هر
قسم جي بالادستي اڳرائيءَ جو، حملي آوريءَ جو عمل
آهي- ڪن حالتن ۾ جسماني ۽ ظاهر ظهور، ۽ ڪن حالتن ۾
ماٺ ميٺ جو ۽ ڍڪيل ٺهيل جنهن ۾ حملي آور مددگار
دوست جي ڏِک ڏئي ٿو. ڳالهه جي آخري ٽِڻ ۾، هر قسم
جو حملو اقتصادي ۽ تهذيبي بالادستيءَ جو ئي هڪ قسم
آهي. اڳرائي يا حملو ڪنهن راڄ شاهي يا تخت گاهي
سماج طرفان هڪ ڪانياري ۽ تابع سماج تي عمل ۾ اچي
سگهي ٿو، يا ساڳئي سماج ۾ هڪ طبقي تي ٻئي طبقي جي
بالادستي رتبي جي صورت ۾ موجود رهي ٿو.
تهذيبي غلبو، مغلوب سماج يا طبقي کي اُن جي
معتبريءَ، صحت ۽ سچائيءَ کان محروم ڪري ڇڏي ٿو، يا
محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙو پنهنجي معتبريءَ،
صحت ۽ سچائيءَ کان محروم طبقو يا سماج پوءِ حملي
آورن جي قدرن، معيارن، مقصدن ۽ آدرشن ڏانهن مُڙڻ،
اُنهن لاءِ تانگهڻ ۽ اُنهن کي قبولڻ شروع ڪري ٿو.
پنهنجي بالادستيءَ يا غلبي کي عمل ۾ آڻڻ جي جوش ۾-
ٻين کي پنهنجن قالب ۾ ڍالڻ ۽ پنهنجي دستور
زندگيءَ يا رهت سهت ڏانهن موڙڻ جي جذبي هيٺ- حملي
آور سمجهڻ چاهيندا آهن ته سندن حملي هيٺ آيل
حقيقت کي ڪيئن ٿي ڄاڻي۽ ڪهڙيءَ صورت ۾ ٿي سڃاڻي؛
پر اُهو رڳو انهيءَ مقصد لا ته هو مغلوب خلق تي
وڌيڪ اثرائتي نموني ۽ پوريءَ طرح پنهنجو قبضو ۽
بالادستي قائم رکي سگهن. ۽ هلائي سگهن(54) تهذيبي
اڳرائيءَ جي جيت لاءِ اهو ضروري ٿئي ٿو ته جيتيل
خلق پنهنجي دنيا جي حقيقت کي حملي آوارن جي عينڪ
سان ڏسي، نه پنهنجي اکين سان، ڇو ته جيترو وڌيڪ هو
حملي آوارن جي نقل ڪندا، حملي آورن جو مٿن قبضو
اوترو ئي وڌيڪ مضبوط پائدار ٿيندو.
تهذيبي اڳرائيءَ جي جيت ٿيئي، اُن لاءِ ضروري آهي
ته جيڪي اُن جا شڪار هجن اُهي بنيادي طور پنهنجي
ڪمتريءَ کي پوريءَ طرح مڃڻ شروع ڪن، ۽ جيئن ته هر
شيءِ جو ضد ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اڳرائيءَ
هيٺ آيل ماڻهو پاڻ کي ڪمتر سمجهندا، ته لازمي
طور اڳرن کي هو پاڻ کان برتر تسليم ڪندا. اُن جي
نتيجي ۾، اُنهن لاءِاڳرن جا قدر مثالي نمونا بنجي
پون ٿا. جيتري زياده اڳرائيءَ جي صورت تيز ۽ گرفت
سخت ٿيندي، اوترو زياده اڳرائيءَ هيٺ آيل سماج يا
طبقو خود پنهنجي تهذيبي روح کان ۽ پنهنجي پاڻ کان
الڳتا ۽ بيگانگيءَ جو شڪار ٿيندو ۽ اوترو زياده هو
اڳرن جهڙو ٿيڻ چاهيندو-اُنهن وانگر هلڻ ۾، پهرڻ ۾،
کائڻ ۾، ڳالهائڻ ۾.
