سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: نورجهان

صفحو :1

نورجهان

 

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڪجهه پنهنجي پاران ....

ڪنهن ٻولي جي عظمت جو اندازو ان جي شاهڪاري ادب مان لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جون ادبي تصنيفون پڻ سنڌي ادب جي انهن ادبي شاهڪارن مان آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اوچي ڳاٽ رکيو آهي. جيتوڻيڪ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جون تصنيفون ٿوريون آهن، پر اهي سنڌي ادب جي انهن بنيادي پٿرن مان آهن. جن تي هاڻي سنڌي ادب جو ڪاڪ محل اڏجي رهيو آهي.

نورجهان ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ادبي ذوق جو هڪ ادنيٰ مثال آهي. سندس هي ناول فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هر دؤر ۾ پسند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اشاعت کي اٽڪل اڌ صدي ٿيڻ تي آهي پر ان جي سرهاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن سندس واس وڃي ٿو وڌندو.

نورجهان نه فقط فن ۽ فڪر جي خيال کان ٻاهر بلڪه ٻولي جي لحاظ کان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

هن وقت تائين جيڪي به تاريخي ناول لکيا ويا آهن، تن مان ڪوبه هن ناول سان برميچڻ جهڙو ڪونهي. بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي تاريخي ناول نگاري جي حقيقي ابتدا نورجهان سان ئي ٿئي ٿي.

ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس جي عملي قيام کان سوا سال جو عرصو مس ٿيو آهي ۽ هي اسانجي چوٿين محنت اوهانجي هٿن ۾ آهي. ان کان اڳ اسان آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاه سائين جي ڪلام تي محققانه مقدمو ”مقدمه لطيفي“ اوهان تائين پهچايو هو. هن وقت به اسانجا ٻه ڪتاب ڇاپي هيٺ آهن، جن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٽين محققانه تصنيف ”روح رهاڻ“ ۽ محترم اياز حسين قادري جي افسانن جو مجموعه ”بلو دادا“ شامل آهن.

ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس جي پروگرام ۾ نه فقط پراڻن ۽ ناياب ادبي نسخن کي ٻيهر شايع ڪرائڻ شامل آهي، بلڪه نوان تخليقي ڪتاب، مجموعا، ناول ۽ تنقيدي ڪتابن جي اشاعت پڻ اسانجي پروگرام جو اهم جز آهن.

ايندڙ ڪتابن ۾ نسيم کرل، علي بابا ۽ امر جليل جهڙن مشهور افسانا نگارن جا نئين سر ترتيب ڏنل مجموعا اوهان تائين پهچائڻ ۾ اسان فخر محسوس ڪنداسون.

(محمد سليم ميمڻ)

سيڪريٽري،

ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس.

 

منڍ

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1915ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هو. هن ٻئي ڇاپي ۾ جيتوڻيڪ ساڳيو مضمون قائم رکيو ويو آهي، ته به عبارت ۾ گهڻي ڦيرڦار ڪئي ويئي آهي. ان کي وڌيڪ سهڻو ۽ سليس بنايو ويو آهي.

جڏهن هي ڪتاب پهريائين ڇپجي پڌرو ٿيو هو، تڏهن ڪيترن صاحبن ائين سمجهو هو ته منجهس نورجهان جو سچو تاريخي احوال ڏنو ويو آهي، پر ائين هرگز ناهي. البت بنياد تاريخ تي ٻڌل اٿس، ۽ اصل حوالا، جهڙوڪ تاريخ فرشته، منتخب التواريخ، اقبال نامه، تزڪ جهانگيري، ٽاڊ صاحب جو راجستان، ۽ سردار جوگيندر سنگهه وارو نورجهان نظر مان ڪڍيا ويا آهن، پر تڏهن به انهن مڙيني ڪتابن مان ڪنهن هڪ جي به مضمون ۽ طرز جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي. پڙهندڙن جي وس ۽ مزي لاءِ، ڪيتريون ئي ڳالهيون مغز مان ڪڍي، پيش ڪيون ويون آهن. حقيقت ۾، هن ڪتاب کي هڪ تاريخي ناول يا فسانو ڪري سمجهڻ گهرجي، ۽ نه نورجهان ۽ جهانگير جي سچي سوانح عمري.

سرشٽيءَ جي نرمل نظارن جا داستان، قدرتي ۽ انساني حسن جي جلوي جون حڪايتون، مجلسن ۽ محفلن جي رونق جون روايتون، جي ڪتاب ۾ جاءِ بجاءِ نظر اينديون، سي اڪثر من گهڙت آهن.

آءٌ پنهنجن مشفق دوستن ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽه ۽ پروفيسر شفيع محمد قريشيءَ جو نهايت شڪر گذار آهيان، جو هنن صاحبن مهرباني فرمائي هي ٻيو ڇاپو نظر مان ڪڍي، گهڻيئي لفظي ۽ اصطلاحي ڦير ڦاريون ڪيون آهن؛ ۽ پڻ ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون آهن.

 

ڪراچي، 25 مارچ 1930ع. هوتچند مولچند گربخشاڻي.

