(3)
اِنهن پندرهن ورهين ۾ مهرالنسا سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرسي ڪري ويئي
هئي. قد ۾ بلند ۽ نزاڪت دار مثل سرو سهيءَ جي،
منهن چوڏس جي چنڊ جيان گول ۽ سفيد، ڳل ڳاڙها جهڙا
گلاب جا گل، اکيون نرگس وانگر نشي دار، نڪ ڊگهو
جهڙو آمي جو ڦار، وات ننڍڙو غنچي جهڙو، چپ سرخ لعل
جهڙا، ڏند اَڇا جهڙا موتي، مطلب ته سندس هر هڪ
عضوي مان نئي نئي قسم جو حسن پئي بکيو. وار اَهڙا
سنها ۽ ڪارا هئس، جو ڄڻ ته مشڪ جون نارون آهن، سي
وري جو سندس سفيد سنگ مر مر جهڙن ڳلن تي پئي
لٽڪيا، تنمان ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ سج مٿان
پاڇو پيو پوي. چمڙي اهڙي هيس جو ڄڻ ته گلاب ۽
موتيو پاڻ ۾ ڳتا پيا آهن.
آگري واري قلعي ۾، سمن برج محلات جي نزديڪ، هڪ جاءِ هئي جنهن کي
مينا بزار ڪري سڏيندا هئا. اها اڄ ڏينهن تائين
بيٺي آهي. اُتي اَڪبر ۽ سندس راڻيون ڪڏهن ڪڏهن
ميلا ڪنديون هيون. اهڙن موقعن تي، شهزاديون ۽
اَميراڻيون رواجي سوداگرن وانگر دڪان کولي، هر طرح
جو مين جو سامان، هيرا، جواهر، موتي وغيره،
وڪڻنديون هيون. بادشاه ۽ راڻيون ساڻن سودا ڪنديون
هيون، ۽ عام خريدارن وانگر ذري ذري تي ريڙه پيڙه
ڪري، پائيءَ پائيءَ تي چچيون مارينديون هيون.
انهيءَ تي نازنين سهڻيون سوداگرياڻيون گيگ ملائي،
ڏمربيون هيون؛ ۽ چونديون هيون ته ”هل هل، مفت جو
مال ته ڪينهي. جتان سستي شيءِ مليئي اُتان وڃي وٺ.
لاه گوڙ.“ مطلب ته اهڙن ميلن تي هميشہ کل چرچو،
ٺٺولي ۽ مسخري ٿيندي هئي. هڪڙي ڏينهن صبح جو،
اَڪبر جي حرم خاني جون بيبيون مينا بازار واري چمن
۾ اچي گڏ ٿينديون هيون، ڇاڪاڻ جو اُنهيءَ ڏينهن
اهڙي قسم جو ميلو لڳڻو هو. اِهو چمن، جنهنکي
اَنگوري باغ ڪري چوندا هوا، سو حسن ۽ زيب جي آيت
هو. چئن ئي پاسن کان جي ٻارا هئس تن ۾ گلاب ۽
موتئي، سؤسن ۽ سمن، چمپڪ ۽ چنبيليءَ جي جهڳ مڳ لڳي
پيئي هئي. انهن مان جا خوشبوءِ پئي نڪتي، تنهن دل
۽ دماغ کي قؤت ۽ فرحت ٿي بخشي. سرو ۽ شمشاد جي
قطارن ۾ بيٺل هئا، تن ائين ٿي ڏيکاري ڏني جو ڄڻ ته
بلند قد حوُورون اُڀيون آهن. گلاب جي چڪين مٿان
بلبل جي لات پئي پيئي. وچ باغ ۾ جو حوض هو، تنهن
منجهان اوجل پاڻيءَ جا ڦوهارا ائين پئي نڪتا جو ڄڻ
ته بهشت اندران ڪؤثر جو چشمو ٿو وهي. آس پاس
اَنگور جا منهن، ڊاک جا جهڳٽا نازڪ ٽارين ۾ جهليو
بيٺا هوا. ڪنهن ڪنهن هنڌ وري جي اَنار جا وڻ هوا،
تن جي سرخ لعل جهڙن غنچن پئي مشڪيو ۽ ڪشڪيو. مطلب
ته چمن اهڙو خوش نماءُ ۽ نزاڪت دار هو جو نه رڳو
اِرم ۽ نگارستان کي شہ ڏيئي ويو هو، پر عدن به مٿس
ريسون ٿي ڪيون. هنڌ هنڌ دستر خوان وڇائجي ويا هوا،
جن تي عمدا ۽ لذيذ شربت ۽ ميوا رکيل هوا.
چمن گهڻوئي بهشت مثل هو، ۽ طعام ۽ لقما نهايت سپڪ ۽ سوادي، پر
پري پيڪر نازنينين، جن پوپٽن وانگي اُتي جهمريون
پئي پاتيون، تن جي حسن ۽ خوبيءَ، رنگن ۽ روين،
خانن ۽ خطن، اهڙي رونق لائي ڏني هئي جو بيان کان
ٻاهر. هر طرف کان راڳ جو آواز پئي آيو. خوبصورت
بيبيون مجموعا ڪيو، پئي آيون ويئون. ڪن هڪ ٻئي سان
ڳالهيون پئي ڪيون، ڪن مصنوعي دڪانن تان خريديون
پئي ڪيون، ڪي پينگهه پئي لڏيون، ته ڪن وري مٺا
موهيندڙ آلاپ پئي ڪيا. مهرالنسا ۽ ماڻس به اُتي
حاضر هيون. ماڻس اڪبر جي راڻيءَ جوڌ ٻائيءَ سان
گفتگوءِ ۾ مشغول هئي، ۽ مهرالنسا حوض مان جو
ڦوهارو پئي نڪتو، تنهنجي مٿان پير لوڏي پئي پاڻ
وندرايو. سندس نازڪ بدن تي نهايت سٺي ۽ سهڻي پوشاڪ
پيل هئي: مقيسي پهراڻ، آسماني رنگ جو پيشگير ۽
سفيد شبنما جو رئو.