اڳرائيءَ هيٺ آيل شخص جو سماجي نظام جي سماجي
’آءُ‘، ٻئي هر سماجي ’آءُ‘ وانگر، سماجي نظآم جي
سماجي سڀيتائي لاڳاپن ۾ ٺهي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري
اڳرائيءَ هيٺ آيل سڀيتا جي دوئيءَ جو ئي عڪس هجي
ٿو. هِن دوئيءَ مان ئي (جنهن جو ذڪر اڳئي به ٿي
چڪو آهي) سمجهي سگهجي ٿو ته ڇو اڳرائيءَ ۽
بالادستيءَ جا شڪار ٿيل شخص پنهنجي وجودي تجربي جي
هڪ ڏاڪي تي ظالم ’تون‘ جا تقريبا ’هم مشرب‘
(’پيالي ڀائي‘) بڻيل هوندا آهن. مظلوم’آءُ‘ کي
ظالم ’تون‘ سان اِن لڳ ڀڳ پيالي ڀائپ کان ضرور جند
ڇڏائڻي آهي، ان ظالم ’تون‘ کان هٽي، پري ٿي، بيهڻو
آهي، ۽ پوءِ ئي هو اُن کي پوريءَ چٽائيءَ سان، الڳ
ٿي، ڏسي سگهي ٿو، ۽ اُتان ئي، پوءِ ظالم جي تضاد ۾
بيٺل پنهنجي پاڻ کي تنقيدي طور سڃاڻي سگهي ٿو، ۽
ائين ڪندي، هو جنهن نظام ۾ مظلوم جي رهيو آهي. اُن
کي هو هڪ حيوان بنائيندڙ، حيوانيدڙ، حقيقت سمجهي
ٿو. دنيا جي سڃاڻپ ۾، دنيا بابت پنهنجي شهور ۾،
هيءَ گڻائتي تبديل فقط سڄاڻ عمل، تدبيري عمل جي،
جي دورائن ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.
تهذيبي اڳرائي هڪ پاسي بالادستيءَ جو هٿيار آهي،
۽ ٻئي پاسي، بالادستيءَ جو نتيجو، اِن طرح بالادست
قسم جو تهذيبي عمل (ڳالهه- ٻولهه دشمن عمل جي ٻئي
هر نموني وانگر) ارادتا رٿيل هجڻ سان گڏ ٻِئي خيال
کان، ظلمي حقيقت جي محض هڪ فطري پيداوار ئي هوندو
آهي.
مثال
طور، هڪ ڪٺور ۽ ظلمي نظام جو لازمي طور ٻرن جي
پرورش ۽ تعليم جي ادارن تي اثر پوي ٿو، ڇو ته اُهي
اُن نظام جي اندر ئي موجود هجن ٿا ۽ ڪم ڪن ٿا. هي
ادارا پنهنجي عمل جون صورتون ان نظام جي طرز ت
بيهارين ٿا ۽ اُن جون ’ڏند ڪٿائون‘ ۽ خام خياليون
نسل بنسل اڳتي رسائين ٿا.گهر ۽ اسڪول (ٻالڪ پالنا
مرڪزن کان وٺي يونيورسٽين تائين) ڪي خيالي دنيا۾
ئي موجود ڪو نه ٿا هجن، اُهي زمان ۽ مڪان جا پابند
آهن ۽ اُنهن پائبندين هيٺ ڪم ڪن ٿا، بالادستيءَ
جي نظام ۾ اُهي اڪثر ايجنسين (ذريعن، عاملن)جو ئي
ڪم ڪن ٿا، جن ۾ آئيندي جا ’حملي آور‘ ۽ اڳرا،
بالادست ئي تربيت وٺن ٿا ۽ تيار ٿين ٿا.
خود
گهر ۾ به مائٽ ۽ ٻار جو تعلق آسپاس جي سماجي نظام
جي خارجي تهذيبي حالتن جو ئي عڪس هجي ٿو، جيڪڏهن
گهر ۾ ئي بالادست ۽ حڪما حڪمي حالتن جو عمل دخل
آهي، ته گهر، ٻاهر جي دنيا ۾، دٻاءَ ۽ ظلم جي فضا
کي ئي وڌائيندو.(55) جيئن جيئن هي حڪما حڪما
تعلقات مائٽن ۽ ٻارن کي وچ ۾ وڌن ٿا ۽ گهرا ٿين
ٿا، تيئن تيئن ٻار، معصوم اوستا ۾ ئي، اِها
مائٽاڻي حڪما حڪمي پرائين ٿا ۽ پنهنجي طبيعت جو
حصو بنائين ٿا.
فرام)
Fromm)
,
موت پسند ۽ حيات پسند مسئلي کي (پنهنجي معمول
مطابق) پوريءَ وضاحت سان پيش ڪيو آهي، ۽ اُن جي
هيءَ يا هوءَ حالت جن حالتن ۾ اُپجي ٿي، اُنهن جي
ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي- گهر جي حالتن جي (جن ۾ مائٽن ۽
ٻارن جا لاڳاپا بي خياليءَ ۽ دٻاءَ جا شڪار هجن
ٿا، يا پيار ۽ آزاديءَ ۾ وڌن ويجهن ٿا)،۽ پڻ گهر
کان ٻاهر وسيع سماجي تهذيبي حالتن جِي. اُهي ٻاهر
جيڪي اڻبڻت ۽ دٻاءَ جي فضا ۾ پلجن ٿا، ۽ وڏا ٿين
ٿا، جن جي صلاحيت اُن ڪري ڦِٽي، کوکلي ٿي پوي ٿي.