 

نورجهان

(1)

بابر بادشاه هندستان تي فقط چار سال حڪومت ڪئي، پر اُنهي ٿوري عرصي ۾ ئي هن رعيت جي سهنج لاءِ ڏاڍا بندوبست رکيا. هنڌ هنڌ نهرون کڻايائين، باغ پوکارايائين ۽ ماڻهن جي آمدرفت لاءِ پڪا رستا ٺهرايائين. اُنهن رستن مان سڀکان وڏو رستو جو ٺهرايائين سو هو آگري کان وٺي ڪابل تائين. اهو اڄ ڏينهن تاءِ قائم آهي. رستي جو گهڻو حصو بلڪل هيبت ناڪ ويران ٽڪرن وچون آهي. ڪٿي ڪٿي ته وري سهڻيون ماٿريون آهن، جي اَنار ۽ انگور سان پيئون ٻهڪن، ۽ سنهڙن نازڪ اکروٽ جي وڻن سان ڇانيل آهن. پر گهڻو ڪري سڄو رستو ائين پيو ڏسجي جيئن ڪنهن ڦٽل ماڙيءَ جا ڏاڪا: ڪي ڊٺل ته ڪي سالم. انهن ڀيانڪ ۽ اُتاهين ٽڪرين مان، سترهينءَ عيسوي صديءَ جي اوائل ۾، نو بهار جي ڏينهن ۾، هڪ مرد ۽ زال ڍڳو ساڻ ڪيو، آهستي آهستي چرندا پئي ويا. مرد جي منهن مان نهايت نراسائي معلوم ٿي ٿئي. نڪي قد ۾ ڊگهو هو، نڪا شڪل اهڙي موچاري هيس؛ مگر شان ۽ شايستگيءَ جي اُهڃاڻ منجهس مئو هئا. ڪپڙا ليڙون ليڙو ٿي ويا هئس، پر تڏهن به سندس ڪشاديءَ پيشانيءَ جنهن تي پريشانيءَ جا گهنج پيل هئا، سنديس سفيد چمڙيءَ جا سج جي گرميءَ سبب البت اُٻاٽجي ويئي هئي، ۽ سندس ڊگهن زلفن جي ڪلهن تي پئي لٽڪيس، تن مڙني ائين پئي لکايو ته ڪو وڏو خاندان آهي. عورت جا ساڻس هئي، سا سنديس زال هئي. قد ۾ ڊگهي، اکيون نرگس جهڙيون نشيدار، چهرو چنڊ جهڙو جنهنجو اصلوڪو گلابي رنگ ڳڻتي ۽ فڪر کان ڪومائجي ويل ٿي ڏٺو، نڪ عقاب جي چهنب جيان ڊگهو ۽ سنهو: مطلب ته سمورو بدن نهايت ڊولائتو ۽ رونق دار هوس. ڍڳي تي سوار ٿيل هئي. مسافريءَ جي ٿڪ سببان بلڪل بيحال هئي، پر صبر ۽ شڪر پئي ڪيائين. نيٺ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ مڙس کي چيائين ته ”مونکان هينئر وڌيڪ هليو نٿو ٿئي ۽ ڍڳي تي سواري ڪرڻ کان بيزار آهيان.“ مڙسس چيس ته ”پياري! همٿ جهل. اجهو پريان ماٿر پيئي ڏسجي، جتي مينديءَ ۽ انگور جا منهن بيٺا آهن ۽ نهر به پيئي وهي. ويجهئي ڇڪ ۾ ضرور ڪو ڳوٺڙو هوندو، جتي رڙهي هلي ڪنهن جا مهمان ٿي لهنداسين. دل نه لوڙهه؛ ڌڻي اسانکي ڪين ڇڏيندو.“ پر زال نهايت ڏک ڀريل آواز سان چيو ته ”مون منجهه هاڻ رتيءَ جيتري سگهه به نه رهي آهي. پيار، جنهن جي ڏڍ سان هي سڀ ڏک ڏاکڙا ۽ ڳڻتيون پئي سٺيون اٿم، تنهن ۾ به هينئر ڪا طاقت ڪانهي جو منهنجو درد دفع ڪري سگهي. هاڻي مون تي هڪڙي مهرباني ڪر: مونکي هت ڇڏي، تون ڪاهه ماٿر ڏي ۽ وڃي ڪو بلو ڀيڻي ڪر. جي اڄ رات ئي موٽي سگهين ته تمام چڱو، نه ته سڀاڻي ورج. اوسيتائين جي آءُ جيئري رهيس ته واهه، نه ته اچ ته اڳو پوءِ موڪلائي ڇڏيون.“