اوچتو شهزادو سليم هڪ چور دروازي کان چمن اندر گهڙي آيو؛ ۽ هوري
هلي اچي حوض وٽ نڪتو. شهزادو شڪل جو ٺاهوڪو هو:
بدن ڊؤلائتو، ڇاتي ويڪري، چيلهه سنهي، چمڙي اڇي،
وار گهنڊيدار، اکيون وڏيون ۽ پيشاني ڪشادي هيس.
اڃا ارڙهين ورهين جي ڄمار جو مس ٿي ڏٺو. جيتوڻيڪ
عمر ۾ ننڍو هو، تڏهن به عيش عشرت جو ڪوڏيو هو.
شيرين زبان ۽ خوش خلق، پر نهايت تن پرور هو. ڪڏهن
ڪڏهن ته راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن
شرابخوريءَ ۾ غرق هوندو هو. لباس سادو سودو پيل
هوس. مهرالنسا کيس اوڏو ايندو ڏسي، منهن تي برقعو
وجهي، وڃي پاسيري ٿي بيٺي. حوض جي ڀر ۾ جي گل هوا،
سي ڏسي شهزادي جي دل ٿي ته ٻه چار پٽيان. پر هٿن ۾
هئس ٻه ڪبوتر، سي جڏهن ڪو جهلي تڏهن گل ڇني سگهي.
اوچتو مهرالنسا تي وڃي نظر پيس. هنکي ڏسي گهڻو خوش
ٿيو، ۽ اڳڀرو وڌي، گهڻيءَ نيازمنديءَ سان چيائينس
ته ”اَدي! مهرباني ڪري هي ڪبوتر نه جهلين، ته آءٌ
ٻه ٽي گل ڇني وٺان؟“ مهرالنسا ڪنهن جواب ڏيڻ بنان،
هٿ ڊگهيڙي، ڪبوتر وٺي، ماٺ ڪري بهي رهي. جڏهن
شهزادو گل ڇني رهيو، تڏهن مهرالنسا فقط هڪ ڪبوتر
موٽائي ڏنس. شهزادي چيو ته ”هي ڇا، ٻيو ڪبوتر
ڪٿي؟“ مهرالنسا ڏاڍي مٺي آواز ۾ چيو ته ”سائين!
ٻيو ڪبوتر ته اڏامي ويو.“ شهزادي پڇيو ته ”سو
ڪئن؟“ مهرالنسا ٻئي ڪبوتر کي به اڏائي، گهڻيءَ
اَٻوجهائيءَ سان جواب ڏنو ته ”ساءِ! اِجهو هيئن.“
پر ائين ڪرڻ سان، منهن تان برقعو ڪري پيس، ۽
شهزادي جي مٿس نظر چڙهي ويئي. هو اهڙي موهڻي صورت
۽ سهڻي صورت ڏسي حيران ٿي ويو. ڪجهه وقت ته ڏند
چپن سان لڳي ويس ۽ ڳالهائڻ ئي نه پيو اڪليس، ڄڻ ته
ڪنهن جادو وڌو اٿس. مطلب ته مهرالنسا کي ڏسڻ شرط،
عشق جي اوڙاه ۾ غرق ٿي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين ته
”سائين! مون ڪبوتر ڄاڻي ٻجهي ڪين اُڏايو.“ شهزادو،
جو مور ڇا ٿي ويو هو، تنهن هي لفظ ٻڌي چيو ته ”ڇا؟
ڪبوتر؟ مونکي ته وسري ويو هو ته ڪو اُڏامي ويو. جي
اُڏامي ويو، ته صدقي ٿيو. پر ٻڌاءِ ته سهين، ته
تون فرشتو آهين يا پري؟“
مهرالنسا چيو ته ”آءٌ مرزا غياث بيگ اعتماد الدونه جي ڌيءُ
آهيان. سائين! مونکي معاف ڪجو، آءٌ وڃان ٿي؛
منهنجي ماءٌ مونلاءِ ترسي ويٺي هوندي.“
پر شهزادي سندس هٿ جهلي چيو ته ”اي سنگدل! تو منهنجو ڪبوتر ته
اڏائي ڇڏيو، مگر منهنجي دل پنهنجي دام ۾ ڦاسائي
ڇڏي اٿيئي. ڀلائي ڪري، ٿورو ترس ته سهين.“
مهرالنسا هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري چيو ته ”سائين!