جيڪڏهن اُهي جوانيءَ ۾ ڪنهن سچيءَ (انسان دوست) ۽
مثبت قسم جي بغاوت جو رستو نٿا وٺن، ته اُهي يا
ته وائڙا ٿي، ڪُلي طور اُنهن خام خيالن ۽ تقليدي
خواب بازين جا شڪار ٿي، جن هيٺ هنن جا ذهن جُڙيا
آهن، ڪُلي طور لا تعلق ۽ لاپرواهه بنجي وڃن ٿا
۽ائين نه پنهنجي ۽ نه ڪنهن ٻئي جي ڪم جا رهن ٿا:
يا ته هو تخريبي عمل جي مختلف روپن جا دلدادا
بنجي، سڌو سنئون سماج دشمن شخصن جو رول ادان ڪن
ٿا.
گهر
جي فضا اسڪول ۾ حاوي رهي ٿي،جتي شاگرد ترت ئي ڏسي
۽ سمجهي وٺن ٿا ته جيئن گهر ۾ تيئن اُتي به هُنن
کي رڳو مٿان کان (يعني وڏن کان) مليل حڪمن ۽
فرمائشن کي ٻڌڻو آهي ۽ قبول ڪرڻو آهي، ۽ اُن طريقي
سان ئي ڪجهه آسودگي هو حاصل ڪري سگهن ٿا. اُنهن
فرمائشن ۽ حڪمن مان هڪُ هوندو آهي ته ، پاڻ ڪجهه
نه سوچيو!‘
اڏول
تعلقا جي نظام وسيلي مائٽن جو بالااختيار
قبوليندي ۽ اُن کي پنهنجي پسندي بنائيندي، ۽
اسڪولن ۾ به ائين بالااختيار جي ماتحتيءَ کيِ
پنهنجي عادت طور قبوليندي، جوانيءِ ۾ جڏهن پير
پائين ٿا، تڏهن هي شخص (ڇا ڪاڻ ته آزاديءَ کان ڊپ
هِنن تعلقات جي نتيجي طور هُنن جي فطرت بنجي ويندو
آهي،) پاڻ جڏهن ڪنهن منصب تي رسن ٿا، تڏهن هو
پنهنجي عمل جا اُهي ئي ڍنگ ۽ روپ اختيار ڪن ٿا ۽
ڪم آڻين ٿا، جن ۾ سڄي هنن جي اُها غلط تعليم ۽
تربيت عمل ۾ آيل هئي، اِن صورت ۾ ۽ اُن سان گڏ
سندن طبقاتي رتبي ۾، عام منصبدارن ۽ اختيار جي
صاحبن جي ڳالهه ٻولهه دشمن روش جو منطق، جنهن روش
کي هو ڇڏي ئي نه سگهندا آهن، شايد پوريءَ طرح ڏسي
۽ سمجهي سگهجي ٿو. (56) ڪهڙيءَ به ڪنهن خاص حيثيت
۾ هِنن شخصن جو عام ماڻهن سان تعلق قائم ٿئي ٿو،
ته هو ائين سمجهي ويهن ٿا ۽ اُن ڳالهه تان هو هرگز
نٿا لهن ته بس، هُنن جو ئي فرض ۽ حق آهي ماڻهن کي
پنهنجي ڄاڻ ۽ هنرڪاري ڏيڻ. هو پاڻ کي عوام جي
’محسنن‘ جي حيثيت ۾ ڏسن ٿا. هُنن جي ڪم جي پروگرام
۾ (جيڪي، ائين ئي هجي ٿو ته ظلمي نظام جي ڪنهن نه
ڪنهن ماهر ’اصولڪار‘ جائي مرتب ٿيل آهن) هُنن جا
پنهنجا مقصد پنهنجا عقيدا ۽ پنهنجي پسند ناپسند جا
خيال شامل هجن ٿا. هو ماڻهن جي ڳالهه نٿا ٻڌن، پِر
اُنهن کي هدايتن ڏيڻ ۾ پورا رهن ٿا، ته ’ڪاهلي،
جيڪا پست پئجي وڃڻ جو سبب آهي، اوها ڪيئن ختم ٿئي!
