سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:4 

فقط مظلوم ئي پاڻ کي آزاد ڪرڻ سان پنهنجي ظالمن کي به آزاد ڪري سگهن ٿا. ظالم، ظلمي طبقي جي حيثيت ۾، نه ٻين  کي آزاد ڪري  سگهن ٿا ۽ نه پاڻ کي آزاد ڪري سگهن ٿا. انهيءَ ڪري بيحد ضروري آهي ته انهن تضاد ۾ مظلوم ڦاٿل آهن، ان کي حل ڪرڻ لاءِ مظلوم ئي جدوجهد ڪن.

اُهو تضاد نئين انسان جي اُڀرڻ سان ئي حل ٿيندو، جيڪو نه ظالم هوندو نه مظلوم- اهڙو انسان جيڪو آزاديءَ جو شائق ۽ آزادگيءَ جي عمل ۾ مصروف هوندو. جيڪڏهن مظلومن جي منزل مقصود ڪامل انسان بنجڻ آهي، ته رڳو تضاد ۾ آمهون سامهون بيٺل نقطن جي مٽ سٽ سان اُها منزل هو حاصل ڪري نه سگهندا.

هيءَ ڳالهه ڪجهه سادي ۽ آسان لڳي ٿي. پر اصل ۾ ائين نه آهي. ظالمَ مظلوم جي تضاد جو حل سچ پچ اهو آهي ته ظالم، هڪ بالادست طبقي جي حيثيت ۾، بلڪل  ئي ختم ٿي وڃن، ۽ ان خيال کان، مظلومن طرفان پنهنجن سابق ظالمن تي ڪن ظابطن ۽ پابندين جي قائم رکڻ کي، ته جيئن اُهي پنهنجي سابق ظالمانه حيثيت ٻيهر حاصل ڪري نه سگهن، ظلم سڏي نٿو سگهجي. و قدم يا عمل ظلمي عمل فقط تڏهن آهي جڏهن اُهو ڪنهن انسان يا ڪن انسانن کي وڌيڪ ڪامل انسان بنجڻ کان روڪي. انهيءَ ڪري، سابق مظلومن طرفان پنهنجن سابق ظالمن تي اُهي ضروري پابنديون ۽ ضابطا پنهنجو پاڻ اِهو ثابت نٿا ڪن ته ڪالهه جا اُهي مظلوم ڦري  اڄ جا ظالم بڻجي ويا آهن. اهڙي هلت ۽ اهڙا اقدام، جيڪي ختم ٿيل ظالم حڪومت کي ٻيهر قائم ٿيڻ کان روڪين ٿا، انهيءَ هلت ۽ اُنهن اقدامن جي مشابهه نه آهي، جيڪي ڪنهن ظالم حڪومت کي قائم ڪن ٿا يا قائم رکن ٿا. پهرئين قسم جي هلت ۽ پهرئين قسم جي اقدامن کي انهيءَ هلت ۽ انهن اقدامن  سان مشابهت نٿي ڏيئي سگهجي، جن سان ڪي ٿورڙا شخص اڪثريت کي انسان هجڻ ۽ بهتر انسان ٿي رهڻ جي حق کان محروم رکندا آهن.

بهر حال، جڏهن به ڪا نئين حڪومت، پوءِ اُها اڳوڻن ڪن حقيقي مظلومن جي ئي قائم ڪيل هجي، سخت بڻجي،  هڪ بالادست حڪومت يا آقائي قسم جي ’عملدار شاهي‘ (7) جي صورت وٺي ٿي، تڏهن آزاديءَ جي جدوجهد جي انساني يا انسان شناس وسعت ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُن سلسلي ۾ وڌيڪ آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ ئي ممڪن نه ٿي رهي. ان  ڪري ئي اسين انهيءَ ڳالهه تي زور ٿا ڏيون ته ظالم-مظلوم جي تضاد جو سچو پچو حلِ اهو نه آهي ته رڳو جاين تي تبديلي واقع ٿئي- فقط آمهون سامهون بيٺل نقطن جي ئي ڪا مٽ سٽ ٿئي. ۽ نه  انهيءَ ۾ ئي آهي ته اڳوڻن ظالمن جي جاءِ تي نوان ظالم اچي ويهن، جيڪي مظلومن کي، آزاديءَ جي رڳو نالي ۾، ساڳيءَ طرح پنهنجي تابع رکيو ويٺا هجن ۽ انهن کي ائين ئي پيڙيندا رهن.

پر هيءُ تضاد، آزاد پورهيتن هٿان قائم ڪيل نئينءَ صورتحال جي وجود ۾ اچڻ سان، جڏهن سچ پچ به حل ٿي وڃي ٿو، تڏهن به اڳوڻا ظالم پاڻ کي آزاد محسوس نٿا ڪن، بلڪ  هو سچ پچ پاڻ کي مظلوم سمجهن ٿا، ٻين تي ظلم ڪندي ڪندي، پنهنجي اُن ظلم جي تجربي سان هو ايڏا ته هِري مِري ۽ اُن جا  عادتي بنجي ويل هوندا آهن، جو اُنهيءَ پنهنجيءَ برتريءَ واريءَ صورتحال کان علاوه ٻي ڪا به صورتحال هنن کي ظلم محسوس ٿيندي آهي. اڳي، هو کائيندا پيئندا، سٺا ڪپڙا ڍڪيندا، اوچا ۽ نفيس بوٽ پائيندا، اعليٰ تعليم حاصل ڪندا، گهمندا ڦرندا ۽ سير سفر ڪندا ۽ راڳ ٻڌندا ۽ طرح طرح جا رنگ رس ڪندا رهندا هئا: ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو هوندا هئا جن کي پيٽ ڀري کائڻ ۽ بتُ ڍڪڻ ۽ اگهاڙين پيرن ۾ ڇنل جتي پائي هلڻ به نصيب نه هوندو هو، نه ئي اُهي پڙهي سگهندا هئا يا ڪو آرام ڪري سگهندا هئا- گهمڻ ڦرڻ، راڳ رهاڻ يا ٻئي ڪنهن رس جي ته هنن لاءِ ڪا ڳالهه  ئي نه هئي. اجتماعي حقن ۽ اجتماعي مفاد جي نالي ۾، ههڙيءَ مفت، عيشي ۽ بي ميار قسم جي زندگي گذارڻ تي ڪنهن به طرح جي بندش يا روڪ سان ظالمن کي انفرادي مفاد جي محرومي ۽ پنهنجي انفرادي حقن  جو سخت انحراف ۽ لتاڙ بلڪ صاف مارجڻ ٿو محسوس ٿئي- جيتوڻيڪ هو پاڻ پنهنجي ڀيري لکن ڪروڙن انسانن جو رڳو ڪو ذري ماتر خيال به نه رکندا هئا، جيڪي سندن اکين آڏو سدائين سورن ۾ ڳهندا رهندا هئا ۽ بکيا،  ڏکيا ۽ بيوس جهوراڻن ۾ جهُرندا ۽ ڳاراڻن ۾ ڳرندا ۽ مرندا رهندا هئا. ظالمن جي نظر ۾ ’انسان‘ فقط هو پاڻ هوندا آهن: ٻيا ماڻهو هنن لاءِ فط ’جنس ‘، ’شيون‘ يا رڳو ڪي ’ٻه- پيرا حيوان‘ آهن. ظالمن لاءِ ’حق‘ فقط هڪ آهي: مزي سان پنهنجي جيئڻ جو حق: ٻين جو، يعني مظلومن جو، جيڪڏهن ڪو حق آهي ته فقط ’ساهه کڻن‘ يا ’تڳڻ،‘ جو حق آهي، جيڪو پڻ وٽن پوريءَ طور تسليم ٿيل به نه هوندو آهي-ايتري قدر، جو اُن تي سندن دل ۾ سدائين ڪجهه ڪجهه اعتراض جي ڪيفيت ئي موجود رهندي آهي. ۽ اُها تڳڻ جي وٿي يا سهوليت به هو مظلومن کي انهيءَ ڪري ڏيندا آهن،  جو انهن جو ائين موجود رهڻ سندن پنهنجي وجود لاءِ ضروري هوندو آهي.