ڇڏيوم ته وڃان.“ پر شهزادي چيو ته”ائين بلڪل نه
ٿيندو، مونکي ڦاسائي تون پاڻ ڪئن ڪڍي ويندينءَ؟“
مهرالنسا:”نه، سائين! آءٌ ضرور وينديس. توهان جهڙي اوپرو
ماڻهوءَ وٽ وڌيڪ ترسي نٿي سگهان. مهرباني ڪري، هاڻ
ڇڏيوم ته وڃان.“
سليم: ”تنهنجو حڪم ضرور مڃڻو پيو؛ پر مان ته تنهنجي پيرن جي خاڪ
چمڻ جو به لائق نه آهيان.“
مهرالنسا: ”شهزادا! هي ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو؟ ڇو ٿا مفت
مسخريون ڪريو؟ مسڪينن کي هئن ستائڻ اوهانکي هرگز
نه جڳائي.“
سليم: ”ستايو ته تو پاڻ مونکي آهي. اِنهن نوراني اکين جي ناز ته
مونکي گهائي وڌو آهي. آءٌ توکي سچيءَ دل سان پيار
ٿو ڪريان. مهرباني ڪري، مون تي مهر جي نظر ڪر، نه
ته منهنجو حال ڪونهي.“
مهرالنسا هن هٺيلي شهزادي کي پنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح نيچ
نوائيندو ڏسي. نيٺ مشڪي چيو ته ”شهزادا! هاڻي گهڻي
ٺٺولي ڪيؤ. شايد مون کي ڀورڙو ۽ اَٻوجهه سمجهيو
اَٿَو.“
سليم:”تون اَٻوجهه ۽ ڀورڙي؟ آءٌ ته توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جو
نور ٿو سمجهان. هيترو ستايو اَٿيئي وري ٿي شڪايت
ڪرين ته مان ٿو توسان ٺٺوليون ڪريان؟“
مهرالنسا: ”آءٌ غريب مائٽن جي ڌيءُ ڪئن توهان جي ثاني شريڪ ٿي
سگهنديس؟ ڇڏيوم ته هاڻي وڃان.“
سليم: ”وڃڻ قيام ڪين ڏيندوسانءِ. آءٌ سڄو تنهنجي تابع آهيان.
هاڻ جئن وڻيئي تئن ڪر.“
مهرالنسا: ”چڱو، جي ائين آهي ته مهرباني ڪري ڇڏيوم ته وڃان. ڪو
هڪ ٻئي سان ڳالهائيندو ڏسي وٺيئون ته مفت منهنجي
گلا ٿيندي. توهانکي ڏوه ڏيڻ جي ڪنهنکي همت ٿيندي؟“
سليم: ”مجال آهي ڪنهنکي جو تنهنجي گلا ڪري سگهي؟ جيستاءِ جيئرو
هوندس تيستائين ته منهنجي رڳ رڳ پيئي توکي پيار
ڪندي. تون آهين شمع، آءٌ آهيان پروانو. جيستاءِ
پاڻ مٿانءِ نه گهوريندس تيستاءِ آرام نه ايندو.
محبت جي مچ ۾ جليو ٿو مران.“
اهڙيءَ اُڪير مهرالنسا جو من موهي وڌو. پر وري به پرک لهڻ لاءِ
چياءِ ته ”سائين! هيءُ رڳو ٻاهريون ڍؤنگ آهي.“
سليم: ”ڌڻي شاهد آهي ته آءٌ توکي دل و جان سان پيار ٿو ڪريان.
آءٌ نه سنڀران ته ٻيءَ ڪنهن زال منهنجيءَ دل تي
اهڙو اَثر پيدا ڪيو جهڙو اڄ تو ڪيو آهي. تنهنجيءَ
شڪل ڏسڻ سان اهڙي ته همت اچي ويئي اٿم، جو ساري
جهان ۽ اُن جي اسباب کي هڪ خاڪ مٺ برابر به نٿو
سمجهان. توساڻ زندگي آهي؛ تو بنان قيامت.“
مهرالنسا: ”شهزادا! هاڻ مونکي تصديق ٿي ته توهانجو پيار صاف ۽
سچو آهي. اهڙيءَ محبت اڳيان مونکي به پاڻ جهلڻ
مشڪل آهي. پر شڪ اٿم ته هيءَ محبت گهڻو جٽاءُ نه
ڪندي. هي فقط هڪ شاهاڻو خيال آهي.“
سليم: ”نه نه! منهنجو پيار بلڪل سچو آهي ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندو.
اِجها هيءَ اٿيئي اُنجي ثابتي.“
ائين چوندي ئي خنجر ڪڍي، سيني ۾ هڻڻ تي هو، پر مهرالنسا اُڇانگ
ماري، خنجر کسي ورتس، ۽ گهڻي قرب سان چيائينس ته
”شهزادا! جيڪڏهن توهين مونکي سچيءَ دل سان پيار ٿا
ڪريو، ته آءٌ به اوهانکي ائين ئي پيار ٿي ڪريان.
پر توهان کي چڱيءَ پر معلوم آهي ته آءٌ پيءُ ماءُ
جي هٿ وسيڪي آهيان؛ سو جيڪڏهن توهانکي مونسان نڪاح
ڪرڻ جي نيت آهي ته اُنهن کي چؤ چاءُ ڪرايو. ائين
ڪرڻ بنان توهانجو مقصد حاصل ٿي نه سگهندو.“
شهزادي جواب ڏنو ته ”اِنهيءَ جو آءٌ جلد جوڳو اپاءُ ڪندس.“ ائين
چئي وٺي خوشيءَ وچان ڀاڪر پاتائينس. مهرالنسا چيو
ته ”آءٌ توهانجي ٻانهي آهيان، پر هاڻ دير ٿي ٿئي؛
ڇڏيوم ته وڃان. شهزادي نيٺ اجازت ڏنيس ۽ مهرالنسا
موٽي ماءُ وٽ آئي ۽ راڻيءَ سان رهاڻ ڪري، شام جو
ٻئي پالڪيءَ ۾ چڙهي، گهر روانيون ٿيون.
