سيڪشن: ادب

ڪتاب: علم تدريس مظلومات لاءِ

باب:

صفحو:11 

انقلابي اڳواڻ، جيڪي سچا پچا انسان دوست آهن ۽ واقعي انقلابي آهن، تن جي آڏو به اِن سلسلي جون جيڪڏهن ڪيئي مشڪلاتون آهن، ته اڳواڻن جي اُها  ٽولي جيڪا نيڪ نيتيءَ سان، به صرف، عوام لاءِ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، اُنهن جي آڏو اٿندڙ مسئلا ۽ مشڪلاتون ته پاڻ وڌيڪ گهڻيون ۽ ڏکيون ٿي سگهن ٿيون: ڇو ته انقلاب لاءِ ائين ڪوشش ڪرڻ جي معنيٰ آهي عوام کانسواءِ انقلاب آڻڻ، ۽ اُن لاءِ ماڻهن کي اُنهن ئي رستن  ۽ طريقن سان ڇڪي انقلاب ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو، جن طريقن ۽ رستن  سان مٿن ظلم جو عمل روا رکيو ويندو آهي.

انهيءَ ڪري عوام سان ڳالهه ٻولهه هر سچي ۽ پيڙهائي انقلاب لاءِ اشد ضروري آهي.اِهائي شيءَ آهي، جيڪا انقلاب کي (فوجي ڇاپو يا ارهه زروائي- Coup نه پر ) انقلاب بنائي ٿي، فوجي ڇاپي (Coup) مان ڳالهه ٻولهه جي اميد نٿي رکي سگهجي؛ اُن مان فقط فريب جي اُميد رکي سگهجي ٿي (ڇو ته اُهو پاڻ لاءِ جائزگيءَ يا حلالپڻي جي سَند حاصل ڪرڻ گهري ٿو) يا تشدد جي (ڇو ته اهو آخري طور دٻائڻ يا اوراٽڻ گهري ٿو). سوير يا اوير، سچي انقلاب کي عوام سان ڳالهه- ٻولهه ضرور شروع ڪرڻي آهي ڇو ته ان کي ان جي سڄي جائزگي اصليت ۽ مان ملي ٿي.(35) سچو انقلاب عوام کان ڊڄي نٿو سگهي، عوام جي ڳالهين کان، توڙي اقتدار ۾ عوام جي سچي پچي  ۽ اثرائتي ساٿ ۽ ڀائيواريءَ کان سچي انقلاب کي عوام ڏانهن جوابدار رهڻو آهي، ۽ انهن سان پنهنجين ڪاميابين بابت، پنهنجين غلطين بابت، پنهنجين اڻپورن اندازن بابت، ۽ پنهنجين مشڪلاتن بابت اُن کي بي حجاب ڳالهائڻو آهي.

جيتري سوير ۽ جلد ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي، اوتري وڌيڪ سچي انقلابي تحريڪ عمل ۾ ايندي. هيءَ ڳالهه ٻولهه، جيڪا انقلاب لاءِ تمام ضروري آهي. بلڪ اُن لاءِ  ساهه برابر آهي، ٻيءَ هڪ بنيادي ضرورت سان به ميل کائي ٿي: خود ماڻهن جي ضرورت سان، جيڪي جيئرين هستين طور، ٻُڌڻ ٻُڌائڻ ۽ هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿيڻ کانسواءِ سچا پچا ماڻهو ئي نٿا ٿي سگهن-ڇو ته ماڻهو اصل ۾ آهن ئي ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ جيو. سندن ٻُڌڻ ٻُڌائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا رستا بند ڪرن معنيٰ ته کين محض ’شين‘ جي سطح تي نيئي رکڻ- ۽ اِهو ڪو ظالمن جو هوندو آهي، نه انقلابين جو.

