واه جي
ٿيندي. هاڻي توکي موڪل آهي، صبح جو سويلو تيار
رهج.“
مقرر ڪيل وقت تي ٻئي ڏينهن درٻار سمن برج واري ڪشادي دالان ۾
ڪئي ويئي. سامهون جمنا نديءَ گڙ گڙ پئي ڪئي. نديءَ
ڪناري هڪ کليل ايوان هو، جتي اڪبر بادشاه هاٿي
ويڙهائيندو هو. علي قلي بيگ اڄ البت اوير آيو.
راتوڪي حادثي ڪيري دير سان جاڳيو هو. جئن جهانگير
جو نئڙي اچي سلام ڀريائين، تئن هن ٺٺولي ڪري چيس
ته ”رات ته ڏاڍا ڪي عشق ڪمايا اٿيئي، جو اڄ درٻار
ڏي اچڻ ۾ هيتري ويرم وڌي اٿيئي.“
علي قلي بيگ ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور اعليٰ! ڪالهه سارو
ڏينهن ۽ ساري رات مونسان اهڙي ويل وهي گذري آهي،
جو ڇا بيان ڪريان. اڳ۾ ته هڪ مست هاٿي اچي مٿم
ڪڙڪيو. ذري گهٽ نهوڙي نيون هئائينم. پر الله جي
مهرباني، جو نيٺ مٿس قابو پيس. پوءِ وري آڌيءَ رات
جو هڪ ڪاٽڪن جي ٽوليءَ منهنجي گهر کي کاٽ هڻي، ننڊ
جي غفلت ۾ مونتي هلان ڪئي. پر خدا جي فضل سان سڀن
کي تڙي ڪڍيم. تنهنڪري چرڪو سمهيس، سو وري اٿيس به
چرڪو.“
جهانگير: ”بيشڪ، تنهنجيءَ تلوار ۾ به عجب کيل رکيل آهن. تو جهڙو
پهلوان به ڪو ڇڊو لڀندو. پر مست هاٿيءَ سان يڪي سر
وڙهڻ ۽ لٽيون جي سڄيءَ ساريءَ ٽوليءَ کي ڀڄائي
ڪڍڻ، اسان جو عقل ته نٿو مڃي.“
نذير احمد وچ ۾ پئي چيو ته ”قبلا! گستاخي معاف، پر علي قلي بيگ
جو ڊاڙون پيو هڻين ته ’مون هينءَ به ڪيو ۽ هونئن
به ڪيو،‘ سا ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ بابو سائين به
جهنگ جي چيتن ۽ شينهن کي هٿيارن پنهوارن بنان چيري
ڦاڙي رکندو هو، ۽ مست هاٿين کي ته ڪن کان وٺي سڌو
ڪندو هو.“
جهانگير: ”علي قلي بيگ جي سورهيائيءَ ۾ به گهٽ ڪانهي. مونکي پڪ
آهي ته هو به هٿيارن پنهوارن بنان چيتن ۽ شينهن کي
هڻي ليٽائي رکندو.“
نذير احمد منهن گهنجائي چيو ته ”قبلا! بي ادبي معاف ڪجو، مگر
آءٌ ته منجهس اهڙي ٿوم ئي نٿو ڏسان. ڀلئي ڀلائي به
نه سنڀران ته ڪڏهن ڪو هن اهڙو سورماڻو ڪم ڪيو.“
علي قلي بيگ خار کائي، شوخيءَ سان چيو ته ”نذير احمد! زبان بند