چانڊوڪي رات هئي: جيڏانهن نهار تيڏانهن چانديءَ جا پرڇ وڇايا
پيا هوا. تارن آسمان ۾ جهلڪا پئي ڏنا ۽ ٿڌيون
فرحتي هيرون پئي لڳيون. غياث بيگ ۽ بيبيءَ
بالاخاني تي هواخوري پئي ڪئي. هيٺان جمنا ندي گڙ
گڙ ڪندي پئي وهي. غياث بيگ زال ڏي منهن ڪري چيو ته
”ڪهڙي نه سهڻي رات آهي! مونکي چانڊوڪي ڏاڍي وڻندي
آهي. پر، پياري! اُها رات ياد اٿيئي جڏهن پاڻ
ٽڪرين ۽ بيابانن ۾ پئي رلياسين؛ تڏهن به چانڊوڪي
رات هئي، پر اُنوقت سختين اسانکي اهڙو ستائي وڌو
هو، جو ڀانيوسين ٿي ته چنڊ به اسان سان جاڙون ٿو
ڪري؟“ بيگم وراڻي ڏني ته ”انهن سختين جو ڇو ٿا
خيال ڪريو؟ اُنهن نگرن ڏينهن جي يادگيري منهنجا
ستا سوُر ٿي اُٿاري. ياد اَٿوَ ته مهرالنسا کي ڪئن
نه بيابان ۾ ڦٽو ڪيو هووَ؟ پر عجب ته اِهو آهي جو
مهرالنسا جو ڄمڻ ۽ اسانجو بخت بلند ٿيڻ. ڏاڍي نصيب
واري ٿي ڏسجي. اڃان پندرهن ورهين جي مس آهي، پر
ڏاڍي سمجهو ۽ عقل واري آهي. اسانکان به وڌيڪ دنيا
جو آزمودو اٿس. سونهن جي ته منجهس ڪمي ڪانهي، وڃي
ٿي ڏينهون ڏينهن برک ٿيندي. هاڻ جڳائي ته ڳولا
ڪري، ڪو جهڙس لائق ور وٺي ڏجيس.“ غياث بيگ جواب
ڏنو ته ”آءٌ پڻ انهيءَ خيال ۾ آهيان. هڪڙي مائٽي
سجهيم جا پڪ اٿم ته توکي ضرور پسند ايندي. علي قلي
بيگ جي هاڪ ته ٻڌي هونديء: نهايت نيڪ اخلاق ۽ دلير
دل آهي؛ پر وڏي ڳالهه ته ايراني آهي. منهنجي دل ٿي
چئي ته مهرالنسا جي کڻي هن سان شادي ڪرائجي.“ بيگم
چيو ته ”ملڪ مسعود ته پيشينگوئي ڪئي هئي ته اسانجي
مهرالنسا راڻي ٿيندي، پر اهڙو آثار ته ڪونه ٿو
ڏسجي. شهزادو سليم ته اڳي ئي شادي ڪيل آهي.“ غياث
بيگ سليم جي نالي ٻڌڻ شرط ڳاڙهو لعل ٿي ويو، ۽ چوڻ
لڳو ته ”ڇا! شهزادو سليم؟ شرابي ۽ لاٻڙٽويو؟ ڌيءُ
جو سڱ ڏيانس، تنهنکان ڌيءُ کي خنجر هڻي ماري نه
ڇڏيان؟“ بيگم چيو ته ”سچ! مهرالنسا کي شهزادي جي
سون ۽ رپي سان ڪونه پرڻائڻو آهي پر سمجهو ته هو
هنکي دل و جان سان پيار ٿو ڪري، پوءِ ڀلا ساڻس سڱه
ڪرڻ ۾ ڪهڙو عار آهي؟“ غياث بيگ تپي لوه ٿي ويو ۽
چيائين ته ”آءٌ سليم کي چڱيءَ طرح سڃاڻان: منجهس
ڪابه لياقت ڪانهي، عيش عشرت جو ڪوڏيو، تنهن ۾
سچيءَ محبت جو انگ ڪٿان آيو؟ پر مونکي خاطري آهي
ته علي قلي بيگ جهڙو لائق شخص مهرالنسا کي ضرور
سچيءَ دل سان پيار ڪندو. اُميد اٿم ته هوءَ به کيس
گهڻو پسند ڪندي. اگرچ عمر ۾ البت وڏو آهي، پر اڃان
جوان آهي. بهادريءَ ۽ جنگي فن ۾ ته جهڙس ڪو ڳوليو
لڀي. مهرالنسا جئن وينديس وڌيڪ پرکيندي، تنئن
وينديس وڌيڪ پيار ڪندي. هو به اسان وانگر وطن ڇڏي،
سختيون سهي، اچي هندوستان ۾ عام سپاهي ٿي لشڪر ۾
گهڙيو هو؛ پر ٿوريئي عرصي ۾ اهڙي بهادري ۽ چالاڪي
ڏيکارياءِ، جو رفته رفته وڏي عهدي کي وڃي رسيو.
هاڻ هو هڪ هزار گهوڙي سوار فوج جو مهندار آهي.“
بيگم چيو ته ”ڀلا، تڏهن هاڻ کليو کلايو مڱڻو ڪري
ڇڏجي ته چڱو. آءٌ وڃيو ٿي مهرالنسا کي اِها خوش
خبري ٻڌايان. اهڙيءَ ڳالهه ۾ سنديس به مرضي وٺڻ
گهرجي.“
(4)
سانوڻ جو مهنو هو: هنڌ هنڌ مينهن جا وسڪارا پئجي ويا هوا، رڻ پٽ
ملڪ رجائجي ويا هوا. جيڏانهن نهار تيڏاهن زمرد رنگ
جا غاليچا وڇائجي ويا هوا. بلبل گلاب جي گل کي
ڏسي، مٺي من موهيندڙ للڪار سان ڳائي، گد گد پئي
ٿي. ڪٿي پپيهي انب جي وڻ تي ’پيا ڪهان؟ پيا ڪهان؟‘
ڪري پئي پڪاريو. ڪٿي مور ڊيل ساڻ ڀري، سارنگ جي
سهج منجهان سونهري کنڀ ٽيڙي، پئي جهمريون پاتيون.