هيءُ سندن ڪردارُ ۽ دنيا کي سمجهڻ جو سندن هيءُ طريقو (جيڪو کين ڪنهن نئين نظام جي نفاذ جي مخالفت تي هر حالت ۾ مجبور ڪري ٿو) هڪ بالادست يا قابض طبقي طور سندن پنهنجي تجربي تي ٻڌل آهي، ۽ اُن کي سمجهي به سندن اُن سطح ۽ حيثيت جي روشنيءَ ۾ سگهجي ٿو، ڏاڍ ۽ ظلم جي صورتحال هڪ ڀيرو قائم ٿئي ٿي،  ته جيڪي اُن ۾ ڦاسي پون ٿا- ظالم توڙي مظلوم ٻيئي،  ساڳيءَ طرح تن جي زندگيءَ ۽ ڪردار جو سڄو طريقو ۽ ڍنگ، اُها صورتحال خاص پنهنجي رنگ ۽ پنهنجي سانچي ۾ گهڙي ٺاهي بيهاري ٿي ۽ هلائي ٿي. ٻيئي ڌريون اُن صورتحال جي وچ ۾ اچي، دٻجي وڃن ٿيون ۽ ٻنهي تي ظلم جي عمل جا ليڪا ۽ نشان اڀري بيهن ٿا. ظلم جي موجود صورتحال جي ڪڏهن به ڪٿي به ڇنڊڇاڻ ٿي آهي، ته اهو ڏٺو ويو آهي ته اُن جي شروعات ڪنهن نه ڪنهن ڏاڍ جي عمل سان ئي ٿي  آهي- ۽ اها طاقتور ماڻهن ئي ڪئي آهي. هيءُ ڏاڍ، پوءِ هڪ راهه عمل طور، ظالمن  جي هٿن ۾ نسل به نسل قائم رهي ٿو ۽ هلندو رهي ٿو ۽ اُهي اُن جا وارث بنجي ويهن ٿا ۽ ائين اُن جي خاص آبهوا ۾ اهو پوءِ ڪڪورجي ۽ پچي، پختا ٿي بيهن ٿا، هيءَ ’آب- هوا ‘ هڪ مضبوط قبضيداريءَ جو  ظالم شعور پيدا ڪري ٿي- دنيا جي قبضيداريءَ جو ۽ ماڻهن جي قبضيداريءَ جو.  دنيا تي ۽ ماڻهن تي هِن سڌي، سچي پچي ۽ بجنسي قبضي کان سواءِ، ظالم شعور پنهنجو پاڻ کي سمجهي ئي نه سگهندو آهي، بلڪ اُن کان سواءِ  اُهو قائم رهي يا جي نه سگهندو آهي. هن شعور لاءِ ايرڪ فرام(E.Fromm) جو چوڻ آهي ته ملڪيتداريءَ ۽ قبضي  کانسواءِ ’دنيا سان اُن جو [ٻيو] واسطو يا تعلق ڪٽجي وڃي ٿو.‘  ظالم شعور پنهنجي آسپاس جي هر شيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي هڪ تابع ۽ زيردست شيءَ جي حالت ۾ آڻڻ چاهيندو آهي. زمين، ملڪيت، پيدوار، ماڻهن جي  ڏات ۽ ڏانءُ ۽ انهن جون ڪاريگريون ۽ تخليقون، ماڻهو پاڻَ، وقتُ- مطلب ته هر شيءَ اُن لاءِ رڳو پنهنجي تصرف ۽ استعمال جي هڪ شيءِ بڻجي وڃي ٿي.

پنهنجي انهيءَ  قبضيداريءَ جي اَجهل هَوس هيٺ، ظالمن جي دل ۾ يقين ويهي وڃي ٿو ته هُنن لاءِ بلڪل ممڪن آهي ته هر شيءِ کي بدلائي هو پنهنجي خريد  ڪرڻ جي هڪ جنس يا شيءِ بڻائي ٿا سگهن-انهيءَ طرز فڪر تي ئي زندگيءَ بابت هنن جو پختو، گهٽيا ’ماده پرستانه‘ نظريو بيٺل هوندو آهي. هنن لاءِ پئسو هر شيءَ جو ماڻ آهي، ۽ نفعو بنيادي ۽ پهريون مقصد. ظالمن لاءِ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته وٽن مال هجي، ملڪيت هجي، پر وڌيڪ هجي-هميشه وڌيڪ- مظلومن جي حصي جو به، بلڪ سڀ ڪجهه وٽن هجي ۽ مظلومن وٽ ڪجهه به نه، هنن جي نظر ۾ هئڻ معنيٰ مال جو هئڻ ۽ ’مالدار‘ طبقي مان هئڻ.

ظلم جي صورتحال مان نفعي کائيندڙن جي حيثيت ۾، ظالم هزگز اهو سمجهي نٿا سگهن ته جيڪڏهن هئڻ جو هڪ شرط مال جو هئڻ آهي، ته اهو شرط سڀني ماڻهن لاءِ ضروري آهي. انهيءَ ڪري ٻين لاءِ هنن جو ’خيال‘ ۽ هنن جي سڄي  فياضي، سخاوت ۽ ڪرم نوازي ڪوڙي آهي. انسانيت يا انسانپڻو به هنن لاءِ هڪ ’شيءَ‘ آهي ۽ هو ڀانئين ٿا ته اُن جي قبضي يا مالڪيءَ جو اڪيلو حق سندن آهي- ورثي ۾ مليل ملڪيت وانگر،ظالم شعور جي نظر ۾، کانئن سواءِ ’ٻين‘ جو انسان بنجڻ جي اُمنگ يا ڪوشش بهتر ۽ ڪامل تر انسان پڻي جي تلاش نه، پر خود ساڻن غداري آهي، بغاوت آهي.

ظالم اِهو هر گز نٿا سمجهن ته وڌيڪ مال جي هئڻ جي سندن هڪ هٽي اُهو هڪ خاص فائدو آهي، جيڪو ٻين کي ۽ ٻين سان گڏ  کين پڻ انسان جي درجي کان هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏي. هو نٿا ڏسي سگهن ته هڪ مالدار طبقي طور، پنهنجي مالدار هجڻ جي خود پرساتنه ڪوشش ۾ هو پنهنجي اُن گهڻي مال جي دٻاءَ هيٺ  سدائي گهٽبا ۽ ٻوساٽبا رهن ٿا ۽ سچي يا سچ پچ جي هئڻ جو موقعو کين نصيب ڪونهي- هو، جي آهن، ته رڳو مالدار آهن. هنن جي سوچ  پٽاندر، وڌيڪ مالدار هجڻ سندن هڪ خاص حق آهي، جيڪو هنن پنهنجي ’ڪوشش‘ سان، ’جو کم کڻندڙ حوصلي‘ سان حاصل ڪيو آهي. جيڪڏهن ٻين وٽ وڌيڪ نه آهي، ته اُهو انهيءَ ڪري، جو هو نالائق، ناقابلڪار ۽ سست آهن ۽ وڌيڪ انهن ٻين جي خراب ڳالهه اِها آهي، جو هو خوامخواهه احسان فراموش آهن ۽ مٿئين طبقي جي ’فياضين‘ ۽ ’مهربانين‘ کي نٿا مڃين، ۽ ڇا ڪاڻ ته هو ’احسان فراموش‘ آهن ۽ ’حاسد‘ ۽ ’مسهو‘ آهن، انهيءَ ڪري هو پس پيش به دشمن آهن، جن کي هر وقت نظر ۾ رکڻ ضروري آهي!