ڪر. جي اٿيئي ڪا مڙسي، ته لهي آءُ ميدان تي. پوءِ
پاڻيهي پيو مجرايون ڏج.“
نذير احمد: ”مونتي مهت لڌءِ، ته ڇاٿي پيو؟ انهيءَ مان ڪهڙو مان
مرتبو وڌندءِ؟ اچ ته ٻئي ڪنهن چيتي سان زور آزمائي
ڪريون. سامهون ميدان تي هڪ چيتو بيٺو آهي. وڃي اُن
سان لڙ. يا ته هار قبول ڪري، منهنجي لانگ هيٺان
لنگهه، ته آءٌ ٿو وڃي چيتي کي پورو ڪري اچان.“
علي قلي بيگ: ”هش! هش! تو پارو ٿو چيتي سان وڙهي! تنهنجو اهڙو
مهانڊو ئي ڪينهي، ڪٿي آهي اهو چيتو، ته آءٌ اِتي
اِتي حضور اعليٰ کي ثابت ڪري ڏيکاريان، ته اهو
منهنجي اڳيان گدڙ مثل آهي.“
نذير احمد: ”سامهون ميدان جي ڇيڙي تي هڪ شڪاريءَ وٽ هڪ چيتو
آهي. پر عجب ته رات ٻن چئن چورن کي تڙي ڪڍڻ ڪري
تنهنجو مٿو ايترو ته ڦري ويو آهي، جو پاڻکي ’چيتي
مار‘ جو لقب ڏيڻ ٿو چاهين.“
علي قلي بيگ ڪاوڙجي چيو ته ”ڇا، مون کي ٻٽاڪي سمجهيو اٿيئي؟ وٺي
آءُ چيتي کي، ته تماشو ڏيکاريانءِ. جي چيتو نٿو
آڻين، ته هاڻ توسان وڙهڻو پوندم.“
نذير احمد هڪ نوڪر کي اشارو ڪيو ته وڃي چيتو وٺي آءُ. کين ساعت
۾ نوڪر هڪ بک جو ماريل چيتو لوڙهي آيل ميدان اندر
آڻي حاضر ڪيو. علي قلي بيگ ڊنو اصل ڪين. جهانگير ۽
درٻارين کي سلام ڪري، لهي پيو پڙ ۾. چيتو، جو بک ۾
پئي آجهڙيو، تنهن علي قلي بيگ کي ڏسڻ شرط مٿس ڪاه
ڪئي. پر هي وريام، گوهي ڏيئي، ٺهر سان هٽي پري
ٿيو. جيسين وري چيتو موٽ کائي اچي، تنهن کان اڳ
علي قلي بيگ جي تکي تلوار وڃي، گردن تي ڪڙڪيس، ۽
زخمجي زمين تي ڪري پيو. هاڻ ته هيڪاري ايذاءَ
وچان، وڌيڪ وحشي ٿي پيو، ۽ وٺي گجڻ لڳو. پر جيسين
وري اُٿيئي اُٿي، تيسين علي قلي بيگ ترار ڦيرائي
اهڙو چتايل ڌڪ ٺوڪيس، جو سنديس سسي ڌڙ کان ڌار پري
وڃي پيئي.
تماشبينن ۾ ’واه! واه!‘ پئجي ويئي. علي قلي بيگ چيتي جي سسي
کڻي، اچي بادشاه جي اڳيان نذر رکي. جهانگير
جيتوڻيڪ نهايت نااُميد ٿيو، جو سنديس بدنيت پوري
نه ٿي، ته به علي قلي بيگ جي پهلوانيءَ مٿس از خود
اثر ڪيو. مٿانئس سونن سڪن جون مٺيون ڀري گهورڻ
لڳو، ۽ زري دار خلعت پهرائي، مٿس ”شيرافگن“ جو لقب
ڌريائين.