جتان ڪٿان هٻڪار پئي آئي، جنهن جان کي فرحت ۽ مغز
کي تراوت ٿي ڏني. اهڙو خوش نماءُ ۽ سهڻو نظارو لڳو
پيو هو، جو هر ڪنهن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي
ڏنا. غريب غربا جي توڻ جي تنگيءَ کان اڪثر تنگدل
هوندا آهن، سي به اڄ مؤج ۾ اچي ويا هئا.
آرتوار جو صبح هو. بادل جون بوندون پئي پيئون، ۽ ٿڌي فرحتي هير
پئي لڳي. غياث بيگ جي زال ۽ سهڻي مهرالنسا سونيءَ
پالڪيءَ ۾ چڙهي، شاهي محلات ڏي روانيون ٿيون. اُتي
اَڄ جوڌٻائيءَ ٿڌڙي پئي ملهائي. ٻئي راڻيءَ سان
کيڪاري، سندس ڀر ۾ ٿي ويٺيون. پر مهرالنسا ستت ئي
اُٿي وڃي سرتين ڀيري ٿي. سڀن ٺينگ ٽپا پئي ڏنا ۽
راڳ روپ پئي ڪيا. مهرالنسا به موج ۾ اچي ويئي.
ساهيڙين کان ستار وٺي، طرح طرح جا سر آلاپي، اوچتو
ئي هڪ نهايت دردناڪ غزل ڳايائين، جو اهڙي خوش موقع
تي بلڪل اَڻ سهائيندو پئي لڳو؛ پر تنهن هوندي به
سڀني کان ’واه واه!‘ نڪري ويئي. مهرالنسا جي
ساهيڙين کانسواءِ، اُن غزل جو ٻڌندڙ هڪ ٻيو شخص به
هو، جو ڀر واري ڪمري ۾ ڇپ ڪيو ويٺو هو. ڀانيونٿا
ته اُهو شخص ڪير هو؟ اُهو هو شهزادو سليم. سندس
روح راڳ جي تڪ تڪ تي ريلا ٿي ڏنا ۽ سندس رڳن ساز
جي آواز تي تنبوري وانگي ٿي تنواريو. مهرالنسا
ستار ٿي وڄائي ته هو گد گد ٿي ٿيو، ۽ جي هن راڳ ٿي
ڳايو ته شهزادي جي روح رقص ٿي ڪيو.
مهرالنسا غزل ڳائي رهي ته جوڌ ٻائيءَ ڳراٽڙي پائي چيس ته ”ڌيءُ!
تنهنجي راڳ ته منهنجو من موهي وڌو آهي. تنهنجو
آواز به بلبل جيان شيرين ۽ گهائيندڙ آهي. تو جهڙي
ڌيءُ ته ڪنهن بختاور کي ڄمي؛ پر نڄاڻان تو جهڙءِ
ٺاهوڪو ڀتار مليئي يا نه.“ مهرالنسا جي ماءُ منهن
ورائي چيو ته ”راڻي! مڙسم رات ڳالهه ٿي ڪئي ته
مهرالنسا جو مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪجي ته چڱو. چئي
ٿو ته هو ڏاڍو لائقن ڀريو مڙس آهي.“ جوڌ ٻائيءَ
موڙو ڏيئي چيو ته ”علي قليءَ جهڙو اَڻ گهڙيو ڪاٺ
سو مهرالنسا جهڙيءَ من موهڻيءَ کي ڪٿان وڻندو؟
گهڻوئي کڻي لائق ۽ بهادر هجي، پر حسن ۽ لطافت جي
کيس ڪهڙي پرک يا قدر؟ آءٌ نٿي ڀانيان ته هننجو
پاڻ۾ نينهن ٿي سگهندو.“ بيگم چيو ته ”بيشڪ، پر
مڙسم سياڻو ۽ دورانديش آهي، جا ڳالهه کيس سهڻي نظر
اچي سا اسانکي ڪرڻ حق آهي.“ راڻيءَ جواب ڏنو ته
”خبر نه آهي ته ڇو، پر مونکي اِها مائٽي بلڪل پسند
نٿي اچي. خيال ته ڪر ته مهرالنسا جهڙي محبوبڙي علي
قلي بيگ جهڙي رکي روح سان ڪئن جالي سگهندي؟“
مهرالنسا، جا شهزادي سليم جي خيال ۾ محو هئي، تنهن جو هيءَ مڱڻي
جي ڳالهه ٻڌي سو سائي جهڙي ڀنگ ٿي ويئي، سندس
ڳاڙهن ڳلن جو رنگ بدلجي خاڪ مثل ٿي پيو ۽ سندس
سنڌر جهڙا چپ نيلا ٿي ويا. بدن مان طاقت ڇڏائي ويس
۽ اکين وڃي زمين ۾ کتيس، ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آئي جو
ڄڻ ته مٽيءَ جو پتلو آهي. نيٺ همت جهلي، اُٿي ڀر
واري ڪمري ۾ گهڙي ويئي. اُتي پلنگ تي ليٽي پيئي ۽
نااُميديءَ جي اوڙاه ۾ غرق ٿي ويئي.