ڳچ مدت کان ويم جا سُور پئي ٿيس، پر انهن تي غالب رهندي پئي آئي ته متان مڙسس کي ڪنهن قسم جو فڪر ٿئي. پر هاڻ جو هن کان اڳو پوءِ جي موڪلاڻي ڪري ٿي ڇڏيائين، تنهن ڳالهه جي خيال ئي باقي رهيل همٿ هاري وڌيس، ۽ غشيءَ ۾ اچي هن جي ٻانهن تي ڪري پيئي. مڙس، جنهن جو نالو غياث بيگ هو، سو اڳ۾ ئي سُورن جو ستايل هو؛ ويتر زال کي هن حالت ۾ ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. پر دل ڏاڍي ڪري، کيس ڀاڪر ۾ کڻي، اچي هڪ وڻ جي ڇانوَ هيٺ نرم گاهه تي سمهاريائينس ۽ چوڻ لڳو ته ”بس، هاڻ هن جهان ۾ جيئڻ جو ڪهڙو سود؟ منهنجي پياري زال، جنهن پنهنجي محبت سان منهنجي حياتي روشن ٿي ڪئي، جنهن درد ۽ غم جي اونڌاهيءَ ۾ مون لاءِ سوجهرو ٿي ڪيو، ۽ جنهن پنهنجيءَ پاڪ دامنيءَ ۽ نيڪ اخلاق جي سڳنڌ سان پئي مونکي واسيو، سا جڏهن رضا ڪرڻ تي آهي تڏهن منهنجو جيئڻ اجايو آهي.“ ائين چئي، نزديڪيءَ ۾ جو هڪ ننڍو چشمو هو، تنهن ڏي ڊوڙيو، ۽ اُتان ٻڪ پاڻيءَ جو کڻي، اچي زال جي منهن تي ڇٽياءِ، ۽ سندس اُساٽيل چپن کي آلو ڪيائين. پوءِ پيرن تي ٿڌڙا ڪڍي، نهايت نرم ۽ پيار گڏيل آوز ۾ ليلڙاٽيون ڪري چوڻ لڳس ته ”پياري! مونکي ائين نه ڇڏي وڃجانءِ. تو کانسواءِ حياتي زهر آهي، خاص ڪري هن سختيءَ جي وقت ۾.“ ڳچ وقت تاءِ پئي آزيون نيازيون ڪيائينس، پر کٿو ڪي ڪين. ڳراٽڙيون پائي، نهايت قرب سان وري وري پئي چيائينس ته ”پياري! ڪجهه ڳالهاءِ ته سهين.“ اهڙي اڪنڊ هوند پٿرن کي به ڀڃي ڀورا ڪري وجهي ها. ڳچ مدت تاءِ نه بيبيءَ جي وري هوش ۾ اچڻ جي ڪابه اميد ڪانه ٿي ڏٺي. پر آخر اڌ اکيون کولياءِ. غياث بيگ جو منهن ئي ٽڙي پيو ۽ چياءِ ته ”اي منهنجي جان جي جان ۽ روح جي راحت! هاڻ ڪيئن ٿي ڀانئين؟“ بيبيءَ ڪنڌ مٿي ڪري، مشڪي جواب ڏنس ته ”هاڻ البت سکر آهيان.“پر هنجو ائين چوڻ ۽ سُورن جو وري جاڳڻ. ڪلاڪ ڏيڍ ته اهڙا سور ٿيس جو ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ بنان ٻي وائي نه ورايائين. غياث بيگ آسرا ۽ اميدون لاهي ڦٽا ڪيا. ڌڻيءَ کي ٻاڏائڻ آخري حيلو سمجهي، گوڏن ڀر ڪري سجده ڪيائين ۽ واحد کي وينتي ڪري چيائين ته ”سٻاجها سائين! اسان مسڪينن تي رحم ڪر: هن اڀاڳڻ جا بند خلاصا ڪر ۽ درد کان ڇڏائينس.“ دعا پنندي پاڻ به غشيءَ ۾ اچي ويو. وري جڏهن سامت ۾ آيو ته ڇا ڏسي ته بيبيءَ جا سُور بند ٿي ويا آهن ۽ سندس گود ۾ هڪ نئون ڄاول ٻار پيو آهي. ڀانيون ٿا ته اهو ٻار ڪير هو؟ اِها هئي مشهور نورجهان، جا ڄائي اهڙي سڃي ۽ ڀيانڪ بيابان ۾. غياث بيگ ڏسو ته خوشيءَ ۾ به پيو ماپي ۽ مستانن وانگي پيو نچي. پريان جو چشمو هو، تنهن ڏي ڊوڙي زال واسطي پاڻي آڻڻ لاءِ سنڀريو، پر سج اُلهڻ تي هو، تنهنڪري وڃڻ جي نه ڪياءِ. ڏاڍي انتظار ۾ هو ته زال کي ڪئن بچايان. حال ڀاڪر ۾ کڻي، ڪري ڍڳي تي چاڙهيائينس. هڪڙي هٿ ۾ کنيائين ٻار، ٻئي هٿ سان زال کي جهلو ڏيندو، اڳتي وڌيو. ٿوريئي عرصي ۾ زالس ڍڳي تان ڪري پيئي، ڇاڪاڻ ته منجهس ايتري سگهه نه هئي جو اهڙي آڌار سان سواري ڪري سگهي. غياث بيگ خيال ۾ پئجي ويو ته هاڻ ڇا ڪريان: جي ٻار جي ٿو ڪريان ته زال ٿي وڃي، ۽ جي زال جي ٿو ڪريان ته ٻار ٿو سهسائڻون پوي. نيٺ دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪياءِ ته ٻار کي کڻي ٿو الله جي آسري اِتي ڦٽو ڪريان. لاچار کي ڪهڙو آچار. پوءِ پنهنجو ڪڙتو لاهي ٻار کي اُن ۾ ويڙهي، ڪري هڪ وڻ هيٺان رکيائينس. پوءِ زال کي ڀاڪر ۾ کڻي، ڍڳي تي چاڙهي، وري پنڌ پيو. ويچاري ماءُ هيءُ رنگ ڏسي ماندي ٿي ويئي. مڙس کان پڇيائين ته ”منهنجو ٻار ڪٿي؟“ غياث بيگ جنهنجي اندر ۾ وويڪ جا وڍ اڳيئي پئي پيا، تنهن هن جو سوال نٽائي چيو ته”پياري! تون بي مزي آهين، هل ته تڪڙا هلون.“ پر بيبيءَ چيس ته ”اول ٻڌائينم ته ٻار کي ڪيڏانهن ڦٽو ڪري آئين؟“ جواب مليس ته ”ٻار سلامت آهي، تون پاڻکي پريشان نه ڪر.“ پر بيبي زار زار روئڻ لڳي. غياث بيگ جي دل ڀڄي پيئي، ۽ پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيو، زال کي چيائين ته ”مونکي معاف ڪج، تنهنجي بچائڻ لاءِ ٻار کي کڻي ڦٽو ڪيم، وري وٺيو ٿو اچانس. پوءِ جيڪڏهن چٽ ٿي وياسين، ته مڙيئي گڏ.“ ائين چونديئي، ساڳيا پير وٺي پٺ تي موٽيو، ۽ ٻار کي هنج ۾ کڻي، ڪري ڇاتيءَ سان لاتائينس. ماءُ ٻار کي ڏسي ٽڙي بهار ٿي پيئي. في الحال سڀ گوندر غم وسري ويس. ٻار کي کڻي ڪوڏائڻ لڳي. غياث بيگ هي حال ڏسي چيو ته”جيڪر ڪو ڪجائو هٿ لڳي ته زال ۽ نياڻيءَ کي چاڙهي وڃي ڪنهن ويجهي مسافرخاني ۾ آسايش ڪجي.“ هن اڃا ائين چيو ئي ڪين ته پٺيان هڪڙي ماڻهوءَ جي آواز جو ڪن تي پڙلاءُ پيس، جنهن چيس ته ”دل نه لوڙهه، جنهن خدا هيءُ معصوم خلقيو آهي، سو سندس سلامتيءَ جو به ضرور ڪو بندوبست ڪندو.