هي منصب دار پنهنجي شان جي خلاف سمجهن ٿا ته هو
’دنيا بابت خيال‘ جيڪو ماڻهن جو آهي، ان کي ڪو وزن
ڏين. منصب دار پاڻ ئي دنيا بابت ’خيال يا نظريو‘
رکڻ جي لائق به آهن ۽ حقدار به هو اِها ڳالهه به
غير معقول سمجهن ٿا، ته تعليمي عمل جي پروگرامي
مواد جي مرتب ڪرڻ لاءِ ماڻهن سان صلاح مشورو ڪرڻ
اَت ضروري آهي. هو ائين محسوس ڪن ٿا ته ماڻهن جي
اڻ ڄاڻائي ۽ جهالت ايتري ته مڪمل آهي، جو اُهي
ڪنهن به ڳالهه جي قابل نه آهن، سواءِ منصب دارن
کان هدايتن وٺڻ ۽ مڃڻ جي.
جڏهن
به پوءِ ، پنهنجي وجودي تجربي جي روشنيءَ ۾، ماڻهو
جيڪي ائين اڳرائيءَ هيٺ آيل هجن ٿا. ڪنهن نه ڪنهن
نموني اُن اڳرائيءَ جي ترديد ڪن ٿا.(جنهن سان
پهرين ڪنهن طرح هو ٺهي ويل معلوم ٿي ٿيا)، ته
منصبدارَ پنهنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ ۽ اُن جي
بچاءَ جي دليل طور، ائين چوڻ شروع ڪري ڏيندا آهن
ته ’ڇا ڪجي، ماڻهن جي حالت ’ابتڙ‘ هي، ماڻهو ”بي
قدرا“، لاپرواهه“، ”بيمار ذهن“، ”پست قبيلن مان“
آهن،‘
ڪي
نيڪ نيت منصب در (جيڪي ’اڳرائي‘ جو رويو ڳڻيل
’پهيل نظريي طور نه پر پنهنجي ذاتي تربيت جي اظهار
طور اختيار ڪن ٿا) آخرڪار سمجهي وڃن ٿا ته سندن
تعليم ڪاريءَ جون ناڪاميون ’عوام جي سادن سودن
ماڻهن‘جي ڪنهن بنيادي ايتريءَ ۽ ضديف جو نه پر
خود سندن اڳرائيءَ جي عمل جي تيزيءَ، بي صبريءَ ۽
نقص جو نتيجو هيون، جن تي حقيقت ائين ظاهر ٿئي ٿي.
اُنهن کي هڪ مشڪل فيصلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: هنن
کي ضروري ٿو محسوس ٿئي ته اڳرائيءَ جي اُن سڄي
اهتمام کي ختم ڪيو وڃي؛ پر بالادستيءَ ۽ برتريءَ
جا ٺاهه ۽ ڍنگ ايترا ته مٿن حاوي هجن ٿا، جو هي
’دستبرداريءَ جو قدم‘ سندن پنهنجي معتبريءَ ۽
خصوصيت لاءِ هڪ خطرو بنجي هنن جي سامهون اچي ٿو
بيهي. اڳرائيءَ جي بيهڪ (پوزيشن) تان هٿ کڻڻ معنيٰ
سندن پنهنجي دو طرفي درجي، بالادستيءَ جي شڪار ۽
پڻ خود بالادست هجڻ جي درجي- جو خاتمو: ۽ اُڻ جو
لازمي شرط توڙي نتيجو هيءُ ٿيندو ته سڀ ڏند ڪٿائي
ڳالهيون ڇڏيون وڃن، جيڪي اڳرائيءَ کي پالين ۽
نپائين ٿيون ۽ اُن جي پشٽيءَ ۾ بيٺل آهن، ۽ اُنهن
جي بدران وڌي، آزاد ۽ معقول ’ڳالهه ٻولهه جي عمل‘
جي راهه اختيار ڪئي ڃي. ۽ هِن اَت سورائتي خود بدل
جي عمل دوران، فطري طور هو پنهنجي خوف کي پنهنجي
مٿان طاري ڪري، اُن کي ٻک وجهي ۽ چنبڙي پون ٿا ۽
پنهنجي گوٿنائيءَ ۽ نٽ نٽاءَ جا ڪيئي ڳٿا ۽ گس به
هنن کي ملي وڃن ٿا.