(15)
هڪ ڏينهن جهانگير پنهنجي محلات ۾ سنجابي سنگهاسن تي ٽيڪ ڏيو
ويٺو هو. منهن ۾ ملول هو. ڪنهن ڳوڙهيءَ ڳڻتيءَ ۾
وڪوڙيل ٿي ڏٺو. اوچتو ئي هڪ جنگ جوان اندر گهڙي
آيو. جهانگير ته پنهنجن خيالن ۾ اهڙو محو هو، جو
کيس ڪو به سماءُ نه پيو. ڪجهه وقت اهو شخص هڪ هنڌ
ٿنڀ ٿي بيٺو رهيو ته من جهانگير جي از خود مٿس نظر
پوي. پر جڏهن ڏٺائين ته اهڙي اميد ڪرڻ اجائي آهي،
تڏهن واڪو ڪري چياءِ ته .ادا سائين! توسان ڪهڙي
ويڌن آهي؟ ڪهڙيءَ جهوريءَ جهٽيو اٿيئي؟ منهن ڏس،
ته ڪئن نه اُٻاٽجي ويو اٿيئي! ڪهڙي سبب کان تنهنجو
چمڪندڙ چهرو اڄ ڪاري ڪڪر جهڙو پيو ڀانئجي؟ آخر ڇا
۾ موڙهو آهين؟ هيڏيءَ ساريءَ سلطنت جو سردار
تنهنکي ڇا نٿو ميسر ٿي سگهي؟
هنن حرفن جو پڙلاءُ ٻڌي، جهانگير اونهيءَ ٽٻيءَ مان اُٿي سجاڳ
ٿيو، ۽ وائڙو ٿي پڇيائين ته ”اڙي! تون قطب الدين
آهين ڇا؟ تون وري هت ڪٿان آئين؟ بنگالي کان ڪڏهن
موٽيين؟ آءٌ ته تنهنجي راه نت نهاري رهيو آهيان.
هن ويل توکي هت ڏسي مونکي جا خوشي ٿي آهي، سا بيان
ڪري نٿو سگهان. يار! مونکي هن وقت تو جهڙي دل
گهرئي دوست جي گهڻي درڪار آهي.“
ائين چئي، تخت تان هيٺ لهي قطب الدين کي ڀاڪر پائي مليو، ۽
سنديس بلڪل گهڻي مرحبا ڪيائين.
قطب الدين ورندي ڏني ته ”آءٌ بنہ اڄ آيو آهيان. پر ٻڌاءِ ته
سهين ته ڇو اهڙو وياڪل ۽ ويڳاڻون پيو ڏسجين؟ خوش
مزاج شهزادي سليم مان بدلجي، ڳڻتي ڳريو شهنشاه
جهانگير ٿي پيو آهين! شايد سلطاني ڪلاه ۽ سر جو
سرور هڪ ٻئي جا ساٿي آهن؟“
جهانگير وڏو ساه کڻي، جواب ڏنو ته ”ڪهڙيون ٿيون ڳالهيون پڇين؟
بادشاهي هلائڻ ڪا سنهنجي ڳالهه نه آهي؛ هٿ وٺي آهي
پاڻ کي جنجال ۾ اُڙائڻ مشڪلاتن ۽ جوابدارين ته
منهنجو من ئي منجهائي لولا لولا ڪري ڇڏيو آهي.
سانده ٻه سال دل و جان سان ڪوشش ڪري، رعيت سان عدل
۽ انصاف جي روش وٺندو آيو آهيان. ڏينهون ڏينهن داد
خواهن جو تعداد وڃي ٿو وڌندو. جنهنڪري ڪابه فراغت
ڪانه ٿي مليم. هاڻ ته اچي بنہ ڪڪ ٿيو آهيان. آرزو
اٿم ته اهڙو من گهريو معشوق مليم جنهنجي صحبت ۽
محبت ۾ سڀ غم الم غرق ٿي وڃن. پر افسوس! جو اها
مراد حاصل ئي نٿي ٿئي. بادشاه هئڻ ڪري، پنهنجي
مقصد تي رسڻ لاءِ زور ظلم به نٿو هلائي سگهان. سچ
پڇين ته غريب غربا به اڄ مونکان وڌيڪ سکي ۽ آجا
آهن. جا به ڳالهه چت چاهين، سا بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ
جي بلاشڪ ڪري سگهن ٿا.“
قطب الدين: ”مار! مون ڀانيو هو ته سائينجن ڪا جنگ هارائي ويٺا
آهن، يا ته ڪي سائين جن جي خلاف وڏا منصوبا مچي
ويا آهن. پر هاڻ ٿو ڏسان ته اوهانجي درد جي دوا
ڪنهن مهلقا جو منهن آهي. مبارڪ هجي سائينجن کي، جو
عشق جي بازار اڃان اهڙي تيز رکندا پيا اچو.“
جهانگير: ”مروئان مؤت، ملوڪان شڪار! توکي لڳي آهي مسخري؛ پر
مونلاءِ ته جنسي موت آهي. آءٌ ته پيو پچان ۽
پڄران، لڇان ۽ لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي
منهنجي دل اندر ديرو ڪري.“
قطب الدين: ”پر هت کامڻ ۽ کپڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هند جو شهنشاه
ڇا نٿو ڪري سگهي؟ دنيا ته دنيا جي ماڳ پر جي چاهي
ته بهشت جي حورن سان محبت ونڊيان، ته به ڪا ڏکي
ڳالهه ناهي.“
جهانگير: ”اهڙيءَ ڪوڙيءَ خوشامد کان بس ڀلي آهي. خود منهنجا زر
خريدا به پوريءَ طرح منهنجو حڪم نٿا مڃين، سو تون
ٿو فرشتن ۽ حوُرون تي مونکي حاڪم بنائين! اها بهشت
جي بادشاهت شال توکي نيبہ هجي! اسانکي جي من گهريو
منٺار مليو، ته سڀڪي ٿيو.“
قطب الدين: ”سائين منهنجا! آخر سليو ته سهين ته ڪهڙيءَ مهلقا
اوهانجو من موهيو آهي، ته آءٌ پنهنجي جادوءَ جي
زور سان سندس روح ڪنهن دٻليءَ ۾ بند ڪري، آڻي
اوهان وٽ حاضر ڪريان.“
جهانگير: ”گهڙي ساعت ٺهپر ڪر. آءٌ سربستي ڳالهه ڪري ٿو
ٻڌايانءِ. ۽ جي مون ۾ ڪو قصور يا خامي ڏسڻ ۾
اچيئي، ته ڀلائي ڪري وڏا وعظ نه ڪج. منهنجي دل
اڳيئي عشق جي اَري ۾ گرفتار آهي، سو عقل جي اشارن
کان اصل پري آهي. تون پاڻ مونکي اَنجام ڏي ته
منهنجي هر طرح مدد ڪندين، پوءِ کڻي منهنجي ڳالهه
سهائيندي هجي يا اڻ سهائيندي، صحيح هجي يا غلط.
آءٌ بنہ بي وس آهيان. هنئين اچي هوڏ ٻڌي آهي. تن ۾
رات ڏينهن بره جي تؤنس آهي. اهڙي سهڻي سڄڻ سان
هڪواريءَ پاند اَڙائي، پوءِ پاڻ ڪڍي وڃڻ مشڪل آهي.
هن کان سواءِ هاڻ وڌيڪ رهي نٿو سگهان. مونکي سندس
روح دٻليءَ ۾ بند ٿيل نه کپي. شال جيئري جاڳندي،
جهڙي آهي تهڙي، جلد پلءِ پويم!“
قطب الدين: ”تون منهنجو سائين ۽ سلطان آهين. جئن اَمر ڪندين،
ائين ڪندس. فقط حڪم جي دير آهي.“
جهانگير:”آفرين! نالي سو ماٽي جو ڀاءُ آهين، پر سڳن ڀائرن کان
به وڌيڪ سڄڻ آهين. هاڻي ٻڌ ته ٻڌايانءِ. شايد
اڳيئي خبر هونديءِ، ته آءٌ مهرالنسا تي موهت هوس.