تدبير يا سڄاڻ عمل تي منهنجو هيءُ روز هر گز اُن ترڪيب ’دوئي‘ ڏانهن اشارو ڪو نه ٿو ڪري، جنهن تحت چيو ويندو آهي ته پهرين فڪر ۽ پوءِ عمل سڄاڻ عمل ۾، جنهن کي انساني تدبير چئجي ٿو، عمل ۽ فڪر ٻيئي گڏوگڏ ۽ ساڳئي وقت موجود رهن ٿا.بهر حال، ڪنهن حالت ۾، حقيقت جي تز پروڙ ائين ڏسي سگهي ٿي ته هِن وقت عمل جو هيءُ يا هو خاص نمونو ناممڪن آهي يا نامناسب آهي. جيڪي ائين پوري سوچ ويچار سان سمجهن ٿا ته هيءَ يا  هو خاص عمل نا مناسب يا ناممڪن آهي( اُن ڪري اُهو عمل مهمل رکن ٿا يا ان جي بدران ٻيو عمل ڪن ٿا) ته اُنهن تي انهيءَ ڪري بي عمليءَ جو الزام هڻي نٿو سگهجي. تورتڪ ڪندڙ فڪر، تنقيدي سوچ ويچار، پڻ عمل آهي.

مون اڳ چيو آهي ته تعليم ۾ استادَ شاگردَ طرفان ڪنهن شيءِ کي ڄاڻڻ جي ڪوشش جو، جيڪا ڄاڻڻ لائق آهي، اُن شيءِ تي ئي خاتمو ڪو نه ٿو ٿئي، ڇا ڪاڻ ته هُن جي اُن ڪم جو اثر ٻين شاگردن- استادن تائين اِئين پهچي ٿو، جو اُها ڄاڻڻ لائق شيءِ اُنهن جي به سمجهه جي استعمال ٿيڻ ۽ وڌڻ جو سبب بڻجي ٿي، ۽ ائين استادَ شاگردَ ۽ شاگردن استادن جي گڏيل سمجهه، اُن شيءِ جي سلسلي ۾ وڌي ٿي ۽ پختي ٿئي ٿي. انقلابي عمل جي حالت  ۾ به ائين ٿئي ٿو. اُن جو مطلب هيءُ ته مظلوم ۽ اڳواڻ انقلابي عمل يا گڏيل ۽ هڪ ئي جهڙا محرڪ آهن ۽ خارجي حقيقت ٻنهي جي تبديل ڪندڙ عمل جي مشترڪ نشاني جو ڪم ڏئي ٿي.

عمل جي هِن اصول پٽاندر ڪنهن محرڪ، يا عامل يا رڳو محرڪن يا عاملن جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي. پر اُن لاءِ همراز محرڪ، ساٿي عامل، ئي موجود هجن ٿا.اِن ڳالهه  ۾ ممڪن آهي ته انقلابي قوتن جي فرق ۽ دوئيءَ جو ڪو هلڪو اشارو به موجود ڏٺو وڃي: پر ڳالهه در اصل ان جي بلڪل ئي ابتڙ آهي: ۽ اُها آهي ٻنهي قتون جي پوري ساٿ جي. هِن پوري ساٿ کانسواءِ، اسان کي واقعي انهن ۾ فرق ڏسڻ ۾ ايندو: اڳواڻ  جدا ۽ عوام جدا، جيئن ظلم جي فضا ۾ نظر ايندو آهي- اُن جي هڪ نقل، هڪ ڪوڙي ڏيک طور. انقلابي  ساٿ ۾ همرازيت کان انڪار، عوام سان ڳالهه- ٻولهه کان نٽ نٽاءُ- ائين ڀانئيندي ته عوام کي متحده محاذ جي تقاضائن کي ڏسڻو آهي، وغيره وغيره-اِهي سچ  پچ ته رڳي آزادگيءَ کان خوف جون علامتون آهن. اِها روش سچ پچ ته عوام کان خوف جي، يا عوام ۾ عدم اعتماد جي، نشاني آهي. ۽ جيڪڏهن عوام ۾ اعتماد  نه آهي، ته آزادگيءَ جو ڪو جواز به موجود نٿو رهي سگهي: هِن حالت ۾، پوءِ انقلاب عوام لاءِ به نه، پر عوام جي، ’هٿان‘ اڳواڻن لاءِ ئي حاصل ڪيو ٿو وڃي: اِها صورت مڪمل طور هڪ خود نفيءَ جي صورت آهي.