ان کان سوءِ ظالم شعور جي سامهون ٻيو رستو به ڪونهي. جيڪڏهن مظلومن جو انسان بنجڻ جو عمل بغاوت آهي، ته انهن جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش به ائين آهي؛ انهيءَ ڪري مٿن دائمي ۽ لڳاتار ضابطو ۽ قبضو ضروري آهي. ۽ جيترو وڌيڪ ظالم جو قبضو مظلومن  تي قائم رهي ٿو، اوترو وڌيڪ هو انهن کي بيجان شين جي صورت ۾ بدلائيندا رهن ٿا. ظالم شعور جي هيءُ لاڙو، جنهن مطابق هر شيءِ جيڪا اُن جي دائري ۾ اچي ٿي، تِنهن کي اُهو جهلي، نستو ۽ بيجان بنائي ڇڏي ٿو، پنهنجي اُن قبضيداريءَ جي هوَس جي ڪري، سڌو سنئون هڪ اذيت پسند لاڙو آهي.

’فرام‘ پنهنجي ڪتاب ”انسان جي دل“ (The Heart of Man) ۾ هن لاڙي بابت چوي ٿو ته:

”ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ (يا ساهواري) تي پوري قبضي ۽ بالادستيءَ جي خوشي اذيت پسند ذهن جو اصل بنياد ۽ روح آهي. ٻين لفظن ۾ اذيت پسنديءِ  جو مقصد ئي اِهو هوندو آهي ته هڪ ماڻهوءَ کي بدلائي هڪ ’جنس‘ يا ’شيءِ‘، هڪ جاندار کي ڦيرائي بيجان بنايو وڃي-ڇو ته پوري پوري قبضي هيٺ، جاندر وجود  زندگيءَ جي واحد ۽ لازمي خاصيت- يعني آزاديءَ- کان محروم ٿي وڃي ٿو.“

اذيت پسند پيار به هڪ بگڙيل ۽ اڻوٺو پيار آهي- اُهو زندگيءَ جو نه، پر موت جو پيار آهي. انهيءَ طرح،  ظالم شعور، ۽ دنيا بابت ان جي موت بخش نظريي، جي هڪ خاص خصوصيت اذيت پسندي هوندي آهي. جيئن ئي ظالم شعور، قابض بنجڻ لاءِ، ڪنهن بي آرام، ڳولائو اُڌمي جي، ڪنهن تخليقي قوت  جي، آڏو ايندو آهي ۽ اُن کي ڪچليندو آهي- جيڪي ئي زندگيءَ جون خصوصيتون آهن، ته زندگي جو خون ڪندو آهي، اڄ ظالم،جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ، سائنس ۽ اعليٰ ڪاريگريءَ کي، اجهل ۽ بيحد طاقتور حربي طور، پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا- دٻاءَ ۽ حرفت سان ظالم نظام کي قائم رکڻ  جي مقصد لاءِ، سندن نظر ۾، مظلوم ۾، جيڪي محض سندن قبضي جون ’شيون‘ آهن، تن کي يا تن جا ڪي به پنهنجا مقصد ڪونهن، سواءِ انهن مقصدن جي، جيڪي ظالم پاڻ انهن لاءِ مقرر ڪن ٿا.

مٿي جيڪي چيو ويو آهي، اُن جي روشنيءَ ۾ ٻيو هڪُ وڏيءَ اهميت جو سوال اُٿي ٿو: ظالم طبقي جا ڪي فرد اڳتي وڌي، مظلومن سان سندن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿين ٿا، ۽ ائين تضاد جي آمهون سامهون بيٺل ٻن نقطن مان هڪ نقطي تان لهي اُن جي ٻئي نقطي تي وڃي بيهن ٿا-اُنهن جي حيثيت ۽  ڪردار جي سوال تي اِها حقيقت  آهي ته آزاديءَ جي جدوجهد جي سڄيءَ تاريخ ۾ اُنهن جي ڪردار جي وڏي اهميت رهي آهي. پر ائين به، بهر حال، ٿيندو ئي آهي ته جيتوڻيڪ اُهي پوءِ پاڻ ته استحصالي يا استحصال جا لا تعلق تماشائي به يا استحصالي مفاد جا رڳو وارث به نه رهندا آهن، تڏهن به، ذاتي طرح، اڪثر سندن اصليت جا نشان منجهن سدائين موجود ڏسبا آهن: يعني سندن شڪ ۽ بد گمانيون ۽ سندن طبيعت ۽ ذهن جا بگاڙ، جن ۾ خاص طرح  عوام جي سوچڻَ، چاهڻَ ۽ ڄاڻڻَ جي صلاحيت ۾ سندن بي اعتمادي ته لازمي طرح موجود هوندي آهي. ۽ انهيءَ ڪري عوامي مقصد جي هِنن پر جوش حامين  جي روش ۽ ڪردار ۾ ظالمن جي ڪرم نوازيءَ، فيض بخشيءَ ۽ سخاوانيءَ جي بدعادت جهڙي (8) هاڃيڪار ڪمزوري اڪثر موجود ڏسبي آهي. ظالمن جي فيض بخشيءَ ۽ سخا کي، ڪرم نوازيءَ ۽ ’نوشيروانيءَ‘ کي، بي انصاف نظام ۾ فروغ ملي ٿو، جنهن  نظام کي ضروري آهي ته قائم رکيو وڃي ته جيئن هِن فيض بخشيءَ ۽ سخا، ’نوشيروانيءَ‘۽ ڪرم نوازيءَ جو سبب ۽ جواز موجود رهي: بر خلاف اِن جي،  اسان جي هي نوان عوام دوست بي انصاف نظام کي سچ پچ  بدلائڻ به چاهين ٿا، پر پنهنجي پس منظر سبب هو ائين مڃين ٿا ته اُن تبديل جا باني، ڪار پرداز  ۽ عامل ضرور اُهي پاڻ هجن، هو عوام بابت ڳالهائين ٿا، پر عوام تي هنن جو اعتماد ڪونهي؛ ۽ عوام تي اعتماد انقلابي تبديليءَ جو لازمي، اڻ سرندو۽ اٽل، پهريون شرط آهي. هڪ سچي انسان دوست جي سڃاڻپ  عوام ۾ سندن اعتمادُ آهي، جنهن جي آڌار تي هو پاڻ کي  انهن جي جدوجهد ۾ شامل ڪري ٿو؛ عوام ۾ اعتماد کان سواءِ عوام جي فائدي ۾ ڪنهن جا هزارين ڪم ۽ خدمتون هُن جي انسان دوستيءَ جي سچي سڃاڻپ ڪرائي نٿيون سگهن.