“ غياث بيگ وائڙو ٿي ويو. ڀانيائين ته ڪو فرشتو سندس سخت حال تي رحم آڻي، آسمان مان لهي آيو آهي. منهن ورائي ڏسي ته هڪڙو ماڻهو اُٺ تي چڙهيو پيو اچي. شڪل شاندار هيس ۽ بلڪل قداور هو. ڏاڙهيءَ جو رنگ سفيد هوس ۽ بدن تي هڪ ڊگهو سائي رنگ جو پهران پيل هوس. غياث بيگ ڀانيون ته شايد خواجه خضر خدا تعاليٰ وٽان سندس مدد لاءِ آيو آهي. واڪو ڪري چيائينس ته ”مهربان سائين! خبر نٿي پويم ته توهين آهيو ڪير، مگر توهان جو هن وقت اچي هت حاضر ٿيا آهيو، سا ڳالهه مونکي اميدن سان ڀرپور ٿي ڪري. يقين اٿم ته اسانجي واهر ڪري، اسان کي هن نهايت پريشانيءَ جي حالت کان بچائيندا.“ مسافر اُٺ تان لهي پيو ۽ چياءِ ته ”منهنجو نالو ملڪ مسعود آهي. آءٌ هڪڙي قافله جو اڳواڻ آهيان. اهو قافله هن طرف پيو اچي آءٌ سڀني کان اڳڀرو نڪري آيس ۽ هن رستي تي هڪ وڻ هيٺ ويٺي آسايش ڪيم. اوچتو تنهن جي زال جون فريادون ڪن پيم. انهن منهنجو ڌيان توهان ڏي ڇڪايو. مون توهان جي سختيءَ جو سربستو احوال وٺي ڏٺو. آءٌ هوند هڪدم توهانکي مدد ڏيڻ لاءِ اچان ها، پر انديشو ٿيم ته متان اهڙي نازڪ وقت ۾ منهنجو اوچتو اچڻ توهانکي ناشايستو يا نامناسب ڏسڻ ۾ اچي، انهيءَ ڪري لاچار ترسي پيس. آءٌ نجومت مان البت ڄاڻان. جڏهن توهانجي نياڻي ڄائي، تڏهن مون سندس ويلا ورتي. ههڙين حالتن ۽ ههڙن بيابانن ۾ هنجو ڄمڻ مونکي هڪ بلڪل عجيب واقع ڏسڻ ۾ آيو، سو آءٌ يڪدم سندس تقويم ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويس. انهيءَ ڪم ۾ اهڙو ته محو ٿي ويس جو مونکي توهانجي بلڪل يادگيري لهي ويئي، ۽ سماءُ ئي ڪونه پيم ته ڪو توهين اُتان اُٿي پنڌ پيا آهيو. شايد آءٌ اڃا به اُنهيءَ جاءِ تي ئي ويٺو هجان ها، پر منهنجا ماڻهو اچي مٿان سهڙيا. هاڻي، منهنجا دوست! تون ڪنهن به قسم جو خيال نه ڪر. آءٌ توهانجي آرام ۽ آسايش جو اِجهو ٿو خاطر خواه بندوبست ڪريان. اُونده ٿيندي ٿي وڃي، چڱو ائين آهي ته تڪڙا هلون. آءٌ پنهنجي اُٺ تان پاکڙو لاهي، مٿس ڪجائو رکي، توکي ۽ تنهنجي زال کي چڙهڻ لاءِ ٿو ڏيان؛ پر سواريءَ مهل هنن اُڀين ٽڪرين جو ڌيان ڪجو، متان ساڻن لڳي ڪري نه پئو.“ غياث بيگ گوڏن ڀر ڪري، خدا جا شڪرانا ڪيا، ۽ اُٺ تي ڪجائو رکي زال ۽ ڌيءُ کي هڪ خاني ۾ وهاري، پاڻ ٻئي ۾ چڙهي، وري وري ملڪ مسعود جي شڪر گذاري ڪرڻ لڳو. ملڪ مسعود چوڻ لڳس ته ”تون ايتري شڪر گذاري ڪري پاڻ مونکي شرمندو ٿو ڪرين. آءٌ ته توسان فقط اهڙا پير ٿو ڀريان جي جيڪر تون خود ڀرين، جي آءٌ تو جهڙي حالت ۾ اچي وڃان. آءٌ ڀانيان ٿو ته تون پٺاڻ آهين ۽ منهنجو هم وطني.“ غياث بيگ جواب ڏنس ته ”نه، آءٌ ايراني آهيان.“ تنهن تي ملڪ مسعود چيو ته ”ڏسڻ ۾ ته خانداني ٿو اچين. ڪهڙي سبب کان هنن بر پٽن ۾ اڪيلي مسافري اختيار ڪئي اٿيئي؟“ غياث بيگ اکيون هيٺ ڪري جواب ڏسن ته ”آءٌ اصل خانداني آهيان منهنجي حياتيءَ جي احوال مان جڏهن واقف ٿيندين، تڏهن اُميد اٿم ته هيڪاري وڌيڪ همدردي ڪندين. مشهور خواجه محمد شريف، جو شاهه محمد خان  تڪلو ايران جي بادشاهه جو وڏو وزير هو، سو منهنجو پيءُ هو. جڏهن شاهه محمد خان تڪلوُءَ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند، شاه طهماسپ، ايران جو حاڪم ٿيو، تڏهن منهنجو پيءُ وزيراعظم جي عهدي تي قائم رهيو. پيءُ جي رضا ڪري وڃڻ کانپوءِ، آءٌ ’وزير امور خوارجہ‘ جي عهدي تي مقرر ٿيس. پر منهنجي پيءُ جا گهڻا دشمن هئا. مون به گهڻو سک ڪونه ڏٺو. بادشاهه ۾ گهڻو ٽپڙ ڪونه هو: بلڪل ڦلهڙو ۽ ليلهڙ هو. سڄو ئي درٻارين جي هٿ ۾ هو، جن ڪوڙن ۽ بيهودن افواهن سان پئي ڪن ڀريس. بادشاه قوي دل ۽ دماغ وارو هجي ها، ته جيڪر انهن درٻارين جي ڪوڙن منصوبن کي پيو پڄان ها؛ پر منجهس ڪابه حشمت ۽ همٿ نه هئي. انهيءَ ڪري بابي جا دشمن مون کي آزارڻ لڳا. جڏهن ڏٺائون ته مونکي ڪو هاڃو پهچائي نٿا سگهن. تڏهن منهنجي مارڻ جي سٽيائون. مگر سندن منصوبو ظاهر ٿي پيو. پر بادشاهه مٿن ڪارروائي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو. آءٌ به اچي اهڙو ملول ۽ عاجز ٿيس، جو پڪو پهه پچايم ته ايران ترڪ ڪري، وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وطن اختيار ڪريان. نيٺ هڪ اونڌاهيءَ رات طهران مان نڪري پيس. ٻه چار نوڪر به ساڻ ڪيم.، پر بدنصيبيءَ قدم قدم تي پئي ستايم. اڃا ايران جي سرحد ئي ڪين لنگهيو هوس ته هڪ پٺاڻ ڦورن جي ٽولي اچي ورايم؛ ۽ جيڪي به قيمتي شيون، غلام وغيره ساڻ هئم، سي سڀ ڦري اُٿي ڀڳا. باقي اچي بچياسين آءٌ ۽ منهنجي زال ۽ هيءُ ڍڳو.“