انقلابُ نه اڳواڻ ماڻهن لاءِ، نه ماڻهو اڳواڻن لاءِ حاصل ڪن ٿا، پر ٻيئي اڏول ساٿ ۾ رهندي، مشترڪ عمل سان ئي حاصل ڪن ٿا. هيءُ ساٿ فقط تڏهن قائم ٿئي  ٿو جڏهن اڳواڻ ماڻهن سان نهٺائيءَ، پيار ۽ حوصلي جي بنياد تي پنهنجو واسطو قائم ڪن ٿا، عوام سان هن قسم جي واسطي قائم ڪرڻ جي همت هر ڪنهن ۾ ڪا نه ٿي ٿئي- پر اُن کان جيڪي پاڻ بچائين ٿا، اُهي سخت دل ۽ شوخ طبع ٿين ٿا ۽ ٻين سان اُنهن جو ورتاءُ ائين هجي ٿو ڄڻ اُهي ٻيا محض ڪي ’شيون‘ هجن. اُهي زندگيءَ جي پرورش ڪرڻ بدران، اُن کي مارين ٿا؛ زندگيءَ جي تلاش ۾ رهڻ بدران هو ان کان ڀڄن ٿا. ۽ اِهي سڀ ظالمن جن خصلتون هونديون آهن.

سچو انقلاب اُن صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن ۾ انسان ائين حيوانجن ٿا. پر اُهي، جن جا مفاد اُن صورتحال ۾ اُسرن ٿا ۽ وڌن ٿا، اُنهن جي هِن تبديلي ۾ دلچسپي نٿي ٿي سگهي؛ هيءَ تبديليءِ فقط  مظلومن کي ئي، پنهنجن اڳواڻن جي شراڪت سان، عمل ۾ آڻڻي  آهي. هيءُ اُهو سچ آهي، جيڪو بنيادي طور فيصله ڪن ۽ حتمي آهي، ۽ انقلابي اڳواڻپ لاءِ لازم آهي ته هيءُ سچ، ماڻهن سان ساٿ قائم رکندي، ساهه وانگر پنهنجي  من ۾ سانڍي رکن. هِن ساٿ ۾ ماڻهو ۽ اڳواڻ، ٻيئي ڌريون، وڌن ٿيون ۽ مٿي اُڀرن ٿيون ۽ اڳواڻ، بجاءِ ان  جو  اڳواڻپ جي رتبي تي پنهنجو پاڻ کي ئي مقرر ڪندا ڦرن، عمل جي ميدان ۾ ماڻهن جي جِان  نثاريءَ سان پنهنجي جان نثاريءَ کي لڳو لڳ رکندي پنهنجي  اڳواڻپ جي سَند قائم ڪن ٿا.

ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي حقيقت جو  بيجان ۽ ميڪانيڪي مطلب وٺند، ڏسي ئي نٿا سگهن ته دنيا ۾ ماڻهن جي سچي پچي صورتحال ئي دنيا بابت سندن شعور مرتب ڪري ٿي، جيڪو ڪري حقيقت سندن لاڳاپا ۽ اُن ڏانهن سندن روش مرتب ڪري ٿو. هو سمجهن ٿا ته حقيقت کي ميڪانيڪي طرح (36) بدلائي سگهجي ٿو- ۽ اُن لاءِ حقيقت بابت ماڻهن جي غلط شعور کي هڪ مسئلي طور آڏو آڻڻ ۽ سمجهڻ ضروري نه آهي، ۽ نه ئي اُن لاءِ انقلابي عمل جي ضرورت آهي، جنهن وسيلي ڪچاين ۽ غلطين کان وڌ ۾ وڌ پاڪ ۽ صاف شعور اُڀاري سگهجي ٿو. هِن سلسلي ۾ هڪ بنيادي سچ هيءُ آهي ته تاريخ ماڻهو کان  سواءِ نٿي  ٿي سگهي ۽ نه تاريخ ماڻهن لاءِ هجي ٿي؛ تاريخ ماڻهن جي هوندي آهي، ۽ جيئن مارڪس چيو آهي مون جيڪا ماڻهو ٺاهيندا آهن، جيڪا خود ماڻهن کي ٺاهيندي آهي. جڏهن ماڻهن جي اڪثريت کي تاريخ جي اِن ٺهڻ جي عمل  ۾، اُن جي فعال جزن جي حيثيت ۾، شرڪت کان محروم رکي وڃي ٿو، تڏهن اُهي  پاڻ کي مغلوب ۽ محڪوم ڏسن ٿا ۽ سندن دلين ۾ ويڳاڻپ ۽ علحدگيءَ جو احساس جنم وٺي ٿو، اُن صورت ۾ اُنهن جي انهيءَ مغلوبيت کي، اُنهن جي انهيءَ ڪِريل، هار کاڌل، مايوس حالت کي پاڻ وهيڻائپ ، خود اعتماد ۽ پر اُميد حالت ۾ بدلائڻ لاءِ- جيڪا ئي هر سچي انقلاب جي مراد هوندي آهي، ضروري آهي ته هو حقيقت تي، جنهن  کي تبديل ڪرڻو آهي، فڪر ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿين.