آزاديءَ جو هيءُ ڊپ اُنهن منصب دارن ۽ اهلڪارن
لاءِ پاڻ وڌيڪ تيز ۽ وڏو هجي ٿو، جن پنهنجي منصب
ياعملداريت جي اڳرائيءَ واري خصوصيت اڃا دريافت نه
ڪئي آهي ۽ جن کي اُن سندن خود تنقيدي ڄاڻ کان اڳ
ئي چيو وڃي ٿو ته سندن عمل ڪاري حيوانيندڙ مصروفيت
آهي. اڪثر اسان جي تربيتي ڪورسن دوران جڏهن زير
بحث حالتن جي حقيقت کلي پڌري ٿيڻ واري هوندي آهي
ته ڪورسن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪافي ڪجهه ڪورس جي سوال ڪندا
اهن: ’پر نه، اوهين ڇا ٿا سمجهو، اسان کي ڪيڏانهن
ٿا کڻي وڃو؟ ڪورس جو اڳواڻ در اصل اُنهن کي
ڪيڏانهن ’کڻي وڃڻ‘ جي ڪوشش ڪو نه ڪندو آهي؛ ٿيندو
فقط ائين آهي، جو موجود حالت کي هڪ مسئلي طور ڏسڻ
سان، شرڪت ڪندڙ محسوس ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته جيڪڏهن
سندن اُها تور تڪ ڪجهه اڳتي وڌندي ۽ ڪجهه ڳالهه جي
اونهائيءَ ۾ ويندي، ته يا ته کين پنهنجين ڏند
ڪٿائي ڳالهين ۽ خام خيالن کي ڇڏڻو پوندو يا اُنهن
کي نئين سر ۽ کلم کلا قبولڻو ۽ اعلانڻو پوندو، ۽
اُن گهڙيءَ ائين ڪرڻ هنن کي ڏکيو لڳندو آهي. ڇاڪاڻ
ته هو ائين محسوس ڪندا آهن ته ان سان ڄڻ هو خواف
ٿي رهيا آهن ۽ پڌرا ٿي رهيا آهن! ان ڪينفيت کان
بچڻ لاءِ هو، هڪ خود دفاعي ڪوشش طور، ڪورس جي
اڳواڻ تي پنهنجا عادتي هٿيار ۽ طريقا استعمال ڪندا
هن: پنهنجيءَ ڳالهه ڏانهن ’کڻي‘ جا اڳلي کي جيتڻ
يا هيسڻ جا ۽ اڳرائيءَ يا حملي آوريءَ جا.
اِها
ساڳي قسم جي پوئتي موٽ يا مُنهن موڙ، توڻي جو ننڍي
پيماني تي، اُنهن ماڻهن ۾ به ڏسبي آهي، جيڪي ظلم
جي موجود حالت هيٺ پيسيل پر اُن جي ان- داتائيءَ ۽
فيض بخشيءَ هيٺ هيريل ۽ ٺهي ويل هوندا آهن.
آمريڪا جي نيويارڪ شهر جي هڪڙي غربت زده ۽ پست
علائقي ۾ ڏتڙيل ۽ ماريل مڻهن جي هڪ اهڙيءَ تربيت
گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيل هڪ شخص هڪ دم: ’اِها گهٽيءَ
ته آءُ آفريڪا يا لاطيني آمريڪا ۾ ڏسان!....- -
’نيويارڪ ۾ ڇو نه؟‘ استاد کانئس پڇيو، ورندي
ڏنائين: ’ڇاڪاڻ ته هيءَ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آهي، ۽
هتي ائين ٿي نٿو سگهي.‘ اِن طرح سچ پچ هيءُ شخص ۽
ڪي ٻيا ساٿي جن جو اِن خيال ۾ ساڻس اتفاق هو،
حقيقت کان اکيون ٻوٽي رهيا هئا، اُن کان مُنهن
موڙي رهيا هئا، جيڪا هنن لاءِ ايڏي هڪ چيڙائيندڙ
حقيقت هئي، جو اُن کي رڳو تسيلم ڪرڻ به هُنن لاءِ
خطري جي ڳالهه هئي. هڪ علحدگيءَ جي شڪار شخص لاءِ.
هڪ ڇڄي پري بيٺل ماڻهوءَ لاءِ، جيڪو حاصلات ۽ ذاتي
جنت جي تهذيب جو پليل ٺهيل آهي، پنهنجي حالت کي
خارجي طور مردود ۽ مذموم تسليم ڪرڻ ئي پنهنجي شان
۽ مواد جي ابتڙ ۽ ڪن حالتن ۾ پاڻ کان ئي انڪار جي
ڳالهه لڳندي آهي.