هوءَ به مونتي اَڪن ڇڪن هئي. منهنجي پرپٺ پڻس
سنديس مرضيءَ جي اُبتڙ کيس علي قلي بيگ سان پرڻائي
ڇڏيو. خبر ملي اٿم ته مهنن جا مهنا مڙس سان ڪوبه
واهپو نه رکيائين. مون ليکي ته مونسان بيوفا ٿي،
پنهنجيءَ رضا خوشيءَ سان وڃي علي قلي بيگ سان شادي
ڪئي اٿس. حقيقت ۾ ته ڏوهه مڙيوئي منهنجو هو، جو
کيس خواب خيال ڪري وساري ويٺس. هاڻ جو ساري حقيقت
معلوم ٿي اٿس، سو سندس عشق وري نئين سر اندر ۾
اُلا اُٿاريا آهن. جيسين کيس پنهنجي راڻي نه ڪندس،
تيسين روح کي راحت نه ايندي. علي قلي بيگ کي
گهڻيون ئي آزيون نيازيون ڪيون اٿم، ته زال کي کڻي
جواب ڏي؛ پر هو منڪر اصل نٿو مڃي. هوڏانهن آءٌ
مهرالنسا جي فراق ۾ ڄڻ ته دوزخ جا عذاب پيو سهان.“
قطب الدين: ”مار! هيءَ ته ڏاڍي وڏي ڳالهه ٿي! علي قلي بيگ جهڙو
وڙائتو ۽ لائقن ڀريو مڙس ته ڪو ڳوليو لڀي. ازان
سواءِ منهنجو ساڻس دوستيءَ جو ناتو به لڳي، سو دل
نٿي چويم ته کيس ڪنهن به قسم جو نقصان رسايان. پر
هروڀرو جي ڪنڌ تي ڪاتي اچي بيٺي آهي، ته لاچار.
دوستيءَ جي ننگ کان وري به ڀائپيءَ جو حق وڌيڪ
آهي.“
جهانگير: ”بيشڪ! مونکي به تو ۾ اهڙيا ئي اُميد هئي. جي ڀاءُ
ڀاءُ جو اوکيءَ وير همراه نه ٿيندو، ته ٻيو وري
ڪير ٿيندو؟“
قطب الدين: ”ڏاڍو افسوس اٿم جو وچ۾ علي قلي بيگ ٿي پيو آهي.
سائين جن کي جي منهنجيءَ جان جي ضرورت هجي ته اُها
فدا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. باقي علي قلي بيگ جهڙي
وفادار دوست جو خون وهائڻ مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو
لڳي. پر لاچار کي ڪهڙو آچار؟“
جهانگير: ”ڀلا، ڇونه کيس ريهي ريبي باز آڻين؟“
قطب الدين: ”اهڙي اميد ئي اجائي آهي. علي قلي بيگ جهڙو عزت
آبروءَ وارو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪٿان مڃيندو؟“
جهانگير: ”ٺهيو، حال ته اها ڳالهه وساري ڇڏ. اچ ته هاڻ ڪي شغل
ڪريون.“
قطب الدين ”توکي وري خوشمزاج ڏسي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. اچ
ته ڪو وقت ته گڏجي کائون پيئون ۽ مزا ماڻيون.“
پوءِ جهانگير جي حڪم تي، کانو ۽ گانو موجود ڪيو ويو، ۽ ڳچ تائين
عيش عشرت ڪري، هڪ ٻئي کان جدا ٿيا.
قطب الدين جهانگير جو هو سو ماٽي جو ڀاءُ، مگر ساڻس نهايت گهائل
مائل هو. ننڍي هوندي کان وٺي پاڻ ۾ گڏ گذاريو
هوائون، ۽ هڪ ٻئي سان رانديون رونديون ڪيون
هوائون. ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي جهانگير هنجي دل تي اثر
وڌا هوا ته پنهن جي بادشاه جي وفاداريءَ سان خذمت
ڪرڻ ئي سچو ڌرم آهي. تنهن ڪري هو جهانگير مٿان سر
صدقي ڪرڻ لاءِ هردم تيار هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سهي سنڀري، علي قلي بيگ جي گهر ڏي روانو
ٿيو. علي قلي بيگ کيس ڏسي، اُٿي کڙو ٿيو، ۽ جئن
وڏيءَ اُڪير سان ٻانهون ڊگهيڙي، کيس ڀاڪر ٿي
پاتائين، تئن قطب الدين هٽي پري ٿيو.