تحقيق، اِها ڳالهه ته هڪ تصوراتي خوش فهمي ئي ٿيندي، جو ظلمي حقيقت تي رڳو فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجي مغلوب حيثيت کي محسوس ڪرڻ سان ئي ماڻهو ڦري جاندار ۽ فعال  هستيون ٿي پون! پر جيتوڻيڪ ڳالهه جي هيءَ پروڙ، خودبخود ۽ جيئن آهي تيئن، اِهو اثر ڪا نه ٿي رکي، جو چئجي ته ماڻهو جاندار  ۽ فعال بنجي ويا آهن، پر اُن جي اِها معنيٰ ضرور آهي، جيئن منهنجي هڪ ساٿي محقق(37) مون کي چيو، ته ماڻهن ۾ پنهنجي جانداريت  ۽ فعاليت جي اميدواري ضرور پيدا ٿئي ٿي- اميدواري، جيڪا کين اُن نئين، آڏو بيٺل، مٿڀري انساني رتبي تي رسڻ  لاءِ، اُٿاري ۽ اڳتي قدم کڻڻ لاءِ آڀاري سگهي ٿي.

ٻئي پاسي، ائين مڃڻ به هڪ غلط ڳالهه ٿيندي ته محض عمليت ئي (جيڪا سڄاڻ عمل نه آهي) انقلاب جي راهه آهي، اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهو واقعي نقاد ۽ پارکو فقط تڏهن بنجي ٿا سگهن، جڏهن هو پنهنجيءَ تدبيري ڪوشش ۾ پورا مصروف رهن- اِن جي معنيٰ ته جڏهن هنن جو عمل تنقيدي  فڪر ۾ رچيل هجي. جيڪو رچاءُ هُنن جي سوچ کي اُها هڪ منظم صورت ڏئي، جيئن حقيقت جي محض هڪ ساديءَ ۽ سطحي ڄاڻ کان مٿي چڙهي، هو اُن جي اهڙي ڏاڪي تي پهچي وڃن، جتان حقيقت جا اصل سبب هو سڌا ۽ واضع طور ڏسي سگهن، جيڪڏهن انقلابي اڳواڻ عوام کي اِهوحق يا موقعو نه ٿا ڏين، ته هو گويا خود پنهنجي ئي سوچ جي صلاحيت کي ڇيهو ٿا رسائين- ڪم از ڪم پنهنجي صحيح سوچ کي. انقلابي اڳواڻ ماڻهن کان سواءِ، يا ماڻهن لاءِ، سوچي نٿا سگهن: هو  فقط ماڻهن سان گڏ سوچي سگهن ٿا.

اِن جي برعڪس، بالادست اعليٰ مقامي شخص، ماڻهن کانسواءِ سوچين ٿا ۽ سوچي پڻ سگهن ٿا. هو ماڻهن بابت سوچڻ کان ته پاڻ کي ڪڏهن به فارغ نٿا رکن، ڇو ته کين ماڻهن کان خوب واقف رهڻو آهي، ان لاءِ ته اُنهن تي هو پوريءَ مهارت ۽ ڪاميابيءَ سان پنهنجو قبضو  قائم رکي سگهن. انهيءَ ڪري بالادست اعليٰ مقامين ۽ عوام جي وچ ۾ ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندڙ ڳالهه ٻولهه يا حال احوال جو رستو ائين آهي، جيئن رڳو هڪ طرفان اعلان ناما ۽ پڌرناما ڪڍيا ويندا آهن، جن مان اِها اميد ڪئي ويندي آهي ته اُهي عوام تي اهڙو اثر ڪن. جو اُهي ماڻهن مان بدلجي گهريلو جانور بنجي وڃن، جن کي هو جيئن چاهين تيئن ڌتاريندا، ڪاهيندا ۽ هڪليندا وتن.