سليم مهرالنسا جي مڱڻي جي ڳالهه لڪي ويٺي ٻڌي. انهيءَ کيس اهڙو
گهائي وڌو جو ڄڻ ته سيني ۾ تير چڀي ويو اٿس. پر
جڏهن مهرالنسا کي ڪمري اندر گهڙندو ڏٺائين، تڏهن
سندس محبت درياه مثل اُٿل ڪئي، ۽ پلڪ کن هنجي مڙني
ڏکن کي ٻوڙي ڦٽو ڪيائين. پريڙيءَ کي پلنگ تي ليٽيل
ڏسي گد گد ٿي ويو، ۽ آهستي آهستي ويجهو وڃي سندس
پيرن تي ڪري پيو. مهرالنسا شهزادي کي اوچتو ايندو
ڏسي، حيران ٿي ويئي ۽ اُٿي ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين؛
پر شهزادي جي ليلڙاٽين تي اُتي ئي ويهي رهي. ڳچ
وقت تاءِ ته اَکيون اَکين ۾ کتيون پيئون هين ۽
زبان مان ڳالهائڻ نه اُڪلين. آخر شهزادي چيو ته
”معاف ڪج، جو اوچتو لنگهي آيو آهيان. ڀلائي ڪري،
منهنجو عرض اُناءِ.“
مهرالنسا: ”ڇو اڄ صبح ساڻ هت پيا ڏسجو؟“
سليم: ”جڏهانڪر توکي ڏٺو اٿم، تڏهانڪر آرام ئي ڦٽي پيو اٿم؛ ۽
نيڻن ننڊ نه ڪئي آهي. توکان جدا روح کي راحت نه
آهي. تنهنجي ديدار لاءِ پئي واجهايو اٿم. نيٺ اڄ
کڻي خدا من جون مرادون پوريون ڪيون اٿم.“
مهرالنسا: ”شهزادا! ڇو اچي منهنجي پٺيان پيا آهيو“
سليم: ”توکي منهنجي درد جي چڱيءَ پر خبر آهي. دراوُن ته ڪونه ٿي
ڪرين، اٽلو عتاب ٿي ڪرين! ڀلا، تو ڪو درد ڏٺو هجي
ته درد وندن جو قدر پويئي.“
مهرالنسا: ”اَفسوس! منهنجون سڀ خوشيون ۽ فرحتون هڪ ڇن ۾ ناس ٿي
وييون! توهين وڃي عيش عشرتون ڪريو، مون اَڀاڳڻ کي
کڻي ڇڏيو. منهنجي مڱڻي جي ته ضرور گفتار ڪن پيئي
هونديوَ؟”
سليم: ”مون ساري گفتگوءِ ويٺي ٻڌي. انهيءَ ڪري ته پاڻ وڌيڪ
پريشان آهيان. پر تون فقط زبان سان هي اَکر ڪڇ’ته
مان توکي پيار ڪريان ٿي،‘ ته پوءِ ڏس ته سڀ رنڊڪون
ڪئن نه ٿو لاهي ڏيکاريانءِ.“
مهرالنسا: ”سو ته مون توهان کي پهرين ئي چيو هو ته ’آءٌ توهان
کي دل و جان سان پيار ڪريان ٿي.‘ زالون ڪي مردن
وانگر چلوليون ڪين آهن. هڪ واريءَ پيار ڪيائون ته
عمر ڪين ڦرنديون. مرد ئي آهن جي زالن کي گويا
رانديڪو ڪيو سمجهن. جئن نه هڪڙو رانديڪو ڦٽي ڪري
ٻئي تي دل ٿيندي آهي، تئن هوُ به هڪڙي زال ڇڏيو
وري ٻيءَ ڏي لاڙو ڪن.“
سليم ”تڏهن سچ ٿي چوين ته تون مونکي پيار ٿي ڪرين؟ منهنجي محبت
رڳو وهم ڪينهي، منهنجو پيار بلڪل سچو ۽ ڳوڙهو ۽
هميشہ جٽاءُ ڪرڻ وارو آهي. منهنجيءَ جان ۾ مچ مثل
پيو ٻري، ۽ نيچ خود غرض حرصن ۽ هوسن کي جلائي خاڪ
ڪري ڇڏيو اٿس. قبول ٿو ڪريان ته هيستاءِ پاڪ دامن
نه رهيو آهيان. تنهنجو سبب اِهو هو جو سچي محبت
کان غافل هوس. پر توکي ڏسڻ شرط منهنجي دل ۾ نهايت
اعليٰ خيال اُتپن ٿيڻ لڳا آهن. پهرياءِ پڻهين کي
منٿ ڪندس ته تنهنجو مڱڻو رد ڪري، پر جيڪڏهن قبول
نه ڪياءِ ته بابي کي چئي اِهو ڪم ڪئن به
ڪرائيندس.“
مهرالنسا: ”توهانکي بابي جي طبيعت جي برابر خبر نه آهي. ڪن
ڳالهين ۾ هو بلڪل مدمغ ۽ هوڏي آهي. مونکي ته ڪابه
اُميد ڏسڻ ۾ نٿي اچي.“
سليم: ”پر ائين ڪئن ٿيندو؟ تو کانسواءِ منهن جي زندگي عبث آهي.
ڪئن به ڪري توکي پنهنجي هٿ آڻيندس. هيءَ ساري
سلطنت وڃي ته وڃڻ ڏينس، پر توکي پاڻ کان پري ٿيڻ
نه ڏيندس. توساڻ دوزخ به بهشت آهي، ڇو ته تون منهن
جي زندگيءَ جي نور ۽ جيءَ جو جياپو آهين.“
مهرالنسا: ”پر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته قضا ٻي سٽ سٽي آهي، ڇو ته توهين
جلد ئي بادشاه ٿيندا، ۽ پوءِ شڪ اٿم ته مونکي
وساري ڇڏيندا. پر آءٌ يقين سان ٿي چوان ته آءٌ
توهانکي موُر نه وسارينديس.“
سليم: ”ڇا؟ توکي وساري ڇڏيندس؟ جي وس پڄيم ته دل کولي
ڏيکاريانءِ ته ڪئن نه تنهن جي مورت اُتس اُڪري
پيئي آهي.“
مهرالنسا وراڻي ڏيڻ تي هئي ته اوچتو دروازو کلي پيو، ۽ ماڻس ڌوُ
ڌوُ ڪندي اندر گهڙي آئي ٻنهي کي گڏ ويٺل ڏسي، اهڙو
جوُلان کڻي ويس جو هڏ هڏ پئي ڏڪيس، ۽ اَکين مان
اُلا پئي نڪتس. ٿورو اَڳڀرو ٿي چياءِ ته ”شهزادا!