ملڪ مسعود پڇيو ته ”ڀلا هاڻي ڪيڏانهن رخ اٿيئي؟ هن ملڪ ۾ تنهنجو ڪو دوست يا ڏيٺي آهي؟“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”افسوس! اهڙو ڪوبه ڪونهي. پر رخ ته هندستان ڏي رکيو اٿم. بادشاهه به سانڊي مثل آهن: ذري ذري پيا رنگ بدلائين. ڪٿي آهي جرائت مون مسڪين کي، جو اڪبر اعظم جي تخت کي اوڏو وڃي سگهان؟ پر تنهن هوندي به آرزو اٿم ته وڃي حضور اعليٰ جي تسليم ڪريان. هڪ ڪري منهنجو مٿس حق به آهي. جڏهن همايون بادشاهه، اڪبر جي پيءُ، شير شاه سوريءَ کان شڪست کاڌي هئي، تڏهين اچي طهران ۾ پناه ورتي هئائين. منهن جي پيءُ سندس بلڪل گهڻي خاطري ڪئي هئي؛ ۽ همايون اهڙو ته منجهانس خوش ٿيو هو جو کيس آفرين ناما عطا ڪيا هوائين. ازان سواءِ انجام ڪيو هئائينس ته ’جي وجهه مليم ته توکي لائق انعام ڏيئي، تنهنجن مهربانين جا ٿورا لاهيندس.‘ هاڻ آءٌ اڪبر وٽ مراد پائي ٿو وڃان ته من بابي جي حسن خذمتيءَ جي عيوض مونکي ڪا مشغولي ڏئي. جي ائين ڪيائين ته جان جيئرو هوندس تان سندس احسانمند رهندس.“ ملڪ مسعود دلداري ڏيئي چوڻ لڳس ته ”بادشاهه تنهنجي لاءِ ضرور ڪونه ڪو بندوبست ڪندو. آءٌ درٻاري آهيان، ۽ توکي ساڻ وٺي، هلي بادشاهه وٽ پيش خدمت ڪندس.“ ملڪ مسعود جو اهڙو لطف ۽ لياقت ڏسي، غياث بيگ جو من ڀرجي آيو. اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيس ۽ زبان مان ڳالهائڻ نه اڪليس. آخر چياءِ ته ”اڄ تو مونتي اهڙي مهرباني ڪئي آهي، جو عمر نه وساريندس. مون ۾ ڪا طاقت ڪانهي، پر ڌڻي جو بيوسيلن جو وسيلو ۽ ڪل نعمتن جو نازل ڪندڙ آهي، سو توکي انهيءَ ڀلائيءَ جو اوس اجورو ڏيندو.“ پوءِ ملڪ مسعود هڪ ڪتابن جي ڳٺري خرزين مان ڪڍي، ۽ هڪ ننڍو شمعدان ٻاري، غياث بيگ کي چيو ته ”مونکي هاڻ ٿورو وقت معاف ڪج. تنهنجي نياڻيءَ جي تقويم اڃا برابر تيار نه ڪئي هيم. مرضي اٿم ته هاڻ ختم ڪريانس. مونکي ڏاڍي هرکر ٿي بيٺي آهي ته ڇوڪريءَ کي ڪهڙو بخت لکيل آهي: ڇاڪاڻ ته سندس ڄم بلڪل عجيب حالتن هيٺ ٿيو آهي.“ ائين چئي، هڪ ڪاغذ جو پرچو ڪڍيائين، ۽ ڪي ڪهنا ڪتاب مطالع ڪري، مٿس عجب قسم جا اکر ۽ انگ لکڻ لڳو. تڏهن تقويم ٺاهي راس ڪيائين، تڏهن حيرت جهڙي آواز ۾ پڪاري چياءِ ته ”واکاڻ هجي خدا تعاليٰ کي جنهن اهڙو ٻار خلقيو. هيءَ نياڻي ته وڏي راڻي ٿيندي، ۽ ملڪان ملڪ حڪمراني ڪندي.“ غياث بيگ هي لفظ ٻڌي، وائڙو ٿي ويو. ملڪ مسعود چيو ته ”دوست، تون ڀانئين ٿو ته آءٌ جيڪي چوانٿو، سو واهيات آهي، پر نه. مون بلڪل پوري ويلا ورتي آهي. يقين ڄاڻج ته منهنجي پيشينگوئي تمام صحيح آهي.“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”سائين! پاڻ ٿو ڀلائين. تون ڀانئين ٿو ته اهڙي پيشينگوئي مون جهڙي نا اُميد کي اُميدن سان پر ڪندي. پر منهنجي نظر ۾ نجومت جو علم نسورو ڪوڙ آهي. بابو نجومت جو قائل هو ۽ هردم چوندو هوم ته ’پٽ، تنهنجو ستارو ڏاڍو بلند آهي. پر آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته سندس اِهو خيال خام هو، نه ته جيڪر ههڙو در بدر ٿي، هنن بيابانن ۾ ڪين پيو پنندو وتان ها.“ ملڪ مسعود نجومت جي مسئلن ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو هو، جو غياث بيگ جي وراڻي ٻڌي اَڻ ٻڌي ڪري چياءِ ته ”ناهيد ستارو، جو نينگر جي بخت جي باري ۾ سڻائو آهي تنهنجو نيڪ اثر زحل جي شامت کان البت گهٽجي ويندو: نتيجو اهو نڪرندو جو محبت جي گهر  قدري خلل رسندو، پر آخر ناهيد جي فتح ٿيندي. گهڻي ۾ گهڻو، نينگري ٿورو سخت وقت ڏسندي، جنهن کانپوءِ بخت ويندس بالا ٿيندو، ۽ عزت ۽ آبرو وينديس وڌندي. منهنجي صلاح آهي ته مهرالنسا نالو رکونس.“