ائين ڇو آهي ته بالادست  اعليٰ مقامي شخص ماڻهن سان گڏ نٿا سوچين، ته به هو ڪمزور نٿا ٿين؟ ڇاڪاڻ ته ماڻهو هن جو ضد(Anti- Thesis) آهن- ۽ ماڻهو ئي بالادست اعليٰ مقامين جي وجود جو سبب به آهن. جيڪڏهن  بالادست اعليٰ مقامي شخص ماڻهن سان گڏ سوچڻ لڳن، ته تضاد غائب ٿي وڃي،  ۽ بالادست  به نه رهن. تاريخ جي هر دؤر ۾ بالادستين جي نقطي نگاهه کان صحيح فڪر اِهو ئي آهي ته ماڻهو ڪجهه نه سوچين. نائبوهر(Niebuhr) لکي ٿو:

”هڪرو مسٽر گِڊي (Mr. Giddy) ٿي گذريو آهي، جيڪو پوءِ رايل سوسائٽيءَ جو صدر به ٿيو هو، اُن ڪي اعتراض اٿاريا هئا، جيڪي هر ملڪ ۾ ’هن جهڙن ماڻهن طرفان اٿي ٿي سگهيا ته، ’ڪمين ڪاسبين ۽ غريبن جي طبقب کي تعليم ڏيڻ جي رٿا ڪهڙي به ڏيکائو نظريي تي بيٺل هجي، پر اُن سان هُنن جا اخلاق بگڙندا ۽ هُنن جي خوشيءَ ۽راضي بَرضا هجڻ ۾ ضرور خلل پوندو. اُها هُنن کي کيتن ۾ ۽ ٻين محنت گهرندڙن ڪمن ۾ حلالي نوڪرن وانگر ٿي هلڻ بدران زندگيءَ ۾ پنهنجي قسمت کي ڌڪارڻ سيکاريندي، هنن کي زبردستيءَ جي سيکارڻ بدران ڪم چور ۽ ڦڏئي بنائيندي، جيئن اُنهن ملڪن ۾ ثابت ٿي چڪو آهي، جتي ڪارخانا قائم ٿيا آهن: اُها هُنن کي باغي پترن ۽ مسيحي دين جي خلاف ڪتابن ۽ ٻين اهڙن ڇاپي تحريرن جي پڙهڻ ڏانهن مائل ڪندي؛  اُها هنن کي پنهنجي بالادستن جي آڏو شوخ ۽ بي ادب بنائيندي؛ ۽ ٿورن ئي سالن جي اندر قانون ساز اسيمبليءَ لاچار  هُنن تي سخت ڪارروائي ڪرڻ جا اقدام ڪرڻا پوندا ته جيئن هو ضابطي ۾ رهن.“‘

مسٽر گڊيءَ  سچ پچ اُهو ئي چاهيو ٿي، جيڪو  اڄ به بالادست عالي مقام جا ماڻهو چاهين ٿا (جيتوڻيڪ اڄ هو ايترو کليو کلايو ۽ ايتريءَ منهن جي پڪائيءَ سان عام قبول پيل عوامي تعليم کي ڪو نه ٿا نندين): يعني هيءُ ته ماڻهو سوچين ويچارين بنهه نه.۽ ڇاڪاڻ ته سڀني دؤرن جا مسٽر گڊيءَ جهڙا عالي مقام شخص، ظالم طبقي جي فردن هئڻ سبب، ماڻهن سان گڏ سوچي نٿا سگهن، انهيءَ ڪري هو ماڻهن کي هر گز ڇڏي  نٿا سگهن ته اُهي پنهنجي مُنهن يعني آزادگيءَ سان پاڻ ئي پنهنجي لاءِ سوچين.

پر اِها ڳالهه انقلابي اڳواڻن سان ڪا نه ٿي لڳي؛ جيڪڏهن هو ماڻهن سان گڏ نٿا سوچين، ته هو هڪدم بيزار ۽ نِستا ٿي پون ٿا. ماڻهو هُنن جو ڀر جهلو آهن، هنن جي دنيا آهن، محض، ’شيون‘ نه، جن لاءِ رڳو سوچيو وڃي، جيتوڻيڪ انقلابي اڳواڻن کي به ماڻهن بابت سوچڻو پوي ٿو، اِنهيءَ لاءِ ته هنن کي آزادگي ملي (نه ته مٿن بالادستي قائم ڪئي وڃي)، اُن سوچڻ ۾ اڳواڻ ماڻهن جي سوچ سان پاڻ ملائين ٿا، بلڪ پاڻ کي اُنهن جي حوالي ڪن ٿا. هي سوچ جا ٻه قسم آهن: هڪڙي سوچ آقا جي، مالڪ جي آهي؛ ٻي سوچ ساٿيءَ جي، سنگ واري  جي آهي.