اِنهي مثال مان ۽ پڻ منصب دارن ۽ اهلڪارن جي ڳالهه
مان تهذيب جي اهڙيءَ خاص آوريءَ جي خبر پوي ٿي،
جيڪا ماڻهن ۾ ڏندڪٿائي ۽ هوائي خيال پيدا ڪري ٿي ۽
قائم رکي ٿي. ٻنهي مثالن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته
بالادست طبقي جي تهذيب ئي ماڻهن کي ’فيصلي ۽
راءِ-مُکيار‘ هستين بنجڻ کان روڪي نه ٿي. نه هو
منصب دار ۽ اهلڪار ۽ نه هي نيويارڪ جي پست علائقي
واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ شخص تاريخي عمل جي سلسلي ۾
زنده ۽ فعال عنصرن طور ڳالهائين ٿا يا عمل ڪن
ٿا-جيتوڻيڪ منجهانئن ڪو به بالادستيءَ جو نه حامي،
نه مفڪر نه نظريي باز آهي. اِن جي ابتڙ هو ته
بالادستيءَ جا اثر آهن، نتيجا آهن، جيڪي اڳتي
وڌندي، ڦري، اُن جا سبب ٿي پون ٿا. هيءُ هڪ وڏو
ڳنڀير مسئلو آهي، جنهن کي ٻين اهڙن مسئلن سان گڏ
اقتدار تائين پهتل انقلاب کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ۽
انقلاب جي اُها منزل اڳواڻن کان وڌ ۾ وڌ سياسي
ڏاهپ، فيصلي ۽ همت جي تقاضا ڪري ٿي، ۽ ان ۾ هو ڪن
غير معقول تفرقائي مؤقفن ۾ ڦاسي نه پون، تنهن لاءِ
ضروري آهي ته هو صحيح راءِ ۽ صحيح فڪر جا صاحب
هجن.
بالادست سماج ۾ هر قسم جي علم ۽ فن جا اهلڪار-
پوءِ اُهي ڪنهن يونيورسٽيءَ جا گريجوئيٽ هجن يا نه
هجن-’مٿان جا ٺهيل ۽ مڙهيل ‘هوندا آهن، يعني
بالادست تهذيب جا، جيڪا کين دو طرفا جيو بنائي
ڇڏي ٿي. (اُهي جيڪڏهن پاڻ هيٺين طبقن جا هوندا
آهن، ته به سندن اُها تعليم اهڙي ئي، بلڪ پاڻ وڌيڪ
بگڙيل هوندي آهي.) هي اهلڪار، بهر حال، نئين سماج
جي تنظيم لاءِ ضروري هجن ٿا ۽ ڇاڪاڻ ته منجهانئن
گهڻا- توڻي جو آزاديءَ کا خائف هوندا آهن ۽ انقلاب
جي انسانيندڙ عمل ۾ هٿ وجهڻ کان ڇرڪندا آهن- حقيقت
۾ رڳو گمراهه ئي هوندا آهن، انقلابُ هنن کي نه
فقط پاڻ ڏانهن ڇڪي پنهنجو ڪري ٿو، پر انقلاب کي
ائين ضرور ڪرڻ به گهرجي.
هيءُ
’ڇڪي پنهنجو ڪرڻ‘جو عمل گهري ٿو ته انقلابي اڳواڻ
اوائلي ڳالهه ٻولهه جي تهذيبي عمل تان وڌي ’تهذيبي
انقلاب‘جي ابتدا ڪن. هِن مرحلي تي، انقلابي قوت
پنهنجي پهرئين ڪردار کان اڳتي وڌي ٿي، جنهن ۾ اُها
رڳو انسانن کي انسانن بنجڻ کان روڪيندڙن جي مقابلي
صف آرا ٿي بيٺل هئي، ۽ هاڻي هڪ نئون ۽ وڌيڪ
دليراڻو مؤقف وٺي بيهي ٿي، جنهن ۾ هوءِ اُنهن سڀني
عناصرن کي کلي دعوت ڏئي ٿي، جيڪي سماج جي نئين سر
اڏاوت ۾ حصو وٺن جا خواهشمند هجن. ان معنيٰ ۾
’تهذيب انقلاب ‘ ڳالهه ٻولهه جي تهذيبي عمل جي هڪ
لازمي بلڪ اَٽل توسيع ئي آهي، جيڪو اَبتدائي عمل
انقلاب جي اقتدار ۾ اچڻ کان اَت ضروري آهي.