جيڪي سچ پچ ۽ پنهنجي پوري ارادي سان پاڻ کي عوام سان ڳنڍين ٿا، تن کي دائما پنهنجي من جي چڪاس ڪندي رهڻو آهي. هيءَ عقيدي –بدل، هيءُ نئون ڳانڍاپو، بنهه بنيادي آهي-اصل ايترو، جو اُن ۾ ڪنهن ٻه چتائيءَ يا دو طرفي ڪشش جي ڪا گنجائش ئي ڪانهي. هن ڳانڍاڇي کي قبول ڪرڻ، ۽ پوءِ انقلابي ڏاهپ  يا عقل جو پاڻ کي ئي مالڪ سمجهڻ- جيڪو پوءِ عوام کي رڳو ڏيڻو (يا مٿن مڙهڻو) هجي- هي ائين اهي، جو ماڻهو ڄڻ  پنهنجي پراڻن رستن ۽ طريقن سان چهٽيو پيو  هجي. جيڪو ماڻهو آزادگيءَ جي مقصد سان پنهنجي سر سيتائيءَ ۽ جن نثاريءَ جو اعلان ڪري ٿو، ۽ پوءِ به عوام  سان حال ڀائي نٿو ٿي سگهي ۽ اُنهن کي اڳي جيئن نِرو اَڄاڻ ۽ پورو جاهل سمجهندو رهي ٿو، اُهو بيحد وڏيءَ  خودفريبيءَ جو شڪار آهي. نئون عوام دوست، جيڪو عوام جي قريب ته وڃي ٿو پر هر قدم جيڪو هو کڻن ٿا، هر شڪ جيڪو هو ظاهر ڪن ٿا، ۽ هر ويچار جيڪو هو پيش ڪن ٿا، اُن تي هو ڇرڪي ٿو ۽ هراسجي وڃي ٿو، ۽ پنهنجو ’رتبو‘ يا ’درجو‘ آڏو  آڻي ٿو، اُهو ڄڻ پنهنجي ’پهائيءَ لاءِ ، پنهنجي اصل لاءِ، بي آرام آهي ۽ اُن لاءِ ئي ٿڙڦي ٿو ۽ واجهائي ٿو.

طبقي بدلُ ڪري عوام سان گڏجڻ هڪ ڳڀنير پُنر جنم گهري ٿو، جيڪي اهڙي تجربي مان گذرن ٿا، اُنهن کي هڪ بنهه نئون وجود اختيار ڪرڻو ٿو پوي: اُن کان پوءِ اُهي ساڳيا نٿا رهن، جئن هو اڳ هئا. فقط مظلومن سان دلي سنگ ۽ رفاقت ذريعي ئي، مظلومن جانوان دوست اُنهن جي مخصوص رهت سهت کي سمجهي سگهندا، جيڪا انهن جي مظلوميءَ ۽ هيڻائيءَ جا انيڪ روپ کين ڏيکاري سگهندي ۽ ڪيئي دل فگار داستان کين ٻڌائي سگهندي، اُنهن مان هڪڙي سندن خصوصيت، جنهن جو ذڪر مٿي پڻ ٿي چڪو آهي، مظلومن جي وجود جي دو طرفائي آهي، جيڪي هڪ ئي وقت سڌا سنوان پاڻ به آهن ۽ اُهو ’ظالم‘ به آهن، جنهن جو شعور هنن پاڻ تي ڇانئي رکيو آهي. انهيءِ ڪري، تيستائين جو هو، سروسر، پنهنجي ’ظالم‘ کي ڳولي ۽ سڃاڻي سگهن ۽ ائين کين پنهنجي شعور جي ڄاڻ به حاصل ٿئي، هو ذري گهٽ سدائين، پنهنجي صورتحال  متعلق تقدير پرستيءَ جي ڀاو ۾ ورتل هوندا آهن.

’هاري فقط تڏهن پنهنجي تابعداريءَ مان بند خلاصيءَ جي همت ڏيکاڻ شروع ڪري ٿو، جڏهن هن کي ڄاڻ  ٿئي ٿي ته هو تابعدار آهي. تيستائين هو پنهنجي ”ڀوتار“ جو پوئلڳ آهي ۽ چوندو آهي، ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان“مان ته ٺلهو هاري آهيان.“‘ (9)

مٿاڇرائيءِ سان ڏسندي، هن تقدير پرستيءَ کي اڪثر ڳوڀيپڻو يا ماٺيڻائي سڏيو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته اِها  هڪ قومي خصوصيت آهي . پر ڳوڀپڻي جي ويس ۾ تقدير پرستي ڪنهن قوم جي سڀاءَ جي لازمي خصوصيت  نه پر اُن جي تاريخي ۽ سماجياتي صورتحال جو نتيجو هوندي آهي. مظلوم صورتحال کي اڪثر تقدير يا قسمت يا نصيب سان ڳنڍيو ويندو آهي. جيڪي وس کان ٻاهر ۽ اڻٽر قوتون شمارجن ٿيون- يا اُن کي خدا جي  ڪنهن نه ڪنهن خود ساخته تصور سان ملايو ويندو آهي. ڏند ڪٿا ۽ جادوءَ جي اثر هيٺ، مظلوم،خاص طرح هاري- جيڪي قدرت جي وزن هيٺ ذري گهٽ دفن ٿيا پيا آهن- پنهنجي زندگيءَ جي سڄي دک کي، جيڪو سڄي جو سڄو انساني ڦرمار ۽ ڏاڍ جو نتيجو هوندو آهي، خدا  جي مرضي سمجهندا آهن، ڄڻ ته هِن ’منظم بدنظميءَ‘ جو خالق خد آهي.!

حقيقت جي بار هيٺ دٻيل آهي ۽ پوريل هئڻ سبب، مظلوم اُنهيءَ نظام کي صاف ڏسي ئي نه سگهندا آهن، جيڪو ظالمن جي مفادن جي پاسداريءَ لاءِ بيٺل هوندو آهي، انهيءَ نظام جي پابندين هيٺ لڇندي پڇندي، هو اڪثر ڪري هڪ قسم جي سامهانئين يا ’سڌي‘ ڏاڍ جو اظهار ڪندا آهن، جنهن سان  خسيس کان خسيس ڳالهين تي  هو پنهنجن ئي همراهن ۽ رفيقن تي آڪڙياپيا گهمندا  آهن ۽ پاڻ جهڙن ئي ٻين مظلومن سان سبب بي سبب کوسندا ۽ وڙهندا رهندا آهن. ۽ اُهو انهيءَ ڪري به، جو هو، پاڻ مظلوم هوندي به، پنهنجي وجود جي دو- طرفائيءَ کان ’ظالم‘ جو عڪس به پنهنجي من ۾ موجود رکندا آهن.

ٻئي پاسي، پنهنجي  وجودي تجربي جي ڪنهن نقطي تي پهچندي، مظلوم هڪ قسم جي زبردست ڪشش  ظالم ۽ اُن جي طرز زندگيءَ لاءِ محسوس ڪندا آهن، ۽ هن طرز زندگيءَ ۾ حصيدار ٿيڻ جي خواهش سندن من جو هڪ اجهل اڌمو بنجي ويندي آهي. پنهنجي بيڪسيءَ ۽ تنهائيءَ ۾، ڪنهن نقطي تي، مظلوم چاهيندو آهي ته ڪنهن طرح هو به ظالم جهڙو هجي، اُن جو ويس ڍڪي ۽ نقل ڪري، اُن جي پٺيان هلي. هيءَ صورت، خاص طرح، مظلوم وچين طبقي ۾ عام ڏسبي آهي، جيڪي مٿئين طبقي جي ’وڏن‘ ماڻهن سان برابريءَ ۾ بيهڻ ۽ مٿي گس ڪرڻ لاءِ سڪندا رهندا آهن.