بالادستي، پنهنجي فطرت سببان ئي، رڳو بالادست رتبو يا مقام چاهي ٿي، جيڪا ڳالهه تضاد جي لازمي صورت کي اُڀاري ٿي ۽ اُن جو پرورش ڪري ٿي؛ انقلابي آزادگيءَ جو عمل، جيڪو اِن تضاد کي حل ڪرڻ گهري ٿو،نه رڳو اُن جا اِهي ٻه، هيٺ ۽ مٿي جا، قطب ڄاڻي ٿو، پر ان ڪوشش جي سلسلي ۾ اڳواڻپ جي هڪ ٽئين عنصر کي به وجود ۾ آڻي ٿو. هي اڳواڻپ جو عنصر لازمي طور ماڻهن جي مظلوم صورتحال سان ئي پاڻ کي وابسته ڪري ٿو، ٻيءَ صورت ۾ اُهو انقلابي عنصر نٿو رهي. رڳو ماڻهن بابت سوچڻ، جيئن بالادست ڪندا آهن، ۽ اُن سوچ ۾ پنهجو پاڻ ڪنهن قدر به ساڻن نه ڳنڍڻ، يعني ماڻهن سان گڏ نه سوچڻ- هيءُ اُهو رستو آهي، جنهن سان انقلابي اڳواڻپ جو پڪ ئي پڪ خاتمو ٿي وڃي ٿو.

ظلم جي صورتحال ۾، بالادست اعليٰ مقامي ماڻهو مظلومن جي’جيئندڙ موت‘ تي ئي تڳن ۽ جيئن ٿا، ۽ پنهنجي ۽ مظلومن جي وچ ۾ اِن هيٺ ۽ مٿي واري عمودي بيٺل لاڳاپي جي آڌارتي ئي پنهنجي وجود جو جواز قائم رکن ٿا، انقلابي عمل  جي صورتحال ۾، اُڀرندڙ اڳواڻپ جي جائز پڻي يا جواز يا هڪ ئي رستو آهي: اهڙيءَ اڳواڻپ لاءِ  ’قربان ٿيڻ‘ لازم آهي، ’مرڻ لازم آهي، انهيءَ لاءِ ته اُها مظلومن جي ذريعي ۽ اُنهن سان گڏ ’پنر جنم وٺي سگهي.

ظلم جي صورتحال ۾ اسين صحيح طور چئي سگهون ٿا، ته هڪڙو ڪو ٻئي ڪنهن تي ظلم ڪري ٿو: انقلابي عمل جي صورتحال ۾ اسين ائين نٿا چئي سگهون ته هڪڙو ڪو ٻئي ڪنهن کي آزادگيءَ ڏياري ٿو ۽ نه فورا ائين ٿا چئي سگهون ته هڪڙو ڪو پاڻ کي آزادگي ڏياري ٿو؛ پر رڳو ائين چئي ٿا سگهون ته ماڻهو، ساٿ ۾، هڪ ٻئي کي آزادگي ڏيارين ٿا. ائين چوڻ سان انقلابي اڳواڻن جي اهميت کي ڪيرائڻ مقصود نه آهي، پر پاڻ اُن جي وٿ کي وڌائڻ ۽ اُن جي اصل قدر کي اجاگر ڪرڻ آهي، اِن کان وڌ اهم شيءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته مظلومن سان،’زندگيءَ جي ڦٽي ڪيلن سان، ‘ ’ڌرتيءَ جي ڌڪاڻلن‘ سان گڏ رهجي  ۽ ڪم ڪجي؟ هِن ساٿ ۾ انقلابي اڳواڻ نه رڳو پنهنجي وجود  جي سڄي معقوليت، سڄو سبب، پر پنهنجي زندگي جي سڄي خوشيءَ ۽ مسرت جي ترغيب دريافت ڪري سگهن ٿا. پنهنجي فطرت سببان ئي انقلابي اڳواڻ اُهو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، جو ڪجهه بالادست اعليٰ مقامي شخص- پنهنجي فطرت ئي سببان- ڪنهن به شرط تي نٿا ڪري سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org