’تهذيبي انقلاب‘پنهنجي نئينءَ تعمير جي نشاني طور
سڄي سماج کي، سڀني انساني اعمالن ۽ مصروفيتن سميت،
هٿ ۾ کڻي ٿو، سماج جي نئين اڏاوت ميڪانيڪي طور تي
يا ڪنهن ڪل پرزائين نموني ۾ نٿي ٿي سگهي: تهذيب
جيڪا انقلاب وسيلي نئين سر تهذيبي طور تخليقي ٿي،
اُن نئينءَ اڏاوت جو هڪ بنيادي وسيلو آهي.’تهذيبي
انقلاب‘ انقلابي عامل تنظيم جي هڪ وڏي ۾ وڏي ڪوشش
آهي. شعور جي ڪامل بيداريءَ لاءِ- تنهن ڪري تهذيبي
انقلاب کي، بلا لحاظ ڪم، ڌنڌي يا پيشي جي، سماج جي
هر فرد تائين پهچڻ ضروري آهي.
انهيءَ ڪري، شعور جي بيداريءَ جي هيءَ ڪوشش رڳو
ماهرن جي ئي ٽڪنيڪي يا سائنسي تربيت تائين محدود
رکي نٿي سگهجي. نئون سماج پراڻي کان سڀني اوصافن ۾
نرالو ٿيڻو آهي-۽ نه رڳو اڌو گابرو نموني .(57)
انقلابي سماج ٽيڪنالاجيءَ (هنر ڪاريءَ جي آڏو اُهي
ئي مقصد نٿو رکي سگهي، جيڪي اڳئين سماج اُن جي آڏو
رکيا ٿي؛ انهيءَ ڪري ماهرن ۽ اهلڪارن جي تربيت
ٻنهي سماجن ۾ مختلف ٿيڻي آهي. تيڪينيڪي ۽ سائنسي
تربيت هر گز انسان دوست تعليمي سلسلي جي دشمن يا
مخالف نٿي ٿي سگهي. بشر طيڪ اُها انقلابي سماج ۾
لڳاتار آزادگيءَ جي ڪم لاءِ، انسان کي انسان
بنائڻ، ۽ بهتر انسان بنائڻ، جي مقصد لاءِ ڪم آندي
وڃي.
هِن
نقطي نگاهه کان، هر ڪار ڪرت، ڌنڌي ۽ منصب واسطي
ماڻهن جي تربيت لاءِ (ڇا ڪاڻ ته سڀ ڪم ڌنڌا، منصب،
زمان ۽ مڪان جي حدن اندر واقع ٿين ٿا) ضروري آهي
ته پهريائين ته ائين سمجهي ته نئين سر اڏجندڙ
تهذيب ۾ سماج جي ٻاهرئين ڏِک ڏيندڙ نظام طور،
ماضيءَ جا ’نِرجا جا نشان،‘ پوئتي رهجن وڃن ٿا، ۽
ٻيو ته خود اُهو ڌنڌو، منصب به تهذيب جي تبديليءَ
جو ئي هڪ ذريعو آهي. جئين جئين تهذيبي انقلاب
نئين سماج جي تخليقي تدبير ۽ عمل ۾ شعور جي
بيداريءَ کي وڌائي ٿو، رچائي ٿو ۽ گهرو ڪري ٿو،
تيئن تيئن ماڻهو سمجهڻ ۽ پروڙڻ لڳن ٿا ته پراڻي
سماج جي اُهي نِرجا ڏند ڪٿائي رهتُو نشان، نئين
سماج ۾ ڇو باقي رهجي ويل آهن. ۽ پوءِ اوتريءَ ئي
تيزيءَ سان ماڻهو اُنهن ڪم کان نڪتل ’باقيات‘ کان
پاڻ کي آزاد ڪري سگهندا آهن، جيڪي ٻيءَ طرح سدائين
نئين سماج جي اڏجڻ آڏو رڪاوٽون بنجي بيهن ٿا ۽
انهيءَ ڪري هر انقلاب لاءِ اُهي هڪ اڳرو ۽ ڳنڀير
مسئلو بڻيل هوندا آهن. انهن نِرجن رهتو تهذيبي
عجوبن ذريعي ئي ظالم سماج پنهنجي ڄمت ۽ اڳرائي
جاري رکندو آهي- انقلاب جي عمل جي اچڻ کان پوءِ به
خود انقلابي سماج جي خلاف پڻ.