پاڻ کي نِندڻ ۽ هيچ سمجهڻُ مظلومن جي هڪ ٻي خاصيت هوندي آهي. جيڪا نتيجو هوندي آهي انهن راين جو، جيڪي ظالم انهن لاءِ رکندا آهن ۽ جنهن کي هو ٻڌي ٻڌي، اَڄاڻائي ۾ پاڻ ئي مڃي ۽ قبول ڪري ويهندا آهن. هو هر هر ايترو ته انهن کان پنهنجي لاءِ ٻڌندا آهن ته هو ڪنهن ڪم جا نه آهن، ڪجهه نٿا ڄاڻن، ڪجهه به سکي نٿا سگهن، ڪڏهن ڪين سڌرندا، بيمار ۽ مرضيل آهن، سست آهن، نڪما آهن وغيره وغيره، جو نيٺ ٻڌي ٻڌي، هنن کي پنهنجي نڪمائي ۽ نالائقيءَ جي پڪ ٿي ويندي آهي. ’هاري ”ڀوتار‘ کان  پاڻ کي گهٽ محسوس ٿو ڪري. ڇا ڪاڻ ته ڀوتار کي هو ڏسندو آهي ته اُهو ئي آهي، جو ڳالهيون ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.‘(10)

هو پاڻ کي اڻ ڄاڻ ۽ جاهل سڏيندا آهن ۽ سمجهندا  آهن، ۽ اڪثر ائين چوندي ٻڌبا آهن ته،  ’سائين ئي ڄاڻي ٿو، اسان کي هُن کان رڳو ٻڌڻ گهرجي‘ علم جي سڃاڻڻ جون ڪسوٽيون اُنهن تي جيڪي مڙهيل آهن، سي اڪثر روايتي ۽ ڏاڍن جي پسند ۽ اختيار واريون ۽ ڏاڍن جي ڌڻيل ۽ قبوليل ’عالمن جي سند‘ واريون هونديون آهن، هڪ دفعي هڪ ’تهذيبي حلقي (ڏسو باب ٽيون) ۾ هارين کي جڏهن ڪنهن آکاڻيءَ  تي ٻڌل تصويرون ڏيکاريون ويون ۽ کانئن سوال ڪيا ويا ته انهن تصويرن ۾ هنن ڇاٿي ڏٺو ۽ انهن بابت ’هنن ڇا ٿي سمجهيو، ته ذري گهٽ يڪ زبان  ٿي، سڀني چيو: ”سائين اڳو  پوءِ اوهين تي کڻي سمجهايو ته انهن ۾ ڇا آهي! ائين جهٽ به ٿي پوندو ۽ مٿي ماريءَ کان به اسين بچي پونداسين.‘“

ائين ڏسبو آهي ڄڻ اِهو محسوس ئي نٿا ڪن ته ڪو هو پاڻ به ’ڪجهه ڄاڻن ٿا‘- خود اُهو ڪجهه  به جيڪو دنيا سان ۽ ماڻهن سان لڳ لاڳاپي ۾ ايندي هنن سڌيءَ طرح پاڻ ئي ڏٺو آهي ۽ سمجهيو به آهي، جيڪي حالتون سندن من جي ويڳاڻپ ۽ ٻه چتائيءَ جي پيدا ٿيڻ لاءِ جوابدار آهن، انهن جي موجودگيءَ ۾ هنن جي پنهنجي ذات ۾ اِها بي اعتمادي هڪ فطري ڳالهه آهي.

اڪثر موقعن تي ڏٺو ويو آهي ته گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل هاري پهريائين ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان هڪ ڳالهه ۾ حصو وٺندا. پر پوءِ اوچتو ئي چپ ٿي ويندا ۽ سيکاريندڙ کي چوندا:’سائين، معاف ڪجو، اسان کي ڳالهائڻ نه گهرجي، اوهين ئي ڳالهايو، اوهين ئي ڄاڻو ٿا، اسان کي ڪهڙي خبر!‘ عام طور، هو سدائين انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندا آهن ته هنن ۾ ۽ جهنگ جي ’جناورن‘ ۾ ڪو فرق ڪونهي؛ ۽ ڪڏهن ڪو فرق ڏسڻ ۾ ايندو به اٿن، ته اُن ۾ به هو جانورن کي مٿي ڪندا آهن-’ وري به، سائين، هو ڇٽل آهن، اسين ٻڌل آهيون!‘

پر هيءِ ڏاڍي هڪ ڌيان جوڳي ڳالهه سندن روش ۾ ڏٺي ويئي آهي ته جيئن ئي سندن مظلوم صورتحال ۾ تبديليءَ جا پهريان آثار پيدا ٿيندا آهن، ته سندن هن خود انڪاريءَ يا پنهنجي گهٽتائي جي احساس ۾ به ڦيرو اچي ويندو آهي. مون هڪ ’تهذيبي حلقي‘ ۾ هڪڙي اڳواڻ کي چوندي ٻڌو ته ’هو اسان کي چوندا هئا ته اوهين نڪما آهيو، ڇو ته اوهين آرسي ۽ موالي آهيو! سڀ ڪوڙ! هاڻي، جو اسان کي ماڻهو ٿو سمجهيو وڃي، سو اسين سڀني کي  ڏيکارينداسون ته اسين نه موالي هئاسون، نه آرسي، اسين ته رڳو ڦريل، لٽيل ۽ ماريل هئاسون!‘

جيسين مظلومن جي من جي مونجهه ۽ ٻه چتائي قائم هوندي آهي، تيسين هو مقابلي کان ڪيٻائيندا آهن ۽ هنن کي پاڻ ۾ بلڪل اعتماد ڪو نه هوندو آهي(11)ظالم جي اَجيت پڻي ۽ طاقت ۾ هنن کي هڪ انيڪ طرح جو جادو ئي عقيدو هوندو آهي، زميندار جي طاقت جو زور ۽ اُن جو اثر سڄيءَ ٻهراڙيءَ تي ائين ڇانيل هوندو آهي، ڄڻ اُها ڪنهن مَنڍ ۾ مَنڍيل هوندي آهي.هڪڙي سماجيات جي عالمن منهجي دوست مون سان هڪڙي لاطيني آمريڪي ملڪ جي هڪ هٿياربند هاري ٽولي جي ڳالهه ڪئي، جن ڪنهن موقعي تي پنهنجي زميندار کي جهلي ورتو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ اُن کي پاڻ وٽ اول ڪري ويهارڻ گهريو ٿي، پر منجهانئن  ڪنهن هڪڙي به ان کي پنهنجي ذاتي قبضي يا پهري ۾ جهلڻ جي هامي ڪا نه ڀري؛ اُن جي موجودگي  ئي هنن کي ايتري ڪا ڊيڄاريندڙ ٿي لڳي! ائين به ممڪن آهي ته ’ڀوتار‘ جي خلاف اٿڻ ۽ اُن کي سامهون پوڻ ئي هنن کي هڪ ڏوهه جهڙو بلڪ گناهه جهڙو ڪم ٿي لڳو. حقيقت ۾ ’ڀوتار‘ انهن جي ’اندر ‘ ۾ موجود هو.

مظلومن لاءِ ظالم جي هيڻائيءَ ۽ هارَ جا مثال اکئين ڏسڻ ضروري آهن، ۽ پوءِ ئي هنن جي من ۾ ابتڙ ويساهه ڄمندو. تيسين  هو بي ستيا، ڊنل ۽ هارايل رهندا، جيستائين مظلوم پنهنجي حالت لاءِ ذميندار سببن کان بيخبر آهن، تيسين هو پنهنجي ڦرجڻ، مارجڻ کي، يعني پنهنجي استحصال کي، پنهنجي تقدير سمجهي، ’قبول ڪن ٿا.‘ ان کان به وڌيڪ هي ته سندن خود اظهاريت ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جي اٽل ضرورت به سندن منهن مقابل اچي ٿيندي، ته ان کان هو  تيسين انڪاري ۽ بي عمل رويو اختيار ڪندي، هٽندا رهندا ۽ بچندا رهندا، بهر حال، پيرُ پيرَ ۾ پائيندي، هو باغيانه عمل جي صورتن کي آزمائڻ ڏانهن نيٺ لڙن ٿا، ۽ پوءِ هو مڙس ماڻهو ٿي وڙهن ٿا، مظلومن جي آزادگيءَ جي حاصلات لاءِ ڪم ڪندي، هُنن جي هن صبر ۽ شڪر جي ڪيفيت، سندن هِن بي عمل  سانتيڪائپ کي وسارڻو نه آهي، ۽ نه وري سندن  اُن جاڳرتا ۽ غيرت جي سهائي گهڙيءَ کان بيخبر رهڻو آهي.