علي قلي بيگ کي ڏاڍو تعجب لڳو، سو پڪاري چيائين ته ”اُميد ته
اسانجي دوستي اڃان قائم آهي.“
قطب الدين: ”منهنجي دل چاهي ٿي ته هميشہ لاءِ جيڪر توسان
دوستيءَ جو ناتو نباهيان. پر، افسوس! اهڙو اتفاق
اچي بڻيو آهي، جو اسان جي دوستي هاڻ شايد وڌيڪ
جٽاءُ نه ڪندي.“
علي قلي بيگ: ”آءٌ ته تنهنجون پروليون نٿو سمجهان. مهرباني ڪري
کليو کلايو ٻڌاءِ ته تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“
قطب الدين: ”منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ. تنهنجي حياتي وڏي جوکي ۾
آهي. جي سر جو خير گهرين، ته هٺ هوڏ ڇڏي ڦٽي ڪر.“
علي قلي بيگ:”هيئن منهن جي گهر اچي، مونکي ڊيڄارڻ توکي مناسب نه
آهي. اهو خطرو، جنهن جي ڳالهه ٿو ڪرين، سو ڪهڙو
آهي؟“
قطب الدين: ”شهنشاه جو غصو ۽ منهنجي ترار.“
علي قلي بيگ: ”ها! ها! تڏهن شهنشاه توکي به پنهنجو ڇاڙتو بنايو
آهي. بس، بس، سمجهيم. يعني ته، جي پنهن جي زال ڪڍي
بادشاه کي آڇيان، ته پوءِ البت تون مونکي شابس
ڏيندين؟ ائين نه؟ جي اها مراد اٿيئي، ته ڀلائي ڪري
پنهن جا چپ لنبي ڇڏ.“
قطب الدين: ”يار! ڪجهه سمجهه ڌار. بيشڪ زال تان هٿ کڻڻ ڏاڍو
مشڪل آهي. آءٌ به توسان دلي همدردي ٿو ڪريان. پر
حالتون به عجيب بنجي بيٺيون آهن. جهانگير ته
مستانو ٿي پيو آهي، سو سنديس مرضيءَ پٽاندر هلڻ
بنان تو لاءِ ٻيو چارو ڪونهي.“
علي قلي بيگ: ”بس، ٻڌم. اجائي بڪواس بند ڪر. اها حياتي ئي گهوري
جنهن ۾ عزت آبروءَ کي وٽو لڳي.“
قطب الدين: ”جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، پر شاهي فرمان جي بجا
آوريءَ ۾ آءٌ به گسڻ وارو نه آهيان. وري به چتاءُ
ٿو ڪريانءِ ته پنهنجي حاڪم جي آوڏو نه آءُ. اها
ونگي واٽ ڇڏي، ساڃهه سک.“
علي قلي بيگ: ”ڪنهن ڏينهن ته مڙيو ئي مرڻو آهي؛ پوءِ اڄ نه ته
سڀان. ٿوري عرصي بعد بيعزتو ٿي مرجي، تنهن کان
ڇونه هينئر ئي عزت آبروءَ سان سر ڏجي؟ مهرباني ڪري
بادشاه کي وڃي ٻڌاءِ ته هاڻ آءٌ سنديس زياده نوڪري
ڪرڻ ۾ عار ٿو سمجهان. مرضي اٿم ته باقي حياتيءَ جا
ڏينهن وڃي پنهنجيءَ ننڍڙيءَ جاگير تي گوشه نشينيءَ
۾ گذاريان.“
قطب الدين: ”اها اجائي زبان درازي آهي.هينئر مجال نه اٿيئي جو
ڪيڏانهن چري سگهين. آءٌ توکي اڃان به ٽن ڏينهن جي
مهلت ٿو ڏيان. انهيءَ عرصي ۾ دل من پڇي، آخرين
فيصلو ڪري ڇڏج. چوٿين ڏينهن توکان جواب وٺڻ
ايندس.“
علي قلي بيگ: ”چوٿين ڏينهن ڇو، ڀل ڪري چوٿين ورهيه اچ. مون وٽان
جواب ساڳيو اڄوڪي جهڙو ملندءِ.“ |