۽
پراڻي ظالم سماج جي هيءَ اڳرائي خاص طرح خطرناڪ
هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اُها ڪنهن بالادست طبقي طرفان
نه پر اُنهن ماڻهن جي طرفان عمل ۾ ايندي آهي. جيڪي
خود انقلاب ۾ ڀائيوار هوندا آهن. انهن ماڻهن وانگر
جيڪي پنهنجي اندر ۾ ظالم کي ’ويهاريو‘ ويٺا هوندا
آهن، هي به پوءِ انقلاب جي وڌيڪ ضروري اقدامن جي
آڏو اچن ٿا ۽ ائين پراڻي ظالم سماج جي رتو نشانن
کي باقي رهجي وڃڻ جو وجهه ملي ٿو. ٻه- طرفو من
رکندي، يعني مَن ۾ اختياري- پسند پراڻن امنگن
سبب، هي سعيو ڪري طاقت ۽ اختيار جا منصب به قبولين
ٿا، ۽ اُهي وٽن ڦر ڪامورا شاهيءَ جي نِري ڏاڍ ۽
دٻاءَ جو روپ وٺن ٿا، جيڪا سندن روش خود کين به
وڌيڪ انقلابي تربيت جي آزادي بخش فائدي کان محروم
رکي ٿي ۽ شعور جي جاڳرتا ۾ سندن ارتقا رڪجي وڃي
ٿي، ۽ پوءِ نئين سماج ۾، هو پنهنجي ڪم جي حوالي
سان، هن ڀيري ڪن مخصوص حالتن جي پيدا ٿيڻ تي،
اُهو ئي ڪردار ادا ڪن ٿا، جيڪو ظالم سماج جا
ڳالهه- ٻولهه دشمن، ظالم عالي مقام ماڻهو ۽ انهن
جا عامل ۽ اهلڪار ادا ڪندا هئا.
انهن
کي ڳالهين جي بنا تي، آءُ سڄي انقلابي عمل جي
سلسلي ۾’ڳالهه ٻولهه جو تهذيبي عمل‘ سڏيان ٿو،
جيڪو پنهنجي ڪاميابيءَ جي منزل تي رسي، اقتدار ا۾
اچڻ کان پوءِ’تهذيبي انقلاب‘ جي صورت وٺي، اڳتي
وڌي ٿو. ٻنهي مرحلن تي- تياريءَ جي جدوجهد( تهذيبي
عمل) جي مرحلي ۽ ڪاميابي ۽ اقتدار جي حاصلات کان
پوءِ (تهذيبي انقلاب) جي مرحلي تي-هڪ لڳاتار
سنجيده ۽ گهري ڪوشش شعور جي بيداريءَ جي ضروري
آهي. اِها هڪ اٽل ۽ اڻ سَرندڙ ضرورت آهي، انهيءَ
ڪري، جو اها واحد ۽ مخصوص ذريعو آهي انهي انقلاب
جي تياريءَ ۽ تعميل جو، ۽ اُن جي استقبال سان ئي
ماڻهو، پنهجي سچي ۽ خالص تدبيري عمل معرفت، پنهنجي
اڳوڻيءَ محض بيجان ۽ بيوس ’شين‘ جهڙي حيثيت کي
پوئتي ڇڏي ۽ اُن کان مٿي چڙهي، تاريخي طور جاندار
۽ فعال هستين جي حيثيت حاصل ڪن ٿا.
آخري
طور چئي سگهجي ٿو ته تهذيبي انقلابُ اڳواڻن ۽
ماڻهن جي وچ ۾ دائمي ڳالهه ٻولهه جي سٻنڌ کي
پائدار بنائي ٿو، ۽ اقتدار ۾ ماڻهن جي شراڪت کي
واضع ۽ محڪم صورت ڏئي ٿو، اِن طريقي سان، انقلاب
جي راهه تي، جيئن جيئن اڳواڻ ۽ ماڻهو پنهنجو سجاڳ
۽ تنقيدي عمل جاري رکن ٿا، انقلاب وڌيڪ آسانيءَ
سان پاڻ کي ’عملداريت‘(حاڪم شاهيءَ) جي لاڙن کان
(جيڪي هو نئن ڏاڍ ۽ داءَ جي نت نين صورتن کي جنم
ڏين ٿا)، ۽ ’اڳرائيءَ‘ يا حملي آوريءَ کان (جنهن
جي هميشه ساڳي صورت رهي ٿي) سلامت ۽ محفوظ رکي
سگهي ٿو. ان سلسلي ۾-سرمايه پسند توڙي انقلابي
سماج ۾- ڪو به منصب دار، اهلڪار، رضاڪار يا
ڪارڪنُ، ڦري ’اڳرو‘ يا ’حملي آور‘ ٿي سگهي ٿو،
پوءِ اُهو هڪ زراعتي ماهر هجي يا سماجياتي عالم،
هڪ اقتصادي ماهر هجي يا صحت عام جو انجنيئر، هڪ
پادري هجي يا بشپ، مُلو هجي يا مفتي، پير هجي يا
مشائخ، هڪ تعليم ڪار هجي يا سماجي ڪارڪنن يا خود
هڪ انقلابي ئي ڇو نه هجي. |