دنيا بابت ۽ خود پنهنجي بابت سندن جيڪو اَڻ سچو خيال آهي، تنهن مطابق مظلوم پاڻ کي ظالمن جي ملڪيت جون ’شيون‘ ئي سمجهن ٿا ظالمن لاءِ هئڻ جي معنيٰ ملڪيت وارو هئڻ- ۾ ائين هو ذري گهٽ هميشه هوندا ئي تڏهن آهن، جڏهن  عام عوام وٽ، اڪثريت وٽ، ڪجهه نه هوندو آهي. اُن جي بر عڪس، مظلومن لاءِ پنهنجي وجودي تجربي جي هڪ نقطي تي، هئڻ جي معنيٰ ظالم جهڙو نه پر هن جي زير هئڻ، تابع هئڻ، هوندي آهي. انهيءَ  ڪري مظلوم احساسي طور تابعدار ماڻهو هوندا آهن.

’مظلوم هڪ تابعدار ماڻهو آهي، هو جيڪي چاهي ٿو، سو چئي نٿو سگهي. پنهنجي تابعدار ۽ آسرائپ جي حالت جي ڄاڻ کان پهرين، هو دک ۽ عذاب چپ چاپ سهي ٿو. هو سڄي ٻاڦ، سڄي ڪاوڙ  گهر ۾ ڇنڊي ٿو-  زور سان ڳالهائي ٿو، پنهنجن ٻارن کي دٻائي ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ نراسائپ ۾ گذاري ٿو، هر پنهنجي زال جون شڪايتون ڪري ٿو ۽ ڀانئي ٿو ته هر شيءَ هن لاءِ عذاب ۽ هر ڳالهه هن لاءِ مصيبت آهي. هو پنهنجي ”ڀوتار“ تي ڪاوڙ نٿو ڇنڊي، ڇو ته هو سمجهي ٿو ته اُهو وڏو ۽ مٿڀرو ماڻهو آهي. اڪثر هو پنهنجا ڏک فقط شراب جي نشي ۾ وساري ٿو.‘ (12)

هيءَ سڄي جذباتي تابعداري ۽ ويچارپ، هيءَ سڄي من جي ڀاوَ جي اُڌارپ مظلوم کي، ’فرام‘ جي لفظن ۾، فقط موت ڏانهن مائل يا موت پسند ڪردار ڏانهن ئي نيئي سگهي ٿي-زندگيءَ جي برباديءَ ڏانهن، سندن پنهنجي ۽ پڻ پنهنجن ئي مظلوم ڀائرن جي زيان ۽ برباديءَ ڏانهن.

سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته جڏهن مظلوم پنهنجن مظلومن کي ڳولي هٿ ڪن ٿا، پنهنجي آزاديءَ جي منظم جدوجهد ۾ شريڪ ٿي بيهن ٿا، تڏهن ئي فقط تڏهن ئي هنن جو پنهنجي ذات ۾ توڙي پنهنجيءَ مظلوم برادريءَ ۾ ايمان ڄمي ٿو ۽ وڌي ٿو، ظالمن جي هيءَ ڳولا ۽ دريافت خالص ذهني سطح تي ڪا نه ٿي ٿئي، پر عمل جو اُن سان شامل هجڻ لازمي آهي؛ نه وري اُها  ٺلهيءَ عمليت تائين محدود  آهي، پر سنجيده فڪر ۽ سوچ جو اُن سان شامل رهڻ ضروري آهي. فقط تڏهن اُن کي مالي ۽ مفيد يعني سچو عمل چئي سگهبو.

سوچ ويچار واري آزادگيءَ بخش ڳالهه ٻولهه، جنهن جو بنيادي مقصد عمل هجي، مظلمن سان سندن آزاديءَ جي جدوجهد جي هر منزل تي جاري رکڻ ضروري آهي.(3) اُن ڳالهه ٻولهه جو مواد يا موضوع ضرور  تاريخي حالتن مطابق ۽ مظلوم حقيقت جي شعور جي جنهن سطح  تي بيٺل هجن، اُن جي مناسبت سان بدلجي سگهي ٿو ۽ بدلجڻ گهرجي. پر ڳالهه ٻولهه بدران  خود ڪلاميءَ ۽ نعرن ۽ اطلاع نامن کان ڪم وٺڻ جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته مظلومن کي  مڃائڻ ۽ مطيع ڪرڻ جي طور طريقن سان مظلومن کي آزاد ڪرڻ يا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. آزادگيءَ جي عمل ۾ مظلومن جي پنهنجي هوشمند شراڪت کان سواءِ انهن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ائين آهي ڄڻ اُهي باهه لڳل عمارت ۾ پيل شيون آهن، جن کي اُتان صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي اچڻ ضروري آهي؛ ائين هنن کي هٿ کان وٺي’ مقبول عام‘ حرفتي اڳواڻن جي نمائشي سياست جي حوالي ڪرڻو آهي، جتي اُهي  اڻ سوچيندڙ انبوهه جي حيثيت ۾ رڳو استعمال ئي ٿي سگهن ٿا.

پنهنجي آزادگيءَ جي هر منزل تي مظلومن لاءِ نهايت ضروري آهي ته هو پاڻ کي ڪامل انسان بنجڻ جي ازلي ۽ تاريخي ڪردار جي ادائگيءَ ۾ پاڻ کي مصروف سمجهن. ۽ ان لاءِ هر حالت ۾ هوش ۽ عمل جو اشتراڪ لازم آهي، ته جيئن ڪنهن غير شعوري غلطيءَ کان به، تاريخ جي ڪنهن منزل تي، انسانپڻي ۽ اُن جي عصري روح جي تقاضا جي وچ ۾ ڪو تضاد يا ڪا دوئي واقع نه ٿي سگهي.

اِها طلب ته مظلوم پنهنجي وجود صورتحال کي پوري ڌيان سان ڏسن، اُن تي سوچين ۽ اُن بابت هوشمند رويو اختيار ڪن، هر گز ڪنهن ’آرام ڪرسيءَ جي انقلاب‘ لاءِ سڏ ڪونهي، اُن جي ابتڙ، هوش- سچو هوش- عمل ڏانهن ئي نيئي ٿو.۽ جڏهن ڪا صورتحال عمل جي تقاضا ڪري ٿي، ته اُهو بامقصد ۽ ڪامياب يعني سچو عمل فقط ۽ فقط تڏهن ٿيندو، جڏهن ان جا نتيجا با خبر ۽ تورتڪ ڪندڙ فڪر جا موضوع بڻيل هجن. اِن قسم جو سچو عمل مظلومن لاءِ زندگيءَ جي نئين يعني عصري منطق جي عين منشا آهي؛ ۽ عمل جيڪو هن نئين منطق جي تاريخي گهڙيءَ جو استقبال ڪري ٿو،  اُهو هوش ۽ فڪر جي شراڪت بلڪ هم آهنگيءَ کانسواءِ ڪا جان، ڪو روح ۽ فتحمنديءَ جو ڪو امڪان ڪو نه ٿو رکي. هوش کان خالي عمل ٺلهي عمليت يا عمل پرستي آهي ۽ اُهو ائين آهي جيئن پاڻي ولوڙڻ ۽ اُن مان مکڻ جي آس رکڻ سچي عمل لاءِ، هر صورت ۾، مظلومن تي ۽ انهن جي عقلي صلاحيت تي اعتماد ضروري آهي. جنهن جي به دل ۾ هيءُ اعتماد ڪونهي، اُهو ڳالهه ٻولهه، سوچ ويچار ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو سلسلو شروع ئي نه ڪري سگهندو يا ٿوري ۾ ئي اُن کي ڇڏي ڏيندو، ۽ پوءِ رڳو نعرن، اطلاع  نامن، خود ڪلامين ۽ هدايت ڪارين ۾ ٽپي وڃي پوندو. آزادگيءَ جي مقصد سان اهڙيءَ سطحي قسم جي وابستگيءَ مان اهو خطرو آهي.