هاءِ افسوس! تنهنجو فرض آهي ٻين کي چڱو مثال ڏيڻ؛
سو تون پاڻ ويٺو آهين منهنجيءَ ڀورڙيءَ ڌيءُ سان
ڏينهن ڏٺي جو هٿ چراند ڪرڻ! واه! واه! چڱو پنهن جو
شان رکيو اٿيئي!“ سليم چيو ته ”بيگم! مهرباني ڪري
منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.“ پر بيگم ورندي ڏني ته ”هٿ جي
ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي؟ مهرباني ڪري، زبان بند رک. هن
بيجاءِ هلت جو ڪوبه عذر ڏيئي نٿو سگهين.“
ائين چئي مهرالنسا کي ٻانهن کان گهليندي، راڻيءَ وٽ آئي ۽ زار
زار روئي، چياءِ ته ”راڻي! دنيا بديءَ سان ڀري
پيئي آهي. اِشرافت ۽ پاڪدامنيءَ جو ڪو قدر ڪونهي.
هن منهنجي ندوريءَ ڌيءُ ڀر واري ڪمري ۾ آرام ويٺي
ڪيو ته شهزادو سليم وڃي اوچتو مٿانس ڪڙڪيو. آءٌ
وڃان ته ڏسان ته ٻئي هڪ ٻئي سان رهاڻيون پيا ڪن.
هي آهن پٽهن جا حال. هاڻ جئن توکي سهڻي نظر اچي
تئن ڪر.“ راڻيءَ گهڻي افسوس سان جواب ڏنو ته ”منهن
جو سليم اڃا جوانيءَ جي اَنڌ ۾ آهي، پر هروڀرو ويل
ڪينهي. يقين ڄاڻج ته سندس انهيءَ بدچال جو جوڳو
تدارڪ ڪيو ويندو. پر ڀلائي ڪري، ڳالهه ڪنهن سان نه
ڪج.“ بيگم چيو ته ”مان تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر
هلنديس. ڳالهه کي ڳجهي رکڻ مان اُٽلو منهنجيءَ
ڌيءُ جو فائدو آهي.“
پوءِ بيگم راڻيءَ کان موڪلائي، اُٿڻ تي هئي ته مهرالنسا راڻيءَ
جي پيرن تي ڪري، ليلائي چيو ته ”رحمدل راڻي!
منهنجي وينتي ٻڌ. يقين اٿم ته تنهنجي دل منهنجي
مائٽن جهڙي سخت نه آهي. سليم مونکي دل و جان سان
پيار ٿو ڪري، ۽ آءٌ به کيس ائين ئي پيار ٿي ڪريان.
خدا گواه آهي ته مونسان ڪابه بيجاءِ هلت نه ڪئي
اٿس. معاف ڪجانءِ جو هئن لڄ لاهي، پنهنجيءَ محبت
جو اظهار ڪيو اٿم. پر لاچاريءَ ۾ ڪي به روا آهي.
آءٌ وري وري ٿي چوان ته شهزادي کي سچيءَ دل سان
پيار ٿي ڪريان. آءٌ توکي ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، منٿ
ٿي ڪريان ته هيءُ گهنگهر جو منهنجي مائٽن مونلاءِ
سٽيو آهي، تنهنکان مونکي آجو ڪر. علي قلي بيگ سان
منهنجي اُلفت موراهين نه ٿيندي. تو به هميشہ سڳيءَ
ماءُ جيان منهنجي سار لڌي آهي. هيءَ واهر جي ويل
اٿيئي. همٿ ڪري هن اوڙاه مان ڪڍينم.“
هي حرف ٻڌي ماڻس جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ڌيءُ کي ڀونڊو ڏيئي
چيائين ته ”ڇوري ندوري! انهيءَ کان ته هوند بيابان
۾ مري وڃي ها ته چڱو.“ پر مهرالنسا جي ليلڙاٽين
راڻيءَ جي دل ڀڄائي وڌي. هڪل ڪري چياءِ ته ”بيگم!
هروڀرو ايڏي ڪاوڙ؟ جي ويچاريءَ مهرالنسا پنهنجي
اندر جو حال مونسان اوريو ته انهيءَ ۾ ڪهڙي اربع
خطا ڪيائين؟ ڇو، منهنجي ڌيءَ نه آهي؟ توکي ڀلا
ڪهڙي سڌ ته سچي محبت ڪهڙي شيءِ آهي؟ هاڻ ڇڏ انهيءَ
قصي کي. مونتي ڪري رک ته سڀ چڱي ٿي پوندي.
مهرالنسا! تون دل نه لوڙه. آءٌ تنهنجو ڪم پنهنجو
ڪري سمجهنديس. تنهنجي سک لاءِ ترت اُپاءُ ڪنديس.“
پوءِ مهرالنسا ۽ ماڻس راڻيءَ کان موڪلائي گهر
روانيون ٿيون.
شام جي وقت، شاهي محلات ۾ شمعن ۽ هنڊين جي جهرمر لڳي ويئي.