ائين ڳالهيون ڪندا، اچي مسافرخاني کي ويجهو رسيا، جتي هر طرح جي آرام ۽ آسايش جو اسباب موجود ڪيو ويو هو. غياث بيگ ۽ سندس زال، جي هيترن ڏينهن جا دربدر ٿيل هئا، سي وري اچي البت آرامي ٿيا.

(2)

ملڪ مسعود ٻه هفتا کن مسافرخاني ۾ ڊاٻو ڪيو، انهيءَ مراد سان ته ڀل ته غياث بيگ ۽ سندس بيگم ساهه کڻن. جڏهن بيگم تازي تواني ۽ سگهي ٿي، تڏهن وري مسافري شروع ڪيائون. روز صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ، ۽ شام جو شفق کانپوءِ، سواري ڪري ’۽ سوليون منزلون هڻي، هڪڙي ڏينهن پرڀات جو اچي لاهور ۾ وارد ٿيا. شهر جي گهٽين ۽ محلن مان لنگهندي، غياث بيگ کي ماڻهن جي منهن مان سرهائي پئي معلوم ٿي. ڳڀروُ جوان برف جهڙا سفيد ڪپڙا پهري، مجموعا ڪيو، مينديءَ رتڙن هٿن سان گلال اڏائيندا، گلن ڦلن جون ورکائون ڪندا، سرهي پاڻيءَ جون پچڪاريون هڻندا، پان جا ٻيڙا چٻاڙيندا، ٺينگ ٽپا ڏيندا، ٽهه ٽهه ڪري کلندا ڪڏندا پئي آيا ويا. گهر گهر مان مٺا من موهيندڙ آلاپ پئي آيا. شاهي خاندان جا جنگي جوان ۽ غلمان زربفت جا لباس ڍڪيو، تذرو وانگي ناز نخرا ڪندا، پير پير ۾ کڻندا، ٽپ ٽپ تي بيهندا، رؤنشا ڪندا پئي ويا. اميرن ۽ نوابن جي گاڏين، گهوڙن ۽ پالڪين جي ڌم لڳي پيئي هئي. هر هنڌ هل ۽ هلاچو، کل ۽ چرچو، شان ۽ شوڪت، تجمل ۽ توانائي پئي نظر آئي. غياث بيگ چوڻ لڳو ته ”واه واه! هي ته ڪو عجب شهر آهي. ماڻهو ڪهڙا نه آسودا ۽ خوش مزاج آهن!“ ملڪ مسعود وراڻي ڏني ته ”اڄ هولي ۽ نوروز ٻئي اچي گڏيا آهن، ماڻهو خوشيون انهيءَ سبب ٿا ڪن. پاڻ به هت چڱي وقت تي اچي نڪتا آهيون. اڪبر بادشاه سڀاڻي درٻار ڪندو، جتي آءٌ توکي وٺي، هلي پيش خذمت ڪندس.“