مظلومن جي طرف سياسي عمل تحقيق هڪ مستند ۽ سچو تدريسي عمل هئڻ گهرجي، ۽ اهو فقط تڏهن ٿيندو، جڏهن اُهو مظلومن جو پنهنجو عمل يعني سندن راءِ جو، سندن ساٿ جو ۽ سندن مرضيءَ جو عمل هوندو. جيڪي آزادگيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا، انهن کي مظلومن جي جذبات آسرائپ جو فائدو وٺڻ نه گهرجي-ڇو ته مظلومن جي آسرائپ نتيجو ئي مٿن قابض ڏاڍ جي صورتحال جو آهي، جنهن منجهن پنهجي آسپاس لاءِ اُهو آسرائپ ۽ پر وهيڻائپ جو ٻاراڻو خيال پيدا ڪيو آهي. مظلومن جي آسرائپ ۽ پر وهيڻائپ کي استعمال ڪري منجهن وڌيڪ آسرائپ ۽ پر وهيڻائپ پيدا ڪرڻ- اهو ظالمن جو طريقيڪار آهي.

آزادگيءَ جي عمل لاءِ ضروري آهي ته اُهو مظلومن جي هن آسرائپ ۽ پر وهيڻائپ کي انهن جي هيڻائيءَ جو هڪ نقطو سمجهي، ۽ سندن ئي سوچ ۽ ڪم وسيلي ان کي پڻ ڀرائيءَ ۽ پاڻ وهيڻائپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، بهر حال. انتهائي نيڪ نيت ڪا اڳواڻپ به هيءَ پاڻ ڀرائي ۽ پاڻ وهيڻائپ ۽ هيءَ خوداعتمادي تحفي طور بخشي نٿي سگهي. مظلومن جي آزادي انسانن جي آزادي  آهي، نه مشينن جي. انهيءَ ڪري، جيتوڻيڪ اِها حقيقت آهي ته ڪو به ٻين جي هٿان آزاد ٿي نٿو سگهي، پر اها به حقيقت آهي ته هيڪلو پنهنجي ڪوششن سان به ڪو پاڻ کي آزاد نٿو ڪري سگهي. آزادگي، جيڪا هڪ انساني لقاءُ آهي، اڌ انسان حاصل ڪري نٿا سگهن، ۽ ڪا به ڪوشش جيڪا انسانن کي اڌ انسان طور مڃيندي ۽ ڏسندي، اها انهن کي انسانڦڻي کان فقط ڪيرائي ٿي سگهندي. جڏهن انسان، ظلم جيڪو هو سهن ٿا،اُن جي ڪٺورتا هيٺ، انسانپڻي جي درجي کان هيٺ ڪيرايا ويا هجن، انهن جي آزادگيءَ جي عمل ۾ وڌيڪ ڪنهن حيوانپڻي جا طريقا اختيار نه ڪرڻ کپن.

انهيءَ ڪري، آزادگيءَ جي مقصد لاءِ صحيح  طريقو، جيڪو انقلابي اڳواڻپ کي ڪم آڻڻو آهي، سو ’ڇڙواڳ واتراڌائي‘ جو طريقو نٿو ٿي سگهي. ۽ نه ئي وري اڳواڻپ کي آزاديءَ جي مڃتا جو رڳو’ٻيجو‘ يا ڪا ’چڪي‘ آڻي مظلومن جي من ۾ هڻڻي آهي، ۽ ائين وسهي ويهڻو آهي ته انهن جو اعتماد کين حاصل ٿي ويو يا ٿي ويندو. صحيح طريقو، ۽ هڪڙو ئي صحيح  طريقو، ڳالهه ٻولهه ۾، گفتگو ۾، خيالن جي ڏي وٺ ۾ ئي موجود  آهي، ۽ اُهو ئي ڪم آڻڻو آهي.مظلومن جو دلي يقين ته کين پنهنجي آزادگيءَ لاءِ ضرور وڙهڻو آهي، ڪو تحفو نه آهي جو انهن کي انقلابي اڳواڻپ هٿان ملي سگهي؛ پر اهو سندن دلي يقين انهن جي پنهنجي ذهني بيداريءَ ۽ تحرڪ جي عمل جي نتيجي طور ئي کين ملي سگهي ٿو.

انقلابي اڳواڻن کي هيءُ خوب سمجهڻ گهرجي ته جدوجهد  جي ضرورت سندن پنهنجو يقين- سچو يقين-(جيڪو انقلابي ڏاهپ جو قطعي گڻ آهي) کين به ٻئي  ڪنهن کان اڌارو يا سوکڙي ٿي ڪو نه مليو هو.هيءُ يقين هرگز پُڙيءَ ۾ ويڙهجي ۽ وڪجي نٿو سگهي؛ اِن تائين رسائي ٿي سگهي ٿي- پر فڪر ۽ عمل جي گڏيل ۽ نبار اثر ذريعي؛ حقيقت سان، موجود تاريخي صورتحال ۾، سندن فقط پنهنجي سڌي واسطي ۾ اچڻ سان ئي ان صورتحال کي پرکڻ پروڙڻ ۽ ان تي تنقدي نظر وجهڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو، ۽ ان کي بدلائڻ جي سندن من ۾ جاندار ۽ پختي خواهش پيدا ٿي سگهي هئي.

ساڳيءَ طرح، مظلومن کي به، پاڻ ئي، انهيءَ صورتحال سان جنهن جا هو نشانا بڻيل آهن، پوريءَ باخبريءَ سان اهڙي ئي تنقيدي واسطي ۾ اچڻو آهي ۽ پوءِ ئي ان کي بدلائڻ جي جدوجهد جي ضرورت جو اهو امٽ يقين سندن من ۾ جنم وٺي سگهي ٿو، جنهن کانسواءِ جدوجهد ڪنهن عملي امڪان جي دائريءَ ۾ اچي ئي نٿي سگهي. هيءُ يقين جهڙو انقلابي اڳواڻپ لاءِ ضروري آهي، تهڙو ئي مظلوم عوام لاءِ به آهي-بشرطيڪ گهربل تبديليءَ لاءِ مظلومن لاءِ نه پر مظلومن سان گڏجي، بلڪ انهن جي  هٿان، عمل ۾ آڻڻ جو ارادو هجي.منهنجو پورو ويساهه آهي ته فقط پوئين طريقي سان آيل تبديلي ئي جائز، صحيح ۽ بقادار تبديلي ثابت ٿي سگهي ٿي.(14)

هنن خيال کي پيش ڪرڻ جو مقصد هيءُ آهي ته انقلابي عمل جي تدريسي حيثيت ۽ ان جي اعليٰ اهليت جو دفاع ڪيو وڃي. تاريخ جي هر دؤر جي انقلابي اڳواڻن، جن صاف طور ائين پئي چيو آهي ته مظلومن کي پنهنجي آزادگيءَ جي جدوجهد جي ذمينداري پاڻ کڻڻ گهرجي- جا ڳالهه هو نئن به ظاهر آهي- انهنِ اها ڳالهه چوندي، ان جي نتيجي طور، جدوجهد جي تدريسي پهلوءَ کي به تسليم پئي ڪيو آهي. پر هنن اڳواڻن مان گهڻن (شايد تدريس کان قدرتي تعصب يا اُن جي ذميدارين جي نزاڪت کان بچاءُ جو رخ وٺندي) عملي طرح ’سڌا تعليمي‘ طريقا يعني  خطابي ۽ واعظي طريقا  ئي پئي اختيار ڪيا آهن، جيڪي ظالم ڪم آڻيندا آهن. هنن ائين آزادگيءَ جي جدوجهد ۾ تدريسي افاديت جو عملي انڪار پئي ڪيو آهي، ۽ مڃائڻ لاءِ ظالمن وارا ’پروپيگنڊائي‘ طريقا پئي ڪم آندا آهن، ۽ ائين عصري انقلاب جي آزادگي بخش افاديت کان پنهنجي دؤر کي پوريءَ طرح نه ته به ڪافي حد تائين محروم پئي رکيو آهي.