اُنهنجي روشنائيءَ تي سفيد سنگ مر مر جي پٽ جهلڪا
پئي ڏنا. آس پاس مر ۽ لوبان مجمرن ۾ پئي ٻريا،
جنجي سڳنڌ ۽ سرهاڻ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اڪبر اڄ
ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو. سڀني ساڻ کيڪاري، جوڌ ٻائيءَ جي
ڀر ۾ ٿي ويٺو. پر راڻيءَ کي مايوس ڏسي، پڇيائين ته
”ٻيو ته مڙيوئي خير آهي؟“
جوڌ ٻائي: ”هائو، مڙيوئي خير آهي، پر دل تي هڪ ڳالهه اٿم جنهن
متيون ئي منجهائي ڇڏيون اٿم.“
اڪبر: ”ڪهڙي آهي اها ڳالهه؟ جلد ٻڌاءِ. توکي مايوس ڏسي، مونکي
الائي ڇا ٿو ٿئي.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا، مرزا غياث بيگ جي نياڻي، ته ڏٺي هونديوَ.
قصو ڪوتاه، ته اسانجو سليم مٿس عاشق ٿي پيو آهي.“
اڪبر: ”انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب؟ مهرالنسا اهڙي موهڻي آهي جو جيڪر
ملائڪ به مٿس عاشق ٿي پون. راڻي ٿي، راڄ ڪرڻ جي
هوءَ هر طرح لائق آهي. توکي ته پاڻ خوشي ۽ فخر ڪرڻ
گهرجي، جو اهڙي ننهن ٿي مليئي. مونکي اها ڳالهه
بلڪل پسند آهي، ۽ پڪ اٿم ته توکي به وڻي ٿي.“
جوڌ ٻائي: ”هت فقط اسان جي پسنديءَ جي ڳالهه ڪانهي،. ٻين ڪيترين
ڳالهين جو خيال ڪرڻو آهي.“
اڪبر:”سچيءَ محبت اڳيان سڀ ڳالهيون آسان آهن. عشق اهڙي عجب چيز
آهي، جو رڪ کي به ڳاريو پاڻيءَ جهڙو نرم ڪيو ڇڏي.
ياد اٿيئي ته جڏهن مان تنهنجي دام ۾ گرفتار ٿيو
هوس، تڏهن ڪنهن ٿي ڄاتو ته تنهنجا مائٽ مون ساڻ
تنهن جي شادي ڪرائيندا؟ پر ڏٺءِ ته پيار جي آڳهه
ڪئن نه هٿ ڪيو مانءِ. اميد ته سليم به اهڙيءَ ريت
مهرالنسا کي پنهنجي وس آڻي سگهندو. پر مونکي ته
سليم ۾ ٽپڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. عيش عشرت جو سو
ڪوڏيو گهڻوئي آهي، باقي ٻيو ٿيو ڀلو.“
جوڌ ٻائي: ”جوانيءَ جي جوش ۾ آهي، پر دل بڇڙي نه اٿس. مونکي وڏي
اميد آهي ته مهرالنسا سان شادي ڪرڻ ڪري سندس
حياتيءَ ۾ گهڻي تبديلي ٿيندي.“
اڪبر: ”تحقيق، محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي
زرين ۽ تلخيءَ کي شيرين، ڦاهيءَ کي تخت ۽ آهيءَ کي
بخت، نار کي نور ۽ ديو کي حُور، بيماريءَ کي صحت ۽
قهر کي رحمت، مردي کي زندو ۽ شاه کي بندو بنايو
ڇڏي.“
جوڌ ٻائي: ”سچ، پر سليم توهان وانگر نه آهي، جو هڻي وڃي هنڌ
ڪندو. اسين جي مدد نه ڪنداسونس، ته مشڪلاتون هڻي
منجهائي رکنديس.“
اڪبر: ”مونکي ته ڪابه مشڪلات نظر ڪانه ٿي اچي. مهرالنسا ڪنهن جي
محبت ۾ ڦاٿل آهي ڇا؟ جي ائين آهي، ته آءٌ ڪي به
ڪري نه سگهندس. پر سمجهانٿو ته مهرالنسا سليم کي
پيار ڪرڻ کان پاڻ روڪي ڪين سگهندي؛ ڇو ته هو به
جهڙس ئي سهڻو ۽ من موهڻو آهي. آهن سي ٻئي هڪ ٻئي
جا لائق.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا ته سليم جي نالي تي نهال آهي. ماءُ اڳيان
پنهنجيءَ محبت جو منجهه مون سان کوليو اٿس. اڃا اڄ
سليم سان ڳجهون رهاڻيون ڪيون اٿس. آءٌ سمجهان ٿي
ته هن کان اڳ به ضرور پاڻ ۾ گڏيا هوندا.“
اڪبر: ”جي ائين آهي، ته پوءِ ڪهڙي مشڪلات درپيش آهي؟ مونکي يقين
آهي ته مرزا غياث بيگ کي ڪو اعتراض ڪونه هوندو.“
جوڌ ٻائي: نه، نه غياث بيگ کي اعتراض آهي هن مهرالنسا جو مڱڻو
علي قلي بيگ سان ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙو هوڏي آهي جو
پنهنجو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ رد نه ڪندو.“
اڪبر: ”تڏهن ڀلا، تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟
جوڌ ٻائي: ”مرزا غياث بيگ کي توهين قبول ڪرايو.“
اڪبر: ”آءٌ مرزا غياث بيگ کان زوريءَ ڪوبه ڪم نه ڪرائيندس. نه
فقط ائين؛ آءٌ مورڳو اِها ڳالهه به ساڻس نه
چوريندس. پر تنهنجي جي هروڀرو مرضي آهي، ته کڻي
ڪچهريءَ ۾ اهڙو اشارو ڪندس جنهن مان معلوم ٿيندو
ته جيڪڏهن سليم ۽ مهرالنسا پاڻ ۾ شادي ڪندا ته آءٌ
بلڪل ارهو نه ٿيندس. پر هاڻ ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.
اچ ته ڪو وقت فرحت ۽ خوشيءَ ۾ گذاريون.“ |