ملڪ مسعود جي پهچ جي خبر سندس گهر وڃي پهتي هئي، جنهن تي هنجي مٽن مائٽن ۽ نوڪرن چاڪرن جو هڪ وڏو انبوه هنجي استقبال ۽ مرحبا لاءِ اچي ڪٺو ٿيو هو. اُٺ تان لهي، سڀن سان کيڪاري، غياث بيگ ۽ زالس کي وٺي، گهر اندر گهڙيو، جتي روپا حقا ۽ پان سوپاري هڪيا هوا. وزم پاڻي ڀري، تازا توانا ٿي. ملڪ مسعود غياث بيگ ۽ زالس کي آڻي اچي هڪڙي ڪشادي سينگاريل ڪمري ۾ ٿانئيڪو ڪيو، ۽ چيائين ته ”هي صندوقون، جي هت رکيل آهن، تن ۾ هر طرح جو اسباب توهان لاءِ مؤجود رکيو ويو آهي. لائق ڪري هيءُ مڪان پنهنجو سمجهي، بنا حجاب مؤجون ڪريو.“ ائين چئي، ملڪ مسعود موڪلائي ٻاهر نڪتو. غياث بيگ پيتيون کولي ڏسي ته طرح طرح جي ريشم ۽ زربفت جي پوشاڪن، مردانين توڙي زنانين سان سٿيون پيئون آهن.

ٻئي صبح جو غياث بيگ ملڪ مسعود سان گڏجي هڪ عاليشان گاڏيءَ ۾ چڙهي، درٻار ڏانهن راهي ٿيو. ٻنهي کي نهايت عمدي ۽ جلويدار پوشاڪ پيل هئي غياث بيگ انهيءَ لباس ۾ اهڙو شاندار ٿي لڳو جو ڄڻ ته ڪو اَمير يا نواب آهي. واٽ تي جي دڪان ۽ گهر هئا، تن مٿان وائنٽيون پئي وَر ڪيون. راجپوت راجا ۽ مغل مير پربت جيڏن هاٿين تي سوار هوا، انهن اڳيان چوبدار سونيون چوبون ڦيرائيندا، ’دور باش دور باش!‘ ڪندا پئي هليا. مطلب ته اهڙو لقاءُ لڳو پيو هو جو غياث بيگ ڪو ورلي ڏٺو هوندو. پر شهر لنگهي، جڏهن شاهي قلعي ۾ پهتا، تڏهن ته اهڙو چهچٽو نظر آين جو بيان کان ٻاهر. قلعي کي کڻي ڪيمخاب سان سينگاريو هئائون؛ تنهن تي وري جي سج جا روشن ترورا پئي پيا، سو ته هيڪاري پئي ٻهڪيو. هنڌ هنڌ سهڻا تنبو کڙي ويا هئا، جن جي سونهري قبن سج وانگر پئي جهلڪا ڏنا. غياث بيگ ۽ ملڪ مسعود اڃا اندر گهڙيائي ڪين ته نؤبت خاني مان نغارن جو آواز آيو، جنهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڪنهن وڏي جلسي جو سعيو آهي.

اڪبر بادشاه ٺهرايل وقت تي اچي، تخت تي چڙهي بيٺو. هڪدم بندوقن جي ٺاٺا ۽ توبن جو ڌڌڪو مچي ويو. درٻار عام جا دروازا کلي ويا ۽ سارو مجموعو اندر لنگهي پيو. اَمير ۽ اُمرا، نواب ۽ راجائن، ڪرش ڪري، پنهنجي پنهنجي مرتبي موافق جايون والاري ويٺا. بادشاه جي کاٻي هٿ شهزادو سليم ويٺل هو. اڃا ٽن ورهين جي ڄمار جو مس هو: منهن جو موچارو، وار ڀوري رنگ جا، اکيون ڀؤنرن جهڙيون. ڪنن ۾ سونيون واليون پيل هيس، ڇاڪاڻ جو شيخ سليم چشتيءَ جو ڏنل هو. اِهي واليون اُنهيءَ وليءَ جي ٻانهپ جون نشانيون هيون. تخت جي ساڄي پاسي حڪيم اَبو اَلفضل وزيراعظم بيٺل هو ۽ سندس ڀر ۾ ڀاڻس فيضي شاعر. لاڳيتو هٺيلا راجپوت راڻا کڙا هوا، جن هڪ هٿ سان مڇون پئي مروڙيون ۽ ٻيو هٿ ترار جي هٿئي تي پئي ڦيريو. شڪل ۾ شوخ جهڙا شينهن، ۽ ائين پئي لکايائون جو ڄڻ ته شڪار جي لاءِ آتا آهن. ٻئي طرف درٻارين جون صفون لڳيون پيئون هيون، جن اڪبر جي گفتي گفتي تي وڏي ڪنڌ ڌوڻ ۽ ڏاڙهيءَ لوڏ پئي ڪئي. تخت جي پٺيان نقيب ۽ خذمتگار بيٺل هوا، جن اَميرن ۽ راجائن جا نالا ۽ لقب پئي پڪاريا. جڏهن سڀيئي سجدو ڪري، نذرانا ڏيئي رهيا، تڏهن ملڪ مسعود غياث بيگ کي وٺي، اڳڀرو وڌيو، ۽ تخت اڳيان گوڏا کوڙي، سلام ڪيائين. جڏهن اڪبر جي مٿس نظر پيئي، تڏهن گهڻي قرب سان چيائينس ته ”نيٺ موٽي آيو آهين؟ اسين توکي ڏاڍو ياد پيا ڪندا هئاسين. هاڻ بلڪل خوشي ٿي اٿئون جو وري اچي گهر  ڀيڙو ٿيو آهين.پر ٻڌاءِ ته هيءُ ڪير آهي؟“ ملڪ مسعود وراڻي ڏني ته ”حضور جو اِقبال زياده هجي! اوهانجي هن خير خواه غلام حجت رکي، هڪ ايراني اَمير کي ساڻ آندو آهي. نالو غياث بيگ اٿس: مرزا محمد شريف، جو شاه طهماسپ ايران جي شهنشاهه جو وڏو وزير هو، تنهنجو پٽ آهي. جڏهن حضور جن جي والد شريف ايران کي پنهنجن مبارڪ قدمن سان مشرف ڪيو هو، تڏهن مرزا محمد شريف هنجي خاص خذمتگاريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. حضور مرحوم منجهانئس ايترو ته خوش ٿيو، جو مٿس گهڻيئي اِنعام اڪرام عطا ڪيائين، ۽ پڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان پروانا لکي ڏنائينس. جيئن پرواني کي شمع جي ڪشش ٿيندي آهي، نئن هيءُ به حضور جن جي منور محراب تي، پاڻ فدا ڪرڻ آيو آهي.“ هي حرف ٻڌي، اڪبر ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ غياث بيگ ڏي منهن ڪري، چياءِ ته ”جناب، ڀلي آيا. اوهانجي والد شريف جو اسانجي والد مرحوم تي مهربانيون ڪيون، سو اسان جو فرض آهي ته اوهان سان چڱا پير ڀريون.“ ائين چئي، اَبو اَلفضل ڏي اِشارو ڪياءِ، جنهن هڪڙي خذمتگار کي چيو ته ”وڃي هڪ خلعت کڻي اچ.“ غياث بيگ کي خلعت ڏيئي، اَبو الفضل چيو ته ”حضور اعليٰ جي مرضي آهي ته توهين سندس خاص خذمتگارن جي سلسلي ۾ داخل ڪيا وڃو.“ غياث بيگ مٿو لئڙائي، گهڻي اَدب سان چيو نه ”اي رحمدل ۽ عال شهنشاه، بندي کي ڪهڙي طاقت آهي جو حضور جي مهربانيءَ جا شڪرانا بجاءِ آڻي سگهي يا حضور جي تعريف ڪري سگهي؟ نه رڳو اِنسان، پر ملائڪ به توهانجي مدح پيا ڪن، ۽ سج به توهانجي حڪم جو محتاج آهي.“ ائين چئي، سجدو ڪري، پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو.