مظلومن لاءِ تمام ضروري آهي ته پوريءَ طرح هيءَ ڳالهه سمجهن ته هو جڏهن پنهنجي بهتر انسان ٿيڻ لاءِ جدوجهد جو فرض قبول ڪن ٿا ته ساڳئي وقت هو ان جي پوري ذميواري قبول ڪن ٿا. هنن کي پوريءَ طرح هي سمجهڻو آهي ته هي رڳو بک کان آزاديءَ لاءِ ڪو نه ٿا وڙهن، پر ’فرام‘ جي لفظن ۾:

’هو تخليق جي آزاديءَ ۽ تعمير جي آزاديءَ لاءِ ۽ تعجب ۾ پئجي حوصلي ۽ همت کان ڪم وٺڻ ۽ جوکم کڻڻ جي آزاديءَ لاءِ به وڙهن ٿا. هن قسم جي آزادي گهري ٿي ته ماڻهوءَ کي فعال ۽ ذميدار ٿيڻو آهي، ۽ نه هڪ باندي ۽ غلام يا مشين جوڪو تيل لڳل پرزو.....اهو ئي ڪافي نه آهي ته ماڻهو غلام نه هجن؛ جيڪڏهن سماجي حالتون انهن کي رڳو خود ڪار بوتا بڻائي پيون آڏو آڻينديون، ته نتيجو اُن جو زندگيءَ لاءِ ڪشش نه پر موت لاءِ ڪشش جي صورت ۾ ئي نڪرندو.

مظلوم، جيڪي ظلم جي گهُٽيندڙ ۽ ماريندڙ آبهوا ۾ وڌيا ۽ ٺهيا آهن، انهن کي پنهنجي پنهنجي جدوجهد جي ذريعي ئي زندگي بخش انسانپڻي جو رستو دريافت ڪرڻو آهي، ۽ اُهو رڳو خوراڪ جي ڪشادگيءَ جو رستو ئي نه آهي(جيتوڻيڪ خوراڪ جي ڪشادگيءَ اُن جو لازمي نتيجو ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ واقعي ٿئي به  ٿو.)مظلوم زبون حاليءَ جو شڪار آهن. بلڪل انهيءَ ڪري جو سندن صورتحال انهن کي انساني سطح کان ڪيرائي ’شين‘ جي سطح تي نيئي ڇڏيو آهي. پنهنجو انسانپڻو هو موٽائي حاصل ڪن، ان لاءِ لازم آهي ته هو محض شيون نه رهن، پر انسانن وانگر اٿن ۽ اٿي مقابلو ڪن، اهو هڪ اصلي ۽ بنيادي شرط آهي، هو شين وانگر اٿن ۽ جدوجهد جي ابتدا ڪن ۽ پوءِ انسان بڻجن- ائين ٿي نٿو سگهي.

جدوجهد جي ابتدائي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن مظلوم محسوس ڪن ته هنن کي ڪچليو ويو آهي، نابود ڪيو ويو آهي.پروپيگنڊا سان، ’بندوبست‘ سان ، حرفت سان، جيڪي سڀيئي بالادستيءَ جا هٿيار آهن، انسانن لاءِ انسان يا بهتر انسان بڻجن جا ڪي به وسيلا يا موقعا پيدا ٿي نٿا سگهن. بهتر  انسان بڻجڻ جو هڪڙو ۽ فقط هڪڙو ئي اثرائتو رستو آهي-تدريس جو رستو، آزاد اراديءَ ۽ آزاد عمل جو گڏيل رستو، جنهن ۾ انقلابي اڳواڻپ کي مظلومن سان ڳالهه ٻولهه يا گفتگو جو دائمي لاڳاپو قائم رکڻو آهي. هن تدريس ۾ تعليم جو ڪو نسخويا طريقو استادن (هتي، انقلابي اڳواڻپ) جو هٿيار ٿي ڪم نٿو اچي سگهي، جنهن وسيلي هو شاگردن (مظلومن) کي نڪ ۾ نوڙي وجهي هلائي سگهن، ڇو ته هيءِ تدريس شاگردن جي پنهنجي تجربي، احساس ۽ شعور جو ئي عڪس ۽ اظهار هوندي آهي.

انهيءَ ڪري انقلابي اڳواڻپ لاءِ ’گڏيل ارادي‘ جي تعليم جو استعمال لازمي آهي.بلڪ انقلابي مقصد لاءِ اُن جي آڏو رستو اهو ئي هڪ آهي. استاد ۽ شاگرد (اڳواڻپ ۽ ماڻهو) حقيقت جي سلسلي ۾ هڪ ئي ارادي تي بيٺل، ٻيئي عامل آهن، يعني هڪ ئي ڪم ۾ ساٿي ۽ همراهه آهن-نه رڳو حقيقت کي پڌري ڪرڻ جي ڪم ۾ يعني ان کي صحيح طور ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾، پر  ان ڄاڻ کي تخليقي طور پنهنجي ڪم ڪرڻ ۽ پڻ حقيقت جي تبديلي جي جدوجهد تا عمل ۽ ان کي تخليقي طور ڪم آڻڻ ۾، جيئن جيئن هو گڏيل سوچ ۽ ڪم، مشترڪ فڪر ۽ عمل وسيلي، حقيقت جي هيءَ ڄاڻ، ان جو هيءُ شعور، حاصل ڪن ٿا، تيئن تيئن هو اُن حقيقت جي تبديليءَ جا پاڻ دائمي معمار ۽ تخليق ڪار بڻجن ٿا. ۽ ائين مظلومن جي پنهنجي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ موجودگي يا شموليت اُن ئي قسم جي ۽ ان ئي سطح ۽ معيار جي ٿيندي، جنهن جي اها ٿيڻ گهرجي-نالي ماتر ۽ مٿاڇرائي شموليت نه، پر سر سيتائيءَ واري، مرڻ جيئڻ واري شموليت.

باب ٻيو

اسڪول جي اندر يا اسڪول کان ٻاهر، ڪنهن به سطح تي، استاد- شاگرد جي تعلق تي ڌيان سان غور ٿو ڪجي ته اُهو بنيادي طور هڪ بياني قسم جو تعلق معلوم ٿو ٿئي. هن تعلق ۾ هڪ پاسي بيان ڪندڙ (استاد) ۽ ٻئي پاسي اُن جي سامهون خاموش ٻڌندڙ (شاگرد) هجن ٿا. ڳالهه، قدرن جي توڙي حقيقت جي تجرباتي يا ڏٺل ڪيل احوال جي، بيان ٿيندي ٿيندي، سُڪي ۽ سسي، بيجان بنجي وڃي ٿي، ۽ ائين سڄي تعليم محض بيان يا تقرير جي بيماريءَ جو ئي تڪرار  ٿي وڃي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org