ٿوري وقت کانپوءِ، اڪبر اٿي ڀر واري ڪمري ۾ آيو، جتي کيس ساهميءَ ۾ تورياءٌ. هڪڙي پڙ ۾ پاڻ ويٺو ۽ ٻئي پڙ ۾ سندس تور جيترو سون وڌو ويو. اهو سون، ۽ جواهر جي اَميرن نذراني طور رکيا هئا، سي مٿانئس گهوري، غريبن کي خئرات ڏنا ويا. پوءِ بادشاه پنهنجن مبارڪ هٿن سان سونن روپن ڦلن ۽ سوپارين جي ورکا ڪئي، جي سڀ درٻاري وڏي چوڄ سان چونڊڻ لڳا. انهيءَ بعد اَڪبر اَبو اَلفضل جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيندو، سيڙهي چڙهي، بالا خاني ۾ آيو؛ ۽ اُتي چندن جي تخت تي چڙهي ويٺو. ماڻهن جا حشام، جي سندس ديدار لاءِ هيٺ منتظر بيٺا هوا، سي کيس ڏسي تاڙيون وڄائڻ لڳا. پوءِ پنجاه هزار هاٿي، ٻارهن هزار گهوڙا، اڪيچار شينهن، چيتا، واگهه، شڪاري ڪتا، باز وغيره، هڪ ٻئي پٺيان قطارن ۾ لنگهيا. اِتي شام ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ گهوڙي سوارن ۽ پيادن جو قواعدو ٿيو. کن ساعت بعد بادشاه محلات ڏي موٽيو.

پوءِ اَمير اُمرا، نواب راجائون ۽ ٻيا سڀ مهمان هڪ ٻئي سان خوش خيرعافيت ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ لڳا. قسمين قسمين جا سرها شربت پئي پيتائون، طرح طرح جا ميوا مٺايون پئي کاڌائون، ۽ هڪ ٻئي سان رهاڻيون پئي ڪيائون. ملڪ مسعود غياث بيگ کي مبارڪ ڏني ۽ چيائينس ته ”شال اِنهيءَ عهدي تي قائم هجين!“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”يار! آءٌ ته اهڙيءَ عزت جو لائق ڪين هوس. هي سڀ تنهنجي ئي مهربانيءَ ڪري آهي“ رات اچي سهڙي هئي. هاڻ وڌيڪ ترسڻ نامناسب سمجهي، غياث بيگ ۽ ملڪ مسعود وڃي گهر ڀيڙي ٿيا.

ٻئي ڏينهن صبح جو غياث بيگ وڃي پنهنجي نئي عهدي تي چڙهيو. ٿوري ئي عرصي ۾، پيش ڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هن جي چالاڪيءَ ۽ هوشناڪيءَ اَڪبر تي اَهڙو اَثر پيدا ڪيو، جو ٽن سالن بعد هڪ هزار گهوڙي سوارن جو مهندار ڪيائينس؛ ۽ پندرهن سالن اندر اعتماد الدونه جو عهدو ۽ لقب عطا ڪيائينس. اِنهيءَ ريت غياث بيگ جو هوند ڏکن ڏوجهرن کان هڪ ڀيانڪ رڻ پٽ ۾ ناس ٿي وڃي ها، سو ملڪ مسعود جي مهربانيءَ سان اڄ هندوستان جي چند ماڻهن مان ليکجڻ ۾ ٿي آيو. اڪبر جو مٿس اَرواح هو، ته راڻيءَ جو وري بيگم سان بي حد پيار هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org